ڏهن ڏينهن کانپوءِ سڀائي فرسٽ ڪلاس ماجسٽريٽ وٽ
بيان ڏنو ته، ”منهنجو مڙس کريل آهي. مون ۾ اجايا
شڪ وجهندو آهي. ان ڏينهن نه نڪران ها ته مون کي
ڪهاڙين مان ڪڍي ڇڏي ها، ڌاڙو ٻاڙو ڪجهه نه هو. مان
اڪيلي خوشيان خوشيءَ نڪتي هيس، سرڪار مائي باپ
آهي. مان وات وڪيل آهيان. مڙس ڏي نه وينديس.
پنهنجي ماءُ وٽ رهنديس.“
ڪورٽ جي ٻاهران شيرو ديسي پستول ڪوٽ جي کيسي ۾
وجهي مڇون مروٽي رهيو هو.
عيد
تاشناس
آفيس جو ٽائيم جيتوڻيڪ گذري چڪو هو، پر ڪم هو جو
کٽي نه پيو. آفيس سپرنٽينڊنٽ پاڻ به اڃا تائين
ويٺو هو.
صابر پنهنجي ويسٽ اينڊ واچ ۾ ڏٺو—کيس راند تي وڃڻ
جو فڪر هو.
تازو ڪالهه ئي ڇوڪرن اهو فيصلو ڪيو هو ته راند
پوري پنجين لڳي شروع ڪبي ۽ دير سان اچڻ واري کي نه
کيڏائبو.
چار ٿي ويا هئا، کيس گهر وڃي ماني ڳڀو به کائڻو
هو، لٽا به مٽائڻا هئا….ڪم هو جو کٽڻ جو نه هو. هن
وري ٻانهن مٿي ڪري واچ ڏي ڏٺو. سندس مقصد هو ته
جيئن سپرنٽينڊنٽ محسوس ڪري ته دير ٿي وئي آهي.
سپرنٽينڊنٽ پنهنجي پراڻي رومر واچ ڏي نهاري ڪنڌ کي
ڌوڻي چوڻ لڳو، ”شاباس بابا! اهو ڊيٽيل رف ٺاهي
وٺو، فيئر سڀاڻي ڪجو.“
صابر کي ڄڻ ساهه پئجي ويو—باقي اڌ صفحي جيترو ڪم
هو، اهو هن منٽن ۾ ڇڏائي وڃي سپرنٽينڊنٽ جي ٽيبل
تي رکيو ۽ چيائين، ”سائين ڀلا هاڻي ڇا پروگرام
آهي؟“
آفيس سپرنٽينڊنٽ ڪاغذ سهيڙيندي وراڻيو، ”ها بابا
هلون ٿا! چڱو ٿيو جو ڪم ڇڏائي ورتوسين، نه ته
سڀاڻي صاحب ڪاوڙجي وڃي ها.“
صابر جي شادي ٿيل هئي. کيس هڪ پٽ هو، جنهن جي عمر
اهي ڪي ٽي سال کن ٿيندي، شادي ڪئي پنج سال ٿيا
هيس. سندس گذر سفر سٺو ٿيندو هو. ٻه ٽي جريب وڏن
جا به هئا، سو ان داڻي وٺڻ جي تڪليف کان به ڇٽو
پيو هو.
راند جو شوق کيس ننڍپڻ کان هو ۽ هو فٽبال جو سٺو
کيڏاري هو. ميدان تي سڀئي سندس عزت ڪندا هئا.
جيتوڻيڪ ٻه ڄڻا ته هن کان وڌيڪ سينئر هئا، پر
پنهنجي اخلاق ۽ فضيلت سبب هو سڀني کان ممتاز هو.
راند شروع ٿيڻ کان اڳ ۽ راند کانپوءِ هڪ ٻه ڀوڳ
ڪندو هو. صابر جي ڳالهائڻ جو انداز دلچسپ هو، ان
ڪري ڇوڪرا هن ڏي متوجه رهندا هئا ته ڄاڻ صابر ڪانه
ڪا کل جهڙي ڳالهه ڪئي.
عامر پڻ روزانه راند تي ايندو هو. هو گهٽ گسائيندڙ
هو. راند سان شوق انتها درجي جو هئس. حالانڪه اڃا
هو نائين درجي ۾ هو، پر سندس راند سٺي هئي—بال تي
ڪنٽرول هيس. قد پنج فوٽ ٽي انچ، بت وچولو، رنگ
کليل، مهانڊا سٺا، موڪري پيشاني، وار نرم ۽
ڳاڙهسرا ڪارا هئا. مشڪان مضبوط ۽ ٺهيل، اکين ۾
ٻاراڻي تجسس جي چمڪ موجود ۽ هلڪي مرڪ چپن تي گهڻو
ڪري رقصان. سندس گهر صابر جي گهر جي پٺ واري
گهٽيءَ ۾ هو.
صابر گهر پهچي تڙتڪڙ ۾ ماني کائي، راند جا لٽا ڪري
پنهنجي نئين سهراب سائيڪل تي عامر جي گهر ڏانهن
روانو ٿيو، عامر گهر جي ٻاهران سندس ئي انتظار ۾
بيٺو هو.
