شاعري
ڏهسنامو ۽ دانائي جا بيت
سنڌي ڏهسنامو شاعري، لغت جي لباس ۾ دانائي جا بيت
آهن. اي سڄڻ! سنڌ جا اڳيان سگهڙ انوکي لغب جا
ڳولائو هئا ۽ لغت جي لباس ۾ هنن گُن جا گُفتا چيا.
انھيءَ رهاڻ جي ڪي ميساريل اهڃاڻ راقم کي
1950-1975ع دؤران تحقيق ڪندي سنڌ جي هر ڀاڱي ۾
مليا. هيٺيان بيت ٺُل ۾ سيد دامن علي شاهه جي
اوطاق تي ڪيل ڪچھري (3 مارچ 1972ع) ۾ سگهڙ محمد
يعقوب ٻرڙي ۽ ٻين سگهڙن ٻڌايا. پھرئين بيت جو
موضوع آهي ته چڱو ئي چڱائي کي سڃاڻيندو، باقي بي
گُني ماڻھوءَ سان گن ڪرڻ آهي ڪلر ۾ پاڻي هارڻ.
گُني پرجهي گُن کي، رائل پُرجهي روه
پُرجهي پَينِ پنينگ کي، پارس پُرجهي لوه
اُسھه نه الھداد چوي، ڏسي پُرجهي ڏوه
گانڊوءَ ساڻ گلوه، ڪيو ته ڪلر هاريو.
رائل- ڪونج پين، پَوَن=
ماڪَ پنينگ=
نانگ. اسھه نه=
هليو نه وڃ. گلوه=
گُن، چڱائي. هيٺئين بيت جو موضوع آهي ته لاچار
وارو ۽ سڪ وارو ضرور اوڏاهين ويندو جيڏانھن جي ڇڪ
هوندي.
گهايل گهاري ناگهڙي، پَين پَنيگن پاس
نافَڪ ولَ کؤن نڪري، هو اَرڳ تڪي آڪاس
هن کي ورتو وَرنايون وڃي، حيرت هيءَ هياس
پوءِ ڇپي بينھه پاس، طائوس ٿي تاب ڪيا.
نافڪ ول ”وَل جي نافي (دَن، وڃ) کان ٻاهر نڪري الڳ
(ارڳ) ٿي هو (گهايل نانگ) آسمان نھاري ورتو=
ڏاهو جوڳي. طائوس=
مور (نانگ کي يا جوڳي جهليو وڃي يا مور ماري).
دانَه رَين دنا، تانگهي ترڪستان ڏي
مرگهن کي آمن ۾ تاري ڏي تمنا
سڪي سِپ سمونڊ ۾، آهي ماندي مينھن بنا
جنھن جِي تَس تَنا، سو والي ميل وسند چئي.
دانه=
ترڪستان جو داناءُ ماڻھو. رين دنا=
ڏينھن رات تانگهي=
تانگهه ڪري. سڪ سان سنڀالي. مرگهه=
هرڻ (هڪ گمان موجب هرڻ رات جو ڪنھن ڏي تاڙي نھاري
ٿو) تَس تَنا=
تن کي تَسو، اُڃ.
جڏهن سانگ وسانگ ريءِ ڌَر پَپيھَر پوءِ
وسُون سار وَنجهه کي راتو ڏيھان روءِ
رئمي رهي نه روهه، ري توڙي پوي پوءِ
سيچاڻو ۽ سار ڌو ورک نه ويکي ڪوءِ
وهيتي ومر ري ڦري، ائين چوي ڪوءِ
جڏ پِرين پٺيرا ٿيا، تڌ پاڻي لوڙان لوءِ
جڏ جانب جدائي ڪئي، تڏ واچ اُڏاري روهه
پِرينِ ڪونھي ڏوهه، آهن مستايون ماڻھن جون.
رئمي=
ڪونج. سيچاڻو=
باز. سارڌو=
ماکي (؟) ورک=
وڻ (باز ۽ ماکي وڻ ڏسي نه ويھندا جھڙي تھڙي وڻ ۾
ويھي رهندا).
* ڏهسنامي کان الڳ حڪمت ۽ دانائي جا بيت هيٺيان ٻه
بيت صابر موچي جا آهن، جيڪو وڏو سگهڙ هو. موضوع
آهي ته تڪليف ۾ بنا صبر جي ٻيو چارو ڪونھي.
نڪي ڪڻڪ ۾َ ڪُنجهه، نڪي جهيڙ جَهڪاوَ سان
صبر جو، صابري چوي، هوري هار مَ هنجهه
منڌ پنھنجو منجهه، متان ڏين موچي چوي.
---
آن نا اوٺين جهڙي، منھنجا اوٺي اڪابر
ور وٺي ويا پاڻ سان، ڪري زوري زورآورَ
هاڻي صبرڙي صابر، اچي ڪين عجيب رِي.
هيٺيون
بيت سمجهه ۽ سياڻپ جو آهي:
ڪانءُ ڪبوتر نه ٿئي، توڙي صابڻ ملُي سير
کوٽو کرو نه ٿئي من مؤن ڪڍي نه مير
هو ڏسڻ سان ڏڦير، هن جو پري کان بُت پڌرو.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
ڪتاب: ”رهاڻ هيرن کاڻ“، ڀاڱو پھريون،
ڇپائيندڙ: عبدالعزيز عقيلي، سيڪريٽري
ثقافت کاتو حڪومت سنڌ، سال 2012ع،
ص97-98 تان کنيل
ادل سومرو

غزل
سار آئي ساھه ۾ سانجهي لٿي،
تو سوا اڄ راھه ۾ سانجهي لٿي.
سج هيٺان هو سفر گذري ويو،
عشق جي وڻراھه ۾ سانجهي لٿي.
ھي به هڪڙو ورد جو وهنوار هو،
سونهن جي ساراھه ۾ سانجهي لٿي.
روبرو توسان ڪئي هئي گفتگو،
ان گهڙيءَ جي چاھه ۾ سانجهي لٿي.
توسان ڪوئي اوپرو ماڻهو ڏسي،
ڄڻ ته ھئي آڙاھه ۾ سانجهي لٿي.
شڪ اڀريو ٿوهرن جان دل اندر،
ذھن جي ڀڃ ڊاھه ۾ سانجهي لٿي.
پيار تنهنجو هر وچن کان هو مٿي،
تو تي ئي ويساھه ۾ سانجهي لٿي.
تنهنجي خاطر پاڻ سان جهيڙو ڪيو،
پاڻ تي ئي ڪاھه ۾ سانجهي لٿي.
غزل
محبتن جي ها متن جا قافيا،
نيڻ تنهنجا ڄڻ بدن جا قافيا.
تنهنجو چهرو چاندني آ ديس جي،
تنهنجا ابرو ڄڻ وطن جا قافيا.
استعارو عشق جو آھي اروڙ،
مست سان گڏ ها مدن جا قافيا.
موت آھي ٿي ويو تنهنجو رديف،
تون پيو ڳولين ڪفن جا قافيا.
ديوتا آھن ويا هن کان رسي،
جو پيو ميڙي ڀڄن جا قافيا.
سرفراز راڄڙ

