سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 01/ 2025ع

باب:

صفحو:13 

رضوان گل

 

 

 

فليش ڪهاڻيون

 

آسمانن ڏانھن اڏامي ويل آهَه

غريب هو...

رڙيون ڪندو رهيو...

مون سان ناانصافي ٿي آهي، ڀوتار زيادتي ڪئي آهي. ناحق ڳوٺ نيڪالي ڏئي الزام ڌريا اٿائين...“

لوڪل اخبار ۾ هڪ ڪالم واري خبر ڇپي.. چپ ٿي وئي... زمانو هلندو رهيو.

غريب سان زيادتي آئي وئي...

مڌ ۽ دولت جي نشي ۾ ڌت ڀوتار پنھنجي گاڏي هيٺان ماڻھو چيڀاٽي شديد زخمي ڪري ڇڏيو هو.

کيس ٿڏي تي ئي گرفتار ڪيو ويو...

ڀوتار جي واٺن سموري ڳوٺ جا غريب ماڻھو گڏ ڪري احتجاج ڪرايو! روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هڻرايو.

ڀوتار جي جاءِ تي ڊرائيور کي قرباني جو ٻڪرو بڻائي کيس پوليس حوالي ڪيو ويو... 

ڀوتار ماڻھو چيڀاٽي اڌ مئو ڪري... آزاد ٿي نڪتو نعرن جي گونج ۽ گلن جي ورکا ۾..!!! 

غريب مٿانهس گلن جون پتيون نڇاور ڪري رهيا هئا.

اهڙي سماجي زيادتي تي... 

غربت جي اندر مان هڪ آهه نڪتي... جيڪا آسمانن ڏانھن اڏامي وئي.

 

اڪيلائپ جو درد

مٿي ۽ شھپرن جا وار اڇا ٿي ويل شخص مسجد ۾ به اچڻ ڇڏي ويو، جو پاڙيسري کيس هر نماز کانپوءِ گهيري ويندا هئا... هو هاڻي ڪنھن ڪم ڪار سانگي به گهران ماسڪ پائي نڪري ٿو، ڪرونا کانپوءِ هاڻي ماسڪ پائڻ عجيب نه ٿو لڳي. پر هن جي ماسڪ پائڻ جو سبب ماڻھن کان پنھنجو چهرو لڪائڻ هو. هو وڏن پروگرامن ۾ به وڃڻ کان لنوائيندو هو. ڪنھن به عوامي جاءِ تي وڃڻ کان اڳ سؤ ڀيرا سوچيندو هو. هاڻي هن وٽ هڪ به دوست ناهي رهيو، جنھن ڏي وڃي يا اهو وٽس اچي ڪي ڪچھريون ڪري. مڪمل اڪيلائپ جو احساس کيس کائڻ ايندو آهي، ته پنھنجي بنگلي جي آڏو ٺھيل باغ ۾ ماسڪ پائي وڃي ويھي رهندو آهي ۽ هر ايندڙ ويندڙ کي ڏسندو رهندو آهي.

جوانيءَ ۾ ٻارن لاءِ وقت نه هيس ۽ هاڻي جوان ٿي ويل انھن ساڳين ٻارن کي هن لاءِ وقت ناهي. ننڍن ٻارن پوٽن ۽ پوٽين سان ڪجهه پل دل وندرائيندو آهي. ٽي وي تي سياسي تبصرا ٻڌي دل چوندي اٿس ته انھن بابت ڪنھن دوست يار سان ڪي پنھنجا رايا به ڏجن، پر سندس سڀ دوست يار ته هن جي ڪرسيءَ جا هئا. هُو پنھنجي آفيسري جي نشي ۾ ايترو ڌت هو جو کيس اهو احساس ئي نه رهيو ته سندس آس پاس فقط وقت جا پٽ بچيل هئا. جيڪي سندس رٽائرمينٽ کانپوءِ ائين گم ٿي ويا جيئن سندن ڪو وجود هيو ئي نه.

ڊي سي ڪمشنر، سيڪريٽري ۽ ٻين ڪيترن ئي کاتن ۾ اعليٰ ترين آفيسر رهڻ باوجود اڄ هن جي آسپاس ڪوبه ناهي، ڇالاءِ ته هو پنھنجي آفيسري دور ۾ ڏاڍو ڏکيو ٿي رهيو.

 

جمن احمداڻي

 

 

 

اپمان

 

هو ،  لفظ  کائي چڪو آھي.

اُٻڙڪا ٿا اچنس، آنڊا گجيون ڦڦڙ جيرو بڪيون ٻاهر  ڪڍي هلڪو ٿيڻ ٿو چاهي .

 اکين مان  رت هارجي ڪمري جي ڇت ۾  پکڙجي ويو آھي .

لفظ  سٺا خراب، سخت  نرم، ڪڙا مٺا،  ڳاڙھا ڦڪا،  ڀانت ڀانت جي رنگن ۾ پيٽ ۾ ڀرجي   ويل، سمورا لفظ، وڏي گهمسان واري لڙائي ۾   رڌل آھن.

 هو  هڪ مھانُ جنگ ۾ ڦاسي چڪو آھي.  لفظ پيٽ مان نڪري نٿا سگهن. اکين مان هاريل رت، ڇت ۾ خوفناڪ لڪيرون ٺاهي چڪو آھي.

بدصورت شڪليون ، خوبصورت شڪليون  عورت، مرد، ٻار، گل، وڻ، جبل، نديون، سمنڊ زمين،آسمان، سڀ شڪليون لفظ بڻجي  هن جي پيٽ ۾  ڦٿڪي  رهيون آھن .

