تحقيق
سنڌ جو ماقبل تاريخي دور
سنڌوماٿريءَ جي تھذيب، تاريخ جي گهڻي آڳاٽي دور ۾
ملندڙ قديم آثارن موجب تمام ڏورانھين ماضيءَ جي
آبادي آهي. هن عظيم تھذيب (1800-2000 قبل مسيح)
کان پوءِ اوائلي تاريخ جنھن ۾ ديومالائي جئدرٿ (سن
12-13هين صدي ق.م) جي ڪھاڻي ملي ٿي، وچ ۾ هڪ هزار
سالن کان به وڌيڪ عرصي جي وڇوٽي آهي.
سنڌ جي آڳاٽي تاريخ، ايران سان لاڳاپن سان شروع
ٿئي ٿي، دارا اول (515-520ق.م) سنڌ تي چڙهائي ڪئي،
جنھن جي نتيجي ۾ سنڌ کي فارس جي شھنشاهت سان ملايو
ويو، لڳ ڀڳ ٻن صدين کان پوءِ سڪندراعظم سنڌ کي
تاراج ڪيو ۽ سنڌوماٿريءَ مان طوفان وانگر گذري
ويندڙ فوج (235-326ق.م) جي احوال کي يونان جي
مؤرخن بيان ڪيو آهي. سڪندراعظم ڪھڙي رستي کان اڳتي
وڌيو، اهو هڪ اهڙو معمو آهي، جنھن بابت جديد محققن
جا ايترا ته گهڻا ۽ مختلف رايا آهن، جن بابت ڪھڙو
به اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
سڪندر جي سنڌ خلاف مھم جوئي جي خاص ڳالھه هيءَ آهي
ته هي ملڪ کيس دشمن جي روپ ۾ نظر آيو جتي کيس سخت
مخالفت جو منھن ڏسڻو پيو. ملتان ۾ زخمي ٿيڻ جو
بدلو يوناني فوجين جي ترارن سنڌوماٿريءَ ۾ قتلِ
عام جي صورت ۾ انتقام ورتو. بھرحال هن ڪيترا
معاهدا به ڪيا ۽ اهم ۽ وڏن شھرن ۾ فوجي ڇانوڻيون
به قائم ڪيون. اڄ ڏينھن تائين سيوهڻ جي شھر جي
بنياد کي سڪندراعظم ڏانھن منسوب ڪيو ويو آهي،
حالانڪ ان ڳالھه جو قوي امڪان آهي ته اهو شھر
سڪندر کان اڳ سٿين قوم جي وسنديءَ طور قائم ٿيو
هو. هن لاءِ اهو به چيو ويو آهي، ته هن هيٺئين
سنڌو دوآبي ۾ پڻ هڪ شھر جو بنياد رکيو هو، جتان هو
موجوده لسٻيلي ۽ مڪران جي علائقن مان گذرندي اڳتي
وڌيو هو.
سنڌ ۾ يونان جو اثر سڪندر جي جانشين سليوڪاس نڪاتر
جي سياسي معتبريءَ سبب رهيو، جنھن شام جي بادشاهت
جو بنياد، ان وقت رکيو (305 ق.م) جڏهن هندستان ۾
هُن پنھنجي سڄي ملڪيت پنھنجي ڌيءُ کي ڏاج ۾ ڏئي
ڇڏي جنھن جو سڱ هن موريا خاندان جي بادشاهه سئنڊرا
ڪيوٽس چندرا گُپتا کي ڏنو هو.
هڪ سؤ سالن کان ڪجهه گهٽ عرصي جي وقفي کان پوءِ،
جنھن ۾ شايد سنڌ جي حڪمرانن موريا حاڪمن جي
تابعداري ڪئي هوندي، يوناني باخترين سنڌ جي اُتر
وارن علائقن کي ٻيھر فتح ڪرڻ سان سنڌ يونان جي
حڪومت جو (195ق.م) ۾ حصو ٿي ويئي، ڇو ته ڪابل،
پنجاب ۽ سنڌ اندر يوناني بادشاهه مينندر جا سڪا
موئن جي دڙي جي کوٽائيءَ مان (155ق.م) هٿ آيا آهن.