وائي
اکين کان ايڏو پري،
لالڻ لاءِ نه ڏينهڙا.
ساري سانوڻ راتيون،
اندر جوت ٻري،
لالڻ لاءِ نه ڏينهڙا.
تنهنجي ملڻ تائين مٺڙا،
ڪير جيئي ڪير مري،
لالڻ لاءِ نه ڏينهڙا.
ايڏا ويڇا ڪين ڪي وجهبا،
جاني جدايون ڪري،
لالڻ لاءِ نه ڏينهڙا.
اڱڻ اچين ”فراز“ جي ته،
هينئون پوءِ ٺري،
لالڻ لاءِ نه ڏينهڙا.
احمد سولنگي

ڪاريءَ بک جو هر ھڪ ويلو،
ساھَ کي سيٽَ سُوَٽَ وجهي ٿو.
خالي رَنڌڻي جو ساريندڙ،
ڪارو دونهون وَٽَ وجهي ٿو!
اک جو ڳوڙھو ڏاڍو سستو،
اَن جو داڻو مَهنگو آھي.
جانڊھ ۾ ٿا تون مان پِسجُون،
پيٽ ڀَرڻ ڪئن سَهنجو آھي؟
هر ڍايل وٽ پنهنجي ٿوٻِي،
۽ بُکئي وٽ دانگي ناهي؟
ڇا ٿي ڄاڻين هڪڙي ماني،
ڪنهن گولائي جهڙي آھي؟
گرهڻ ورتل سج جهڙي يا،
سُبتي گول پيالي جهڙي؟
هيرڻ پن جي پاچي جئن يا،
چندرما جي هالي جهڙي؟
ماني کي ٽي ٽٻڪا ليڪن،
ماني کي ڪَئين حرف به آھن!
مانيءَ جا اڌَ، چوٿا، حصا،
ماني جا ڪَئين طرف به آھن.
گول هزارين ڏنڀ ڏکن جا،
ڪيئي ڏُکندڙ ڏَنّا آھن.
گول آ ڌرتي امبر جيڏي،
گول ڪُني جا ڪَنّا آھن !
پوءِ ڀي بک تي ٻار سُمهن ٿا،
ڪيئن چئون، ڇا تَنگي آھي؟!
گول اسان تي بک جو گهيرو،
بک جي ناڪابندي آھي!
عنايت بلوچ

غزل نما نوحو
مهڪندڙ ماڻهو به ٿي مايوس مُرجهائڻ لڳا،
اوچتو ڇو باغ جا گل ڦل به ڪومائڻ لڳا.
چوطرف ها چَهچٽا، پر هي لڳي ڪنهن جي نظر،
هر طرف مايوسين جا ڏيک ڄڻ کائڻ لڳا.
سڀ نظارا ”هُن“ بنان بُڇڙا ۽ ڪوجها ٿا لڳن،
ظاهري هي چمڪندڙ چهرا به ڄڻ ڏائڻ لڳا.
دل جي دلبر، راهه رهبر سان چَمن آباد هو،
سُونهن جي سنسار وارا ڏينهن تڙپائڻ لڳا.
هٿ لوڏڻ، مُرڪ جي معصوميت سان واسجڻ،
بس تصور ۾ هي منظر روح گرمائڻ لڳا.
درد ۽ جهوريءَ جِهڄڻ جا هي عجب منظر ڏٺم،
سُڏڪندڙ، روئيندڙن کي پاڻ پرچائڻ لڳا.
(محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت تي لکيل)
وسيم سومرو

وائي
ڏس جر تي سانجهي،
تارن جي سنسار سان.
جن سان مون رانديون رهيون،
وڇڙي ويا وانجھي،
تارن جي سنسار سان.
آئون جيان ٿو جندڙي،
ڪير چوي لانجهي،
تارن جي سنسار سان.
نانيءَ آکاڻي کنئي،
اڀ جي آڳانجهي،
تارن جي سنسار سان.
ننڊ جي ٻيڙيءَ تي ”وسيم“،
خواب هئا مانجھي،
تارن جي سنسار سان.
وائي
چار پکيئڙا هئا،
نم جي سائي ڇانو ۾.
اڻيا ويهي پيار جا،
مون اوسيئڙا هئا،
نم جي سائي ڇانو ۾.
ڏياري آئي هئي جڏهن،
ٻاريا ڏيئڙا هئا،
نم جي سائي ڇانو ۾.
تنهنجي ڀاڪر کي ڀرڻ،
آيا سيئڙا هئا،
نم جي سائي ڇانو ۾.
پنهنجي ريڌل راند سان،
ٻه نوريئڙا هئا،
نم جي سائي ڇانو ۾.
پن ڇڻي ڪو سوال ٿي،
پٽ تي پيئڙا هئا،
نم جي سائي ڇانو ۾.
لڪي ملندا پاڻ ۾،
پياسا جيئڙا هئا،
نم جي سائي ڇانو ۾.
ٿڪ ڀڃڻ ويٺا ”وسيم“،
ڪي جوڳيئڙا هئا،
نم جي سائي ڇانو ۾.
عابد نياز ميمڻ

غزل
مون پري کان ڏٺو ڪو سفينو ھيو،
ريزا ريزا انهي جو ڪو سينو ھيو.
آرزو جو پکي نيٺ اڏري ويو،
پيار جي پيچ جو ڪو خزينو ھيو.
مون سڃاتو نه ھو ھن ته ڄاتو ھيو،
يار انمول ڪنهن جو نگينو ھيو.
ٿو رھي روح ۾ خيال ابتا ڪري،
ڪم ظرف ھو وڏو ڪو ڪمينو ھيو.
ويري دنيا وري ٿي آ ”عابد“ ھتي،
ڪين ھو مير ڪنهن لاءِ نه ڪينو ھيو.
سيما عباسي

