حسيب ڪانھيو

ٻيو جنم
منير احمد بيماريءَ جي بستري تي زندگيءَ جا آخري
ڏينھن گهاري رهيو هو. اهڙن ڏينھن ۾ جڏهن انسان وٽ
ڪو به ٻيو ماڻھو فقط فرض شناسي جو مظاهرو ڪرڻ ئي
ايندو آهي. انھن ڏينھن ۾ ماڻھو تمام گهڻو هيڪلو ٿي
ويندو آهي. ايترو هيڪلو، جو موت جھڙي بلا لاءِ به
آماده ٿي ويندو آهي.
منير احمد پنھنجي گهر جي مٿين ماڙ واري ڪمري ۾ دري
ڀرسان پيل هنڌ تي ليٽيو پيو هو. هُن جون اکيون
اڪثر دري ٻاهران ئي کُتل رهنديون هيون. دري ٻاهران
ڳُتيل ڳوٺ کان ٿورو پرڀرو هڪ وڏو باغ هو. هُو ان
ئي باغ ۾ کيڏندي ڪُڏندي وڏو ٿيو هو. ان باغ جي وڻ
وڻ سان سندس ڪيتريون ئي يادون وابسته هيون. منير
احمد زندگي کي هاڻي فقط ان دري ٻاهران ئي محسوس
ڪندو هو. هُو جڏهن وڻن کي لُڏندي، پکين کي اڏامندي
يا وري هيٺ گهٽي ۾ گاڏين کان ويندي ٻارن جو شور
ٻُڌندو هو ته کيس انھن نظارن ۽ آوازن ۾ زندگي
محسوس ٿيندي هئي.
منير احمد هڪ پڙهيو ڪڙهيو ماڻھو هو. کيس ڪائنات جو
ڪو به لقاءُ عام ماڻھو جيترو حيران نه ڪندو هو.
هُو ڪائنات جي پُراسراريت ۾ غرق ٿي وڃڻ بدران ان
کي هڪ اک وانگر پري پري کان نھاريندو رهيو هو. بس
هڪ مشاهداتي اک وانگر. بنھه ضعيف ٿي وڃڻ ڪري منير
احمد کي کڻي جو هاڻي اهو به احساس ٿيڻ لڳو هو ته
اک ڇنڀڻ جي لاءِ به توانائي جي ضرورت پوندي آهي.
تنھن هوندي به کيس ڪو ارمان نه هو. کڻي جو اهي هٿ
پير، جيڪي گذريل ٽيهتر سالن تائين سندس ارادي سان
پيا عمل ڪندا هئا، سي هاڻي وڏي ڪوشش جي باوجود به
چُري پُري نه پئي سگهيا پر کيس پوءِ به ڪو افسوس
ڪونه هو. موت جو تصور ان ڪري ڀيانڪ آهي جو ماڻھو
ان کي فنا سمجهندا آهن، پر منير احمد موت کي فقط
منتقلي ٿي سمجهيو. هن اهو ٿي ڄاتو ته، جاندار يا
بيجان هڪ ئي مادي جون ٻه مختلف حالتون آهن. نه رڳو
ايترو پر منير احمد ته ان خيال جو هو ته انھن ٻنھي
حالتن ۾ جاندار حالت کان بيجان حالت وڌيڪ مضبوط ۽
جٽادار ٿيندي آهي.
معمول مطابق اڄ به هُو بي ست، پر بي خوف پنھنجي
بستر تي پيو هو. هن جون اکيون دري ٻاهران اٽڪيون
پيون هيون. گهٽيءَ مان ڪنھن ماءُ پنھنجي ڌيءُ کي
سڏيو هو. هن جي ڪنن تي هڪ نالو پيو هو، ”زينب....“
زينب هن جي ماءُ جو نالو هو. ماءُ جو نالو ڪنن تي
پوندي ئي هُو ٻُڍڙو هوندي به هڪدم ٻار بڻجي پيو.
هن کي ماءُ جي هنجهه کان ويندي، زندگي جي پھرين
وِک تائين، اسڪول جي پھرين ڏينھن کان شادي جي
ڏينھن تائين الائي ته ڇا ڇا ياد اچڻ لڳو هو. منير
احمد جون اکيون انبن جي گهاٽن وڻن ۾ کُتل هيون ۽
خيالن ۾ ماءُ جي محبت ۽ ماءُ جو ورتاءُ. هن نه
چُري سگهندڙ چپن سان چيو، ”ماءُ به وڻ جيان ٿيندي
آهي ۽ اولاد ميوي جيان. جيئن وڻ پنھنجي ميوي کي
پنھنجو ست ڏئي تيار ڪندو آهي، تيئن ماءُ به پنھنجو
پاڻ نپوڙي اولاد نپائيندي آهي.“
”انسان جي زندگي ۾ سڀ کان پھرين عورت ماءُ جي ئي
روپ ۾ ايندي آهي.“ منير احمد پنھنجي ماءُ بابت
سوچيندي هم ڪلامي ڪئي.
”امان ڪيڏو نه ڀائيندي هئي مون کي! اسڪول کان
نٽائيندو هئس ته پھرين اسڪول اماڻڻ لاءِ ننھن چوٽي
جو زور لڳائيندي هئي، ۽ جڏهن پوءِ به لڪي ويندو
هئس ته پوءِ ڪيئن نه شام جو بابا کان بچائڻ لاءِ
ڪوڙ ڳالھائي ڇڏيندي هئي. نه رڳو اهو پر اسڪول کان
گُسائڻ ڪري ٻئي ڏينھن وري استاد کي ٻُڌائڻ لاءِ به
ڪيئي ڪوڙا ڪوڙا بھانا ٺاهي پئي اماڻيندي هئي....
بيشڪ! ماءُ ئي سڀ کان وڌيڪ ڪوڙ ڳالھائيندي آهي.“
منير احمد چپن جي حرڪت بنا ئي مُرڪي پيو.
