سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 01/ 2025ع

باب:

صفحو:9 

ڊاڪٽر علي اڪبر هنڱورجو

 

 

 

حضرت مخدوم طالب الموليٰ ؛ هڪ عهد ساز شخصيت

جيتوڻيڪ ڪتابن جي حد تائين ته دنيا جي معروف هستين بابت گهڻو ڪجهه پڙهڻ جو موقعو ملي ٿو پر پنھنجي اکين سان روبرو ڪنھن عظيم شخصيت کي ڏسڻ جو تجربو نصيبن جي ڳالھه آهي. آئون ان حوالي سان پاڻ کي خوشنصيب ٿو سمجهان جو شعوري لحاظ کان ننڍي عمر ۾ ئي سهي مون کي قبله سائين مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ کي ڏسڻ جو موقعو مليو ۽ پوءِ منھنجي ذهن ۾ وڏي ماڻهوءَ جو جيڪو تصور جڙيو اهو سندن شخصيت جو ئي هو.

ننڍي هوندي سائي سومار تي پنھنجي ڏاڏي سان گڏ ڪجهه گهڙين لاءِ سائين وڏن جي حاضرين جي يادگيرين کي آئون پنھنجي زندگيءَ جو قيمتي اثاثو سمجهان ٿو.  ان پروقار محفل ۾ سندن باوقار شخصيت جو سحر سڄي ماحول تي طاري هوندو هو.  ادب، احترام ۽ عقيدتن جو عجيب رنگ هوندو هو، جنھن کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ تمام ڏکيو آهي. هتي مخدوم صاحب جي شخصيت کي ڀيٽا پيش ڪندي سنڌ جي معروف شاعر امداد حسينيءَ جون هي سٽون منھنجي جذبات جي ترجماني ڪن ٿيون .

باک جي ساک سان چوان ٿو مان،

تو پرينءَ کي ڏٺو اسان توکي،

مان مڃان ٿو اهو مڃان ٿو مان.

حضرت مخدوم محمد طالب الموليٰ جو شمار انھن ممتاز هستين ۾ ٿئي ٿو، جن پنھنجي سحر انگيز شخصيت، غير معمولي صلاحيتن توڙي علم و ادب، تھذيب ۽ ثقافت سان پنھنجي غير متزلزل ڪمٽمنٽ سبب ويھين صديءَ جي سنڌي معاشري جي تعمير ۽ ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هڪ قادرالڪلام شاعر ۽ نثر نگار جي حيثيت ۾ سنڌي ادب کي لازوال تصنيفات ارپڻ کان وٺي مختلف ادبي تنظيمن ۽ ادارن جا بنياد وجھڻ توڙي ذاتي حيثيت ۾ اڌ صديءَ کان وڌيڪ عرصي تائين علمي ۽ ادبي سرگرمين جا روح روان بڻيل رهي ڪري مخدوم صاحب جن هڪ اهڙي تاريخ رقم ڪري ويا آهن جنھن جو مثال ڪو ورلي ملي سگهندو. ساڳي طرح سياسي ۽ سماجي خدمتن جي ميدان ۾ سندن نقش قدم مستقبل جي سياسي ۽ سماجي ڪارڪنن لاءِ هميشھ مشعل راهه بڻيل رهندا.    

اگر خدمت ڪرڻ جي ناهي طاقت  طالب الموليٰ،

ته پوءِ مخدومي دنيا ۾ وڏو منصب ته ڪونهي ڪو.

مخدوم صاحب جي شخصيت جي درويش صفتي۽ هن ڌرتيءَ جي لازوال تھذيبي ۽ اخلاقي قدرن جي پاسداريءَ جي ڪھڙي ڳالھه ڪجي، جو سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ سان تعلق رکندڙ ادب دوست ۽ سڄاڻ ماڻهو سدائين ساڻن محبت ۽ عقيدت جي ڌاڳي ۾ ڳنڍيل رهيا. هالا ۾ سندن اٺاس بنگلي واري رهائشگاهه جو ذڪر اوهان کي سنڌ ۾ ٿيندڙ اهم علمي ادبي سرگرمين جي حوالي سان توڙي اهلِ قلم ماڻھن جي لکڻين ۾ بار بار ملندو، جو سندن ان بيٺڪ کي به هڪ ادبي اداري واري حيثيت حاصل رهي آهي. اٺاس بنگلي وانگر حيدرآباد ۾ وري سندن رهائشگاهه ”امين منزل“ وڏي عرصي تائين ادبي سرگرمين جو محور بڻيل رهي ۽ اڳتي هلي اتي سنڌي ادبي بورڊ جي آفيس قائم ٿي. معروف اديب پروفيسر غلام نبي آگري هڪ هنڌ لکيو آهي، ته ان زماني ۾ امين منزل سنڌي شاعري ۽ موسيقيءَ جو ڄڻ هڪ مکيه مرڪز هو. اتي مخدوم صاحب جن هفتي/پندرهين ڏينھن ڪا نه ڪا محفل منعقد ڪرائيندا هئا، جنھن ۾ سنڌي علم و ادب سان تعلق رکندڙ نامور شخصيتن جي شرڪت ٿيندي هئي.

ان حوالي سان وڌيڪ اميد افزا ڳالھه اها آهي ته درگاهه حضرت مخدوم نوحرحه جا موجوده سجاد نشين مخدوم جميل الزمان صاحب (جيڪي پاڻ به سنڌي زبان جا بھترين شاعر ۽ نثرنگار آهن) اٺاس بنگلي ۾ اڄ به علمي ۽ ادبي سرگرمين جو اهو سلسلو جاري رکيو اچن. ان سلسلي ۾ گذريل ڪجهه عرصي دوران ڪيترائي مشاعرا ۽ ٻيون تقريبون منعقد ٿي چڪيون آهن. هونئن به هالا جي مخدوم خاندان جي روحانيت کان وٺي علم و ادب تائين مختلف شعبن ۾ سنڌي معاشري جي خدمتن جي هڪ منفرد تاريخ آهي، جنھن کي مخدوم جميل الزمان صاحب پنھنجي ڪتاب ”تاريخ مخدومانِ هالا“ ۾ نھايت محققانه انداز ۾ قلمبند ڪيو آهي.