ٻئي ڄڻا سائيڪل تي سوار ميدان ڏانهن روانا ٿيا.
صابر کيس پنهنجي دير ٿيڻ جو سبب ڊرامائي ۽ مزاحيه
انداز ۾ ٻڌائڻ لڳو ۽ عامر هر هر هلڪو ٽهڪ پئي ڏنو.
کيس صابر جو انداز بيان ڏاڍو وڻندو هو.
اسڪول ۾ ڪم جي سختي ۽ والد جو سدائين تحڪمانه لهجو
کيس ٿڪائي وجهندو هو پر جڏهن صابر جون ڳالهيون
ٻڌندو هو ته ذهن صاف ۽ هلڪو ٿي پوندو هئس.
سندن شهر جي دڪانن تي فٽبال جا بوٽ اڃا ڪو نه آيا
هئا. هڪ موچي فٽبال لاءِ بوٽ ٺاهيندو هو، پر اهو
به سال کن اول گذاري ويو هو. هاڻي ڪو به ڪاريگر
اهڙو نه هو جيڪو فٽبال جا بوٽ ٺاهي.
عامر کي انهن بوٽن جي ڏاڍي تمنا هئي. گذريل مهيني
صابر جڏهن آفيس جي ڪم سان حيدرآباد وڃي پيو ته هن
عامر کان پڇيو ته کيس ڪا شئي گهرجي. عامر جي ذهن ۾
اها ڳالهه نه آئي هئي يا شايد هن جي حجت نه ڪئي
هئي.
جڏهن صابر موٽيو هو ته ڇهين نمبر جو هڪ نئون جوڙو
عامر لاءِ وٺي آيو هو، جنهن کي ڏسي هو تمام گهڻو
خوش ٿيو هو. هُن صابر کان بوٽ جي قيمت پڇي هئي. هن
جي گهڻي اصرار ڪرڻ تي صابر ڀوڳ ڪندي چيو ته هو اهو
بوٽ تلڪ چاڙهي جي هڪ دڪان تان کڻي وٺي ڀڳو. جيئن
ته لاهي ۾ ڀڄڻ ۾ سولو هو، ٻيو ته سندس پريڪٽس به
هئي، تنهن ڪري ٿلهو سيٺ کيس پهچي نه سگهيو ۽ هو
جامع مسجد ۾ اندر وڃي نمازين سان شامل ٿي ويو.
اهڙي طرح بوٽ صابر کيس تحفي ۾ ڏنو هو ۽ عامر کي ڪو
پار به محسوس نه ٿيو هو. پر گهر ۾ کيس ڏاڍي پڇا
ڳاڇا مان لنگهڻو پيو. سندس والده چيو هيس ته وڃي
صابر کي بوٽ موٽائي ڏي ۽ کيس اها به ڌمڪي ملي هئي
ته ٻي صورت ۾ سندس والد کي اها خبر ٻڌائي ويندي.
هو ڏاڍو پريشان ٿيو هو. اهڙي ڳالهه صابر کي به
ٻڌائي نه پئي سگهيو—بوٽ صابر کي موٽائي ڏيڻ
بدتميزي هئي. هن سوچيو ته هو بوٽ کي پنهنجي دريءَ
جي هيٺين خاني ۾ لڪائي رکندو. اهڙي طرح ڪجهه ڏينهن
کانپوءِ ڳالهه ختم ٿي ويندي، پوءِ هو ان بوٽ سان
راند کيڏي سگهندو.
ٻه – چار ڏينهن جڏهن هو ميدان تي پنهنجي پراڻي بوٽ
سان کيڏندو رهيو ته ڇوڪرن کيس ڪنجوس جي لقب سان
پئي چيڙايو.
صابر سڀني کي مخاطب ٿيندي چيو، ”عيد به ويجهي آهي،
نئون بوٽ عيد لاءِ رکيو اٿس.“ سڀئي ڇوڪرا ٽهڪ ڏئي
کليا. عامر جي منهن تان هميشہ رهڻ واري مرڪ غائب
ٿي وئي. اکين ۾ رهندڙ ٻاراڻي چمڪ ميري ٿي وئي.
صابر هن ڏي نهاريو ۽ کيس محسوس ٿيو ته اهو ڀوڳ ڪري
هن غلطي ڪئي آهي.
راند کانپوءِ جڏهن هو ٻئي ڄڻا سائيڪل تي گڏ گهر
موٽيا ته هن عامر کي چيو، ”معاف ڪجانءِ ادا!
منهنجو خيال رڳو ڀوڳ جو هو.“
عامر ڪجهه به نه وراڻيو - - سندس خاموشي صابر جهڙي
ڳالهائيندڙ کي به منجهائي ڇڏيو، کيس سمجهه ۾ نه
پئي آيو ته هو ڇا چئي؟
عامر بلڪل خاموش رهيو. پنهنجي گهٽي ۾ پهچي، عامر
سائيڪل تان لهي گهر روانو ٿيو. سندس چهرو سنجيده،
ڪنڌ جهڪيل ۽ ٿڪل قدمن سان هو آهستي هلندو پنهنجي
گهر جي در ۾ داخل ٿيو- - هميشہ وانگر ڪنڌ ورائي نه
موڪلايائين.
