متفرقھ
سنسڪرت ۽ سنڌي ٻولي:
هن قديم دؤر جي علمي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته
جنھن وقت آريائي قبيلا اول اول هندوستان ۾ داخل
ٿيا، ان وقت اسان جي هاڻوڪي سنڌ جو هيٺيون ڏاکڻيون
ڀاڱو (لاڙ ۽ ٿر) شايد سمنڊ هيٺ آيل هو؛ ۽ سنڌو
درياءَ جو دو-آبو (ڊيلٽا) به مٿي وچ ڌاري هو؛
انھيءَ ڪري غالباً اوائلي آرين جون جيڪي بيٺڪون
ٿيون، سي هاڻوڪي سنڌي خطي ۾ نه، بلڪه سنڌونديءَ جي
مٿئين ڀاڱي ۾ پنجاب واري ڪناري جي آسپاس ٿيون. ان
بعد، اهي آريائي قومون اُڀرندي طرف وڌيون. گنگا-
جمنا دو-آبي ۾ سندن مستقل قيام جي دؤر ۾ ئي سنسڪرت
زبان آهستي آهستي جڙي راس ٿي. ملتان کان ڪشمير
واري ايراضي جون پنھنجيون ساڳيون اصلي ٻوليون
رهيون، جيڪي پوءِ هن خطي ۾ مسلسل لڏپلاڻ ۾
’ايراني- آرين‘ جي هندوستان طرف هجرت هڪ اهم واقعو
هو، جنھنڪري هتي جي ٻولين تي قديم ايراني ٻولي جو
به اثر پيو.
ڌيان طلب ڳالھه هيءَ آهي ته هن قديم دؤر ۾، جنھن
وقت گنگا- جمنا دوآبي جي اردگرد، سنسڪرت پنھنجون
ابتدائي ۽ آخري منزلون طي ڪري رهي هئي، ۽ اتي جون
پراڪرت زبانون ان جي زير اثر ويجهي رهيون هيون، ان
وقت ’ڪشمير کان سنڌ‘ واري خطي جي لساني نوعيت
جداگانه هئي. اهو خطو پھريائين ’هند- ايراني‘ ۽
پوءِ ’هند- آريائي‘ ۽ ’داردي‘ زبانن جي زير اثر
رهيو.
سنسڪرت پنھنجي ڪلاسيڪي (پراڻن واري) قالب ۾ بند ٿي
چڪي هئي، ۽ ان جي زير اثر عوام جون ٻوليون پنھنجو
اوائلي پراڪرتي دؤر ختم ڪرڻ واريون هيون. سنڌ ۾
انھيءَ ڪلاسيڪي سنسڪرت، توڙي اوائلي پراڪرت جي اثر
جي نه پھچ هئي ۽ نه گنجائش، ڇو ته انھيءَ ساڳئي
وقت سنڌ جي ’موئن جي دڙي‘ واري دريائي تمدن جي
’سامي- صفت‘ زبان سنڌ ۾ رائج هئي، ان بعد سنڌ تي
تقريباً 600 ورهيه قبل مسيح تائين جيڪو اثر پوندو
رهيو، سو ڪشمير- ملتان واري خطي مان داردي ٻولين
جو، ۽ سنسڪرت جو. انھيءَ ڪري ئي بنيادي طور سنڌي
ٻولي، داردي ٻولين سان قريب تر رهي.
داردي ٻولين ۾ ٻن حرف علتن جي وچ ۾ ايندڙ ’ت‘ مٽجي
نه ٿي؛ اها ’داردي‘ خصوصيت اڃا تائين ”سنڌوماٿر
وارين ٻولين“
]سنڌي،
لھندا، پنجابي (لھندا جي اثر هيٺ) ۽ ڪوهستاني[
۾ موجود آهي. انھن ٻولين ۾ ’پيتو‘، ’لاتو‘،
’ڪيتا‘، ’سيتا‘ وغيره مروج آهن، حالانڪه ٻين هند-
آريائي ٻولين ۾ اهي الفاظ ’پيا‘، ’لايا‘، ’سيا‘
بنجي چڪا آهن. سنڌ کان ڪشمير تائين ’سنڌو ماٿر
وارين ٻولين‘ ۾ ’اسين‘، ’اسان‘، ’اسي‘ وغيره مشترڪ
الفاظ ”اسمي“ مان نڪتل آهن، ۽ نه سنسڪرت لفظ
”ويوئم“ مان (جنھن سان انگريزي لفظ
we
به لاڳاپيل آهي). اهو لفظ ’آسمي‘، سنسڪرت کان اڳ
يا سنسڪرت واري زماني جي پراڪرت جو آهي، جنھن کي
جيڪڏهن ’پروٽو- پراڪرت‘
(Proto-Prakrit)
چئجي ته مناسب ٿيندو. بھرحال، اهڙا لفظ ’سنڌو ماٿر
وارين ٻولين‘ جي مشترڪ مگر سنسڪرت کان هڪ الڳ
سرچشمي جو پتو ڏين ٿا.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
ڪتاب: سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ
]قديم
دور کان 1860ع
تائين[
پاڪستان
اسٽڊي سينٽر سنڌ يونيورسٽي،
سال 1990ع، ص 16-17تان کنيل
نصير مرزا

وڻجارو
’سانول‘ جي ڪھاڻي بابت ٿورا ڪي اڌوگابرا نوٽس
مڃڻ مراد، امداد حسيني جنھن جي وجود اندر ڪھاڻيڪار
’سانول‘ سمايل، اهو سؤ سيڪڙو آرٽسٽ هو ۽ آرٽ پيس
تخليق ڪرڻ جو ماهر پڻ، علاوه ازين، پنھنجي ادبي
مسلڪ ۾ سنڌ پرست، وطن دوست، ترقي پسند، جديد ۽
روشن خيال، پر ناسٽيلجڪ ٽچ سان انھن سڀني سڃاڻپن
هوندي به اسان جو هي امداد (سانول) اول آخر منفرد
ترين عظيم آرٽسٽ ئي هو ۽ تخليقيت سان ٽمٽار، جديد
کان جديد تر شاعر ۽ گڏوگڏ نثرنگار ۽ وري ڪھاڻي
جوڙڻ جي
به ته منجهس حيرت انگيز صلاحيت هئي، جنھن جو
73-1972ع ڌاري ريڊيو لاءِ گيتن ڀريون ڪھاڻيون لکڻ
سان هن چمتڪار ڏيکارڻ شروع ڪيو، جن ۾ ڪھاڻي نٽنگ
سان گڏ ڊائلاگ ۽ گيت پڻ سڀ امداد جا پنھنجا ئي
هوندا هئا. معنيٰ امداد ۾ ڪھاڻي اُڻڻ جي صلاحيت
اٿندي ئي موجود هئي ۽ ان ڏس ۾ پھرئين گيتن ڀري
ڪھاڻي ’هينئڙو ٻيڙيءَ جان‘ هن لکي هئي، جيڪا
”وڻجارن“ جي رومينس ۽ ڦوڙائي بابت هئي. جنھن جو هي
گيت ته گهڻو ئي مشھور به ٿيو: ”تنھنجو منھنجو پيار
الا لا، نيري ساگر جھڙو گهرو، هر دم تارؤ تار الا
الا... آر نه ڪوئي پار الا لا....“ تڏهن سحر امداد
جي بقول ته گيتن ڀري ان ڪھاڻي جو اهڙو خوبصورت
عنوان شاهه سائين جي رسالي مان هن ئي امداد کي
ڳولهي ڏنو هو ۽ هاڻي سانول جي ڪھاڻين تي هي ٽائٽل
”وڻجارو“ به، خود سحر صاحبه جو ئي تجويز ڪيل آهي.
