تحرير: ڊاڪٽر محمد سليم اختر
ترجمو: ڊاڪٽر غلام محمد لاکو

سنڌ ۾ تاريخي انشاءَپردازيءَ جي اوسر
(هڪ سوانحي ۽ ڪتابياتي جائزو)
فارسي ادبيات جي ٻين شعبن وانگر سنڌ جي پرڳڻي
انشاءَ، ۽ تاريخي نوعيت جي خطوط نويسيءَ ۾ به پاڻ
ملھايو آھي. البته ھن بابت اڄ تائين ڪو معياري
جائزو پيش نه ٿي سگھيو آھي. ھن حوالي سان ھڪ مضمون
سيد حسام الدين راشدي مرحوم لکيو ھو، جنھن کي
سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ”مھراڻ“ 1/1987ع ۾ شايع ڪرايو
ويو ھو. موضوع تي ٻيو جامع مقالو، پاڪستان جي
نامور اسڪالر ڊاڪٽر محمد سليم اختر تحرير ڪيو، جو
اسلام آباد مان نڪرندڙ ”جرنل آف ھسٽري اينڊ ڪلچر“
جلد
vii،
نمبر 1، جنوري-جون 1986ع ۾ ڇپيو ھو. ھن تحقيقي
مقالي کي پڻ مقصد ۽ افاديت جي لحاظ سان اھم سمجھي
سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو آھي. مصنف سنڌ جي اتھاس جي
ھڪ اھم ماخذ ”تاريخ مظھر شاھجھاني“ جو پڻ نھايت ئي
مستند ۽ معياري انگريزي ايڊيشن سال 1990ع ۾ پڌرو
ڪيو آھي[.
ابتدا کان ڪري مسلمان حاڪم ھڪ مدبر ۽ لائق منشيءَ
کي، پنھنجي درٻار جي اڻ ٽٽ حصي ۽ ھڪ اثاثي طور
قبول ڪندا ھئا، ۽ صدين کان ڪري انتظام، فن ۽ ادبي
مھارت جي پورائي لاءِ، مروجه
قاعدن، طريقن ۽ معيارن جي تڪميل، ھن اھم جاءِ
والاريندڙن لاءِ ضروري ھئي. جن کي ان دور جي
سرڪاري زبان ۾ دبير يا منشي سڏيو ويندو ھو(1).
ھندستان ۾ مغلن کان اڳ ئي ادب جي ھي شاخ پنھنجي
بلندين کي پھچي چڪي ھئي(2)، ۽ ھن عنوان تي ڪجهه
بھترين ڪتاب پڻ سموري اسلامي دنيا ۾ وڏي پيماني تي
پکڙجي چڪا ھئا(3).
ھمايون جي ڏينھن ۾ مولانا يوسفي ھراتيءَ نالي سندس
منشيءَ ھڪ ڪتاب ”بداع الانشاءَ“ ترتيب ڏنو ھو جو
انشاءَ جي فن بابت ھو(4). پر اھو اڪبر جو ئي زمانو
ھو جڏھن ھن موضوع تي ننڍي کنڊ جو ھڪ بھترين ۽ جامع
ڪتاب ”منشئات نمڪين“
سنڌ ۾ 1006ھه/1598ع
۾ ترتيب ھيٺ آيو، ۽ ساڳئي شھنشاهه کي منسوب ڪيو
ويو(5).
