ڊاڪٽر غلام محمد لاکو
اديـب،
مـحـقـق ۽ تـاريخـدان غلام محمد ولد محمد ابراھيم
لاکو 6 جولاءِ 1954ع تي ڳوٺ مٺا خان جوکيي، تعلقي
موري، ضلعي نوابشاھه
(ھاڻوڪي نوشھري فيروز) ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي
تعليم ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان، ايم.اي (انگريزي
ادب) 1980ع ۾ ۽ ٻي ايم.اي (تاريخ) 1982ع ۾ سنڌ
يونيورسٽي ڄام شوري مان ۽ پي.ايڇ.ڊي
’ارڙھين
صديءَ جي سنڌ
جون سماجي- سياسي حالتون ۽ ادارن جو مطالعو‘
جي عنوان سان 1999ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪئي. هي
درس ۽ تدريس جي شعبي سان سلھاڙيل
رهيو ۽ 2014ع ۾ تاريخ جي شعبي (سنڌ يونيورسٽي، ڄام
شورو) مان پروفيسر ۽ چيئرمين
طور رٽائرڊ ٿيو. ھن نواب شاھه
ڪاليج ۾ پڙھڻ دوران، مولانا غلام محمد گراميءَ جي
صحبت ۾ تاريخ جي موضوع تي لکڻ شروع ڪيو. سندس
پھريون مقالو ’ٺل مير رڪن‘ ٽه
ماھي
”مھراڻ“
(1979ع) ۾ شايع ٿيو. هن سنڌيءَ کان سواءِ اردو ۽
انگريزي ٻولين ۾ پڻ لکيو. سندس ڪجهه
مضمون فارسيءَ ۾ ترجمو ٿي چڪا آھن. ھن ڪيترن ئي
قومي ۽ بين الاقوامي ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪري پنھنجا
تحقيقي مقالا پيش ڪيا.
پير
حسام الدين راشدي، محمد ابراھيم جويي ۽
ايم.ايڇ.پنھور سان علمي ۽ ادبي حوالي سان انتھائي
ويجهو رھيو. غلام محمد لاکو مختلف ادارن:
انسٽيٽيوٽ آف
سنڌالاجي، سنڌي ادبي بورڊ، سنڌ ثقافت کاتو، سنڌ
آرڪائيوز،
سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۽ پاڪستان
ھسٽاريڪل سوسائٽي ڪراچيءَ سان به
سلھاڙيل
رھيو. ان کان سواءِ سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري جي
سينيٽ، اڪيڊمڪ ڪائونسل جو ميمبر ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ
جي بورڊ آف ايڊوانس اسٽڊيز اينڊ ريسرچ جو ٽن سالن
لاءِ ميمبر پڻ رھيو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: (1) سنڌ
صدين کان (تاريخ: 1980ع)، (2) سنڌي ادب (پير حسام
الدين راشديءَ جي ڪتاب جو ترجمو: 1981ع)، (3)
تاريخ جا سبق (ترجمو: 1984ع)، (4) سمن جي سلطنت
(تاريخ: 1987ع)، (5) دولھه
دريا خان (ٻاراڻو ادب: 1990ع)، (6) ڳالھيون
منھنجي سنڌ جون (ترتيب: 1992ع)، (7) مطالعو سنڌ جو
(ترجمو: جلد پھريون: 1992ع، جلد ٻيو: 2004ع)، (8)
’سنڌ
جو تاريخي ۽ تحقيقي جائزو‘
(مضمون، مقالا: 1997ع)، (9) مقالات راشدي (ترتيب:
اردو: 2002ع)، (10) ڪلھوڙا
دور حڪومت (تاريخ: 2004ع)، (11) سنڌ جي سمن جي
بادشاھي (انگريزي: 2006ع)، (12) تاريخ معصومي
(مرتب: 2008ع)، (13) جديد سنڌ جي تاريخ- ڪجهه
جهلڪيون (انگريزي: 2008ع)، (14) سنڌ جي تاريخ، سنڌ
جا مغل نواب (تاريخ: 2008ع)، (15) مشھور سنڌي ماڻھو
(ٻاراڻو ادب: 2009ع)، (16) تاريخ سنڌ- عرب دور
(ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ: مرتب: 2009ع)، (17) تذڪره
مشائخ سيوستان (مرتب: 2010ع)، (18) سنڌ- ڪڇ لاڳاپا
(انگريزي، سنڌي: ترتيب: 2010ع)، ۽ (19) سنڌ شناسي
(ايم. ايڇ پنھور: ترتيب: 2017ع) قابل ذڪر آھن.
