سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 01/ 2025ع

باب:

صفحو:6 

ڊاڪٽر آزاد قاضي

 

 

 

 

تاريخِ بزمِ صوفياءِ سنڌ

ڇھين سنڌ ثقافتي ڪانفرنس سن

 

مشھور صوفي بزرگ سيد حيدر شاهه سنائيءَ جو ساليانو عرس قديم زماني کان ٿيندو پيو اچي. سائين جي.ايم.سيد موقعي جي مناسبت سان بزرگ جي عرس واري ان موقعي تي مختلف نوعيت جون علمي ادبي ڪانفرنسون سڏائڻ جو رواج 1926ع کان وڌو هو.

’بزمِ صوفياءِ سنڌ‘ واري سلسلي جي ڇھين سنڌ ثقافتي ڪانفرنس، حضرت شاهه حيدر جي عرس واري موقعي 18 نومبر 1966ع تي سن شھر ۾ سڏائي وئي. جنھن ۾ سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ مان عالمن، اديبن، شاعرن، سياستدانن ۽ سماجي ورڪرن شرڪت ڪئي.

هي پھريون ڀيرو هو، جو بزمِ صوفياءِ سنڌ سڏائڻ وارو پبلسٽي اشتھار ٻن نالن سان ڌار ڌار شايع ٿيو هو. ان کان اڳ اهو اشتھار محفل جو اهتمام ڪندڙ يا بزمِ جي سربراهه طرفان شايع ٿيندو هو. هن ڀيري پروگرام جو اشتھار سيڪريٽري جنرل طرفان ڌار شايع ڪري ورهايو ويو.

اهو پروگرام فرشي نشست وارو ٿيو هو، جنھن ۾ شريڪ ٿيندڙ نامور شخصيتن جي منظرنگاري ڪندي، محترم ’ناشاد‘ لکي ٿو:

”ڪچھريءَ ۾ ذرا چوڌاري نظر هَيَم ته ڪنھن پاسي شيخ عبدالمجيد سنڌي، محمد هاشم گذدر، جمال الدين بخاري، سيد ظفر علي شاهه (سابق ايم.پي.اي)، سيد حسن بخش شاهه (سابق ايم .ايل.اي)، آغا غلام نبي پٺاڻ (سابق وزيرِ سنڌ)، حيدر بخش جتوئي پارا بزرگ ٽيڪ ڏيو ويٺا آهن، ته ڪنھن ڪنڊ ۾ گرامي صاحب، جويو صاحب ۽ شيخ اياز، ڏيپلائي، باقر شاهه ۽ نور محمد پليجو، رسول بخش پليجو، حفيظ قريشي، غلام محمد لغاري، عبدالڪريم گدائي، غالب لطيف، نياز همايوني، غلام رباني، پروانو ڀٽي وارا ويٺا آهن. ڪنھن طرف مخدوم محمود هالائي، عارف الموليٰ، رشيد ڀٽي، نور عباسي، منير سنڌي، صاحب خان چنا، محمد خان مجيدي، غلام حسين شورو، رنگريز (غلام حسين)، پٿر سنڌي، يار محمد پنھور نروار ويٺا آهن، ته ڪنھن پاسي علي احمد قريشي، شوڪت سنڌي، عبدالخالق شھيد، استاد بخاري، گلزار پليجو ۽ عبدالفتاح ’عبد‘ موجود هئا.“ (خادمِ وطن 23 نومبر 1966ع)

مٿي ذڪر ڪيل عالمن، اديبن ۽ شاعرن کان سواءِ بزم جي شايع ٿيل رپورٽ موجب، هيٺ ذڪر ڪيل پيرانِ طريقت ۽ زميندار پڻ شريڪ ٿيا:

1)     پير بقادار شاهه صاحب، سجاده درگاهه سخي هاشم شاهه عليه الرحمت مٽياري.

2)    سيد حاجي گل محمد شاهه، سجاده درگاهه قلندر شھباز عليه الرحمت سيوهڻ.

3)    پير دامن علي شاهه، سجاده درگاهه پير دامن علي شاهه عليه الرحمت ٺل.

4)    پير شاهنواز شاهه جيلاني، درگاهه پير حسن بخش شاهه عليه الرحمت، ڊٺڙو.

5)     حضرت پير يعقوب علي شاهه چشتي، حال مقيم ڪراچي.

6)    پير سيد شاهه محمد شاهه صاحب، سجاده درگاهه شاهه صدرالدين عليه الرحمت لڪي.

7)    پير يارمحمد صاحب ولي عهد سجاده درگاهه سخي دين پناهه ديره غازي خان حال.

8)    سيد يارمحمد شاهه متولي درگاهه حضرت داد شهيد عليه الرحمت نزديڪ ٻڍاپور.

9)    سيد ميان امام علي شاهه ڀريا.

10)رئيس فقير رسول بخش صاحب انڙ قاضي احمد.

11)     رئيس ميان حاجي عبدالمجيد خان صاحب جتوئي ميھڙ.

12)سيد ميان جڙيل شاهه صاحب وائيس چيئرمين ميونسپل دادو.

13)رئيس ميان علڻ خان لغاري دادو.

14)حاجي غلام شاهه.

15) حاجي امام علي شاهه صاحب، نوابشاهه.

16)مخدوم مولا بخش صاحب، هالا نوان.

17)سيد نصير محمد شاهه، چيئرمين يونين ڪائونسل جهانگارا.

18)حاجي مراد بخش صاحب گبول، ڪراچي.

19)سيد غلام احمد شاهه صاحب ٽکڙائي، حيدرآباد.

ان دور ۾ سيوهڻ ڄام شورو روڊ تي عام جام سواري ڪانه هوندي هئي. ان ڪري عالمن، اديبن کي ريل رستي سن ريلوي اسٽيشن تي لھي سن شھر اچڻو پيو هو، جنھن جو محترم جي.ايم.سيد پاران جوڳو انتظام ڪيو ويو هو. سائينءَ وٽ آيل سڀني مھمانن جو اعليٰ انتظام ٿيل هو. منجهند جي ماني کائي، ڪِن آرام ڪيو، ته ڪي ڪچھريءَ مان لطف اندوز ٿيا. شاهه حيدر جي ميلي (عرس) جي سلسلي ۾، اوري پري کان آيل خلقون، ملاکڙا، تماشا، بازاريون مطلب ته ان عمل، ننڍڙي ڳوٺ ۾ چھل پھل پيدا ڪري ڇڏي هئي.

عالمن اديبن واري هن پروگرام لاءِ هڪ شاندار پنڊال لڳايو ويو هو، جيڪو بقول ’ناشاد‘ واقعي ڏسڻ وٽان هو. هر ڪنھن ائين ٿي چيو ته ههڙو شاندار ۽ وڏو پنڊال اسان مشڪل سان ڏٺو هجي.“

شام جو 5 بجه پنڊال ۾ ”بزمِ صوفياءِ سنڌ“ جي جوڙجڪ ۽ تنظيمي مسئلن تي نشست هئي. جنھن جو احوال پوءِ اڳتي ايندو.

”بزمِ صوفياءِ سنڌ“ جي هن، ”ڇھين سنڌ ثقافتي ڪانفرنس“ جو يادگار پروگرام ٺيڪ 8 بجه شروع ڪيو ويو. هن پروگرام جي صدارت پير بقادار شاهه مٽيارين واري کان ڪرائي وئي. پير صاحب پنھنجي صدارتي خطبي ۾ فرمايو:

عزيز ڀائرو:

آءٌ اوهان جو نهايت شڪرگذار آهيان جو هن مجلس جي صدارت جو فرض مون کي عطا فرمايو اٿوَ.

جن مقصدن ۽ مرادن سان هي بزمِ صوفياءِ سنڌ پربا ڪئي ويئي آهي، ان بابت مختصر احوال گذريل پنجن ڪانفرنسن جي خطبن جي تقريرن مان اوهان کي پئجي چڪو هوندو.

اسان سنڌ جي بزرگن ۽ درويشن جي انسان ذات جي محبت، اتحاد، امن ۽ ترقي جي پيغام کي عام ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون. اسان ۾ هن وقت نفاق، خود مطلبي، قومي شعور جي عدم موجودگي ۽ بي همٿيءَ جون بيماريون داخل ٿي ويون آهن، انھن کي ڪڍي اتحاد، حب الوطني، قومي شعور ۽ همٿ پيدا ڪرڻ گهرون ٿا. مون کي اميد آهي ته هتي گڏ ٿيل سڀئي صاحب ان ۾ ذاتي دلچسپي وٺي هن تحريڪ کي ڪامياب ڪرائيندا.

پير بقادار شاهه

پير صاحب، صدارتي خطبي پيش ڪرڻ کانپوءِ طبيعت ناساز هئڻ ڪري ڪجهه دير وهڻ بعد اجازت وٺي روانو ٿي ويو.

