ڊاڪٽر مخمور بخاري

سروري
خاندان ۾ ڪافيءَ جي روايت
سنڌ جي مٽيءَ جي خمير ۾ ڪي عجيب عنصر موجود آهن،
جيڪو هتان جو آهي، اهو نرالو آهي ۽ جيڪو هتي
ٻاهران آيو، اهو اُن ۾ جذب ٿي، ڪانه ڪا نئين صورت
اختيار ڪريو وٺي. هيءَ ڳالھه فقط سنڌ جي روايتن،
ريتن رسمن، مزاج توڙي علم ۽ ادب، شعر ۽ شاعري، فني
هيئتن جي پسمنظر ۾ ڪجي ٿي. ادب ۾ روايت، بنياد جو
ڪم ڏيندي آهي. وقت ۽ حالتن جي تبديل ٿيڻ سان روايت
جو بنياد پختو به ٿيندو آهي ته اُها جدت ڏانھن سفر
به ڪندي آهي. روايت کي جدت سان ملي جلي هلڻ لازم
آهي. سنڌي ادب اِن حوالي سان پنھنجو شاندار علمي
ورثو رکي ٿو. ان جي روايت جا بنياد پختا ۽ جدت سان
همڪنار آهن. اڄ جي ترقي پسند ۽ محب وطن شاعرن، سنڌ
جي آڳاٽين صنفن: خاص طور بيت، وائي ۽ ڪافيءَ کي
نئين سر جياري، نئين انداز سان لکي، انھن کي مقبول
صنفون بنائي ڇڏيو آهي. هي ٽيئي صنفون، سنڌ جي
شاندار ڪلاسيڪي شعري ورثي جون امين آهن، جنهن ۾
سنڌ جي ثقافتي، سماجي، سياسي، معاشي ۽ علمي تاريخ
جا اڻ وسرندڙ باب رقم ٿيل آهن. هنن گهاڙيٽن جو جنم
به تاريخ جي ڪتابن ۾ ويجهي دور ۾ ئي ٿيل ڏسجي ٿو.
ڪافيءَ جو جنم، ان جي ارتقا ۽ اوسر سنڌ ۾ ٿي آهي.
ان کان پوءِ هن پاڙيسري زبانن جهڙوڪ: سرائڪي،
پنجابي ۽ ڪڇيءَ ڏانھن سفر ڪيو ۽ مقبول ٿي. هن صنف
جي نالي ۽ ان جي گهاڙيٽن بابت اسان جي عالمن ڪافي
علمي بحث ڪيو آهي، پر باوجود ان جي هن صنف جي
مقبول عام ٿيڻ ۾ هر دور جي حالتن جو هٿ رهيو آهي.
ڪافيءَ جي گهاڙيٽن ۽ ان جي موضوعن ۽ مضمونن ۾
موجود وسعت ۾ هن صنف جو جنم ۽ ارتقا لڪل آهي. هر
شاعر پنھنجي دور جي حالتن کان متاثر ٿئي ٿو ۽ ان
جي اها سوچ ان جي اظھار مان ظاهر به ٿئي ٿي. خيال
جڏهن لفظن جي صورت اختيار ڪندو آهي ته اهو پاڻ سان
پنھنجو شعري سانچو (هيئت) به کڻي ايندو آهي. ان
وقت شاعر شعوري طور ڪابه ڪوشش ڪري نه سگهندو آهي،
بلڪه سندس احساس ۽ جذبا جڏهن سندس سوچن ۽ خيالن جي
صورتگري ڏانھن وڌندا آهن ته ان جي ذهن ۾ نقش ٿيل
”شعري هيئتون“ ان جي احساسن جي خوشبوئن سان واسجي
۽ نکري نروار ٿينديون آهن، هن نُڪتي کي نامياري
محقق حفيظ خان پنھنجي ڪتاب ”کافی
وادیٔ
سندھ
کی
شعوری
تاریخ
“ ۾ هن طرح آندو آهي:
''کافی نہ تو کوئی مخصوص شعری ہیئت ہے، نہ کلاسیکل
موضوع، نہ خاص انداز کی گائکی اور نا ہی کوئی سماجی
اجارہ داری، کافی تو ایک مزاج ہے، بولتا ہوا رَويہ
ہے، ابدی مکاشفے کا ورثہ ہے، جو اس مزاج کی فریکوئنسی
پر ٹیون ہوئے شاعر پر کسی عطا کے لمحے میں اترتا
ہے، اور اپنی طبعی حیات جینے کے بعد وہ شاعر اس
ورثے کو اپنے اثاثے کے اضافے کے ساتھ آگے منتقل
کردیتا ہے۔ 'کافی' کے واسطے کسی مخصوص زبان کی بھی
قطعی ضرورت نہیں، کافی کسی بھی زبان میں، کسی بھی
رسم الخط میں ہو، 'کافی' ہی رہے گی، بشرطیکہ وہ
رب، انسان اور کائنات کے ابدی تعلق کو بدلتے ہوئے
زمانوں میں بھی نت نئی فکری توجیہات اور کرشما ساز
محبت کے مضامیں کے وسیلے سے مستحکم رکھے''(ص 50)۔
هنن صفحن ۾ برصغير جي روحاني، علمي ۽ ادبي خاندان
طور سڃاتو ويندڙ هالا جي ”سروري خاندان“ ۾
ڪافيءَ جي ٻن وڏن شاعرن مخدوم امين محمد ”پکن ڌڻي“
۽ مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“ جي ڪافين بابت
ڪجهه گفتگو ڪئي ويندي:
سروري خاندان ۾ علم، ادب ۽ شعر، شاعريءَ جي روايت
حضرت مخدوم نوح رحه کان شروع ٿيل ڏسجي
ٿي. مخدوم صاحب جو ڪيل قرآن شريف جو فارسي زبان ۾
ترجمو ۽ هٿ آيل ”ست سنڌي بيت“ ان ڳالھه جو مضبوط
دليل آهن، ان کان سواءِ مخدوم نوح رحه
جي پوٽي مخدوم فتح محمد جو تصوف بابت فارسي زبان
۾”رساله فتحيه“ پڻ نادر نمونو آهي. هن خاندان جتي
روحانيت ۽ تصوف جا باڪمال شخص پيدا ڪيا، اُتي ان
ئي خاندان مان سنڌي شاعريءَ جي قديم روايتن سان
لاڳاپيل شخص به پيدا ٿيندا رهيا. اهڙن قديم شعري
روايتن ۾ ”بيت ۽ ڪافي“ خاص طور شامل آهن. مخدوم
محمد امين”‘پکن ڌڻي“ ۽ مخدوم محمد زمان ”طالب
الموليٰ“، سنڌي شاعريءَ جي هن روايت سان جڙيل ٻه
اهم نالا آهن. هت مختصر طور هنن ٻنهي شاعرن جي
ڪافين جو جائزو پيش ڪجي ٿو:
مخدوم امين محمد ”پکن ڌڻي“:
مخدوم امين محمد ”پکن ڌڻي“، پنھنجي دور جو ڪافيءَ
جو اهم شاعر ٿي گذريو آهي. سندن ڪتاب ”ڪليات امين“
۾ ڪل ٽيهه سنڌي ۽ ارڙهن سرائڪي ڪافيون موجود آهن،
جيڪي فن ۽ فڪر جي حوالي سان اهم آهن. فني طرح سندس
سنڌي ۽ سرائڪي ڪافيون هيڪوڻي، ٻيڻي، ٽيڻي ۽ چئوڻي
ڪافيءَ جي هيئت ۾ چيل آهن، جن ۾ ڪن ٻيڻين ۽ ٽيڻين
ڪافين جا ٿلھه وري هڪ سٽا آهن ته گڏوگڏ انھن ۾
قافين جي مٽاسٽا سان انفراديت پيدا ڪئي وئي آهي.