ماءُ جي عظمت بابت سوچيندي هن خيال ڪيو، ”جنت
جيڪڏهن ماءُ جي پيرن جي هيٺـيان آهي ته پوءِ ماءُ
جي مٿي جي مٿان ڇا هوندو؟!“
ماءُ کان پوءِ منير احمد کي پنھنجي ڀيڻ زرينه ياد
اچڻ لڳي هئي، کيس فقط هڪڙي ڀيڻ ئي هئس. جنھن سان
گڏ ننڍو ٿي وڏو ٿيو هو. کيڏندي ڪُڏندي، لڪندي
ڳوليندي، وڙهندي ٺھندي ۽ رُسندي پرچندي.... ٻنھي
ڀاءُ ڀينر جو پاڻ ۾ ڏاڍو پيار هوندو هو. ننڍپڻ کان
ويندي جواني تائين ۽ تان جو زرينه جي شادي ٿيڻ
تائين.
سندس خيالن تي زرينه ڇائنجي وئي. هن سوچيو، ”ماءُ
جي روپ کان پوءِ عورت، انسان جي زندگي ۾ ڀيڻ جي
روپ ۾ ايندي آهي ۽ ماءُ کان پوءِ ڀيڻ ئي انسان سان
بي لوث محبت ڪندي آهي. ڀيڻ جو روپ به ڪيڏو نه عجيب
هوندو آهي....“ هن هڪ پُرسڪون ساهه کنيو.
”زرينه جو ڀانئڻ به ڪيڏو نه عجيب هو. منھنجا ڪتاب
سنڀالي رکندي هئي. منھنجا ڪپڙا استري ڪندي هئي.
مون کي ماني کڻي ڏيندي هئي. پاڻي ڀري پياريندي
هئي. هڪل تي حاضر رهندي هئي.“
پنھنجي ڀيڻ بابت سوچيندي هن پاڻ سان اورڻ جاري
رکيو، ”جڏهن آءٌ جوان ٿيس تڏهن ڪيئن نه مون کي
سجائيندي سينگاريندي هئي. جڏهن به گهر کان ٻاهر
نڪرندو هئس ته خاص طور تي اهڙو وڳو پھرڻ لاءِ پيش
ڪندي هئي جيڪو سندس نظر ۾، مون کي وڌيڪ ٺهندو هو.
هن جي اها ئي جستجو هوندي هئي ته ٻاهر جيڪو به مون
کي ڏسي تنھن کي سھڻو نظر اچان. خاص طور تي ڇوڪرين
کي ته جام وڻان. هو چاهيندي هئي ته هر ڇوڪري مون
تي عاشق ٿي پوي! هو مون کي ڇوڪرين جي لاءِ ائين
سينگاريندي هئي جيئن ڪوئي ثمر فروش، خريدارن جي
لاءِ ميوا سجائي رکندو آهي....“
منير احمد کي اهو به ياد آيو ته جڏهن ناياب
پنھنجي محبت جو اظھار، ساڻس ڪرڻ کان پھرين زرينه
سان ڪيو هو تڏهن زرينه ڪيڏي نه خوش ٿي هئي.
۽ پوءِ منير احمد جي خيالن تي ناياب ڇائنجي
ويئي....
ڪيڏي نه محبت ڪندي هئي ناياب ساڻس! منير احمد کي
اظھار محبت کان ويندي شادي تائين ۽ شادي کان پوءِ
وارن ستيتاليهه سالن جي خوبصورت ساٿ جو پل پل
ترورا ڏيڻ لڳو. ”نينهن جي پھرين نھار ئي ماڻھو ۾
نکار آڻي ڇڏيندي آهي.“ ناياب جي پھرين پيار ڀري
نھار کي ياد ڪندي منير احمد سوچڻ لڳو.
”هن منھنجي هستي کي سھيڙيو، ٺاهيو ۽ نروار ڪيو.“
هن دل ئي دل ۾ سوچيو. ”ڪاوڙبي هئي ته ڪاغذ تي
ڪارٽون ٺاهي اکين جي ٻن ٽٻڪن تي پنھنجي اکين جا ٻه
ڳوڙها هاري منھنجي ٽيبل تي رکي ويندي هئي....
پرچندي هئي ته ڪاغذ جون جام ساريون دليون ٺاهي
ڪمري جي در، درين ۽ ديوارن تي هڪ خوبصورت بيترتيبي
سان چنبڙائي ڇڏيندي هئي.... هن کي بيترتيبي ڏاڍي
وڻندي هئي. چوندي هئي، ’سڀ کان وڌيڪ خوبصورت
ترتيب، بيترتيبي ئي آهي. تو هاري کي ٻج ڇٽيندي
ناهي ڏٺو ڇا؟ تون آسمان تي ڦھليل ستارا ئي ڏسي وٺ
ڀلا....‘“
ناياب جون ڳالھيون کُٽڻ جون نه هيون. شادي کان
پوءِ منير احمد کي ياد آيو ته ڪيئن نه کيس تنگ
ڪندي هئي. جڏهن به ٻاهر ڪنھن پروگرام ۾ ويندو هو
ته پڇندي هئي، ”پروگرام ۾ ڇوڪريون هيون يا نه؟
گهڻيون هيون ڇوڪريون....؟ وڏا پوز هنيا هوندئي
ڇوڪريون ڏسي.... آءٌ سُڃاڻان ٿي توکي تون جيڪو
شريف آهين هُون!“ بس پوءِ جواب ٻُڌڻ بنا ئي منھن
ڪوجهو ڪري ڪاوڙجي ويندي هئي. نه ڳالھائيندي
هئي.... صُبح.... شام.... رات.... ۽ ٻي صُبح جو
وري ڪاغذ تي ڪارٽون.... ڪارٽون جي اکين وارن ٽٻڪن
تي ڳوڙها ڳاڙيندي ۽ نيرن سان گڏ کنيو ايندي
هئي.... ۽ رکي هلي ويندي هئي.
