

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
مترجم: پروفيسر ڊاڪٽر انور فگار هَڪڙو
سنڌ
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سونھاري سنڌ جو منفرد،
مدبر، عالم، اديب ۽ محقق هو. جنھن جي علمي ۽
تحقيقي قابليت جون جوتيون ڏيھه پرڏيھه ۾ جاڳنديون
رهنديون. انھن جو سھائو صدين پڄاڻان پيو سوايو
ٿيندو رهندو. سندس سرير ۾ سنڌ ۽ سنڌي زبان لاءِ جا
سرت ڀري سڪ هئي، تنھن جون جيئريون جاڳنديون
شاهديون جت ڪٿ جاودان آهن. سنڌي لسانيات ڏانھن
سندس ڳوڙهو ڌيان ۽ گيان حاصل رهيو. اهو ذوق ڪنھن
هڪ ملڪ يا زبان جي پڙهڻ يا پرکڻ تائين محدود ڪونه
هو، پر ساڄي کان لکت ۾ ايندڙ توڙي کاٻي کان تحرير
ٿيندڙ زبانن جي تقابلي اڀياس ۽ نتيجن اخذ ڪرڻ
تائين محور ۽ مرڪز رهيون. اهڙي تقابلي مطالعي سان
ئي ٻين زبانن کان سواءِ سنڌي زبان جا رخ روشن ٿي
آڏو ايندا رهيا. اهڙي ڳوڙهي اڀياس کي پاڻ ”علمن جو
عالمانه مطالعو“ جي لفظن سان واضح ڪيائين. اهڙيءَ
طرح سنڌي ٻوليءَ لاءِ جن ڪتابن کيس گهڻو متوجهه
ڪيو، انھن ۾ ابن نديم جي مشھور ڪتاب ”ڪتاب
الفهرست“ ۽ ابو ريحان البيروني جي تصنيف ”ڪتاب
الھند“ جي سراغ رساني ٿئي ٿي. علمن جي عالمانه
مطالعي جو اولين نتيجو سن 1950ع ۾ ڏسجي ٿو، جو پاڻ
لاڙڪاڻي ۾ منعقد ٿيل (22، 23 آڪٽوبر 1950ع) ڏهين
ادبي ڪانفرنس ۾ ”سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ“ جي
عنوان هيٺ مقالو پڙهيو، جنھن جو متن حاشين کان
سواءِ ڪانفرنس جي ڪاروائي ”تحفھ لاڙڪاڻه“ ۾ ڇپيو.
بعد ۾ اهو سوڌي ٽه ماهي ’مھراڻ‘ 2/1956ع ۾ ڇپايو.
۽ ان جو عنوان ”سنڌي ٻولي ان جو ماضي، حال،
مستقبل“ قائم ڪيو ويو. مقالي جي مٿان ”سورهين سنڌي
ادبي ڪانفرنس لاڙڪاڻه (9 اپريل 1956ع) ۾ پڙهيل
صدارتي خطبو“ ڄاڻايل آهي. اهو صدارتي خطبو بيشڪ هر
لحاظ کان اهڙو سدا حيات سرمايو آهي، جنھن کي سنڌي
زبان، ادب ۽ تحقيق ۾ ”مثالي فڪري خطاب“ قرار ڏئي
سگهجي ٿو. ان خطاب ۾ سنڌي زبان بابت اهو پيش ڪيو
ويو آهي، ته ”سنڌي ٻولي پاڪستان جو بهترين سرمايو
آهي.“ ”علم اللغة“ جي لحاظ کان سنڌي ٻولي نه صرف
پاڪستان جي قديم ٻولي آهي، بلڪ سڄي پاڪ ۽ هند جي
قديم ترين ٻولين مان آهي. ڇاڪاڻ ته ڀارت جي
ڪلاسيڪي ٻولي ”سنسڪرت“ جي وڏي ڀيڻ آهي. بين
الاقوامي لحاظ کان پڻ پاڪستان سنڌي ٻوليءَ تي فخر
محسوس ڪري سگهي ٿو.، ڇاڪاڻ ته هڪ ته دنيا جي قديم
دريائي تمدن مثلاً: مصري، بابلي ۽ عراقي تمدن جي
ساٿي ”سنڌو تمدن“ جي ٻولي آهي ۽ ٻيو ته هي دنيا جي
واحد زبان آهي، جا تاريخ خواهه لغت جي اعتبار کان
آريائي توڙي سامي خوبين جي پيداوار ۽ علمبردار
آهي.“
فطرت جي سوانح نگار ۽ انسانيت جي علم بردار جلال
الدين رومي فطرت جي هن معجزي کان متاثر ٿي چيو
آهي ته
هر کسي را اصطلاحي دايره ايم هر کسي را
سيرتي بنهاده ايم
هنديان را اصطلاح هنــــد مدح سنديان
را اصطلاح سند مدح
(يعني ته هر ڪنھن کي پنھنجي جدا ٻولي مليل آهي، هر
ڪنھن جي هڪ جدا طرز زندگي آهي، هند وارن کي هند جي
ٻولي جڳائي ۽ سنڌ وارن کي سنڌ جي ٻولي سونهي.)
ڊاڪٽر بلوچ سنڌي زبان جي تحقيق ڏانھن ڌيان ڌريندي
اهو واضح ڪيو ته ”سنڌي ٻوليءَ بابت تاريخي تحقيق
اڄ ڏينھن تائين ڪنھن تسلي بخش پايي تي نه پھتي
آهي. ان تحقيق جا ڪم از ڪم ٻه پھلو آهن“ پهريون
سنڌي ٻوليءَ جي تاريخي ارتقا جو جائزو ۽ ٻيو
ٻوليءَ جي اندروني ساخت ۽ سٽاء (صرف، نحو، صوتيات،
لغت ۽ محاورن) جو مطالعو“ انھن پھلوئن تي ”علمن جو
عالمانه مطالعو“ ڪندو رهيو. لاڙڪاڻي ۾ منعقد ٿيل
ڏهين ادبي ڪانفرنس (22، 23 آڪٽوبر 1950ع) ۾ شرڪت
کان اڳ سندس سنڌي ٻوليءَ لاءِ اختيار ڪيل عملي
ڪوششن مان اولين تحريرن جي اشاعت ماهوار ”نئين
زندگي“ رسالي جي سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر 1950ع جي رسالن
۾ ٻن قسطن شايع ٿيل آهن. ”سنڌي ٻوليءَ جون سرحدون
۽ ان جو ڪڇي محاورو“ ان کان سواءِ ٽه ماهي ’مھراڻ‘
حيدرآباد ۾ به سنڌي ٻوليءَ بابت هيٺ ڄاڻايل
لکيڻيون ڇپيون:
1. سنڌي ٻولي ان جو ماضي حال مستقبل 2/1956ع
2. سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ (تنقيدي جائزي بابت
وضاحت) 1-2/1960ع-
سن 1962ع جي نومبر ۾ سندس ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جي
مختصر تاريخ“ (قديم دور کان سمن جي حڪومت جي آخر
تائين) پايونير پريس حيدرآباد مان ممتاز مرزا
ڇپائي پڌرو ڪيو. ان ڪتاب ۾ اهو نتيجو نروار ڪيو
ويو ته ”سنڌي ٻولي بنيادي طور سڌو سنئون سنسڪرت
مان نڪتل ناهي، بلڪ سنسڪرت کان اڳ واري دور جي
سنڌو ماٿرجي قديم ٻولي آهي.“
هن ڪتاب جو باب پھريون: ”قديم دور سنڌ جي ٻولي ۽
ٻوليون“ (ستن عنوانن ۽ نتيجن تي ٻڌل آهي)
ٻاب ٻيون: سنڌي ٻوليءَ جي سٽاء وارو بنيادي دور
(500 کان 1050ع) ساڳي ريت ستن عنوانن وارو آهي.
باب ٽيون: سنڌي ٻوليءَ جو تعميري دور: (سومرن جي
حڪومت 1050ع کان 1350ع ستن عنوانن تحت ڏايل).
باب چوٿون: معياري سنڌيءَ جي ارتقاء ۽ سنڌي شعر جي
تاريخ ابتدا (سمن جي حڪومت وارو دور 1350ع کان
1520ع) هن باب جي (الف )۾ پنج عنوان ترتيب هيٺ آيل
آهن. (ب)۾ پڻ پنج عنوان ۽ (ج) ۾ ٻن عنوانن هيٺ
يعني ڪل ٻارنھن عنوان آندل آهن.
سنڌي
ٻوليءَ جي مختصر تاريخ:
سنڌي زبان جي ادبي ۽ لساني تاريخ ۾ پھريون ڀيرو
اهڙو تحقيقي ڪارنامو ثابت ٿيو، جو بنيادي ماخذن،
دستاويزن، ڪتبن ۽ قلمي مسودن ۾ موجود علمن جي
عالمانه مطالعي جي نئين ڏات ۽ ڏانءَ جو لاجواب
مثال آڏو آيو. علمي حلقن ان کي”قابل تعريف ڪارنامو
۽ ادبي دنيا ۾ انقلاب“ قرار ڏنو.
سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ جي شايع ٿيڻ کان پوءِ
ارڙهن سال ساندهه ڊاڪٽر بلوچ سنڌ، سنڌي زبان ۽
سنڌي ادب جي مختلف رخن کي روشن ڪرڻ لاءِ سوچيندو ۽
لوچيندو رهيو. آگسٽ 1980ع ۾ مٿئين ڪتاب کي وڌائي
چئن کان ڇھن بابن تائين آندو، جو ”سنڌي ٻولي ۽ ادب
جي مختصر تاريخ“ جي نالي سان زيب ادبي مرڪز
حيدرآباد پاران ڇپايو ويو. ٽي سؤ ٻارنھن صفحن تي
مشتمل هي ڪتاب ناياب مواد جي اهميت افاديت ۽ ادبي
توڙي لساني مواد جي لحاظ کان تاريخي حيثيت ۾
مٿانھين مقام وارو آهي. هڪ نئون باب سنڌي زبان جي
انفراديت ۽ بين الاقوامي حيثيت جو تسليم ٿيڻ پڻ
قائم ڪيو ويو آهي. تحريري ۽ روايتي ذخيرن کي به
وڏي ڏاهپ، ڏانءَ ۽ سليقي سان قلمبند ڪيل آهي.
سال 1992ع ۾ ڊاڪٽر بلوچ جو هڪ ڪتاب ”سنڌي صورتخطي
۽ خطاطي شايع ٿيو، جنھن ۾ سنڌي زبان ۽ خاص طور
صورتخطي ۽ خطاطي تي نون (9) صفحن جو بھترين مقدمو
لکيو. 169 قلمي خطاطيءَ جون داخلائون درج ڪيون.