غزل
ڪا ٿي سھيڙجي ٿو؟ غم ساڻ جهيڙجي ٿو.
تعبير جي زمين تي، خوابن کي کيڙجي ٿو.
مرهم لڳي ته نئو غم، منهنجو اکيڙجي ٿو.
تنهنجي فراق گهايو، اندر هي ڪورجي ٿو.
منطق جي معرفت سان، جرڳو نبيرجي ٿو.
ڇو هي ڏکن جو ٽوپو؟ ھر ھر اڊيڙجي ٿو.
منظر اداس هڪڙو ، اکڙين سان اورجي ٿو.
پنبڙين جي پانڌ سان هت، ڇا ڇا سميٽجي ٿو؟
پاڻي جيان ئي خالي، ڏک ڪو ولوڙجي ٿو.
هڪڙي جفا کي جالي، لڙڪن ۾ لوڙھجي ٿو.
غم جو ڪجل اکين ۾، ھر ھر پکيڙجي ٿو.
تعبير ،جاڳ، سپنو، تارن ۾ تورجي ٿو.
سهڻي ڏسي گهڙي سان، دريا دهيلجي ٿو.
ڪاغذ تي ڏات وارن ، موتين کي ميڙجي ٿو.
روحاني رستو ”سيما“، ڳوڙهن سان ڳولهجي ٿو.
احسان دانش

محبت جو جام (آزاد نظم)
نه ڄاڻ ڪيڏيون حسين تتليون
گلن تي رقصان رهن ٿيون هر پل
نه ڄاڻ تنهنجي بدن جي خوشبو
تي ڪيڏا ڀونرا ڀِنڀولجن ٿا
ڪڏهن ته تنهنجا ڀَنڀا هي گيسو
تتيءَ ۾ مون کي به ڇانوَ ڏيندا
نه ڄاڻ تنهنجا خمارآلود
نيڻ ڪيسين ڪُهيو پيا ڪُهندا
نه ڄاڻ ڪهڙي ڏِسا ۾ ڏسندي
وڄون ورائي جسم جلائي
۽ خاڪ ميڙي هٿن ۾ ڏيندا
حسن تي تنهنجي هزار عاشق
سِرن جا صدقا ڏيڻ لئه آتا
چپن تي پيالا رکي زهر جا
فنا سان مرڪي ملڻ لئه آتا
جيئڻ جي ڪنهن کي به آس ناهي
مگر ڪوئي ڀي نراس ناهي
حنائي هٿڙن تي حيرتن جا
ڪيئي جزيرا نظر اچن ٿا
دراز زلفن ۾ ڦول سھسين
سڳنڌ ويڙهي کڻي اچن ٿا
هوا تي وکريل ها تنهنجا ڪاڪل
ڪڏهن به عارض ڇهي سگهن ٿا
سڀئي ستارا ڏسن ٿا توکي
۽ ماه پاره ڏسن ٿا توکي
نه ڄاڻ تنهنجي ادا جو جادو
ڪٿي ڪندو نيٺ دنگ آخر
نه ڄاڻ ڪهڙي ڳليءَ ۾ وڄندو
نئين محبت جو چنگ آخر
ڪڏهن ته تنهنجي سرير ۾ ڀي
سرور جو ساز نيٺ ڇڙندو
ڪڏهن ته تنهنجي اکين ۾ جگنو
ڪي عاشقيءَ جا ٻَري به پوندا
ڪڏهن ته امرت ڪٽورا پياسن
چپن تي چاهت جي چاش ڏيندا
اجهو هوا ۾ هڳاءُ ايندو
اجهو پرهه جو پيام ايندو
اجهو محبت جو جام ايندو
حيات مان هي خزان جا لمحا
سدائين جي لئه ئي بهار ٿيندا
۽ تنهنجا گيسو تتيءَ ۾ مون کي
اجهو ٿڌيري پيا ڇانوَ ڏيندا
مان تنهنجي وارن جو ڦول ٿيندس
مان تنهنجا عارض ڇهيو پيو ڇهندس
۽ نيڻ تنهنجا چميو پيو چمندس
بدن تي تنهنجي مان ڀونر بڻجي
هزار ڀيرا ڦريو پيو ڦرندس.
هزار ڀيرا ڦريو پيو ڦرندس.
لياقت رضوي

نثري نظم
بهار جي پهرئين ڏينهن تي
ذهن ۾ ۽ ڪاغذ تي
هڪ نظم اڻپورو رهي ٿو
جيڪو محبت جي ڪائي نئين ڪنڊ دريافت ڪري
تاريخ ۾ لازوال ٿي پئي سگھيو
جنهن ۾ انقلاب جي اڳڪٿي
يا خودڪشيءَ جو خيال ٿي پئي سگھيو
جيڪو اڻدريافت جزيرن يا
انهن صحرائن جي باري ۾ ٿي پئي سگھيو
جتان سمنڊ هٽي ويندو آهي
بهار جي پهرئين ڏينهن تي
هڪ نظم اڻپورو رهي ٿو
جنهن ۾ ڪنهن فاتح جي جارحيت يا
شڪست جي مظلوميت ٿي پئي سگھي
جيڪا تنهائيءَ جهڙي معني خيز ۽
دنيا جهڙي بي معني ٿي پئي سگھي
ذهن ۾ ۽ ڪاغذ تي
بهار جي پهرئين ڏينهن تي
هڪ نظم اڻپورو رهي ٿو
جيڪو تنهنجي ۽ خدا جي باري ۾ ڪوئي انوکو انڪشاف ٿي
پئي سگھيو.
..
طارق امام جوڻيجو

غزل
جيون پَورِي ڪاٺِي آھي،
ڪير نه ڪنهن جو ساٿي آهي.
هِڪڙَو روحُ رڙي پِيو ٿو،
دنيا سارِي ماٺِي آھي.
پرڻائي سڀ پُٽ ڇڏيائين،
گهر ۾ هِڪڙو ناٺِي آهي.
ڪالھه امڙِ کي سِڪ لڳِي هُئي،
هانءَ ۾ ڪُجھه پِيو ڦاسِي آھي.
پيرَ فقيِر پُڄائَي سارا،
ٻَچڙَو گُهرندِي ڇاتِي آھي.
ٿر جو صحرا هيءَ حياتي،
چاھَ چُڪي لئه آتِي آھي.
جيجل جيڪا رَب جو سايَو ،
ڇانوَ ته نِم جِي گهاٽِي آھي.
ماء مَري شل ڪِين ڪا ڪنهنجِي،
وِک وِک ٿِيندي گهاٽِي آھي.
نُهن به نه ڌيءَ جو روپُ ٿِي ڌاري،
سَس به نه هوندي ساٿِي آھي.
پُٽ وَهي ٿو ڪِيڻ ۾ پنهنجَي،
هُن ۾ ھاڻِ ڇا باقِي آھي.
رب ٿو ڄاڻي رمز کي پنهنجي،
ڪنهن وٽ ڪُجھه ڇا پاڇِي آھي.
رِشتا ”طارق“ ٿُوهر جهڙا،
ٻيرِ ٻَٻر ۾ ساسِي آھي.
عبدالله آس هنڱورجو