منير احمد هلڪي مُرڪ سان دل ئي دل ۾ پاڻ سان
ڳالھايو، ”آءٌ جڏهن به ڪنھن اهڙي پروگرام ۾ ويندو
هئس، جنھن ۾ ڪن عورتن جي هجڻ جو به انديشو هوندو
هو، ته پوءِ مون کي ڳولھي اهڙو وڳو ڪڍي ڏيندي هئي
جيڪو اصل نه ٺھي! هن جي دل چاهيندي هئي ته آءٌ
ڪنھن به ڇوڪري کي نه وڻان! هن جو وس لڳي ته مون کي
کاري هيٺيان لڪائي ڇڏي هميشه جي لاءِ!“
منير احمد جون اکيون دري ٻاهران ئي کُتل هيون. هن
کي پنھنجي خيالن تي کل اچڻ لڳي هئي. ايتري ۾
دروازو کليو. دروازي جي چيڪٽ منجهان ئي کيس معلوم
ٿي ويو ته ڪير آيو آهي. دروازي تي سندس ڌيءُ
عنبرين بيٺي هئي. توڙي جو عنبرين جي شادي ٿي وئي
هئي پر تنھن هوندي به هُوءَ روز پيءُ وٽ ايندي
هئي. ساڻس ملندي هئي ۽ تازن ميون جو جوس ٺاهي ڏاڍي
چاهه ۽ احتياط سان کيس پياريندي هئي. اڄ به هن جي
هٿن ۾ پيل ٿيلھي ۾ مختلف ميوا هئا. منير احمد ميوا
ڏسندي دل ئي دل ۾ مُرڪي پيو. پر اها مُرڪ سندس
چھري جي سطح تائين پکڙجي نه سگهي.
عنبرين ميون جي ٿيلھي ميز تي رکي، ۽ پيءُ جي
پيشاني چمي. عنبرين جي چپن جو ڇُھاءُ ۽ اکين جي
نھار منير احمد جي روح جي گِهراين تائين لھي وئي.
عنبرين جي داخل ٿيڻ سان سڄو ماحول ڄڻ ته مامتا سان
واسجي ويو. چپ چُري نه سگهيا، پر هُن چيو، ”زال
کان پوءِ مرد جي زندگي ۾ عورت، ڌيءُ جي روپ ۾
ايندي آهي. ۽ ڌيءُ، ماءُ جو ٻيو جنم ٿيندي آهي.“
هوشنگ مرادي ڪرماني
(عالمي ادب)
ڊاڪٽر غلام مصطفى
سولنگي

ڪتاب جو عاشق
ڪھاڻيڪار جو تعارف:

گذريل پنجن ڏهاڪن کان ٻارن ۽ نوجوانن لاءِ لاڳيتو
ادب تخليق ڪندڙ هوشنگ مرادي ڪرمانيءَ کي سندس
تخليقي ڪارنامن جي آڌار تي سڄي دنيا ۾ هڪ خاص مڃتا
حاصل آهي. ايران جي هن ڏيھان ڏيھه شھرت رکندڙ اديب
لکين ايراني ٻارن ۽ نوجوانن ۾ نه رڳو پڙهڻ جي عادت
کي اُڀاريو آهي، پر پنھنجي لکڻين وسيلي منجهن
ايراني تاريخ، ثقافت، فن ۽ ورثي جو شعور پڻ بيدار
ڪيو آهي. اهوئي ڪارڻ آهي جو سندس لکڻين کي ”ايران
جو وڏي ۾ وڏو قومي تخليقي ورثو“ قرار ڏنو ويو
آهي. ان کان سواءِ ”ٻارن جي ادب جو عالمي چيمپيئن“
جو لقب به سندس حصي ۾ آيو آهي.
هوشنگ مرادي ڪرماني 7 سيپٽمبر 1944ع تي ايران جي
ڏاکڻي شھر (صوبي) ڪرمان جي پاسي ۾ موجود هڪ ننڍڙي
ڳوٺ سيرچ ۾ ڄائو . ڇھن مھينن جو مس ٿيو جو سندس
ماءُ لاڏاڻو ڪري وئي. تنھن ڪري ڏاڏاڻن کيس پاليو
نپايو ۽ سندس تعليم ۽ ترتيب جو خاص بندوبست ڪيو.
سندس ڏاڏي دائي هئي ۽ پڻ سُتين ڦَڪين وسيلي
ڳوٺاڻين عورتن جو دوا دارون ڪندي هُئي. جڏهن ته
سندس ڏاڏو ڳوٺ جو پَريو مُڙس ۽ زميندار هو. هو
داستان گو پڻ هو ۽ رات جو روزانو ڳوٺاڻن کي گڏ ڪري
قصا ۽ ڪھاڻيون ٻُڌائيندو هو. سندس هڪ چاچو ڳوٺ جي
پرائمري اسڪول ۾ استاد هو. جنھن جي گهر ۾ رڳو ڪتاب
ئي ڪتاب پيا هوندا هئا ۽ هو اسڪول کان پوءِ ڪتابن
جي دنيا ۾ گُم ٿي ويندو هو. اهڙي ئي ماحول جو
گَهرو اثر هوشنگ مُرادي ڪرمانيءَ تي به پيو ۽ پوءِ
هو به ڪتابن پڙهڻ جو شوقين ٿي ويو.
پرائمري، مِڊل ۽ سيڪنڊري تعليم پنھنجي ڳوٺ ۽ ڪرمان
مان حاصل ڪرڻ کانپوءِ هن تھران جو رُخ ڪيو، جتي هن
ڊراماٽڪ آرٽس ڪاليج، تھران ۾ داخلا ورتي ۽ ڪجهه
سالن اندر هن ڊرامي لکڻ جي فن ۽ ٻين ٽيڪنيڪي ڪمن
۾ مھارت حاصل ڪري ورتي. ان کان پوءِ هن تهران
يونيورسٽيءَ مان انگريزي ادب ۾ گريجوئيشن پڻ ڪئي.
1970ع ۾ هن لکڻ جي رسمي شروعات ڪئي ۽ جلد ئي
ايران جي ادبي حلقن ۾ زبردست مڃتا حاصل ڪري ورتي.