اهو پڻ لکيو ويو آهي، ته سنڌ ۾ خطاطيءَ جي فن جي
تاريخ ڪوفي رسم الخط سان شروع ٿي جيڪو پوءِ سنڌي
لاءِ خاص سبب بڻيو. رچرڊ برٽن جي بقول سنڌي ڪاتب
نسخ، نستعليق ۽ شڪسته خط ۾ لکن ٿا.“
سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ جو ٽيون ڇاپو
”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“ جي عنوان سان ڏهن سالن
کان پوءِ پاڪستان اسٽڊي سينٽر، سنڌ يونيورسٽي
ڄامشوري 1990ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. هن ڇاپي ۾ ٻه باب
وڌائي اٺ باب بيھاريا ويا. هي ڇاپو چار سؤ پنجھتر
صفحن جي ضخامت رکي ٿو. هي ڇاپو انگريزن جي دور جي
شروعاتي سالن تائين ارتقاء ۾ آندل آهي. هن ڪتاب جو
چوٿون ڇاپو به 1999ع ۾ ساڳئي اداري اشاعت ۾ آندو.
هن ڇاپي ۾ اٺين باب جي يارنهن اهم عنوانن سان ننڍن
عنوانن ذريعي ذڪر هيٺ آيل تصنيفن جي علمي تدريسي ۽
معياري حيثيت ۽ ڪارج تي شاندار فڪري ۽ فني اُپٽار
ڪيل آهي. اهو متن اٽڪل هڪ سَؤُ پنجن صفحن تي پکڙيل
آهي. ڏهن صفحن تي حوالي طور آيل ڪتابن ۽ مضمونن جي
فھرست ڏنل آهي. اهڙيءَ ريت پنجٽيھن صفحن تي ماڻھن
قومن ۽ ذاتين کان سواءِ ملڪن شھرن ۽ ماڳن جي نالن
جون ڏسڻيون ڏنل آهن. 2009ع ۾ ان ڪتاب جو اردو
ترجمو ”سنڌي زبان و ادب کي تاريخ“ جي نالي سان
شذره سڪندري ڪيو، جو سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو.
ساڍن چئن سؤ صفحن جو اهو ڪتاب وقت جي ضرورت هئي.
هن ترجمي
متعلق:
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، اول سنڌي زبان ۽ پوءِ
سنڌي ٻولي ۽ ادب متعلق لڳاتار اڌ صدي جيڪا ”علمن
جي عالمانه مطالعي“ ۾ صرف ڪئي. تنھن ۾ جدوجهد ۽
جانفشاني ڪندي، جيڪي به تحريرون قلمبند ڪيون، تن
جي اهميت ۽ افاديت موقعي مهل ۽ حالتن پٽاندڙ مڃيل
حقيقتن مطابق انفرادي طور تي وڏي ڌيان ڏيڻ جي لائق
آهن. اهي سڀئي ڪشالا انھن نهرن ۽ دريائن جي مانند
آهن. جن ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“ نالي سمنڊ ۾
اچي ڇوڙ ڪيو. ان سمنڊ جي هر ڪناري ۽ گھرائين مان
جيڪي به موتي ملن ٿا، تن جي جوت انھن جيئڙن ۾
جڳمڳائي جهان پسائي سگهندي، جن ۾ ازلي اوندهه ۽
انڌوڪار نه هوندو. هن ترجمي جو اهم ڊرافٽ ”دائره
معارف“ جي جلد يارنھين ۾ شايع ٿيل آڏو رکيو ويو
آهي، جو 1975ع ۾ اول اشاعت هيٺ آيو. هن ترجمي جي
اهميت ۽ افاديت هر ذي شعور جي سوچ تي مختلف پرتوا
قائم ڪندي ان لاءِ منھنجو ڪجهه چوڻ قبل از وقت
ٿيندو. منھنجي محرڪ جذبي جو سبب رڳو اهو آهي ته:
ما و مجنون هم سبق بوديم در ديوان عشق
(ا ف هه)
سنڌي
سنڌي زبان قديم زماني کان سنڌين جي زبان آهي. اها
صوبي کان ٻاهر بلوچستان جي ضلعن لس ٻيلي، ڪڇي ۽
سبيءَ کان سواءِ پنجاب جي ضلعي رحيم يار خان جي
گهڻن رهاڪن جي زبان آهي.ڀارت جي علائقي ڪڇ ۾ پڻ
اڪثريت سنڌي زبان ڳالھائيندڙن جي آهي. جنھن جو لب
۽ لھجو به ڪڇي آهي.
سنڌي زبان، سنڌو نديءَ جي ڏاکڻي واديءَ ۾ ڄائي ته
”سنڌي“ سڏي وئي. ”سنڌ“ ننڍي کنڊ ۾ هند جي ٻين
علائقن جي نسبت هڪ ٻاهريون ۽ ڏوراهون ديس آهي. ان
لحاظ کان برصغير جي اندروني ۽ داخلي زبانن جي
مقابلي ۾ ٻاهرئين يعني ”بيروني زبان“ ۾ ڳڻي وڃي
ٿي. اها ڳڻپ يا ورهاست لساني لحاظ کان نه پر رڳو
جاگرافيائي آهي.
تاريخ
کان اڳ جو دؤر:
سنڌ جي سر زمين جي ثقافتي مرڪز موئن جي دڙي کي
پنھنجي ترقي يافته زبان هئي، جا صوري لکت ۾ لکبي
هئي. موئن جي دڙي مان مليل مھرن جي اڀياس مان
ڄاڻجي ٿو ته صوري لکت(1) اٽڪل 484 نشانين ۽ 63
انگن تي ٻڌل هو. (احمد حسن داني (Indian
Paleography)
ص 19) اهڙيون مھرون موئن جي دڙي جي تھذيبي علائقن
کان ٻاهر ڪن ڀارتي علائقن ۽ عراق جي کنڊرن مان پڻ
هٿ لڳيون آهن. جيستائين اها لکت پڙهي نه ٿي سگهجي،
تيستائين ان ڪُهني زبان لاءِ ڪا راءِ قائم ڪرڻ ڏکي
آهي. ان سلسلي ۾ هيٺيون فرضي ڳالهيون آڏو آيون
آهن:
اول اهو ته دجله، فرات ۽ سنڌ جو ن تھذيبوب هڪ ٻئي
کي ويجهيون هيون ۽ انھن دريائي تمدنن ۾ جي ڪو رشتو
يا لاڳاپو موجود هيو، ته موئن جي دڙي جي قديم زبان
۽ سميري ۽ بابلي زبانن ۾ به هڪ رشتو يا لاڳاپو هئڻ
کپي. سميري بابل جي هٿ لڳل ڪجهه لکتون پڙهجي چڪيون
آهن. جن ۾ هڪ لفظ ”ادا“ يا ”دادا“ ملي ٿو. هن وقت
لفظ ادا سنڌي زبان ۾ رائج آهي ۽ ڀاءُ جي معنى ۾ ڪم
اچي ٿو. ٿي سگهي ٿو ته موئن جي دڙي سمير ۽ بابل
جون قديم زبانون ڪنھن هڪ (سامي؟؟) سلسلي سان منسلڪ
هجن.
ٻيو مفروضو اهو آهي، ته موئن جي دڙي جي تھذيب
آريائي تھذيب کان آڳاٽي آهي. ان لحاظ کان اها
دراوڙي تھذيب ئي ٿي سگهي ٿي. ان ڪري موئن جي دڙي
جي زبان به دراوڙي هئڻ کپي. آرين جو اچڻ (1200 کان
1500 قبل مسيح ) کان اڳ پاڪستاني علائقن ۾ دراوڙي
۽ منڊا زبانن جو رائج هجڻ ممڪن معلوم ٿئي ٿو.سنڌ
سان ويجهو ۽ لاڳاپيل علائقن ۾ دراوڙي سلسلي جي
زبان بروهڪيءَ جي موجودگي ان جي تائيد ٿئي ٿي. ان
مفروضي جي بنياد تي چئي سگهجي ٿو ته آريائي دور ۾
سنڌ جي پنھنجي ڏيھي زبان يا زبانون هيون. جن تي
ڀروارين زبانن جا اثرات پيا هجن. ان گمان تحت ئي
جارج شرٽ 1878ع ۾ موجوده سنڌي زبان ۾ دراوڙي عنصر
جي کوج ڪرڻ جا جتن ڪندي هڪ مقالو لکيو(2). ان
مقالي يا ڪن ٻين تحريرن ۾ جيڪي دليل ڏنا، سي ايترا
پُختا ناهن، جن جي ڪري دراوڙي لغات جي سرمائي کي
اڄوڪي سنڌي زبان جو بنياد قرار ڏئي سگهجي. باقي
ٻين پاڙيسري زبانن وانگر سنڌيءَ ۾ دراوڙي الفاظ به
ملن ٿا جي قديم دور جي لساني لاڳاپن جا يادگار
آهن.
ٽيون
مفروضو:
جنھن کي گذريل صديءَ ۾ مغربي مصنفن هوا ڏني ته
برصغير هند جي ٻين زبانن وانگر سنڌي به سنسڪرت مان
نڪتي آهي. پوءِ سينارٽ (Senart)
۽ پيشل(3) (R.
Pishel)
۽ ٻين محققن ان نظريي جي ترديد ڪئي ۽ علمي طور تي
ثابت ڪيو، ته رڳو سنسڪرت ملڪ جي عوامي پراڪرتن جو
سرچشمو هئي، نه برصغير جي موجوده عوامي زبانون
سنسڪرت مان ڦٽي نڪتيون. سنسڪرت، پراڪرت ۽ اپڀرنش
سلسلي سان ڳنڍيل نظريي جي مطابق، موجوده سنڌي زبان
کي وراچڊ اپڀرنش مان نڪتل مڃيو ويو آهي. اهو نظريو
وضاحت ۽ تشريح طلب آهي. سنسڪرت سان ويجهڙائيءَ جو
معيار قرار ڏئي، اپڀرنش ان زبان کي سڏيو ويو آهي.
ننڍي کنڊ ۾ ٻين رائج زبانن جي برعڪس سنڌي سرس
بگڙيل هئي، ان ڪري ان کي اپڀرنش مان اخذ ڪيل تصور
ڪيو ويو. پراڪرت وياڪرڻ جي مصنف مار ڪنڊيه اپڀرنش
جا ٽي قسم بيان ڪيا آهن. ادناگر جا سڀ کان گهڻي ۽
خاص آهي. 2. ناگر کان نڪتل وراچڊ، جا سنڌو ديش ۾
ڄائي (سنڌو ديش ڀوو وراچڊ اپڀرنش) ۽ 3. اُپ ناگر
جا ناگر ۽ وراچڊ جي جڙڻ سان ڄائي.
مختلف مؤلفن اُپڀرنش جي وصف يا تعريف مختلف طريقن
سان ڪئي آهي. جن ۾ وڏو تضاد ملي ٿو. اپڀرنش کي
انھن علائقن جي زبانن سان تعبير ڪري سگهجي ٿو، جي
سنسڪرت کان اعتبار جوڳي ويجهڙائپ کان به ڏور
رهيون. دراصل اهي عوامي ٻوليون هيون، جن جو سرچشمو
سنسڪرت نه پر ڪهني پراڪرت (Proto-Prakrit)
يا ويدي ڀاشا (Vedic
Language)
هئي . ڇاڪاڻ ته اپڀرنش ۽ ويدي ڀاشا جي خوبين ۾
مناسبت ملي ٿي.
(Comparative
Grammar: Pishel
ص، 32)
بس اهڙي ملاوٽ مان ته گنجائش نڪري ايندي ته اپڀرنش
مروج عوامي زبانن جو سرچشمو آهي.