هن کان پوءِ سنڌ کي ساڪن يا سٿين ۽ ڪُشانن فتح ڪيو
(120- 200ق.م) سٿين تھذيب جا آثار جيڪي ڀنڀور
(ديبل جو پراڻو بندر) مان هٿ آيا آهن، انھن مان
ظاهر ٿو ٿئي ته اُهي گهڻو اڳتي وڌي ڏکڻ سنڌ تائين
پھچي چڪا هئا. سٿين توڙي ڪُشن ٻنھي قومن جو بُڻ
بڻياد ترڪن منجهان هو ۽ اُنهن جي فتح سان سنڌ ۾ پڻ
ترڪ ثقافت ۽ روايت جو بنياد پيو. ان کان پوءِ ڪُشن
جو شھنشاهه ڪَنشڪا، مھايانا ٻُڌمت جو اڳواڻ بنجي
ويو ۽ اهو مذهب، سنڌ ۾ 100ق.م کان 100ع تائين
ڦھلجي ويو. ڪنشڪا جي ٽئين جانشين واسوديوا اُتر
سنڌ ۽ سنڌونديءَ جي ڪجهه علائقن تي حڪمراني ڪئي.
سندس دور جا سِڪا پڻ موئن جي دڙي مان هٿ آيا آهن.
ترڪن جي اثر رسوخ کي پارٿي بادشاهن هٿان گهڻي مدد
ملي
(50-200AD).
پارٿين بادشاهه گونڊافئنَس 47ع ۽ سندس جانشين جا
سِڪا سيستان، قنڌار ۽ سنڌ مان لڌا ويا آهن.
ايپٿلائيٽس ۽ ڀُورن هُنن
(Huns)
(4 ۽ 5 صديون، عيسوي) جي حڪمرانيءَ هيٺ ترڪن جو
اثر ۽ دٻدٻو اڃان وڌيڪ مضبوط ٿيو. ’ڀُورن هنن‘ جي
حڪمرانيءَ ۾ ٻُڌ ڌرم کي گهڻو ڇيھو رسيو. برهمڻ مت
مٿين طبقن ۾ مقبول ٿيندي ويئي، توڙي جو ماڻھن جي
گهڻائي اڃان تائين ٻُڌ ڌرم ڏانھن مائل رهي.
ٽين صدي عيسوي جي وچ ڌاري فارسي ۾ ساسانين جي زور
وٺڻ سان سنڌ، فارس جي شھنشاهت هيٺ اچي ويئي. ليڪن
جڏهن فارسي جي حڪمرانن جو زور ۽ دٻدٻو گهٽجڻ لڳو
ته اهڙي وقت ۾ پارٿين، ’ڀورن هُنن‘
(Huns)
۽ هندستان جي مقامي حڪمرانن کي سنڌوءَ جي علائقن
تي پنھنجن قدمن ڄمائڻ جو موقعو مليو. شھنشاهه
فيروز جي موت تي (531-459ع) ’هنن‘ اُتر- اولھه
انڊيا کي فتح ڪيو ۽ گُپتا جي زور ۽ طاقت کي نيست ۽
نابود ڪري ڇڏيو (495ع). جيئن ته قباد جي حڪمرانيءَ
(531-487ع) دوران فارس اندروني طور ڪمزورين جو
شڪار رهيو، تنھنڪري قوي امڪان آهي ته سنڌ ان دور ۾
’ڀورن هُنن‘ جي حڪمرانيءَ هيٺ اچي ويئي هجي.
نوشيروان بادشاهه لقب (خسرو) جي حڪومت ۾
(599-531ع) سنڌ ۽ هندستان جا ٻيا علائقا ساساني
شھنشاهت جو حصو بڻجي ويا.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
ڪتاب: ”سنڌ جي تاريخ“ (تحقيقي مقالا)
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ريسرچ فائونڊيشن،
عزيز ڪنگراڻي

بارشن جو روڳ
سانوڻ جي موسم موج ۾ آئي ته بڊرو اچي ڀرجهلو ٿيس.
مينھوڳي ۾ سڄو تر سڄي سنڌ جھڙوڪر ٻُڏي چڪِي هئي.
رات جو وقت هو. بادلن سڄو اُڀ ڍڪي ڇڏيو هو ۽ چوطرف
اونداهيءَ جو راڄ هو. هٿ نه لھي هٿ کي. پير نه لهي
پير! آسمان تي ڊوڙندڙ ڪڪرن ۾ گوڙ گجگوڙ ۽ وِڄُن جي
وراڪن رات جي خاموشي ۾ ڏار وجهڻ شروع ڪيا هئا.