هن سڀ کان پھرين ايران جي قالين اڻندڙ ٻارڙن تي
ڪھاڻيون لکڻ شروع ڪيون ۽ پوءِ انھن ڪھاڻين کي
سهيڙي هڪ ڪھاڻي ڪتاب ”ڪارخانن ۾ قالين اڻندڙ ٻار“
جي نالي سان ڇپائي پڌرو ڪيائين. هن ڪتاب ”چلڊرنس
بوڪ ڪائونسل آف ايران “ ۽ آءِ بي بي واءِ
(انٽرنيشنل بورڊ آن بوڪس فاريوٿ). (باسل،
سوئٽزرلينڊ) جو ڌيان ڇڪايو ۽ اهڙي طرح هوشنگ مرادي
ڪرمانيءَ کي عالمي سڃاڻپ ملي وئي. ان کان پوءِ
سندس قلم تيزيءَ سان ٻارن ۽ نوجوانن لاءِ لکڻ لڳو
۽ سندس ڪتابن، جهڙوڪ: مجيد جون ڪھاڻيون، بُوٽَ،
کجيءَ جو وڻ، تندور، پاڻيءَ جو ڪونرو ۽ امان جا
مھمان سڄي دنيا ۾ ڌاڪو ڄمائي ورتو. اُهي سَمورا
ڪتاب دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿي چُڪا
آهن.
ٻارن جي ادب ۾ غير معمولي خدمتن جي موٽ ۾ کيس
”هانس ڪرسچن اينڊرسن ايوارڊ“ (1992) ”يونيورسٽي آف
سان فرانسسڪو بوڪ ايوارڊ“ (2000ع) ۽ ”آسٽرڊ لنڊ
گرين ايوارڊ“ (2018ع) سان نوازيو ويو آهي.
هوشنگ مرادي ڪرمانيءَ جون لکڻيون اسان کي ياد
ڏيارين ٿيون ته، ادب ۾ اسان جي روحن ۽ ذهنن کي
مُتاثر ڪرڻ جي ڪيڏي نه سگهه آهي ۽ اهو ادب ئي آهي،
جيڪو ڏاهپ ۽ تَصَوَرن کي وڌائي ٿو. سندس لکڻيون
اعليٰ انساني قدرن ۽ تجربن جو نچوڙ آهن ۽ جيڪي
اسان کي اها دعوت ڏين ٿيون ته، اسان انسان ذات جي
حُسن کي محسوس ڪريون ۽ گڏو گڏ انسانيت جو قدر پڻ
ڪريون. سچ ته هوشنگ مُرادي ڪرمانيءَ جو تخليقي ڪم
سڄي دنيا لاءِ هڪ املھه سوکڙي آهي. (سنڌيڪار)
مش اسدالله ڪتاب مان هڪ پنو ڦاڙيو ۽ ان کي ويڙهي
سيڙهي هڪ ڪاغذي لفافي جي شڪل ڏنائين. لفافي ۾ تماڪ
وجهي تارازيءَ ۾ توريائين ۽ پوءِ ان جو ٻُوٿ بند
ڪري منھنجي هٿ ۾ ڏنائين. کنڊ، چانھه ۽ هيڊ جون
پڙيون به منھنجي هٿن ۾ هيون. مش اسدالله ڳڻتاري
(ڪلڪيوليٽر) تي حساب ڪري مون کان سودي جا پئسا
ورتا. مان گهر روانو ٿيس. اهو دڪان اسان جي گهٽيءَ
۾ گهر جي بلڪل ڀرسان هو. ڏاڏيءَ مون کان سمورو
سودو ورتو ۽ اهو دٻن ۾ وجهي لفافن کي خالي ڪيائين
۽ پوءِ اُهي پنا جيڪي ڪنھن ڪتاب جا هئا، مون کي
ڏنائين ته مان اُهي ڪچري دان ۾ اڇلائي اچان.
اونھاري جون موڪلون هيون. واندڪائي هئي، تنھن ڪري
پاڻ کي مَصروف رکڻ لاءِ ڪمري جي هڪ ڪُنڊ ۾ ويھي
رهيس. ڪتاب جا پنا، جن ۾ آءٌ سودو وٺي آيو هئس، سي
ٻنھي پاسن کان ملائي ڪُل اٺ پئي ٿيا. صفحي نمبر
پندرهين کان ويھين تائين پھرين هيڊ جي زرديءَ کنڊ
جي سفيديءَ کي بيحد احتياط سان هورڙيان هورڙيان
پنن تان ڇنڊي صاف ڪري اُهي پڙهڻ لڳس، اها ڏاڍي
سولي ۽ وڻندڙ انداز ۾ لکيل هڪ سُٺي ڪھاڻي هُئي،
جهٽ پٽ ۾ اٺ ئي صُفحا پڙهي پورا ڪَيم.
سچي ڳالھه اها ته مان درسي ڪتابن کان سواءِ هيل
تائين ڪجهه پڙهيو ئي ڪونه هو. انھن اٺن صُفحن جي
پڙهڻ سان در اصل مون کي پھريون ڀيرو ڪتاب پڙهڻ جو
مزو معلوم ٿيو. بد قسمتيءَ سان جتي اها ڪھاڻي، اهم
موڙ تي پھتي يعني ٻاويھين صُفحي تي، سو ته مون وٽ
هو. پر اڳلو ٽيويھون صُفحو ته مون وٽ ڪونه هو،
جنھن جي ڪري ڪھاڻي اڌ ۾ رهجي وئي. اُتان ته
ڪھاڻيءَ جو دردناڪ پاسو شروع ٿي رهيو هو.
ڪھاڻيءَ ۾ هڪ ٻار ڏيکاريل هو، جنھن کي سندس پيءُ
لڪڻن سان ڏاڍي مار ڪڍي ٿو. اهو ٻار گهر کان ڀڄي
وڃڻ جو ارادو ڪري ٿو. کيس ڊپ به ڏاڍو ٿئي ٿو. نيٺ
هو پنھنجي گهران نڪري اچي ٿو ۽ پوءِ سوچي ٿو ته
هاڻي ڪيڏانھن وڃان....؟ واهه ! ڪھاڻيءَ ته هتان
دلچسپ موڙ ورتو هو. مان ڄاڻڻ چاهيو ٿي ته اهو ٻار
ڪيڏانھن ڀڄي ويو ۽ مٿس ڇا وَهيو واپريو.