  شڪليون ڀيانڪ ۽ خوفناڪ  آھن.  هو خوف جو شڪار ٿيڻ بجاءِ لفظن ۽ شڪلين کي اُٻڙڪا ڏيئي ٻاهر ڪڍڻ ٿو چاهي.

 ڪُن فيڪون، بگ بينگ جا  لفظ پيٽ ۾ ڀرجي وياآھن.

 لفظن ۾ زمانا ڀريل آھن. آدجڳاد جو ورد ڌپ ڪري ويو آھي. پٿر جو دور ، لفظ ٺھڻ جي تاريخ،  آوازن جو سفر، سقراط بقراط افلاطون موسا کان مارڪس جا فلسفا، دور خلافت جا هڙئي لفظ پيٽ ۾ مروڙ وجهي  اُٻڙڪن سان تڙپائي  کيس ساڻو ڪري وڌو آھي.

تيز ترين  ڊجيٽلائزڊ  ٽيڪنالاجي،  جديد سائنس  جون شڪليون ، زندگي جي سھولتن آسائشن  جي موجودگي جون لڪيرون، ڪمري اندر ڇت ۾  رت سان ٺھي ويا آھن.  ڇت ۾ ڦاسي پيل لڪيرون ۽ کاڌل لفظ پيٽ مان ٻاهر  نٿا نڪرن. هو هلڪو ٿيڻ چاهي ٿو. هو الٽيون ڪري لفظن کي پيٽ مان ڦٽي  ڪرڻ ٿو چاهي .

 ڪمري جو ماحول سڙي جلي خاڪ ٿي ويو آھي. ايئرڪنڊيشنز ڪم نه ٿو ڪري  پردا مئل آھن. بسترو مروڙجي سندس جسم سان ويڙھجي  کيس نپوڙي رهيو آھي.

 لفظ،  پيٽ مان نڪري نڙي تائين پھچڻ کان اڳ ۾ ڳيت ڏيڻ سان  وري پيٽ ۾ هليا ٿا وڃن  .

 زال ڌيءُ، پٽ ڀاءُ، مٽ مائٽ، رشتا ناتا، سنگتي ساٿي، سڀ آدمخورشڪلين سان ڇت ۾ ٺھي پيل رت  لڪيرن  ۾ چڪي پٽي کيس کائي رهيا آھن .

 گاڏيون، بنگلا، نوڪر چاڪر، بئنڪ بيلنس، بنگلا، دولت جا انبار، تخت عالي، سڀ ڇت ۾ رت جي  لڪيرن ۾  ڦاسي پيا آھن.

 لفظن جي مروڙ ۾ غربت  جي جهالت، اڻ ھوند جو خاڪو ، به کيس سڪون نه ٿو ڏي .

 خبر آھيس. اهي  لفظن کي وات ۾ وجهي کائڻ جي درجي  تائين نه پھچي سگهيا، ته  انھن به لفظن کي اکين  سان  کائي پيٽ ۾ وجهي ڇڏيو آھي.

 هاڻي اهي به هن وانگر اُٻڙڪا ڏيئي لا علاج  ڏک ۾ در در جون ٺوڪرون کائي رهيا آھن. سڄو شھر، ڳوٺ، وستيون لفظن جي بيماري ۾ ڦٿڪي پڄري جهري تڙپي رهيا آھن.

سوچي ٿو. موت  ڇاکي چوندا آھن، موت جي فلسفي تي ڪاوڙ ٿي لڳيس.

موت بعد جيئرو ٿيڻ ، ڪوفت ٿي ٿيس…

 مندر جو گهنڊ، ڪليسا جو در، چرچ جا سبق مسجد جا واعظ، سڀ لفظ پيٽ  جي درد ۾ مروڙجي  کيس تڙپائي رهيا آھن.

 موت بعد جيئرو ٿيڻ ،  پُنر جنم، قيامت ۾ حساب ڪتاب، آواگون جا لفظ کائيندي ، پيٽ ڀريندي جُڳن جا جُڳ گذري چڪا. پر هاڻي اهي لفظ بد هضمي  جي ور چڙھي  پيٽ ۾،  مروڙ وجهي رهياآھن . هو ، اٻڙڪا ڏيئي الٽي ڪرڻ ٿو چاهي. پيٽ ڀرجي پيو آھيس.

ميڊيڪيشن ڪري ، يوگدان جو منتر پڙھي، مراقبو ڪري يا ديرپا گيان ۾ هليو وڃي .

 هو پاڻ کي لفظن جي درد مان آزاد ڪرڻ ٿو چاهي. 

ننڊ  نه ٿي اچيس،  سڪون غائب  آھيس.

جسم جي عضون کي چڪي ڦاڙي  ٽڪرا ٽڪرا ڪري آجپي جي تلاش  چاهي ٿو.

 زهر پيئي يا ڇاهٺ هزار وولٽ جي تارن ۾ ھٿ وجهي جلي سڙي خاڪ  ٿي وڃي.

 خودڪشي، هڪ ڏوھه هڪ  پاپ، لفظ  پيٽ ۾ ڀرجي  ويا آھن.

 ڪاوڙ ، ڪروڌ  ۾ ڀرجي هن  هڪ وڏي اُٻڪار سان  صدين جا لفظ پيٽ مان ڪڍي ٻاهرڦٽو  ڪيا. انھن لفظن ۾ آخري لفظ   ’ھو پاڻ‘ ھو !  اهولفظ  ڪمري جي ڇت ٽوڙي رت لڪيرن کي پار ڪندي روشني جي  هڪ تروري ۾ بدلجي،  سڌي  لڪير ۾ سفر ڪري ڪائنات  ۾ گم ٿي وڃي ٿو. !! 