ڪنھن مهل کنوڻ جي چمڪاٽ ۾ ڳوٺ کي گهيريل پاڻيءَ جي
ڇر ئي ڇر نظر اچڻ لڳي هئي. خوف ۽ هراس جي ازدها
ڳوٺ مٿان لامارا ڏيندي ڳوٺاڻن جو ساھه مُٺ ۾ ڪري
ڇڏيو هو. رضيه پنھنجي گهر جي آڳر ۾ کٽ تي ويٺل
هئي. سندس ابھم پٽ منصور کي ٿڃ ڏئي ماٺ ڪرائي ڇڏي
هئائين.
رضيه جنھن وقت کان ٻُڌو هو ته ڳوٺ جي ڀر واري سم
نالي ۾ وڏو چاڙھه آهي ۽ حڪومت اعلان ڪيو هو ته بند
کي ڪنھن وقت به ڪٿان به گهارو لڳي سگهي ٿو،
تنھنڪري ڀر وارن ڳوٺن وارا ماڻھو محفوظ هنڌ لڏپلاڻ
ڪن. بند ٽُٽڻ سان ڪنھن به وقت ٻوڏ اچي سگهي ٿي.
رضيه کي 2010ع ۽ 2022ع واريون ٻوڏون ياد اچي ويون
هيون ته چڪرائجي وئي هئي. سندس سوچن ۾ طوفان برپا
ٿي ويو هو. سندس ذهن ۾ ٻوڏ جي خوف جون خاردار
تارون وڇائجي ويون هيون. ائين ٿي محسوس ڪيائين، ڄڻ
سوچون زخمي ٿي پيون هجنس. ذهن رتو رت ڀانيائين ٿي.
ڄڻ رت وات ۽ نڙيءَ ۾ لهي آيو هئس. ان ڪيفيت ۾ پٽ
منصور کي ويتر ٻانھن ۾ ڀڪوڙي ڇڏيو هئائين، ڄڻ کيس
وڌيڪ محفوظ ڪرڻ لڳي هئي.
بجلي غائب هئي. گهر جي جاري تي ٻرندڙ لالٽين جي
هلڪي روشني آڳر تي به ڦهليل هئي. رضيه گهر جي آڳر
۾ سندس ڀرسان پيل ٻِي کٽ تي بي پرواھ سُتل سُھري
بخشل تي نظر وڌي هئي ته سندس سوچ روح کي رندي جيان
رهڙي وئي هئي. سوچيندي ذهن ڏُکڻ لڳو هئس. هڪ طرف
مِينھَن اچڻ جو خوف ۽ ٻِئي طرف بند ٽٽڻ جو ڊپ!
سوچي ٿي ته رات جي وقت بند ٽُٽو ته ڇا ٿيندو؟ ڪيئن
۽ ڪيڏانھن نڪربو؟ منصور جو پيءُ اسلام آباد ۾
نوڪريءَ جي زنجير ۾ جڪڙيل.
کيس چيو به هئم ته اسان کي وٺي هل ته گڏ رهون. گهر
۾ ماڻھو گهڻا؟ پر مون کي ليکيائين ڪونه. چاچي بخشل
کي چيم به ته منصور جي پيءُ کي فون ڪري گهرائي ته
موڪل ڪري اچي، پر ٻُڌِي اڻ ٻُڌِي ڪري ڇڏيائين.
جيڪڏهن هن وقت ٻوڏ آئي ته چاچو پوڙهو ماڻھو ڇا ڪري
سگهندو؟ مان ترڻ نه ڄاڻان، منصور ابھم. چاچو
منھنجي ڪندو، پنھنجي ڪندو يا منصور جي! ٿڌو ساھه
کڻندي خودڪلامي ۾ ڀڻڪي هئي.
”پروردگار تون پناھه ۾ رکجان!“
جيئن ئي ڀڻڪِي چيو هئائين ته گوڙ گجگوڙ سان زوردار
بارش شروع ٿي وئي هئي. بخشل جاڳندي چيو هئس:
”وارو ڪر رضيه کٽون اندر ڪر.“
”جيءُ چاچا... منصور کي وٺ ته کٽون اندر ڪيان.“
منصور، بخشل کي ڏيندي چيو هئائين ۽ کٽون اندر ڪرڻ
لڳي هئي. کٽون اندر ڪري بخشل کان منصور وٺي بخشل
جي سامھون ويٺي هئي. منصور کي ٿڃ ڏئي ماٺ ڪرائي
چيو هئائين:
”ڇِتِ ٽِمي ٿي چاچا.“
”ڇت جو ڪھڙو ڏوھه؟ بارشون به ته ظلم جون پيون آهن.