سندس وڃڻ بعد صدارت جي ڪُرسي سيد گل محمد شاهه، سجاده نشين قلندر شھباز سنڀالي. سڀ کان پھريان بزم جي جنرل سيڪريٽري رسول بخش پليجي، مرحبائي خطبو پڙهيو. پليجي صاحب پنھنجي خطبي ۾ اڳ ٿيل پنجن ثقافتي ڪانفرنسن جو حوالو ڏيندي، انھن ڪانفرنسن جي مقصدن ۽ مرادن جي حوالي سان بزم کي هڪ تحريڪ قرار ڏيندي چيو ته: ”هيءَ هڪ انسان دوستيءَ جي ”سنڌ جي سڪار ۽ عالم جي آباديءَ“ جي تحريڪ آهي.“ ان حوالي سان پوءِ هن بزمِ صوفياءِ سنڌ واري تحريڪ جي مختصر تاريخ بيان ڪندي، سيد صاحب پاران ڇائيتاليهه سال سياست ۾ بي لوث خدمت ڪرڻ جي باوجود، حسب خواهش عوام ۾ سياسي شعور پيدا نه ٿي سگهڻ، مٿاهين طبقي جو قومي مفاد لاءِ ڪم ڪرڻ بجاءِ شخصي اقتدار ۽ ملڪيت ميڙڻ خاطر خودمطلبيءَ واري بنياد تي مقابلو ڪرڻ واري رجحان، ۽ اهڙن ڪيترن ئي ٻين سببن ڪري في الحال سياست صحيح رخ ۾ هلندي نظر ڪانه پئي اچي. اهڙي صورتحال ۾ گهڻو ڪجهه ٿي نه ٿي سگهيو. اهڙي ماحول لاءِ سياڻن جو چوڻ آهي ته:

”جيڪڏهن ڪم ڪرڻ جون ڪي راهون بند ٿي وڃن ته انھن کان توجهه ڦيرائي ٻيون راهون ڳولجن.“ اسان جي محترم ۽ مڪرم اڳواڻ جناب شاهه صاحب جن پڻ ائين ڪيو ۽ سياست جي ميدان کي ڇڏي ملڪ ۽ قوم جي خدمت لاءِ ان جي ڪلچر جي حفاظت ۽ ترقيءَ جي ڪم کي هٿ ۾ کنيو.“ (خطبات سيد، ص 95)

ان کان پوءِ پليجي صاحب سن شھر جي قدامت ۽ تاريخي حيثيت بيان ڪرڻ بعد، ان ۾ سيد خاندان جي آباد ٿيڻ ۽ ان خاندان جي ڌارين سان، منھن مقابل ٿيڻ وارا واقعا بيان ڪرڻ سان موجوده دور جي اهم شخصيت جناب جي.ايم.سيد کي پس منظر ۾ مليل ماحول محفل وارن جي اڳيان عيان ڪيو.

ان بعد سيد صاحب جي مختلف حوالن سان سرانجام ڏنل ڪارڪردگي بيان ڪئي. آخر ۾ اظهار ڪيو ويو ته:

”سن جو شھر قومي ڪانفرنس ۽ ميٽنگن جو ڪيتري وقت کان مرڪز رهندو پئي آيو. اسان اڄ ساڳي ان شھر ۾ وري ’بزمِ صوفياءِ سنڌ‘ جي ڪانفرنس ۾، سنڌي ڪلچر جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ هتي گڏ ٿيا آهيون، مون کي اميد آهي ته ڪانفرنس ڪو ٺوس پروگرام رٿي. ”سنڌ جي سڪار ۽ عالم جي آباديءَ“ واري هن تحريڪ جي ڪاميابيءَ لاءِ عملي قدم کڻندي.“ (خطبات سيد، ص 101)

هن ڪانفرنس جو اهتمام ڪندڙ ۽ بزمِ صوفياءِ سنڌ جي سربراهه جناب جي.ايم.سيد جي ان ڏينهن طبيعت خراب هئي، ان ڪري سندن پاران لکيل افتتاحي خطبو به، بزم جي جنرل سيڪريٽري جناب پليجي صاحب سامعين اڳيان پيش ڪيو.

سائين جي.ايم.سيد بزمِ صوفياءِ سنڌ جي هن ڇھين ڪانفرنس جي افتتاحي خطبي ۾ پھريان ته پنجين ڪل سنڌ ثقافتي ڪانفرنس ڊٺڙي ۾ بيان ڪيل مکيه ڳالھين جو ورجاءُ ڪندي واضح ڪيو ته: ”سرزمين سنڌ کي اتحاد انساني، امن عالم ۽ ماڻھن جي مادياتي ۽ روحاني ترقيءَ لاءِ هڪ خاص پيغام آهي. اُن پيغام جي اسان جي ولين ۽ درويشن حتي الامڪان تشريح ڪري، ماڻھن جي تعليم ۽ تربيت لاءِ پئي ڪوشش ڪئي آهي.“

دراصل سرزمين سنڌ جو اهوئي خاص پيغام آهي. جنھن کي سيد صاحب باربار مختلف ڪتابن ۾ ’پيغام سنڌ‘ جھڙي جامع عنوان سان پئي ورجايو آهي. ’پيغام سنڌ‘ واري ان فڪر کي سمجهڻ لاءِ، سيد صاحب وڌيڪ چيو ته:

”ائين ته هر ملڪ ۽ قوم کي پنھنجو پيغام ٿئي ٿو، ليڪن سنڌ کي جاگرافيائي ۽ تاريخي طرح مختلف ڪلچرن ۽ مذهبي عقيدن جي ميلاپ ڪري، خاص خصوصيتون هيون.“ (خطبات سيد، ص 102)

بزمِ صوفياءِ سنڌ جي هن ڇھين ڪانفرنس واري خطبي ۾ مٿي ذڪر ڪيل جاگرافيائي ۽ تاريخي خاصيتون جيڪي سنڌ جي پيغام جي انفراديت ظاهر ڪن ٿيون، انھن نُڪتن کي سمجهڻ لاءِ سيد صاحب هِن خطبي ۾ هيٺيان سوال اُٿاريا:

1)      سرزمين سنڌ جون ڪهڙيون تاريخي ۽ جاگرافيائي خصوصيتون هيون؟

2)     ان جي خاص پيغام جا ڪهڙا مکيه متا هئا؟

سيد صاحب هن خطبي ۾ مٿي ذڪر ڪيل ٻنهي اهم نُڪتن تي تفصيلي روشني وڌي. هتي غور طلب ڳالھه اها آهي ته هي خطبو سيد صاحب نومبر 1966ع ۾ ڏنو هو، پر ان ۾ جيڪو سنڌ جي جاگرافيائي ۽ تاريخي خاصيتن بابت بيان ڪيو اٿس، ان ۾ ڊسمبر 1943ع تي ڪراچي ۾ منعقد ٿيل آل انڊيا مسلم ليگ واري ساليانه اجلاس وقت بيان ڪيل ڳالھين جو ورجاءُ ڪيو اٿس. سندن ان دور ۾ ڪيل اُهي ڳالھيون ظاهر ڪن ٿيون، ته سيد صاحب سرزمين سنڌ جي آزادي ۽ خودمختياريءَ واري حوالي سان ورهاڱي کان اڳ ئي ڪيترو نه واضح هو.

سيد صاحب سنڌ جون خاص خصوصيتون هيٺين حوالن سان ظاهر ڪيون آهن.

هي سرزمين قديم تھذيبن جو آشيانو هئڻ ۽ انھن جي ميلاپ سان هڪ مخصوص تهذيب جو وجود وٺڻ، جنھن سان پنھنجو پاڻ هڪ شاندار قومي ورثي وجود ورتو. جيڪو اڄ دنيا وارن لاءِ سنڌين جي هڪ سبق آموز ميراث آهي.