هن کان اڳ سنڌي ۽ سرائڪي ڪافيءَ جي گهاڙيٽن ۾
قافين جي ردوبدل سان سچل سرمست پھريون ڀيرو سٺ کان
وڌيڪ نمونا ايجاد ڪيا هئا، جن جي کانئس پوءِ جي
شاعرن پيروي ڪئي.
هتي مخدوم امين سائينءَ جي ڪافين جي گهاڙيٽن جا
ڪجهه مثال پيش ڪجن ٿا:
هيڪوڻي ڪافيءَ جي هيئت واريون ڪجهه ڪافيون، مخدوم
صاحب وٽ ملن ٿيون، جن جا ٿلھه ۽ بند هڪ سٽا آهن.
ٿلھه جو پھريون پد ۽ مصرع جو آخري پد پاڻ ۾ همه
قافيه آهن:
ٿلھه: ماندو مون مھمان، ڪالهه هئا جي ڪاپڙي،
بند: سنڱ ساميئڙن
جا، هالين ٻُجهن هاڻ. (ڪليات امين، ص 131)
ڏيڍي ڪافيءَ جا به مثال اسان کي ”ڪليات امين“ ۾
ملن ٿا. ڏيڍي ڪافيءَ جو ٿلھه هڪ سٽو ۽ بند ڏيڍو
آهي. ٿلھه جو آخري پد مصرع جي وراڻيءَ سان همه
قافيه آهي، جنهن جي پڇاڙيءَ ۾ رديف به استعمال ٿيل
آهي، جڏهن ته هر مصرع جو جدا جدا پھريون ۽ ٻيو پد
همه قافيه آهن:
ٿلھه: جانب جدائي ڇاهي، آءُ، مهل هيءَ ملڻ جي!
بند: اميد اوهان جي آهيان، سا لوڏ ڪيئن لڪايان،
سهڻا سچي سُخن جي!
(ڪليات امين، ص 139)
ٻيڻي ڪافيءَ جا ٿلھه هڪ سٽا ۽ بند ٻيڻا آهن، جن ۾
قافين جي مٽ سٽ سان ڪجهه نمونا ٺاهيا ويا آهن:
ٿلھه: سڪ ساهڙ جي
سِڌاري، وڌي
سيني عشق اڀاري،
بند: سُرڪي پيتائون سُور جي
تنھن ڳاراڻي ٿي ڳاري، ڪيائون پرت پناري.
(ڪليات امين، ص 131)
هن جي ٿلھه ۽ بند ۾ قافييءَ سان گڏ رديف به آيل
آهي.
ٿلھه: جانب جدائي لاهي، ڪر مون اچي ملڻ جي،
بند: ساجن اوهان کي ساريان، نت واٽڙيون نهاريان.
ڏينهڙا گهنگهر گذاريان، اچي واهه ڪر
وِلهين جي.
(ڪليات امين، ص 134)
هن جو ٿلھه به ٻه سٽو آهي:
ٿلھه: بانگِ اَلَستُ رَبِي، چئي عشق جن تي آيو،
مــــيدان معرفت ۾،
ڪونتل تنين ڪُڏايو.
بند: ڏسي عشق جا اشارا، وِهندا سي ڪئين وچارا،
نــيڻين وهـــائي نـــارا، هَيءِ هَيءِ
جو هُل مچايو.
(ڪليات امين، ص 137)
ٽيڻي ڪافيءَ جو ٿلھه ٻن پدن وارو ۽ بند هڪ هڪ پد
جو ٽن سٽن جو آهي. هر سٽ جو هڪ ئي پد رکيو ويو
آهي. ٿلھه جو آخري پد بند جي ٽئين پد سان همه
قافيه آهي، جڏهن ته هر بند جون جدا جدا پھرئين ۽
ٻئي سٽ پاڻ ۾ همه قافيه آهن.
ٿلھه: جي ميخاني ملندو مولا، بتخاني ۾
ڇاهي ڇاهي!
بند: هـــــنودي بتـخــــاني آيـــا،
ترڪن طعنا تن تي
لايا،
پريم پٿر ۾ ناهي
ناهي!
(ڪليات امين، ص
133)
چئوڻي ڪافيءَ ۾ پڻ قافين جي مٽ سٽ سان ڪجهه نمونا
جوڙيا ويا آهن. هن ڪافيءَ جو ٿلھه چئن پدن ۽ ٻن
سٽن جو آهي ۽ بند هڪ هڪ پد جو چار سٽو آهي:
ٿلھه: عشق آندا سامان سينگاري، جلد بهادر جنگي،
يارو!
عقل هليو اسباب اٿاري، مرد مبارڪ
ننگي، يارو!
بند: عـــشق آڻــي ڪـيا دل ۾ ٿاڻا،
تـــسبيــح تــقويٰ اٿـــــي اڏاڻا،
مــــور ڇــــــڏي ويــا مـاڻا ٽاڻا،
راز ڏسي سڀ رنگـي يارو!
(ڪليات امين، ص 136)
”پکن ڌڻيءَ“ جي ڪافين جي گهاڙيٽن مان هت چند مثال
ڏنا ويا آهن، جن مان اسان کي هن صاحب جي فني وسعت
جو پتو پوي ٿو. جن مان ”يڪي ڪافي“ جو پھريون ۽
ٻيڻي ڪافيءَ جي ٻئي ۽ ٽئي مثال وارين ڪافين جا
گهاڙيٽا، هن کان پھرين سچل سائينءَ جي رسالي ۾ ملن
ٿا.
”ڪافي“ بنيادي طور راڳ سان تعلق رکي ٿي. مخدوم
صاحب جون ڪافيون به مختلف راڳن ۽ راڳڻين جي قالب ۾
اوتيل آهن. پندرهن مختلف راڳن ۾ سندن اٺيتاليهه
(48) سنڌي ۽ سرائڪي ڪافيون موجود آهن. جن ۾ ”آسا“
۽ ”ڪلنگڙي“ ۾ هڪ هڪ سنڌي، ”ڀيرويءَ“ ۾ چار سنڌي،
هڪ سرائڪي، ”ٽوڙي گنڌاريءَ“ ۾ هڪ سنڌي، ٻه سرائڪي،
”تلنگ“ ۾ چار سنڌي ٻه سرائڪي، ”ڪاريهل“ ۾ ٽي سنڌي،
”جوڳ“ ۾ پنج سنڌي هڪ سرائڪي، ”ڪوهياريءَ“ ۾ پنج
سنڌي، ”ڀوپالي ڪلياڻ“ ۽ ”ڪلياڻ“ ۾ هڪ هڪ سنڌي،
”ڀاڳيسريءَ“ ۾ ٻه سنڌي، ”کنڀات“ ۾ ٻه سنڌي ۽ ست
سرائڪي، ”کنڀات ڪماچ“ ۾ هڪ سرائڪي، ”گجريءَ“
۾ ٻه سرائڪي ۽ ”ڪاريهر ڪيدار“ ۾ ٻه سرائڪي ڪافيون
موجود آهن.
موضوعاتي طور مخدوم صاحب جون ڪافيون حُسن ۽ عشق،
مجاز، حقيقت، وحدت الوجود جهڙن بيانن ۾ اُڻيل آهن.