ته بس، ان ڳالھه تي امداد جي وڃڻ کان پوءِ سحر
صاحبه جي موجوده اڪيلائي کي ڏسندي سُر سامونڊي جي
هيءَ سٽ به ته هيانوَ تي هُري آئي اٿم.
مون کي چاڙهي چِينءَ ويو وڻجارو اوهري...
هتي امداد جي هڪ ڪافي، جيڪا عابده پروين صاحبه
ڳائي هئي، ان جو مکڙو به ته ياد اچي ويو اٿم جيڪو
پڻ سحر صاحبه جي ئي حسب حال سمجهو:
لُڙهندي وتان لا، لُڙ لهرين ۾...
ساريو ته سڄڻ توکي،
اُڀي ٿي اوساريان....
لڙهندي وتان لا....

بيشڪ سانول جي اڪثر ڪھاڻين جو تاڃي پيٽو، خالص
رومانوي طرز جو آهي ۽ جنھن لاءِ هن جو انداز ڪٿي
علامتي، ڪٿي اهڃاڻي، ته ڪٿي تجريدي يعني
ايبسٽريڪٽ، ته ڪٿي وري ماڊرن، ۽ ٻوليءَ جي لحاظ
کان ڪٿي اربن ته ڪٿي وري رورل ڏانءُ جو آهي، جن جي
اندر اڻتڪاري ۾ سنڌ جي قديم اتهاس جو ذڪر، ڪلاسيڪل
شاعريءَ جو واهپو گڏوگڏ حالاتِ حاضره تي ٽيڪا ٽپڻي
۽ حالتن خلاف ايگريسِولي اظھار ۽ ان حد تائين جو
هن جو هڪ ڪردار ته
Slang
ڳالھائڻ تي به لهي ٿو اچي.
هتي مون کي گمان ته اردوءَ ۾ جيئن گلزار صاحب ۽
جاويد اختر صاحب، حسين ۽ ماڊرن مختصر ڪھاڻي ۽
شاعريءَ ۾ جديد سينسيبلٽي جا موجد هئا ۽ گڏوگڏ
نئين اسلوب جا قائل، ائين اسانجي سانول (امداد) به
لاڙي لهجي ۽ جديد شھري ٻولي جي آميزش سان سنڌي
ڪھاڻيءَ ۾، نئون ذائقو ۽ نئون رنگ پيدا پئي ڪيو،
جنھن ۾ آرٽ به هو ته ڪرافٽ به، گڏوگڏ فريش نيس
تازگي ۽ علامتي رنگ به، مثال طور فوجي راڄ ۽ گڏوگڏ
سنڌ تي ڌارين جي تسلط جي پسمنظر ۾ ”بارود“ ڪھاڻي،
جنھن جا علامتي استعاراتي اسٽائيل ۾، هن ڪي ڪردار
تخليق ڪيا آهن. جيئن مثال طور لپ اِسٽڪ، نيل پالش،
گلاسز، دونهون.. جوتا، مڪ، جيڪي پاڻ ۾ اٽڪن ٿا ته
اوچتو ماسڪ پاتل هڪ قاتل ڪردار اندر ڌوڪي ٿو اچي.
۽ ان بعد ڪلاشنڪوف جا برسٽ ۽ پوءِ ته سڀ ڪجهه
ختم... پئسا هضم!
هتي سانول يعني امداد جي ڏس ۾ هيءَ به وضاحت ڪريان
ته علم عروض هجي يا ڇند وِديا، هو پرفڪيٽ ۽ بي عيب
شاعر نظر ايندو ۽ بلڪل فريمڊ پڻ! اجهو نثر ۾ به
هُو ائين ئي ’فوڪسڊ‘ لڳندو هو. مثال طور امداد
حسيني جي نالي سان هو مھاڳ لکي، مضمون يا تنقيد،
هن جي نثر ۾ ڀرتيءَ جو جملو يا ڀرتيءَ جو لفظ مون
کي ته نظر نه ايندو هئو... امداد بطور مقرر،
ڳالھائيندو به تڪي توري هو. (ائين امداد گار به
ساٽين ۽ ماڇين وانگر چٽي اُچار سان ڏيندو هو...)
هتي هنن بي ترتيب
Notes
۾ پڙهندڙن کي هيءَ آگاهي به ڏيندو هلان ته امداد
کان اڳي ٽن وڏن ٻين سنڌي شاعرن به ڪھاڻيون لکيون
پئي جيئن مثال طور شيخ اياز صاحب تنوير عباسي صاحب
۽ قمر شھباز... بيشڪ خاص طرح سان شيخ اياز ۽ قمر
شھباز جون ڪجهه ڪھاڻيون، هر طرح سان ڪھاڻي ٽيڪنيڪ
تي پوريون پوريون لھندڙ ۽ شاندار ڪھاڻيون هيون.