صابر تمام گهڻو پريشان ۽ پشيمان پئي لڳو، هو
سائيڪل تان لهي پيو. سوچيائين ته وڃي عامر جو در
کڙڪائي……ڪجهه دير تائين چپ ڪيو بيٺو رهيو - - پوءِ
سائيڪل تي چڙهڻ کانسواءِ پنهنجي گهر ڏانهن روانو
ٿيو.
جسم ٿڪل پئي لڳس ۽ هو سائيڪل تي ٽيڪ ڏئي پئي هليو.
گهر ۾ به هو چپ چپ رهيو. سندس والده هن جي پريشاني
ڏسي سخت ملول ٿي هئي، پاڻ نه جهلي سگهي هئي ۽ اچي
سندس مٿي کي زور ڏنا هئائين.
صابر ڪنهن به ڳالهه ڏي ڌيان نه ڏنو - - هو خاموش
ئي رهيو، ماني به هن نه کاڌي. صبح جو آفيس ۾ به
ڪنهن ڪم ۾ دلچسپي محسوس نه ٿيس، اتي به هو چپ چپ
هو.
آخر طبيعت جي خرابي سبب ٽي ڏهاڙا موڪل جي درخواست
صاحب وٽ پيش ڪيائين، جنهن سندس پريشان منهن کي ڏسي
موڪل منظور ڪئي هئي ۽ ڪنهن سٺي ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ
لاءِ به چيو هئائين.
صابر جو ذهن ڪنهن ٻئي هنڌ الجهيل هو. هو ڳالهه ٻڌڻ
۽ سمجهڻ کانسواءِ ”جي سائين! ها سائين!!“ چوندو
رهيو.
آفيس سپرنٽينڊنٽ کيس عجيب نظرن سان ڏسي رهيو هو.
هن ڪڏهن به صابر کي اهڙي حالت ۾ ڪين ڏٺو هو. هن کي
به ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي پئي. بهرحال هن صابر
لاءِ همدردي محسوس پئي ڪئي.
صابر آفيس کان ساجهر موٽيو هو، راند تي وڃڻ جو ڪو
به ارادو نه هوس، گهر اچي رهيو هو ته سمهي رهيو
هو، جيئن جيئن راند جو وقت ويجهو ايندو پئي ويو،
سندس حالت عجيب ٿيندي پئي وئي. هو سخت پريشان هو -
- هن لاءِ فيصلو ڪرڻ ڏکيو هو ته راند تي وڃي يا
نه؟
ذهن تي بار هيس، جنهن کي منجهائي وڌو هو - - اڄ
خبر پئي هيس ته سٺو موڊ ڪيڏي نه وڏي غنيمت آهي ۽
خوشيءَ جي حقيقت ڇا آهي.
هو حسب معمول راند واري وقت ڪپڙا مٽائي راند لاءِ
تيار ٿي سائيڪل ڪاهي گهران نڪتو. پنهنجي گهٽي
لتاڙي عامر جي گهٽيءَ ۾ پهتو - - هو هڪ لمحي لاءِ
ڪجهه جهجڪيو، پر وڃي عامر جو در کڙڪايائين.
عامر گهر کان ٻاهر نڪتو. سندس چهري تي هميشہ رهڻ
واري مرڪ ڪٿي به نظر نه پئي آهي. صابر جي دل
هيڪاري وڌيڪ منجهي وئي - - هن دل ڪڙي ڪري مشڪي
چيو، ”هلون راند تي؟“
عامر جي منهن تان ڄڻ جهڙ لهي ويو. مشڪ ته اڃا نه
آئي هئي، پر سندس مونجهارو لهي ويو هو. هن ڪنڌ سان
ها ڪئي ۽ گهر وڃڻ لاءِ پٺتي موٽيو.
صابر جي طبيعت به ڄڻ هڪدم ٺيڪ ٿي وئي. هن کلندي
چيو، ”عيد وارو بوٽ به کنيو اچ، اڄ عيد آهي.“
عامر هلڪو ٽهڪ ڏيندي ڪنڌ ورائي هن ڏي ڏٺو. سندس
اکين ۾ ساڳي چمڪ موٽي آئي هئي.