مجاز، حقيقت ڏانھن ويندڙ رستو آهي. عشق، انساني
جبلتن ۾ ڳڻي سگهجي ٿو. حُسن کي پسڻ ۽ پسند ڪرڻ اُن
جبلت جي پٺيان وارو جذبو آهي. جبلت سان گڏ جذبي جو
هجڻ به لازمي آهي. جماليات پسندي، انسان کي حساسيت
ڏانھن وٺي وڃي ٿي. سموري ڪائنات ۾ سُونهن ۽ سُرهاڻ
جا ڪيترائي عڪس ۽ نقش موجود آهن. ”پکن ڌڻي“ اکين
جي متعلق چوي ٿو:
اکيون تنھنجون ڪجليون ڪاريون،
ڌاڙي ڪـــــــــارڻ دلبــــــــر ڌاريـــون.
هو گهر اجاڙن گليون، يار!
”امين محــــمـــد“ اکــــڙيون ارڙيـــون،
زلف زنجير، قــلابـــيـــن ڪڙيــــون.
وه ڪين ڇٽن سي جهليون، يار!
(ڪليات امين، ص 132)
هن ڪاڪل قهري ڪمند ۾، برھه جي بازار ٿئي،
عاشق هجين تان سر اُڇل، درشن جي درڪار ٿئي.
(ڪليات امين، ص 154)
عاشق کي، سڄڻ جي سڪ ۾ سڪندي، سورهن سال گذري وڃن
ٿا- پکن ڌڻيءَ جي هن ڪافيءَ ۾ اهو تذڪرو پڙهڻ جهڙو
آهي:
زلف جي ڦاهيءَ ۾ ڦاسڻ جو، فڪر في الحال آھ!
ساھ سر صدقو ڪريان، هي محب تنھنجو مال آھ.
عشق جي عينن اڃاين جو، جيئڻ جنجال آھ.
اي ”امين محمد“ سڄڻ لئي، سڪندي سورهون سال آھ!
ڪليات امين، ص 4-153
عشق جي اپٽار ڪندي ”پکن ڌڻي“ پاڻ کان اڳ جي شاعر
قادربخش ”بيدل“ جي هيٺينءَ ڪافيءَ جي بلڪل ڀران
ڪافي چئي آهي:
بيدل: عقل جو ويو اختيار، عشق اَنَاالحَق جو دم
ماريو!
عشق عقل جي لڳي لڙائي، عشق کٽي، جنگ عقل هارائي،
هـــيڪل هـــــڪ هـــسوار، ڪـــيڏي ڪـــٽــڪ کــي
برھه ڀڄايو آ.
(ديوان بيدل)
امين سائين چئي ٿو:
عشق آندا سامان سينگاري، جلد بهادر جنگي يارو!
عقل هليو اسباب اٿاري، مرد مبارڪ ننگي يارو!
(ڪليات امين، ص136)
عشق جي منزل اڻانگي، پيچرا دشوار، رڳو رائو رُڃ،
پنھنجي رت سان وضو ڪري، پوءِ يار جي سامهون پيش
ٿيڻ. هي سمورا مرحلا ۽ معاملا ٿڪائيندڙ ۽ جسم جي
اذيت کان اڳتي روح جي ڳلين ۾ ڀٽڪڻ جهڙا آهن ۽ پوءِ
جيڪا واٽ ان حالت ۾ ڳولي لهن ٿا، اها بندي کي مجاز
کان حقيقت ڏانھن وٺي وڃي ٿي. ”پکن ڌڻي“ تن کي
تَسيا ڏئي، من اندر ۾ ”حق“ جي حقيقت لهڻ لاءِ
اڪيلائيءَ ۽ ويراني ۾ مجاهدا ڪندو رهيو. جنهن جاءِ
تي عبادت ۽ رياضت ۾ مشغول رهيو، اهو علائقو
”راهونڊ“ جي نالي سان موجود آهي، جتي پاڻ فقيراڻا
پکا اڏيا هئائون. پکا ڇا آهن؟ مٽيءَ جو هڪ دڙو
آهي، ڀرسان مسجد شريف ۽ هڪ کوھ موجود آهي. دڙي تي
اڪيلائيءَ ۾ ويهي حق تعاليٰ جي رازن رمزن تي ويچار
ڪندا هئا. جنهن ڪري کين ”پکن ڌڻي“ به سڏيو وڃي ٿو.
سندس ڪافين ۾ فلسفه وحدت الوجود جو ذڪر ڪجهه هن
طرح موجود آهي:
آک ‘اَنَاالحَق’ ٿي اظھار،
وڃ وحدت وچ ملڪ مٽيندا!
وحدت وجود وڃا ڪر ويکو، اي صبيان، جوانو، شيخو،
”لا“ دي لذت پاوي جيڪو، جان جسم ڪري ننگ نثار!
همت هُوَڻ دي پاڙ پٽيندا! (ڪليات امين، ص 188)
”پکن ڌڻي“، حسين بن منصور ”حلاج“ جو ذڪر به ڪيترين
جاين تي ڪندو نظر اچي ٿو:
·
ماڙيءَ تي منصور حوران دي، چڙھه ڪر چاش چکيوي
(ڪليات امين، ص 188)
الله هو ڪر عبدي والي، من ڪي مرگهه مريوي!
·
جسمي حال ”حلاج“ سڏاڪر، آڻ اناالحق ڳاوين
(ڪليات امين، ص 188)
·
مئن اهو مَنصور ڪُهايا، جنهن اناالحق آڻ الايا
(ڪليات امين، ص 191)
·
آک ”اناالحق“ آپ ڪهايم.
(ڪليات امين، ص 185)
·
سر تي حال حلاج دا چايو سي
(ڪليات امين، ص
180)
”پکن ڌڻي“ انسانيت جي اعليٰ فڪر جو قائل هو. هن
ڄاتو ٿي ته سنڌ کي ان دور ۾ متحد ٿيڻ جي ضرورت
هئي، ڇاڪاڻ ته سندس دور ۾ سنڌ مٿان ڌاريان حڪمران
قابض هئا، تنھن ڪري سنڌ ڪيترن ئي مسئلن کي منهن
ڏئي رهي هئي، ان صورت ۾ ضروري هو ته اول ته هتان
جي سمورن ماڻهن کي رنگ، نسل، مذهب ۽ فرقي جي بنياد
تي ورهائجڻ کان بچائجي. انھن کي هڪ ڪجي ته جيئن
سنڌ جي ”قومي وحدت“ کي ٻيهر حاصل ڪرڻ ۾ اڳڀرو ٿي
سگهجي. پکن ڌڻيءَ، پنھنجي شاعريءَ کي قوم جي وحدت
لاءِ استعمال ڪيو هو. چوي ٿو:
وچ مسجد مـــيخــــاني اوئـــي،
بتــخــــانـــي وچ اور نـــه ڪوئي،
جـس ول ويکون سمجهون سوئي،
چوڏس چارا هي چندو ڪا!
(ڪليات امين، ص 192)
ڪٿ هـنـدو، ڪـٿــان مــؤمن مذهب،
مئن هون ٺاڪر، دواري مئن دل هون!
(ڪليات امين، ص 193)
جي ميخاني ملندو مولا، بتخاني ۾ ڇاهي ڇاهي؟
هــــنودي بـــــتخــــــاني آيا،
ترڪن طعنا تن تي لايا،
پريم
پٿر ۾ ناهي ناهي! (ڪليات امين، ص 133)
سنڌ جي بيباڪ شاعر سچل سرمست به ماڻهن کي فرقن ۽
مذهبن ۾ ورهائجڻ کان روڪيو ۽ کين هڪ ٿيڻ جي ڳالھه
چئي هئي:
وقت اها ٿئي ويل، دُوئي دور ڪرڻ جي،
ڪڍ مذاهب من مان، ساجهر ساڻ سويل،
هندو مؤمن سان ملي، محبت جا ڪر ميل،
متان ٿئي اويل، اولهه سج نه الهي.