مون کي اوچتو خيال آيو ته مش اسدالله وٽ وڃان ۽ هر
حال ۾ باقي ڪتاب وٺي پڙهان ته جيئن پئي ته پوءِ ان
ٻار سان ڇا ٿيو. تنھن ڪري اُٿيس ۽ تير وانگر تيز
ڊوڙندو دڪان تي پھچي ويس. سَھڪندي چيم ”سلام! مش
اسدالله باقي ڪتاب ڪٿي آهي؟ اهو مون کي ڏي مان
پڙهي واپس ڪندس. پوءِ ڀلي ڪتاب سان ،جيڪو وڻئي، سو
ڪجانءِ“
مون ساڻس بيحد نماڻائي وچان ڳالهايو ته، جيئن مٿس
منھنجي ڳالھه جو اثر ٿئي. مش اسدالله ڪنھن ٻئي
ئي خيال ۾ گم هيو. منھنجي ڳالھه ٻُڌي سندس ڀِرون
پاڻ ۾ مليون ۽ پوءِ حيرانيءَ وچان پڇيائين ”ڪھڙو
ڪتاب ڇوڪرا !؟ مون وٽ ته ڪو به ڪتاب ڪونهي.“
مون نماڻائيءَ مان ڏانهس ڏٺو ۽ ويچاري شڪل ٺاهي
کيس چيو، ”توکي پنھنجي ٻارن جو قسم! مون کي ڪتاب
ڏي. اهوئي ڪتاب جنھن مان پنا ڦاڙي لفافا ٺاهي مون
کي سودو وجهي ڏنئي. واعدو آ، ڪتاب پڙهي موٽائي
ڏيندوسانءِ.“
پوڙهي پنھنجي چپن جي ڪُنڊن کي ڀيڪوڙيو ۽ ائين ظاهر
ڪيو، ڄڻ واقعي کيس ڪتاب جو ٻُڌي حيرت ٿي هجي.
بھرحال چپ پنھنجي جاءِ تي واپس آيا ۽ پوءِ هن زبان
کي چپن تي ڦيرائيندي پڇيو، ”توکي باقي ڪتاب ڇو
گهرجي؟“
سندس ڌيان حاصل ڪرڻ لاءِ مان تارازيءَ جو هڪ پلڙو
کنيو، کنڊ جو ٻُورو پلڙي کي ٿڦيل هو. ان کي دڪان
جي ٻاهرين ڀت سان هڻي ڇنڊي صاف ڪيو ۽ پنھنجي جاءِ
تي ان کي رکندي چيو، ”مون کي اهو ڪتاب ان ڪري کپي،
جو مان اهو ڄاڻڻ چاهيان ٿو ته آخر ان ٻار جو ڇا
ٿيو، جيڪو گهران ڀڄي نڪتو هو ۽ ان کان پوءِ کيس
ڪھڙيون تڪليفون ڏسڻيون پيون؟
مش اسدالله پنھنجي اڇي ڏاڙهيءَ کي کَنھِيو ۽ پَخِ
پَخِ جي آواز سان کِلڻ شروع ڪيو. کيس ڏند ڪونه
هئا، ان ڪري پخ پخ ڪري کلندو هو. سندس کلڻ جو اهو
انداز ڏاڍو موهيندڙ هوندو هو.
نيٺ هن چيو، ”وڃ! وڃي ڪو ڪم ڪار ڪر، اهو ڪتاب
تنھنجي ڪم جو ناهي هَل هِتان!“
”ڏس! مان اهو ڪتاب توکان خريدڻ ٿو چاهيان. گهر ۾
جيڪا به ردي ۽ ڪاغذ مون وٽ پيا آهن، توکي ڏيندس،
سي به مفت ۾ مون کي اهو ڪتاب ضرور پڙهڻو آهي. جيڪا
به قيمت چئين، ڏيڻ لاءِ تيار آهيان مون تي مھرباني
ڪر.“
وراڻيائين ”اهو ڪتاب وڪڻڻ لاءِ ناهي ۽ نه ئي مان
ڪتاب وڪڻندڙ آهيان. اهو ڪتاب پڙهڻ لاءِ ٿوروئي
آهي. اهو ڪتاب ان ڪري آهي ته ان مان پنا ڦاڙي،
لفافا ٺاهي، گراهڪن کي سودو وجهي ڏجي. ڳالھه
سمجهئي يا ڪونه؟ هاڻي هل هِتان! مون کي وڌيڪ نه
سيڙاءِ. وڃي ڪو ڪم ڪار ڪر.“
هو ڪجهه ڏکي طبيعت وارو ماڻھو هو. ايترو سولائيءَ
سان نرم ٿيڻ وارو ڪونه هو ۽ مان به پوئتي هٽڻ نه
ٿي ڇاهو. سندس همدردي حاصل ڪرڻ لاءِ تارازيءَ جو
ٻيو پلڙو کنيم. اُن پلڙي جي تَري ۾ اچي رنگ جي
ٿوري مٽي پئي هئي. پلڙي کي مش اسدالله جي چهري جي
آڏو جهليم، ته جيئن هو منھنجي ان مھربانيءَ ۽ خدمت
کي چڱيءَ ريت ڏسي سگهي. مان پلڙو کڻي سندس چهري
آڏو جهلي ڦوڪ ڏني، ڦوڪ جي ڪري مٽي وڃي پوڙهي جي
اکين ۾ پئي.
مش اسدالله، جيڪو خُوش هو ۽ پخ پخ ڪري کلي رهيو
هو، هڪدم چيو، ”تون هي ڇا ٿو ڪرين ڇوڪرا؟“ ۽ ڦوڪ
کان بچڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. پوءِ جڏهن مِٽي سندس
اکين ۾ پئي ته هن چيو ”چريو آهين ڇا! هي ڇا ڪري
ڇڏيئي ؟“ ۽ پوءِ اکيون مهٽڻ شروع ڪيائين. اکيون
مهٽيندي ۽ ڏند ڪُرٽيندي چيائين ”توکي ٽڪي جو به
عَقل ڪونهي . ان پلڙي ۾ لوڻ هو. منھنجون اکيون
ڪُري رهيو آهن. توکي ڪنھن چيو ته هتي اچي منھنجي
مدد ڪر؟“
ڪم ته رهندو خراب ٿي ويو. مان ساڻس چڱائي ڪرڻ ٿي
چاهي ته جيئن کيس ٿڌو ڪري ڪتاب وٺي سگهان، پر هاڻي
ته ڳالھه ئي اُبتي ٿي وئي. دل ۾ آيو ته کائنس
معافي وٺان، پر رڳو معافي وٺڻ جو ڪو به فائدو ڪونه
هو. پوڙهي جون اکيون ڪُري رهيون هيون سندس حال
ڏاڍو خراب هو. مان پنھنجي پاڻ کي چيو، ”مون کي
پاڻي کڻي اچڻ کپي ته جيئن هو اکين کي پاڻيءَ جا
ڇنڊا هڻي پاڻ کي تڪليف کان آجو ڪري ۽ پوءِ شايد
منھنجو ڏوهه به بخشي“ اهو سٺو خيال هو. مان ڊوڙيس
۽ پنھنجي گهران پتل جو هڪ وڏو لوٽو پاڻيءَ جو ڀري
کڻي آيس.