سمر هائوس
جوهان بورجين
(Johan Borgen)
(Summur
House)
(ناروين ڪهاڻي) مترجم: انيس انصاري
گهر ننڍو ۽ ڳاڙهو هو. ائين پئي وسهڻ ۾ آيو ته ان
جي تخليق ڌريائين اهڙي وقت ٿي هئي، جنهن وقت ان
زمين کي خلقيو ويو هو، جنهن تي هو بيٺل هو: هڪ
ڀوري نيري رنگ جي ٽڪريءَ تي، جنهن جي نهار سمنڊ
ڏانهن هئي. هڪ سوڙهو رستو دڪي کان مٿي گهر ڏانهن
اچي رهيو هو، جنهن جي ٻنهي طرفن کان ننڍا پٿريلا
پَرت هئا، جي ائين پئي لڳا، ڄڻ اهي ان جي بچاءَ
لاءِ اُتي اڀريا آهن. پر ان گهر جي پٺيان، ميدان
ڏانهن ٽڪري وئي ننڍي ۽ سلامي دار ٿيندي، جنهن جي
سائي ڇاتيءَ تي نيرا ناڙيءَ جا گل هوا جي جهوٽن ۾
لڏي لمي رهيا هئا ۽ جن جو ٻوٽجي وڃڻ شام ٿيڻ جي
نشاني سمجهيو ويندو هو.
ان صبح جڏهين هن گهر ڇڏيو ته ائين پئي وسهيو ڄڻ
گهر مان رت ٽِمي رهيو آهي. هو سرءُ جي موسم ۾ جڏهن
به هو اتان روانو ٿيندو هو ته گهر رت ڳاڙڻ لڳندو
هو، ڄڻ هر سال – هر ڀيري هو کيس ياد ڏياريندو هو
ته سندس زندگي مان هڪ اونهارو گهٽجي ويو آهي.
هن مشين هلائي ۽ بتيلي کي ور ڏئي کليل کاريءَ ۾
آندو. اتان هو پنهنجي گهر کي ٻيهر نهاري سگهيو
پئي. کاريءَ ۾ اهڙا ڪجهه موڙ هئا، جتان گهر جو چڱي
طرح نظارو ڪري سگهيو پئي ويو. تڪڙي بتيلي هلائيندڙ
انسان جي نظر هڪ مختصر عرصي لاءِ ان گهر تي ٽڪي
سگهندي هئي. اهو گهر ڪنهن به انسان جي خوابن ۽
خيالن جو آدرشي گهر ٿي پئي سگهيو، جو ڪنهن ٽڪريءَ
تي هوائن کان محفوظ سج جي چمڪ ۽ سمنڊ جي اٿاهه
پاڻيءَ ڏانهن نهاريندو نظر ايندو هجي. هي گهر ڪنهن
ماڻهوءَ جي خوابن ۽ خيالن جو اهو گهر ٿي سگهيو
پئي، جو دنيا جي نظرن کان لڪل هڪ کاريءَ جي ڪناري
تي موجود هجي.
طويل سياري جو هو شهر ۾ گذاريندو هو. ان دوران
ڪڏهين ڪڏهين سوچڻ لڳندو هو ته ڇا واقعي اهڙي گهر
جو وجود آهي يا سندس دماغ اهڙي خوبصورت شئي کي
خيالن ئي خيالن ۾ تراشيو آهي. اهڙي خوبصورت شئي
جنهن جي بيان ڪرڻ لاءِ لفظ ناڪافي آهن!. هن ان گهر
جي وجود جي پڪ ڪرڻ لاءِ پنهنجي بتيلي کي موڙ ڏنو.
گهر ان ئي جاءِ تي سندس تخيل موجب موجود هو، پر
جڏهن سندس بتيلي موڙ کاڌي ته زمين هڪ اتاهين دڙي
سبب اهو گهر سندس نظرن کان غائب ڪري ڇڏيو. سندس
ذهن تي اها ڳالهه طاري ٿي وئي ته ان گهر جو ڪو
وجود ڪو نه آهي، پر اهو نظر جو هڪ دوکو آهي. اهو
خيال ور ور ڪري سندس ذهن ۾ اچي رهيو هو. اوچتو ئي
اوچتو سندس دماغ ۾ هڪ خيال اڀريو ته هن ڪجهه
وساريو آهي. هر ڀيري گهر ڇڏڻ وقت ان کي سوين فڪر
گهيرو ڪندا هئا. اهي سوچون کيس ان ڳالهه جو احساس
ڏيارينديون هيون ته هن ڪا بي وفائي ڪئي آهي. کيس
پتو هو ته اهي فڪر کيس ان لاءِ پريشان ڪندا هئا جو
ان کي احساس هو ته سندس عمر مان هڪ ٻئي اونهاري جي
ڪمي ٿي هئي.
هن ڇا وساريو هوندو؟ هو هميشہ پنهنجي گهر کي پوري
ترتيب هيٺ ڇڏيندو هو. گهر ڇڏڻ کان اول بالٽي اونڌي
ڪري رکندو هو. ڪافي دانيءَ کي صاف ڪري ان کي
الٽائي سندس ترو مٿي ڪري رکيو هئائين. ڪوئن جي پهچ
کان پري پنهنجو بسترو ڇت جي نزديڪ لٽڪايو هئائين،
پاڻي جي نيڪال جو پائيپ پنهنجي هُڪ مان دروازي وٽ
لٽڪي رهيو هو. ڪٽ چڙهيل ڪنجي کي به ڪوڪي سان
پنهنجي مخصوص جڳهه تي لٽڪائي ڇڏيو هئائين.