بهادر ٽالپر

 

ڊجيٽل ڇوڪري

 

هو ڊجيٽل.... ڊجيٽل..... چوندو مون ڏانھن ڊوڙندو ٿي آيو....! سندس وکن ۾ انيڪ ٺڪر ڀتر خالي بوتلون ۽ پنا وچڙي رهيا هئا، پر انھن جي کيس ڪا پرواهه نه هئي. جيڪڏهن کيس ڪا پرواهه هجي ها، ته هو ائين اُتاولو مون ڏانھن نه ڊوڙي ها ....!!

هن جي تيز ڊوڙ ۾ هڪ گهر جي دريءَ مان ڪنھن ڇوڪريءَ جون نظرون به وچڙي رهيون هيون ۽ هن دريءَ مان سندس ٽھڪ به ائين ٻُري رهيا هئا، ڄڻ ڪنھن ڊرامي جو سين هجي.

هُو جيئن جيئن ڊوڙي رهيو هو، تيئن تيئن آءٌ کائنس پري پري ٿي رهيو هوس....! هو هاڻ هٿ مٿي ڪري مون کي ويجهو اچڻ جو چئي رهيو هو، پر آءٌ وري به کانئس گهڻو گهڻو پري پئي ٿيندو ويس. پوءِ مون اوچتو سوچيو ته ڇو نه هاڻ آءٌ يوٽرن وٺان...!!

 منھنجو رخ هاڻ ان گهر ڏانھن هو، جنھن جي دريءَ مان ڊرامي جي سين وانگيان، ڪنھن ڇوڪريءَ جا ٽھڪ ٻريا هئا، مون مُڙي ڏٺو، ته هن به اُتان ئي يوٽرن ورتو.... جتان مون ورتو هو....!

اصل ۾ اسان ٻنھي جي منزل اها ڊجيٽل ڇوڪري هئي....!! جنھن جا ڊرامي جي سين وانگيان سندس گهر جي دريءَ مان ٽھڪ ٻريا هئا.....!! جڏهن اسان ٻِئي ان گهر جي ويجهو پھتاسين ته دنگ رهجي وياسين، اهو سڄو گهر سُسي سوڙهو ٿي، ٽچ موبائل جي شڪل وٺي چڪو هو....!!!!!!!!

 

فقير شان سيوهاڻي

 

 

 

 

اعتبار

 

سج پنھنجو آب و تاب ڏَسي هاڻ جبلن جي اوٽ ۾ ٿڌو ٿي غائب ٿي ويو هو. آهستي آهستي رات جي اونداهي ڇائنجي رهي هئي. انسان، پکي، جانور پنھنجن پنھنجن ماڳن ڏانھن وڌي رهيا هئا. ٽرين پنھنجي رفتار سان هلي رهي هئي. پاڻيءَ جي نَهرن تان ڪا عمارت يا ڪو ننڍو شھر ڀرپاسي ۾ پئي آيو ته ٽرين جي هلڻ جي آواز جي ڌُنَ گوڙَ ۾ تبديل ٿيندي پئي وئي ۽ وري ساڳي ڌُنَ ۾ موٽي پئي آئي. سامھون ٻئي طرف کان ايندڙ ٽرين جي ڪراس ٿيڻ سان گوڙَ سان گڏ هوا ۾ ڌُوڙ اڏامي اچي بوگين ۾ پئجي رهي هئي. ڪنھن ڪنھن مھل ٽرين جي هارنَ جو آواز پئي آيو. ٽرين ۾ جتان آءٌ سوار ٿيو هئس، اسٽيشن ڇڏيندي ڪلاڪُ کن ٿيو هو. آءٌ ڪنھن ڪم سانگي لاهور ويو هئس ۽ اُتان واپسي هئي. مون کي پنھنجي نوابشاهه اسٽيشن تائين پھچڻ ۾ تيرهن چوڏهن ڪلاڪن جو سفر طئي ڪرڻو هو. مون سان گڏ سيٽ تي پنج ٻيا به ماڻھو ويٺل هئا، جيڪي منھنجي لاءِ اجنبي هئا. سفر طويل هو ۽ سفر دوران ضرور ڪا نه ڪا گفتگو ٿيندي آهي، پر آءٌ في الحال خاموش رهيس ۽ ڪنھن سان گفتگو جو آغاز نه ڪيم. ضروري به نه هو، ڇو جو سڀ ڪو پنھنجن ماڳن ڏانھن هليو ويندو. مون کي ويهندي ٻُوسٽ محسوس ٿي رهي هئي. سامھون نھاريم ته هڪ سيٽ خالي هئي، جنھن تي هڪ ماڻھو ويهندو آهي. آءٌ اُٿي وڃي اُن سيٽ تي ويٺس. گرميءَ جي موسم هئي، سيٽ تي ويهڻ سان تازي هوا دريءَ مان اچي رهي هئي. دريءَ کان آسمان ڏانھن نھاريم، آسمان نيري رنگ مان اونداهيءَ ڪري ڪارو ٿي ويو هو. خوبصورت تارن جا جهرمٽ سھڻا لڳي رهيا هئا. چوڏهينءَ جي رات هجڻ ڪري چنڊ پنھنجي پوري صورت ۾ ظاهر ٿي رهيو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن وڻن جي اوٽ ۾ لِڪي ۽ ظاهر ٿي رهيو هو جيئن جلوي جي اکٻوٽ کيڏندو هجي. ٽرين ۾ مختلف هوڪن وارا اچي ۽ گذري رهيا هئا، ڪو جوس ۽ بوتل وارو، ڪو چاڪليٽ، بسڪيٽن ۽ چپس وارو، ڪو فقير صدا هڻي خيرات وٺي رهيو هو ۽ ڪو عطر ۽ منجن  وارو پنھنجي مخصوص انداز ۾ تقرير ڪري فائدا ٻڌائي روزي ڪمائي رهيو هو.