سنڌي زبان مقامي سرزمين ۽ ماحول مان ڄاول آهي. سنڌ
جي سرزمين سنسڪرتي عملي دائري کان دور رهي. ان ڪري
سنڌيءَ جي سنسڪرت سان ويجهڙ ناممڪن هئي. سنڌيءَ جي
لساني خمير ۾ اول منڊا ۽ دراوڙي لفظ پوءِ جهونا
ترڪي ۽ ايراني زبانن جا الفاظ داخل ٿيا. انھن سببن
جي ڪري ئي سنسڪرت جي ويجهڙ وارا قدر يا معيار خيال
۾ رکڻ وارا وياڪرڻي ۽ نحوي ودوانن کي سنڌيءَ ۾ وڏو
بگاڙ ڏسڻ ۾ آيو، جو حقيقت ۾ سندن لساني خمير جي
ارتقا ئي هئي. مارڪنڊيه کويندر پنھنجي ڪتاب پراڪرت
سرور (پِراڪِرتَسَروِسوِ) سنڌ کان هزارين ميل ڏور
اُڙيسه ۾ لکيو. ان ڪري ان سنڌيءَ لاءِ سندس ڄاڻ
حتمي درجي واري ڪونه هئي. ٻيو ته مارڪنڊيه پنھنجو
ڪتاب پنڌرهين صديءَ جي پوئين اڌ ۾ يا ان کان به سؤ
سال پوءِ لکيو. ان دور جا مستند سنڌي بيت موجود
آهن. جي مروج معياري سنڌيءَ موجب آهن. انھن ۾
اپڀرنش جي خاصيتن جي نالي ڪابه نشاني نظر نه ٿي
اچي.
آثار قديمه ۽ تاريخي پس منظر رکندڙ روشنيءَ ۾ اهو
چئي سگهجي ٿو ته موئن جي دڙي جي تھذيب جي تباهيءَ
سان هن تھذيب جي عملي زبان به ختم ٿي ويئي . پوءِ
جي دورن ۾ مقامي قبيلن جون ٻوليون باقي رهيون. جن
۾ ڀر واري دراوڙيءَ جا لفظ درج ٿيڻ لڳا. مثلا:
ڦوٽا، ساوا ڌاڻا، چانورن لاءِ تيار ٿيندڙ مصالحن
جو پاڻي ڪانجي، ڪڙي، چاڏي، ڪاياڙو (ناريل جي کل
مٿان ٿيندڙ ريشن مان ٺهندڙ رستو)، کُڏي يعني ننڍو
ڪمرو، يا اسٽور، هنڊي، نير، نيرو، مُنڊي، موتي،
گنڌُ، آرس، ورلي،ٽنگڻ يعني لٽڪائڻ، سُنگ يعني ناڪو
يا محصول ۽ ملهه جي سنڌي ۽ پاريسڙي زبانن ۾ مروج
ملن ٿا. اصل دراوڙي زبان جا آهن.
سنڌو نديءَ جي ڏاکڻين وادين ۾ آريائي قبيلن جي اچڻ
سان سنڌ جي ٻولين ۾ هند آريائي الفاظ داخل ٿيڻ
لڳا. داريوش اول (520 کان 515 قبل مسيح) ،
سڪندراعظم (325 کان 326 قبل مسيح) ۽ وچ ايشيا جي
ترڪ نسلن جي قومن جي فتحن سان ايراني، يوناني ۽
ترڪي زبانن جا لفظ سنڌ جي ٻولين جا جُزا بڻيا.
عيسوي سن جي آغاز کان هڪ صدي اڳ يا ان کان به
آڳاٽو سنڌي ماڻهن ٻڌمت اختيار ڪرڻ شروع ڪيو. پهرين
صدي عيسوي ۾ جڏهن سنڌ، قنڌار جي فرمانروا ڪنشڪ جي
حڪومت ۾ داخل ٿي، تڏهن ٻڌمت جي مذهبي زبان پاليءَ
جو سنڌي زبان تي گهاٽو اثر پيو. پاليءَ جي لاڳاپي
سان سنسڪرت جا لفظ به سنڌ جي ٻولين جا جُز بڻبا
ويا. اهڙي ريت سنڌ ۾ هڪ گڏيل هند آريائي لساني
عنصر اُڀرڻ ۽ اُسرڻ لڳو. ايراني ۽ يوناني فوجن جي
يلغارن کان پوءِ ته سنڌو درياءُ هڪ شاهي لنگهه
جُڙي پيو. پوءِ به پالي زبان جي ساٿ سان ڏکڻ
دردستان (ڪشمير کان هنزه) جي داردي زبانن جو اثر
سنڌو درياءَ جي وچولي ۽ اُترئين علائقن جي ٻولين
تي پڻ اثر پيو. جنھن سنڌ جي ٻولين ۾ هند آريائي
عنصر کي وڌيڪ اُڀرڻ ۾ طاقتور ڪري مشترڪ سنڌي زبان
جي لساني صورت اختيار ڪرڻ لاءِ راهه هموار ڪئي.
گريئرسن (1:4) جي راءِ ۾ ”سنڌي ۽ داردي زبانن وچ
۾ چٽو ۽ غير مشڪوڪ رشتو موجود آهي.“
تاريخي دور: (سنڌيءَ جي لساني تشڪيل جو شروعاتي
دور 400 کان 700ع)
ساڪائي تسلط جي خاتمي جي پنجين صديءَ ۾ مقامي راءِ
گهراڻي جي حڪومت قائم ٿي. 662ع ۾ سنڌ تي چچ برهمڻ
قبضو ڪيو. 711ع تائين هتي برهمڻ گهراڻي جي حڪومت
رهي. سنڌي ۾ ڌرمي مرڪزيت ته ٻڌمت کان به اڳ ۾
موجود هئي.هاڻي ته سياسي مرڪزيت سبب مشترڪه زبان
اُڀرڻ لڳي. پنجين صدي عيسويءَ ۾ ايراني بهرام گور
(430 کان438ع) جي دور کان خاص طور سنڌ ساساني
ايران وچ ۾ دوستي ۽ سياسي تعلقات گهاٽا ٿيا. سنڌ
جي راجا رائن (چگل راءِ، ساهڙ راءِ ۽ شاهي راءِ)
ظاهر آهي ته اهي سما ڪٽنبن مان هئا، جن ان دور ۾
ايراني سلسلي جو لقب ڄام اختيار ڪيو. سياسي تعلقات
سان سنڌ جي سر زمين تي فارسي زبان جو گهرو اثر پوڻ
لڳو، جنھن سان هند آريائي عنصر مان اُسرندڙ سنڌي
زبان جي ڍانچي جي تشڪيل کي متاثر ڪيو. فارسي لفظن
کان سواءِ فارسي ضمير ڳالھائڻ ٻولھائڻ ۾ اڻ مٽ
بڻيا. ضمير متڪلم واحد ”من“ سنڌيءَ ۾ صورت ”مان“
رائج ٿيو. فعلن جي صيغن جي پڇاڙيءَ ۾ فارسي نظام
موجود سنڌيءَ ۾ پڻ ضميري نشانيون رائج ٿيون.مثلاً
فارسي ”گفت+م“ (گفتم) ۽ سنڌي ”چيـ +م“ (چيم . مان
هن کي چيو) لغوي لحاظ کان اهي پُٺيان اچي ملندڙ
يعني لاحقه سنڌيءَ جا پنھنجا ئي هئا، پر فارسي
نظام جي اثر سبب اهو ڍنگ يا طريقو حاصل ڪرڻ لڳا.
پوءِ عربي تعليم دوران عربيءَ جي ضميري لاحقن جي
نظام سان اهو طور طريقو حاصل ٿيو.
ان دور ۾ سنڌي زبان جي ڪن اسمن خاص اسم عام ۽ واڌو
ترڪيبون فتح نامه سنڌ عرف چچ نامه وسيلي محفوظ
رهيا آهن. ان دور ۾ قبيلائي نظام رائج ٿيو. جيئن
متعدد قبيلن جا نالا ملن ٿا. مثلاً جت، لاکا،
ڪاڪا، چنڊ، سھتا، سما، لوهاڻا، ڀاٽيه ۽ ٺڪر.
اهڙيءَ طرح شخصي نالا، چندر، ڏاهر، مکيه، (نيڪ
نام)، وسايا (آباد)، دريائن، ڍنڍن، تلائن وغيره جي
نالن، مثلاً مھراڻ، (فارسي الاصل) جلوالي (پاڻيءَ
وارا)، ساڪره موج (فارسي)، اَرُل (طاقتور)، ڪُنب
(وڏو تلاءُ)، ڍنڍ (جهيل)، ٻيٽ (جزيره)، وغيره
علائقن جا نالا، ٻيلا (چراهه گاهه)، ساوڙي يا ساوڪ
(سرسبز)، جهم (پٺتي پيل علائقو)، ڪي اضافي ترڪيبون
به ملن ٿيون . مثلاً ڍنڍ (پاڻيءَ جو لاهه چاڙهه)،
ڪاڪاراڄ (ڪاڪا قبيلي جي وستي يا راڄ)، ندمڻي
(نديءَ جي مٽي، مٺي مٽي)، کاري مٽي (لُڙاٽيل مٽي)،
بت وکو (بُت جو محافظ) ان قسم جون واڌو ترڪيبون
اڄوڪي سنڌي زبان ۾ رائج آهن.
لساني
تشڪيل جي تڪميل: (700 کان 1000ع)
سنڌ ۾ اسلامي معاشري جي شروعات 711ع کان ٿي. سنڌين
دين اسلام اختيار ڪري، پنھنجي زبان ۾ اسلامي سماج
۽ معاشرو لفظ ۽ اصطلاح ٻوليءَ جا جز بڻيا. ايندڙ
ٽن سون سالن تائين سنڌ هڪ وسيع اسلامي مملڪت ۽
اسلامي دائري ۾ شامل ٿي. نئين ديني ۽ تعليمي
اقتصادي نظام اجتماعي زندگيءَ کي متاثر ڪيو. عربي
تعليم جو سلسلو شروع ٿيو ته سنڌين عربي دانيءَ ۾
مثالي مقام حاصل ڪيو. منصوره، ديبل ۽ ٻين شھرن جي
اعليٰ تعليمي درسگاهن مان فارغ التحصيل ٿيل محققن
۽ مصنفن اسلامي دين ۾ ناموري حاصل ڪئي. لاتعداد
عرب قبيلن هميشه لاءِ سنڌ ۾ سڪونت اختيار ڪئي.
سنڌين ۽ عرب قبيلن ۾ ڀائيچارو پُختو ڪرڻ علمي
تحقيق کي ترقي وٺرائڻ لاءِ حڪومت طرفان عربيءَ سان
گڏ سنڌي زبان جي ترقيءَ ڏانھن خاص توجهه ڏنو ويو.