(عاشقي الهام، ص284)
”پکن ڌڻي“ انسان جي اعليٰ رتبي جو قائل آهي. انسان
ڪائنات ۾ سمورين مخلوقات ۾ عقل، سمجهه، شعور،
ساڃاھ سبب اعليٰ، اشرف، اتم آهي، تنھن ڪري کيس
اهڙن ڪمن ۾ نه ڦاسجڻ گهرجي، جنهن سان سندس مان ۽
مرتبي ۾ فرق اچي. سچل سائينءَ جي ڪلام ۾ ان نُڪتي
کي وضاحت سان پيش ڪيو ويو آهي. سچل جي هڪ
اهڙي ئي ڪافيءَ جي ڀَران ”پکن ڌڻي“ سائينءَ هيءَ
ڪافي چئي آهي:
سچل: سوئي ڪم ڪريجي، جنهن وچ الله آپ بڻيجي،
مـــار نـــغــارا
”اَنَــاالــحَـق“ دا، سولي سر چڙهيجي.
(رسالو سچل
سرمست)
پکن ڌڻي: سو ڪـــــوئي ڪـــام ڪـــريوي،
جنهن وچ
خاص خدا خود ٿيوي.
ماڙي تي منصور حوران دي، چڙهه ڪر چاش چکيوي.
(ڪليات امين، ص8-187)
”ڪليات امين“ ۾ موجود ڪافي ”آهي دم دم جو ديدار،
آهي پلپل جو ديدار“. سچل سائينءَ جي ڪافي ”دم دم
جا ديدار وو، اپر اسان جي نار تي“ جو تتبع آهي. هت
ٻئي ڪافيون ڏجن ٿيون.
سچل سرمست:
دم دم جا ديدار وو، اپر اسان جي”‘نار“ تي،
بگا ڏاند ٻڌائون ٻيئي، تن جي ڳالھه ڪريان آئون
ڪيهي،
وهن ڌارو ڌار، ”ڳاڌيءَ“ جي ڳٽڪار تي!
”ڀاروني“ هڪڙي چُڪريون
ٻيئي،”‘آرا“
انھن جا آهن اِهي ئي.
وهن بارو بار وو، لٺ واري للڪار تي.
”ڦرهيون“، ”ونگڙون“ آهن اوڀاريون، ”اِرڙيون“ سرنهن
”مالهه“ موچاريون،
”جهلڻ“ جا جهلڪار، وو، ”لوٽن“ واري ڌڌڪار تي.
ڍڍي چونڪ، جوئر جا نسري، ڳنا تنھن جا ماکي مصري،
کِيرُن جا به خمار، وو، آهن پيهيءَ واري پونجارتي!
ڪانگن ڪانگيرو، وهين واهيرو، ڪٻرين، ڳيرن ڪيو اچي
گهيرو،
ڳوڙهن جا وسڪار، وو، جهرڪين جي جنسار تي!
آيو ”نيسر“، ”پاڙڇ“ ۾ پاڻي، مرشد اچي ٿيڙم ساڻي،
سا جوئر پچايم جار، وو، آهن ڪم ”سچل“ جا ڪلتار تي.
(رسالو سچل سرمست 514)
پکن ڌڻي:
آهي دم دم جو ديدار، آهي پلپل جو ديدار،
منڊل اسان جي نار تي!
بگا ڏاند ٻڌاسون ٻيئي، هڪل تني جي پري وڃي پيئي،
وهن ٿا ڌارو ڌار، ڳاڌيءَ واري ڳٽڪار تي!
چوئي پاسي چڪريون سڀئي، ارا تني جا ساڳيا سيئي،
”لوٽن“ جي لارو لار، ”لٺڙي“ وهي للڪار تي.
ڊڍا چونڪ جهلي وڃي نسريون، ڳناتن جا ماکي مصريون،
پڄي ٿيا تارو تار، پيهي واريءَ پوڪار تي.
”امين محمد“ اميد آهي، لَسَ لابارا ڇڏيائون
لاهي،
ڳوڌن ڳاھ ڇڏئا وڃي ڳاهي، وائر جي وسڪار، داڻا کڻو
درڪار تي.
(ڪليات امين، ص 2-151)
مخدوم امين ”پکن ڌڻيءَ“ جي ڪافي فڪر ۽ فن جي حوالي
سان اهم آهي. هن جون ڪافيون گهٽ ملن ٿيون، پر فني
پختگيءَ جي بنياد تي اسان کيس سنڌ جي اهم ”ڪافي گو
شاعرن“ ۾ ڳڻي سگهون ٿا. سندس ڪافين جو تتبع به ان
دور ۾ ڪيو ويو، اهڙن شاعرن جا ڪجهه مثال ”ڪليات
امين“ ۾ پروفيسر محبوب علي چنا جمع ڪيا آهن، جن
موجب حسن بخش شاھ ڊٺڙي وارو، نواب ولي محمد لغاري،
مرزا قليچ بيگ، صالح شاھ راڻيپور وارو ۽ فقير محمد
کٽياڻ خاص طور شامل آهن.
مخدوم محمد زمان ”طالب المولى“:
سروري خاندان ۾ ڪافيءَ جي روايت جيتوڻيڪ مخدوم
محمد امين ”پکن ڌڻي“ کان شروع ٿي، پر ان کي عروج
تي مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“ پهچايو. هن هڪ
ئي وقت عروضي شاعريءَ سان به نڀايو، گڏوگڏ سنڌي
شاعريءَ جي ديسي صنفن، بيت ۽ ڪافيءَ سان به خوب
نڀايو. مخدوم صاحب ڪافيءَ ۾ نوان تجربا ڪري، ان کي
جديد ڪافيءَ جو رنگ ڏنو. موسيقيت، رواني ۽ سادي
اسلوب سبب سندس ڪافي منفرد شڪل اختيار ڪري بيٺي
آهي. سندن ڪافين جو ذخيرو ”ڪچڪول طالب“، ”بي پير
اکيون“، ”ڇپر ۾ ڇڙيون“ ۽ ”آب حيات“ ڪتابن ۾ موجود
آهن. هنن ڪتابن ۾ مخدوم صاحب جون لکيل ٻيون صنفون
غزل، بيت، مخمس وغيره به شامل آهن، جڏهن ته انھن ۾
ڪافين کي دور مطابق هڪ هنڌ يڪجاءِ ڪرڻ سان اسان
مخدوم صاحب جي ڪافيءَ جو فني ۽ فڪري تجزيو آسانيءَ
سان ڪري سگهنداسين.
ڪافي سنڌ جي آڳاٽين شعري صنفن ۾ شمار ٿئي ٿي. هن
صنف جو باقاعدي ترتيب وار اڀياس اسان کي سنڌ جي
سياسي، سماجي، مذهبي ۽ معاشي حالتن کي سمجهڻ ۾ به
وڏي مدد ڏئي سگهي ٿو. هن صنف جو پکڙجڻ ۽ عام ۾
مقبول ٿيڻ به هن صنف جي وسعت کي ظاهر ڪري ٿو.
مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“ عروض سان ڀرپور
نڀائيندي ڪافيءَ جهڙي ديسي صنف کي اختيار ڪيو، ان
جو هڪ سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته جنهن به شاعر جون
پاڙون پنھنجي زمين ۾ کتل آهن، اهو روايت کان منهن
نه ٿو موڙي سگهي، بلڪه روايت کي جدت سان ڳنڍي ٿو.