ان ئي حوالي سان هي سرزمين سنڌ، دنيا جي مختلف نسلن جهڙوڪ: دراوڙ، آريا، سامي ۽ منگول نسلن سان مقامي ماڻھن جي ميلاپ هڪ نئون رواداريءَ وارو تصور پيدا ڪيو. اهڙي گهڻ نسلي فطري ميلاپ واري حوالي سان سيد صاحب چوي ٿو: ”نه صرف نسلن جو ميل جول هن زمين ۾ ٿيو، ليڪن مختلف مذهبن ۽ فلسفن جو هڪ ٻئي تي اثر ۽ ميلاپ پڻ جھڙو هتي ٿيو، اهڙو ٻيءَ جاءِ تي ڇِٽو ٿيو هوندو.“ مذهبن ۽ فلسفن واري ان فطري ميلاپ جي سلسلي ۾ سيد صاحب واضح ڪيو ته:

”ٻُڌ ڌرم جيتوڻيڪ وچ هندوستان ۾ پيدا ٿيو، ليڪن اهو هن زمين تي وڌيو ۽ ويجهيو، اسلام جڏهن هن زمين تي پير پاتو، ته ٻُڌ ڌرم اڃا مروج هو ۽ هتي جي رهاڪن مهاتما گوتم جي نفيءَ وارو سبق اڃا نه وساريو هو. اسلام صرف اڳينءَ تعليم ۾ اثبات جو اضافو ڪيو. ويدانت ۽ وحدانيت جا فلسفا ۽ متا هتي ئي هڪ ٻئي تي اثرانداز ٿيا: هڪ طرف وحدانيت هندو يوڳيءَ تي اثر وجهي، بت پرستيءَ کي گهٽايو، ته ٻئي طرف مسلم درويشن سنياس مان سبق ورتا ۽ راڳ کي تصوف جو جزو بنايو. هندو- مسلم عقيدا باهمي سمجهوتي ۽ رواداريءَ سان هڪ ٻئي جي نزديڪ اچڻ لڳا.“ (خطبات سيد، ص 103)

ان سلسلي ۾ سياسي نقطئه نگاهه سان تجزيو ڪندي، سيد صاحب هن سرزمين جي شادابيءَ کي نظر ۾ رکندي مختلف قبيلن ۽ قومن جي اچڻ، قبضو ڪرڻ ۽ مستقل طور رهي پوڻ جو سبب بنجڻ جو ذڪر ڪندي واضح ڪيو ته:

”هر دور ۾ نوان نسل، تازي رت ۽ نئين ولولي سان، هتي آباد ٿيندا پئي رهيا آهن. گهري نظر وجهڻ سان هتي بابل، مصر، ايران، يونان، عرب ۽ افغانستان جا سياسي ۽ ڪلچرل اثر نمايان صورت ۾ ڏسڻ ۾ ايندا.“ (خطبات سيد، ص 104)

سيد صاحب سرزمين سنڌ جي قديم شان شوڪت جي روشنيءَ ۾ هن ملڪ جون تاريخي ۽ جاگرافيائي حالتون بيان ڪرڻ بعد، سرزمين سنڌ جي خاص پيغام کي سمجهڻ جي سلسلي ۾ هن ملڪ جي مٿي ذڪر ڪيل ماحول جي روشنيءَ ۾ واضح ڪري ٿو ته:

”ماڻھن جي وچ ۾ باهمي اتفاق ۽ ميلاپ جا مختلف بنياد پئي رهيا آهن، جاءِ رهائش (وطن)، زبان، زندگيءَ جو طريقو ۽ خيالات انھن مان مکيه آهن. اڄڪلهه نظريا (ISMS) چوطرف فيشن بنبا وڃن، پر انھن به امن آڻڻ جي عيوض مورڳو زياده فساد پيدا ڪيا آهن. جزوي حل، جدا جدا نالن ۾، عارضي عرصي لاءِ مشتعل رهڻ کان پوءِ تاريخ جي ڪسوٽيءَ تي پرکجڻ بعد ازخود بيڪار بنجيو پون. جيسيتائين مختلف سياسي، اقتصادي ۽ مذهبي نظرين جي اختلاف مٽائڻ لاءِ حل ڳولي نه ڪڍيو ويو آهي، (تيسيتائين) دنيا ۾ دائمي اتحاد ۽ امن قائم ٿيڻ مشڪل پيو نظر اچي. انھيءَ حل ڳولي لهڻ لاءِ، خاص ماحول ۽ تاريخي روايتن هيٺ، ذهني تربيت جي حاصلات هڪ لازمي شرط آهي.“ (خطبات سيد، ص 105)

سيد جي نظر ۾ مٿي ذڪر ڪيل لازمي شرطن جو پورائو سنڌ ئي بھتر نموني ڪري سگهي پئي، ان ڪري سيد صاحب واضح ڪيو ته:

”انھيءَ مشن جي سرانجاميءَ لاءِ سرزمين سنڌ جا رهاڪو زياده موزون آهن... ڇاڪاڻ ته دنيا جي نئين تعمير لاءِ، جنھن ۾ مشرق ۽ مغرب جا ويڇا مٽجي، هڪ وحدت ۾ گڏجڻا آهن، سرزمين سنڌ کي خاص پيغام پيش ڪرڻو آهي.“ (خطبات سيد، ص 105)

سيد صاحب ستر سال اڳ مٿي ذڪر ڪيل خيالن واري تصور کي ’پيغام سنڌ‘ جھڙي جامع اصطلاح ۾ پيش ڪري، ان جي وڌيڪ سمجهاڻي هن طرح ڏئي ٿو:

”انساني زندگيءَ جا مکيه مقصد اتحاد انساني، امن عالم ۽ ماڻھن جي روحاني ۽ جسماني ترقي هئا، هيٺ آءٌ اتحاد انساني جي حصول جي مسئلي تي روشني وجهڻ جي ڪوشش ڪندس، ڇاڪاڻ ته اتحاد انساني، امن عالم جو ضامن آهي ۽ امن عالم انسان ذات جي ترقيءَ لاءِ مددگار ۽ معاون ٿئي ٿو.“ (خطبات سيد، ص 106)

سيد ’پيغام سنڌ‘ جي سولن لفظن ۾ سمجهاڻي هيٺ ذڪر ڪيل هڪڙي سِٽ ۾ بيان ڪندي چوندو هو ”اتحاد انساني، امن عالم ترقي بني آدم“ غور ڪري ڏسجي ته اها سِٽ ڪيڏي نه وسيع معنيٰ ۽ مفھوم واري آهي.

اتحاد انساني، يعني اهڙا طور طريقا جن سان نفاق نه ٿئي، انسان ذات هڪ ٻئي کي ويجهو ٿي، اتحاد سان هلي. ويڙهه وڙهاند کي ختم ڪرڻ وارو اهو اتحاد، امن عالم پيدا ٿيڻ جو سبب بڻبو، ۽ پوءِ جڏهن عالم ۾ امن هوندو، تڏهن ئي بني آدم جي ترقيءَ واري راهه نڪرندي. سيد صاحب جي خيال ۾ مٿي ذڪر ڪيل فارمولي تي عمل بابت ابتدائي تياريءَ وارو ميدان سرزمين سنڌ هئي. ان سلسلي ۾ سيد هيٺيان بنيادي 5 نُڪتا پيش ڪري ٿو:

1. ڪثرت مذاهب پويان بنيادي وحدت جي ڄاڻ:

هونئن ته هر مذهب پنھنجي حق تي هئڻ جو دعويدار پئي رهيو آهي. اهڙي تصور سبب پاڻ کي ٻين تي برتر تصور ڪرڻ ۽ ٻين کي ڪمتر ظاهر ڪرڻ وارو رجحان پئي پيدا ٿيو آهي. پر سنڌ جي سرزمين تي جيئن ته مختلف مذهبن جو ميلاپ پئي ٿيو آهي ۽ هر مذهب ڪنھن نه ڪنھن حوالي سان هن سرزمين تي پنھنجا پنھنجا اثر پئي ڇڏيا آهن. ان ڪري سيد صاحب سنڌ جي سرزمين جو اهو راز پروڙي هن طرح اظھار ڪيو ته:

”سڀني مذهبن ۾ ڪي اهڙا به ماڻھو هئا، جن انھن (نوري ۽ ناري) دعوائن کي اڻ پورو ۽ وڌاءُ ٿي ڄاتو، هنن سڀني مذهبن پويان بنيادي وحدت ۽ سچ جا جزا پرکيا هئا. سنڌ جا اڪثر درويش اُن اصول جا قائل پئي رهيا آهن. هُنن گهڻي وقت کان جملي مذهبن جي پويان بنيادي وحدت پرکي، اُن جو پرچار ڪيو آهي.“ (خطبات سيد، ص 108)

2. قومي تفوق ۽ خودمطلبي کي ختم ڪرڻ:

خودمطلبي ۽ خود غرضي ختم ڪرڻ ۽ هر انسان کي ڪُل جو جز تصور ڪرڻ، ڪنھن به حوالي (ذاتي توڙي قومي) واري برتري کي سيد جو بيان ڪيل ”پيغامِ سنڌ“ اهڙي عمل جي نفي ڪري ٿو. ان حوالي سان سيد صاحب ”پيغام سنڌ“ جي ٻئي نُڪتي طور واضح ڪيو ته:

”اتحاد انسانيءَ لاءِ ٻيو پيغام، جو سنڌي درويش ڏنو آهي، سو فسطائي نظريي جي قومي برتريءَ ۽ خودمطلبيءَ کي انسان ذات جي مجموعي مفاد لاءِ ايثار ۽ قربان ڪرڻ جو آهي. (ڇاڪاڻ ته) هنن (سنڌ جي صوفين) قومن کي انسان ذات جي جسم جا جزا ڄاتو هو.“ (خطبات سيد، ص 109)

ان سلسلي ۾ سيد، قرآن مجيد جي اها آيت پيش ڪئي آهي، جنھن ۾ قومن ۽ قبيلن کي باهمي شناخت لاءِ ورهائڻ جي باوجود واضح طور چيو ويو آهي ته:

”خدا وٽ اُهوئي ڌڻيل آهي، جنھن جا ڪم چڱا آهن.“ (خطبات سيد، ص 104)

ان آيت ۾ ڪنھن به رنگ نسل، قبيلي جي ڪري برتريءَ واري سوچ جي نفي ڪيل آهي.