منشئات نمڪين، جو لکندڙ مير ابوالقاسم ”نمڪين“
ھو(6). ھو ھرات جو حسيني سيد ھو، جنھن پنھنجي
ملازمت جي ابتدا اڪبر جي ڀاءُ، ۽ ڪابل جي وائسراءِ
محمد حڪيم مرزا (963-993ھه/1555-1585ع)
وٽ ڪئي. پر پوءِ جلد ئي ھو ھندستان آيو ۽ اچي شاھي
ملازمت ۾ داخل ٿيو. اڪبر سندس ڀرپور آجيان ڪئي، ۽
ھن کي پنجاب ۾ ڀيرا ۽ خوشاب جي جاگير ڏنائين. اھو
سندس ھن جاگير تي رھائش جو ئي زمانو ھو، جتي لوڻ
جون کاڻيون ھيون. جڏھن شھنشاهه کي قاسم خان، لوڻ
جا ٺھيل پيالا پيش ڪيا، تڏھن پاڻ لاءِ ”نمڪين“
يعني ظريف (Witty)
جو
لقب حاصل ڪيائين*
ان بعد ھن پاڻ کي مختلف فوجي مھمن ۾ سرخرو ڪيو ۽
بادشاھه
پنھنجي حڪومت جي ٽيتاليھين سال ۾ کيس بکر جو
عملدار (1006ھه/1598ع) مقرر ڪيو. جھانگير جي شروع
واري دور ۾ نمڪين، شھزادي خسرو کي گرفتار ڪيو،
جڏھن ھن بغاوت ڪئي ھئي. ان طرح ھن ممڪن طريقي سان
ھن پاڻ کي شھنشاهه وٽ سرخرو ڪرايو ۽ قربت حاصل
ڪئي. ان بعد جھانگير، وقت به وقت کيس حساس
ذميدارين تي مقرر ڪيو، جنھن ۾ مرزا غازي بيگ سان
گڏ سندس قنڌار طرف روانگي به اچي وڃي ٿي. اھو ئي
دور ھو جڏھن پاڻ بکر ڏي موٽندي 1018ھه
يا 1019 ھه
(1609ع يا 1610ع) ۾ فوت ٿيو. ھن پٺيان ٻه
ڪتاب ڇڏيا آھن: ”منشئات النمڪين“ ۽ ”جامع
الجواھر“(7).
انشاءَ نويسيءَ جي ڪتابن کي ٽن مکيه
درجن ۾ ورھائي سگھجي ٿو. پھرئين درجي ۾ فن منشي
گيريءَ ۾ ھڪ سٺي منشيءَ جي خاصيتن جي ڪتابي اپٽار
ملي ٿي. ٻئي درجي ۾ مختلف ماڻھن جي اصلي خطن جي
ميڙا چونڊي، يا وري ڪنھن خاص دور، علائقي يا ڪنھن
خاندان جي متعلق ڪاغذن ۽ سفارتي خطن پٽن جي ترتيب
اچي وڃي ٿي. ٽيون قسم اھڙن ڪاغذن ۽ دستاويزن جو
آھي، جي مختلف وقتن تي منشين ۽ سيڪريٽرين جي
استعمال لاءِ ھڪ نمونو (Sample)
بنجن ٿا. ان ھوندي به ته اھڙي ورھاست دلچسپ آھي،
پر ان لاءِ آخري حرف چوڻ ڏاڍو ڏکيو ڏسجي ٿو.
منشئات النمڪين، تي ڳالھائيندي اسين ان کي آخري
درجي ۾ رکنداسين. تنھن ھوندي به ان ۾ ٻئي درجي
واري انشاءَ نويسيءَ جون اڪثر خوبيون ڏسڻ ۾ اچن
ٿيون. نمڪين ھي مجموعو مرتب ڪندي عنوان تي اڳين
ڪتابن جھڙوڪر: خواند مير (م: 942ھه/1535ع) جو
”نامئه
نامي“ ۽ حافظ ابرو (م: 834ھه/1431ع)
جي ”تاريخ“(8)، پڻ اڳيان رکي آھي. مجموعي کي ڏسڻ
سان سندس طرفان سرڪاري ڪاغذن (Archives)
جي استعمال جي به خبر پوي ٿي. پنھنجن دوستن سان
لکپڙھه
۽ ھمعصرن سان ڪاغذي مٽا سٽا پڻ، ھن جي ”انشاءَ“ جو
ھڪ وڌيڪ ماخذ آھي.
ھن ڪتاب ۾ اَٺ
باب آھن جي وڌيڪ حصن (فصلن) ۾ ورڇيل آھن ۽ ان ۾ ھڪ
خاتمو به ڏسجي ٿو. پھرئين باب ۾ خطن لکڻ جي فن جي
اصليت تي لکيو ويو آھي. ٻئين باب ۾ شاھي فرمانن ۽
سفارتي ڪاغذن جا نمونا (Specimen)
ملن ٿا. ٽئين باب ۾ آداب تسليمات، اعزازي لقبن،
اکرن ۽ انھن اھڃاڻن جو پرو پوي ٿو، جي رعايت يافته
طبقي جي ماڻھن ۾ رائج ھئا. چوٿين باب ۾ اھڙا خط
آھن جي ھيٺئين درجن جا ماڻھو وڏن ماڻھن کي لکن ٿا.