روايتن سان جڙيل گهاڙيٽن کي اختيار ڪري، ان جي فن
۾ وسعت پيدا ڪري ٿو، ته ٻئي طرف ان ۾ نوان نوان
موضوع شامل ڪري موضوعن ۽ مضمونن جي رنگيني پيدا
ڪري ٿو.مخدوم صاحب به ساڳيءَ طرح ڪيو آهي. هن
ڪافيءَ جي گهاڙيٽن ۾ قافين جي مٽاسٽا سان ان کي
فروغ ڏنو آهي ته ٻئي طرف ان ۾ موضوعن، مضمونن ۽
مختلف ٻولين جي لفظن جي آميزش سان خوبصورتي پيدا
ڪئي آهي. سندس ڪافي يڪي، ڏيڍي، ٻيڻي، ٽيڻي ۽ چئوڻي
آهي، هي ڪافين جا عام گهاڙيٽا آهن. هن ۾ نواڻ
قافين جي مٽاسٽا ۽ مضمون سان پيدا ڪئي ويندي آهي.
مخدوم صاحب موسيقي شناس هو، پاڻ هارمونيم وڄائي
ڄاڻندا هئا. کين راڳن ۽ اُن جي ٺاٺن جي چڱي خاصي
ڄاڻ هئي، تنھن ڪري سندن ڪافيون به مختلف سُرن ۾
ورهايل آهن، جن ۾ آسا، ڀيروي، گنڌاري، سنڌي
ڌناسري، تلنگ، لوڙائو، پِيلو، ڪسوري، پهاڙي، جوڳ،
مانجهه، ڪوهياري، راڻو، بهاڳ، درباري، کنڀات،
جهنگلو، بلاول ۽ ٻيا سُر شامل آهن. مخدوم امين
محمد ”پکن ڌڻيءَ“ جي ”ڪليات امين“ ۾ شامل ڪافيون
به مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“ مختلف سُرن ۾
ترتيب ڏئي رکيون هيون.
شاعريءَ جي ڪنھن به صنف جو گهاڙيٽو وڏي اهميت
رکندو آهي. اُن لاءِ ان جي سمجهه شاعر لاءِ بيحد
ضروري آهي ۽ جيڪي شاعر صنفن جي فن تي دسترس رکندا
آهن، اهي ئي انھن ۾ تبديليون آڻيندا ۽ نوان تجربا
ڪندا آهن. سچل سائين ڪافيءَ جو اهو پھريون
شاعرآهي، جنهن اُن جي گهاڙيٽن ۾ قافين جي مٽاسٽا
سان تبديليون پيدا ڪري، هن صنف جي حوالي سان ايندڙ
شاعرن لاءِ نوان گس جوڙيا. هن جا اهي تجربا ڪامياب
ثابت ٿيا، تنھن ڪري سنڌي شاعريءَ جي صنفن مان
جيترا فني تجربا ڪافيءَ جي هيئت ۾ ٿيا، شايد ڪنھن
به صنفي هيئت ۾ نه ٿيا هوندا ۽ ڪافيءَ جي مقبول
عام ٿيڻ جو اِهو به ڪارڻ آهي.
مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“ جي ڪافين ۾ جتي
يڪي، ڏيڍوڻي، ٻيڻي، ٽيڻي ۽ چئوڻي جا گهاڙيٽا شامل
آهن، ته انھن ۾ هن قافين جي مٽاسٽا ۽ ٿلھه جي سٽن
توڙي تُڪن جي گهٽ وڌائيءَ جهڙا تجربا به ڪيا آهن.
هتي مختصر طور اهڙا ڪجهه مثال پيش ڪجن ٿا.
مخدوم صاحب جي ڪافين ۾ يڪي ڪافيءَ جا به نمونا
موجود آهن. هن ڪافيءَ جو ٿلھه توڙي بند هڪ هڪ سٽ ۽
ٻن تُڪن جا آهن، جن جي ٿلھه جي پھرينءَ تُڪ ۽ بند
جي آخري پد جي پڇاڙيءَ ۾ قافيو آندل آهي:
ٿلھه:
هرجا حاضر ناظر، مولا جنهن جو آهي،
بند: طالب! مولا مليو طلب
توحيدي، الا
اعليٰ شان اڪابر.
(ڪچڪولِ طالب، ص 32)
ڏيڍوڻي ڪافيءَ جا نمونا به مخدوم
محمد زمان ”طالب الموليٰ“وٽ
موجود آهن، هن مشهور ڪافيءَ جو ٿلھه چئن تڪن ۽ ٻن
سٽن جو آهي، جڏهن ته بند جي سٽ ٻن تُڪن جي آهي، هڪ
پد واري سٽ وراڻيءَ طور آندي وئي آهي. قافيو ٿلھه
جي پھرئينءَ تڪ ۽ بند جي ٽين تڪ يعني وراڻيءَ ۾
آيل آهي. جڏهن ته ٿلھه جو ٻيو ۽ چوٿون پد پاڻ ۾
همه قافيه آهن، جن جو بند سان ڪو تعلق ناهي. هن
ڪافيءَ جي گائيڪيءَ جي خوبصورتي، ان جي بندن سان
گڏوگڏ ٿلھه جي قافين ۾ لڪل آهي:
ٿلھه: سهڻل جا سينگار وهوا، دل کي
وڻن ٿا،
دل کي وڻن ٿا، ڏاڍا ٺهن ٿا: ڏاڍا ٺهن ٿا، من کي
موهن ٿا.
بند:
نڪ نجيب جو ننڍڙو ننڍڙو، سنهڙو سنهڙو ڪُنڍڙو
ڪنڍڙو،
رنگ ڀريا رخسار. (ڇپر ۾ ڇڙيون، ص 339)
ٻيڻي ڪافيءَ جا ڪيترائي نمونا اسان جي هن شاعر وٽ
موجود آهن. هن هيٺينءَ ڪافيءَ جو ٿلھه توڙي بند،
ٻن ٻن سٽن ۽ چئن چئن پدن جا آهن، جن ۾ ٿلھه جو
ٻيو، چوٿون ۽ بند جو چوٿون پد پاڻ ۾ همه قافيه
آهن، ان سان گڏ رديف به ڪم آندل آهي. هن قسم جون
ڪافيون هوبهو غزل جهڙيون لڳن ٿيون، فرق فقط وزن جو
رهي ٿو. مخدوم صاحب جي ڪافيءَ جو نمونو هن ريت
آهي:
ٿلھه: |
مــــست الفت ۾ ڪيا ڪئين ورھ ويچارا
هڻي،
پــرت ســان ڪــيڙا پڌر ڌڪ درد دل
وارا هڻي. |
بند: |
درد وارن جـــي او ســـــهـــڻا،
ويـــڄ واهــــر ڇــا ڪندا!
چاڙھه چاڙهي مان سڄڻ! تون تن کي
ڇُوڪارا هڻي.
(ڇپر ۾ ڇڙيون، ص
352) |
اڍوڻي ڪافيءَ جو نمونو به مخدوم صاحب وٽ موجود
آهي. جنهن جو ٿلھه توڙي بند پنجن تڪن ۽ اڍائي سٽن
جا آهن. ٿلھه جو پھريون، چوٿون ۽ بند جو چوٿون پد
پاڻ ۾ همه قافيه آهن. جڏهن ته ٿلھه جو ٻيو پد،
ٿلھه توڙي هر بند جي وراڻيءَ طور استعمال ڪري خيال
تي زور ڏئي منجهس موسيقيت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي
وئي آهي. هي ڪافي مخدوم صاحب 2 اپريل 1948ع تي لکي
هئي.