عربي نسلن علمائن سنڌي ۽ ٻيون پاريسڙي زبانون پڙهڻ
۽ انھن ۾ مھارت حاصل ڪرڻ لڳا. ايتري مهارت حاصل
ڪئي، جو 27هه ۾ منصوره جي هڪ عالم ڏيھي ٻوليءَ ۾
قرآن مجيد جو ترجمو ڪيو. (عجائب الهند ص 44) (4)
عرب شاعرن (مطيع بن الياس، علقمھ بن عبدالله
القيشري) وغيره سنڌ ۾ آيا. ۽ سنڌ جي شاعرن (ابو
عطا سنڌي، (5) عياض سنڌي) به عربي شاعريءَ ۾ خاص
مقام ماڻي ناماچار حاصل ڪيو. غالباً سنڌ حڪومت جي
تعاون سان هڪ سنڌي شاعر (187هه کان اڳ) بغداد
پھتو، جتي وزير يحى بن خالد برمڪي يا ان جي پُٽ
فضل آڏو سندس واکاڻ ۾ هڪ بامقصد قصيدو پڙهي انعام
حاصل ڪيو. (مجمل التواريخ والقصص ص 242 (6) روضة
العقلاء ص 125). (7)
اقتصادي شعبن ۾ سنڌ جا سونارا، موسيقار، بورچي،
مھاوت يعني هاٿي هلائيندڙ يا ڪاهيندڙ ۽ ٻيا هنرمند
۽ ڪاريگر اسلامي مملڪت جي مختلف صوبن ۾ ڦھلجي ويا.
ٽين صدي هجري ۾ سنڌ جا ڪاريگر پنھنجي هنر ۾ مھارت
سبب بغداد ۾ وڏي نامور ماڻي، انھن پنھنجي عربي
دانيءَ ڪارڻ ان وقت بين الاقوامي ثقافت جي هر شعبي
۾ ڀرپور ڀاڱي ڀائيواري ڪئي. سنڌ ۾ وسي ويل عرب
زندگيءَ جي هر شعبي ۾ سنڌين سان ملڻ جلڻ سبب عربي
جا سنڌيءَ تي اثر پيا. ديني زندگيءَ ۾ ديني لفظ ۽
اصطلاح عربيءَ جا سنڌيءَ جو جُز بڻيا. عربيءَ جا
اصل اسم خاص ۽ زندگيءَ جي هر شعبي ۾ اسم عام جو
خاصو ذخيرو سنڌي ۾ رائج ٿيو. ٻني ٻاري واري لفظن ۾
لفظ ”حارث“ يا سنڌي لفظ ”هرُ“ (هل) (عربيءَ جي اثر
هيٺ فاعل) لفظ ”هاري“ (مزارع) مذڪر بڻيو. آجر کان
سنڌيءَ ۾ لفظ مجيري يعني اهو جنھن ٻني ٺيڪي تي
ورتي هجي. ۽ هاري نظرداري ڪندو رهي . رائج ٿيو.
خليفه معتصم بالله جي گورنر موسى بن عمران سنڌو
درياءُ تي سڪر وٽ هڪ بند (بند بئراج
Barrage)
اڏائي. سکر جو نالو ان قديم سڪر جو يادگار آهي.
وڏن نالن تي پڻ پُليون جوڙايون ته عربي لفظ
”فرضة“ مان سنڌي لفظ ”ڀڙ“ رائج ٿيو. اناج جي ماپڻ
جي لاءِ عربي لفظ ”ڪاسه“ کي عربي بڻائي ”خروار“
مان سنڌيءَ مان ڪاسو (16 سير اناج) ۽ خرار رائج
ٿيا. لوهون جي هنر ۾ ڳربي ”مَطُرقةُ“ ۽ سندان
مان سنڌيءَ ۾ مطرقو ۽ ’سنداڻ‘ رائج ٿيا. جهاز
رانيءَ ۾ مير بحر زورق (ٻيڙيءَ جو هڪ قسم) ونجهه
(وَنھ مان معرب) سُکھان (سکان) جهڙا لفظ، سنڌيءَ ۾
آيا. واپار جي ساهمي (تارازي) ڪاٻارو (قبالو
دستاويز) دلال، منيب، خارجين (خرجُ)، باقري
(بقالو)، بجاج (بزار ) ٿوم (ثوم) بصر (بصال) وغيره
لفظ رائج ٿيا. چوپائي مال جي عربي لفظن مان سنڌيءَ
۾ حلواڻ (ننڍي ٻڪري يا ڇيلي) مھري (يمن جي عربي
ڪُٽنب مھره بن حيدان) جي نسبت سان سواري جو اُٺ،
ڪميت، انبلگ (ابلق) نقره، ديناري (گهوڙن جو رنگ)
نظ (نطح سواري جي اُٺ تي چمڙي جي زرين جُهل)، گاشو
(غشاء سواري هي اُٺ تي گادي مٿان ويڙهيل چادر)
وغيره لفظ مروج ٿيا. گهريلو شين ۾ دلو (دلو گهڙو)،
دٻڪي (طبق)، تباڪد (خباق)، ڪاتي (قاطع ڇُرو) لفظ
آيا. لباس جي سلسلي ۾ رلَو (رداء چادر، دوپٽو
رئو)، بوتي (فوطھ رئو)، گندي (عطاءُ مڙادڻي چادر)،
گنج (قز ريشمي چولو)، صدري (صدر مان هڪ قسم جي
مڙداڻي گنجي) اجرڪ (ازرق، نيري رنگ جي چادر) رائج
ٿيا. ان کان سواءِ عربي لغت جا ڪيئي اسم، مثلاً
جبل (پهاڙ)اربع (اربع) خميس ڪٻر سنڌي لغت جو جز ٿي
ويا. اسمن کان سواءِ سنڌي فعل ضمير اکر ۽ اعراب تي
عربي جو اثر پيو. عربي دانن مان سنڌي فعل مشتق
(اهڙو لفظ جو ڪنھن ٻئي لفظ مان جڙيو هجي يا اهڙو
ڌاتو جو مصدر مان ماخذ هجي) جهڙوڪ: دفنائڻ (دفن
ڪرڻ) نظرن (نظر ۾ رکڻ، بد نظر رکڻ)، نِيَتِڻُ،
مرهن (بخشي ڇڏڻ) ضربڻ (ڦَٽي وجهڻ) طلبڻُ، ترڪ ڪرڻ
وغيره عربي فاعل جي وزن تي سنڌي لفظن مان فاعل
بڻيا. جيئن هاري، ماري، ڪاري (درست ڪم ڪندڙ)، چاري
(نظرداري ڪندڙ) ماڇي وغيره. ضميرن ۾ هو ۽ مان.
حرفن ۾ لاءِ، شال (ان شاء الله جو مخفف) عربيءَ جي
حرف تحذير (يعني ڏڪائيندڙ) وانگر سنڌيءَ ۾ ”چور
چور، نانگ نانگ“ وغيره عربي اعرابن جي اثر هيٺ
سنڌي اعرابن جو سلسلو متعين ڪيو ويو. عربيءَ
وانگر سنڌيءَ ۾ به ضمير ۽ مؤنث ٺاهڻ مگر ٻين عام
اسمن جي عربي مان آيا، تن جي آخري صورتخطي جملي ۾
ان جي ابتداءِ يا غير مبتدا هئڻ سان مٽجي مثلاً
گهر اگر مبتدا آهي ته ”ر“ تي پيش ايندو. (گهر سهڻو
آهي) غير مبتدا جي حالت ۾ جڏهن گهر کان پوءِ حرف
لاحق ٿيندا. تڏهن ”ر“ تي زبر ايندي. مثلاً گهر
ڏي، گهر وٽ، جي اهي حرف حذف ٿيندا ته ان نشانيءَ
طور ”ر“ جي هيٺان زير ايندي. مثلاً هو گهر آهي.
فعل لازمي جو فاعل سنڌيءَ ۾ هميشه مرفوع يعني
بُلند اُچار ٿيندو. ۽ فعل متعدي جو فاعل هميشه
مفتوح يعني اهو حرف جنھن تي زبر هجي جهڙوڪ، احمد
آيو يا احمد ماريو.
هن مختصر تجزيي مان سنڌي ۽ عربيءَ وچ ۾ ربط ۽
تعلق تي ڪجهه روشني پوي ٿي. اٺين صديءَ کان اول
سنڌ ۾ قبائلي ٻولين جو سلسلو وڌيڪ مستحڪم ٿيو.
پنجين صديءَ کان انھن ٻولين ۾ هڪ مشترڪه لساني
ضمير نشو نما وٺڻ لڳو، جو هڪ عام سنڌي زبان جي
وسعت جو اڳتي جي لاءِ برثواب بڻيو. اٺين صديءَ جي
حڪومت جو دائمي انتظام، ديني وحدت، تعليم ۽ تربيت
زراعت ۽ واپار ۾ ترقيءَ لاءِ اچ وڃ جا اثرائتا
اسباب پيدا ٿيا ته عوامي سنڌي زبان جي تڪڙي تشڪيل
۽ تڪميل ٿي.
الاصطخريءَ(7) ڏهين صديءَ جي شروع ۾ ۽ ابن حوقل
ڏهين صديءَ جي وچ ۾ سنڌ جو سير سفر ڪيو. (8) انھن
ٻنهي لکيو آهي ته (منصوره) ۽ ملتان جا ماڻهو عربي
۽ سنڌي ٻئي زبانون ڳالھائين ٿا. ( الاصطخري ص 105
۽ ابن حوقل ص 280) انھن ٻنھي ساڳئي حوالن مان چٽو
آهي ته ڏهين صديءَ ۾ عربيءَ سان گڏ سنڌي به ملڪي
زبان جي شڪل ۾ رائج هئي. انھن سببن کان سواءِ نسخ
پٽي يا رسم الخط جي گڏيل ترقي پڻ ٻنھي زبانن جي
ٿي. ماضيءَ ۾ مختلف علائقن جي مختلف قبيلن ۾ مختلف
ٻوليون مختلف رسم الخط ۾ لکيون وينديون هيون. ڏهين
صديءَ جي پڇاڙيءَ تائين سنڌ ۾ متعدد رسم الخط رائج
رهيون. ابن انديم الفھرست (تصنيف 377هه/ 987ع) (9)
۾ لکيو آهي، ته اهل سنڌ جون مختلف ٻوليون (لغتون)
۽ مذهب آهن. هڪڙو ماڻهو اهو ملڪ ڏسي آيو آهي، ان
مون کي ٻڌايو ته اٽڪل سؤ رسم الخط آهن (ابن النديم
الفهرست ص 27) هڪ سؤ جو تعداد ٻُڌائيندڙ غالباً
وڌاءَ کان ڪم ورتو هجي، پر وڏي وقت کان سنڌي عربي
رسم الخط ٻين لپُين ۽ پٽين جي جاءِ والاري! ان کان
پنجيتاليھه سال پوءِ ”ماللهند“ ۾ البيروني ڏَسيو،
ته ان وقت سنڌ ۾ رڳو ٽي رسم الخط رائج هيون.
اُڀرندي جي علائقن ۾ ڀاٽيه (جيسلمير، بيڪانير) جا
متصل هئا. 1. رڌناگري، (يعني ناگر مان ماخذ
اڌناگري) خط رائج هيون. 2. ڏاکڻي سنڌ جي سامونڊي
خطن ملگشون ۾ ملگاري خط رائج هو. 3. وچولي سنڌ خاص
منصوره جي مرڪزي علائقي ۾ سندَ به يا سنڌي خط عربي
نسخ مان اخذ ٿيل هو، جيڪو سنڌي لپي، پٽي يا رسم
الخط جي نالي سان مشھور ٿيو ۽ اڄ تائين رائج آهي.