3. نظرياتي پوئلڳيءَ کان پاسي رهڻ:

سنڌ ۾ اهو عام رواج ٿي چڪو آهي ته نظرياتي فرق جي نالي ۾ سماج ۾ افراتفري پيدا ڪئي پئي وڃي، ان سلسلي ۾ مذهبي بنياد پرستي ۽ ڪميونسٽ سوشلسٽ انتھاپسندي وارو رجحان زوران زور آهي. قربدار ڪميونسٽ ته پنھنجي جاءِ رهيا، پر انھن جا مختلف قومن ۾ پيدا ڪيل نمائندا جيڪي پاڻ کي ڪميونسٽ طور اظھاريندي وڏيون دعوائون ڪن ٿا. اهي سيد جي جيئري ته مجبوريءَ ۾ خاموش رهيا پر هاڻ سيد جي نه هئڻ واري حالت ۾، سيد طرفان ماضيءَ ۾ ڪيل ڪمن جھڙوڪ 1932ع ۾ هاري ڪميٽي جوڙائڻ، 1948ع ۾ عوامي جماعت جو ٺهرائڻ، يا ڪن ٻين تقريرن جا حوالا ڏيو، سيد جي فڪر و عمل کي من پسند نموني پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا. جڏهن ته سيد، سنڌ جي صوفين واري فڪر جي روشنيءَ ۾ پنھنجي ڳالھه بنھه واضح نموني بيان ڪري ٿو ته:

”اتحاد انسانيءَ لاءِ ٽيون سبق، جو صوفيائي سنڌ سيکارين ٿا، سو اهو آهي ته ڪنھن به مذهبي، اقتصادي، سياسي نظريي کي مڪمل ڄاڻي، اُن جي مطلق انڌي پوئلڳيءَ کان پرهيز ڪرڻ گهرجي.“ (خطبات سيد، ص 110)

4. تشدد (هنسا) جي طريقي کي ترڪ ڪرڻ:

پيغام سنڌ جي سلسلي جو چوٿون نُڪتو تشدد کي ترڪ ڪرڻ بيان ڪيو ويو آهي. ان نُڪتي جي سمجهاڻي ڏيندي سيد صاحب، سنڌ جي صوفياڻي فڪر جي روشنيءَ ۾ لکي ٿو:

”سنڌ جي درويشن اتحاد ۽ امن جي ڪُنجي، اهنسائي طريقن کي سمجهيو هو، ان موجب هر فرد ۽ قوم کي راءِ جي آزاديءَ جو مڪمل حق هو، اختلافن جي حالت ۾ انھن کي باهمي سمجهوتي ۽ رواداريءَ جي بنياد تي فيصل ڪرڻو هو. سمجهوتي نه ٿيڻ جي حالت ۾ ”لَكُمْ دِيْنُكُمْ وَلِيَ دِيْنِ“ معنيٰ: توهان جي لاءِ توهان جا رايا هجن ۽ منھنجي لاءِ منھنجا رايا. تي عمل ڪرڻو آهي.“ (خطبات سيد، ص 104)

حقيقت ۾ پيغام سنڌ جو سھپ ۽ رواداريءَ وارو اهوئي بنيادي نُڪتو آهي جنھن تي عمل ڪرڻ سان معاشرو بهتريءَ طرف سفر ڪري سگهي ٿو.

5. تنازع جي عيوض تعاون ذريعي ترقي ۽ بچاءَ جي راهه تي هلڻ:

’پيغام سنڌ‘ جو هي آخري نُڪتو، پنھنجو پاڻ ۾ باقي ٻين مٿي بيان ڪيل چئن نُڪتن جي روح جو نچوڙ ۽ نتيجو آهي ۽ اهوئي ’پيغام سنڌ‘ جو بنيادي مقصد آهي. هونئن ته دنيا اندر زنده رهڻ ۽ ترقي ڪرڻ لاءِ، مقابلي ۽ جدوجد وارن طور طريقن تي زور پئي رهيو آهي. ان مقصد جي حاصلات لاءِ ٿيندڙ ڪوششون مستقل مفاد واري شڪل اختيار ڪيو وڃن. اهڙي طرح جهڳڙن ۽ فسادن جو هڪ اڻکٽ سلسلو شروع ٿي وڃي ٿو. ان ڪري ’پيغام سنڌ‘ واري هن نُڪتي مان سبق ملي ٿو ته:

”اسان کي انھيءَ رويي کي ترڪ ڪري، بچاءَ ۽ ترقيءَ لاءِ تعاون جي راهه اختيار ڪرڻي آهي. جا سواءِ ڪس کائڻ جي حاصل نه ٿيڻ واري آهي.“ (خطبات سيد، ص 111)

غور ويچار ڪبو ته سڀني مذهبن مان بنيادي وحدت واري واٽ ڳولڻ قومي برتري ۽ خودمطلبيءَ واري رجحان کي ترڪ ڪرڻ، غير جانبدار رهندي ڪنھن به (هڪ) نظرياتي پوئلڳيءَ واري رجحان کان پاسو ڪرڻ، تشدد کي ترڪ ڪري تعاون لاءِ هٿ وڌائڻ جھڙا رجحان جڏهن قوم ۾ پيدا ڪرائبا، تڏهن ئي اختلافي ڳالھين کان هٽي ڪري، تعاون واري واٽ وٺڻ سان ئي، دنيا ترقي ڪري سگهندي. هي دنيا جيڪا اسان سڀني جو گهر آهي. ان جي ترقي بهتري ۽ ڀلائي سموري انسان ذات لاءِ ضروري آهي. اهوئي هن خطبي جو بنيادي مقصد آهي.

سيد صاحب طرفان ڏنل افتتاحي خطبي کانپوءِ ضعيف العمر بزرگ شيخ عبدالمجيد سنڌي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سنڌ جي عظمت ۽ ڪلچرل خوبين بابت تقريرون ڪيون. ان کانپوءِ شيخ اياز ”سنڌي شاعريءَ جو مزاج“ عنوان هيٺ خطبو پڙهيو، جنھن ۾ هن شاعريءَ جي ماضيءَ واري ميل ۽ بين الاقواميت واري اثر جو اظهار ڪندي، اها ڳالھه سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، ته ڪلاسيڪي يا اساسي شاعريءَ وارن اثرن ۽ خاص طور صوفياڻي شاعري تي ڪاليداس جي ’مينگهو دت‘ ۽ ’ڪبير‘ وارن اثرن کي جيڪو نه سمجهندو، اهو سنڌي شاعريءَ جي مزاج کان پوري ريت واقف ٿي نه ٿو سگهي، ان پس منظر کي سمجهڻ کانسواءِ اُهو ان شاعري واري اصل مقصد بيان ڪرڻ کان به قاصر رهندو. ان سلسلي جا هُن ’ڪاليداس‘ جي ’شڪنتلا‘ ۽ ’مينگهودت‘جا مثال کڻي، ڀٽائي جي شاعريءَ سان ڀيٽا ڪندي مشابهت ڪري ڏيکاريندي بيان ڪيو ته:

”برصغير ۾ ٻه انساني مساوات جون روحاني تحريڪون پيدا ٿيون، جن انسان کي تعصب، تفرقي بازيءَ، ابن الوقتيءَ ۽ خودپرستيءَ خلاف تلقين ڪئي، جن انسان جي خمير ۽ ضيمر کي سڀ کان اهم درجو ڏنو ۽ دولت ۽ اقتدار جي هوس کي هن جي روحاني ترقيءَ لاءِ رڪاوٽ سمجهيو، انھن سڀني تحريڪن جو تَتُ ڀٽائيءَ جي بيت ۽ وائيءَ ۾ سمايل آهي: شاهه جو رسالو سماوي الھام نه آهي، اهو هن ڌرتيءَ جو الھام آهي. جو هوءَ ڪيتري وقت کان سيني ۾ سانڍيندي آئي هئي ۽ جڏهن ان جو پيغمبر پيدا ٿيو، تڏهن ان جي واتان اهو پيغام گل ڦل ٿي پکڙجي ويو.