غوث الحق حضرت مخدوم نوح سروررحه جن جو شمار برصغير جي عظيم روحاني هستين ۾ ٿئي ٿو. سندن سلسلي سان سلهاڙيل ماڻھن جو تعداد ان زماني ۾ به نوَ لک هو جنھن سبب سروري گاديءَ کي نو لکي گودڙي پڻ سڏجي ٿو. سروري سلسلي سان وابسته بزرگن هميشھ سنڌ سميت ننڍي کنڊ جي مختلف علائقن ۾ ماڻھن جي روحاني تربيت کانسواءِ علم و ادب جي ترقي ۽ ترويج ۾ به تاريخ ساز ڪردار ادا پئي ڪيو آهي. انھن بزرگن جون درگاهون ۽ تڪيا سنڌ کانسواءِ پنجاب، بلوچستان، ڪڇ، ڪاٺياواڙ، گجرات ۽ ٻين علائقن ۾ به موجود آهن. پنجاب جي خانقاه ڊوگران کان وٺي کپرو جي درگاهه حضرت منٺار فقيررحه تائين سروري سلسلي سان سلهاڙيل بزرگن جا آستان اڄ به روحاني محفلن جا مرڪز بڻيل آهن. جيڪڏهن ڳالھه علم و ادب جي ڪجي، ته سنڌي ادب جي اوائلي تاريخ ۾ حضرت مخدوم نوح سروررحه جن جي بيتن کي بنيادي اهميت حاصل آهي. سندن بيتن ۾ روحاني رمزن کانسواءِ ماڻھن جي ڏکن ۽ تڪليفن جي به نھايت دردمندانه انداز ۾ ترجماني ٿيل آهي.

پيئي جا پرڀات، سا مَاڪَ مَ پَسَو مَاڙُها

روئي ڇُڙُي رات، ڏسي ڏکوين کي

اهڙِي طرح حضرت مخدوم سرور نوحرحه جن جو شمار سنڌ جي اوائلي ڪلاسيڪي شاعرن ۾ ٿئي ٿو کانئن پوءِ مختلف دورن ۾ سندن خاندان ۽ سلسلي سان وابسته بزرگن جي شعر و ادب سان وابستگيءَ ۾ عجيب تسلسل نظر اچي ٿو. صدين تي مشتمل ان سڄي عرصي ۾ سروري گاديءَ سان سلهاڙيل بزرگن جي علمي ادبي خدمتن جو مثال بلڪل ايئن آهي، جيئن هڪڙي مشعل مان ٻي مشعل ٻاربي آهي. حضرت مخدوم امين محمد ”پکن ڌڻي“، حضرت مخدوم غلام محمد ”مغموم“، حضرت مخدوم طالب الموليٰ ۽ حضرت مخدوم امين فھيم کان وٺي موجوده سجاده نشين مخدوم جميل الزمان تائين هن خاندان ۾ شعر و ادب جي مشعل سدائين روشن رهي آهي. ان تسلسل ۾ قبله مخدوم طالب الموليٰ جو شمار هن خاندان جي انھن روشن ستارن ۾ ٿئي ٿو، جن جي روشنيءَ سان سنڌي ادب جو آسمان هميشھ جگمگائيندو رهندو.

مخدوم محمد الزمان ”طالب الموليٰ“ جن  ننڍي عمر ۾ ئي شعر چوڻ شروع ڪيو ۽ 1946ع ۾ سندن پھريون شعري مجموعو ”بھارِ طالب“ جي عنوان سان منظر عام تي آيو، جيڪو سندن رباعين تي مشتمل هو.

مخدوم صاحب شاعريءَ جي ڪيترن ئي صنفن تي طبع آزمائي ڪئي. سندن شعر گھاڙيٽي، ٻوليءَ جي استعمال، خيالن جي گھرائي، فلسفيانه نقطن جي عام فهم انداز ۾ اپٽار، سماجي مسئلن جي ترجماني ۽ روحاني رمزن جي منفرد انداز ۾ اظھار سبب پنھنجي الڳ سڃاڻپ رکي ٿو. پنھنجي منفرد اسلوب سبب مخدوم صاحب جي ڪلام کي عام ٻڌندڙ يا پڙهندڙ نھايت آسانيءَ سان سڃاڻي وٺندو. مخدوم صاحب جي موسيقيت سان ٽمٽار ڪلام کي سنڌ جي ناليوارن فنڪارن جذباتي وابستگيءَ سان ڳايو ۽ سندن ڪلام کي معاشري جي هر طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻھن ۾ بي پناهه مقبوليت ملي. ڪنھن به معاشري ۾ اهڙي همه گير مقبوليت هميشھ پنھنجي دور جي نمائنده شاعرن جي ڪلام کي ئي نصيب ٿيندي آهي.

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي روايتن سان ڀرپور نموني نڀايو ۽ ساڳئي وقت انھن ۾ جدت پڻ آندي. خيال ۽ گھاڙيٽِي جي حوالي سان سندن شاعريءَ ۾ نت نوان تجربا ۽ سحرانگيز انفراديت نظر اچي ٿي. پاڻ ڪافيءَ جي صنف جا باڪمال شاعر هئا. سندن هٿ اکرن سان لکيل ڪافين تي مشتمل ڪلام جي مجموعي ”بي پير اکيون“ کي پڙهندڙن ۾ زبردست مڃتا ملي. گڏوگڏ سندن لا تعداد شاهڪار ڪافيون ”ڇپر ۾ ڇڙيون“ ۽ ٻين تصنيفات ۾ شامل آهن. مخدوم صاحب ڪافيءَ جي گھاڙِيٽِي، ان جي هيئت، لکڻ جي طريقي، ڪافيءَ ۾ شامل مضمونن، ڪافيءَ جي زبان، ان صنف ۾ روايتي طور شامل لفظن، اچارن، ڪافي ڳائڻ جي طريقي،ان جي موسيقي ۽ راڳيندڙن بابت تحقيقي ڪم به ڪيو، جيڪو سندن تصنيف ”ڪافي“ ۾ شايع ٿي چڪو آهي. سندن ڪافيءَ جي صنف بابت لکيل ان ڪتاب کي سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعريءَ بابت اهم تحقيقي ڪمن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو.

 مخدوم صاحب جي ڪافي جي صنف سان محبت جو ذڪر ڪندي معروف ڪافي گو شاعر مير عبدالرسول مير صاحب جن لکن ٿا ته ”سائين مخدوم طالب الموليٰ جن سان منھنجون جيتريون به ڪچھريون ٿيون، انھن ۾ اسان جو اڪثر وقت شاعري خاص ڪري ڪافين جي ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ ۾ لڳندو هو ۽ ڪافي جي بڻ بڻياد، اصل، نسل بابت گفتگو ٿيندي رهندي هئي. پاڻ ڪافيءَ جي بقا جي باري ۾ گهڻو فڪرمند رهندا هئا. مون کي نه رڳو گهڻي کان گهڻي ڪافي لکڻ جو چوندا هئا، پر نئين ٽهيءَ جي شاعرن کي به ان ڏس ۾ اتساهڻ جي تاڪيد ڪندا هئا. سائين مخدوم صاحب نه رڳو شاعريءَ جي صنف ڪافيءَ کي چاهيندا هئا پر ڪافي گو شاعرن کي به عزت ۽ احترام سان ڏسندا هئا ۽ ساڻن تمام گهڻي محبت ڪندا هئا.