پنجين باب ۾ اھڙا مثالي خط آھن جي مختلف درجن جي
ماڻھن جھڙوڪر: روحاني رھبرن، سيکڙاٽن، استادن ۽
شاگردن جا لکيل ھجن ٿا. ڇھين باب ۾ تعزيتي ۽
مبارڪبادي نوعيت جا خط ڏسجن ٿا. ستين باب ۾ مختلف
نوعيت جا نوشتا، دستاويز ۽ قبوليت نامه
آھن. جدا جدا عنوانن تي مختصر خط (رقعات) اٺين باب
۾ آھن. خاتمو جيئن اھڙن ڪتابن جو ٿيندو آھي، ان
کان مختلف آھي، جنھن ۾ مذھبي عنوان آھن ۽ دعائن جا
قسم ڏنل آھن، جي نمڪين موجب مختلف بيمارين جي
ڇوٽڪاري لاءِ آھن. ھن مجموعي ۾ خطبات به ڏنل آھن
جي خاص ڌيان لھڻن ٿا.*
جيتوڻيڪ مصنف مخاطب شخصيتن جا نالا ڪٽي ڇڏيا آھن،
ان ھوندي به سماجي ۽ اقتصادي، مذھبي ۽ سياسي توڙي
زرعي ۽ انتظامي عنوانن تي عام طرح ھندستان ۽ خاص
طرح سنڌ جي متعلق ”منشئات“ جي ھن مجموعي جي تاريخي
ماخذ جي حيثيت ۾ وڏي اھميت آھي.**
ان بعد ابوالفتح قابل خان جو نالو اچي ٿو. لاھري
بندر جي ھڪ متبرڪ خاندان ۾ ڄاول ابوالفتح، چوڏھن
سالن جي عمر ۾ ننڍي عملدار جي روپ ۾، شاھي ملازمت
۾ داخل ٿيو(9). سن 1059ھه/1649ع
۾ ملتان سان گڏ سنڌ جو صوبو به اورنگزيبي عمل دخل
۾ آيو(10). تڏھن ھن لاھري بندر جو روينيو رڪارڊ
ملتان طلب ڪيو(11). ابوالفتح به ان عملي ۾ شامل
ھو، جي رڪارڊ کڻي ملتان ويا ھئا(12).
ان
وقت ھو اٺاويھن سالن جي عمر جو ھو(13). جڏھن
شھزادي رڪارڊ جو معائنو ڪيو ۽ ان مان مطمئن ٿيو،
تڏھن ابوالفتح ھڪ درخواست پيش ڪئي. ان ذريعي ھن
لاھري بندر موٽڻ لاءِ سفر جي خرچ لاءِ گذارش ڪئي
ھئي. ھن جي فارسيءَ تي دسترس ۽ لکت جي منفرد اسلوب
کان اورنگزيب ايترو ته متاثر ٿيو، جو ھن نوجوان
ليکڪ کي پاڻ وٽ منشي ڪري رکيائين(14). ابوالفتح ھن
منصب تي ڏھن سالن کان به وڌيڪ وقت ڪم ڪيو، ۽ ھر
منزل تي اورنگزيب سان گڏ رھيو. اورنگزيب جي تخت
نشينيءَ وقت سن 1069ھه/
1659ع ۾، کيس ”قابل خان“ جو لقب ڏئي، شھنشاهه جو
مير منشي بنايو ويو(15). ستت ئي ھو پاڻ کي بيمار ۽
اکين کان معذور سمجھڻ لڳو ھو(16).
بار بار جي درخواستن ۽ شايد ڪجهه اثر وارن ماڻھن
جي سفارش ذريعي(17)، ھو چاليھن سالن جي عمر ۾
رٽائرمينٽ وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. جيتوڻيڪ کيس
سالانه 5000 رپيه
وظيفو مقرر ٿي مليو ھو(18)، تڏھن به ڏسجي ٿو ته
سندس مالي حالتون پريشان ڪندڙ ھيون. قابل خان
رٽائر ٿيڻ کان پوءِ پھريائين برھان پور (19)، ۽
پوءِ آخرڪار لاھور ۾ اچي رھيو ھو(20)، جتي ھن
اڪيلائيءَ واري زندگي گذاري. نيٺ وري اورنگزيب کيس
دھليءَ طلب ڪيو، جتي ھن 1072ھه/1661-1662ع
۾ وفات ڪئي(21).