غزل
ٿِي ويون ڏُور نِگاهُون جانان.
ڪڙڪيو قهر قَضائُون جانان.
روحَ کي ريگستان ڪَري ويون
هِجر جُون شوخَ هَوائُون جانان.
نه سَلام دُعا نه ڪَلام ڪَرِين،
پوءِ به چَوِين ته وَفائُون جانان.
شال اچِين جي سارِيندي مُون،
روز ڏِسان ٿو راهُون جانان.
جِيون سارو صَحرا آھي،
تُنهنجو پيار پَناهُون جانان.
ڏي نه اسان کي ڏوھَ بِنا تُون،
ايئن عذاب سَزائُون جانان.
غزل
پنڌ پرِين ڏي تاڻي جوڀن.
جڳ کي ڪونَ سُڃاڻي جوڀن.
پن ڇڻ جي رُت ارپي من کي،
وِڇڙي ويندي ڇاڻي جوڀن.
کولي ڇڏيو وقت ڏُکن جي،
ڪير اوهان بِن واڻي جوڀن.
منشا ھُن جِي ٻِي ڪا ناهي،
تُنهنجُون مُرڪُون ماڻي جوڀن.
هيل نه آئين ”آس“ اڱڻ تي،
ڏُک جي پيڙيو گهاڻي جوڀن.
رجب ٻگهيو

غزل
مِٺيءَ موھُ مُرڪڻُ ۽ ماڻو وڏو ھو!
ننڍو گھرُ گھڻو پر گھراڻو وڏو ھو!
اوھان جو اوھان لئِي نئون شھرُ ليڪن،
منھنجو ڳوٺ مون لئِي پُراڻو وڏو ھو!
رَکِي موھُ مايا عُمر ڀَر رُليو جو،
اَکيُنِ کان انڌو سو اَيَاڻو وڏو ھو!
اَرَي عِشقَ کان جو ٽُٽو ھو ڀَڳو ھو،
چَوَنِ ٿا ته ماڻھو سِياڻو وڏو ھو!
ڇُھِي پو به آڪاسُ ڪاٿي سَگھيو سو؟
ڇڏي ماءُ ڌرتي اڏاڻو وڏو ھو!
قَبرَ ۽ حَشَرَ کان به تارِيخ جو ھِي،
ڏُکيو سوال توڙي پُڇاڻو وڏو ھو!
ڪَکائون ڪَکَنِ سان ٺھيلُ بھشت جھڙو،
ھِي جُھوپو به مون لئِي اَباڻو وڏو ھو!
نه تعظيم عظمت، نه عِزتَ وَڏِي ڪا،
اِيمانُ ھُنَ جو ته ناڻو وڏو ھو!
مَڃان ٿو ته ناصِحَ نَصيحت ڀَلِي پرَ،
جِيئڻ لاءِ پاڻي ۽ داڻو وڏو ھو!
ڇَڏي دِينُ دُنِيا لڳو عِشقَ لاري،
ھِي شاعِرُ ”رجب“ ڪو اَياڻو وڏو ھو!
گل محمد ”گل"
سومرو

غزل
کُٽي ڪانه
ٿي رات پرڀات جو خون ٿي ويو،
لهان ڪيئن لمحا
سي، لمحات جو خون ٿي ويو.
ڪيئي قيد ڪوئل جڏهن قدرتي ڪهڪشان کان،
مٺي ٻول سان گڏ مٺي لات جو خون ٿي ويو.
گھڙي آخري ۾ زبان هوندي هو بي زبان ٿي،
حسن جو،
جواني جو جذبات جو خون ٿي ويو.
ٿيو آ نه
ٿيندو وري خون اهڙو زمين تي،
ڪئي خود خدا هاءِ
سادات جو خون ٿي ويو.
ڪتابن سان گڏ گڏ کڻو گولا بارود هٿ ۾،
پڇو حال ڪهڙو ٿا حالات جو خون ٿي ويو.
سندس رخصتي تي مڪم هڪڙو ”گل“سوکڙيءَ ۾،
مگر خون ۾ ٻڏل سوغات جو خون ٿي ويو.
غزل
اهي مهراڻ جا ماڻهو اهو ماحول ٿو چاهيان،
هوا ۾ پيار جي خوشبو ۽ مٺڙا ٻول ٿو چاهيان.
رسم هي عام هوندي هئي، سکي هر سام هوندي هئي،
پڪا ناتا وفائن جا وچن ۽ قول ٿو چاهيان.
مٽيءَ
جي مان لاءِ
مٺڙا، ٿيو دودا ۽ هوشو سڀ،
سچا صوفي سچل سامي، هيرا انمول ٿو چاهيان.
ڏسون سنڌي سکيو هاڻي، رهي نه
ڪو بکيو هاڻي،
نڪي پينو پنڻ وارا نڪي ڪشڪول ٿو چاهيان.
ڪڍو ڌاريا ڌڪي هاڻي، متان ڪوئي لڪي هاڻي،
ڀڄو ڌاريا ڀڄو ڌاريا،
اهو چوٻول ٿو چاهيان.
رهي آباد سنڌڙي شل، ڦٽن ڪي گاهه ٻوٽا ”گل“،
ته
چارن مال ماروئڙا، اهو معمول ٿو چاهيان.
زبي پروين ڏاهري

غزل
هن سنسار ۾ نفرتن جو انت ڪو شال اچي!
ڀوڳين ٿي! تن اذيتن جو انت ڪو شال اچي!
هڪڙن جي محنت جو ڦل، هت ٻيا ٿا کائين،
لٽيرن جي لذتن جو، انت ڪو شال اچي!
سنڌوءَ ڌارا
تي ڪن مارا، ويري ڌاريا،
تن ڌاڙن ۽ دهشتن جو انت ڪو شال اچي!
ڪيسين ناري،
ٿي ويچاري،
تحفظ ڳوليندي؟
ميرين نظرن، ۽ نيتن جو، انت ڪو شال اچي!
پنهنجي ئي ديس ۾ ، بيوس بنجي ويا سانگي،
راشي رياست ۽ ظلمتن جو انت ڪو شال اچي!
ٻچڙا روئي ٿا ٻاڏائين، قيد ٿي سنگهرن ۾،
بيرحم تن وحشتن جو، انت ڪو شال اچي!
ساوڪ جي پوتي پائي، هئ ڌرتي رقص ڪري،
ڏيهه ڏڪاريل، غربتن جو انت ڪو شال اچي!
بختاور ڄام