غلام محمد لاکو، سنڌالاجيءَ طرفان شايع ٿيندڙ
رسالي سنڌي ادب جا پنج پرچا ترتيب ڏيڻ کانسواءِ
سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي اھم رٿا انسائيڪلوپيڊيا
سنڌيانا ۾ تاريخ جي موضوع جو ايڊيٽر پڻ رهيو. ھن
03 مارچ 2025ع تي وفات ڪئي.
سنڌيانا انسائيڪلوپيڊيا

ايڊيٽوريل
ٽماهي
طرفان
اوهان سڀني مانوارن ليکڪن کي نئين سال جون دلي
واڌايون. انھيءَ دعا سان ته 2025ع سال اوهان لاءِ
تمام گهڻين خوشين ڀريو ثابت ٿيندو.
نئين سال جو شمارو اوهان پڙهندڙن تائين اچي چڪو
آهي. انھيءَ لاءِ آئون پنھنجي مانوارن ليکڪن جو
بيحد ٿورائتو آهيان جن وقت سان پنھنجون لکڻيون
موڪلي ڏنيون ۽ مون کي اميد آهي ايندڙ شمارن لاءِ
اوهان ليکڪن جو ساٿ رهندو ته جيئن پڙهندڙن تائين
معياري ادب پھچائي سگهجي.
زندگي الله تعاليٰ جي طرفان انمول تحفو آهي، پر هر
جاندار کي موت جو ذائقو چکڻو آهي. ڪجهه ئي وقت اڳ
جڳ مشھور اديب ڊاڪٽر ذوالفقار سيال، ڊاڪٽر آڪاش
انصاري ۽ ڊاڪٽر غلام محمد لاکو صاحب اسان کان
هميشه لاءِ وڇڙي ويا آهن! جيڪو پڻ سنڌي ادب توڙي
تاريخ جو وڏو نقصان آهي!! ڊاڪٽر غلام محمد لاکو
صاحب پنھنجي ته سوچ ۽ طبيعت جو ماڻھو هو، جنھن
خاموشي ۾ تمام گهڻو ۽ معياري ڪم ڪيو آهي ۽ خاص طور
تي تاريخ نويسي ۾ سندس ڪيل ڪم ڀلا ڪنھن کان ڳجهو
آهي. دورِ حاضر جو لاکو صاحب وڏو محقق هو. ٿورو ئي
عرصو اڳ جڏهن مون ڊاڪٽر لاکي صاحب کي
۾
لکڻ لاءِ گذارش ڪئي ته پاڻ مُرڪي ها ڪيائون ۽ ڪجهه
ئي ڏينھن کان پوءِ مقالو موڪلي ڏنائون، جيڪو
4/2024ع جي شماري ۾ شامل رهيو. ڊاڪٽر لاکي صاحب
1/2025ع شماري لاءِ ته مقالو موڪلي ڏنو، پر ايندڙ
شماري لاءِ اڳواٽ ٻيو مقالو پڻ موڪلي ڏنائون ۽
پوءِ ٿوري ئي عرصي ۾ پاڻ اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي
ويا. شايد لاکي صاحب کي اندازو ٿي چڪو هو ته هاڻ
وقت موڪلائڻ جو ٿي ويو. ليکڪ ڪڏهن مرڻو ناهي، هو
سدائين پنھنجي لکڻين ۾ زندهه رهي ٿو، اسين سڀ الله
تعاليٰ کان دعاگو آهيون ٽنھي مانوارن ليکڪن کي رب
العالمين جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي-
آمين.