سنڌي
زبان جو تعميري دور (1100 کان 1700ع تائين)
ڏهين صديءَ جي آخر تائين سنڌي زبان جو بنيادي
ڍانچو تڪميل کي رسي چڪو هو. سنڌي زبان جي گفتگو جو
دائرو ملتان تائين وسيع ٿي چڪو هو.
البيروني يارهين صديءَ ۾ هندن جو ثقافتي مطالعو
ڪرڻ مهل سنسڪرت جي معياري اصطلاح سان گڏ سنڌي لفظن
۽ اصطلاحن کي به پنھنجي تحرير ۾ جاءِ ڏني.
البيرونيءَ غالباً ملتان ۾ رائج ٻوليءَ جي لفظن ۽
اصطلاحن کي به قلمبند ڪيو، جنھن جي لاءِ پروفيسر
زخاو (Sachan)
جي راءِ آهي ته اهي سنڌي زبان سان وڌيڪ ملندڙ آهن.
(البيروني، طبع زخاؤ ص 25) جيئن ٻارنهن، ٽي ، لوڻ
(نمڪ) ڏُڌُ (کٽي لسي)، ٿُوهر (هڪ ڪنڊن وارو ٻُوٽو
Cactus)
مانگهه ( مهيني جو نانءُ) وغيره. اهڙا سنسڪرت جي
اڃا تائين گفتگو ۾ ڪتب اچن ٿا. جيئن کنڊ گرڙ
(ديومالائي پکي) وغيره.
سومرا
خاندان جو دور: (1050 کان 1350ع تائين)
البيروني 1030ع جي ويجهو پنھنجو ڪتاب لکيو. ان وقت
ملتان ۾ سنڌي سومرا خاندان جي وڏي ڏاڏي سومار جي
پُٽ راجپال جي حڪومت هئي. ان جي نالي دروزي مبلغ
بھاؤالدين جو 1032ع ۾ لکيل خط موجود آهي. (Dawson
۽
Elliot
439 کان491)
جنھن مان خبر پوي ٿي ته ابن سومار جو ڪُٽنب
اسماعيلي فرقي سان ڳنڍيل هو. سلطان محمود ملتان ۾
ان فرقي جو زور ٽوڙي ڇڏيو. ان کان پوءِ سومرن
سردارن اسماعيلي عقيدو ترڪ ڪري عوام ۾ ناماچار ۽
مقبوليت حاصل ڪئي. 1050ع جي ويجهڙ ۾ انھن سڄي سنڌ
۾ پنھنجي خود مختيار حڪومت قائم ڪري ٽي سؤ ورهين
تائين راڄ ڪيو. سنڌ جو سما قبيلو سندن معاون ۽
مددگار هو. ان دور ۾ به سنڌ ۾ سرڪاري تعليم عربي
هئي. هي حڪمران سنڌي هئا. تنھنڪري سنڌي زبان عوام
جي حيثيت ۾ ڦھلجي رهي. سومرن حاڪمن جي طاقت جا
مرڪز خاص طور تي هاڪڙو ۽ پراڻ دريائن جي ايراضين
اندر يعني سنڌ جي اوڀر ۽ ڏکڻ ۾ قائم هئا. انھن
وسندين سبب سنڌي زبان ڪڇ تائين پکڙي. اهو سنڌ جي
تاريخ جو رومانوي دور هو. جنھن ۾ سنڌ جي اڪثر
مشھور عوامي عشقيه قصن ۽ داستانن (مثلاً سسئي
پنھون، سُھڻي ميھار، عُمر مارئي، مومل راڻو، مورڙو
مانگر مڇ، سورٺ ۽ راءِ ڏياچ) پيدا ٿيا. انھن کان
علاوه ان دور ۾ ٻن ڀائرن دودي ۽ چنيسر وچ ۾ تخت
نشيني تان تڪرار ٿي پيو هو. چنيسر جي درخواست تي
سلطان علاؤالدين (1296ع کان 1316ع تائين )پنھنجي
لشڪر سان دودي سومري جي بھادري ۽ دليرانه مقابلن
جو نئين طرز طور مشھور منظوم رزميه داستان ”دودو
-چنيسر“ لکيو ويو، جيڪو سنڌ جي موسيقارن (ڀاڳو ۽
ڀان) عوامي محفلن ۽ ميلن ۾ ڳايو. اهڙيءَ ريت ان
دور ۾ قصا خوانيءَ جي روايت شروع ٿي. قصا خواني ۽
گيتن جي ڳائڻ جي گهرج پوري ڪرڻ لاءِ هڪ نج سنڌي
نظم ”ڳاهه“ وجود ۾ آيو. اهو هڪ قسم جو سنڌي دوهو
ئي هو. جنھن جي تعريف اها هئي ته ان ۾ ڪا حڪايت
يا قصو ذڪر هيٺ اچي يا ان ڏي اشارو هجي. ڳاهن جي
منظوم هئڻ ۽ رزميه، عشقيه داستانن کي ڪرت طور بيان
ڪرڻ سان سنڌي زبان جي لغوي ۽ بياني صلاحيت ۾ وڏي
وسعت پيدا ٿيندي رهي (سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ
ص 57 کان 66 تائين).
علمي حلقن ۾ سنڌي شعر ”بيت“ ۽ ”ڪافي“ جي هيئت ۾
رائج رهيو. عربي ۾ قصيدي يا نظم کي ”قافيه“ ۽
”ڪلمة“ به چيو ويندو آهي. عربي قصيدي ۽ قافيي کان
متاثر ٿي سنڌيءَ ۾ ”نظم“جي تخليق ٿي، جنھن کي قافي
۽ ڪلام چيو ويو ۽ ڳايو به ويو. سنڌي ”قافي ۽ ڪلام“
جي گهڻي مقبوليت سبب سنڌ ۾ نظم گوئي جي صلاحيت
وڌي.
سمن جو
دور (1350 ع کان 1540ع تائين)
هن دور ۾ موجوده بلوچستان جي لس ٻيلي، ڪڇي، ۽ سبي
ضلعن تي مشتمل علائقن ۾ سنڌي ڪُٽنب آباد ٿيا ته
سنڌي ٻولي ۽ ان ۾ ٿيندڙ گفتگو ۾ ڪُشادگي آئي. ڪي
سنڌي گهراڻا بلوچستان جي ڏورانھنين علائقن ۾
ايستائين جو مڪران ۾ وڃي وسيا، جتي سنڌي زبان ”جد
گالي“ جي نالي سان مشھور ٿي.
ان ئي دور ۾ عربي جي جاءِ تي فارسي سرڪاري دفتري
زبان مقرر ٿي. پوءِ به عربي تعليم ۽ تدريس جي زبان
رهي ۽ پنڌرهين صدي جي آخر ۾ فارسي تعليم جو ذريعو
بڻي. سمن جي حڪمرانيءَ سان وچولي سنڌ جي زبان کي
سمن جي مادري زبان هئڻ جي ڪري معياري سنڌي جي
حيثيت حاصل ڪندي ترويج ڪئي.
عوامي ادبي تحريڪ، جا قصه خواني جي صورت ۾ سومرن
جي دور ۾ شروع ٿي هئي، سا هن دور ۾ وڌي. هن دور جا
ٻه داستان ”نوري ۽ ڄام تماچي“ ۽ ”دولھه درياء خان“
سنڌ جي روايتي داستانن جي قطار ۾ شامل ٿيا. ان ئي
دور ۾ درويشن جون پيشنگويون وجود ۾ آيون ۽ اعلى
اخلاقي صوفي شاعريءَ جي شروعات ٿي. جنھن سان شعري
۽ فڪري سرمائي کان سواءِ لغت ۾ به واڌارو آيو.
پنھنجي دور جو وڏو عالم، فاضل ۽ سنڌي زبان جو
پهريون بزرگ ۽ صوفي شاعر قاصي قادن ان دور جي
پڇاڙيءَ ۾ پيدا ٿيو.
سنڌ ۽ ملتان جي جاگرافيائي ويجهڙ ۽ تاريخي لاڳاپن
جي سبب ان دور ۾ سنڌي ۽ سرائيڪي زبانن جي وچ ۾
ويجهي رشتيداري پيدا ٿي. سرائيڪي زبان سنڌ ۾ عام
ٿيندي وئي ۽ سنڌي ملتان کان مٿي ڏاکڻين ڏسائن ۾
عام فھم ٿيڻ لڳي. 1365-1366ع ۾ جڏهن سلطان فيروز
شاهه مجبور ٿي ٺٽي جو گهيراءُ ٽوڙي واپس گُجرات
ويو (ان کان اڳ سلطان محمود بن تغلق ٺٽي تي لشڪر
ڪشيءَ دوران 1352ع ۾ مري ويو) ته سنڌي فوجين
پنھنجا جنگي رجس ڳايا.
بابرڪت شيخ پٺو
هڪ مئو هڪ ٽٽو
شمس سراج عفيف پنھنجي تاريخ فيروز شاهي تصنيف
(1398- 1399ع) ۾ هي رجز رقم ڪئي آهي. (ص231) ان
دور جي سمي ڄام سڪندر شاهه اول (از 1412ع) جي وقت
پڪين سرن سان کوهه کنيا ويا. جن جا ڪي ڪتبه سنڌ ۽
بھاولپور ۾ مليا آهن. جيئن ضلعي رحيم يار خان جي
ڳوٺ سرواهي، سنجرپوري ۾ مليل.
صوفي سڳورن مان شيخ بهاؤالدين ذڪريا ملتاني (1184
کان 1262ع) جي تبليغ جو مرڪز سنڌ هو. سنڌي ”ذاڪر“
شيخ زڪريا جي محفل ۾ سنڌي بيت ۽ ڪافيون ڳائيون
هيون. پوءِ ملتان ۽ پنجاب تائين انھن محفلن جي ڌُم
مچي وئي. جنھن ڪري اُتي سنڌي زبان جي واقفيت وڌي.
اوڀاري علائقن جي صوفين سڳورن ۾ شيخ فريدالدين
گنج شڪر (1175 کان 1265ع تائين) سان منسوب دوهن ۾
سنڌي لفظ ملن ٿا. ان کان پوءِ بابا گرو نانڪ (1469
کان 1539ع تائين) ۽ گرو ارجن (1563 کان 1606ع
تائين) جي ڪلام ۾ سنڌي لفظ اصطلاح ۽ فقره ملن ٿا.
(ڏسو آدگرنٿ)
سماع جي محفلن ۾ سنڌي ذاڪرن جي زبان اُڀرندي ڏس ۾
لاهوت تائين ڄاتي ويندي هئي. شيخ عبدالجليل چوهڙ
بندگي لاهوري (910هه/ 1504۽ 1505ع) جي سماع جي
محفل ۾ هڪ سنڌي ذاڪر هڪ سنڌي بيت پڙهيو ته ان جي
معنى ۽ مفھوم جي تاثر سبب مٿس حال طاري ٿي
ويوتذڪره قطبيھ (ص 136) ۾ ان قسم جي روايت شيخ
عبدالجليل جي ڀائٽي شيخ بري جي متعلق ملي ٿي.