جيئن جيئن گهر جي وچ ۾ وٿي وڌندي پئي وئي، تيئن
تيئن کيس پڪ ٿيندي پئي وئي ته ان ڪجهه وساريو آهي
۽ اهڙو احساس کيس شدت سان ٿي رهيو هو.
ٻئي ڪناري تي پهچڻ بعد ان پنهنجي بتيلي کي دڪي تي
ٻڌو ۽ ساڍا ٽي ميل رستو لتاڙي ريلوي اسٽيشن تي وڃي
پهتو. رستي تي ساهي پٽڻ لاءِ سندس مخصوص جڳهيون
هيون، پر هن کي احساس هو ته هر سال انهن جڳهين جي
وچ ۾ مفاصلو وڌندو پئي ويو، اهو ان ڪري هو جو هڪ
اهڙي جڳهه کان ٻي جڳهه جي وٿي کيس ٿڪائي رهي هئي.
هو ڪو ان جو علاج؟ ان جو علاج وٽس ڪو نه هو! هر
دفعي واپس ورڻ جي خواهش هڪ دفعو مٿس شدت سان طاري
ٿيندي هئي. اها خواهش شهر ۾ پهچڻ سان غائب ٿي
ويندي هئي، پر هن دفعي ان کي نه ڇڏيو. جيئن
اونهاري ۾ وٿي پوندي وئي تيئن گهر ان لاءِ حقيقت
جو روپ ڌارڻ لڳو. ان سان گڏ اهو خيال ان کي مسلسل
ستائڻ لڳو ته هن اتي ڪجهه وساريو آهي، هن کي اهو
ويچار به اچڻ لڳو ته گهر رڳو اونهاري ۾ موجود
هوندو آهي. هن کيس ڪنهن ٻي موسم ۾ ڏٺو به ته ڪين
هو نه!، ڪا ڳالهه اهڙي هئي، جا هن دفعي معمول
مطابق نه هئي. آخر هڪ ڏينهن هو ريل رستي ان طرف
روانو ٿيو.
دڪي تي جڏهن هن بتيلو کوليو ته هن ڏٺو ته سمنڊ جو
پاڻي سون مان چاندي ۾ تبديل ٿي چڪو هو، ان هوندي
به اونهاري جي جهلڪ کيس اتي صاف نظر اچڻ لڳي،
اونهارو سندس رڳ ريشي ۾ رچيل هو.
کاري ۾ جيئن سندس بتيلي ور کاڌو ته ان جي نظر وڃي
گهر جي چمنيءَ تي پيئي، جنهن مان دونهون نڪرندي
ڏٺائين. اهو ڏسندي به کيس تعجب ڪو نه ٿيو، جڏهن هو
رستي تي چڙهيو ته هڪ ماڻهوءَ کي پاڻ ڏانهن ايندي
ڏٺو. اهو هڪ پوڙهو هو، سنهو ۽ اڳتي جهڪيل هو. تڙڪي
تي رکيل تهه ٿيندڙ هڪ ڪرسيءَ تان اٿيو هو. هو
هڪٻئي جي سامهون نظرون ملائي ڪجهه وقت تائين بيٺا
رهيا.
”ها، ها.“ پوڙهي ماڻهوءَ بي فڪري انداز ۾ مرڪندي
چيو، ”سو هاڻ سڀڪجهه ظاهر ٿي پيو.“
”توهان گذريل سال پڻ هتي هئا.“
”هر سال“، پوڙهي ماڻهوءَ اونهو ساهه کڻندي چيو.
هاڻي عورت به اُٿي بيٺي هئي. هاٺيءَ ڪاٺيءَ مضبوط
۽ سنئين سڌي. هڪ چيڙائيندڙ هلڪي مرڪ سندس چپن تي
نچي رهي هئي.
”پر اسان ته سامان جي هر چيز کي ان نموني ڇڏيندا
هئاسين، جيئن اوهان ويندا هئا. اهو ان خيال سان
ڪندا هئاسين، جيئن اسان جي هتي موجودگي جو پتو
ڪنهن کي نه پوي.“
هن کي موٽ ۾ مرڪڻو پيو.
”هائو، رڳو ڏوئي ۽ ڪانٽن جو منهن ٻئي طرف ڦريل
هوندو هو.“
”رچرڊ، مان توکي نه چتايو هو.“ عورت پنهنجي مڙس کي
چيو، ”ته اسان چئن ڪانٽن کي ٺيڪ طرح نه رکيو آهي ۽
هو انهن مان اندازو لڳائيندو؟“
”۽ نيرو گديلو، جنهن کي مون ڇت جي ڀرسان شهتير ۾
لڙڪائڻ پڻ وساريو هو.“
”اهو ته مون پڻ سوچيو هو ته ان مان هو اندازو
لڳائيندو.“ زال مڙس جي اکين سان اکيون ملائيندي
چيو، ”پر اهو مون ان ڪري ڪيو هو ته جيئن ڪوئا
گديلي کي نقصان نه پهچائين.