نثري نظم
توکي خبر ھئي،
ته منهنجي ماءُ ،
منهنجي ننڍپڻ ۾ ئي
گذاري وئي ھئي .
تو مون سان ان ڪري ئي پيار ڪيو ھو،
بقول تنهنجي ته سمورو پيار
۽ وس آهر سارو سنسار، مون کي ڏئي سگھين....
پر جنهن پل ،
تو منهنجي پچايل ماني جو گرھه،
وات مان ڪڍي ،
ڊسٽبن ۾ اُڇلايو ھو،
تنهن پل...
تو ڄڻ ته منهنجي دل به کڻي،
ڊسٽ بن ۾ اڇلائي ڇڏي ھئي!
منظور مارفاڻي

(نظم)
ايڏو ڇو ٿي وڻين
ايڏو ڇو ٿي وڻين،
جيئن گرميءَ ۾ پھرين ڪَڻِي!
ايڏو ڇو ٿي وڻين،
جيئن اونداھي رات ۾ لڇِمَڻِي!
ايڏو ڇو ٿي وَڻين،
گهونگهٽ ۾ ڪنوار جي ٽِڻِي!
ايڏو ڇو ٿي وڻين،
ڀاڪر وجهي جو ٿڌو ساھُ ٿي کَڻين!
ايڏو ڇو ٿي وڻين،
ايڏو ڇو ٿي وڻين...!!
خادم حسين علوي

غزل
هي جهان ڄڻ ٿو لڳي مقتل مٺا،
زندگي هر دم رهي بي ڪل مٺا.
تون آهين محفل ۾ آ ڏاڍو مزو،
تو سِوا ويران آ محفل مٺا.
مَنَ سندي مهراڻ ۾ هلچل گهڻي،
ياد تنهنجي ٿي اچي پل پل مٺا.
ڪنهن گهڙي ناهي سُڪون حاصل مگر،
ٿو خيالن ۾ رهين نرمل مٺا.
دل سندي حالت بيان ڪهڙي ڪيان،
تون ملئين ڄڻ وئي ملي منزل مٺا.
ڪو مزو ناهي چمن ۾ دلربا،
تو سِوا بي چين آ هر گل مٺا.
اڄ وري تون ياد آئين جانِ من،
ٿي بپا مَنَ ۾ گهڻي هلچل مٺا.
تو سِوا ”همدم“ پريشان ٿو رهي،
ٿو گذاري بي سُڪون هر پل مٺا.
ڪوثر سوز هالائي

غزل
رُليو سڄي ڄمار، هُو گهر ڪونه ويو،
ڏنس ڳوٺ ميارُ، هُو گهر ڪونه ويو.
ڦولَ هن جي جهولَ ۾ آيا نه هئا،
موڙيو مُکُ بهارَ، هُو گهر ڪونه ويو.
ٻالڪپڻ ۾ کيڏيا ها گڏ کوڙ دفعا،
تِنِ جي خبر نه چارَ، هُو گهر ڪونه ويو.
نم جو وڻ پڻ سر نمائي آ بيٺل،
آيا ويا تهوارَ، هُو گهر ڪونه ويو.
ڦيرائيندا هن کي روز رهائين ٿا،
واچوڙا ويچارَ، هُو گهر ڪونه ويو.
هيل وٺي برسات ته ڪنهن جي سار وڌي،
ٿر بَر ٿي ٿڌڪارَ هُو گهر ڪونه ويو.
بيت
هوا لوڏيندي هئي، پنهنجا هندورا،
ٿيا آهن ٿورا، ڏينهن انهي ڳالهه کي.
نه ڪي رهيو رابطو، سَڏُ نه ڪو سَڏَ ۾،
وڃي پَون کڏ ۾، دلبر اهڙيون دوستيون.
پنجن منٽن ۾ ويو، ختم ٿي اجلاسُ،
پاڻيءَ جو گلاسُ، پي هرڪو ويو هليو.
مِلَڻ ملاقات جو ڪهڙو ڀلا شيڊُولُ،
اَزل کان ئي اصولُ، آهي ڪٿي قرب ۾.
ڪيڏيون قربانيون ڏنيون، ڏنا نذرانا،
پوءِ به زمانا، قدر ڪيئي ڪونه ڪو.
فراخ جانوري

غزل
پرهه جي پار جون اُجريون ادائون ڪامڻيون آهن،
سُهائي، سونهن سُندرتا وفائون ڪامڻيون آهن.
سينواريل دَمُ گهُٽيندڙ گهُٽ جهڙي دؤر ۾ يارو!
سُڪون ڏيندڙ ٿڌيون هيرو هُڳايون ڪامڻيون آهن.
دلين مان درد جا دوزخ کِلي جهٽ ۾ مٽائن ٿيون،
حقيقت ۾ هي جنت جون هوائون ڪامڻيون آهن.
انهن جي دَمَ سان هي دنيا ٽِڙي مهڪي رهي آهي،
سدا ڏينديون رهيون جڳ کي جلائون ڪامڻيون آهن.
پڙهي ڏس غور سان مومل يا نوري يا امر سَسُئي،
پويتر پيار جون ڪومل ڪٿائون ڪامڻيون آهن.
رڻن جا روح مهڪائي بَرن کي رنگ لائن ٿيون،
اهي انمول البيليون گهٽائون ڪامڻيون آهن.
اِهي ئي زندگي کي بندگيءَ جهڙو بڻائن ٿيون،
گهُريل درويش ڪنهن دل جون دعائون ڪامڻيون آهن.
مُحبت ۾ مُٺيون آهن ڪَلُورن سان ڪُٺيون آهن،
ڪنديون پو ڀي رهيون ڪيڏيون وفائون ڪامڻيون آهن.
انهن جي دم سان دنيا ۾ ڪشش ۽ تازگي آهي،
نراليون آسمان! تنهنجون عطائون ڪامڻيون آهن.
”راز“ علي گل ڀُٽو

غزل
غريب خانو کُليل آ، اچو ته اکڙين تي،
اوهان جو ڏيههُ ڏٺل آ، اچو ته اکڙين تي.
کٽَن تي رَليُون وهاڻا اڃان رکيل آهن،
حُقو به تازو متل آ، اچو ته اکڙين تي.
نه دڳ مٽيو آ نه دروازو ئي ڏنل آهي،
اُهوئي لوڙهو ڏنل آ، اچو ته اکڙين تي.
ڪجي ته سنڌ جي خدمت ڪجي ته ڪيئن ڪجي،
اِهوئي بحث تهليل آ، اچو ته اکڙين تي.
اوهان جي روز اچڻ جي ته انتظاري آ،
دَڳن ۾ ديد کُتل آ، اچو ته اکڙين تي.
غزل
قرار توکي ملي ڀل مان بيقرار هُجان،
تُون وصل واءُ هجين ۽ مان انتظار هُجان.
تُون جاڳين رات جو ۽ مان هتي سمهي نه سگهان،
کُٽي نه رات ستارن جي مَنجهه قطار هُجان.
ڪو گيت غم جو جي ڳائين ته مان روئي ٿو پوان،
ڇيڙين تون جنهن کي مان اهڙي سُرن سِتار هُجان.
پيئوُن اکين جي پيالن مان ڍُڪ ڀري ٻيئي،
نشو ته تو ۾ هُجي مان رڳو خُمار هُجان.
تُون مُون سواءِ نه سلين سُورَ ڪنهن ٻئي سان وري،
تون مُنهنجي رمز ۽ مان تنهنجو رازدار هُجان.
نماڻو صديق مهيسر