قابل خان کي سواءِ مختصر عرصي جي، ملازمت جو سمورو
عرصو، شھنشاهه جو ڀرپور اعتماد حاصل رھيو. ان دور
۾ ھن کي حساس نوعيت جي لکپڙھه
کي ويجھو رھڻ جو ته موقعو مليو؛ پر ڪڏھن ته کيس
ڪجهه اھم ڪمن جي اڪلائڻ واسطي به مقرر ڪيو ويندو
ھو. جنھن ۾ مکيه
اميرن سان اھم معاملن تي ڳالھيون ڪرڻ، ۽ خود
پنھنجن ذاتي مشاھدن جي آڌار تي نتيجا اخذ ڪري،
شھنشاهه کي باخبر رکڻ جو ڪم به سندس حوالي ھو(22).
قابل خان کي نثر ۾ ”دستور دانش“ ۽ ”قصئه
ڪامروپ“ جوڙڻ جو فخر به حاصل آھي(23). پوئين جو
اصلي بنياد ھڪ عشقيه
داستان ”ڪامروپ ۽ ڪملتا“ جي نالي سان آھي، جو
اورنگزيب کي منسوب ڪيو ويو آھي(24). بھرحال قابل
خان جو وڏو ڪارنامو سندس خطن جو مجموعو ”آداب
عالمگيري“ آھي، جنھن سبب سندس ادبي ساک عام
ٿي(25). خطن جو ھي مجموعو سن 1115ھه/
4-1703ع ۾ (26)، ۾، صادق مطلبي انبالويءَ، جو
شھزادي اڪبر (اورنگزيب جو پٽ) جو منشي ھو(27)،
پنھنجي پٽ محمد زمان جي استفادي لاءِ ترتيب ڏنو
ھو(28). جيئن ته مرتب جو اصل مقصد پنھنجي پٽ کي
ادبي اسلوب ۽ خطن جي رسمي نموني ڏيکارڻ جو ھو، ان
ڪري ھن ترتيب وقت خطن جي واقعات يا تاريخي حيثيت
طرف توجھه
نه ڏنو ويو آھي.
اھا درٻاري قاعدن (آداب) جي تقاضا ھئي ته: شھزادا
۽ امير، بادشاھه
جي نالي پنھنجن خطن کي، جنھن کي ان وقت جي اصطلاح
۾ ”عرضداشت“ چيو ويندو ھو، پنھنجن ھٿن سان پاڻ
لکن(29). ان ڪري خاص طرح سان اورنگزيب جي علمي
حيثيت ۽ ادب جي ميدان ۾، سندس مھارت جي پيش نظر ھن
ڳالھه،
۾ شڪ جي گنجائش ئي ڪانھي ته، سندس طرفان جيڪي خط
شاھجھان جي نالي ”آداب عالمگيري“ ۾ شامل آھن، اھي
وڏي حد تائين سڀ جا سڀ سندس پنھنجا لکيل آھن.
البته اھي خط جي اورنگزيب جي نالي ۾ ٻين ماڻھن ڏي
لکيل آھن، اھي سندس زباني ڏنل ھدايتن ھيٺ، قابل
خان مناسب ٻوليءَ ۾ پاڻ لکيا ٿا ڏسجن. ھن مجموعي ۾
قابل خان جا ڪجهه ذاتي خط به شامل آھن(30).
آداب عالمگيريءَ، جي حيثيت ان دور جي مروجه
پرتڪلف ۽ رنگين نثر کان علاوهه
به مٿاھين آھي. ھن ۾ ڄاڻ جا سچي پچي ته وڏا ذخيرا
آھن، جنھن طرف ھمعصر تذڪره
نگارن يا ته توجھه
نه ڏنو، يا وري انھن پنھنجن ڪتابن ۾ مٿاڇري
معلومات ڏني آھي. صادق مطلبيءَ پنھنجا خط به ھن ۾
شامل ڪيا آھن، جي شھزادي اڪبر ڏانھن ان وقت لکيا
ويا ھئا، جڏھن ھو مارواڙ ۾ فوجي مھمن ۾ مصروف ھو.
ان ريت انھن علائقن ۾ پيش آيل واقعن تي سٺي روشني
پوي ٿي(31). ھن انھن خطن ۾ اقتدار جي جنگ جي تاريخ
به سميٽي آھي(32). پر صادق خان جي ان ڪاوش جي ڪا
خاص اھميت ڪانھي، ڇو ته جن ذريعن مان اھا ڄاڻ حاصل
ڪئي وئي، سي اتفاق سان اڄ به موجود آھن.