ائين سانول (امداد) به مون کي ڪھاڻي جوڙڻ جي ڏس ۾
زبردست ماسٽر ڪرافٽس مين ڪھاڻيڪار لڳو. ڪھاڻيءَ جي
ڍانچي کي ڊائلاگن ۽ بيانيه جي
Trick
سان ڪيئن اٿاري کڙو ڪجي ۽ ان هنر کان ته سانول مون
کي خوب خوب آگاهه لڳو. مثال طور سندس ڪھاڻي ”جوڳ
سنجوڳ“ جنھن کي هڪ مڪمل ڪھاڻيءَ يعني آرٽ پيس
سمجهو... ان کان علاوه.... استعارن، علامتن تشبيهن
جو به سانول جو پنھنجو ئي جهان اٿؤ.‘ وڏي ڳالھه ته
سانول جون ڪھاڻيون
Short Stories
جي معيار تي به مون کي ته پوريون پوريون
Fit
پيون نظر اچن، جيڪي تڪيل توريل ٻوليءَ، تـُز
ڊائلاگس ۽ خبرداريءَ سان لفظن جي چونڊ ۾ اهڙي ته
حسن ڪاري ۽ ڪاريگريءَ سان جَڙيل، جو هو اگرچه
ڪھاڻين ۾ نعرا نٿو هڻي... پر پوءِ به ڏاڍ ڏمر
سماجي ناانصافين تي وچ وچ ۾ اهڙن اهڙن جملن سان
حملا ٿو ڪري، جو لڳم هو رڙيون واڪا پيو ٿو ڪري.
ائين سانول جي ڪھاڻين ۾، رڳو رومينس، رساما،
رولاڪا، عشق بازيون ئي نه، ڪي
Messages
به ته آهن. افسانوي ادب يا ڊرامن جي ٽيڪنيڪ ۾ ان
عمل کي،
Remedy
سڏبو آهي. مثال طور ڪھاڻي ”مينهان ۽ نيھان“ (۽ ڇا
ته ان جو اهو رومانوي دل ڇھندڙ عنوان) هن ڪھاڻي ۾
آرپار رومينس جو اظھار ته پنھنجيءَ جاءِ تي، پر
سنڌ اندر هي جيڪي حاويلين، ميرن پيرن وٽ نياڻين
کان حق بخشائڻ جي ريت ڪُريت... ڪھاڻيءَ جي پڄاڻيءَ
تي ان بابت سانول جو رد عمل ڇا ته ايگريسولي.
معنيٰ ليکڪ چوي ٿو ته اها روايت سنڌ مان يڪسر ختم
ٿيڻ گهرجي ۽ نياڻين کي پنھنجي گهر وارو ضرور بنائڻ
گهرجي.
ڪھاڻي ”گمراهه“ ۾ به سانول هي ڪيڏو نه اهم سوال
اٿاريو آهي:
-
اجرڪ اوڍائڻ اڄڪلهه ڄڻ فيشن.... ۽ هر گري گنجي کي
پئي پارائبي آهي. اڳي ڪنھن کي پھريل هوندي هئي، ته
”تقدس“ جو احساس جاڳندو هو ۽ هاڻي....؟
-
۽ هاڻي ته اهڙن ماڻھن کي به اجرڪ پاکر ڪري پھرائي
ويندي آهي جن کي ”شوٽ“ ڪرڻ تي دل ٿيندي آهي.
.....
درست ته... سانول جي گهڻين ڪھاڻي جا موضوع خالص
رومانوي آهن يا پوءِ گهريلو ۽ شھري زندگيءَ
بابت... جن ۾ هوٽلون، بار، بازار حسن آهن پر اهڙين
ڪھاڻين ۾ ڪھاڻين جا هيروز سجاڳ ذهن به ته نظر ٿا
اچن، جن جي سياسي صورتحال ۽ بين الاقوامي پس منظر
تي به چڱي چوکي نظر ٿي محسوس ٿئي، يعني سانول جي
ڪھاڻين جا ڪردار هڪ طرف ۽ هر وقت جي رومينس جي موڊ
۾ ۽ وک وک تي ڪنھن حسينه جي ڪمپني لاءِ حيران،
پريشان ته ٻئي پاسي وري سماجي ناانصافين تي رڙيون
واڪا ڪندي به ته نظر اچن ٿا. سچ پڇو فني سطح تي
اکرن ۾ آرٽ ۽ رمز ڀرڻ به، ڪو سانول کان ئي سکي.
هتي سندس ڪن اهڙن جملن جي جڙاوت به ڏسندا ٿا هلون:
- ڏاس ڪتيندي، هن جو چت به، چڪر ۾ اچي ٿي
ويو.
-
هن مئي متي مھراڻ تي نيڻ کپائي ڇڏيا.
-
هو پاڻ به مئي متي مھراڻ جي ڪا ڇوهه ڀري ڇولي هو.
-
جهل پل تي جهيڙو لائي ڏيڻ ته هن جِي پُريءَ کان
پَـرُ آهي.
يا هي به ڇا ته...
Situations
.
۽ انھيءَ ڪھاڻيءَ جو عنوان آهي: ڪلاچي.
- اوس پاس جي بنگلن مان نڪرندڙ روشني سندن پيرن ۾
”ڦان“ ٿي پيئي هئي (۽ ڦان ٿي پيئي هئي... ڪيڏي نه
اڇنڀي ۽ حيرت جهڙي تشبيهه).
يا هي منظر...
-
سامھون لالان بيٺي هئي. ڪلھن تي ڀنڀن جا بادل
کنيو. وسڻ جا ويس ڪيو.
......
ڪھاڻين ۾ سانول جا واپرايل لفظ به حيرت انگيز طور
تي منفرد ۽ دلچسپ لڳا مون کي، جيڪي ورهين کان ڌنڌ
۾ گم ٿي ويل هئا پر سانول وٽان انھن کي ڄڻ نئين
زندگي ملي اٿوَ. مثال طور هي ڪي ٿورا لفظ ڏسندا
هلو ۽ حيران ٿيندا وڃو... جيئن
-
ڦِڙتي... مٿا مڃ... هٿ مُڇيا... ڀراڻو بيٺو آهين..
ڌانوڻي وانگر سھڪي رهيا هئا.. نھار جا ڦل. ڀنجر
ڀڄڻ، ڪوٽن ڪڙجڻ، جوڳي نه ڪنھن جا مٽ، وهه وهاٽيل
مرڪ. واڍوڙ، ڀنڀن جا بادل. لوڙهه جو گيساٽو...