غزل
اڄ مليو جيئڻ جو نئون اتساهه آ،
هن ڏنو مرڪي جو پنهنجو چاهه آ.
هن رکيا منهنجا اچي سارا ڀرم،
زندگيءَ تي ٿي ويو ويساهه آ.
ٻيا سمورا دَڳَ اجايا دوستو،
پيار جي پاڪيزه ئي هڪ راهه آ.
مان سڄو سرهاڻ ٿي آهيان ويو،
خوشبو خوشبو منهنجو هرهڪ ساهه آ.
جهڙي ڀي آهين اکين تي ٿو رکان،
زندگي توسان ڪيو مون ٺاهه آ.
پيار پنهنجو هن ”نماڻي“ کي ڏنو،
ڄڻ ته راضي ٿي پيو الله آ.
شمس صابر

غزل
تو پيار ڪري پو مون سان، ڇو ڪينَ رهايُئي پيارا،
ڇو ڪينَ رهايُئي پيارا، ڇو قولَ وِساريَئي سارا.
تون يارَ جُدا ٿي وئين پو، مون کي چينُ نه آيو ڪو،
تون ياد ٿي هَرَ هَرَ آئين، پَرَ ڪِينَ وَرئين
وَڻجارا.
پنهنجا نيڻَ وِڇايَم تولئي، تنهنجون راهون روزُ
نهاريم،
تنهنجي اوسيئڙي ۾ هِتڙي، ٿا دردُ دُکن دُکيارا.
مُون جيونَ ۾ يَــرَ پهريون، بَس پيار ڪيو هو
توسان،
آ دل جِي دنيا وَسائجُ ”صابر“ جا يارَ سَهارا.
ڪافي
مُنهنجو پيار پُنهَلَ سان آهي اَديون،
ڀَنڀور ۾ ڀينر ڇاهي اَديون.
مُون کي ڪِينَ جهليو اَوهين پاڻُ پَليو،
ڇڏيم لاڳاپا سَڀ لاهي اَديون.
ڪَهِي ڪيچ وَڃان ٿَمِ آسَ اَڃا،
وَڃان ڪيچ ڌڻيءَ ڏي ڪاهي اَديون.
لڳي باهِه بِرهَه جي سيني ۾،
مُون کي سانگو سِرَ جو ناهي اَديون.
روئان ”صابر“ پنهنجي ساجَنَ لئه،
ٿو سُور سَڄَڻَ جو ساهي اَديون.
دل جهَلَ ۾ ڪڏهن ڪِينَ جهَلِجي،
هي چاهُه چَريو ٿو چاهي اَديون.
وفا ياسين آرائين

غزل
ماڻهو پيارو کارو ٿي پيو،
ڪيڏو يار ڪسارو ٿي پيو.
جنهن ڪاڻ پئي قربان ٿيس مان،
سو ئي ماڻهو مارو ٿي پيو.
مون کان جڏهن کان ويو هليو آ،
سارو زمانو ٻاڙو ٿي پيو.
جنهن جي ڪاڻ ڦٽايم سڀ سان،
دشمن سارو پاڙو ٿي پيو.
سبب ڪهڙي ”وفا“ ڇڏيو تو،
نفرت ڏانهن ٿئي لاڙو ٿي پيو.
غزل
نڪي شهر تنهنجي ۾ اچبو پرين،
وري درد دل کي نه ڏبو پرين.
آيس دلربا تنهنجي ديدار خاطر،
لڪايئي ڇو مُنهڙو نه ڏِسبو پرين.
نه ڪي هام هاڻي محبت جي هڻندس،
اهو ڏَس پيو، هر ڪنهن کي ڏَسبو پرين.
تو ساريندي سهڻي جا هڏڪي ڀريندم،
تنهنجو نانءُ نه ڀُلجي وٺبو پرين.
حياتي جو ڏيئو جيسين پئي هي ٻرندو،
زهر هن غمن جو پئي پيئبو وري.
”وفا“ ٿي ڏکارو هو موٽيو جو توڏانهن،
هاڻي عشق غم ۾ پئي ڳربو پرين.
خاور قبولائي

غزل
ھيڏي ھجوم اندر، تنها پيو ٿو ڳولي،
رشتن جي باھه ساڙيو، پنهنجا پيو ٿو ڳولي.
دستور آ نرالو، ناھي وفا جو نالو،
ڏسجي نه ٿو اجالو، الڪا پيو ٿو ڳولي.
اڄ ڀي ٻڌم ابي سان، خنجر جي راند کيڏيو،
دوزخ جا پاڻ لئه ڄڻ، ٽانڊا پيو ٿو ڳولي.
نالي جو آدمي آ، انسانيت کان خالي،
دھشت اڻڻ ٿو چاھي، چرخا پيو ٿو ڳولي.
اڻ تڻ وجود اندر، ترسؤن سڪون خاطر،
بارود وارا ھو پر، ٽڙڪا پيو ٿو ڳولي.
ظلمت جي قيد ۾ آ، ”خاور“ امن جو پنڇي،
آزاد ٿي اڏڻ لئه، ڀڙڪا پيو ٿو ڳولي.
’جمال‘
مراد گبول