(اياز، خط، انٽرويو تقريرون-I، ص 235)

سنڌ جي جديد شاعريءَ جو پس منظر ۽ ان ۾ ڀٽائيءَ جي دين واري پيغام بابت شيخ اياز ان مقالي جي آخر ۾ اظھار ڪيو ته:

”ته ڀٽائي عظيم آهي، پر سنڌ عظيم ترين آهي، ته ڀٽائي سان اسان جو سلسلو دراصل پنھنجيءَ ڌرتيءَ سان ناتو آهي؛

ته سنڌ جي ڌرتي انھيءَ انساني اقدار جو سرچشمو آهي، جنھن ۾ برصغير مرده ضمير لاءِ آب حيات آهي؛ ته ڏات سَسِتي آهي، ۽ ضمير مھانگو آهي، ۽ ضمير جي حصول لاءِ سر جو سودو سھانگو آهي، ته فن جيستائين زندگيءَ جو ضمير نه آهي، تيستائين اهو پاڻيءَ تي چِٽُ آهي، ان ۾ ڪائي پايندگي نه آهي.“

(اياز، خط انٽرويو، تقريرون-I، ص 237)

سنڌي شاعريءَ جي مزاج بابت اياز جي ان پُرمغز تقرير کان پوءِ مولانا غلام محمد گرامي ترقي پسند ادب، جديد شاعري ۽ سنڌ جي قديم ورثي بابت شاندار تقرير ڪئي.

گرامي صاحب جي تقرير کانپوءِ شيخ اياز جي صدارت ۾ مشاعري جي محفل شروع ڪئي وئي، جنھن ۾ ’مومن‘ مليرائي، عبدالخالق ’شھيد‘، ’گلزار‘پليجو، عبدالحئي پليجو، مسٽر ’ناشاد‘، عبدالفتاح’عبد‘، رشيد ڀٽي، ’نور‘ عباسي، محمد خان مجيدي، ’استاد‘ بخاري، ’پروانو‘ڀٽي، ’نياز‘ همايوني،
’غلام حسين رنگريز‘، ’حيدر بخش جتوئي‘، عبدالڪريم
’گدائي‘، ’عارف الموليٰ‘، پنھنجي پنھنجي شاعراڻين خوبين سان محفل کي گرمائي ۽ جهومائي ڇڏيو.

آخر ۾ شيخ اياز تازا لکيل بيت ۽ وايون، مخصوص انداز ۾ پيش ڪري محفل وارن تي سَڪتو تاري ڪري ڇڏيو.

تنھن بعد رات جي مانيءَ جو وقفو ٿيو، ان کانپوءِ محفل موسيقي جو پروگرام شروع ڪيو ويو، اڳ وارين نشستن جي ڀيٽ ۾ موسيقيءَ واري هن محفل ۾ عوام جي ايتري ته پيهه هئي، جو رپورٽر جي رپورٽ موجب، ”تِرَ ڇٽڻ جي جاءِ ڪانه هئي.“

موسيقيءَ واري ان محفل ۾ مقامي فنڪارن کانسواءِ، ’سائين اختر‘، ’استاد منظور علي‘، ’فقير عبدالغفور‘
۽
’زرينه بلوچ‘ حصو وٺندي فجر جي ٻانگن تائين محفل کي مچائي رکيو.

ڇھين سنڌ ثقافتي ڪانفرنس واري پروگرام ۾، ’بزم صوفياءِ سنڌ‘ جي جنرل سيڪريٽري محترم رسول بخش پليجي صاحب پنھنجي آجيان واري تقرير ۾  بزم جي پروگرام ۽ پاليسيءَ بابت گفتگو ڪندي اظھار ڪيو ته: ”گذريل ڇھن مھينن ۾ هيءَ ڇھين ڪانفرنس ڪٺي ٿي رهي آهي. انھن سڀني ڪانفرنسن کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ اديبن، نوجوانن، شاگردن قومي ڪارڪنن، شاعرن ۽ راڳ ۽ سرود جي ڄاڻن هرڪا ڪوشش ڪئي آهي. ائين زمين هموار ڪرڻ بعد، هاڻ تحريڪ کي ٻئي مرحلي تي رسائڻ جو وقت آيو آهي، جنھن ۾ اسان سڀني کي هيٺين مکيه مسئلن تي غور ڪري ڪو مستقل پروگرام رٿي، ان کي عملي جامو پھرائڻو آهي.“ (خطبات سيد، ص 96)

اهي مکيه مسئلا هئا، جن بابت هن آئيني پروگرام ۾ صلاح مصلحت ٿيڻي هئي. بزم جي سيڪريٽري انھن مسئلن جو ذڪر هن ريت بيان ڪيو:

1)            بزمِ صوفياءِ سنڌ يا سنڌ ڪلچرل سوسائٽي جا مقصد ۽ مرادون مقرر ڪري، دستور العمل ٺاهي، ان جو نظام قائم ڪرڻ.

2)          بزم جو مرڪز قائم ڪري، اتي وقت بوقت ملي، مقصد جي حصول لاءِ خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ ۽ تجويزون سوچڻ.

3)          ضلعي اندر بزم جون برانچون قائم ڪري، انھن کي مخلص ڪارڪنن جي چارج ۾ ڏنو وڃي.

4)          سنڌ جي ڪلچرل پيغام پکيڙڻ لاءِ موثر طريقا ڪتب آندا وڃن.

5)           سنڌ جي راڳ سرود، راندين، ادب، زبان ۽ معاشرتي ترقيءَ لاءِ جدوجھد ڪرڻ. (خطبات سيد، ص 97)

مٿي ذڪر ڪيل مقصدن لاءِ 18- نومبر 1966ع تي سن ۾ آئيني ڪاميٽي جو اجلاس گهرايو ويو.

مٿي ذڪر ڪيل مقصد ان آئيني ڪانفرنس جا غور طلب نُڪتا هئا.

ان مجلس جي پھرين ڪاروائي 5 بجه شام جو شروع ٿي، جنھن جي ابتدا ۾ محترم جي.ايم.سيد افتتاحي تقرير ڪئي.

سيد صاحب پنھنجي تقرير ۾ هيٺين ٽن مکيه ڳالھين بابت وضاحت ڪئي:

1.             هيترو وقت سياست ۾ رهڻ بعد، هاڻ سياست کان ڪناره ڪشي (بزم صوفياءِ سنڌ ٺاهي) ڇو ٿو ڪرڻ گهران؟

2.           ’بزمِ صوفياءِ سنڌ‘ جي قائم ڪرڻ لاءِ ڪھڙا ڪارڻ هئا، ۽ اُن مان منھنجو ڪھڙو مقصد آهي؟

3.           انھن مقصدن کي سرانجام ڪرڻ لاءِ، ڪھڙا طريقي ڪار اختيار ڪرڻ گهرجن؟

بزم صوفياءِ سنڌ واري حوالي سان مٿي بيان ڪيل نُڪتا حقيقت ۾ هڪ ئي سلسلي جي ڪَڙي آهن. اهو ايئن ته ڊگهو عرصو مختلف سياسي ڌرين سان گڏجي ڪم ڪرڻ کانپوءِ جڏهن سيد صاحب، سياست کان ڪناره ڪشيءَ واري ڳالھه ڪري ٿو ته ان عمل لاءِ ماضيءَ وارن تجربن جي روشنيءَ ۾ معقول سبب بيان ڪري ٿو ۽ اهي ئي بنياد ’بزم صوفياءِ سنڌ‘ جي قائم ڪرڻ جو ڪارڻ بنيا ۽ جڏهن به مقصد جو تعين ٿيو وڃي، تڏهن ان جي حاصلات لاءِ ڪونه ڪو طريقي ڪار اختيار ڪرڻ جي ضرورت پوندي آهي. هاڻ ڏسڻو اهوئي آهي ته تجربن جي روشنيءَ ۾ سيد صاحب ڪھڙا نتيجا اخذ ڪيا ۽ انھن جي حاصلات لاءِ ’بزم صوفياءِ سنڌ‘ جھڙي تحريڪ جي ڇو چونڊ ڪئي ۽ گهربل مقصد جي حاصلات لاءِ ڪھڙا طور طريقا استعمال ڪيا ويا.

سياست عمليءَ کان ڪناره ڪشي:

سياست جي ميدان ۾ ڊگهو عرصو هلڻ ۽ مختلف جماعتن سان ڪم ڪرڻ کان پوءِ سيد صاحب اڳيان اها ڳالھه عيان ٿي ويئي، ته ان ميدان ۾ هڪڙا ماڻھو عملي سياست واري طريقي تي هلندڙ آهن ۽ ٻيا قومي شعور پيدا ڪرڻ لاءِ نظرياتي بنيادن تي ڪم ڪرڻ گهرجن ٿا. عملي سياست جو تعلق لوڪل باڊيز کان وٺي اسيمبلي ۾ وڃڻ تائين، ننڍي وڏي اقتدار تي اچڻ سان هجي ٿو. ان ڪري اهڙا فرد، ان مقصد لاءِ ڪنھن سان به گٺ جوڙ ڪرڻ ۽ موقعي مان فائدو وٺڻ کي دانشمندي تصور ڪندي، اقتدار خاطر، ڪي بنيادي اصول به قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو وڃن، ڇاڪاڻ ته انھن لاءِ ڪھڙن به طريقن سان اقتدار ۾ رهڻ لازمي شرط هوندو آهي.