لوٽو سندس آڏو پيش ڪيو ۽ کيس چيم، ”مش اسدالله!
مون کي معاف ڪجانءِ مان غلطيءَ وچان توهان جي اکين
۾ لوڻ وڌو“ پوءِ مان وري کلندي چيو، ”پريشان ٿيڻ
جي ڪا ضرورت ناهي، اکيون ڌوئي ڇڏ. ڌوئڻ سان اهي
وڌيڪ سهڻيون ٿي پونديون . مان ڀانيان ٿو ته لوڻ
سان گڏ مرچ به مليل هئا. بھرحال، اها تنھنجي
بدقسمتي آهي.“
اُهي لفظ ٻُڌي پوڙهي ڪاوڙ مان زور سان پنھنجي هٿ
کي ڇنڊڪو ڏنو، ته سندس هٿ پاڻيءَ سان ڀريل لوٽي
سان وڃي لڳو، جيڪو مان پنھنجي ٻنھي هٿن ۾ سندس آڏو
جهليو بيٺو هيس. زورائتو هٿ لڳڻ سان لوٽو هوا ۾
اڏاڻو ۽ منجهس پيل پاڻي، ڀرسان رکيل کنڊ جي ٻوريءَ
مٿان ڪريو.
پوڙهي کان پنھنجي اکين ۾ ٿيندڙ ساڙو ۽ تڪليف وسري
وئي. مُشڪل سان اکيون پَٽي لوٽي ۽ آلي ٿيل کنڊ کي
ڏسڻ لڳو. پتل جو لوٽو هيٺ لاٽونءَ وانگر ڦِري رهيو
هو، جنھن مان کَڙ کَڙ جو آواز اچي رهيو هو.
مان به منھن ڀيلو ڪري شرمندگيءَ جي احساس سان مش
اسدالله، لوٽي ۽ ڀِنل کنڊ ڏسي رهيو هئس. اسدالله
ڪجهه ڪونه ڪڇيو، پر زور سان پنھنجا ڏند ڪَرٽي رهيو
هو. سندس ڏندن مان ڪرچ ڪرچ بدران چپن مان مِلچ
مِلچ جا آواز نڪري رهيا هئا. اسان ٻنھي کي ڪا به
ڳالھه ڪونه ٿي سمجهي. غلطي هن جي پنھنجي هُئي. هن
بد حواسيءَ مان هٿ کنيو هو، جيڪو سڌو وڃي لوٽي کي
لڳو هو. ماڻھوءَ کي گهرجي ته اهڙي صورتحال ۾ صبر ۽
حوصلي کان ڪم وٺي، نه ڪي چَريائپ ۾ رهندو ڪم خراب
ڪري ڇڏي.
منھنجي دل سندس ڪُرندڙ اکين ۽ ڀِنل کنڊ لاءِ ڏکاري
هئي. سوچيم ته هتان ڀڄي وڃان، پر پوءِ خيال آيو ته
همت ڪري هتي ئي بيٺو رهان، ته من نه من سندس روح ۾
ڪو رحم پوي ۽ هو مون کي ڪتاب ڏئي ڇڏي تنھن ڪري
مان اُتي ڄمي بيٺو رهيس. وات ۾ گڏ ٿيل ٿُڪَ کي
اڳريم ۽ پوءِ ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪيم، پر آواز منھنجي
نڙيءَ ۾ دٻجي رهجي ويو.
پوءِ وري ٻيھر همت ڪري ڏڪندڙ آواز ۾ چيم ”مش
اسدالله! چڱو ٿيو جو لوٽو چينيءَ جو نه هو، نه ته
ڀڄي ڀورا ڀورا ٿي وڃي ها ائين نه؟“ اصل ۾ پتل جا
لوٽا اهڙن موقعن لاءِ ئي ته ٺاهيا ويندا آهن.
مش اسدالله جو رت منھنجي ضد ۽ شايد بيوقوفيءَ ڪري
ٽهڪي رهيو هو. هو پنھنجي دل کي دلاسي ڏيڻ ۽ مون کي
ڪا شيءِ هڻڻ لاءِ سوچي رهيو هو. هيڏي هوڏي ڏسڻ کان
پوءِ به کيس اهڙي ڪا شيءِ ڏسڻ ۾ ڪونه آئي، جيڪا هو
مون کي هڻي سگهي ها. خير، مون کي هڻڻ لاءِ شيون
جام پيون هيون، پر کيس اهو ڊپ هو ته هڻڻ سان اها
شيءِ خراب ٿي يا ڀڄي نه پوي. شايد کيس ڪڏهن اهو
خيال ڪونه آيو هوندو، ته اهڙن موقعن لاءِ دڪان ۾
ڪو لڪڻ يا لَٺِ رکڻ ضروري آهي.
هو دڪان جي پوئين پاسي ويو ته متان اُتي ڪا شيءِ
لَڀي پوي. جيڪڏهن هو چاهي ها ته تارازيءَ جي ڀرسان
رکيل وَٽُ کڻي مون کي وهائي ڪڍي ها. وَٽَ لوهه جا
هئا ۽ انھن جي ڀڄي پوڻ جو به ڪو امڪان ڪونه هو، پر
وَٽَ هڻڻ هڪ خطرناڪ ڪم هو، جو انھن جي لڳڻ سان
منھنجو مٿو ڦاٽي ٿي سگهيو. مٿو ڦاٽي ها ته رهندو
سندس لاءِ مصيبت ٿي وڃي ها. هو واقعي هڪ عجيب ۽
سمجهدار انسان هو. مطلب ته هو دڪان جي پٺئين پاسي
ويو ۽ مان وري ان انتظار ۾ بيٺو رهيس، ته ڏسان ته
مون سان ڇا ٿو ٿئي.