ٿلھه: آ يار دلربا تون، محبوب مھلقا تون،
توکان جدا ڪريان ڇا، سڀ منھنجا آسرا تون.
محبوب مھلقا تون!
بند: دلدار يار جاني، ڇا قرب جي ڪندين ڪا، مون
ساڻ مهرباني،
شــــب روز پيــــو نــــھاريان،
ڪنھن دم، ڪـــندين عــطا تون.
محبوب مھلقا تون.
(ڪچڪولِ طالب، ص 30)
هن ڪافيءَ ۾ عروضي وزن مفعول فاعلاتن، مفعول
فاعلاتن، ڪم آندل آهي.
ٽيڻي ڪافيءَ جو نمونو به مخدوم صاحب وٽ موجود آهي.
هن ڪافيءَ جو ٿلھه ٻن سٽن ۽ بند ٽن سٽن ۽ هڪ هڪ پد
جو آهي، قافيو ٿلھه جي پھرئين ٻي ۽ بند جي ٽين سٽ
جي پڇاڙيءَ ۾ آيل آهي، جڏهن ته هر بند جي پھرين ۽
ٻي سٽ پاڻ ۾ همه قافيه آهن.
ٿلھه:
اکـــن ۾ عـــجيـبـن جون آهن آکاڻيـون،
سُتيون ڪين ڪڏهين سدوريون سياڻيون،
بند: نـــهاري نـــــهاري،
اهــــي ڪــونه ٿڪيون،
اصل کان ڪيون پرت، پختيون ۽ پڪيون،
هو سڪ ۾ سڄڻ جي سراسر ساماڻيون.
(ڇپر ۾ ڇڙيون، ص 429)
چئوڻي ڪافيءَ جا ڪيترائي نمونا مخدوم صاحب وٽ ملن
ٿا، جن ۾ قافين جي مٽاسٽا ٿيل آهي. سندن اهڙين
ڪافين جا ٿلھه ٻه سٽا ۽ بند چار سٽا آهن، جڏهن ته
ڪن ڪافين جا ٿلھه به بند وانگر چار سٽا آهن.
ٿلھه: مـــينــهن
ڪــــريــــن تـــــــون مــتـــان،
منهنجي اکين ســـــان ريس رئــڻ جــي.
بند:
موسم جـــــو محتاج تـــــون
آهــــــيـــن،
پنھنـــــجـي وس ۾ هــــرگــــــز ناهـــيــن،
تـــــوکــــــي
ڀـــــــلا ڪـــــئــــن مــڃــــان،
ڪين
وسين ٿـــــو، ڪرين وســڻ جــــي!
(ڇپر ۾ ڇڙيون، ص 428)
هڪ پد واري مٿينءَ ڪافيءَ ۾ قافين جي استعمال، اُن
۾ لئڪاري پيدا ڪئي آهي. چئوڻي ڪافيءَ ۾ چئن سٽن ۽
اٺن پدن واري ٿلھه واري ڪافيءَ جو نمونو هن ريت
آهي:
ٿلھه: |
ڪري قرب اچڻ، وري موٽي وڃڻ،
اهــــا رســـم رکــــڻ، اخـتيار نه
ڪر.
هــڪ ڀــيــرو مـلڻ، ڇـــني نـاتو
ڇڏڻ،
مھڻا منھن تي ڏيڻ، اختيار نه ڪر. |
بند: |
ويــــا ورھه وري، آئـــين ڪونه وري،
دل درد ڀــــــري، ڳــــڻـتـيـن ۾
ڳــــري،
ٿي نيٺ چري، منهنجي ڪانه سري،
هيئن منهڙو مٽڻ، اخـــتيــار نه ڪر.
(ڇپر ۾ ڇڙيون، ص 369) |
مخدوم صاحب جتي گهاڙيٽن ۾ ڪيتريون تبديليون آڻي
خوبصورتي پيدا ڪئي آهي، اُتي سندس هڪ ڪافيءَ جو
هيٺيون ٿلھه منفرد انداز سان اسان جو توجهه ڇڪائي
رهيو آهي، جنهن جون پنج تڪون آهن ۽ چئني پدن جو
پھريون لفظ تبديل ڪري معنيٰ ۽ مفهوم کي سمجهائڻ
لاءِ زوردار بڻايو ويو آهي:
ٿلھه: آبِ حــــيات پيـــار او ســاقــــي،
ننڍڙن پنھنجن لال لبن ســان،
سنهڙن پنھنجن لال لبن سان،
مٺڙن پنھنجن لال لبن ســـان،
سهڻن پنھنجن لال لبن سـان،
آب حــيــات پيار او ســـاقـــــي!
(آب حيات،ص7)
سندس هڪ ڪافيءَ جي قافين ۾ تصغيريت جو نمونو به
موجود آهي:
ڪِــــئـــن وســاريـــا ويهــي تــو،”قالـوا
بَليٰ“اقرارڙا!
ڇا ڪري سگهندين، سڄڻ سان عشق ۾ انڪــارڙا!
(ڇپر ۾ ڇڙيون، 330)
مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“ جي ڪافين ۾ توحيد،
حبِ رسول، تقويٰ، حقيقي عشق، حُسن ۽ عشق جهڙا
موضوع سمايل آهن، هر انسان جي سرشت ۾ الله آڏو
جُهڪڻ، ان جي احڪامات تي عمل ڪرڻ، نيڪيءَ جا ڪم
ڪرڻ سان گڏوگڏ ڪائنات جي چپي چپي تي ڦهليل فطري
حُسن کان متاثر ٿيڻ، انسان جي سونهن پسڻ، ان کي
ماڻڻ ۽ ان کي پنھنجي تصوراتي دنيا ۾ سمائڻ جهڙا
عنصر موجود رهن ٿا. شاعر اُن معاملي ۾ وڌيڪ حساس
ٿئي ٿو، جو هو هر هڪ عنصر کي گهرائيءَ سان پرکڻ
بعد پنھنجي تصور ۾ ان کي سمائي، نه رڳو ان جو اثر
قبولي ٿو، پر ان کي پنھنجي تخليقي سگهه سان اثر
پيدا ڪندڙ پيرائي ۾ اظھاري به ٿو. مخدوم صاحب هر
صورت ۾ الله کي پسي ٿو. هر نظر، هر منظر ۾ هڪ ”هو“
ئي آهي، ٻيو ڪجهه به ناهي:
هادي حڪمتدار، اِلاالله، سائين آهي سڀ صورت ۾
”ڪل شيءِ“ خود
محيط جو آهي، وچ ۾ وار وٿي ڪا ناهي
غالـب آهي غفــار اِلاالله، ذات ســمائي ويو
صـفات ۾.
(ڇپر ۾ ڇڙيون، ص 307)
سمورن صوفي شاعرن مٿئين قسم جو فلسفو بيان ڪيو
آهي، گڏوگڏ پاڻ ۾ ان کي ڳولڻ ۽ پوءِ هڪ منزل تي
اچي هرشيءِ ۾ حق کي پسڻ جهڙو فلسفو بيان ڪيو آهي.
مخدوم صاحب پنھنجي هيٺينءَ ڪافيءَ ۾ ”حق تعاليٰ“
سان جنھن انداز سان مخاطب ٿيو آهي، اهو تخاطب اهو
ئي ڪري سگهي ٿو، جيڪو ان سان بي پناهه محبت رکي
ٿو. اها حجت ته اهڙوئي فرد هلائي سگهي ٿو. سچل
سرمست به بندي ۽ خالق جي تعلق کي بيباڪيءَ سان
اظھاريو آهي، پر هن ڪافيءَ ۾ هي انداز منفرد به
آهي ته خوبصورت به!