اوچتو منھنجي نظر سامھون واري سيٽ تي پئي، جتي هڪ فيملي ويٺي هئي ۽ ان ۾ هِڪُ خوبصورت جوڙو ويٺل هو، جنھن ۾ ڇوڪري جي عمر تقريباً ٻاويھه يا ٽيويھه سال ۽ سندس ڀر ۾ ويٺل ڇوڪريءَ جي عمر ويھه يا ايڪيھه سال لڳي رهي هئي. ڇوڪريءَ جي خدوخال ۽ لباس مان ائين پئي لڳو ته هوءَ ڪنھن سٺي خاندان جي هُجي. پاسي ۾ هڪ وڏو بريف ڪيس رکيل هو، ائين پئي لڳو ته جيئن نئين شادي ٿيل هجي. ڇوڪري جي توجهه بريف ڪيس ڏانھن گهڻي هئي. ائين محسوس ٿيو ته بريف ڪيس ۾ حد کان وڌيڪ قيمتي سامان هجي. منھنجي گهڻي توجهه تي هُنن جي چھرن تي تجسُسَ جا آثار نظر اچي رهيا هئا، جيئن ڪا ڳالھه لڪائيندا هجن، پر پنھنجي گهٻراهٽ کي لڪائڻ لاءِ مصنوعي مسڪراهٽ آڻي ڪجهه نه ڪجهه گفتگو ڪندا رهيا. آءٌ اُن جوڙي کي ڏسي دل ئي دل ۾ سوچي رهيو هئس ته الله تعاليٰ ڪيڏو نه حَسين و جميل جوڙو پاڻ ۾ ملايو آهي. رات جا نَوَ ٿي رهيا هئا. مانيءَ کائڻ جو ٽائيم ٿي رهيو هو. ٽرين ۾ کاڌي کارائڻ وارا بيرا بوگيءَ ۾ اچي ويا هئا ۽ ”کانا ڀائي کانا“ جو هوڪو ڏئي رهيا هئا. مون وٽ به هڪ بيرو آيو ۽ چيائين ”صاحب آپ ڪي لِئي کانا لائون“ مون پنھنجي لاءِ آرڊر بُڪ ڪرايو ۽ بيرو ماني کڻڻ لاءِ هليو ويو. بوگيءَ ۾ نظر ڊوڙايم، ڪي آرڊر ڏئي رهيا هئا ته ڪي ٽفن باڪس مان پنھنجي ماني ڪڍي کائڻ جي تياري ڪري رهيا هئا. سامھون ويٺل جوڙو به هڪ بيري کي مانيءَ جو آرڊر ڏئي رهيو هو. مون سوچيو ته، آءٌ ته گهران ڪونه نڪتو آهيان، پر هيءُ جوڙو پنھنجي گهران نڪتو آهي، گهران ماني کڻي اچي ها. پر مون وري پنھنجي خيال جي ترديد ڪئي ته شايد هِي لاهور گهمڻ ويا هجن يا ڪنھن ٻئي شھر مان آيا هجن. بھرحال ماني آئي، کائي ٿانوَ سيٽ جي هيٺان رکيم. ڪجهه دير ۾ بيرو ٿانوَ کڻڻ آيو ۽ بِلُ ڏنم بيرو واپس هليو ويو. سامھون نھاريم جتان ٻي بوگيءَ جو دروازو هو، اُتان هِڪُ ٽڪيٽ ڪليڪٽر ۽ هڪ پوليس وارو نمودار ٿيا ۽ ٽي- سي چوندو آيو ”ڀائي ٽڪيٽ دِکائو“ ۽ ٽڪيٽ چيڪ ڪندو آيو ۽ پنھنجي هَٿَ ۾ کنيل پنچ سان پنچ ڪندو آيو ۽ صحيح ڪندو آيو ۽ هلندو اچي اُنَ جوڙي وٽ بيٺو ۽ ٽڪيٽ ڏيکارڻ لاءِ چيو، ”ٽڪيٽ دِکائو“ ڇوڪري ٻه ٽڪيٽون ڪڍيون ٽي.سي ٽڪيٽون ڏِسي چيو ته ”يي ٽڪيٽ تو اِس گاڙي ڪي نهين هي، غلط گاڙي ۾ ڪيسي بيٺ گئي“. ڇوڪري وراڻيو ته ”همين پتا نهين پليٽ فارم پي تين چار گاڙي کڙِي ٿين جلدي ۾ پتا نهين چلا.“ ٽي.سي ٻنهي ڏي غور سان نھاريو ۽ چيو ”جلدي ڪس بات ڪي ٿي، ڪسي سي پوڇ ليا هوتا، چلو اس گاڙي ڪا نيا ٽڪيٽ بني گا، پانچ هزار نڪالو.“ ۽ جلدي کيسي مان ڪو فارم ڪڍي ڀرڻ لڳو. ڇوڪري تڪڙ تڪڙ ۾ کيسي مان پئسا ڪڍيا ۽ ٽي- سي کي ڏنا. ائين پئي لڳو ته ڇوڪرو جان ڇڏائڻ ۾ جلدي ڪري رهيو هو. آءٌ اها صورتحال ڏسي رهيو هئس. منھنجي دماغ ۾ ڪا ڳالھه محسوس ٿي رهي هئي. بھرحال ٽي- سي مون وٽ آيو ۽ ٽڪيٽ چيڪ ڪري هليو ويو. ٽرين جي رفتار آهستي آهستي گهٽ ٿي رهي هئي ۽ ٽرين پنھنجي انداز جو مخصوص هارُن وڄايو، شايد ڪا اسٽيشن اچي رهي هئي. ٽرين هڪ اسٽيشن تي اچي بيٺي. مون سامھون نھاريو ته اُن جوڙي مان اُهو ڇوڪرو اُٿي ٻئي پاسي وڃي هيڏانھن هوڏانھن نھارڻ لڳو. ٽرين ۾ هِڪُ هوڪو هليو، ”چائي والا ڀائي چائي والا“ مون هڪ چانھه لاءِ چيو. چانھه واري پھرين گلاس ۾ سليماني چانھه وڌي ۽ هڪ ملڪ پيڪ واري پيڪيٽ مان ٽي چار ڦڙا کير جا وڌا. دل ۾ اها چوڻي ياد آئي“ مجبوريءَ جو نالو مھرباني.“