داڦوڙي پير. اجڙي ويل آکيرن جهڙا نيڻ (۽ هاءِ اجڙي
ويل آکيرن جو درد) نيلو جي ”نھارن جا ڦل“ (۽ نھارن
جا ڦُل به ڪيڏي نه خوبصورت ۽ منفرد تشبيھه).
انھيءَ ڏس ۾ هي ڪجهه وڌيڪ منظر به ڏسو ۽ سچ پڇو ته
سنڌي افسانوي ادب ۾ اهڙا نه مون ڪڏهن اڳ ڏٺا نه
پڙهيا:
-
همراهه ٻِيڙي ڪڍي، اُن جي پُوڇڙ کي ڏند سان
ڪَتري.. ٿُڪيو. پوءِ وڏو سوٽو هنيائين.
- ڪھاڻي: گمراهه
- لوڙهه جو گيساٽو به چٽوپٽو هو...
- ڪھاڻي: لهر مڙوئي لال
-
ساگر گهير واري سلوار پاتي هئي. مٿان آڏيءَ ڳچيءَ
وارو ڀرت ڀريل پھراڻ، ڪلھن ۾ اجرڪ. تڏهن ڪانفرنس
روم ۾ سڀني جون نظرون هن شاعر ۾ کتل....
- ڪھاڻي: مون مطالعو سپرين
ائين
Narration
۾ حرڪت يعني
Movement
ڏيکارڻ جي هنر ۾ به سانول تاڪ نظر آيو اٿم. سندس
اهڙين سٽن کي مون پاران انورٽيڊ ٿيل لفظن تي غور
ڪندا به هلجؤ. مثال طور:
- ”رڙ“ تي پرنسيس روم ۾ لنچ ڪندڙن کان ”ڇرڪ“
نڪري ويو. چينياڻيءَ کان چمچو ”ڇڏائجي“ ويو. لنچ
ٽئبل تي بيٺل يورپين جوڙي جي هٿن مان پليٽون
”ڇڏائجي“ ويون.
]ٺڙاڪ[
- ڪھاڻي: مون مطالعو سپرين
يا هن سٽ ۾ جيڪا شدت ان جي وضاحت ڪرڻ ....! ۽ اهو
ضروري ئي ڪٿي آهي؟
-
تنھنجي ته ”وٺي ڪري...“
-
چون ٿا ته شيشي جو ”ڀڄڻ“ سٺو سنؤڻ هوندو آهي. ۽ هن
وراڻيو: ۽ جي ”من درپن“ ڀڄي پوي.
يا هي منظر ڏسو....
-
هو ٻيئي پٿرائين دڳ تان وڃي رهيا هئا...
]هتي
پٿرائين دڳ تان يعني کڙ کٻڙ پٿرن واري پيچري تان
هلڻ جو ٿورو تصور ته ڪريو...[
ڪيڏو نه اذيتناڪ منظر... ان تي مشھور اردو شاعر
عطا شاد جو هي شعر ته ياد اچي ويو اٿم:
انھين پٿرون په چل ڪر اگر آ سڪو تو آئو،
ميري گهر ڪي راستي ۾ ڪوئي ڪھڪشان نهين هئي.
يا هي ميلوڊريميٽڪ سين....
-
هن رڳو کِلي نيڻ کنيا، انھن مان ٻه اڇا پيرون ڇڻي
پيا.
- ڪھاڻي: پاچا
سانول کي
Cut to cut
۽ تز ٻوليءَ ۾ ڊائلاگ لکڻ جو به ڇا ته هنر... جن ۾
ڪيڏي نه بيساختگي ۽ نواڻ به.
-
نيلو! جڏهن تون ئي نه رهندينءَ، تڏهن منھنجي مُٺ ۾
ڇا رهندو.
لڪيرون!
- ڪھاڻي: واڍوڙ
سانول جي هنن ڊائلاگس ۾ به ڇا ته شدت:
- جڏهن کان توهان اهو ماڻھو اسان جي مٿان رکيو
آهي، اِهو ته ائين آهي ڄڻ اسان جي مٿي تي بُوٽ
رکيو ويو هجي.
- ڪھاڻي: ٽِڙيل واڇ
- توهان ڪڏهن آغا (آغا سليم) جا لڦون لڦون هٿ چميا
آهن. ڪڏهن علي (علي بابا) جي اکين ۾ ڀور ڀور سپنا
ڏٺا آهن.
- ڪھاڻي: جوڳ سنجوڳ
]الائي
ڇو هيءَ ڪھاڻي ’جوڳ سنجوگ‘ پڙهندي لڳو... جنھن جو
هيرو (نائڪ) ۽ اندر ڪھاڻي ۾ جيڪو
content
۽ گهريلو ماحول ڄڻ اها خود ”امداد جِي پنھنجي
ڪھاڻي هجي جيڪا سانول جي زباني“[.
۽ جنھن جو هي ته ڪمال جو ڊائلاگ....
- تون ته ڄاڻين ٿي، ته هٿن کي به نيڻ آهن. اُهي
”ڳجهه“ ڳولهي لھندا آهن....
]اڙي
بابا، گاگهه ۽ شڪاري مرد، هٿن سان بدني بناوت اندر
ڳجهه ڳولھي وٺڻ جا ته ماهر هوندا اٿوَ ماهر[
امداد (سانول) جي ڪھاڻين جا ...
Locel
به، خيالي نه. پر سچا پچا آهن. يا رومينٽڪ ڪھاڻين
۾ نائڪائن (هيروئنز) جو جيڪو ذڪر يا حوالو آهي ۽
اُهي پڙهو ته لڳندو، اڪثر نائڪائون يا ته امداد
سانول جي پنھنجي پريوار جون آهن، يعني سندس
پنھنجون ست سڳڻيون ۽ مائٽياڻيون، جن مان ڪن ۾ هن
جي دل ڦاٿل ته ڪن سان سندس يڪ طرفو ته ڪنھن سان
وري ٻه طرفو عشق. ائين سانول (امداد) ڪلاسڪ
شاعريءَ منجهان، ڪن شاهڪار بيتن سان به ڪھاڻين کي
Rich
بنائيندو ويو آهي. مثال طور يعني هي (سانول) امداد
ڀارت جڏهن ويو هو ته ”نارائڻ شيام ايوارڊ“ وٺڻ
لاءِ کيس سڏايو ويو هو. ان وقت کانئس چوائس پڇي
ويئي ته ڀارت جي ڪھڙي وڏي هستيءَ هٿان ايوارڊ وٺڻ
پسند ڪندو؟ ته ٽھه پھه وراڻيائين: صرف لِـوِنگ
ليجنڊ دليپ ڪمار جي هٿان.