آخر ۾ اوهان سڀني مانوارن ليکڪن کي گذارش آهي ته
اوهان پاران موڪليل مواد مون وٽ محفوظ آهي، جيڪو
پاليسي کي نظر ۾ رکندي ضرور شايع ٿيندو. اڪثر
ليکڪن جو اسرار اهو هوندو آهي ته مواد موڪلڻ کان
پوءِ ايندڙ شماري ۾ ضرور شامل ٿئي ته ٽماهي
لاءِ
صرف 200 صفحا مقرر ٿيل آهن، ۽ اسان جي ڪوشش هوندي
آهي ته وڌ کان وڌ ليک شامل ڪري سگهجن، پر جيڪو
مواد رهجي وڃي ٿو، اهو ايندڙ شمارن ۾ ضرور شامل
ڪيو ويندو. مون کي يقين آهي ته اوهان پھريان کان
وڌيڪ سھڪار ڪندو.
]اوهان
مھربان ليکڪ ۽ پڙهندڙ پنھنجو مواد اسان کي اي.ميل،
واٽس اپ توڙي پوسٽ به ڪري سگهو ٿا. اي.ميل موڪلڻ
لاءِ ٽماهي
جي
ايڊريس آهي
mehranmagzinesab@gmail.com يا
واٽس اپ نمبر 03332736234 تي مواد موڪلي سگهجي ٿو.
ان کان علاوه رسالي بابت اوهان پنھنجا قيمتي ويچار
به ونڊي سگهو ٿا[.
مھرباني
جبران زيب
ايڊيٽر، ٽماهي
”مھراڻ“
مولوي محمد عظيم شيدا

(1882- 1988ع)
مولانا محمّد عظيم ”شيدا“ ولد لعل بخش سولنگي ڳوٺ
گل ٻرڙو تعلقو وارهه ضلع لاڙڪاڻو ۾ 1882ع ڌاري
توّلد ٿيو. قرآن شريف ۽ نور نامون، وڏي ڀاءُ آخوند
فقير محمّد وٽ پڙهيو ۽ فارسي، عربي ڪنز ڪافيه
تائين کنڊو شهر ۾ مولانا عبدالعزيز مڪراني خاراني
وٽ پڙهيو، ان کان پوءِ پير جهنڊي جي مدرسي ۾
وڌيڪ
تعليم حاصل ڪيائين. منطق مولانا خادم حسين وٽ ۽
باقي علوم مولانا محمّد محسن شاهه وٽ ميان جي ڳوٺ
۾ پڙهيو ۽ دستار بندي ڪيائين ۽ مختلف مدرسن ۾ درس
و تدريس جو ڪم ڪيائين. پاڻ حڪيم حاذق هو، نواب
غيبي خان چانڊئي ۽ نواب يوسف خان مگسي جن جو
خانداني حڪيم هو. ٻه ڀيرا حج جي سعادت حاصل
ڪيائين. فارسي ۽ سنڌي جو سٺو شاعر هو، ”جمعيت
العلماءَ لاڙڪاڻي“ جو صدر به هو. ۽ ”جميعت
العلماءَ هند“ جي ورڪنگ ڪميٽيءَ جو پڻ ميمبر هئو.
سندس انتقال 6- آڪٽوبر 1988ع تي ٿيو.
غزل
ساقي اڄوڪي بزم ۾ واه جو سرور هو،
مئي خوشگوار لعل بتان جو حضور هو.
زاهد به زهد خشڪ کان آيو ملول ٿي،
جو ان کي باده ناب جو بيحد ضرور هو.
قاضي ڇو حَسد مست خرابات کي ڏنئه،
جو هو نه آ مڪلف تنهن جو قصور هو.
رندي ۽ زاهدي نه سا آ نجات جو،
آهيم آسرو جو هو الله غفور هو.
اک ڇنڀ ۾ تيغ ابرو ڪيا هن شهيد لک،
قاتل کي پنهنجي تيغ تي ڪيڏو غرور هو.
هڪ جلوه ناز سان جو لٽيه دل کي دلربا،
سينگار تنهن جو سهڻل ڪيڙو ڪلور هو.
فرقت ۾ صبر جو ڪيو مون ٻي نه ڪنهن ڪيو،
يعقوب کان وڌيڪ ئي منهنجو صبور هو.
سينو سڙي جو عشق اوهان جي ۾ ٿو پرين،
تو پاڻ سمجهو ان کي ته گويا تنور هو.