مخدوم صاحب جي ان ڪلاسيڪي صنف سان وابستگيءَ جو هڪ مثال اهو به آهي، ته پاڻ ڪافي مشاعرن جي روايت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سدائين ڪوششون وٺندا رهيا“.

ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي افتتاحي تقريب دوران منعقد ٿيل ڪافي مشاعري جي صدارت پڻ مخدوم طالب الموليٰ ڪئي هئي. پاڻ ان مشاعري جي حوالي سان پنھنجي مضمون ”ڪافي ۽ ان جو فن“ ۾ لکن ٿا ته: ”ڪجهه سال اڳ مرڪزي حڪومت ۾ هڪ وزير محترم پير علي محمد راشدي هو. پاڻ ريڊيو اسٽيشن حيدرآباد تي هڪ مشاعري جو بندوبست ڪيائين، جنھن ۾ فقط ڪافي لکڻ وارا شاعر گهرايا ويا ۽ ڪافيون پيش ڪيون ويون. مشاعرو نھايت ڪامياب ٿيو ۽ ماڻھن جي توجهه ڪافي ڏانھن ٿي. شاعرن ڪافيون لکڻ شروع ڪيون. ان وقت ضرورت محسوس ٿي ته ڪافيءَ تي ڪو ڪتاب هئڻ گهرجي ۽ بسم الله ڪري لکڻ شروع ڪيم جو اڄ پڙهندڙن جي آڏو آهي. اميد ته هي ڪتاب ڪافي بابت سنگ بنياد جي حيثيت رکندو ۽ انھيءَ صنف تي لکندڙن لاءِ ڪارائتو ثابت ٿيندو.“

ساڳئي طرح مخدوم صاحب جو غزل به نه صرف رنگ تغزل سان ڀرپور آهي پر ان ۾ سنڌ جي روايتي شاعرانه تشبيھن ۽ استعارن جو استعمال به نھايت سهڻي نموني ٿيل آهي. شاعريءَ جي ٻين صنفن وانگر غزل ۾ مخدوم صاحب جو منفرد اسلوب نمايان نظر اچي ٿو.

سندن غزل جي شاعريءَ تي مشتمل شاهڪار تصنيف ديوان ”طالب الموليٰ“ تي تبصرو ڪندي معروف شاعر ۽ نقاد احمد خان آصف مصراڻي لکي ٿو ته: ”ديوان طالب الموليٰ جي مطالعي ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته سندن هر هڪ غزل نه صرف رنگ تغزل سان رڱجي ريٽو ٿيل آهي پر هر غزل ۾ ٻيا به ڪيترائي نادر نقطا سمايل نظر اچن ٿا. جيڪي غزل کي گونا گوني وسعت بخشين ٿا. ديوان ۾ ڪافيا به ڏاڍا عجيب ۽ انوکا ڪم آيل آهن ۽ رديفون به اهڙيون نيون ۽ نڪور ۽ عجيب رنگ ڍنگ سان ڪم آندل آهن، جن جو نمونو اڳين ديوانن ۾ ڪونه ٿو ملي.“

 ان کانسواءِ مخدوم صاحب رباعي، بيت، مثنوي، قطعي، سه حرفي، مرثيي سميت ٻين صنفن جا بھترين شاعر هئا. سندن ڇپيل شعري تصنيفن ۾: ”ديوان طالب الموليٰ“،
”ڇپر ۾ ڇڙيون“، ”ڪچڪول“، ”بهار طالب“، ”رباعيات طالب“، ”بي پير اکيون“، ”مثنوي عشق و عقل“، ”سدا وسين سندڙي“، ”سنڌ جو ساوڻ“، ”شان سروري“، ”آب حيات“،
”چهنڊڙيون“ ۽ ٻيا مجموعا شامل آهن. 

مخدوم صاحب سنڌي ٻوليءَ جا حسين نثر نويس هئا. سندن نثري تصنيفن ۾: ”درِناياب عرف يادِرفتگان“،
”ڪافي“، ”مضامين طالب الموليٰ“، ”منھنجو ننڍپڻ“،  ”لغات سنڌي مخففات“، ”خود شناسي“، ”اسلامي تصوف“، ”امام غزالي جا خط“، ”مصريءَ جو تڙون“ ۽ ٻيا ڪتاب شامل آهن. مخدوم صاحب پاران هڪ شاعر ۽ نثرنگار جي حيثيت ۾ سنڌي ادب جي آبياريءَ کانسواءِ ذاتي حيثيت ۾ ثقافتي، علمي ۽ ادبي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪيل ڪوششن جي به جيتري تعريف ڪجي اوتري گھٽ سمجهي ويندي. ان دور ۾ سنڌ کي علمي ادبي ۽ اشاعتي ادارن جي گهرج هئي، کين سنڌي سماج جي ترقيءَ لاءِ اهڙن ادارن جي اهميت جو پوري طرح ادراڪ هو ۽ تاريخ شاهد آهي، ته سندن سرپرستي هيٺ قائم ٿيندڙ ادارن ان دور ۾ ادبي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ ۾ ڀرپور ڪردار نڀايو. ان سلسلي ۾ پاڻ 1950ع ۾  هالا ۾ ”الزمان پريس“ قائم ڪيائون ۽ نون لکندڙن جي همٿ افزائيءَ لاءِ فردوس، شاعر، طالب الموليٰ ۽ روح ادب جهڙن رسالن جي سرپرستي ڪيائون. 1946ع ۾ سنڌي شاعرن جي تنظيم جميعت الشعرا قائم ٿي، مخدوم صاحب جن ان تنظيم جي ترويج لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو. 1952ع ۾ جيڪب آباد ۾ ان تنظيم جي اجلاس دوران کين ان جماعت جو سرپرست چونڊيو ويو. 1957ع ۾ کين گهوٽڪي ڪانفرنس جي موقعي تي جماعت جو صدر چونڊيو ويو. 1956ع ۾ ميرپور بٺوري ۾ ’لاڙ ادبي ڪانفرنس‘ سندن صدارت ۾ منعقد ٿي.

سندن سرپرستي هيٺ ماهوار رسالي روح رهاڻ ۽ ادبي تنظيم بزم طالب الموليٰ جو بنياد پيو. ماهوار رسالو فردوس 1950ع کان مخدوم صاحب جي سرپرستيءَ هيٺ شايع ٿيندو رهيو. ان جي ادارت جا فرائض انجم هالائي، سليم هالائي ۽ ٻيا سرانجام ڏيندا رهيا. فردوس رسالي جا شاعر نمبر ۽ عورت نمبر ۽ ٻيا شمارا تاريخي حيثيت رکن ٿا. پاڻ شاهه لطيف يادگار ڪميٽي ۽ ڪلچرل مرڪز جا ميمبر رهيا ۽ لطيف جي ميلي جي موقعي تي ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين کي فروغ ڏيڻ ۾ بنيادي ڪردار نڀايائون.