خير قصو ڪوتاهه، تڏهن دليپ ڪمار صاحب امداد سان
ٿورا ڪي آءُ ڀڳت وارا سنڌي لفظ به ڳالھايا ته
امداد جوابن مخدوم نوح سائين جو هي حيرت جهڙو سنڌي
بيت اردو ترجمي سان کيس ٻڌايو هو، جيڪو دليپ صاحب
انهماڪ سان ٻڌو ۽ حيران به ٿيندو رهيو. اجهو اُهو
بيت هي هو، جيڪو ڪھاڻي ’ڪلاچي‘ ۾ آندو ويو آهي:
اُپٽيان ته انڌيون، پورين پرين پسن،
آهي اکڙين، عجب پر پسڻ جي.
ائين سانول حميد سنڌي صاحب پاران منعقد ٿيندڙ ”جشن
روح رهاڻ“ جو ذڪر ڪري ٿو ته جشن روح رهاڻ وارين
Location...
جيئن بيسنت هال حيدرآباد ۽ سنڌ يونيورسٽي اولڊ
ڪئمپس جي سينيٽ هال ان جو ذڪر به ائين چِٽو پِٽو
ڪري ٿو ڄڻ اهڙو سڀ ڪجهه اسان جي اکين اڳيان ٿي
رهيو هجي.
ائين جتي جتي به ’سانول‘، ’سونا‘ جو ذڪر ڪري ٿو ۽
ان سان رومينس، رسامن يا پرچڻ جو ستار ٿو ڇيڙي ته
لڳي ٿو، اها سونا پڪ سان ڪا ٻي نه... صرف سحر...
سحر امداد ئي آهي... اهڙين ڪھاڻين ۾ هيرو جو نالو
سانول! ساگر ٿو رکي ته لڳي ٿو اهو ڄڻ هو پاڻ ئي
آهي: ..... يعني سحر وارو امداد!
ائين سانول، شھر حيدرآباد جي رستن، چوڪن، گهٽين،
هوٽلن جا اصل نالا ته لکيا ئي آهن. پر گڏوگڏ ڪن
ڪھاڻين ۾ حقيقي واقعن ۽ ڄاتل سڃاتل شخصيتن کي به
وائکو ڪندو ويو آهي.
مثال طور: ڪنھن فنڪاره جنھن ڪنھن وقت امداد جا ٻه
گيت به ته ڳاتا هئا. هڪ رجب علي سان ڊوئيٽ:
تون منھنجي شمع، مان تنھنجو پروانو،
دل ته ڏنم توکي صنم ڪري نذرانو.
يا ٻيو هي گيت:
اسانجي پيار جي پارت هجي توکي، پرين پيارا.
وري شل خير سـان واپس ورين، وڇڙي وڃڻ وارا.
سانول جي اڪثر ڪھاڻين ۾
Nostalgic Touches
به جام آهن. مثال طور: ٽکڙ جو ذڪر، درياهه سنڌ،
حيدرآباد شھر جون گهٽيون... ان جا رستا، هوٽلون،
جن کي هو ڏاڍي دردمنديءَ سان ياد ڪندو اوساريندو
ويو آهي.
راندين ۾ اگهه ٻگهه، ڏاڪ چماڻي، ڏڙهي راند، تڏهن
سانول ڪھاڻين اندر انھن ڳوٺاڻين راندين جو جي ذڪر
ڪري ٿو ته گڏوگڏ ٻالڪ پڻ واري پتل جي ٽونگر پئسي،
سڪن آڌيلن مان ٺوڙهي بادشاهه وارن روپين آنن ٻيانن
۽ ٽڪن جو به حب سڪ مان ڏاڍي دلچسپ نوع ۾ ذڪر ڪندو
ويو آهي.
ڪھاڻي ”پپر جو وڻ!“ ۽ ان ۾ وري حيدرآباد کي ياد
ڪندي سانول اسان حيدرآباد واسين جي دل جي به ڳالھه
ڪئي آهي:
- هاءِ حيدرآباد... سنڌوءَ جي هير گهلي رهي آهي.
جنھن جي معنيٰ ته پرهه آئي ڪه آئي.
پاڇا، ۽ انھيءَ ڪھاڻيءَ جو اِهو ڪيڏو نه علامتي
عنوان، جنھن ۾ هڪ ماڻھو آهي ۽ ٻيو ان جو پاڇو.
يعني مان ۽ هو. يا هو ۽ تون.
اهڙين سارين ڳالھين ۽ حقيقتن کي ”سانول“ شعور جي
وهڪري يعني اسٽريم آف ڪانشسنيس جي اسلوب ۾ ڏاڍي
سليقي سان
Fit
ڪندو ويو آهي. سندس اهڙيون ڪھاڻيون پڙهندي پڙهندي،
هيلوسينسيشن جھڙي صورت حال ته نظر پئي ايندي آهي.
تڏهن ڪھاڻين ۾ سانول جا بيان ڪيل واقعا ڄڻ دونھين
وانگر، هر طرف، کان پکڙجندا پيا محسوس ٿيندا آهن.
ائين ”سرءُ 1942“ ڪھاڻي ۾ حيدرآباد واري مشھور
ونڊسر بار ۽ ريسٽارنٽ جو پڻ پوري اتير پتير سان
ذڪر موجود آهي. ۽ ان ڏس ۾ هيءَ به ڪيڏي نه دلچسپ
ڳالھه ته جڏهن مڌ جا ٻه متوالا بار جي ڪرسين تي
دوست ٿي وڃن ٿا، جيڪي دراصل هڪ ئي آهن“.
پوءِ هي به ڇا ته سين ان ڪھاڻي ۾....
-
۽ پوءِ چُسڪي چُسڪي زهر تي هو سگريٽ دکائي، وڏو
سوٽو هڻي سوچي ٿو ته، سمورو دونهون شمع ڏانھن
اڇلائي.
ائين سانول وهمن ۽ ريتن روايتن بابت به اظھار ڪري
ٿو:
- ترس ته تنھنجي کُڙي ٿي ڏنڀيان.