سڀ دين و دنيا ان تان ڪيم پوروئي فدا،
هڪوار ان جي ڪوئي ۾ منهن جو مرور هو.
ڳڻتي ته دوجهان جي ڪافور ٿي وئي،
”شيدا“ تي ان جي نور جو جنهن دم ظهور هو.
]”درِناياب
عرف يادِ رفتگان“،
مصنف: مخدوم طالب الموليٰ، ص: 191[
احمد خان مدهوش

(1931- 2003ع)
ناميارو شاعر احمد خان ولد حاجي خان ذات (کٽي)
سومرو، 15 اپريل 1931ع تي خيرپورناٿن شاهه جي ڳوٺ
سلطان چانڊيي ۾ ڄائو. 1932ع ۾ سندس خاندان ’جوهي‘
شهر ۾ اچي آباد ٿيو. 1949ع ۾ سنڌي فائنل، 1957ع ۾
انٽر ۽ 1965ع ۾ اديب فاضل سنڌيءَ جا امتحان پاس
ڪيائين. ڳپل عرصو جوهيءَ ۾ استاد ٿي رهيو. هن
شاعريءَ جي سکيا سيد نجف علي شاهه لڪياريءَ ۽ فيض
بخشاپوريءَ کان ورتي. سندس شاعريءَ جا ٽي مجموعا
”دل جون ڳالهيون“ سنڌي ادبي بورڊ 1993ع”نظر ۾ نظر
بند“ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ 2003ع ۽ ”اکين جا
سنيها“ سنڌي ادبي بورڊ 2011ع ۾ ڇپجي پڌرا ٿيا.
استاد شاعرن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. غزل ۽ نظم جو وڏو شاعر
آهي. سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر
هو. احمد خان مدهوش 26 جون 2010ع تي وفات ڪئي.
(سنڌيانا انسائيڪلوپيڊيا)
غزل
جيسين تو دلربا جو ديدار ڪين ٿيندو،
تيسين نصيب منهنجو بيدار ڪين ٿيندو.
بيمار عشق جي کان پڇجي ته حال ڇا ٿئي،
اهڙو ثواب شايد ٻيو يار ڪين ٿيندو.
جيڪا رضا آ تنهنجي، سائي رضا آ منهنجي،
منهنجو ڪڏهن به توسان تڪرار ڪين ٿيندو.
تنهنجو ستم ستمگر هر هڪ قبول آهي،
بندو ڪڏهن به ڀلجي بيزار ڪين ٿيندو.
دلبر تڪي تڪي مون کي چئي ڏنو ته عاشق،
خالي ڪڏهن به منهنجو ڪو وار ڪين ٿيندو.
بي اعتبار دل کي ڪيئن اعتبار ايندو،
تنهنجي نظر جو جيسين اقرار ڪين ٿيندو.
آزار ٻيا به آهن ”مدهوش“ ڪيئي ليڪن،
دنيا ۾ عشق جهڙو آزار ڪين ٿيندو.
]ڪتاب
”دل جون ڳالهيون“، ص: 127
[
ميرزا فتح علي بيگ شاهد
(1948 – 2020ع )
ميرزا فتح علي بيگ ولد ميرزا حامد علي بيگ ’حامد‘
18 ربيع الاول 1367هه/30 جنوري 1948ع تي ٽنڊو آغا
حيدرآباد ۾ تولد ٿيو. پاڻ پرائمري تعليم ميان علي
بخش پرائمري اسڪول گاڏي کاتي حيدرآباد مان ۽
انگريزي تعليم نولراءِ هيرانند اڪيڊمي حيدرآباد
مان حاصل ڪئي. سٽي آرٽس ڪاليج مان انٽر ڪري، سنڌ
يونيورسٽي مان ايم.اي، سياسيات جي سَند حاصل
ڪيائون. قاري امان الله عباسيءَ وٽ امام بارگاهه
علي آباد ۾ قرآن مجيد پڙهيا ۽ مذهبي تعليم مولانا
حاجي ثمر حسن زيدي صاحب کان حاصل ڪيائون. سال
1964ع ۾ سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ جونيئر ڪلارڪ طور
ملازمت اختيار ڪيائون. جتان سال 2006ع ۾ اسسٽنٽ
سپرنٽينڊنٽ جي عهدي تان رٽائر ٿيا.