ارغون-ترخان-مغليه دور (1520ع کان 1700ع تائين)
ان دور ۾ به فارسي سرڪاري ۽ تعليمي زبان رهي. ان
ڪري علمي ادبي ۽ انتظامي حلقن ۾ به ان کي اهميت
ملي. عوامي ۽ ڳوٺاڻن شاعرن، پيشه ور قصه خوان ۽
سنڌي موسيقيءَ جا ماهر مڱڻهار عام مجموعن ۽ ميلن ۾
قصه خواني ڪندا، ڳائيندا وڄائيندا رهيا. سماع جي
محفلن ۾ ذاڪر درديلي آواز ۽ انداز سان قافيون
ڳائيندا هئا. عالمن، فاضلن ۽ صوفين سڳورن جي حلقن
۾ نامور سنڌي شاعر (شاهه عبدالڪريم، شاهه لطف الله
قادري، ۽ شاهه عنايت شاهه رضوي) پيدا ٿيا. جن لغت
جي وسيع دائري تي حاوي ٿي، بياني قوت جا اهڙا ته
ڪرشما ڏيکاريا جو فڪر ۽ فن جون نيون راهون روشن
ڪيون. سموري سنڌ ملڪ ۾ سنڌي زبان جي مقبوليت ۽
سنڌي لغت جي واڌ وسعت ۽ افاديت فارسي زبان جي
ليکڪن کي متاثر ڪيو. ان دور جي تاريخي، فقھي ۽
طبعي ڪتابن ۾ فارسي لفظن جي وضاحت ۽ کليل مفهوم
ڏيهي اصطلاحن جي افاديت سبب سنڌي لغت جو واهپو
وڌائي ڇڏيو.
درس ۽ تدريس جي ابتدا ۽ شاعريءَ جو عروج (1700 کان
1843ع تائين)
مغل سلطنت جي زوال کان پوءِ سنڌ جي حڪومت اول
ڪلهوڙا عباسي خاندان (1700 کان 1843ع تائين) ۽
پوءِ ٽالپور خاندان (1784 کان 1843ع تائين) جي
هٿن ۾ آئي. اهي ٻئي خاندان سنڌي هئا. انھن جي
اقتدار ۾ اچڻ سان سنڌيءَ کي مانُ، مرتبو ۽ مقبوليت
ملي. ان دور جي شروع ۾ حضرت شاهه عبداللطيف (1689
کان 1752ع تائين) تولد ٿيو. جنھن جي شاعري سنڌي
زبان جي ارتقا جو مظھر بنجي، شاهه عبداللطيف جي
شاعرانه معجزي سان سنڌي زبان جو مانُ مرتبو بُلند
ٿيو. شعر ۽ شاعريءَ کان سواءِ علم ۽ ادب جي روايت
مضبوط ۽ مستحڪم ٿي. ان دور جي ابتدا سان ئي سنڌي
زبان جي ترقي ۽ ترويج جي سلسلن ۾ نئون انقلاب
آيو. ابتدائي مرحلي ۾ سنڌي تعليم جو ذريعو بڻي.
تعليم ۽ تربيت جي نظرين ۽ علمي تنظيم جي سلسلي ۾
سنڌ جي عالمن ۾ غور ۽ فڪر جي ديرينه روايت موجود
هئي. علامه جعفر بوبڪائي 1550ع جي ويجهڙ ۾ ”نھج
التعليم“ لکيو، جيڪو برصغير ۾ ترقي پذير تعليمي
نظرين ۽ تعليمي نظام متعلق پھريون تفصيلي ڪتاب
آهي، جنھن جو اختصار ”حاصل النهج“ اسان تائين پھتو
آهي. صدين کان فارسيءَ ۾ تعليم ڏيندي، عالمن
پنھنجي تدريسي تجربي مان اهو محسوس ڪيو، ته ٻارن
کي شروعاتي تعليم مادري زبان ۾ ڏيڻ گهرجي. اهو ان
زماني جو انقلابي نظريو هو. جنھن کي شيخ ابوالحسن
بن عبدالعزيز ٺٽويءَ عملي جامو پھرايو. ان 1100هه/
1688ع جي لڳ ڀڳ، ديني نصاب تي مشتمل ڪتاب ”مقدمت
الصلوات“ سنڌيءَ ۾ لکيو، جو ان دور ۾ ابتدائي
تعليم لاءِ درسي ڪتاب طور رائج ٿيو. سنڌي زبان ۾
اهو اولين ڪتاب هو، ان ڪري ان کي ”ابو الحسن جي
سنڌي“ جي نالي سان شھرت ملي. ثانوي سطح تي فارسيءَ
جي تعليم کي سولو ڪرڻ لاءِ ٻه زباني تعليمي طريقو
عمل ۾ آندو ويو. سنڌيءَ ۾ تعليم ڏيڻ لاءِ سنڌي
فارسي لغت ”دووايو“ (ٻه زباني) عنوان سان خاص قسم
جا ڪتاب تيار ڪيا ويا. اعليٰ ثانوي سطح تي عربي
سيکارڻ لاءِ سنڌي ۽ فارسي ٻنھي زبانن کي تعليم جو
وسيلو جوڙي ”ٽوايو“ (سھ زباني) قسم جا ڪتاب مرتب
ڪيا ويا. ان نئين تعليمي نظريي ۽ عمل سبب عملي طور
سنڌي سيکارڻ جو سلسلو شروع ٿيو. مخدوم ابوالحسن
کان پوءِ مخدوم ضياءُالدين ٺٽويءَ هڪ ڪتاب ترتيب
ڏنو، جو ضياءُالدين جي سنڌيءَ جي نالي سان مشھور
ٿيو. اهڙيءَ طرح سنڌيءَ ۾ دينيات جي درسي ڪتابن جي
تصنيف جو سلسلو تيرهين صديءَ تائين هليو. علامه
سيد علي محمد شاهه جي تصنيف ”دائري وارن جي سنڌي“
ان سلسلي جو آخر معياري ڪتاب هو، جو 1377هه/ 1860ع
۾ مرتب ڪيو ويو. انھن ڪوششن جو بنيادي مقصد اهو
هو، ته تعليم جي طريقي جي درستگي ڪئي وڃي ۽ مادري
زبان ۾ تعليم عوام ۾ رائج ٿئي. لحاظه شيخ ابوالحسن
کان سيد علي محمد شاهه تائين سڀني علمائن (باوجود
کين عربي ۽ فارسي تي هٿ پڄندي هئي) ڪتابن ۾ تُز
سنڌي اصطلاحن جي استعمال جو لحاظ رکيو. اهڙي
اهتمام سان سنڌيءَ ۾ عملي تصنيف جو سلسلو شروع ٿيو
۽ سنڌي لکت ۾ علمي ڏانءَ جي بيان لاءِ راهون روشن
ٿيون. مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، مخدوم عبدالله ۽ ٻين
عالمن مختلف موضوعن
تي سنڌي ۾ ڊزن
کن ڪتاب لکيا. ان سان گڏ سنڌي لفظ ۽ اصطلاح درست
معنيٰ ۽ مفهوم جي تعين سان فارسي سنڌي ۽ سنڌي ۽
فارسي لغتون تصنيف ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿيو. جنھن جو
آغاز غالباً نظام الدين بن عبدالرزاق درٻيلوي جي
ڪتاب ”انيس انجمن“ سان ٿيو، جو هُن 1149/ 1717ع ۾
تصنيف ڪيو. ان ڪتاب جو باب ٻيو (در اسم هائي جامد
بمعنيٰ سنڌي) سنڌي لغت تي تحقيق جي هڪ عالمانه
ڪوشش آهي. ان دور ۾ سنڌي ۽ سرائيڪيءَ ۾ وڌيڪ
ويجهڙائپ قائم ٿي. سنڌ ۾ سرائيڪي کي مقبوليت ملي.
حضرت شاهه عبداللطيف کان پوءِ جيڪي پيدا ٿيا، انھن
مان اڪثر سنڌي ۽ سرائيڪي ٻنهي زبانن ۾ شاعري ڪئي.
ان ڪري سنڌيءَ جا جام لفظ ۽ اصطلاح سرائيڪي ۾ رائج
ٿيا.
سرڪاري، تعليمي زبان ۽ نثر صحافت نگاري جي ارتقا
(1843 کان 1947ع):
فيبروري 1843ع ۾ سنڌ تي انگريزن قبضو ڪري، سنڌ کي
بمبئي صوبي سان شامل ڪيو. فارسيءَ جي بجاءِ
انگريزيءَ کي ملڪ ۾ سرڪاري زبان مقرر ڪري، فارسي،
عربي اسلامي تعليم جي نظام بدران مغربي انگريزي
تعليم رائج ڪئي. سنڌيءَ جي مرڪزي حيثيت کي مڃي
بمبئي حڪومت کي ليٽر (نمبر 25، تاريخ 6 سيپٽمبر
1851ع) تحت سنڌ ۾ سنڌي زبان کي سرڪاري ڪاروبار ۽
انتظامي معاملن لاءِ دفتري زبان قرار ڏنو ويو. سنڌ
۾ ڏيھي ملازمن ۽ انگريزن ٻنھي لاءِ سنڌي زبان ۾
گفتگوءَ جي صلاحيت لاءِ امتحان پاس ڪرڻ لازمي قرار
ڏنو. ان سلسلي ۾ پھريون امتحان 2 نومبر 1855ع کان
اڳ ٿيو هو. جنھن ۾ هڪ انگريز ۽ هڪ ڏيھي آفيسر
ڪامياب ٿيا. انگريزن ۽ هندو آفيسرن جي هڪ بااثر
گروهه عربي سنڌي قديم طرز تحرير ۽ رسم الخط کي
مِٽائي مَٽائي ديو ناگري يا سنڌي واڻڪا اکر رائج
ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ سکيا، پر عربي سنڌي رسم الخط ۾
سنڌي زبان جي تاريخي، تدريسي، علمي، ادبي ۽ تصنيفي
روايت ايتري پڪي پختي رهي، جو اها ڪوشش ناڪام رهي.
ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي مجلس منتظمين رائج ڪرڻ جو
فيصلو (ليٽر نمبر 46، تاريخ 8 ڊسمبر 1852ع) ڏنو.
سنڌ جي اسسٽنٽ ڪمشنر بي ايڇ ايلس سنڌ جي عالمن جي
جوڙيل سنڌي اکرن جي رائج ڪيل مختلف شڪلين مان ڪي
خاص شڪليون منتخب ڪري مٿن نظرثانيءَ کان پوءِ
جولاءِ 1853ع ۾ ”سنڌي الف ب“ تي مشتمل ڪاغذ ڇپائي
هڪ ئي وقت تعليمي ۽ دفتري شعبن ۾ رائج ڪئي. (تفصيل
لاءِ ڏسو
(The Reportion Education Sindh)

الف. بي جي مقرريءَ سان درسي ۽ ٻين ڪتابن لکڻ لاءِ
موقعا مليا. سنڌي لکت جي سرمائي کي روشني ملي.