ڇو؟ پنھنجي شاديءَ تي مينھن وسڻ جو ڊپ اٿئي ڇا!؟
ان ڪھاڻي ۾ هي به ڇا ته چست ڦڙت ڊائلاگ:
-
اِها گدي ناهي؟
-
گديءَ کان سواءِ راند ڪھڙي؟
تڏهن ان گذري ويل دور ۾، امداد جو جيئن ’سانول‘
جي نالي سان اوچتو ڪھاڻيون لکڻ وارو عمل، اسان
پڙهندڙن لاءِ سرپرائزنگ هو، ائين همعصر فڪشن نگارن
۾، خود سانول جي ڪھاڻين جو ڊڪشن به ائين سمجهو ته
اسان کي بيحد سرپرائزنگ پي لڳو هو!
سو:
Miss you Imdad!
Miss you a lot.
نياز پنهور

بزرگ شاعر
اڄ اسين هتي سنڌ جي هڪ اهڙي بزرگ شاعر جي شاعري جي
مجموعي جي مھورت واري تقريب ۾ اچي گڏ ٿيا آهيون
جنھن جڏهن هن ڪتاب ۾ شامل شعر تحرير پئي ڪيا، تڏهن
پاڻ اڃا يارهين ٻارهين ڪلاس جو شاگرد مس هو. سندس
ڏاڙهي ۽ مڇين جي ساوڪ اڃا مس مس ظاهر پئي ٿي ۽
سندس ڪارا گهاٽا وار اهڙا هئا جو کيس انھن کي سڌو
ڪرڻ لاءِ ڦڻيءَ بدران برش استعمال ڪرڻو پوندو هو ۽
اڄ سندس وار برش ته ڇڏيو، پر ڦڻي جو نالو ٻڌندي ئي
ناراض ٿيو پون.
هن شاعر جن وجودن، خوبصورت رنگن، روپن، چھرن ۽
ٽھڪن کان متاثر ٿي شاعري پئي ڪئي، انھن جي رنگن
روپن تي ڳالھائڻ بدران ائين چئي سگهجي ٿو ته اهي
هاڻ ڏاڏين، نانين، پڙ ڏاڏين ۽ پڙ نانين جي مقدس
رشتن تي فائز آهن، جڏهن ته اسان جو هي معزز شاعر
پاڻ وري پنھنجن پوٽن ڏوهٽن نھرن ۽ ناٺين کي ساڻ
ڪري اڄوڪي مهورتي تقريب ۾ پنھنجي ان بزرگ
گهرواريءَ سان گڏ موجود آهي. جنھن جي باري ۾ هُن
هِن ڪتاب ۾ هڪڙي سٽ به ناهي لکي.
هتي اسين معزز ٻڌندڙن لاءِ اها ڳالهه به ڪندا ٿا
هلون ته اسان جي اڄوڪي موضوع هيٺ آيل بزرگ شاعر
شاعري جي دنيا ۾ وارد ٿيڻ کان پوءِ پنھنجي سستي ۽
ڪاهلي جا انيڪ مثال ڇڏيا آهن، پھرين ته هُن جِن
جِن روپن ۽ چھرن تي شاعري ڪئي پاڻ انھن کي دل جو
داستان ٻڌائڻ ته ٺھيو، پر پاڻ انھن کي اهو به
ٻڌائي نه سگهيو ته هن اها شاعري انھن جي مٿان ڪئي
آهي. ان ڪري حاصل نتيجو اهو نڪتو ته اُهي ڀاڳ
ڀريون ترتيب سان پنھنجي ازدواجي زندگي بسر ڪرڻ
لاءِ ٻين شينهن جي ڪلھن تي چڙهنديون ويون ۽ اسان
جي هن شاعر بزرگ جي زندگي ۾ جيڪا محترمه آئي ان کي
پاڻ پھريون ڀيرو لانئون لھڻ وقت ان وقت ڏٺائون،
جڏهن سندس سالين گهونگهٽ دوران آرسي ٻنھي جي وچ ۾
رکي کانئس پڇيو ته ”ڏي خبر اسان واري ڀيڻ ڪيئن
آهي؟“
اسان جو هي بزرگ شاعر هن ڪتاب جي ترتيب ڏيڻ ۾ به
هڪ نه، پر ٻه ڏهاڪا سوچيندو رهيو ته هي ڪتاب
ڇپرائجي يا نه؟ ڪڏهن ڪڏهن ته کيس اهو به وسري
ويندو هو ته هو ڪو شاعر به آهي ۽ پوءِ جڏهن نصير
مرزا جهڙي سست شاعر به پنھنجي شاعريءَ جو ڪتاب ”ٿي
نه سگهيس شاعر“ جي نالي سان ڇپائي پڌرو ڪيو، ته
اسان جي هن بزرگ شاعر به همت کي گڏ ڪيو ۽ هن ڪتاب
کي ترتيب ڏئي سائين محمد ابراهيم جوئي ۽ سائين
امداد حسيني جي حوالي ڪيائين ته اهي هن تي مهاڳ
تبصرو ۽ تجزيو لکي ڏين. انھن ٻنھي قابل احترام
شخصيتن هن شاعر تي پنھنجي محبتن جا مينھن ته وسايا
۽ لڳ ڀڳ ڏيڍ ڏهاڪو اڳ کيس مھاڳ به لکي ڏنا، پر
اسان جي هن شاعر ڪتاب ڇپرائڻ ۾ وري ايتري ته دير
ڪئي جو ٻئي شخصيتون به برقعو مٽائي لوڪ ڇڏي پرلوڪ
پڌاري ويون، پر ڪتاب انھن جي حياتي ۾ پڌرو نه ٿيڻو
هو سو نه ٿيو.
جوئي صاحب 2013ع ۾ ۽ سائين امداد حسيني صاحب به لڳ
ڀڳ ساڳين سالن ۾ پنھنجون ذميواريون پوريون ڪيون،
پر هي ڪتاب وري 2021ع تائين ڪمپيوٽرن جي هارڊ ڊسڪن
۾ ڪڏهن پڌرو ته ڪڏهن گم ٿيندو رهيو ۽ 2021ع ۾ پڌري
ٿيل هن ڪتاب جو مھورت هاڻي 2023ع جي آخر ۾ ٿئي پيو
۽ اها به هڪ وڏي ڳالھه آهي، نه ته اسان جي هن بزرگ
شاعر جي هٿ ۾ هجي ها، ته هو هي ڪتاب به پنھنجي
پھرين ورسي جي موقعي تي اوهان جي آڏو پڌرو ڪري ها.