ميرزا فتح علي بيگ کي ننڍي وهيءَ کان ئي شاعري سان
لڳاءُ هو. پاڻ پهرين پنهنجي ناني ميرزا علي محمد
بيگ ”مظفر“ کان شاعري ۾ رهنمائي ورتائون پوءِ سنڌي
شعر ۾ ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم ”خليل“ ۽ ڊاڪٽر علي
احمد قاضي ۽ فارسي ۽ اردو ڪلام ۾ مولانا محمد
اسماعيل ”رزي“۽ ”نياز“ همايوني صاحبان کان اصلاح
به ورتائون. ”نياز“ همايوني سندن فارسي اشعار کان
متاثر ٿي، هيءَ قطعه رقم ڪئي:
شعر تو خواندیم و خوش گشتیم شاہد میرزا
خطّ او چندان کہ زان مستقیم شاہد میرزا
ارتقا در شعر تو از ایزد متعال باد
مرا دعاگو دائما ہستیم شاہد میرزا
پاڻ سنڌي، فارسي، اردو ۽ سرائڪي زبانن ۾، مختلف
اصنافِ سخن مان حمد، نعت، قصيده، منقبت، سلام،
نوحي، لوڙائو، مرثيي، قطعي، رباعي، نظم، قطعه
تاريخ ۽ غزل تي طبع آزمائي ڪيائون. شاعريءَ ۾ تخلص
شروع ۾ ”عارف“ ۽ پوءِ ”شاهد“، ۽ ڪن ڪن شعرن ۾
”شميم“ تخلص به ڪتب آندو آهي. مرثيه نگاريءَ ۾ ته
کيس قدرت حاصل هئي. سندس مرثين جو تعداد 150
ٿيندو. هُن 21هين صديءَ ۾ سنڌي مرثيي کي نئين رنگ
سان پيش ڪري، مرثيي جي موضوع کي وسيع ڪيو. مرثيي
کانسواءِ پاڻ سلام ۽ نوحي جا پڻ بهترين شاعر هئا.
هن فاني جهان مان سندن انتقال 23 ذوالقعد 1441هه/
2020ع تي ٿيو.
-
ميرزا دبير
]رسالو
”تخيل“ جنوري- مارچ 2022ع، ص 217[
غزل
اڱڻ آيئو، اڄوڪي رات جي سرڪار ترسي پئو
ٿين وارا نيارا بس، جهڳيءَ ۾ يار ترسي پئو
هيم هي آس هڪ ڀيرو ڪندين ڀيرو اڱڻ منهنجي
سو تون آئين هينئين جا هار، نيڻن ٺار ترسي پئو
ٻَڌي ٻانهون پيو آهيان ڪندو هي التجا توکي
مٺا محبوب مون وٽ هيج مان هڪ وار ترسي پئو
ڪندس ڇا ياد آئون ڀي، پيالو اڄ پي نيڻن جو
چوان سرشار ٿي سهڻا سخا ڏيکار ترسي پئو
هلي آء منهنجي سيني سان لڳائي قرب مان سينو
ڪرڻ آرام اڄ سيني تي کولي وار ترسي پئو
ڪيو فرقت سندءِ فاني نه اهڙو حال هو منهنجو
جيان جڳ ۾ پيو بس مرده جي آچار، ترسي پئو
ڪيئي هي آس منهنجي پوري پل پل پور جنهن جا پيا
چيو منهنجو مڃين آئين ڪري سينگار، ترسي پئو
وڃڻ وائي نه ڪر
’شاهد‘
اڃا محفل متل آهي
سهاري ياد فرخ جي ته منجهه سنسار ترسي پئو
هڪ سؤ سالن کان ڪجهه گهٽ عرصي جي وقفي کان پوءِ،
جنھن ۾ شايد سنڌ جي حڪمرانن موريا حاڪمن جي
تابعداري ڪئي هوندي، يوناني باخترين سنڌ جي اُتر
وارن علائقن کي ٻيھر فتح ڪرڻ سان سنڌ يونان جي
حڪومت جو (195ق.م) ۾ حصو ٿي ويئي، ڇو ته ڪابل،
پنجاب ۽ سنڌ اندر يوناني بادشاهه مينندر جا سڪا
موئن جي دڙي جي کوٽائيءَ مان (155ق.م) هٿ آيا آهن.