ٻيو گروهه: مٿي ذڪر ڪيل هٿ ڪنڊا استعمال ڪرڻ ۽ ڪمپرومائيز ڪري مزا ماڻڻ واري خيال کي ترڪ ڪندي، ”ڪن مکيه اصولن جي بنياد تي صف بندي ڪري عوام ۾ سياسي بيداري پيدا ڪرڻ ۽ خدمت خلق طرف (متوجھه) پئي رهيو آهي. (خطبات سيد، ص 113)

سيد صاحب انھن ٻنهي گروهن کي پريڪٽيڪل ۽ آئيڊلسٽ نالن سان نمايان ڪيو آهي. سيد صاحب پاڻ کي آئڊلسٽ يعني نظرياتي ڌر مان ظاهر ڪيو آهي. سيد غيرجانبدار طور آئيني ڪميٽي واري هن اجلاس ۾، مٿي ذڪر ڪيل ٻنهي گروهن بابت راءِ ڏيندي اظھار ڪيو ته:

”سنڌ ۾ ٻنھي گروهن جا ڪارڪن پئي رهيا آهن منھنجي خيال ۾ ٻئي جدا جدا نقطه نگاهه کان ڪامياب ٿي نه سگهيا آهن.“ (خطبات سيد، ص 113)

ٻيو، يعني نظرياتي گروهه جنھن جا مکيه نالا محترم جي.ايم.سيد، حيدر بخش جتوئي، قاضي فيض محمد، سوڀو گيانچنداڻي ۽ ڪي ٻيا شمار ڪري سگهجن ٿا. بقول سيد انھن، ”ڪمپرومائيز ذريعي طاقت جو حصول، بي بقا ۽ ملڪ جي مجموعي مفاد لاءِ نقصانڪار ٿي سمجهيو، ان ڪري هنن جو زياده توجھه ڪن مکيه اصولن جي بنياد تي جماعت بندي ڪري عوام ۾ سياسي بيداري پيدا ڪرڻ ۽ خدمت خلق طرف پئي رهيو آهي.“ (ايضاً، ص 113)

نظرياتي سياست ڪرڻ واري گروهه سان پنھنجي وابستگي ڏيکاريندي سيد پنھنجي ڪيل تجربن جي روشنيءَ ۾ واضح طور تي اظھار ڪري ٿو ته:

”آئيني طريقن سان اسان ننڍن صوبن وارا پنھنجا حق اقليت ۾ هئڻ ڪري وڏن صوبن جي مٿي ذڪر ڪيل (هڪ هٽيءَ واري) پاليسيءَ سبب حاصل ڪري نه ٿا سگهون. غير آئيني طريقن لاءِ ڪم از ڪم اسان غير موزون آهيون، عوام خواب غفلت ۾ سُتل آهي، ترت انھن جي بيدار ٿيڻ جو ڪوبه امڪان نظر نه ٿو اچي. اسان جو مٿانھون طبقو ذاتي مفاد لاءِ هر برو ڪم ڪرڻ واسطي تيار آهي. انھن حالتن هيٺ سياسي عمل جي ڪارڪنن کي جيئن وڻي ٿو تيئن ڪن ٿا. اسان نظرياتي بنيادن تي سياسي ڪم ڪرڻ وارن لاءِ دائره سياست محدود ٿي چڪو آهي، تنھن ڪري يا ته اسان کي ماٺ ڪري باقي زندگي پنھنجي علمي ادبي ۽ شخصي ڪمن ۾ گذارڻي آهي يا نئون طريقي ڪار سوچي پنھنجي قوتن کي ان جي سرانجاميءَ لاءِ صرف ڪرڻ گهرجي. اسان نه عھدن جا طالبو آهيون نه اقتدار جا.“ (ايضاً، ص 116)

دراصل ’بزم صوفياءِ سنڌ‘ نالي جماعت جوڙڻ جو اهوئي پس منظر هو، جنھن ۾ سيد صاحب نظرياتي بنياد تي ڪم ڪرڻ لاءِ مختلف ڌرين کي گڏيل بنياد تي، متحد ٿي ثقافت جي حوالي سان سگهارو آواز اُٿارڻ ۽ عوام تائين پهچي انھن ۾ پيدا ٿيل خامين کي دور ڪرڻ وارو اهو نئون طريقي ڪار اختيار ڪيو هو.

’بزم صوفياءِ سنڌ‘ قائم ڪرڻ وارن سببن ۽ ان سان وابسته مقصد بيان ڪرڻ بعد سيد صاحب واضح ڪيو ته:

”جيستائين اسان پنھنجي سوسائٽيءَ (معاشري) مان هيٺيون خاميون دور نه ڪيون آهن، ان وقت تائين اسان جي هر سياسي ڪوشش اجائي ويندي. قوم ۾ گهر ڪري ويل اهي خاميون هيٺيون بيان ڪيون اٿس: (1) خود مطلبي، (2) قومي شعور جي عدم موجودگي، (3) نفاق ۽ نفرت جو وجود، (4) بي همتي ۽ بزدلي.

مٿي ذڪر ڪيل خرابين کي دور ڪرڻ لاءِ باهمي مشوري بعد سنڌ جي درويشن جو پيغام (رواداري، غير جانبداري) ماڻھن تائين پھچائڻ تي زور ڏيندي سيد صاحب اظھار ڪيو آهي ته: ”اختلاف راءِ جو احترام ڪرڻ، باهمي برداشت جو مادو ڌاري ملڪي مفاد لاءِ ڪم ڪرڻ واسطي ڪارڪن تيار ڪرڻ تي زور ڏيندي. آخر ۾ ڪم جي طريقي ڪار کي هن طرح واضح ڪيائين:

1)            سياست ملڪ جي خلفشار ۾ پوڻ کان پري رهڻ گهرجي.

2)    سنڌ جي پيغام کي راسخ العلم (صحيح ڄاڻو) ۽ مخلص ڪارڪنن ذريعي بغير ڪنھن نمائش جي عام تائين پھچائبو.

3)          مخلص ۽ زندگيون وقف ڪرڻ وارن ڪارڪنن کي تربيت ڏئي، سنڌ جي گوشي گوشي تائين تحريڪ جو پيغام پھچائڻو آهي.

4)          رسالا، ڪتاب، باهمي تعلقات ۽ ملاقاتون ڪانفرنسون، مرڪز ۽ وقت بوقت گڏ ٿي تبادله خيالات ڪرڻ ۽ تجويزون سوچڻ اسان جي پيغام رسانيءَ جا مکيه ذريعا هئڻ گهرجن.

5)     راڳ، سرود، ڊرامن ۽ راندين کي ترقي ڏياري آله ڪار بڻائبو.

6)          صحيح تعليم رستي نفس جي اصلاح ڪرڻ، اخلاق کي درست ڪرڻ اسان جا مکيه مقصد هوندا.

7)    حب الوطني ۽ مارُن جي محبت اسان جي ايمان جو جزو رهنديون.

ڪم جي مٿي ذڪر ڪيل طريقي ڪار بابت بيان ڪرڻ کانپوءِ سيد صاحب آئيني ڪميٽي واري ان ايوان کي هيٺين ريت اپيل ڪئي:

”انھن (مٿي ذڪر ڪيل) چند معروضات سان اوهان کي تحريڪ جي نالي، آئين، پروگرام ۽ طريقي ڪار تي غور ڪري رهبري ڪرڻ لاءِ عرض ڪريان ٿو.“

بزم جي بنيادي مقصد بابت محترم جي.ايم.سيد پاران پيش ڪيل وضاحتي خطبي کانپوءِ، ”بزمِ صوفياءِ سنڌ“ جي آئين جو مسودو عام بحث لاءِ ايوان اڳيان پيش ڪيو ويو. جنھن جي روشنيءَ ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي صاحب، سيد جمال الدين بخاري ۽ سيد محمد باقر شاهه بحث ۾ حصو ورتو. اهڙيءَ ريت آئين جي پھرين پڙهڻي مڪمل ڪري، بزم صوفياءِ سنڌ جي مکيه ثقافتي ڪانفرنس (ڇھين) جي ڪاروائي هلائڻ خاطر اجلاس ملتوي ڪيو ويو.

ٻئي ڏينھن، 19 نومبر تي صبح جو ڪالھه وارو مھمل ٿيل اجلاس ٻيھر شروع ڪيو ويو، جنھن ۾ جناب ناشاد جي رپورٽ موجب، ”ٻن ٽن ڪلاڪن جي بحث مباحثي، ڳالھه ٻولھه ۽ صلاح مشوري سان آئين جو مسودو منظور ڪيو ويو. بزم جا عارضي طور ڪجهه عھديدار چونڊيا ويا.“ (خادم وطن 23 نومبر 1966ع)

آخر ۾ آئيني ڪاميٽي واري هن اهم اجلاس ۾ هيٺيان ٺھراءَ پاس ڪيا ويا:

ٺھراءُ نمبر پھريون: هيءَ ڪانفرنس اڳئين دفعي، داد شھيد عليھ الرحمت جي موقعي تي نامزد ڪيل عارضي ورڪنگ ڪاميٽي جي ميمبرن ۾ اضافو ڪري، ورڪنگ ڪاميٽي جو نظام هيٺينءَ طرح بيھاري ٿي:

1)            پير غلام حيدر شاهه صاحب، بلڙيءَ وارو، سجاده درگاهه شاهه عبدالڪريم عليھ الرحمت، صدر.