هتي مزي جي ڳالھه اها به آهي ته هن ڪتاب جي مھورتي
تقريب ۾ موجود مھمانن ۽ ڪتاب تي ڳالھائيندڙن مان
به هڪ اڌ کي ڇڏي سڀ رٽائرمينٽ وٺي پينشن جي زندگي
گذاري رهيا آهن، جڏهن ته اسان جي هن بزرگ شاعر جي
اڪائونٽ ۾ گذريل مھيني ئي پھرين پينشن جا پئسا آيا
آهن.
اسان جي هن بزرگ شاعر جڏهن شاعري پئي ڪئي، تڏهن
هُن گل، گلابن، چنڊ، تارن،
ٽھڪن، موسمن، شامن، راتين، اوجاڳن ۽ الائي ڪھڙن
ڪھڙن موضوعن کي پئي ڇيڙيو. هو صنف مخالف جي اکين،
وارن، هٿن، پيرن، ڪن، نڪ، ڳلي، هلڻ، ويهڻ، ڏسڻ،
ڳالھائڻ سميت ڪنھن به شيءِ تي شاعري ڪرڻ کان نه
پئي مڙيو، هن کي لکڻ ۽ اهڙي ڪيفيت وقت سچ ۾ اها
خبر نه پي پئي، ته هو آهي ته ڪھڙي دنيا ۾ آهي ۽
جنھن وجود تي سندس سوچون اچي محدود ٿي ويون آهن،
ان وجود کانسواءِ دنيا ۾ به ٻيو ڪجهه آهي الائي
نه.
اسان وٽ اڪثر ڏٺو ويو ته اسان جي گهرن کان واندن
شاعرن، ويچارين عورت جا گهر، انھن جون زندگيون ۽
مٿا ڏاڍا خراب ڪيا آهن، ذري گهٽ اسان جي هر شاعر
پنھنجي دل گُهريءَ سان ڏاڍا ڪوڙ ڳالھايا آهن، سندس
پھريون ڪوڙ هوندو آهي ته هو سندس لاءِ آسمان تان
چنڊ ۽ تارا لاهي آڻڻ لاءِ تيار آهي، ميڊم رڳو حڪم
ڪري پر اسان جي هن بزرگ شاعر جو چوڻ آهي، ته هن
اڃا تائين سڄي دنيا مان آيل ڪٿان به ڪا اهڙي خبر
ناهي پڙهي ته ڪنھن به شاعر پنھنجي زميني چنڊ لاءِ
هڪڙو آسماني چنڊ ته ٺھيو، پر هڪڙو تارو به زمين تي
لاهي ناهي آندو.
هتي موضوع کان هٽندي موقعي جو فائدو وٺندي هن بزرگ
شاعر جي عورتن کي اها گذارش آهي، ته هو اهڙن شاعرن
کان دور ۽ خبردار رهن، اهي هنن شاعرن جي شاعراڻين
۽ آسماني ڳالھين تي لڳڻ بدران زميني حقيقتن تي نظر
رکن، هتي بزرگ شاعر جو چوڻ آهي ته هو اها ڳالهه ان
ڪري به رهيو آهي ته سندس نصيب ۾ هاڻ نه اهڙا وجود
اچڻا آهن نه ايندا، ان ڪري ٻين لاءِ به رستا بند
ڪرڻ ۾ هرج ئي ڪھڙو آهي.
اڄ شاعري جي ڪتاب جو ذڪر آهي ته معزز شاعر جو چوڻ
آهي، ته کيس ٿورو اداس ٿيڻ به ڏيو. سندس چوڻ موجب
هن ڪالھه جڏهن پنھنجي شاعري تي نظر پئي وڌي ته کيس
لڳو ته سندس ٽھي ۽ ان کان اڳ وارين ڪيترين ئي ٽھين
گذريل ٽيھن چالھين سالن ۾ الائي ڇا ڇا وڃائي ڇڏيو
آهي، هن ڊجيٽل دنيا، هن ڪمپيوٽر جي ايجاد زندگين ۾
ڪيئي انقلاب ته آندا آهن، پر سندس جهڙن ماڻھن،
اوهان جھڙن ماڻھن ۽ اسٽيج تي ويٺل ماڻھن جي ماضيءَ
مان الائي ڇا ڇا ڇڪي ڪڍي ڇڏيو آهي. هن بزرگ شاعر
جي شاعري ۾ خطن جو ذڪر آهي، سندس چوڻ موجب اهي خط
الائي ڇا هوندا هئا، انھن خطن ۾ سڀ ڪجهه موجود هو،
خط لکندڙ ڪاغذ تي پنھنجي دل جو عڪس چٽي موڪليندو
هو، انھن خطن ۾ گل به هوندا هئا ته ڳوڙها به هوندا
هئا، پر اڄ اهي خط ايس.ايم.ايس ۽ واٽس ايپ کائي
چڪا آهن. ڀلا رڳو خطن تي ڇو ڏک ڪجي، شھر جون
سئنيمائون، ريڊيو جا ڊراما، ريڊيو جا اداڪار،
صداڪار، صوتي اثرات ڏيڻ وارا، سانولي رات جو
پنھنجن پنھنجن گهرن ۾ گيتن ڀريون ڪھاڻيون ٻڌڻ وارا
سڀ ماضي ٿي ويا. سئنيمائون، فليٽن، سپر مارڪيٽن ۽
شادي هالن ۾ تبديل ٿي ويون.
هن ڊجيٽل دنيا کان اڳ استاد منظور علي خان، محمد
جمن، محمد ابراهيم، سشيلا مھتاڻي، روبينه قريشي،
محمد يوسف، زرينه بلوچ، مائي ڀاڳي، غلام نبي
عبداللطيف، استاد فيروز گل، استاد نياز حسين ۽
الائي ڪير ڪير هو، پر هاڻي ان جو خال ڀرڻ وارا وري
پيدا ٿيندا به الائي نه؟ ريڊيو جي صداڪارن ۽
اداڪارن جو ذڪر پي ڪيم ته سوين نالا ۽ چھرا اکين
جي اسڪرين جي آڏو ايندا پي ويا ۽ پوءِ ائين پي
لڳو، ته لڙڪن جي پٺيان گم ٿيندا پيا وڃن. هن
حيدرآباد وارن جا نالا ٿا وٺون ته ايم بي انصاري،
سيد صالح محمد شاهه، عبدالحق ابڙو، مشتاق مغل،
انور سولنگي ۽ الائي ڪير ڪير ياد ٿا اچن، اها
هيرآباد ته موجود آهي پر ناهن ته اهي ماڻھو ناهن،
اها سلطان هوٽل ۽ ڪراچي هوٽل ته هونديون پر اهي
کاڌا نه هوندا، اهي ماڻھو اهي شيون اهڙي ته صفائي
سان پچائيندا هئا جيئن پنھنجي گهر جي ڀاتين لاءِ
پچائبو آهي، پاڻ هاڻي کاڌن سان گڏ ڪوئن، ٻلين ۽
ڪتن جي خوشبوءِ به محسوس ٿيندي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته
دل ميانئون ميانئون ۽ ڪڏهن ڀوڪڻ تي به چوندي آهي.