جڏهن ڪافيءَ جي ٽيبل تي اُس جو تڙڪو آيو ته کين
ننڍيون ننڍيون ڪافي ڳالهيون ياد اچڻ لڳيون، جن ۾
هر سال تبديلي نظر ايندي هئي. ننڍيون ننڍيون
تبديليون، جي ان عورت سرءُ جي موسم ۾ ڪيون هيون،
هن انهن تبديلين تي عام طرح ويچار پئي ڪيو ۽ ڪجهه
فڪرمند پڻ ٿيندو هو، پر آخر ۾ پنهنجي خيالن مان
انهن کي ڪڍي ڦٽي ڪندو هو. اڄ هو هڪ عجيب جذبي هيٺ
اتي ويٺل هو. ائين پئي سمجهيائين ته ڄڻ پنهنجي ئي
دسترخوان تي هو مهمان جي حيثيت ۾ ويٺل هجي. ان
حقيقت سندس ان احساس ۾ اضافو آندو ته هن هنڌ جو
حقيقت ۾ وجود ئي ڪين آهي. اهو احساس جنهن هميشہ
کيس بتيلي کي موڙي گهر کي ڏسڻ لاءِ مجبور پئي ڪيو،
ان لاءِ ته هو ڏسي ته واقعي گهر اتي موجود آهي يا
نه! هن جيڪي ڪجهه هاڻي ڏٺو، تنهن سندس ان خيال کي
يقين جي صورت ۾ تبديل ڪيو ته سندس پٺي ڏيڻ بعد گهر
پنهنجي زندگي پنهنجي طريقي تي گذاري رهيو هو. هي
ٻه پوڙها ماڻهو، اهي ته رڳو بهانو هئا. اهو ته گهر
ئي هو جو هن سان کيڏ کيڏي رهيو هو. اهو اتي هوندو
ئي ڪو نه هو. ڊگهين سياري جي شامن ۾، هن پنهنجا
خيال اونهاري طرف موڙيا پئي ته خود اونهارو کيس
غير حقيقي پئي نظر آيو، اهو ته مصنوعي هو. هڪ
آدرشي خواب، جو جڏهن سندس اکين آڏو نه هو ته ان
لاءِ پوري طرح سوچي به نه پئي سگهيو.
هن بغير تعجب جي پوڙهن ماڻهن کي ٻڌو، جي ذڪر ڪري
رهيا هئا ته هو ڪهڙيءَ طرح خزان جي موسم اتي خوش
گذاريندا هئا. حقيقت ۾ ته انهن ان گهر کي کانئس
وڌيڪ چڱي طرح ڄاتو هو، انهن لاءِ اهو گهر حقيقت
هو، جنهن ۾ هو خزان جي موسم هڪ ننڍي ڏوهاري طور
گذاريندا هئا.
”اسان توکي موسم جي اچڻ کان گهڻو اڳ ويندي محسوس
ڪندا هئاسين....“.
”بهترين وقت سيپٽمبر جو پويون هفتو آهي، جڏهن
سج....“
”اسان کي پنهنجي ڪابه جاءِ ڪانه آهي....“
”هيءَ جاءِ اهڙي هئي، جنهن لاءِ اسان هميشہ
سوچيندا هئاسين.....“
اهي ٻئي ننڍن ننڍن جملن سان هڪ ٻئي جي خيالن جي
تائيد ڪري رهيا هئا. گويا هو مدد لاءِ يا معافي
ملڻ لاءِ عرض ڪري رهيا هئا.
ان سياري هو گهر لاءِ فڪرمند ڪين هو. گهر حقيقت ۾
اتي هو به يا نه، يا اهو محفوظ به هو؟ هن جي خيالن
۾ هن گهر کي بي فڪرو موجود ڏٺو. اهو چڱو هو ته اهو
کاريءَ جي آخري ڇيڙي تي هو، جنهن جي ڀتين تي نيرا
پردا ڏاڍا ڀلا پئي لڳا، سج پنهنجو سون کاريءَ تي
پئي نڇاور ڪيو ۽ سياري جي اچڻ تي پنهنجي چانديءَ
جي بارش دڪي ۽ گهر جي وچ ۾ پئي وسايائين. اها
ڳالهه سندس لاءِ اطمينان بخش هئي ته سندس وڃڻ بعد
ئي ٻيا ماڻهو انهن رستن کي لتاڙيندا هئا ۽ کوهه
مان پاڻي حاصل ڪندا هئا ۽ انهن جي پيرن جي بار ڪري
دِڪو چرچراهٽ جو آواز ڪندو هو. هاڻي کيس يقين ٿيو
ته دنيا رڳو اونهاري جي موسم ڪانه هئي.
دستور جي خلاف هن دفعي هو اتي جلدي پهتو. اهو بهار
جو ڌنڌلو ڏينهن هو ۽ سمنڊ ۾ ڪافي اٿل پٿل هئي.