سال 1955ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو افتتاح ٿيو ۽ هن اداري اڳتي هلي سنڌي موسيقيءَ جي ترقيءَ ۾ تاريخ ساز ڪردار ادا ڪيو. مخدوم صاحب جن ريڊيو پاڪستان جي مشاورتي ڪاميٽيءَ جا ميمبر هئا ۽ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد طرفان منعقد ٿيندڙ مشاعرن، موسيقيءَ جي پروگرامن توڙي نون فنڪارن کي متعارف ڪرائڻ لاءِ منعقد ٿيندڙ پروگرامن ۾ شرڪت ڪندا رهيا. ريڊيو پاڪستان سان مخدوم صاحب پنھنجو تعلق سڄي ڄمار نڀايو ايتري قدر جو طبيعت جي ناسازيءَ جي باوجود، پاڻ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد طرفان 9 مارچ 1989ع تي منعقد ڪرايل طويل دورانيي واري اردو سنڌي مشاعري جي صدارت ڪيائون. سنڌي ادبي بورڊ جي قيام کان وٺي سنڌ جي هن سرواڻ اداري جي ترقيءَ لاءِ سندن ڪيل خدمتون به تاريخ جو حصو آهن.

 لوڪ ادب جي ترقي ۾ به مخدوم صاحب جن جي خاص دلچسپي هئي پاڻ پنھنجي ڪتاب ”ڪافي“ ۾ هڪ هنڌ لکن ٿا ته: ”سندن چاچي سائين مخدوم عبدالحسين وٽ هميشھ لوڪ ادب جي ڪچھري ٿيندي هئي ۽ پاڻ ڏور ۽ ڳجهارت جو وڏو ڄاڻو هو. انھن سڀني ڳالھين کي نظر ۾ رکي سن 1952ع ۾ سروري اسلاميا ڪاليج هالا ۾ هڪ ادبي ڪانفرنس جو بندوبست ڪيو ويو جنھن جو افتتاح علامه آءِ.آءِ قاضي ڪيو. ان ڪانفرنس ۾ هڪ خاص نشست لوڪ ادب لاءِ رکي وئي جنھن جي صدارت ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ڪئي ۽ مقالو پڙهيو اها اهائي محفل هئي، جتي لوڪ ادب کي گڏ ڪرڻ جي رٿ آئي ۽ اهو ڪم نيٺ سنڌي ادبي بورڊ پنھنجي هٿ ۾ کڻي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي حوالي ڪيو. لوڪ ادب جي حوالي سان مخدوم صاحب جي خدمتن بابت محترم عبدالله ورياهه صاحب لکن ٿا ته: ”اهو چوڻ مناسب ٿيندو ته سنڌي لوڪ ادب کي لکت ۾ آڻڻ“ ٻھراڙين جي ڪچھرين کي شھرن ۾ آڻڻ ۽ لوڪ ادب ۾ پڙهيل لکيل ماڻھن جي دلچسپي پيدا ڪرڻ جون ابتدائي ڪوششون مخدوم صاحب ئي ورتيون جنھن جي نتيجي ۾ سنڌي موسيقي نه صرف محفوظ ٿي آهي، پر عام ۽ خاص ماڻھن جي دلچسپيءَ جو باعث پڻ بڻيل آهي.“

ادب ۽ ثقافت جي ميدان ۾ مزاحيه ادب جي پڻ پنھنجي منفرد اهميت هوندي آهي. ان حوالي سان مخدوم صاحب جن سنڌ جي تاريخ جي پھرين مزاحيه ادبي ڪانفرنس منعقد ڪرائي. ان مزاحيه ڪانفرنس متعلق برک اديب غلام نبي آگرو صاحب جن لکن ٿا ته ’انھيءَ ڪانفرنس جي موقعي تي سڄي سنڌ مان ڪيئي چرچائي، ڀوڳائي، مسخرا، ٽوڪرباز ۽ مزاحيه شاعر اچي گڏ ٿيا. ڪي رهيا مخدوم صاحب جي سول لائينز واري بنگلي تي ته ڪي وري بلوچ صاحب جي اوطاق تي ٽِڪيا. اها ڪانفرنس حيدرآباد واري بسنت هال ۾ ٿي. حيدرآباد جي تاريخ ۾ اهڙو عاليشان اجتماع ڪو گهٽ ئي ٿيو هوندو. مخدوم صاحب جن انھيءَ ڪانفرنس جا مير مجلس هئا. سنڌ جي مزاح جو نرالو انداز، ڳالھيون زمين سان لاڳاپيل، انڪري انھن ۾ رس اهڙو جو ٻڌندي ئي ٽهڪڙا، بنهه ئي پيٽن ۾ سور. اها پھرين ۽ آخري ڪانفرنس هئي، جيڪا سنڌ جي ٻهراڙين ۾ رهندڙ محفلون مچائڻ وارن گفتي جي ملوڪ مڙسن جي نمائنده گڏجاڻي هئي. سنڌ جي اها ظرافت ۽ خوش طبعي هاڻي اسان کي خال خال نظر اچي ٿي. اوطاقن جي ڦٽڻ ۽ رستن جي هوٽلن تي موجودگيءَ وري سنڌين کان اها وٿ واپس وٺي ڇڏي آهي.“

اها مخدوم صاحب جي سنڌ سان بي لوث محبت ئي هئي جو پاڻ سنڌي ثقافت ۽ ادب جي هر پاسي جي ترقيءَ کي پنھنجي زندگيءَ جو مقصد بڻائي رکيو هئائون. پنھنجي ٻولي، ڌرتي ۽ ثقافت سان پيار سندن شاعريءَ ۾ به جابجا نظر اچي ٿو. سندن شاعريءَ جي هڪڙي مجموعي جو نالو ئي ”سدا وسين سنڌڙي“ آهي. ايتري قدر جو پاڻ سنڌ جي وڻن ٽڻن لاءِ به دعاڳو هئا هڪ دعائيه شعر ۾ پاڻ فرمائين ٿا.

سدا سنڌ کي سائين آباد رک،

رکج انجا ساوا کپون ۽ کٻڙ.