آءٌ دڪان کان ٻاهر نڪري بيٺو هُئس، پر هاڻي اندر
گِهڙي آيس ۽ اُهوئي ڪتاب سَٽَ ڏئي کنيم، جنھن تان
هي ڦڏو ٿي رهيو هو. مش اسدالله منھنجي اها همت ڏسي
ته مان وري دڪان اندر هليو آيو آهيان، ويجهو آيو ۽
چيائين، ”دڪان اندر ڇو آيو آهين ؟ نِڪر ٻاهر.“
مون ڪتاب ڇاتيءَ سان لڳائي رکيو هو. ان ڏانھن
اشارو ڪندي چيومانس، ”مھرباني ڪري ڀلا هي ڪتاب ئي
منھنجي مٿي تي وهائي ڪَڍ. ڪا شيءِ ڳولڻ جي تڪليف
ڇو ٿو ڪرين؟“
هن مون تي مھرباني ڪئي ۽ مون کي هڻڻ لاءِ ڪتاب
سَٽَ ڏئي کسي ورتائين. مون کي ڊپ ٿيو ته مون کي
هڻڻ سان ڪٿي ڪتاب ڦاٽي نه پوي ۽ پوءِ مان باقي
ڪھاڻي پڙهي نه سگهان، تنھن ڪري مان هڪدم دڪان کان
ٻاهر وٺي ڀڳس. ڪتاب هوا وانگر اڏامندو منھنجي
ڀرسان لنگهندو گهٽيءَ جي ڪُنڊ تي ان ناليءَ ۾ وڃي
ڪريو، جنھن ۾ ڪِنو پاڻي بيٺل هو.
مون ناليءَ مان ڪتاب ڪڍيو ۽ پوئتي مُڙي مش اسدالله
کي چيم، ”تنھنجا تمام گهڻا ٿورا ! تو مون تي وڏو
احسان ڪيو آهي. هي ڪتاب پڙهي ضرور واپس
ڪندوسانءِ.“
وراڻيائين، ”ماڻھو آهين يا ڪو جانور. مان بي بيءَ
وٽ وڃي تنھنجي دانھن ٿو ڏيان.“
مان پنھنجي ڏاڏيءَ کي ’بي بي‘ چئي سڏيندو هُئس.
ٻيا ماڻھو به کيس ’بي بي‘ ئي ڪوٺيندا هئا. ’بي بي‘
هڪ مھربان ۽ ٻاجهاري عورت هئي، جنھن مون کي پالي
نپائي وڏو ڪيو هو. جنھن چاهيو ٿي ته مان کيس
سدائين خوش رکان ڪڏهن ڪڏهن هوءَ سختي به ڪندي
هُئي، ته جيئن مان غلطي يا ڪوتاهي نه ڪريان. تنھن
ڪري، جيڪڏهن کيس خبر پئي ته مان مش اسدالله کي تنگ
ڪيو آهي،
ته پوءِ هو مون سان ڏاڍي حالت ڪندي. بي بيءَ جي
دڙڪن جي ڊپ کان مان گهر ئي ڪونه ويس، پر گهر جي
پوئين پاسي موجود هڪ کليل جاءِ ڏانھن ويس، ته جيئن
ان جهنجهٽ کان پري ويھي سُڪون سان باقي ڪتاب پڙهي
سگهان.
ان هنڌ وٽان هڪ وڏي ندي لنگهندي هئي،
نديءَ جي ٻنھي پاسن کان ڊگها ڊگها وڻ بيٺل هئا،
وڻن هيٺان وري گهاٽي سائي ڇٻر ڦُٽل هئي. مان ڇٻر
تي هڪ وڻ جي ڇانوَ ۾ نديءَ ڪِناري ويھي رهيس. ڪتاب
کي لڳل گپ کي نديءَ جي صاف پاڻيءَ سان بيحد احتياط
سان ڌوتم،
ته جيئن ڪتاب جا صفحا به گهڻو نه ڀِڄن ۽ نه ئي
ڪٿان ڦاٽي پون. ان کان پوءِ رومال سان، جيڪو مون
کي بي بيءَ ڏنو هو ۽ هر وقت منھنجي کيسي ۾ پيو
هوندو هو، ڪتاب کي سُڪايو. پوءِ دلجاءِ سان ويھي
وڏي شوق ۽ ڌيان سان ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيم، يعني
ٻاويھين صفحي کان پوءِ ته جيئن خبر پئي ته اهو ٻار
گهر کان نڪري ڪيڏانھن ويو پوءِ مٿس ڇا گذريو، پر
هي ڇا؟ ڪتاب جا سڄا سارا ڏهه صفحا غائب هئا.
هڪ گهڙيءَ لاءِ ته منھنجو مٿو ئي ڦِري ويو. ٻيھر
ڌيان سان ڪتاب کي ڏٺم. ها ! ڪتاب ته اهوئي هو، پر
ان جا ڪجهه صفحا مش اسدالله مون کان پوءِ ڦاڙي
انھن ۾ شيون ويڙهي ماڻھن کي ڏئي ڇڏيون هيون. مان
ڏاڍو مٿو هنيو ته وچ وارن ڏهن صفحن جي وڃايل
ڪھاڻيءَ کي صفحي ٻاويھين کان صفحي ٻٽيهين سان
ملايان، پر هيڏانھن ته ٻار جي ڪھاڻيءَ جو رُخُ ئي
بدلجي چڪو هو.
مان اُٿيس ۽ ڦاٽل صفحن وارو ڪتاب کڻي سڌو دڪان تي
پھتس. مش اسدالله آلي کنڊ کي لَپُنِ ۾ ڀري ڏک وچان
ڏسي رهيو هو. هن اسان جي پتل جي لوٽي کي تارازيءَ
ڀرسان رکيو هو. هن مون کي ڪونه ڏٺو هو، سندس سمورو
ڌيان کنڊ ڏانھن هو. مان ٿورو کنگهيس، ته جيئن هو
مون ڏانھس ڏسي، پر هن ٻڌو ئي ڪونه، نيٺ مان پنھنجي
زبان چپن تي ڦيري ۽ وڏي آواز ۾ چيو، ”مش اسدالله!