نرمل! رخ تان لاھ نقاب، لڪندي لڪندي عمر گذاريئي!
روحن جت هو ميڙ مچايو، پيچ پرين! تو تڏهين پايو،
ورتئي مون
کان”‘ها“ جو جواب، ڪيئن ٿي پيارا مون کي پڪاريئي!
سهڻا سائين! ياد اٿئي سا، قرب ۾ مون
سان ڳالھه ڪيئي جا،
توئي عجيب! ڏنو هي آب، وقت انھي ۾ ويجهو وهاريئي.
ڇپر ۾ ڇڙيون، ص 308)
ڪافيءَ جو هي انداز نرالو به آهي ته ڇرڪائيندڙ به!
هي حجت جو انوکو انداز آهي. اها حجت ته تڏهن ئي ٿي
سگهي ٿي، جڏهن حقيقي عشق جي سُرڪي چکجي. هڪ ٻي
ڪافيءَ ۾ مخدوم صاحب جي ان حجت جو ڄڻ ڪو سِرو هٿ
پيو اچي، چئي ٿو:
جن جي سر تي عشق اطهر ٿيو، اچي جلوه نما،
سي هليا سبحان ڏي، ”هو هو“ جا هونگارا هڻي.
ات فقيري فيض جا، چشما ٿيو جاري پون،
جت اچي ويهي ٿو، حضرت عشق اوتارا هڻي.
(ڇپر ۾
ڇڙيون، 352)
مجاز، شاعريءَ جو هڪ اهڙو موضوع آهي، جيڪو هر شاعر
وٽ پنھنجي پنھنجي پئماني ۽ رنگ، ڍنگ سان نروار ٿيل
آهي. مخدوم صاحب جي ڪافيءَ ۾ به اهڙو موضوع دلڪش ۽
دلنشين انداز سان موجود آهي. سندس هن مشهور اڍوڻي
ڪافيءَ ۾ سُونهن ۽ سوڀيا کي ظاهر ڪرڻ جو مترنم
نمونو ڏسو:
وار وڪوڙيل ڪنڍڙا
ڪارا، سينڌ
سڌي پئي ڏي چمڪارا،
مشڪ سان موهيل خوشبو وارا، تن ۾ گلاب جا گل!
پرين لڳن ٿا ڏاڍا پيارا!
واهه جو ٻڌين ٿو ونگيو وانگوڙو، سمجهي سڀڪو نانگ
جو جهوڙو،
تنھنـجـو قــســم آءٌ
نـاهيــان ڪــوڙو، منهنجا محب مٺل!
ڦڻيون ڪڍيو ڄڻ ڏين ڦوڪارا!
(ڇپر ۾ ڇڙيون، ص 338)
هن ڪافيءَ جو تخاطب مرداڻو آهي، ته وري ڪٿي ڪٿي
مخدوم صاحب جي ڪافيءَ جو مخاطب زنانو به آهي. هن
ڪافيءَ ۾ حقيقت ۾ عورت جي سونهن سوڀيا جي ساراھ
ڪئي وئي آهي، تنھن ڪري پنھنجي سماج جي روايت
پٽاندڙ ئي هن ڪافيءَ جو مخاطب مذڪر آهي. هن
خوبصورت ترنم واري ڪافيءَ ۾ تشبيهه جو خوبصورت
نمونو به موجود آهي.
هيرو نڪ ۾ آهي هزاري، بولو بئنسر ميناڪاري،
چندن هـــار ســـڄو ســونهــارو، بــرهه لائــيـن
بَڪل؛
ڄڻ چمڪن ٿا چنڊ ۽ تارا.
مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“جي ڪافين ۾ سُونهن
سوڀيا، حُسن ۽ عشق، عجز عاجزي، تڙپ بيقراري، آنڌ
مانڌ، لُڇڻ ۽ لوچڻ، سڪ ۽ اُڪير جا ڪيترائي عڪس ۽
نقش موجود آهن. هن جي ڪافين ۾ هڪ اهڙو جهان سمايل
آهي، جنهن ۾ جڏهن رڳو دري کولي جهاتي پائجي ٿي ته
ماڻهوءَ تي عجب جهڙي مسرور ڪن ڪيفيت طاري ٿي وڃي
ٿي، جنهن آڏو مَڌ جو سرور به ڦِڪو ٿيو پوي. دل
دنبوري جيان وڄڻ شروع ٿئي ٿي، جسم موسيقيءَ جي لئه
تي رقص ڪرڻ شروع ڪري ٿو ۽ ڄڻ ڪائنات ۾ ڪو مڌر سُر
جاڳي پوي ٿو. شاعر جا جذبا، احساس ۽ ڪيفيتون جڏهن
موسيقت سان پُر ٿي سُر ۽ تال جي صورت اختيار ڪري
اسان جي بصري سماعتن سان ٽڪرائجن ٿا ته ان وقت ڄڻ
هر ذهن ڪيف ڪڪوريل بڻجيو پوي، سندس ڪجهه اهڙين
شاهڪار سِٽن جا عڪس هت پسڻ ضروري آهي:
تون ڇا هئين، ڇا مان ڇا ٿي وئين،
جڏهن تنھنجو ٿيس ته جدا ٿي وئين!
عجب عشق آهي اسان جـو الستي،
ڪڏهن بُت پرستي، ڪڏهن خُود پرستي!
لڳايم نينهن جو ناتو، اهو ناتو نِڀائيندس!
عمر بند رکبيون نه ڪنھن جون نياڻيون،
مڙئي منهنجون شاهد اَٿئي گهر ڌياڻيون!
تـــو دلـــڙي يـار ڌُتـاري، پر ير، ڪـانه ڪيئي
پوئواري،
تنھنجا ڪيسَ پيارل ڪارا، آهن پيچ انھن جا پيارا،
ڪن وَنگ وجهڻ لئي وارا، پائن ڳٽ ڳچي ۾ ڳارا!
سڪندي ٿـيڙم سال، ويٺي ساجن ساريان،
ساجن ساريان، ڪيئن وساريـان.
تو سان نرمل نينهن نڀائيندس، ٻي پاسي دل نه
لڳائيندس!
تون پھرئين نظر ۾ کسي دل کڻي وئين.
اکيون عزم واريون عقابي عقابي،
هو مارڻ سان ڪن ٿيون شتابي شتابي.
مون نه ٿي ڀانيو ته آخر، ڌار ويچاري ڪندا،
پر اڃا آهن اميــدون، محـــب موچاري ڪندا!
مخدوم صاحب جتي ڪافي کي موضوع ۽ مضمون سان رنگيني
بخشي آهي، اُتي هن انھن ۾ اندروني قافين ۽ لفظن جي
ورجاءَ سان به هڪڙي لئڪاري پيدا ڪئي آهي، هر
ٻڌندڙ، ڀلي اُهو موسيقيءَ جي علم کان اڻ واقف هجي،
پوءِ به اُن جي ترنم ۽ رواني، سلاست ۽ سادگيءَ کان
متاثر ٿيڻ کان رهي نه ٿو سگهي. هي بند ڏسو:
سهڻل جا سينگار، وهوا دل کي وڻن ٿـا،
دل کي وڻن ٿا، ڏاڍا ٺهن ٿا، ڏاڍا ٺهن ٿا، من کي
موهن ٿا!
ڪارا ڪارا، ڪنڍڙا ڪنڍڙا، سهڻا سهڻا، سنهڙا سنهڙا،
وانگوڙي ۾
وار!