سو آهستي آهستي چانھه پيئڻ ويٺس. ٽرين هلڻ شروع ڪيو. ڇوڪرو گهمي ڦِري اچي ڇوڪريءَ سان گڏ ويٺو. گهڙيءَ تي ٽائيم ڏٺم رات جا ٻارهن ٿي رهيا هئا. بوگيءَ ۾ نظر ڊوڙايم ماڻھن جي چھرن تي ننڊ جا آثار نظر اچي رهيا هئا ۽ هر ڪو پنھنجي انداز ۾ اوٻاسي ڏئي رهيو هو ۽ ڪي موبائيل تي ڪجهه نه ڪجهه ڏسي رهيا هئا ۽ ڪي مسافر موبائيل تي ڳالهائي رهيا هئا.

مون سامھون واري سيٽ تي نھاريو. ڇوڪريءَ جي چهري تي ننڊ جا خُمار نظر اچي رهيا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن جهٽڪي ۾ سندس مٿو ڇوڪري جي ڪلهي تي لڙي پئي پيو ۽ وري وري ڇرڪ ڀري اُٿي پي پَئي ۽ يڪدم هيڏانھن هوڏانھن پئي نھاريو. سندس نظر ڪيڏي ڪيڏي مھل مون تي به پئجي رهي هئي ۽ پنھنجي رئي کي صحيح ڪري رهي هئي. مون محسوس ڪيو ته مون کي به ننڊ اچي رهي آهي، سو آءٌ به پنھنجي برٿ ڏانھن وڌيس ڇو جو سڀ پنھنجا برٿ کولي سمھڻ واري ڪري رهيا هئا. برٿ کولي ۽ ڪپڙن وارو ٿيلھو، وِهاڻو ڪري ليٽي پيس. منھنجي نظر سامھون واري سيٽ تي پئي جيڪا خالي ڪري آيو هئس، اُتي اُن جوڙي مان ڇوڪرو اُٿي اچي ويٺو ۽ هيڏانھن هوڏانھن نھاري سڄي بوگيءَ جو جائزو وٺي رهيو هو، شايد ان ڇوڪري سان گڏ ويٺل ڇوڪري سمھي رهي هئي هُنَ جي نظر ڇوڪريءَ ڏانھن به پئي وئي. بھرحال ننڊ جو غلبو اچڻ سان مون کي ننڊ اچي وئي. الائي ڪيترو وقت ستل رهيس. اوچتو ڪنھن جي سڏن ۽ رڙين جي آواز تي اک کلي وئي. بوگيءَ ۾ نھاريم ته اُها ڇوڪري زور زور سان ساجد، ساجد ڪري سڏي رهي هئي ۽ بوگيءَ جي هر هڪ سيٽ ڏانھن وڃي رڙيون ڪري رهي هئي. ائين پئي لڳو ته هُنَ ڇوڪريءَ سڄي ٽرين ۾ پنھنجي ساٿيءَ کي تلاش ڪيو هو. هوءَ روئي رهي هئي. هرهڪ مسافر کان پڇي رهي هئي ”ميري ساجد ڪو ڪهين ديکا ڀائي مجهي بتادو؟“ آءٌ رڙيون ٻُڌي برٿ تان هيٺ لهي آيس. ڇوڪريءَ مون کي ڏِسي مون ڏانھن ڊوڙندي آئي ۽ چوڻ لڳي ”انڪل آپ ني ميري ساجد کو ديکا وه سامان والي بريف ڪيس ڪي ساٿ پتا نهين ڪهان چلا گيا“ مون کي هُنَ جي چهري مان خوف ۽ بيوسي نظر اچي رهي هئي. هوءَ التجا واري انداز ۾ ٻيھر چوڻ لڳي، ”آپ سامني بيٺي ٿي انڪل ڪڇ تو بتاؤ“. مون ڇوڪريءَ جي مٿي تي هٿ رکي چيو ”بيٽي صبر ڪرو مجهي بتاؤ تو سهي وه تمهارا ڪيا لگتا ٿا اور وه تمهين ڪيون ڇوڙ گيا“. اُهو ٻڌي هوءَ ويتر روئڻ لڳي ۽ هاڻ ان جي روئڻ ۾ هِڏِڪوئِي به هلي رهي هئي، شايد هوءَ حد کان وڌيڪ رُني هئي. اُتي ماڻھو بوگيءَ مان اُٿي آيا هئا ۽ معاملي کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. ڪجهه عورتون به آيون، جيڪي کيس آٿت ڏئي رهيون هيون. اچانڪ ريلوي پوليس به اچي پهتي ۽ معاملي کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. ريلوي پوليس جي جمعدار زور ڀريو ته، سچي ڳالھه ٻڌاءِ ته پوءِ اسان اڳتي ڪا ڪاروائي ڪريون. آخر ڇوڪريءَ ٻڌايو ته هوءَ مائٽن جي مرضيءَ جي خلاف ڇوڪري سان ڀڄي نڪتي هئي، انھيءَ اعتبار سان ته اُهو ڇوڪرو سندس زندگيءَ جو ساٿي بڻجندو، جيڪو کيس ورغلائي ڪراچيءَ وٺي وڃي رهيو هو. ڇوڪري ڪنھن سٺي خاندان مان هئي، ڇوڪريءَ وڌيڪ ٻڌايو ته بريف ڪيس ۾ پندرهن تولن جا سونا زيور ۽ پنجاهه لک ڪيش ۽ قيمتي ڪپڙا هئا. پر ڇوڪري هينئر بيوس هئي، سڀ رستا بند ٿي ويا موٽي مائٽن ڏانھن به نٿي وڃي سگهي. ها پسند جو حق ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ کي ضرور آهي، پر وڏڙن کان صلاح مشورو وٺڻ ۽ سندن راضپو به هجڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته وڏن وٽ تجربا ۽ اصول هوندا آهن.