ليٿوگرافي ۽ پوءِ ليٽر پريس جي قيام سنڌي ڇپائيءَ
۾ واڌارو ڪيو. انگريزن جي تسلط کا اڳ ئي ابتدائي
تعليم کُليءَ طرح سنڌيءَ ۾ ڏني ويندي هئي. ثانوي
سطح جي شروع ۾ فارسيءَ سان گڏ سنڌيءَ کي به تعليم
جي وسيلي ڪتب آندو ويندو هو. هاڻي تدريسي تسلسل ۾
واڌ ويجهه آئي ۽ ثانوي سطح تي انگريزيءَ سان گڏ
سنڌي به لازمي پڙهائبي رهي. 1935ع ۾ سنڌ بمبئي کان
جدا صوبو بڻيو ته هاءِ اسڪول (ميٽريڪيوليشن) تائين
سنڌيءَ کي تعليم ۽ امتحان جو ذريعو قرار ڏنو ويو.
مضمون جي حيثيت سان سنڌيءَ کي بي.اي.جي نصاب ۾
شامل ڪيو ويو.
تعليم تدريس ۽ تصنيف ۽ تاليف جي سلسلن ۽ ڇپائيءَ
لاءِ پريسن جي سھولتين سبب، سنڌي نثري سرمائي ۽
صحافت نگاريءَ کي روشن راهون مليون. سورهين صديءَ
۾ مخدوم جعفر بوبڪائي جي ڪتاب ”حلُ العقود في طلاق
السنود“ ۾ سنڌي نثر جا اهي جملا ملن ٿا، جي سنڌ جا
ماڻهو طلاق ڏيڻ مھل استعمال ڪندا هئا. ان کان پوءِ
مخدوم حامد رگهمي ۽ پوءِ جي علمائن جي ڪتابن ۾
سنڌي نثر ۾ اهڙا جملا ۽ عبارتون هٿ لڳيون آهن. جن
جو تعلق فقھي لاڳاپن سان مباحثن ۾ آيا. شيخ
ابوالحسن ٺٽوي ۽ ٻين عالمن جي ڪتابن ۽ درسي ڪتاب
منظوم هئا. اگر ڪن تصنيفن ۾ نظم جي صورت رڳو الف
اشباع جي قافيي تائين محدود هئي ۽ اڪثر بيان نثري
نوعيت جا هئا. 1855ع کان پوءِ جيئن نئين تعليم جو
سلسلو رائج ٿيو، ته سنڌي نثر ۾ ڪتاب لکجڻ شروع
ٿيا. ان دور جي خاتمي تائين سڀني علومن ۽ فن تي
ڪتاب تصنيف يا ترجمو ٿيا. 1857ع کان سنڌي نثر ۾
اشتهار ڇپجڻ لڳا. ڪجهه سالن کان پوءِ اخبارن جو
سلسلو شروع ٿيو، جو خلافت جي وقت ۾ روزاني
”الوحيد“ جي اجراءَ سان حقيقي معنى ۾ با مقصد ثابت
ٿي.
انگريزي زبان ۽ تعليم کي ان دور ۾ خاص اهميت حاصل
هئي. سرڪاري آفيسن، ڪاروبار، تعليمي نظام، سياست ۽
صحافت جي اثرائتي زبان بڻي. انگريزيءَ جو سنڌيءَ
تي به اثر پيو علم ۽ فن جا لاتعداد اصطلاح انگريزي
الفاظ ۽ اسم سنڌيءَ ۾ رائج ٿيا. 1935ع کان پوءِ
سنڌي زبان اسيمبلي ۽ صوبائي سياست جي زبان جي
حيثيت حاصل ڪئي. ان ڪري انگريزيءَ مان سياسي لغت
جو چڱو خاصو ذخيرو حاصل ڪيو.
موجوده دور 1947ع کان 1973ع:
پاڪستان جي قيام کان پوءِ سنڌي زبان ۽ ادب جي
ترقي، سنڌي زبان ۾ تعليم ۽ تربيت جي وسعت ۽ سنڌي
صحافت لاءِ روشن راهون ۽ حالتون سازگار ٿيون، ته
ڪن منصوبن کي عملي جاما پھرائڻ لاءِ ڪي نوان ادارا
اڏايا ويا. جن ۾ سنڌي ادبي بورڊ (1951ع ڪراچيءَ ۾
قائم ٿيو)، ڀٽ شاهه ثقافت مرڪز (1951ع ڀٽ شاهه
حيدرآباد) جون خدمتون پڌريون آهن. سنڌي ادبي بورڊ
جي هڪ جامع منصوبي جي ماتحت جامح سنڌي لغت جي
(ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي نگرانيءَ هيٺ) تدوين
ٿي. جنھن ۾ هڪ (پهريون جلد ٽن حروفن ۽ 15735 لفظن
۽ اصلاحن تي مشتمل) شايع (1960ع) ٿي چڪو آهي. ٻيو
منصوبو لوڪ ادب گڏ ڪرڻ جو هو، جنھن تحت (ڊاڪٽر
بلوچ جي نگرانيءَ هيٺ) ٽيھه جلد (ڏهه جلد بعد ۾)
شايع ٿي چڪا آهن. شاهه عبداللطيف ثقافتي مرڪز جي
نگرانيءَ هيٺ شاهه عبداللطيف جي سوانح، ڪلام ۽
موسيقي (شاهه جو راڳ) تي تحقيق ۽ اشاعت جو سلسلو
تيزيءَ سان جاري رهيو. اهي منصوبا سنڌي زبان جي
سرمايي، لغت ۽ تمدن جي وسعت جي لحاظ کان خاصي
حيثيت رکن ٿا. ان دور ۾ سنڌي صحافت جي ظاهر ظهور
ترقي ٿي. سنڌيءَ ۾ چار روزانه اخبارون، لا تعداد
هفتيوار ۽ پنڌرهن اخبارون، ماهوار ۽ ٽماهي رسالا
شايع ٿيندا رهن ٿا. مغربي پاڪستان مان سنڌ جي
ادغام ۽ سنڌ اسيمبلي جي ٽٽڻ سان سنڌ جي دفتري ۽
سياسي اهميت گهٽجي ويئي. تعليم ۽ تربيت جي شعبن ۾
به ان جي اها حيثيت برقرار نه رهي، جيڪا 1958ع کان
اڳ هئي. 1970ع ۾ ٻيهر سنڌ جو الڳ صوبو بڻجڻ تي هڪ
ڀيرو ٻيهر سنڌ جي روشن ترقي لاءِ ڪوششون تيز تر ٿي
ويون. ريڊيو پاڪستان تان سنڌيءَ ۾ مختلف نوعيت جا
پروگرام پيش ٿيڻ لڳا. نوان لفظ ۽ اصطلاح واضح ٿيا.
نثري ڏانوَ جون نيون راهون کلڻ لڳيون. ان دور ۾
سنڌي ۽ اردو زبانن وچ ۾ عمل ۽ ردِ عمل جو سلسلو
شروع ٿيو، جو گهڻو جاري رهيو. سنڌي اڙدو ۽ اڙدو
سنڌي لغتون تصنيف ٿيون. ڪي سنڌي لفظ اردو ۾ ڪتب
اچڻ لڳا. ايئن ئي اڙدو لفظ ۽ اصطلاح اڙدوءَ جي
بياني انداز مان سنڌيءَ ۾ شامل ٿيا. جديد اردو ادب
جي اثر سبب سنڌي نظم ۽ افساني ۾ پڻ نوان تجربا عمل
۾ آيا. مجموعي طور تي هي دور هڪ عبوري دور معلوم
ٿئي ٿو. جنھن ۾ مختلف قسمن جا رجحان ڏسڻ ۾ آيا ۽
سنڌيءَ جو آئيندو اجرو پيو ڏسجي.
اضافا (مختصر):
(4) ابوعطا سنڌي: اصل سنڌي هو. بعد ۾ ڪوفي ۾ بنو
اَسد بن خزيمه قبيلي ۾ پيءُ سان غلام وڃي بڻيو.
جتي عربي زبان تي عبور حاصل ڪري بلند معيار شعر
چوڻ ڪري شھرت حاصل ڪيائين. شاعريءَ ۾ قدر، منزلت ۽
وڏو رتبو ڏسي، مالڪ عمرو بن سماڪ بن حصين اسديءَ
چئن هزارن درهمن جي بدلي آزاد ڪري ڇڏيو.
ابوعطا سنڌيءَ
جي شاعريءَ جو انتخاب مختلف تذڪره نگارن جي تذڪرن
۾ درج ڪيل آهي. علامه ابوالفرج علي بن حسين
اصفھاني (وفات 356هه 976ع) ”ڪتاب الاغاني“ جي نالي
پنجويھن جلدن تي مشتمل عربي شاعرن جو تذڪرو ترتيب
ڏنو. ان جي ستين جلد ۾ ابوعلي سنڌيءَ جو احوال ۽
انتخاب ڏنو آهي. علامه ابوالفرج ابوعطا سنڌيءَ جو
اصل نالو افلح بن يسار ڄاڻايو آهي، ڪتاب ”الشعر و
الشعراء“ جي مؤلف لابن قتيبه هن جو نالو مرزوق
لکيو آهي. پوءِ جي ڪن ڪتابن ۾ اهي ٻئي نالا گڏ به
آندا ويا آهن. ابوعطا جي زماني ۾ بنواميه جي حڪومت
هئي، اموين ۽ عباسين جي جنگين ۾ هن اموين جي حق ۽
حمايت ۾ نه رڳو چڱي ثنا خواني ڪئي ۽ رزميه شعر
چيو، پر پاڻ به جنگين ۾ وڙهيو. عباسين جي جيت ۽
اموين جي هار ٿيڻ سبب، ڀَو ۽ ڏَرَ کان هي وڃي ڪنھن
ڪُنڊ ۾ لڪيو.