غزل
مفت ۾ مون کان مڙيئي، آهي مارن مُنهن مَٽيو،
قرب وارن ڪيترن، پنهنجن پيارن منهن مَٽيو.
ڪالهه جن مون سان کنيا ٿي، قرب ۾ ڪيڏا قسم،
اڄ انهن ئي ساڳين، سانگين سنگھارن منهن مَٽيو.
مائٽن منهن ڦير ڪئي آ، مون کي ڏک ۾ اڄ ڏسي،
سؤٽ، ماساتن ۽ مامن، بي ميارن منهن مَٽيو.
جن وڻن جي ڇانوَ ۾ ٿي، قلب کي پهتو قرار،
وڻ اُهي وسنديون ويون، بيوس بهارن منهن مَٽيو،
ڪا ڀٽن جي ڀر نه آھي، نئي نه لاڻون ٿو ڏسان،
ڪونه ٿا پيرون پسون، اَنَ جي اَنبارن مُنهن مَٽيو.
اوچتو آئي خزان ڪا، وڻ وليون ويڙهي وئي،
ڪونه ٿي ڪڻڇي ڪڇي، نازڪ نظارن منهن مَٽيو.
محبتون ڪيڏيون هيون، هي ڪُلفتون آيون ڪٿان،
نفرتون پيدا ٿيڻ سان، دَرَ ديوارن مُنهن مَٽيو.
ڏُکَ ڏمر ۾ ڏيهه ڇڏيوسين، ڪم اهي قسمت ڪيا،
سار ناهي ڪنهن لڌي ڪا، انتظارن مُنهن مَٽيو.
وئي عمر اڌڙاٽ گذري، ناهي پيري ڪا پري،
آجيان ڪئي مون اڇن جي، وارَ ڪارن مُنهن مَٽيو.
سڀڪو آ سڀري جو ساٿي، ڪو ڪريل جو ڪونه آ،
آھي اڀَرن جو خدا، سانوڻ، سيارن مُنهن مَٽيو.
مائٽي کان به مٿي آ، مال ملڪيت ٿي ’جمال‘،
آھي دولت جي نشي ۾، مالَ وارن مُنهن مَٽيو.
خليل عارف سومرو

غزل
شهر ۾ هڪ فقير زنده آ،
گردشن جو اسير زنده آ.
اڄ به قائم اصول تي آهي،
سوجهري جو سفير زنده آ.
ڪيڏا ايذاءُ ڏئيس غربت ٿي،
پوءِ به هن جو ضمير زنده آ.
زخم دل کي مليا ٽُٽي به پئي،
روح جو جهير جهير زنده آ.
ڏوھ ڪيئن ٿئي ”خليل عارف“ کان،
من ۾ ويٺل مشير زنده آ.
غزل
درد بي پير ۽ اڪيلائي،
جيءُ کي جهيِر ۽ اڪيلائي.
صبح سانجهي وري وري گهائي،
ياد جي ويِر ۽ اڪيلائي.
تو سوا منهنجا ساٿي آهن بس،
تنهنجي تصوير ۽ اڪيلائي.
هاڻ شايد گهڻو نه جي ِ سگهبو،
ساھ کي سِيِر ۽ اڪيلائي.
يا خدا ڏي نه ڪنهن به دشمن کي،
اهڙي تقدير ۽ اڪيلائي.
رات ساري ”خليل عارف“ سان،
بي پليا نير ۽ اڪيلائي.
ثناءُالله عتيق

چوين ٿي ته محبت خدا کان لڪايون .....(نظم)
ٻري پيو نِرڙ اڄ کير ٿر جيان،
جسم آھي جپسم جھمپير جو،
خواب ڪُولهيءَ کيساني موريءَ جا،
شاعري اُٻڙڪا ڏيئي ڦاٽ کائي ٿي،
لڪيءَ صدر جي گرم چشمن جيان،
دل جي دُھل تي ڀير سان ڏونڪو ھڻان ٿو،
تون چوين ٿي ته ڪنڌيءَ کي به ڪَن آھن،
ڪُنڀارِڻ وهيءَ کي ڀلا ڪٿ لِڪايون،
چوين ٿي ته محبت خدا کان لڪايون!!!
بدن باھه جا مچ ڀوڏيسر ٻري ٿو،
ڪو موئن دڙي تي پروھت مري ٿو،
اڃان قد منهنجو ڪڇي ڪيئن سورج،
جدائيءَ جو جهنم مون ۾ ٺري ٿو،
مان رڻ ڪڇ ۾ رمتو مسافر جيان،
تنهنجا ٻُڪ پاڻيءَ مليا سي مليا،
آءٌ تجل تي اُڃارو مِٺي مُور آھيان،
چوين ٿي ته دلين جو چُور آھيان،
انائن جي اُستاد تون ٿي لڳين،
مملڪت خداداد تون ٿي لڳين،
وڇوڙن جا ويڪرا تو ڪپڙا سِبيا،
ڏسين ٿي ھٿن ساڻ ڪينچي ھنيئي،
ڪاٽن جيان جنمن جا تاڪيا ڪٽيئي،
مان مينگھواڙ ماڻهوءَ مِٽيءَ جو مِٺي،
ڏيپلي ۾ ڪڻڪ جا ڏيئا ٿو ٻاريان،
ڪا وڏي ٽرڪ اسُر جو لتاڙي ڇڏي ٿي،
ڀيلن جي ڀڳل بيل گاڏيءَ جا ڦيٿا،
ڊکاڻن جي بازار کان باھه ۾ ويا،
وڪالت جو ويلڻ ماني ٿڦي ٿو،
عدالت جو افسر رڦي ٿو رڦي ٿو،
چُمان چيلهار جي چڳن کي مان،
ڇا به آھيان! رُوح جو رباب آھيان،
خيرپور جي اکڙين جو خواب آھيان،
تو بنان ڪنن تي تاڙي چڙھي آھي،
تو سواءِ جواني ڪڙاھيءَ ۾ ڪڙھي آھي،
تو سواءِ دنيا، مون سان وڙهي آھي،
چنڊ ڪوريئڙيءَ جي ڃار ۾ ڦاٿل،
ڪيلي جي کل تان ترڪي پيو آھي،
وقت ڪو پيرين اگھاڙو ٻار آھي،
مان ڪيوڙي جو ٿالهه ٿو کنيون گھمان،
مان محبتن جا مالهه ٿو کنيون گھمان،
مان تنهنجي دِل جي ڳالهه ٿو کنيون گھمان!!!
گوهر سنڌي

ماروئڙن جون آهن ٻوليون ٻاتيون...
ڇِنل ڪنڌيءَ مان ٻارڙن پاتيون ٿي جهَاتيون،
گذرن ڪئين آڪاش هيٺان سَرد هي راتيون،
اَچي ڪي هنِ غريبيءَ ۾ زندگيون ڦَاٿيون،
ڦاٽل ڪپڙا، پيرينِ اُگهاڙا سُڪلِ هن ڇَاتيون،
ماروئڙن جون آهـــــــن ٻوليون ٻَاتيون،
جن سان منهنجون مٿي ۾ وَاٽون.
مهانگائي جي هن ظالم دور کي ڪيئن ڀانئجي،
اَٽو، لَٽو ۽ اَجهو يار ڪٿان کان آڻجي،
ها بُک بدحالي ۾ خوشي ڪهڙي ملهائجي،
ڏکن ۽ سکن ۾ هي ڪنهن سان ڪن باتيون،
ماروئڙن جون آهـــــــن ٻوليون ٻَاتيون،
جن سان منهنجون مٿي ۾ وَاٽون.
بيماريءَ وگهي اَمڙِ ڪراڙي تڙپي پئي،
ڪٿان آڻجن پيسا دوا جا، تپ ۾ تڙڪي پئي،
هر روز هوءَ غم پريشانيءَ کي رڙڪي پئي،
ڏيئي جهير جگر کي، لڳيون ڄڻ ڪاتيون،
ماروئڙن جون آهـــــــن ٻوليون ٻَاتيون،
جن سان منهنجون مٿي ۾ وَاٽون.
اَميرن جا ته ڀانڊا ڀريائي رَهنِ ٿا هتي،
غريبن جو ڪوئي ناهي، اوهي واهي جتي،
”واٽون ويهه ٿي ويون“ آهن جتي ڪٿي،
اُڀَ مٿي ”گوهر سنڌي“ اکيون هن آتيون،
ماروئڙن جون آهـــــــن ٻوليون ٻَاتيون،
جن سان منهنجون مٿي ۾ وَاٽون.
ناشاد رضوان