سماجي خدمتن جي ميدان ۾ به سندن خدمتن جي شاندار تاريخ آهي. دريائي ٻوڏن، لساني فسادن ۽ ٻين آفتن جي دور ۾ مخدوم صاحب ۽ سندن سروري جماعت هميشھ سنڌ جي ماڻھن جي ٻانھن ٻيلي ٿي بيٺل رهي آهي پنھنجي مريدن، نيازمندن ۽ ڪم ڪار سانگي حاضري لاءِ ايندڙ ماڻھن لاءِ به سندن شخصيت مهربانين ۽ شفقتن جي موج ڀرئي مھراڻ وانگر هوندي هئي، سندن اهڙين خوبين جو ذڪر ڪندي سنڌ جو معروف شاعر شبير هاتف هڪ هنڌ لکي ٿو ته ”سائين وڏن جي هڪ عجيب خصوصيت ڏٺم لکين مريد هئا، پر پاڻ تقريبن هر مريد کي نالي سان سڃاڻيندا هئا. ڪو نئون ماڻهو ايندو هو ته ڏاڍي پيار سان پڇندا هئا ابا توهين ڪير آهيو؟ تعارف ٿيڻ کانپوءِ سڄي خاندان جي نالي سان خيريت معلوم ڪندا هئا ۽ سلام موڪليندا هئا. جيسين صحت اجازت ڏني تيسين روزانو هزارين ماڻھن سان ملندا هئا ۽ انھن جا مسئلا حل ڪندا هئا، قاسم دربان عجيب شخص هوندو هو هڪ ئي وقت پندرهن ويهن ماڻھن جو اطلاع آڻيندو هو. هڪ هڪ ڪري ٻڌائيندو ويندو هو جيئن سائين فلاڻو پٽ فلاڻو ويٺل ڳوٺ فلاڻو هن جو ڪم فلاڻي ماڻهوءَ ۾ آهي پوءِ پاڻ ڪم مطابق حڪم ڏيندا هئا ڪنھن کي خط ڪنھن جي لاءِ فون ڪنھن کان روبرو ڳالھه ٻڌبي. سياست جي ميدان ۾ مخدوم صاحب جن سدائين وطن دوست ۽ جمھوريت پسند ڌرين جا ڀرجهلا ٿي بيٺا. 50ع جي ڏهاڪي کان وٺي صوبائي ۽ قومي اسيمبليءَ جي ميمبر جي حيثيت ۾ ملڪي پارلياماني سياست ۾ اهم ڪردار نڀائيندا رهيا. پاڪستان پيپلزپارٽي جي قيام ۾ سندن ڪردار ڪنھن کان ڳجهو ناهي. پارٽيءَ جو پھريون ڪانووڪيشن هالا ۾ منعقد ٿيو ۽ مخدوم صاحب جن جو پارٽيءَ جي وائيس چيئرمن جي حيثيت ۾ ادا ڪيل تاريخي ڪردار هن ملڪ جي نظرياتي سياسي ڪارڪنن لاءِ سدائين مشعل راهه بڻيل رهندو. خاص طور تي ون يونٽ مخالف تحريڪ ۽ جمھوريت جي بحاليءَ لاءِ هلندڙ ايم آر ڊي تحريڪ ۾ مخدوم طالب الموليٰ، مخدوم خاندان ۽ سروري جماعت جي قربانين کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي.

تعليم جي ميدان ۾ به مخدوم صاحب جي خدمتن کي ڪڏهن به فراموش نه ٿو ڪري سگهجي پاڻ ڪيترن ئي تعليمي ادارن جا سرپرست رهيا جن ۾ سروري اسلاميه ڪاليج هالا، طالب الموليٰ اسڪول دادو، ۽ اورينٽل ڪاليج شامل آهن. پاڻ شاگردن جي رهائش ۽ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ ۾ سندن مدد ڪرڻ جي سلسلي ۾ به سڄي عمر سرگرم رهيا. ان سلسلي جو هڪ مثال ڪجهه وقت اڳ سنڌ جي ناليواري شاعر محبوب سروري صاحب جي مخدوم صاحب سان خط و ڪتابت تي مشتمل ڪتاب ۾ به نظر اچي ٿو. 

ڪتاب ۾ شامل خط ۽ ڪتابت جي شروعات مخدوم محمد الزمان طالب الموليٰ طرفان ڳوٺ جاڙي پنھور جي هڪ ڳوٺاڻي جي پٽ محمد بچل کي لکيل هڪ جوابي خط سان ٿئي ٿي، جيڪو اڳتي هلي محبوب سروري بڻجي ٿو، محمد بچل جي محبوب سروري بڻجڻ جي سموري ڪهاڻي مصنف ۽ مخدوم صاحب جي وچ ۾ سالن تائين جاري رهندڙ خط و ڪتابت مان چڱي طرح معلوم ٿئي ٿي پر منھنجي لاءِ ڪتاب ۾ شامل پھريون خط ۽ ان جو پس منظر سدائين اتساهه جو ذريعو بڻيل رهندو.

ان خط جو پس منظر بيان ڪندي هن ڪتاب جي مصنف محبوب سروري جو چوڻ هو ته هن جڏهن ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪري ورتو، ته هن جي مائٽن کيس وڌيڪ پڙهائڻ کان لاچاري ڏيکاريندي محمد بچل المعروف محبوب سروري کي چيو، ته هاڻي هو ٻني ٻاري جو مائٽاڻو ڪم ڪري، پر محمد بچل کي جيئن ته اڳتي پڙهڻ جو شوق هو ۽ کيس ڪٿان اها به کڙڪ پئي هئي ته هالا ۾ مخدوم محمد الزمان طالب الموليٰ جن طرفان  شاگردن جي پڙهائي ۽ رهائش جو بندوبست ٿئي ٿو ۽ سنڌ جي ڪڙڇ مان الائي ڪيترا شاگرد مخدوم صاحب جي مدد سان تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، سو ان ٻُڌل ڳالھه جي بنياد تي محمد بچل ڪٿان ڪا مَس ڪُپڙي هٿ ڪري سادي ڪاغذ تي مخدوم صاحب ڏانھن خط لکيو، جنھن ۾ کين هالا ۾ مخدوم خاندان طرفان قائم ڪيل ڪاليج ۾ داخلا ۽ اتي وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ مدد جي درخواست ڪيل هئي، اهو خط پوسٽ ڪرڻ جي ٺيڪ ٽئين ڏينھن هڪ پٺتي پيل ڳوٺ جي شاگرد محمد بچل پنھور کي سنڌ جي اهم سياسي، سماجي ۽ روحاني شخصيت مخدوم محمد الزمان طالب الموليٰ جو جوابي خط موصول ٿيو، مخدوم صاحب جي ذاتي پيڊ تي سندن ئي هٿ اکرن سان لکيل ان خط ۾ محمد بچل پنھور کي هر طرح جي مدد جي خاطري ڪرايل هئي. محبوب سروري صاحب مطابق اهو خط ملڻ کانپوءِ پاڻ هالا پھتو ۽ مخدوم صاحب جي مدد سان تعليم حاصل ڪئي ۽ سنڌ جي ناليواري تعليمي ماهر ۽ شاعر جي حيثيت ۾ مڃتا ماڻيائين.