پوليس ڪاروائي لکي ۽ ڇوڪريءَ کان سندس مائٽن جي ائڊريس پڇي. ڇوڪريءَ وراڻيو ته ڪراچيءَ ۾ منھنجو چاچو آهي آءٌ في الحال اُتي وينديس. ڇوڪريءَ سچ ڳالهايو يا ڪوڙ پر ڇوڪريءَ جي دماغ ۾ ڪجهه ٻيو هلي رهيو هو. ريل گاڏي هڪ پل تان ڪراس ڪري رهي هئي. اَچانڪ ڇوڪريءَ اُٿي ڊوڙ پاتي بوگيءَ جي دروازي تي بيهي پاڻ کي ٽرين تان هيٺ اُڇلي ڇڏيو ۽ پاڻيءَ ۾ هلي وئي. ٽرين رڪجي وئي.

سج نڪرڻ وارو هو، ڀرپاسي مان ڪجهه ڳوٺاڻا اچي پهتا انھن مان ڪجهه ٽوٻا هئا، جن پاڻي ۾ لهي گهڻي ڪوشش کان پوءِ ڇوڪريءَ کي ٻاهر ڪڍيو، جنھن ۾ زندگيءَ جا ڪي به آثار موجود نه هئا. لاش ريلوي پوليس تحويل ۾ ورتو. اڳئين اسٽيشن منھنجي لهڻ جي اسٽيشن هئي، منھنجي اکين مان ڳوڙها جاري هئا ۽ اُهي سوچيون هلي رهيون هُيون ته اعتبار ڪنھن تي ڪجي، پر اعتبار ته ڪرڻو پوي ٿو. آءٌ ٿڪل هئس ۽ اچي پنھنجي گهر پهتس، پنھنجي ڪمري ۾ پھچي ٽيليويزن کوليم هڪ چئنل تي بريڪنگ نيوز هلي رهي هئي، ”هڪ ڇوڪريءَ ٽرين مان ٽپو ڏئي پنھنجي زندگيءَ جو انت آندو.“ جانچ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته، هوءَ پنھنجي چاهيندڙ سان مائٽن جي مرضيءَ خلاف گهران نڪتي هئي، جيڪو کيس ڌوڪو ڏئي سامان سوڌو گم ٿي ويو ۽ ڪنھن اسٽيشن تي لهي ڀڳو هو. ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جي وارثن جي ڳولا جاري آهي. آءٌ ٽيليويزن بند ڪري سمهي رهيس. سفر جي ٿڪاوٽ هئي، تقريباً چار پنج ڪلاڪ ستل هئس ۽ اچانڪ سجاڳ ٿيس شايد منھنجي تحت شعور ۾ اها ڳالھه اچي وئي ته  آءٌ هاڻ تازو توانو ٿي ويو آهيان. هڪ ڀيرو ٻيھر ٽيليويزن کوليم ته جيئن وڌيڪ خبرون چارون ڏسي وٺان. ٽيليويزن تي هڪ ٻي بريڪنگ نيوز هلي رهي هئي ته ”اسٽيشن جي ٻاهران گاڏي مان لٿل هڪ مسافر ڦورن هٿان خنجرن جي وار سبب زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو. اهو اطلاع اسٽيشن جي ٻاهران بيٺل هڪ رڪشي واري شھر جي پوليس کي ڏنو ته ٽي ڄڻا ٽرين مان لٿل هڪ مسافر کان بريف ڪيس ڦري رهيا هئا. مسافر جي مزاحمت تي ڦورن خنجر جا وار ڪري همراهه کي شديد زخمي ڪري ڇڏيو ۽ بريف ڪيس ڦري فرار ٿي ويا. پوليس جي پھچڻ کان اڳ زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو. سندس تلاشيءَ ۾ شناختي ڪارڊ مليو جنھن تي ساجد نالو لکيل هو ۽ سندس شناختي ڪارڊ جو عڪس ٽيليويزن ۾ ڏيکارجي رهيو هو. آءٌ ڦوٽُو ڏسي ڇرڪِجي وِيسُ، هي ته اهو ئي ساجد هو، جيڪو ڌوڪو ڪري ڇوڪريءَ جو سامان کڻي ٽرين مان ڪنھن اسٽيشن تي لهي ڀڳو هو!!