کنڊ گهڻي آلي ڪونه ٿي هوندئي. آلي کنڊ اُسَ ۾ رکي
سُڪاءِ ڪھڙي وڏي ڳالھه آ.“
منھنجو آواز ٻڌي هن مون ڏانھن زهريلن نظرن سان ڏٺو
۽ چيائين، ”توکي اڃان وري ڇا کپي جوموٽي آيو آهين
؟ ڪتاب ته تون کڻي وئين. باقي ڪجهه رهيل آهي ڇا ؟
مون کي پنھنجو ڪم ڪار ڪرڻ ڏي. تون به وڃي ڪو ڪم
ڪار ڪر. جان ڇڏ منھنجي هَل هتان.“
مون چيو، ”مھرباني ڪري مون کي اهو ٻڌائيندين،
ته تو ڪتاب جا رهيل صفحا ڪنھن کي ڏنا آهن ؟ ۽ ها !
پتل جو لوٽو، جنھن ۾ آءٌ پاڻي کڻي آيو هئس، سو
تارازيءَ ڀرسان پيو آهي ۽ اسان جو آهي.
مش اسدالله ۾ وڌيڪ ٻُڌڻ جي ڪا همت ڪونه رهي هئي.
هو شينهن جي تيزيءَ سان مون ڏانھن وڌيو ۽ منھنجي
ويڻي زور سان جهلي چيائين ، ”هاڻي وري اهڙو ڪجهه
نه ڪجانءِ جو مون کي مُڪ هڻي تنھنجي ٻٽيهي ڀڃڻي
پوي. آخر هتان ٽَرين ڇو نه ٿو؟ “
مان وراڻيو، ”ٺيڪ آ ..... مان هتان ٽَران ٿو ۽ گهر
وڃي ڪو ڪم ڪار ٿو ڪريان. هي وٺ پنھنجو ڦاٽل ڪتاب.
هڪ منٽ! بس، رڳو ان ڪتاب جو نالو ڏسي وٺان.“
ڪتاب جي نالي ڏانھن ڏٺم، جيڪو هر صفحي جي مٿان
لکيل هو. مان اهو نالو ياد ڪري ورتو. ڪتاب جو نالو
هو. ”جبلن ڏانھن ڀاڄ“ پِتل جو لوٽو کڻي گهر هلڻ
لڳس. ويندي ويندي مش اسدالله کي ايلاز ڪيم، ته هو
منھنجي ڏاڏيءَ کي منھنجي دانھن نه ڏي.
مان کيس نماڻين نظرن سان ڏسي گهر ڏانھن روانو ٿيس.
گهر ته پھتس ، پر منھنجي دماغ مان اهو ڪتاب ۽
باقي ڪھاڻيءَ جو خيال ڪونه ٿي نڪتو. اڻ پوري ڪھاڻي
منھنجي ذهن ۾ ڦِرندي رهي. منھنجي حالت ان اُڃايل
جهڙي هئي، جيڪو ٿڌي، صاف ۽ مٺي پاڻيءَ ۾ رڳو
پنھنجا چَپ ئي آلا ڪري سگهيو هو يا وري ان ماڻھوءَ
جهڙي هئي، جيڪو صاف ۽ مٺو پاڻي ڏسڻ ۽ پوءِ وري چکڻ
کانپوءِ چاهيندو آهي، ته ڍءُ ڪري پيئي، پر اوچتو
کانئس
پاڻيءَ جو ٿانءُ سندس هٿن مان کسيو ويندو آهي. مان
ان ڪتاب ۽ باقي ڪھاڻيءَ جي باري ۾ لاڳيتو سوچيندو
رهيس.
ٻئي ڏينھن ڏاڏيءَ کان ڪجهه ڏوڪڙ ورتم ۽ شھر ۾
موجود ڪتابن جي دڪانن تان ان ڪتاب جي ڳولا لاءِ
نڪري پيس.
”سلام آغا ! توهان وٽ ڪتاب“ جبلن ڏانھن ڀاڄ“ آهي
؟“
”اسان وٽ اهو ڪتاب ناهي“ جواب مليو.
”سلام آغا ! توهان وٽ“ جبلن ڏانھن ڀاڄ“ نالي ڪتاب
هوندو ؟“
”ڏسي ٻڌايانءِ ٿو . مَتان هجي ٿورو تَرس.“
اهو چئي دڪاندار هر پاسي موجود ڪتابن ۾ اهو ڪتاب
ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پوءِ مايوس ٿي چيو ”معاف
ڪجانءِ ڇوڪرا ! اهو ڪتاب ختم ٿي ويو آهي“
اسان جي شھر ۾ لائبريري ڪونه هُئي رڳو ڪتاب ته
هوندا ئي ڪونه هُئا. ڪتاب ”جبلن ڏانھن ڀاڄ“ ڏاڍو
ڳوليم، ڪونه مليو، پر اُن وچ ۾ هر هر دڪانن جا چڪر
لڳائي ۽ ڪتاب ڏسي ڏسي مون کي به ڪتابن سان عشق ٿي
ويو. دل چاهيو ٿي ته دنيا جا سڀ ڪتاب پڙهي وٺان،
پر ڪتاب خريد ڪرڻ لاءِ ته پئسا هئا ئي ڪونه مون
وٽ، رڳو ڪتاب ڪرائي تي وٺي پڙهڻ جيترا پئسا هئا.
حقيقت اها آهي ته هاڻي جيتوڻيڪ مان وڏو ٿي ويو
آهيان، پر دل چوندي آهي ته جيڪر ڪتاب ”جبلن ڏانھن
ڀاڄ“ ملي پوي ته پڙهان مان ڪيترائي ڀيرا پاڻ اها
ڪھاڻي مُڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هر ڀيري مون کي
پنھنجي لکڻي وڻي ئي ڪونه. ان دوران مان سوين
ڪھاڻيون لکيون. ان ڪتاب جي عِشق مون کي ڪھاڻيڪار
بنائي ڇڏيو.
نئون ڪتاب



|