ڪيڏا نه عظيم ماڻهو هئا ۽ ڪيڏي نه عظيم پوک پوکي ويا، محبوب سروري صاحب جن مخدوم صاحب کي منظوم خراج تحسين پيش ڪندي فرمائين ٿا:

وڏي صحرا ۾ ڄڻ هڪ گلستان هو طالب الموليٰ

انڌيري ۾ چراغ ضوفشان هو، طالب المولا

هو پنھنجي دور جو روح روان هو طالب المولا

هو خود هڪ دور هو، هڪ داستان هو طالب المولا

واقعي هي اڌ صديءَ کان به وڌيڪ عرصي جو قصو آهي جنھن دوران سنڌ جي علمي ادبي تاريخ کي اٺاس بنگلي جي ذڪر کانسواءِ مڪمل نه ٿو ڪري سگهجي. ان سڄي عرصي جي سنڌ جي تاريخ تي مخدوم صاحب جي علمي ادبي ۽ سياسي خدمتن جي ڇاپ آهي، جنھن کي مستقبل جو ڪوبه مورخ نظر انداز نه ڪري سگهندو. سچ پڇو ته مون کي ويھين صديءَ جي سنڌ جي تاريخ اهڙن ئي ڪجھه وڏن عظيم نالن جي چوڌاري گھمندي نظر اچي ٿي. مون وٽ انھن شخصيتن جو تصور هميشه ڪامل رهنمائن وارو رهيو آهي، جو هنن سياست کان وٺي ادب ۽ آرٽ تائين قومن جي زندگيءَ ۾ اهميت رکندڙ هر شعبي ۾ رهنمائي ۽ آبياري ڪرڻ وارو ڪردار ڀرپور نموني ادا ڪيو آهي. مخدوم صاحب کي علمي ۽ ادبي خدمتن جي اعتراف ۾ حڪومت پاڪستان جي طرفان 1965ع ۾ تمغهءِ پاڪستان ۽ 1992ع ۾ هلالِ امتياز ڏنو ويو.

سنڌ جي هن قادرالڪلام شاعر، نثر نگار، بااصول سياستدان، سروري جماعت جي روحاني پيشوا، روحانيت، اخلاقي قدرن، انسان دوستي ۽ ادب پروريءَ جي حوالي سان پنھنجي منفرد سڃاڻپ رکندڙ شخصيت 11 جنوري 1993ع تي وفات ڪئي. هر سال ان تاريخ تي سندن ورسي ملھائي وڃي ٿي ۽ کين خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ سڄي سنڌ ۾ پروگرام منعقد ڪيا وڃن ٿا. ان حوالي سان ضرورت ان ڳالھه جي آهي ته مخدوم صاحب جي علمي ادبي ڪمن ۽ خدمتن تي عملي تحقيق جي همٿ افزائي ڪجي جيئن مخدوم صاحب جهڙين املھه شخصيتن جي پيغام کي ايندڙ نسلن تائين موثر انداز ۾ پھچائي سگھجي.

 

حوالا

1.       غلام رباني آگرو، جوڳيءَ تي جڙاءُ، مخدوم طالب الموليٰ خاص نمبر ٽماهي مھراڻ 2013ع.

2.             پروفيسر مير عبدالرسول مير، سارون ميگهه ملھارون، مخدوم طالب الموليٰ خاص نمبر  ٽماهي مھراڻ 2013ع.

3.      مخدوم محمد الزمان  طالب الموليٰ، ڪافي ۽ ان جو فن، مھراڻ ٽماهي نمبر 3_4/1969ع

4.      احمد خان آصف مصراڻي ، طالب الموليٰ جو ديوان آ مطالع مون ڪيو، ڪتاب مون مطالع سپرين، بزم طالب المولا سنڌ

5.      عبدالله ورياهه، طالب الموليٰ جو سنڌي لوڪ ادب ۾ حصو، ٽماهي مھراڻ نمبر 4/1991ع.

6.      شبير هاتف، سائين وڏا، مخدوم طالب المولا خاص نمبر 2013ع.                     

7.      رسول بخش پليجو، هرڻ هـٺيلا بيٺا سوچن، 15 جنوري 1993ع.

8.      محبوب سروري، مخدوم طالب الموليٰ جا خط، 2015ع.

 استاد لغاري

 

 

سُر رامڪليءَ جو فڪري فلسفو

سُر رامڪليءَ جي فڪري جائزي وٺڻ کان پھريان، رامڪلي لفظ جو اشتقاق ڪڍي، ان لفظ جي ظاهري معنيٰ معلوم ڪجي ٿي. ”رام“ معني مالڪ. ”ڪَلَ“ معنيٰ ڄاڻ، خبر، سُڌ، پروڙ، سمجھه ۽ آگاهي وغيره.(1)  ”ڪَلَ“ کي ”ي“ ڏيڻ سان هي لفظ صفت ٿي پوندو. جنهن جي معنيٰ ٿيندي ڄاڻ وارو، خبر رکندڙ، سُڌ ٻُڌ وارو ۽ آگاهيءَ وارو. ان ڪري ”رامڪلي“ لفظ جي مڪمل معنيٰ ٿيندي ”مالڪ کي سُڃاڻڻ وارو يا پروردگار جي پروڙ رکڻ وارو.“

ڪيترن ئي صوفي شاعرن پنھنجي ڪلام ۾، سُر رامڪليءَ کي شامل ڪيو آهي. شاھه عبداللطيف ڀٽائيرحه پنھنجي ڪلام ۾، سُر رامڪليءَ کي وحدانيت واري درجي تي آندو آهي. هونئن ته سمورو شاھه جو رسالو وحدانيت ۽ رسالت جي مذڪور سان معمور ۽ ڀرپور آهي، پر سُر ڪلياڻ، آسا، پورب ۽ رامڪليءَ کي ظاهر ظھور انھي عنوان تي آندو ويو آهي. ڪائنات ۾ جيڪي الله لوڪ ماڻھو آهن، ته صوفي شاعرن انھن کي مختلف صفاتي نالن سان سڏيو آهي. مثلاً: آديسي، باهوتي، بيکاري، تارڪي، پوربي، جبروتي، جوڳي، حسيني، رامڪلي، سامي، سنياسي، سُھاڳي، فنائي، ڪاپڙي، کاهوڙي، لاهوتي، معذوري، ملڪوتي، مواسي، ناري، ناسوتي، نوري، ويراڳي ۽ هاهوتي وغيره. شاھه صاحب فرمائي ٿو:

مُونا، طُــــور سِينــــــــا، سَنـــــــدا سَنِــــاسِيَــــــنِ،

سَجَدي ۾ سَيّدَ چَي، گـــــــوڏا گــــــودَڙِيَـــــــنِ،

فَكَانَ قَابَ قَوْسَيْنِ اَوْ اَدْنٰى، نانگا اِيئَن نَمَنِ،

كُلُّ مَنْ عَلَيْهَا فَانٍ، باقِـــــي ڪِيــــــنَ بَـچَــــــنِ،

اَللّٰهُ وَلِيُّ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا  ۙيُخْرِجُهُمْ مِّنَ الظُّلُمٰتِ اِلَى النُّوْرِ، اِهڙِيءَ پَرِ پَرَن،

وَّخَرَّ مُوْسٰي صَعِقًا، ٿا جوڳي جُنـگ جَلَــــــــنِ،

مَا زَاغَ الْبَصَرُ وَمَا طَغٰى، اِهـڙِيءَ رَوَشَ رَوَنِ،

مُشاهِدو مَحبُوبَ جــــــــو، اُتـــــــي آديـسِيَـــــــنِ،

’بِیْ یُبْصِرُ، بِیْ يَسْمَعُ، بِي وِصـــال‘، وَهَـــــــــــنِ،

’بِیْ یَمْشِیْ، بِیْ یَنْطِقُ‘، ٿا اِهِڙِي چالَ چَــــلَــــنِ،

سَيدُ چَئي سَندِيَنِ، ڪَلَ پُڇِين تُون ڪِھَــــڙِي؟(2)

رامڪلي فقير جڏهن مالڪ جي محبت ۾ محوَ ٿي ويھن ٿا، ته انھن جا گوڏا طور سينا جبل وانگر سدائين سڌا هوندا آهن. سھڻو سيد شاھه عبداللطيف ڀٽائي چوي ٿو، ته گودڙي فقيرن جا گوڏا، ڪڏهن ڪڏهن سجدي ۾ مصروف ۽ مشغول به هوندا آهن. پوءِ ٻن ڪمانن جي فاصلي تي، اڃان به گھڻو ويجھو، نانگا فقير نَمي پنھنجي محبوب کي ويجھا ٿي وڃن ٿا. ”سڀ شيءِ فنا ٿيڻ واري آهي“ مطابق فنائي فقير پنھنجو پاڻ فنا ڪري ٿا ڇڏين. ”جن ايمان آندو، الله سندن دوست آهي ۽ کين اُونداهيءَ مان ڪڍي، روشنيءَ ڏي آڻي ٿو.“ هُو هاهوتي اهڙيءَ پر ۾ پورا رهن ٿا. ”۽ پوءِ موسيٰ غش ٿي ڪري پيو“ مطابق اُهي جوڳي پيا نور جي تجليءَ ۾ جلن. ”نه اک ڪنهن طرف ڦِري ۽ نه حد کان لنگھي وئي“ جبروتي جوڳي ديدار ڪرڻ ۾، اهڙِي روش اختيار ڪن ٿا. پنھنجي مٺڙي محبوب سان محبت جو مشاهدو، آديسي فقير اهڙيءَ ريت ڪن ٿا. (الله تبارڪ و تعاليٰ جو فرمان آهي، ته منھنجو بندو) “مون سان ڏسي ٿو، مون سان ٻُڌي ٿو، مون سان سندس وصال آهي. تون سندن ڪھڙي خبر پڇي ڪھڙِي پڇندين؟“ هُو سھڻا سامي فقير اهڙي چال چلن ٿا. سھڻو سيد چوي ٿو، ته ”تون انھن جُنگ جوڳيئڙن جي ڪھڙي ڳالھه ٿو پڇين؟“ (جو هُو اهڙي منزل ۽ رتبي تي پھتل آهن.“(3)

خليفو نبي بخش ”قاسم“ لغاري سُر رامڪليءَ ۾، هڪ اهڙي باادب عورت جو ذڪر ڪري ٿو، جيڪا ساميئڙن سان گڏجي، ڇڏي ننگ نسنگ، وڃي گُرو گورک ناٿ کي گڏي. ان سامي سھاڳي عورت جو نالو به ”رامڪلي“ هو.

رامَڪَلِي، ڪِنھن نه پلِي، چَلِي سامِيَنِ سَنگ،

ڇَڏي ننگ نِسَنگ، گَڏِي گورک نـــــاٿ کــــي.

رامَڪَلِي، ڪِنھن نه پَلِي، ٿِي جوڳياڻِي جوءِ،

چَڙهِي اُڀِي چوءِ، ”آن ڪي جوڳـــي گـــڏِيـــــا؟“(4)

ميين شاھه عنات رضويءَ جي ڪلام ۾ به سُر رامڪلي موجود آهي. جيڪو پڻ وحدانيت واري واٽ ڏَسي ٿو ۽ فڪري فلسفي ۾ ٽُٻُ ٽُوڻ نظر اچي ٿو. ميون صاحب فرمائي ٿو ته: ”رامڪلي فقير مالڪ جي محبت ۾ ائين فنا ٿي وڃن ٿا، جو سياري جي سخت سرد راتين جو به انھن تي اثر نه ٿو پوي. هُو نڪو ٿا دُونھين دُکائين، نڪو ٿا اُتر کان اوٽ ڏين، نڪو ٿا سِيءُ جو صرفو ڪن. آڌيءَ هجي توڙي عصر، اُهي اُن مھل اُٿي، ”الله الله“ ڪن ٿا. جُهڳا ۽ جُهوپڙا ته جوڙِين ئي ڪو نه، جو متان وصال جي وچ ۾ وٿي پئجي وڃي.

اُتَر اوٽَ نه ڏِينِ، صَرفو ڪَــــنِ نه سِــــيءَ جــــو،

پَوَنَ پَواڙا ڪَري، تَڏِهن سَمرڻِيُــون سورِيـــنِ،

آڌِيءَ جو عناتُ چَئي، اُوءِ اَلَکَ سين اورِيـــنِ،

جُهوپا نه جوڙِينِ، مَڇُڻِ پَوي وِٿِ وِصالَ کي.(5)

مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيرحه جو سُر رامڪليءَ وارو فلسفو، سالڪ کي سھڻي صلاح ڏيندڙ آهي. ”مِٺو مَڱي لوڪُ، ڪَڙو مَڱنِ ڪاپَڙِي، جَنِين ڏِٺو دوسُ، سي مُوران مَڱنِ ڪِينَ ڪِي.“(6) حقيقي ڪاپڙِي ڪڙي ڪوڏيا هوندا آهن. انھن جو مِٺي (سُک ۽ آرام) سان ڪو ئي تعلق ڪونھي هوندو. جن سالڪن لاءِ دوستن وٽان درشن جي دري هيڪر کُلي وئي، ته پوءِ اُهي ساميئڙا ڪَڙو نڪي مِٺو، ٻيو ڪجھه به ڪو نه ٿا گُهرن.