رياض ڏاهري

 

 

 

ڀاڄوڪڙ

 

ملڪ ۾ عام چونڊن جو ماحول جڙيل هو. شھرن، ڳوٺن ۽ رستن تي سياسي پارٽين جا رنگ برنگي جهنڊا ڦڙڪي رهيا هئا. اهي جهنڊا پارٽين سان محبت ۾ نه پر ڳوٺن جي گهرن جي سڃاڻپ ڪرائي رهيا هئا ته، هي ماڻھو فلاڻي پارٽيءَ جا ووٽر آهن.

ڪامل کي به وڏيري نادر خان اوطاق تي گهرائي ڪجهه جهنڊا ۽ پمفليٽ ڏنا ته وڃي پنھنجي گهر ۽ گهٽين ۾ لڳائي ۽ ووٽن واري ڏينھن گهر جي مڙني ووٽ ڏيندڙ ڀاتين کي صبح سويري پولنگ تي پھچائي.

ڪامل، وڏيري جو ابن ڏاڏن کان هاري هو ۽ ٻين ڳوٺ جي هارين وانگر هميشه جيان وڏيري جي حڪم جو پابند هو. ڪامل جي گهر ۾ ڪل ست ووٽ هئا، جنھن ۾ ڪامل سندس گهر واري ٻه پٽ زالن سميت ۽ ڌيءُ مالھان شامل هئي. مالھان پھريون ڀيرو ووٽ ڏيڻ لڳي هئي، ڇو ته ٻه سال اڳ 18 ورهين جي ٿي هئي، جنھن جو ووٽ وڏيري چونڊن جي اعلان کان ڪجهه وقت اڳ داخل ڪرائي ڇڏيو هو. ڪامل گهر اندر عورتن جي معاملي ۾ انتهائي سخت رويو رکندو هو. زال کي ته سدائين سختي ۾ رکندو هو، پر جڏھن کان مالھان جوان ٿي هئي ته ويتر ئي ڇتو ٿيو پيو هلندو هو. زال کي سختيءَ سان پابند ڪيو هئائين ته گاھه پٺي يا ٻنيءَ جي ڪم تي مالھان کي پاڻ سان گڏ رکي. اوڙي پاڙي ۾ ڪنھن به حوالي سان نه ڇڏيندو هوس. ڪامل مالھان کي پرائمريءَ کان وڌيڪ پڙھڻ به نه ڏنو هو. قسمت سان ڪا هڪ جيڏي گهر ايندي هئس، ته مالھان ڪجهه حال احوال اوري پاڻ کي وندرائي وٺندي هئي. انھن ۾ راڻي سڀ کان ويجهي ۽ اعتبار واري سھيلي هيس. جنھن سان راز و نياز واري روح رهاڻ پئي ڪندي هئي. ڪڏھن وري هڪ ننڍو ريڊيو پئي ٻُڌندي هئي، جيڪو سندي پيءُ کان لڪائي رکيو هئائين.

ڪامل راڻيءَ ۽ مالھان جي دوستيءَ کي به گهٽ سھندو هو. جيئن ئي گهر ايندو هو ته سندس خوفائتي انداز کي ڏسي ويچاري راڻي بهانو بڻائي پير ڊاهڻ جي ڪندي هئي.

سارنگ مالھان جو ماسات هو، جيڪو ڀر واري ڳوٺ ۾ رهندو هو. سارنگ ۽ مالھان ننڍي هوندي کان ئي گڏ رانديون ڪندي جوان ٿا هئا. پرائمري گڏ پڙھيا هئا. سارنگ ڳوٺ ويجهو هئڻ ڪري مالھان جي ڳوٺ ۾ پڙھڻ ايندو هو، ساڻس ڳوٺ جا ٻيا ٻار به اسڪول پڙھڻ ايندا هئا. سارنگ ۽ مالھان جون مائرون اڪثر هڪٻئي وٽ پيون اينديون ۽ ٽڪنديون هيون. پر مالھان تي جواني ۽ جوڀن اچڻ کان اڳ ئي ڪامل، زال تي اک ڪڪڙي ڪندي ڀيڻ سان ميل جول گهٽ ڪرائي ڇڏيو هو. ڪنھن خاص موقعي مناسبت کان سواءِ ڪامل زال کي سندس ڀيڻ جي ڳوٺ وڃڻ کان روڪي ڇڏيو هو. جنھن ڪري مالھان ۽ سارنگ کي هڪٻئي کي ڏسندي ڳچ وقت ٿي ويو هو. راڻي هئي جيڪا لڪ ڇپ ۾ پئي مالھان جا حال سارنگ کي ۽ سارنگ جا حال احوال مالھان کي ڏيندي هئي.

اڄ چونڊن جو ڏينھن هو. ڳوٺ ۾ پولنگ عملو رات جو ئي پھچي ويو هو. وڏيري نادر خان جي ڪمدار سان ڪامل به رات کان ئي هنڌ بسترن جو بندوبست ڪري عملي جي خوب خدمت چاڪري پئي ڪئي. پولنگ جي وقت کان اڳ ئي وڏيري جي حڪم تي ڳوٺاڻن هارين نارين جون قطارون صبح سوير ئي ٺھي ويون هيون. سارنگ به پنھنجي ڪٽنب سان ووٽ وجهڻ لاءِ آيل هو. ڪامل شروع ۾ ووٽ وجهي گهر وارن کي اتي ڇڏي نادر خان جي حڪم تي عملي جي پرگهور لھڻ جي ڊيوٽي سر انجام ڏيڻ ۾ لڳل هو.