2)          پير شاهه ڏنو شاهه سائين، ڀٽ شاهه، سجاده درگاهه شاهه لطيف عليه الرحمت، ميمبر.

3)          سيد گل محمد شاهه صاحب، سيوهڻ، سجاده درگاهه قلندر شھباز عليھ الرحمت، ميمبر.

4)          سيد عليھ اصغر شاهه شيرازي، ٺٽو، سجاده درگاهه شاهه مراد عليھ الرحمت، ميمبر.

5)           سيد غلام مرتضيٰ شاهه سنائي، سجاده درگاهه شاهه حيدر عليھ الرحمت، ميمبر.

6)          پير شاهه نواز شاهه، ڊٺڙو، سجاده درگاهه سائين حسين بخش شاهه جيلاني عليھ الرحمت، ميمبر.

7)          پير حسام الدين راشدي، ڪراچي، اديب، ميمبر.

8)          شيخ مبارڪ اياز،سکر، شاعر، ميمبر.

9)          قاضي فيض محمد صاحب، نوابشاهه، قومي ۽ ڪلچرل ڪارڪن، ميمبر.

10)   مسٽر حفيظ قريشي، حيدرآباد، قومي ۽ ڪلچرل ڪارڪن، ميمبر.

11)     ڊاڪٽر تنويز عباسي، خيرپورميرس، شاعر، ميمبر.

12)   سيد محمد باقر شاهه، وڪيل خيرپورميرس، قومي ۽ ڪلچرل ڪارڪن، ميمبر.

13)   مولانا غلام محمد صاحب گرامي، حيدرآباد، صحافي، ميمبر.

14)   سيد جمال الدين بخاري، لاڙڪاڻو، صحافي، ميمبر.

15)    ميان غلام محمد خان لغاري، ميرپورخاص، قومي ۽ ڪلچرل ڪارڪن، ميمبر.

16)   مسٽر رسول بخش صاحب پليجو، حيدرآباد، اديب، سيڪريٽري.

نوٽ: نمبر 6، 7، 12، 13، 14 ۽ 15 وارا صاحب هن مجلس ۾ ورڪنگ ڪاميٽيءَ تي آندا ويا، باقي صاحب داد شھيد ڪانفرنس ۾ ڪاميٽيءَ تي مقرر ٿيا هئا.

ٺھراءُ نمبر ٻيون: هيءَ ڪانفرنس ”بزمِ صوفياءِ سنڌ“ جي باقاعده چونڊن تائين عارضي طرح ڪانفرنس جو هيڊ ڪوارٽر سن ۾ ڪري، آفيس جي ڪم جو ڪاروبار محترم جناب جي.ايم.سيد جي سپرد ڪري ٿي.

ٺھراءُ نمبر ٽيون: هيءَ ڪانفرنس ضلعي ڪاميٽين جا هيڊ ڪوارٽر ضلعن جي هيڊ ڪوارٽرس ۾ مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪري ٿي، ۽ ضلعي ڪاميٽين جي عارضي صدر ۽ سيڪريٽري مقرر ڪرڻ جا اختيار ورڪنگ ڪاميٽيءَ کي سپرد ڪري ٿي.

ٺھراءُ نمبر چوٿون: هيءَ ڪانفرنس آئنده ”بزمِ صوفياءِ سنڌ“ جي ڪانفرنسن ڪوٺائڻ لاءِ هيٺين صاحبن کي عرض ڪري ٿي، ته مڪاني طرح مشوري ڪرڻ بعد ڏيکاريل جاين تي، ڪانفرنس ڪوٺائڻ جو انتظام ڪري، سيڪريٽريءَ يا محترم جناب جي.ايم.سيد صاحب کي مطلع ڪرڻ فرمائين:

1.               پير سيد دامن علي شاهه، ٺل- سندس جدامجد دامن علي شاهه جي درگاهه تي ڪانفرنس ڪوٺائڻ جو ڪم.

2.             شيخ اياز صاحب ۽ سيد عبدالحسين شاهه صاحب موسوي- بيدل فقير جي درگاهه تي ڪانفرنس ڪوٺائڻ جو ڪم.

3.             سيد محمد باقر شاهه ۽ ڊاڪٽر تنوير عباسي صاحب- درازن ۾ سچل سرمست جي درگاهه تي ڪانفرنس ڪوٺائڻ جو ڪم.

4.             رئيس فقير رسول بخش خان صاحب انڙ- جمال شاهه جي درگاهه تي ڪانفرنس ڪوٺائڻ جو ڪم.

5.              سيد حاجي غلام شاهه امام علي شاهه- سانگھڙ ضلعي ۾ ڪانفرنس ڪوٺائڻ جو ڪم.

ٺھراءُ نمبر پنجون: هيءَ ڪانفرنس ”بزمِ صوفياءِ سنڌ“ جي مقصدن جي فروغ لاءِ مخلص ڪارڪنن جي 15 ڏينهن لاءِ تربيت ڏيڻ واسطي جڳهه مقرر ڪرڻ ۽ مختلف مضامين تي تربيت ڏيڻ لاءِ استاد مهيا ڪرڻ ۽ تاريخ مقرر ڪرڻ جو ڪم ورڪنگ ڪاميٽيءَ جي سپرد ٿي ڪري.

ٺھراءُ نمبر ڇھون: هيءَ ڪانفرنس ”بزمِ صوفياءِ سنڌ“ جي پيغام رسانيءَ لاءِ جملي ڪاليجن، هاءِ اسڪولن ۽ يونيورسٽيءَ جي استادن ۽ شاگردن جي جماعت ۾، شاخن برپا ڪرڻ واسطي انتظام ڪرڻ جو ڪم ورڪنگ ڪاميٽيءَ جي سپرد ٿي ڪري.

ٺھراءُ نمبر ستون: هيءَ ڪانفرنس بزم جي مقصدن جي تبليغ لاءِ مرڪزي فنڊ قائم ڪري، رسالو ڪڍائڻ، ڪتاب ڇپائڻ، سنڌ جي مکيه بزرگن جي سوانح عمرين ۽ قومي هيروز تي ڪتاب لکائڻ جو ڪم ورڪنگ ڪاميٽيءَ کي سپرد ڪري ٿي.

ٺھراءُ نمبر اٺون: هيءَ ڪانفرنس اهو نهايت ضروري سمجهي ٿي ته سنڌ جي جملي درويشن جي درگاهن، انھن تي ساليانه منعقد ٿيندڙ ميلن، سندن سجاده نشينن جي نالن ۽، ميلن تي ايندڙ ماڻھن جي تعداد جي تخميني جي لسٽ تيار ڪري، انھن تي بزم جي مجلسن سڏائڻ جو انتظام ڪري. لسٽ تيار ڪرڻ لاءِ هيٺين صاحب کي عرض ڪيو ٿو وڃي، ته هو سندن ضلعن بابت احوال محترم جناب جي.ايم.سيد صاحب کي سن جي مرڪز تي مھيا ڪن.

1)            لاڙڪاڻي ضلعي جي ميلن جي لسٽ بمع مٿي ذڪر ڪيل احوال جي ڪٺي ڪرڻ جو ڪم سيد جمال الدين بخاري ۽ سيد خادم حسين شاهه تي رکيو وڃي.

2)          ميرپور ضلعي لاءِ ڪم، ميان غلام محمد صاحب لغاريءَ جي حوالي ڪيو وڃي ٿو.

3)          ٺٽي ضلعي لاءِ ڪم، ميان احمد خان گلزار جي حوالي ڪيو وڃي ٿو.

4)          حيدرآباد، سانگهڙ ۽ نوابشاهه ضلعن لاءِ ڪم، پير شاهه نواز شاهه ڊٺڙي جي حوالي ڪيو وڃي ٿو.

5)     سکر ضلعي لاءِ ڪم، رشيد ڀٽيءَ جي حوالي ڪيو وڃي ٿو.

6)          خيرپورميرس ضلعي لاءِ ڪم، سيد محمد شاهه جي حوالي ڪيو وڃي ٿو.

7)          دادو ضلعي لاءِ ڪم، سيد ميان جڙيل شاهه جي حوالي ڪيو ٿو وڃي.

8)          جيڪب آباد ضلعي لاءِ ڪم، ميان عبدالڪريم گدائيءَ جي حوالي ڪيو وڃي ٿو.