بنواميه جي خاتمي تي هن هڪ وڏو پُردرد مرثيو لکيو،
جنھن تان ابوجعفر منصور کانئس سڙندو هو. اهو قصيدو
پڙهڻ لاءِ درٻار ۾ اچي حاضر ٿيو، ابوجعفر ڏسي مٿس
ڪاوڙيو ۽ چيائين ته: ”تون ئي دشمن خدا، فاجر ۽
فاسق نصر بن بسار (اُموي) جو مرثيو لکيو آهي؟ ۽
پوءِ مرثيي جا اشعار پڙهي چيائين: خدا جو قسم
توسان مان ڪوبه سلوڪ ڪري سگهان؟ ابوعطا درٻار مان
هليو ويو ۽ اچي چند مرثيه چَيائين ۽ ان کان پوءِ
دل کولي منصور جي هِجوَ لکيائين (مشاهير سنڌ، ج 1،
ص 80 ۽ 18)
فاضت دُموعي علي نَصر وما ظلمت
يا نَصّرُ مَنّ لِلِقاء الحرب انِ
لَقِحَتُ
الخِند في الذي يحمي حقيقتھ |
|
عينِ تفيضُ علي نصر بن سيَّارِ
يا نَصرُ بعدک اُو للضيف والجارِ
في کل يَوم مخوف الشعر و العار |
ابوعطا سنڌي جي في البديه گوئي ۽ حاضر جوابيءَ کي
پڻ واکاڻيو ويو آهي. ڪيترائي واقعا هن جي حياتي،
سخن گوئي ۽ ڪردار جي هر پھلوءَ کي روشن ڪرڻ لاءِ
لکيا ويا آهن. ڪھڙا نقل ڪري ڪھڙا ڪجن! هڪ واقعو
آهي ته هو مڪي جي واٽ تي هڪ خيمو ويڙهيل رکي ترسيل
هو ته نھيڪ بن معيد ۽ عطاوي اتان لنگهيو ۽ پڇيائين
ته: ”هي تنبو ڪنھنجو آهي؟“ ماڻھن چيس: ”ابوعطا
سنڌيءَ جو آهي.“ هن غلامن کي چيو ته: ”اهو وڃي
کولي کوڙيو.“ ابوعطا نھيڪ تي نظر پوڻ سان هيج مان
وڏي واڪي سندس مدح ۾ شعر پڙهيا:
اذا کنت مُرتادَ الرجال لنفعھم |
|
فنادِ بصوت: يا نَھِيکُ بن معبد |
نھيڪ چيس ته: ”ابوعطا انھيءَ شعر تي اضافو ڪر.“
قافلي ۾ اهو شعر زبان زد عام ٿيو. ابوعطا ٺھه ڦھه
چيو ته: ”مان توکي ايترو عطا ڪيو، جيترو مون کي تو
عطا ڪيو، تون عطيو وڌائيندين ته مان به عطيو
وڌائيندس.“
اذا اَرسلتَ في اَمر رسولا
و ان ضيعتَ ذالک فلا تَلُمھُ |
|
فــــــافھمھ و اَرسِلـــــــھ
اَديبـــــــا
علي اَن لم يکن عَلِمَ الغُيوبا |
افلح جي ابوعطا ٿيڻ جي حقيقي واقعي جو پس منظر
ڪجهه هن ريت آهي ته، هو اهڙو قادرالڪلام سخنور هو
جو
ڪيترا
زبان دان هن جي آڏو سر تسليم خم ڪندا هئا، ايڏي
معيار ۽ مقام جي باوجود منجهس ڪا ڪمي هئي ته سندس
زبان ۾ هٻڪ ۽ اٽڪ رهندي آئي. ’جيم‘ کي ’زي‘ ڪري ۽
’شين‘ کي ’سين‘ ڪري اُچاريندو هو. ان ڪري وقت جي
دستور مطابق وڏن شاعرن وانگر هن سليمان بن سليم جي
درٻار ۾ هڪ ڊگهو قصيدو پيش ڪري، کائنس هڪ اهڙي
ماڻھوءَ جي گهُر ڪئي، جو سندس شعر مختلف محفلين ۽
درٻارين ۾ پڙهي. سليمان بن سليم افلح جي التجا تي
کيس هڪ زبان دان بربري غلام ڏنو. افلح ان جو نالو
’عطا‘ رکيو ۽ ان جي نالي تي پنھنجي ڪنيت ”ابوعطا“
اختيار ڪري کيس پٽيلو بڻايائين، ان قصيدي مان
اقتباس پيش ڪجي ٿو:
اعوزَتني الرُّاة يا ابن سليم
و غلا بالذي اُجَمجِم صَدري
وَعَدَ تني العيونُ ان کان لَوني
و ضربت الامورَ ظهراً ابطن
فتمنت انني کنتُ بالشعر
فالي مَن سواک يا ابن سليم
ثم خذني بالشکر يا ابن سُليم |
|
وِ اَبي ان يقيمَ شِعري لساني
و شکاني من عجمتي شيطاني
حالَکاً مُظلِماً مِنَ الاَلونِ
کيف احتال حليةً لَبَياني!
فصيحاً وبانَ بَعضُ بناني
اشتکي کُربتي وما قد عَناني
حيث کانت داري من البلدان |
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ”نتف من شعر ابي عطا
السندي“ جي نالي سان سن 1961ع ۾ ڪلام ترتيب ڏيئي
سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ڪرايو. ان ڪتاب تي
مقدمو استاذ علامه عبدالعزيز ميمني لکيو آهي.
افلح بن يسار ابوعطا سنڌي جي وفات جا ٻه سن ملن
ٿا. ”ڪتاب الاغاني“ ۾ سندس وفات 168هه ڄاڻايو وئي
آهي ۽ الڪتبي جي ڪتاب ”فوات الوفيات“ ۾ 180هه لکيل
آهي.
ابوعطا سنڌي شاعري جي ڪمال جو تعين ان مان ٿي سگهي
ٿو ته ڪيترن عربي شاعريءَ جي ماهرن سندس سخنوريءَ
کي خوب ساراهيو آهي. ان کان علاوه عربي شاعرن جي
بياضن ۽ تذڪرن ۾ سندس تذڪرو فراغ دليءَ سان ڪيو
آهي. بيشڪ هي ٻي صدي هجريءَ جو باڪمال شاعر سنڌ
سان گڏ ڪوفي جي مرتبي ۾ اضافي جو اهڙو مثال آهي،
جنھن جي ذڪر سان سرهائي محسوس ٿئي ٿي. هن جھڙو
قصيده گو مدح گو عربي شاعر ورلي ڪو ٿي سگهيو هجي.
(7) الاصطخري: ابو اسحاق ابراهيم بن محمد الفارسي
الصطخري، ايران جي شھر اصطخر جي رهاڪو هئڻ جي نسبت
سبب الاصطخري مشھور ٿيو. هي به ڏهين صديءَ جي
جاگرافي دان هو، چيو وڃي ٿو ته هي 957ع ۾ بغداد ۾
فوت ٿي ويو.
(8) ابن حوقل: محمد ابوالقاسم بن حوقل ڏهين صديءَ
جو مسلمان جاگرافي دان هو. 943ع ۾ ترڪيءَ جي هڪ
صوبي نصيبين جي علائقي ۾ ڄائو. عربي زبان جي نامور
سياح ۽ اديب جي حيثيت سان معروف آهي. سندس ڪتاب
”صورت الارض“ عربيءَ ۾ شاهڪار اهي. هن کي ابن حوقل
بغدادي به سڏيو وڃي ٿو، ”صورت الارض“ ۾ ٻين علائقن
جي نقشن سان گڏ سنڌ جو نقشو به شامل آهي، جو سنڌ
جي ڪن تاريخ جي ڪتابن ۾ پڻ ڇاپيو ويو آهي.
(9) ابن نديم: محمد اسحاق ابي يعقوب النديم ابن
نديم جي نالي سان مشھور ٿيو. بغداد جو باشندو هو،
کيس عربي زبان ۾ پھرين انسائيڪلوپيڊيا ترتيب ڏني،
جا ’الفھرست‘ (377هه/987ع) جي نالي سان آهي. ان ۾
بيشمار ڪتابن ۽ مصنفن جو احوال آهي. ابن نديم جو
هڪ ڪنيت ابوالفراح ٻڌايل آهي. ابن نديم هارون رشيد
جي درٻار ۾ موسيقار به رهيو. 995ع ۾ فوت ٿي ويو.
(10) البيروني: ماللھند جو مصنف ابوريحان محمد بن
احمد البيروني 5 سيپٽمبر 973ع ۾ ڄائو ۽ 13 ڊسمبر
1048ع ۾ وفات ڪري ويو، محقق ۽ سائنسندان جي حيثيت
سان شھرت مليس، اصل وطن خوارزم جو خطو بيرون هو.
عراقي حڪومت جي پڄاڻيءَ تي جرجان ويو جتي تصنيف ۽
تاليف جو ڪم ڪندو رهيو، وطن وريو ته بوعلي سينا
سان سندس ميل ملاقات ٿي، غزنيءَ ۾ پنجھتر ورهين
پڄاڻان موت سان ملاقي ٿيو.
(11) بزرگ بن شھريار: اصل ايراني ملاح هو، کيس
ناخد سڏيو ويو آهي. هو سامونڊي سفرنامه نگار هو،
سمنڊ جي ڪناري تي قائم ملڪن متعلق سندس ڪتاب
”عجائب الھند“ اهميت رکي ٿو. ڏهين صدي جي ٻي ڏهاڪي
جي شروع ۾ (912) ڄائو ۽ يارهين صدي جي پھرين ڏهاڪي
(1009) ۾ فوت ٿي ويو.
(12) ابن حبان البستي: محمد بن حبان البستي
ابوحاتم 884ع ۾ پيدا ٿيو ۽ 19 آڪٽوبر 1965ع ۾ وفات
پائي ويو، تاريخ ۽ حديث جي علمن ۾ ماهر هو. ”روضيت
العقلا و نزهة الفضلاء“ کان سواءِ ”صحيح ابن حبان“
مشھور ڪتاب آهن، ”الحافظ الامام“ جي لقب سان پڻ
مشھور هو.
ماخذ:
1.
Dawson & Elliot: History of India as told by its
own historians: Vol-1- London 1867
2.
Geo ge shirt: Traces of a
Dravidian Element in Sindh: vol: 7-1878
3.
Grierson: language survey of India vol:8: 1919
4.
R. Pischel: comparative grammar of prakart
جرمن تان
ترجمو: دهلي 1957ع
5.
احمد حسن داني، آڪسفورڊ: 1963ع
India paleography:
6.
بي ايڇ اڀياس (The
report on Education in Sindh)
بمبئي 1856ع: ٻيو ڇاپو: مرتب: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ:
سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد 1971ع.
7.
بزرگ بن شھريار: عجائب الھند: لائيڊن ڇاپو.
8.
ابن حوقل: صورت الارض: بيروت ڇاپو.
9.
ابن حبان البستي: روضت العقلاء ونزهة الفضلاء:
قاهره 1328
.
10.
ابن نديم الفھرست، قاهره 1348هه.
11.
البيروني في تحقيق ما الهند، حيدرآباد، (دکن)
1377هه/ 1958 وطبع سخائو
Sachall
ج 1- مقدمه.
12.
الاصطخري: المسالک والممالک، قاهره: 1961ع
13.
جعفر بوبڪاني: حاصل النهج (مختصر نھج التعلم)
مطبوعھ: 4، سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد 1969ع.
14.
مجمل التواريخ والقصص: مطبوعھ ايران.
15.
نظام الدين بن عبدالرزاق درٻيلوي انيس انجمن،
مخطوطھ در کتاب خانھ راقم (دکتر نبي بخش خان
بلوچ).
16.
شمس سراج عفيف: تاريخ فيروز شاهي، ڪلڪته 1890ع.
17.
محمد حفيظ الرحمان بهاولپوري ذڪر ڪرام، بھاولپور
1357هه.
18.
جمال الدين ابو بڪر الھ آبادي: تذڪره قطبيھ (تصنيف
1540-1545ع) لاهور 1371هه.
19.
آدگرنتهه لاهور 1884ع.
20.
ابو الحسن جي سنڌي طبع عبدالحق حيدرآباد (سنڌ)
1919ع.
21.
ڀيرومل مھر چند آڏواڻي سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ:
ڪراچي 1941ع.
22.
نبي بخش بلوچ: سنڌي ٻولي جي مختصر تاريخ: حيدرآباد
(سنڌ) 1964ع.
23.
سيد علي محمد شاهه: مصلح المفتاح يعني سيد دائري
وارن جي سنڌي: طبع نبي بخش بلوچ مطبوعه سنڌ
يونيورسٽي ڄام شورو 1390هه/1970ع وڌيڪ ڏسو.
24.
بذ پل ماده ج 20، 1950 انسائڪلو پيڊيا برٽانيڪا (Encyclopedia
Britannica) |