غزل
هير گهلي ۽ چنڊ چڙهيو اڄ ڇلڪيو سنڌو ساگر آ،
منهنجي مرکي مون تي تنهنجي ڪنڍڙي نڪ جو منتر آ.
ڪارن ڪارن ڪڪرن وانگر ڇانيل آهي من اُڀ تي،
جهڙ ڦڙ جهڙو سندر منظر هٿ ۾ ڪورو ڪاڳر آ.
تنهنجي هلڻي هرڻي جهڙي ڀونءِ به توتي ٺرندي آ،
سانئڻ توکي جو به وساري سوئي ڪٽڙو ڪافر آ.
ڪاري رات اڪيلائي ۽ ڏهر ڏهر خاموشي،
اهڙي سانت کي آخر ٽوڙيو سجني تنهنجي جهانجهر آ.
هيل ڀٽن تان هيلون کڻندي پنڌ به سوچيو ائن هوندو،
چيلهه وراڪن منجهه رمي وئي ڪيڏي ڀاري گهاگهر آ.
نم ۾ پينگهه ٻڌل تي لڏندي آهي مروي جي مهڪار،
مورن کيڙا ايڏا هوندا جيڏو سندر آڳر آ.
ڪارونجهر جي چوٽي وانگر تنهنجي چوٽي آ ”نوشاد“،
تنهنجو چهرو چوڏهين جهڙو تنهنجي اک سمندر آ.
غزل
ڇم، ڇمڪ، ڇم ڇمان جي ڇير تي!
پٽ کي پاڳل ڪيو تو پير تي!
مان هوائن جو مسافر اي خدا،
ڳيرڙو ڳائي پيو ويٺو ٻير تي!
آخري ٻيڙي ۾ پائي سمنڊ کي،
من مهاڻو ويو هليو اڄ سير تي!
زندگي سهنجي ڳجهارت آ ميان،
جا ڀڄي پوندي زبر ۽ زير تي!
اڄ به تنهنجي انتظاريءَ ۾ نئون،
چنڊ آ بيٺل، پراڻي گهر تي!
توڙي جي هن پئي ڪهاڙي سان ڪُٺس،
وڻ پئي ڇانئون ڇٽيون ڪاٺير تي!
نظم جهڙو هاءِ ڙي ”ناشاد“ تنهنجو،
رات هڪ دوهو لکي ويو دير تي!
شميم سومرو

غزل
اک آڙاھه مان گذري پهتي توتائين،
تنهنجي چاھه مان گذري پهتي توتائين.
ڪيئن الزام لتاڙي سارا پيرن ۾،
سچ جي ٺاھه مان گذري پهتي توتائين.
جھاڳي ڪيئي رڻ پٽ ڏونگر تنهنجي ليء،
دل وڻراھه مان گذري پهتي توتائين.
ناريءَ ۾ ارڏائي آھي شڪتي آ،
اوکي راھه مان گذري پهتي توتائين.
جنهن ۾ آڳ جا شعلا ھا پر ھيءَ ”شميم“،
ان درياھ مان گذري پهتي توتائين.
غزل
ھي سور سڀئي گذري ويندا،
آخر ته مون کي وسري ويندا.
ڪيستائين ھو رھندا ساٿي،
لڙڪ اکين مان نڪري ويندا.
ڏسندا ڏکيو ڪو وقت مون تي،
پنهنجا سڀ ٿي سري ويندا.
غم جو حال ٻڌايان ڪنهن کي،
سمايل خواب سڀ ڀري ويندا،
”شميم“ اڻ ڄاتل ٿي ڪو ملندو آ،
گھاءُ اندر ۾ ھو آھن گھري ويندا.
رياض ڏاهري

غزل
هيڏي ويساهه گهاتي ڇو آ؟
ماڻهو هِت برساتي ڇو آ؟
ٻارن کان ڇا پُڇبو آهي،
ٻولي تنهنجي ٻاتي ڇو آ؟
سيارو آيو چُلهه آ ڀُڻڪي،
داڻو
داڻو
ڀاتي ڇو آ؟
ڪيڏو مٺڙو هو پر هاڻي،
لهجو تنهنجو ڪاتي ڇو آ؟
پاڻَ ڏاڍن سان تو سائين،
دلڙي پنهنجي لاتي ڇو آ؟
منهنجو جيون جهريل جهوپو،
تنهنجو من محلاتي ڇو آ؟
مسين دل جا دردَ سُتا،
يادن پاتي جهاتي ڇو آ؟
بيزاريءَ ۽ بارَ وانگي،
”رياض“ ٿي حياتي ڇو آ؟
فقير امداد علي ميراڻي
غزل
ڪاڪُلَ ڇوڙي ڪارا ڪارا،
مُسِتُ بُڻايئه ماڻهو سارا.
خوشبُوءُ کنڊيري رَسِتَنِ هارين،
واسُ وَٺَڻَ لَئه آيا سارا.
نيڻ نَشيلا لَب يا قوتِي،
بدن سَمورو اَميرُ تارا.
مُرڪڻ منهنجو ماکي مصري،
قاتِلُ تنهنجي اکين جا اشارا.
”امداد“ اڪيلو عاشقُ ناهي،
سُونهن سلامي دنيا وارا.
غزل
رُخُ دلبر موڙين ڇو ٿو،
خَنجَرُ دِل ۾ کوڙِين ڇو ٿو.
هِجرَ سَندا ڏَئي سَؤَ صَدِما،
آسُون اُميدُون ٽوڙين ڇو ٿو.
بُرکا رُتِ ۾ باهِيُون ٻاري،
ظالِم زُلف ڇوڙين ڇو ٿو.
دَردُن دَوا دارُون تُون ئي،
رُوحُ پِرين روڙين ڇو ٿو.
”امداد“ اَڪيلو سوچَ ته ڪَرِڪا،
سَمُنڊَ سُورَ ۾ لوڙهين ڇو ٿو.

|