ٺھراءُ نمبر نائون: هيءَ ڪانفرنس سنڌ جي جملي اديبن، شاعرن، ڊرامه نويسن کي عرض ٿي ڪري ته ”بزمِ صوفياءِ سنڌ“ جي مکيه مقصدن جي پکيڙڻ لاءِ، هيٺين ڳالھين تي شعر ٺاهين ته فنڪارن ۽ ڊرامه نويسن کي اُهي سيکاري سنڌ ۾ انھن کي عام ڪيو وڃي.

1.      مذهبي انتھاپسندي کي دور ڪري، مذهبي رواداري پيدا ڪرائڻ.

2.           سنڌين مان بزدلي ۽ بي همتي دور ڪري، منجهن سرويچي، قرباني ۽ همت پيدا ڪرڻ.

3.           خودمطلبيءَ جي مرض کي دور ڪرڻ.

4.           قومي شعور پيدا ڪرڻ لاءِ، درويشن جي حياتين ۽ اقوال تي ڪتاب لکڻ ۽ قومي هيروز جون سوانح عمريون لکڻ.

5.            نفاق ۽ نفرت جي نقصانن جو اظهار ڪري، محبت ۽ اتحاد جو پيغام ڏيڻ.

6.           پيغامِ سنڌ- اتحاد، امن ۽ انساني ترقي کي پکيڙڻ.

ٺھراءُ نمبر ڏهون: ”بزمِ صوفياءِ سنڌ“ کي هيءَ ڳالھه معلوم ڪري خوشي ٿي آهي، ته ملڪي ڪلچر ۽ ثقافت کي زور وٺائڻ ۽ ان جي مشھوريءَ لاءِ، پاڪستان حڪومت جا ڪارپرداز دلچسپي وٺي رهيا آهن، جنھن صورت ۾ ”بزمِ صوفياءِ سنڌ“ جو مقصد به ساڳيو آهي، هيءَ ڪانفرنس بزم جي سيڪريٽري کي هدايت ٿي ڪري ته هُو حيدرآباد ۽ خيرپور ڊويزن جي ڪمشنرن کي خط لکي، ان ڪم لاءِ بزم جي تعاون جي پيشڪش ڪري، جيڪڏهن انھن صاحبن طرفان خاطرخواهه ۽ همدردانه جواب ملي، ته وڌيڪ صلاح مصلحت لاءِ ٽي ڄڻا ساڻن ملي، طريقي ڪار جو فيصلو ڪن.

ٺھراءُ نمبر يارهون: هيءَ ڪانفرنس سنڌ جي جملي تعليمي ادارن، جھڙوڪ: ڪاليجن، هاءِ اسڪولن، پرائمري اسڪولن ۽ عربي مدرسن جي لسٽ گڏ ڪري، مرڪزي آفيس ۾ رکڻ نھايت ضروري ٿي سمجهي، ان ڪري سيڪريٽري کي هدايت ٿي ڪري ته اهڙيءَ معلومات جي مواد ڪٺي ڪرڻ جو بندوبست ڪري.

مٿي ذڪر ڪيل ڪاروائيءَ بعد اجلاس منجهند جي ماني کائڻ ۽ ڪجهه دير آرام ڪرڻ واري مقصد سان مھمل ڪيو ويو.

ساڳي ڏينھن شام جو ساڍي ڇھين بجي ”بزمِ صوفياءِ سنڌ“ جو ٻيو کليل اجلاس سيد گل محمد شاهه سجاده درگاهه قلندر شھباز عليھ الرحمت جي صدارت هيٺ ڪٺو ٿيو، جنھن ۾ پھرين ميان غلام محمد لغاري “بزمِ صوفياءِ سنڌ“ جي مقصدن جي تائيد ۽ طريقيڪار بابت مدلل ۽ پُرتاثر تقرير ڪئي، جنھن کان پوءِ مسٽر حفيظ قريشي ساڳئي مضمون تي نھايت عالمانه انداز ۾ تقرير ڪري، مجلس جي رهنمائي ڪئي. (ڏسجي ڪتاب بزمِ صوفياءِ سنڌ جي ڇھين سنڌ ثقافتي ڪانفرنس جو احوال ۽ بزم جو آئين)

تنھن بعد سنڌ جي سگهڙ ٻيڙي فقير سنڌ جي لوڪ رس تي ڄاڻ ڀري روشني وڌي.

ان کانپوءِ وري مشاعري جي محفل مچائي وئي. جنھن ۾ ”عارف الموليٰ“، ”محمد خان مجيدي“،  ”بردو سنڌي“، ”نياز همايوني“، ”عبدالڪريم گدائي“ ۽ ”شيخ اياز“ حصو ورتو.

اڄوڪي مشاعري جي محفل انتھائي سنجيدگي سان، شانائتي نموني ٿي گذري، ته پوءِ آخر ۾ راڳ جي محفل شروع ڪئي وئي. جنھن ۾ ڪيترن ئي مقامي فنڪارن کانسواءِ ”فقير عبدالغفور“، ”نورمحمد وگهايل“، ”مائي خورشيد“، ”محمد اشرف بينن وارو“، ”محمد اسحاق“، ”حامد علي“، ”فتح علي“، ”استاد خورشيد علي“،  ”استاد منظور علي“ خان حصو ورتو.

سنڌ جي عظيم قلعي رني ڪوٽ جو سير:

سنڌ جي ثقافتي ورثي جي اصليت ۽ اهميت کي سمجهڻ ۽ ٻين ماڻھن کي ان بابت آگاهي ڏيڻ، بزمِ صوفياءِ سنڌ جي مکيه مقصدن ۾ شامل هو. سن شھر کان اولھه طرف جبلن ۾ سنڌ جي عظيم الشان ديوار ’رني ڪوٽ‘ واقع آهي، جنھن جو دنيا جي وڏن قلعن ۾ شمار ٿئي ٿو. اهو قلعو اسان سنڌين جو هڪ تاريخي ورثو آهي. جنھن کي ظاهر ڪري عالمن جي اڳيان نروار ڪرڻ جي سلسلي ۾ سائين جي.ايم.سيد، ڪرنل رشيد جي هر طرح مدد ڪئي. جنھن پھريون ڀيرو سيد وٽان مليل معلومات جي روشنيءَ ۾ هن قلعي بابت 1962ع جي اقبال رويو ۾ هڪ شاندار مضمون لکيو، جنھن کان پوءِ دنيا وارن کي ان قلعي بابت ڄاڻ ملي. بزمِ صوفياءِ سنڌ جي آئيني ڪاميٽي ۽ بزمِ صوفياءِ سنڌ جي روايتي سنڌ ثقافتي ڪانفرنس واري هن ٻن ڏينھن واري پروگرام پوري ٿيڻ بعد 20 نومبر 1966ع تي سيد صاحب ان پروگرام ۾ آيل عالمن اديبن کي ان تاريخي قلعي جو مشاهدو ۽ مطالعو ڪرڻ جو انتظام ڪيو هو.

20 تاريخ صبح جو اڪثر اديب ۽ شاعر پنھنجي پنھنجي ڳوٺن ڏانھن روانا ٿي ويا، باقي رهيل هيٺ ذڪر ڪيل معززن کي رني ڪوٽ جو تاريخي قلعو ڏيکارڻ جو انتظام ڪيو ويو:

(1) جناب عبدالڪريم گدائي، (2) جناب حفيظ قريشي، (3) جناب غلام شاهه امام علي شاهه، (4) جناب رشيد ڀٽي، (5) جناب غلام محمد گرامي، (6) جناب محمد عثمان ڏيپلائي، (7) جناب مظفر جويو، (8) جناب غلام شبير، (9) جناب نياز همايوني، (10) جناب ناشاد، (11) جناب مومن مليرائي، (12) جناب غالب لطيف، (13) جناب عبدالفتاح ’عبد‘، (14) جناب ارباب نورمحمد پليجو، (15) جناب عبدالحئي پليجو.

مٿي ذڪر ڪيل قافلي وارا، شام جو رني ڪوٽ کان واپس ٿي، پنھنجي پنھنجي منزلن ڏانھن روانا ٿي ويا.

مددي ڪتاب:

1.      خطباب سيد، جي.ايم.سيد، نئين سنڌ پبليڪيشن ڪراچي

2.     بزم صوفياءِ سنڌ جي ڇھين سنڌ ثقافتي ڪانفرنس جو احوال ۽ بزم جو آئين.

3.     خط، انٽرويو، تقريرون، حصو پھريون شيخ اياز، نيوفيلڊس پبليڪيشن ڪنڊيارو.

4.     اخبار خادم وطن 23 نومبر 1966ع.

نوٽ: هن ڪانفرنس لاءِ جناب جي.ايم.سيد ۽ رسول بخش پليجي حوالي سان ڌار ڌار اشتھار شايع ٿيا هئا.

نوٽ: هن ڪانفرنس لاءِ جناب جي.ايم.سيد ۽ رسول بخش پليجي حوالي سان ڌار ڌار اشتھار شايع ٿيا هئا.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org