تيل ڦليل، ڦڻيون ڦوڪارا، ڌوپيل واسيل ڪيسَ هُو
ڪارا،
گَهرا گُهنڊيدار،
گڏ گذارڻ اٿــڻ ۽ ويهـــڻ، طالب مولا رُسڻ ۽
پَرچڻ،
محبت جا معيار!
هنن بندن ۾ جيڪا دلڪشي، رنگيني، رواني ۽ دلنشيني
موجود آهي، اها ان جي ٻوليءَ ۽ اسلوب سبب آهي.
ڪافيءَ سنڌ جي نج ديسي صنف آهي، جنهن ۾ ٻوليءَ جو
استعمال به نج ڪيو ويندو آهي ته جيئن ان جي اصليت
به قائم رهي، پر وقت سان گڏوگڏ عام مروج ٻوليءَ ۾
جيڪي مثبت تبديليون ٿينديون رهن ٿيون، اُهي اسان
جي شاعريءَ تي به اثرانداز ٿينديون رهن ٿيون. خيال
فقط ان ڳالھه جو رکڻو آهي ته ٻين ٻولين جا اثر
قبول ڪندي، اسان پنھنجي ٻوليءَ جي اصليت، ان جي
صورتخطيءَ، لهجن توڙي وياڪرڻ جي بنيادي اصولن کي
وساري نه ويهون. وقت سان گڏ ٻوليءَ ۾ ٿيندڙ اهڙيون
تبديليون مخدوم صاحب به قبول ڪندي؛ انھن کي پنھنجي
شاعريءَ ۾ ڪٿي ڪٿي آندو آهي. مثال طور سندن هڪ
ڪافيءَ جي بند ۾ اکين کي ”ڪميونسٽ“ سڏيو ويو آهي
ته گڏوگڏ شاعر اکين کي روس ۽ چين جي عقيدن جي
انڪارين/ ڪميونسٽن سان ڀيٽيندي چوي ٿو ته کيس هر
لمحي بيقرار رکيو ويٺو آهن:
هو تسليم ڪنھن کي، ڪڏهن ڪين ڪن ٿيون،
يقيناً اهي ٻئي، ”ڪميونسٽ“ آهن.
اٿن ڄڻڪ روسين ۽ چينين جون چاليون!
مخدوم صاحب عروضي شاعر به هو ته ”غزل“ جي اصل ديس
واري ٻوليءَ کي ضرورت مطابق غزل ۾ سموهڻ جو حامي
پڻ. ان ڪري سندس غزلن ۾ صراحي، مينا، ساقي، جام
وغيره جهڙا لفظ ۽ ترڪيبون موجود آهن، اتي عربي،
فارسي لفظن جي آميزش اسان کي سندس ڪافيءَ ۾ ملي
ٿي، پر اها ڪافيءَ جي خوبصورتيءَ کي متاثر نه ٿي
ڪري، بلڪه ان ۾ رلي ملي لئه ڪاري پيدا ٿي ڪري. هت
چند مثال پيش ڪجن ٿا:
ڪٿي تير تبر، ڪٿي تيغ تفنگ،
ڪٿي هرڪا نظر، آهـي جامِ فگن،
تنھنجو هر ڪو اشارو، زهد شڪن.
مٿي مختصر طور مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“جي
ڪافيءَ بابت گفتگو ڪئي وئي آهي، ان جي پسمنظر بابت
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ لکيو آهي:
”موجوده دؤر ۾ حضرت مخدوم محمد زمان ”طالب
الموليٰ“سائين ڪافيءَ جو بلند پايه شاعر ٿي گذريو
آهي، جنهن جي ڪافين ۾ رس، رچاءُ ۽ موسيقيت بدرجه
اُتم موجود آهي. اهوئي سبب آهي، جو جڏهن سندس
ڪافيون ڳايون وينديون آهن، ته روح کي راحت رسندي
آهي ۽ قلب کي قرار حاصل ٿيندو آهي. سندس ڪافين ۾
عرفان ۽ ايقان جا نُڪتا به ملن ٿا؛ ته مجازي عشق
جا جذبا به مؤثر انداز ۾ ملن ٿا.مخدوم صاحب جون
ڪافيون، جدت ۽ انفراديت، فني پختگيءَ ۽ موسيقيت جي
لحاظ کان سنڌي ادب جون شاهڪار ڪافيون بنجي پيون
آهن.“ (ٽماهي مهراڻ، ص 308، 1/2013)
مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“ سنڌي شاعريءَ جي
هن ڪلاسيڪي صنف کي جنهن نئين انداز ۽ جدت سان پيش
ڪيو آهي، اهو تجربو، نه فقط ڪامياب ثابت ٿيو آهي،
پر سندن اهڙي قدم سان ڪافيءَ جهڙي صنف نئين رنگ،
ڍنگ سان نکري نروار ٿي بيٺي آهي. پاڻ عملي طور به
ڪافيءَ کي جيئارڻ لاءِ ”ڪافي مشاعرا“ منعقد
ڪرايائون، گڏوگڏ ڪافيءَ کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ لاءِ
”ڪافي“ نالي سان تحقيقي ڪتاب به لکيائون، جيڪو
مواد، ترتيب ۽ اسلوب سبب سنڌي ادب ۾ شاهڪار جي
حيثيت رکي ٿو.
ڪافيءَ کي سرائڪيءَ جي مشھور محقق ۽ اديب محترم
حفيظ خان، ”موضوعاتي نظم سڏيو آهي ته ان کي سنڌو
ماٿري جي شعوري تاريخ“ به سڏي ٿو. هن جي اها راءِ
سموري سنڌي ڪافين جي مطالعي بعد بلڪل درست نظر اچي
ٿي.
هن مضمون ۾ سروري خاندان ۾ ڪافيءَ جي روايت بابت
جيڪو ذڪر ڪيو ويو آهي، ان مان به اها ڳالھه نظر
اچي ٿي، ته اسان جا هي ٻئي وڏا ”ڪافي گو“ شاعر
پنھنجي وقت جي حالتن کان باخبر هئا ته هنن شعري
هيئتن ذريعي عام ماڻهن کي سُک، سڪون، پيار، محبت،
امن، آشتي، ميٺ، مروت، ڌرتيءَ سان پيار، برابري،
سَھپ ۽ رواداريءَ جو پيغام پڻ ڏنو آهي.
مددي ذريعا:
1.
پروفيسر محبوب علي چنا: (مرتب)، ”ڪليات امين“ ’پکن
ڌڻي‘، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو،
2.
سيد عبدالحسين شاھه: (مرتب)، ”ديوان بيدل“،
سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو،2012ع۔
3.
قاضي علي گوهر،
”سچل
جو ڪلام عرف عاشقي الھام“،
سچل چيئر،
شاھه
لطيف يونيورسٽي خيرپور، 1995ع.
4.
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ: ”ڪچڪولِ طالب“،
1955ع۔
5.
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ: ”آب حيات“، طالب
الموليٰ اڪيڊمي. 1990ع۔
6.
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ: ”ڇپر ۾ ڇڙيون“،
سنڌي ادبي بورڊ،2011ع۔
7.
مولانا محمد صادق راڻيپوري: (مرتب)، ”رسالو سچل
سرمست“ (سرائڪي ڪلام)، سڌاريندڙ ۽ سنواريندڙ:
ڊاڪٽر مخمور بخاري، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو،
2012ع.
8.
ٽماهي ”مھراڻ“: سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو.1/2013ع۔
9.
حفیظ
خاں،
”کافی
کا صنفی
محاکمہ اور وادئ سندھ کی
متوازی
تاریخ“،نیشنل
بک فاؤنڈيشن،اسلام
آباد،2017ء۔ |