جيسين هو کاريءَ ۾ نه پهتو هو، تيسين گهر سندس
نظرن کان اوجهل رهيو. هن سوچيو، ”اها ڳالهه مون کي
هميشہ غير يقيني لڳندي هئي، پر هاڻي دعوى سان چئي
سگهان ٿو ته هو اتي موجود آهي،“ هن دڪي تي پهچڻ
سان ئي ڏٺو ته درين جي فريمن کي رنگ لڳايو ويو هو.
سڀني درين کي سفيدي مائل نيرو رنگ، هن کي دل خوش
ڪندڙ خيال آيو. ”آخرڪار هو فيصلي تي پهچي ويا.
عورت رنگ جو انتخاب ڪيو. نيرن پردن کي ڌيان ۾ رکڻ
سان.“ ڪڪرن سان ڇانيل فضا ۾ گهر مان رت نه پئي
ٽميو. هو اتي بيٺل هو زندگيءَ سان ڀرپور ۽ کيس اچڻ
لاءِ کيڪاري رهيو هو.
جڏهن هو اندر آيو ته کيس ٽيبل تي هڪ خط رکيل نظر
آيو. ان ۾ لکيل هو: ”ايترن سالن جي ميزباني لاءِ
اسان دل جي گهراين مان توهان جو شڪريو ادا ڪري
رهيا آهيون. اها اوهان جي اعلى ظرفي آهي جو اسان
جي خلاف پوليس ۾ فرياد داخل نه ڪئي اٿو. اسان
پنهنجي اره زورائيءَ لاءِ معافي گهرون ٿا. اسان
اڃا تائين اوهان جي ان قدم بابت ويچار ڪندا رهون
ٿا. اسان وري اتي ڪين اينداسين. اوهان جي اطلاع
لاءِ عرض ڪريون ٿا ته اسان جو اهو قدم منهنجو ۽
منهنجي والده جو هڪ ڳجهه هو.“
اونهاري دوران هن اهو خط ور ور ڪري پئي پڙهيو ۽
پنهنجن مهمانن کي پئي ڏيکاريو، جي بتيلي ذريعي اتي
ايندا هئا، انهن مان ڪي چوندا هئا، ”تو انهن کي
اجازت ڏئي سندن سڄو مزو ختم ڪري ڇڏيو.“ انهن اهو
به چيو، ”پوڙها ۽ ٻار هڪ آچار ٿيندا آهن. ٻنهي کي
ڳجهين ڳالهين ۾ مزو ايندو آهي.“ انهن ائين به پئي
چيو، ”اهڙا ماڻهو دل جا ڏاڍا سٺا هوندا آهن ۽ سڄي
زندگي چڱو هلڻ لاءِ سوچيندا رهندا آهن.“
ان بعد هن خط ڪنهن کي به ڪين ڏيکاريو. هن سفيدي
مائل نيري رنگ سان رنڱيل درين جي فريمن ڏانهن نظر
ڪئي ۽ سوچيو ته انهن کي اڇو هئڻ کپندو هو. نيري
رنگ سان رنگڻ بيوقوفي نه هئي ته ڇا هو؟ هن اڇي رنگ
سان کين ٻن ڪوٽنگ ڏيڻ جو ويچار ڪيو.
سرءُ آيو پر کيس موقعو ڪين مليو، جيتوڻيڪ هن رنگ ۽
نئون برش پڻ خريد ڪيا هئا پر ڇا نيري رنگ کي ٻيو
رنگ هئڻ سان خود پوڙهن ماڻهن جي رنگ جي تبديلي نه
هئي ڇا؟ ائين ڪرڻ سان سندن وجود جو انڪار نه پئي
ٿيو؟ انهن لاءِ اهو سوچڻ غلط ٿيندو ته هو گهر ئي
پاڻ سان کڻي ويا هئا!.
هڪ اونهاري، هن سوچيو، ”مان وري ڪين ايندس - - ڇا
پوءِ به گهر اتي موجود هوندو. اسان نه هونداسين ته
به اونهارو ايندو؟ ڇا اونهارو پنهنجي سڀني رنگينين
سميت موجود هوندو. جڏهن سڄي دنيا......؟
رفتار ادب
(تبصرا)
(تبصري لاءِ ٻه ڪاپيون موڪلڻ لازمي آهن)
1.
سنڌي سينگار شاعري
تازو محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو تحقيقي ڪتاب
”سنڌي سينگار شاعري“ ڇپيو آهي. هي لوڪ ادب سلسلي
جو نهايت اهم ڪتاب آهي، جو سنڌي ادبي بورڊ طرفان
هن سال شايع ٿيو آهي. هن ڪتاب جو مواد ڊاڪٽر صاحب
ڪيترائي ورهيه ڏاڍي محنت ۽ محبت سان سنڌ جي ڪنڊ
ڪڙڇ گهمي گڏ ڪيو آهي ۽ ان کي محققانه انداز سان
سوڌي، سنواري ۽ سينگاري پيش ڪيو آهي.