اسان جي هن بزرگ شاعر پنھنجي جواني واري شاعري
کانپوءِ به شاعري ڪئي آهي ۽ اهو سلسلو اڃا به جاري
آهي، پر سندس پوءِ واري شاعري ۾ دل جي ڳالھين سان
گڏ دل جي دوائن ۽ اکين جي ذڪر وقر گلاب جي پاڻي ۽
آءِ ڊراپس ۽ گاڙهن گلن جي شاعري سان گڏ، ساين
ڀاڄين بصرن، پٽاٽن، ٽماٽن ۽ پوٽا پوٽين کانپوءِ ته
پيمپرن جو ذڪر به پڙهجڻ ۾ اچي ٿو. اسان جي معزز ۽
بزرگ شاعر جو چوڻ آهي ته هو شاعري ۽ ادب جي نون
ڪتابن کان پري ناهي ٿيو، هو اڄ به هر مھيني
باقاعدگي سان نوان شايع ٿيندڙ ڪتاب خريد ڪندو رهي
ٿو. گهڻا ڪتاب تي کيس گفٽ ۾ ئي ملي ويندا آهن، پر
تخليقي ادب سان گڏ هاڻي هو فيشن سان لاڳاپيل ادب
تي به نظر وجهي ٿو. سندس چوڻ آهي ته هو ان سان
پنھنجي ناراض ٿي ويل جواني کي موٽائڻ جي ڪوشش ۾
مصروف رهي ٿو. ان ڏس ۾ هن جون اسڪن ڪئير لاءِ
ڊاڪٽرن ۽ ڊرامالاجسٽن سان به الڳ ۽ ڌار ڌار ادبي
ڪلاس وٺڻ تي به خيالن جي ڏي وٺ رهي ٿي، اسان جي هن
بزرگ شاعر سان گڏ سندس دوست بزرگ شاعر به زندگي جي
انھن غير تخليقي عملن کان پاڻ کي آجو قرار ڏئي نه
ٿا سگهن، اهي ڀلي مڃين يا نه، پر اسان جي شاعر
محترم نصير مرزا پنھنجي کيسي مان شام جي وقت صدر
مان ورتل ڪڪڙ جا آنا، ملڪ پيڪ جا دٻا ۽ ڊبل روٽين
جا پڪيٽ به پڪڙيا آهن. هن جو اهو به چوڻ آهي ته
تاج جويو پنھنجي قميض جي اندران پاتل گنجي جي کيسي
۾ ساوا مرچ، ساوا ڌاڻا، ادرڪ ۽ ٿوم گهر کڻي ويندي
ڏٺو ويو آهي.
تاج جويي بابت اسان جي بزرگ شاعر جو چوڻ آهي ته هن
جو سدائين هڪ قدم زمين تي ۽ ٻيو قبر ۾ هوندو آهي.
هن جملي جي وضاحت تي اسان جي شاعر جو چوڻ آهي، ته
ان جو مطلب اهو قطعي ناهي ته اهو ڪو سڀاڻي لڳڻ
واري آهي، پر هو هر ليکڪ جي لاڏاڻي بعد تدفين جي
موقعي تي شريڪ ٿيندو آهي. ان کي قبر ۾ لاهڻ وقت
پاڻ به قبر ۾ اندر بيٺو هوندو آهي، ان ڪري ان لاءِ
ائين چئي سگهجي ٿو ته تاج جويي جو هڪڙو پير زمين
تي ته ٻيو قبر ۾ هوندو آهي.
هن بزرگ شاعر جو چوڻ آهي ته هن پنھنجي شاگردي ۽
اوائلي ۽ ادبي زندگي ۾ ڪيتريون ئي سياسي، سماجي ۽
ادبي اٿلون پٿلون پڻ ڏٺيون آهن، ڀٽي صاحب جي دور ۾
سنڌي ادبي رسالن ”سھڻي، اڳتي قدم“ ۽ سنڌي پريسن تي
پابنديون 1977ع واري ايشيا جي ماڊل ڊڪٽيٽر ضياالحق
جي مارشلا 1979ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي ڦاهي،
1983ع ۾ جمھوريت جي بحالي واري تحريڪ ايم.آر.ڊي ان
۾ سنڌي ماڻھن جي بھادري وارو مظاهرو، پنھون خان
چانڊئي (سڪرنڊ) ۽ خيرپورناٿن شاهه ۾ عام سنڌي قتل
عام جا واقعا،1988ع ۾ سنڌي ۽ اردو ڳالھائيندڙ جي
وچ ۾ ٿيل فساد، 30 سيپٽمبر ۽ پھرين آڪٽوبر وارا
قتل عام اهڙا واقعا آهن جن جو هو اکين ڏٺو شاهد پڻ
رهيو آهي.
حيدرآباد جي رستن تي آدم بو، آدم بو لڳي پئي هوندي
هئي، دونھين ۽ ڪرفيو جو راڄ هو. کيس پنھنجي شھر ۾
پنھنجا ۽ اوپرا نظر ايندا هئا، اهڙي دور ۾ سنڌي
شاگردن ۽ سنڌ دوست تنظيمن جا مظاهرا ۽ جدوجهدون
وري زندگي ۾ ويساهه ۽ سنڌ جي خودمختيار حيثيت لاءِ
امنگ پيدا ڪندي هئي. انھن واقعن حالتن سندس ادبي
زندگي ۽ شاعري تي گهرا اثر وڌا جنھن جا اولڙا
اوهان کي هن ڪتاب ۾ ضرور ڏسي سگهجن ٿا
 |