حياتي ۾ اهڙيون بارشون نه ڏٺم. زحمت بڻجي ويون آهن
الله رحم ڪري.“ بخشل پريشانيءَ ۾ وراڻيو هو.
”چاچا؟“
”جيءُ.“
”اسان ڪاڇي ڪنڌي وارا ماڻھو اڪثر گهر هيٺ ۽
قبرستان مٿي ڇو ٺاهيندا آهيون؟“
”ڪھڙيون ڳالھيون ٿي ڪرين رضيه؟ رب کي ياد ڪر، آفت
ٽري. همت نه هار دلجاءِ ڪر.“ بخشل آٿت ڏني هئس.
”گهر هيٺ. مينهن بيهڻ جو نالو نه ٿو وٺي! بند ٽُٽڻ
جو الڳ خطرو. ڇا ٿيندو!“
”چيم نه ته رب کي ٻاڏاءِ مصيبت ٽري.“
”مون کي خوف ٿو ٿئي چاچا ته بارشون روڳ نه بڻجي
وڃن. منھنجي ڳالھه نه مڃيئي!“ رضيه چئي لڙڪ اُگهڻ
لڳي هئي.
”ڪھڙي ڳالھه نه مڃيم؟“ بخشل سواليه نشان بڻجي پڇيو
هئس.
”توکي چيم به ته شام جو نڪري هلون. اسان هڪٻئي جي
ڇو نه مڃيندا آهيون؟“
”سُڪِي پَڪي تي نڪرون؟ مايوسي ڪُفر آهي.“
”مڃان ٿي چاچا پر
چوندا آهن، سر بچائڻ به سُنت آهي. منھنجو منصور...
چوندي چَپَ ڀڪوڙي درد تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪئي
هئائين.
”وهلور نه وڃ ڌيءَ... سڄو ڳوٺ ويٺو آهي. گهر جي به
جاچ ڪرڻي آهي.“
”چاچا! گهر ٻيھر جڙي پوندا آهن، پر حياتي ٻيھر نه
ملندي آهي.“
”الله پناھ ڏيندو. صبح ٿيندي ئي هليا هلنداسين. بس
نه!“ بخشل خاطري ڪرائيندي چيو هئس.
”صبح جو موقعو ئي نه ملي ته پوءِ!“
”تون پڪ ڪيو ويٺي آهين. هوش ڌار. وائي سڻائي ڪر.
الله عظيم آ. وسوسا ڇڏ ڪريم آ رب.“
”الله بيشڪ عظيم آ چاچا“ رضيه اهو چئي ڊگهو ساھ
کنيو هو، ته سينو چيرجندي ڀانيو هئائين.
”فجر ٿيندي نڪري هلنداسين. اطمينان ڪر.“
”هيءُ ڌماڪو ڇاجو ٿيو؟ ڳوٺ ۾ شور ڇا جو آهي چاچا؟“
”ٻاهر نڪري ڏسان ٿو.“ بخشل چئي وڃڻ لڳو هو ته رضيه
چيو هئس:
”ڌيان سان چاچا مينھن آ ڪٿي پير نه تِرڪي وڃئي.“
”الڪو نه ڪر ڌيءَ“ بخشل چئي اڃا ٿلھي تي پھتو هو
ته ايندي ئي رڙ ڪئي هئائين.
”رضيه پنھنجو ڪوٽ ڪري پيو. پاڻي ٿلھي تي چڙهي آيو
آهي. شايد بند ٽُٽو آ. پاڻي ڳوٺ کي گهيري ويو آهي.
ڳوٺ وارا نڪرن پيا.“ بخشل چوندي اندر آيو هو.
”رضيه! ٻوڏ اچي وئي آهي نڪر ته نڪرون.“
”ڇا؟ پوءِ هيءُ گهر؟“ رضيه وائڙپ ۾ چيو هو ۽ منصور
کي سيني سان لڳايو هو.
”وائڙي نه ٿيءُ، پل به قيمتي سمجھه مون کي ڏي
منصور!“
”چاچا مٿان مينهن هيٺ ٻوڏ ڪيئن نڪربو؟“
”بحث ڇڏ اچ مسجد واري پاسي کان بند ڏي نڪرون.“
بخشل کانئس منصور وٺندي ڪلھي تي ويھاري ٻاهر نڪرڻ
لڳو هو، ته سندس ڪڍ رضيه به نڪتي هئي.