سَڄِي سُورُ سَناسِيين، کُٽِيءَ خـــوش ٿِيَــــنِ،

اُگھڙَ ڪوڏِيا ڪاپَڙِي، سَتُرَ ڪِيــــنَ سَھَــنِ،

اُڻ تُڻ اَٿَنِ نه اَنگَ جِي، ”مَڱرِيو“ چَئي مَنِ،

اَوسَرِ عِيدُون ڪَنِ، اُٺــــي گُونـــــدَرِ گَـڏِيـــــا.(7)

سُر رامڪليءَ جي فڪري فلسفي کي اڳتي وڌائيندي، صوفي شاعر غلام محمد خانزئي فرمائي ٿو، ته ”ساميئڙن جو سفر سدائين سجايو آهي. اُهي سُک سان ڪڏهن سُمھن ئي ڪو نه. هُو اُنھيءَ پار جا پانڌي ۽ پڇائو هوندا آهن، جيڏانھن ساھه جو سجدو سَولو ٿئي ٿو. نانگا پھريان پاڻ کي نابود ڪن ٿا، پوءِ انھن کي گُر گڏجي ٿو. هڪڙا سامي صورت ۾ سڦرا، ته ٻيا ظاهر ۾ زبون ٿيل نظر ايندا آهن. اهڙا لکين لاهوتي لوڪ ۾ لڪيا پيا ڦِرندا آهن. انھن جي اُون ۽ اُڻ تُڻ واري خبر ڪنھن کي به ڪو نه پوندي آهي.

ڪَڇي ڪاڇوٽِي، نانگَنِ ٻَڌِي نِينهَن جِي،

وِيا جـــي هنــــگلاج ڏي، آيـــــا نه موٽِـــــي،

کِجائي کوٽِـــي، پُــــــورِي پائــــــي رَمِيـــــا.(8)

جيئن ته حضرت سيد شاھه عبداللطيف ڀٽائيرحه شاعرن جو سرتاج آهي. سندن شاعريءَ ۾، تصوف جي جيڪا پالوٽ ٿيل آهي، اُها انسان ذات کي ”صِراطَ المُستَقِيم“ تي هلڻ جي تلقين ڪري ٿي.

شاھه سائين فرمائي ٿو: ”جيڪي ڪاپڙي، چيلھن سان سنڌرا ٻَڌيو روانا ٿيو ٿا وڃن، يعني توڪل بر خدا ٿا ڪن، ته انھن سهڻن سناسين جي وڄايل سڱڙِين جا آواز ۽ پڙاڏا، پري پري پورب پار تائين پھچيو ٿا وڃن. اُهي جوڳيئڙا اِتي آسپاس ڪونه ٿا ٽِڪن، ڇو جو انھن ڪاپڙين ۽ رامڪلين جو ماڳ (مقصد) اڃان اڳتي آهي.

ڪَمَرَ بَستا ڪاپَڙِي، جَنِ جي ڪَڙَنِ ۾ ڪَچڪولَ،

آڌيءَ راتِ اُٿِي ڪَــــري، ڪَــــنِ حُسينِـــــي هــــــولَ،

گِـــــلا ۽ غِيبَـــــتَ جــــــا، سَـــــڀَ ڀَڳـائــــــون ڀــــــولَ،

دُنيـــــا ڇَـــــڏي دُرســــتُ ٿِيـــــا، ٽِڪـــاڻـــــا ۽ ٽــــــولَ،

ڳوٺِ ڪِجائِـــنِ ڳولَ، گَڏِجَـــــنِ مـــــانَ گَـــــداوَ ۾.(9)

شاھه سائين رامڪلي، رامپنٿي ۽ تارڪي سالڪ کي تلقين ڪندي فرمائي ٿو، ته ”اي گياني ڌياني! تون پنھنجي من ۾، نِسُورِي نِيستِي، نابُودِي ۽ نانھن واري دُونھين دُکاءِ. اي لامڪاني لاهوتي! تون پنھنجي پاڻ کي، عشق، محبت ۽ پيار واري آڙاھ ۾ آڻي اُڇلاءِ. اي گرناري گودڙيا! اگر تون انھي نصيحت تي عمل ڪندين، ته تنھنجي عشق ۾ لڳايل آڳ، پاڻھي ئي پاڻي ٿي پوندي. اي مانائتا مواسي! توکي سھڻي صلاح فقط ان ڪري ڏجي ٿي، ته جيئن سماج ۾ امن، پيار ۽ پاٻوھه وارو ماحول جُڙِي پوي.“ اصل ۾ سُر رامڪليءَ جو فڪري فلسفو، انسانذات جي ڀلائي، ڪاميابي ۽ ڪامراني لاءِ رهنما اصول طئي ڪندڙ آهي. ڪَس کائي رَس قائم ڪرڻ جو ڏَس آهي. ڏُک ڏِسي، سُک حاصل ڪرڻ جو ثمر آهي.   

حوالا:

1: بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر: ”جامع سنڌي لغات“ (جلد ٻيو) ڇپائيندڙ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، ڇاپو ٻيو، سال 2007ع، ص 322 .

2: لغاري استاد: ”شاھه جو رسالو“، ڇپائيندڙ: مھراڻ اڪيڊمي شڪارپور، ڇاپو پھريون سال 2013ع، ص 207

3: لغاري استاد: ”شاھه جو رسالو“ (سِٽ وار سمجھاڻيءَ سان، ڏھه جلد گڏ) ڇپائيندڙ: ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد، ڇاپو پھريون، سال 2017ع، ص 825 .

4: بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر: ”خليفي صاحب جو رسالو“، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، ڇاپو ٻيو سال 2005ع، ص 141 .

5: بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر: ”ميين شاھه عنات جو ڪلام“، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، ڇاپو ٻيو، سال 2010ع، ص 125 .

6: دائودپوٽو عمر بن محمد ڊاڪٽر: ”ڪلام گرهوڙي“، ڇپائيندڙ: ثقافت ۽ سياحت کاتو حڪومت سنڌ، ڇاپو ٻيو، سال 1965ع، ص 262 .

7: ساڳيو، ص 263 .

8: بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر: ”رسالو غلام محمد خانزئي جو“، ڇپائيندڙ: شاھه عبداللطيف ڀٽ شاھه ثقافتي مرڪز ڀٽ شاھه، حيدرآباد، ڇاپو پھريون سال 1985ع ص 352  .

9: شيخ، ٻانھون خان: ”شاھه جو رسالو“، (جلد ٽيون) ڇپائيندڙ: شاھه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، ڇاپو پھريون سال 2002ع، ص 159.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org