شام جو جڏھن ووٽ وجهڻ جو وقت ختم ٿيڻ تي هو ۽ چونڊ عملو ڳڻپ جي تيارين ۾ هو ته پولنگ جي ٻاهران ٻين ڳوٺاڻن سان گڏ ڪامل به نتيجا اچڻ جي انتظار ۾ ويٺل هو. ڪنھن ڳوٺاڻي ڪامل جي ڪن ۾ اچي ڪجھه ڳالهايو. ڳالھ ٻُڌڻ سان ڪامل جو رنگ ويتر ڪارو ٿي ويو ۽ ڀڙڪو ڏئي پُٽن کي وٺي تڪڙو تڪڙو گهر آيو. ڪامل جي زال وچ پڌر تي پٽ تي بُت بڻيو ويٺي هئي، ڪجهه ڳوٺ جون عورتون کيس خاموش دلاسا ڏئي رهيون هيون. ڪامل اچڻ سان منھن جي ٿوڻيءَ ۾ ٽنگيل ڪهاڙي کنئي ۽ ڳاڙھيون اکيون ڪندي زال کي ڌڙڪا ڏيندي پڇيو ته ”ڇوري ڪھڙي وقت نڪتي آ؟“ ڪامل جي زال اها ئي بُت بڻيل هئي ۽ خاموش رهندي ڪوبه جواب نه ڏنو ته ڀرسان ويٺل هڪ عورت چيو ”ادا اسان ووٽن تي هئاسين ته منجهند جو موٽڻ واري ڪئيسين ته مالھان اتي نه ملي، اسان کي لڳو گهر آئي هوندي يا راڻيءَ سان هوندي پر سڄو ڳوٺ ڳوليوسين پر مالھان نه ملي ۽ هي پنو کٽ تي گلاس جي هيٺان مليو آهي. ڪامل جهٽ ھڻندي پنو مائيءَ جي هٿن مان ڦُريو ۽ پُٽ کي پڙھڻ لاءِ ڏنو. جنھن تي ڪچن اکرن ۾ لکيل هو ”بابا تو منھنجي زندگي جانورن کان به وڌيڪ ڏکي ڪئي ۽ روز نيون زنجيرون منھنجي پيرن ۾ پئي پارايون. اڄ آئون سارنگ جي ساٿ سان آزاد فضائن ۾ اڏرڻ وڃان پئي. منھنجي پويان اچو ته پھرين امان کي سندن مائٽن ۾ ڇڏي پوءِ اچجو، ڇو ته ٽيھه سال اڳ تو به امان کي ورغلائڻ بعد گهران ڀڄائي ساڻس شادي ڪئي هئي ۽ کيس ڳوٺ ۾ ڀاڄوڪڙ جو لقب ڏياريو هو. اهو ظلم گهٽ هو جو تو کيس اڄ تائين پنھنجي مائٽن ۾ به نه ڇڏيو تان جو منھنجي ناني ۽ نانيءَ جو منھن به امان کي ڏسڻ نه ڏنو هو. تو امان کي به هڪ جانور وانگر رکيو آهي ۽ هوءَ اڄ اباڻن جي سارَ ۽ تنھنجي ظلم ڪري پنجاهه ورهين جي عمر ۾ اسي ورهين جي لڳي رهي آهي. تنھنجي گارين ۽ مارُن کي سھندي هوءَ هڪ زنده لاش ته ٿي وئي آهي، پر آئون هن جوانيءَ ۾ ڀاڄوڪڙ بڻجي حقيقي لاش ته ٿي سگهان ٿي پر زنده لاش نه....!

اهي لفظ ٻُڌي ڪامل جي هٿن مان ڪھاڙي پٽ تي وڃي ڪري ۽ ٽنگن ۾ ستُ نه ساري سگهڻ ڪري وڃي پٽَ تي تريون کوڙيائين.

پولنگ اسٽيشن ٻاهران واضع اڪثريت سان کٽڻ تي وڏيري نادر خان جي چوڌاري ماڻھن جو ميڙ لڳو پيو هو. ماڻھو کيس هار پارائي مبارڪون ڏئي رهيا هئا. وڏيري کي ڪمدار ڪن ۾ اچي چيو ته ”پاڻ واري هاري ڪامل جي عزت مٽيءَ ۾ ملي وئي. سندس ڇوڪري ڀڄي وئي آهي“. خوشيءَ جي ماحول ۾ ڪجهه گهڙين لاءِ وڏيري جي منھن تي ڪاوڙ جو تاثر اڀري آيو پر جلد ئي وڏيري خبر ڏيندڙ کي ڇڙٻ ڏيندي چيو. ”اڙي ڇو پيو خوشين جا لمحا فضول ڳالهين ۾ وڃائين؟ ڌوڙ وڃي پائينِ… انھن جي به ڪا عزت هوندي آهي ڇا…؟ تون جلدي مٺائي کڻي هنن ماڻھن ۾ ورهاء.....!“

وڏيري نادر خان جي چوڌاري ماڻھن جو انگ وڌندو رهيو ۽ ماحول مبارڪن ۽ نعرن سان گونجي رهيو هو...

جيئي جيئي زنده آباد

جيئي جيئي زنده آباد

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org