ٻاهر آيا هئا. پاڻي فوٽن جا فوٽ چڙهڻ لڳو هو.
”چاچا مان تارُو ناهيان. هيءُ بارشن جو روڳ لوڙهي
ويندو.“ رضيه خوف ۾ چيو هو ته بخشل سندس هٿ پڪڙي
چيو هو:
”الله ساڻي ٿيندو! همت ڪر. منھنجو سهارو وٺ پاڻي
چيلھه کان مٿي نه ٿو لڳي.“
رضيه اداسي ۾ لوڻو ڦيري گهر ڏانھن نھاري، بخشل جو
هٿ پڪڙيو هو. ٻئي پاڻي ۾ لھي پيا هئا. ڪجهه وقت
جهاڳڻ کانپوءِ پاڻيءَ جو وهڪرو درياھه بڻجي ويو
هو. ڄڻ درياهي سِير ۾ داخل ٿي ويا هئا. معصوم
منصور جون دانهون اُڀ سان گڏ رضيه جو سينو چِيرڻ
لڳيون هيون.
”پاڻي وڌندو ٿو وڃي، رضيه هٿ مضبوطي سان پڪڙ.“
بخشل پريشاني ۾ چيو هوس ته رضيه چيو هئس:
”چاچا منھنجو منصور بچاءِ منھنجو خير آ.“
۽ پوءِ پاڻي کين ڳچيءَ تائين پهتو هو. بخشل منصور
کي ڪنڌ تي ويھاري ترڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. لوڏو آيو
هئس، ته منصور سندس ڪنڌ کان کسڪڻ ڪري دانھون ڪرڻ
لڳو. پاڻي تارون تار ٿيندو پئي ويو. ذري گهٽ رضيه
کان به هٿ ڇڏائجي ويو هئس. منصور کي سوگهو ڪندي
پاڻي کي چيريندي وڌي رهيا هئا.
بخشل کي لُڙهي لھواري ٿيڻ جو خوف وڪوڙي ويو هو.
غلطي جو احساس ٿي رهيو هو ته ”حڪومت جي اعلان تي
عمل نه ڪرڻ سبب مصيبت ڪڙڪي آهي“ رضيه غوطا کائيندي
ٿڙي ٿاٻڙي هئي. جڏهن بخشل کي سامھون بند نظر آيو
هو ته ھڪل ڪندي چيو هئائين، ”همت ڪر رضيه بند
سامھون آهي. ڄاڻ پھتاسين“.
رضيه رڙ ڪري چيو هو، ”چيو هئم نه چاچا، ته بارشن
جو روڳ لوڙهي ويندو“ سندس ڪوُڪُون پاڻيءَ ۾ پڙاڏو
بڻجي ڦھلجڻ لڳيون هيون. منصور جي ڪُوڪُن تي ڄڻ
لھرون به ٿرٿلي ۾ اچي ويون هيون. اڀ ۾ ڏارون پوڻ
لڳيون هيون، سندس ڳوڙها پاڻي ۾ ڪري جذب ٿيڻ لڳا
هئا. مٿان بارش نه، ڄڻ آسمان سندن حالت زار تي
روئي رهيو هو.
ٻئي لھرن جي ڇوھه ۾ لڙهِي لھواري ٿيڻ کان بچڻ جي
ڪوشش
ڪندي وڌي رهيا هئا. پاڻيءَ جو تيز وهڪرو آيو
ته رضيه ڪُوڪندي، رڙندي وڌندي چيو هو، ”او رب!
بارشن جو هيءُ روڳ دشمن کي به نه ڏيکارجان. منصور
۽ چاچي بخشل کي سلامت رک منھنجا مالڪ“. پاڻي جي
ڇوھه جو اتو پتو نه هو. وهڪرو کين لوڙهڻ جو زور
لڳائي رهيو هو ۽ هي ٻئي بند ڏانھن زور لڳائي وڌي
رهيا هئا ۽ فضا کي منصور جي راڙ چيري رهي هئي!
محمد علي پٺاڻ

پيٽُ....!