سينگار، سنڌي لوڪ ادب جي معياري ۽ منفرد صنف آهي،
جيڪا سنڌ جي شاعرن ۽ سگهڙن هندي سينگار شاعريءَ جي
دوهن کان متاثر ٿي، پنهنجي ماحول کي نظر ۾ رکي،
پيش ڪئي آهي. هن ۾ محبوب جي سونهن ۽ سينگار جي
ساراهه ڪئي ويندي آهي ۽ سهڻين تشبيهن ذريعي محبوب
جي حسن کي نمايان ڪيو ويندو آهي. تشبيهون گهڻي قدر
هندي شاعريءَ واريون آنديون وينديون آهن: پر ان
سان گڏ پنهنجي ماحول مان به تشبيهون اخذ ڪري
استعمال ڪيون وينديون آهن.
هن سلسلي ۾ پهريائين ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو
تحقيقي مقالو ”هندي ۽ سنڌي شاعري جو لاڳاپو“ جي
عنوان سان سه ماهي ”مهراڻ“ ۾ 1955ع ۾ ڇپيو. ان
کانپوءِ محترم ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي صاحب جو
ڪتاب ”سنڌ جو سينگار“ 1956ع ۾ شايع ٿيو. محترم
ڊاڪٽر بلوچ صاحب پنهنجي محققانه ڪتاب ۾ پنهنجي
مقالي جو مناسب مواد به آندو آهي ۽ محترم ڊاڪٽر
سنديلي صاحب جي ڏنل مواد کي به پنهنجي هٿ ڪيل مواد
سان ڀيٽيو آهي. هي ڪتاب مهاڳ ۽ ديباچي کانسواءِ
ستن بابن ۽ ٽن ضميمن تي مشتمل آهي ۽ 323 صفحن تي
ڦهليل آهي.
پهرين باب ۾ ”هندي سينگار رس“ جو پس منظر، رس ۽
سينگار رس جي تعريف آندي وئي آهي. ”رس“ جي وصف
بيان ڪندي لکيو اٿس: ”رس، سنسڪرت زبان جو جامع لفظ
آهي، جنهن جي لفظي معنى آهي ”انتهائي لطف، لذت،
خوشي يا مسرت.“ اصطلاحي معنى موجب ”رس“ سنسڪرت ۾
جماليات جي دائري ۾ هڪ خاص فلسفي جي حيثيت رکي ٿو،
جنهن جو تعلق خاص طرح شاعريءَ ۽ ناٽڪ جي اسباب،
اثرات ۽ علامات سان آهي. (ص 3)
سينگار رس جي وضاحت ڪندي ڄاڻايو اٿس:
”انسان جا نوَ مستقل جذبات، جن جي بناء تي آسانيءَ
خاطر ”رس“ جا به نوَ قسم تجويز ڪيا ويا آهن، انهن
مان هڪ شرنگار ”رس“ هڪ نفسياتي ڪيفيت آهي، جنهن جي
ارتقائي درجي کي عشق ۽ محبت سان تعبير ڪري سگهجي
ٿو.“
اهڙي طرح رس، شرنگار رس ۽ هندي شاعريءَ جي صنف
”سنگار رس“ ۾ فرق آهي. ”شرنگار رس“ بي انتها سرور
واري نفسياتي ڪيفيت آهي، جنهن کي شاعري يا ڊراما
ذريعي پيدا ڪيو وڃي ٿو. ”سنگار رس“، هندي شاعريءَ
جو هڪ قسم آهي، جنهن ۾ محبوب جي حسن ۽ عشق جو ذڪر
هوندو آهي، ان سان گڏ عورت جي ماٺ، سينگار ۽ سورهن
سينگار جو بيان به آندو اٿس. ”سينگار رس“ شاعريءَ
جو سنڌ تائين پهچڻ جو ذڪر ڪندي ڄاڻايو اٿس ته، حسن
۽ عشق جي هيءَ شاعري پهريائين راجسٿان جي سگهڙن،
ڀٽن ۽ چارڻن وٽ آئي ۽ اتان سنڌ جي سگهڙن وٽ پهتي.
ٻئي باب ۾ سنڌي سينگار شاعريءَ تي نهايت تفصيل سان
روشني وڌي اٿس ۽ هر پهلوءَ کي کولي بيان ڪيو اٿس.
سنڌي سينگار شاعريءَ جو فن ۽ فڪر جي لحاظ کان به
جائزو ورتو اٿس ته ان جي ابتدا ۽ تاريخ ارتقا تي
به بحث ڪيو اٿس. محترم ڊاڪٽر صاحب بلڪل صحيح تجويز
ڪيو آهي ته سنڌ سينگار شاعري جيتوڻيڪ هندي سينگار
شاعري کان متاثر آهي ۽ ان ۾ هندي شاعريءَ جو اسلوب
بيان ۽ تشبيهون آنديون ويون آهن، ان هوندي به سنڌي
سينگار شاعري سنڌي ثقافت ۽ روايتن ۽ مزاج سان هم
آهنگ آهي. ڊاڪٽر صاحب جو جائزو نهايت جامع، واضح ۽
حقيقت تي مبني آهي. هڪ هنڌ لکيو اٿس: |