هن کان پوءِ سنڌ کي ساڪن يا سٿين ۽ ڪُشانن فتح ڪيو
(120- 200ق.م) سٿين تھذيب جا آثار جيڪي ڀنڀور
(ديبل جو پراڻو بندر) مان هٿ آيا آهن، انھن مان
ظاهر ٿو ٿئي ته اُهي گهڻو اڳتي وڌي ڏکڻ سنڌ تائين
پھچي چڪا هئا. سٿين توڙي ڪُشن ٻنھي قومن جو بُڻ
بڻياد ترڪن منجهان هو ۽ اُنهن جي فتح سان سنڌ ۾ پڻ
ترڪ ثقافت ۽ روايت جو بنياد پيو. ان کان پوءِ ڪُشن
جو شھنشاهه ڪَنشڪا، مھايانا ٻُڌمت جو اڳواڻ بنجي
ويو ۽ اهو مذهب، سنڌ ۾ 100ق.م کان 100ع تائين
ڦھلجي ويو. ڪنشڪا جي ٽئين جانشين واسوديوا اُتر
سنڌ ۽ سنڌونديءَ جي ڪجهه علائقن تي حڪمراني ڪئي.
سندس دور جا سِڪا پڻ موئن جي دڙي مان هٿ آيا آهن.
ترڪن جي اثر رسوخ کي پارٿي بادشاهن هٿان گهڻي مدد
ملي
(50-200AD).
پارٿين بادشاهه گونڊافئنَس 47ع ۽ سندس جانشين جا
سِڪا سيستان، قنڌار ۽ سنڌ مان لڌا ويا آهن.
ايپٿلائيٽس ۽ ڀُورن هُنن
(Huns)
(4 ۽ 5 صديون، عيسوي) جي حڪمرانيءَ هيٺ ترڪن جو
اثر ۽ دٻدٻو اڃان وڌيڪ مضبوط ٿيو. ’ڀُورن هنن‘ جي
حڪمرانيءَ ۾ ٻُڌ ڌرم کي گهڻو ڇيھو رسيو. برهمڻ مت
مٿين طبقن ۾ مقبول ٿيندي ويئي، توڙي جو ماڻھن جي
گهڻائي اڃان تائين ٻُڌ ڌرم ڏانھن مائل رهي.
ٽين صدي عيسوي جي وچ ڌاري فارسي ۾ ساسانين جي زور
وٺڻ سان سنڌ، فارس جي شھنشاهت هيٺ اچي ويئي. ليڪن
جڏهن فارسي جي حڪمرانن جو زور ۽ دٻدٻو گهٽجڻ لڳو
ته اهڙي وقت ۾ پارٿين، ’ڀورن هُنن‘
(Huns)
۽ هندستان جي مقامي حڪمرانن کي سنڌوءَ جي علائقن
تي پنھنجن قدمن ڄمائڻ جو موقعو مليو. شھنشاهه
فيروز جي موت تي (531-459ع) ’هنن‘ اُتر- اولھه
انڊيا کي فتح ڪيو ۽ گُپتا جي زور ۽ طاقت کي نيست ۽
نابود ڪري ڇڏيو (495ع). جيئن ته قباد جي حڪمرانيءَ
(531-487ع) دوران فارس اندروني طور ڪمزورين جو
شڪار رهيو، تنھنڪري قوي امڪان آهي ته سنڌ ان دور ۾
’ڀورن هُنن‘ جي حڪمرانيءَ هيٺ اچي ويئي هجي.
نوشيروان بادشاهه لقب (خسرو) جي حڪومت ۾
(599-531ع) سنڌ ۽ هندستان جا ٻيا علائقا ساساني
شھنشاهت جو حصو بڻجي ويا.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
ڪتاب: ”سنڌ جي تاريخ“ (تحقيقي مقالا)
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ريسرچ فائونڊيشن،
حيدرآباد 2017ع، ص 48-49-50 تان کنيل |