ڪاڇي جو منھنجو محقق دوست منظور مون کي ڪاڇو
گهمائڻ ٿي ھليو. سفر ڊگهو ھو. ھڪ ھنڌ ڄنگهون ساھڻ
جي ارادي سان فور ويل کي بريڪ ڏئي ويراني ۾ ھڪ ٻٻر
جي ڇانوَ ۾ بيھاري ھيٺ لٿو. مان به آڏو واري سيٽ
ڇڏي لٿس.
سگريٽ دکائيندي چيائين، ”منھنجو ڳوٺ ھاڻي گهڻو پري
ناهي. بس، وڌ ۾ وڌ ويھه منٽ کن لڳندا.“
پوءِ اچانڪ پندرهن سورھن گڏھن سان سئو ڏيڍ قدمن جي
فاصلي تان ايندڙ ھڪ ننڍي عمر جي موچارن ڪپڙن ۽ مٿي
تي رکيل پوتيءَ سان حسين عورت ڏانھن اشارو ڪندي
چيائين، ”ھيءَ ڇوڪري ته ڏس، ڪيڏي نه خوبصورت آ.“
مون به سندس راءِ سان سھمت ٿيندي وراڻيو، ”واقعي،
محلات ۾ رھڻ جھڙي راڻي آ، بس مقدر ٿس. مالڪ جي
مرضي. ڪنھن کي ڪاٿي وسائي، ته ڪنھن کي ڪاٿي.“
”ھن ويچاريءَ جو مقدر زوريءَ ائين بڻايو ويو.“
منظور چھري تي افسوس جي تاثر سان چيو.
”ڪيئن ڀلا، تون سڃاڻينس ڇا؟!“
”تَــــرَ راڄ جي آ، مڙسھنس سان عليڪ سليڪ آ.
شاديءَ ۾ به ويو ھومانس. ھيءَ ڪراچيءَ جي ڪنھن
يونيورسٽيءَ جي پڙھيل آ.“
”ھان!“ مون کان دانھن نڪري وئي.
”ھا...“ منظور ٻڌائڻ لڳو، ”چاچھنسِ کي اولاد نه
ٿي. ان جي پيٽ ڪري ڏيڻ جي معاھدي جي پورائي لاءِ
ھن جي گهر ٿي. پيءُ مجبور ٿي ڏني.“
”ابوءِ...“ مان روح تائين ڪنبي ويس.
”نه ڏئي ھا نه، ته ان جي ڪٽنب جي ھر فرد کي ٻارن
تائين ڪُٺو وڃي ھا ۽ ھتي اوسي پاسي ۾ به سندس ڪو
مٽ مائٽ سلامت نه ھُجي ھا. ايڏا رھزن آھن سندس
ساھرا. منظور ڊگهو ۽ ڏک ڀريو ساھُه کڻندي ڳالھه
جاري رکي، ”تڏهن ته سندس چھرو مرڪڻ کان وانجهيل ۽
روئڻھارڪو رھندو آ ۽ ھاڻي به ڏِسيسِ ته ڄڻ ڳوڙها
پيئندي گڏھن کي اڳيان ڪري وڃي پئي...!“
ليکڪ: هيڪل هاشمي
سنڌيڪار : آڪاش مغل

ڪورونا کان پوءِ...!؟
عبدل ته اصل خوشيءَ ۾ ئي نه پيو ماپي. هن ڀيري عيد
تي ٻارن لاءِ نون ڪپڙن ۽ بوٽن سان گڏ، هن پنھنجي
زال لاءِ هڪ خوبصورت ڳاڙهي رنگ جي ساڙهي، چوڙيون،
سرخي، پائوڊر ۽ ڪجل به خريد ڪيو، جڏهن ته پنھنجي
پيءُ ماءُ کي به مناسب رقم موڪلي ڇڏي آهي. هو وڏي
عرصي کانپوءِ سڀني کي خوش ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي.
هن جو ڪم گذريل هڪ سال کان تمام زبردست هلي رهيو
آهي، ڪم جي مصروفيت سبب کيس آرام جو وقت نه ٿو
ملي، پر هو پنهنجي آمدنيءَ ۾ واڌ تي ڏاڍو خوش آهي.
عبدل گورڪن هڪ طرف ته ڏاڍو خوش آهي پر ٻئي طرف هن
جي ذهن ۾ خوف جا نانگ به ڪَرُ کَڻَي بيٺا آهن، ته
جيڪڏهن ڪرونا ختم ٿي وئي ته پوءِ...!؟
(ڪورونا جي دور ۾ لکيل ڪھاڻي)
 |