ابوالفتح قابل خان جو مامون (Maternal
Uncle)
محمد شفيع(33)، ۽ خود ابوالفتح جا ننڍا ڀائر محمد
شريف ۽ محمد شفيع(34)، به ذھين منشي ھئا. سندس
مامون محمد شفيع جيڪو اڳ ۾ جعفر خان جي (م : 1081ھه
/ 1670ع) ملازمت ۾ ھو(35)، ۽ ساڳئي نالي سان سندس
نوجوان ڀاءُ کي وري اورنگزيب جي وڏي پٽ شھزادي
محمد سلطان (م: 1676ع)؛ قابل خان جي سفارش تي
ملازمت ۾ رکيو ھو(36). بھرحال ھن جي ڀاءُ محمد
شفيع ڏي خود شھنشاهه جو توجھه
به ٿيو، ۽ کيس ڪنھن اھم عھدي تي رکيو ويو ھو(37).
محمد شريف نالي سندس ٻيو ڀاءُ به شاھي ملازمت ۾
داخل ھو. ھن تڪڙي ترقي حاصل ڪئي پر ستت ئي اعتماد
وڃائي شاھي عتاب ھيٺ آيو. شھنشاهه سن 1085ھه/
1674ع ۾ کيس ”قابل خان“ جو خطاب ڏيندي، عھدي ۾ ھڪ
صدي واڌارو ڪيو، تڏھن ھو اڳ ۾ ئي ڊاڪ چوڪيءَ جو
داروغو ھو(38). ھو اڍائي سال اورنگزيب کي ويجھو
رھيو، تڏھن ھن ٻارھن لک روپيه
ڪيش؛ ھڪ عاليشان بنگلو ۽ ٻيو قيمتي سامان ھٿ ڪري
ورتو. سن 1090ھه
/ 1680ع ۾ ھن کي سندس عھدي تان برطرف ڪيو ويو، جو
ان وقت ھڪ ھزاري ۽ ستر سوارن وارن ھو. سندس نياڻو
عبدالواسع به ملازمت مان خارج ڪيو ويو، جو ان وقت
ٺٽي جو قانون گو ھو. شھنشاهه حڪم ڏنو ته قابل خان
جو گهر ضبط ڪيو وڃي، ۽ کيس ان حالت ۾ گهوڙي تي
وھاري شھر بدر ڪيو وڃي، جھڙيءَ حالت ۾ ھو گهران
نڪتو ھو(39).
ان بعد فاضل خان ڊاڪ چوڪيءَ جو داروغو مقرر ٿيو ۽
صادق مستعد جي چوڻ موجب ته: سندس دل جا مطلب پورا
ٿيا(40). فاضل خان جنھن جو اصل نالو ملا عثمان
ھو(41). ان جو تعلق به سنڌ سان ھو. سندس تعلق ملا
عبدالحڪيم عطا جي خاندان سان ھو، جيڪو پنھنجي شھر
ٺٽي ۾ سن 1070ھه/
60-1659ع ڌاري، نھايت ئي تنگي ۽ اڻ ھوند واري
زندگي گهاري رھيو ھو(42). ملان عثمان شھزادي اعظم
جي ملازمت ۾ شامل ٿيو، ۽ پوءِ پنھنجي مخالف (محمد
شريف – قابل خان) جي زوال تي(43)، شھنشاهه جو منشي
بنجي ويو. ھن کي پنج صدي عھدو، خنجر، ٻه
ھزار روپيه
ڪيش، ۽ قيمتي ڪپڙي جا ڏھه
ٿان به ڏنا ويا. ھو آھستي آھستي ھڪ ھزار پنج صدي
عھدو حاصل ڪري، صدر جي مرتبي تي پھتو ۽ ”فاضل خان“
جو لقب حاصل ڪيائين ۽ ان حيثيت ۾ ھو پنھنجي موت
(44)، يعني سن 1096ھه/5-1684ع
تائين برقرار رھيو (45). پنھنجي ادبي مھارت سبب ھن
جو (فاضل خان جو) ڏوھٽو، شيخ محمد رفيع به ناليرو
انسان ٿي گذريو آھي(46)*
سترھين صديءَ ۾ (يارھين صدي ھجري) سنڌ اندر، ميان
نورالحق مشتاقي ۽ ميان محمد سعيد به اھم منشي ٿي
گذريا. جيتوڻيڪ سوانح نگارن مشتاقيءَ کي ھڪ ذھين
شاعر سڏيو آھي(47)، تڏھن به ھو ھڪ بھترين نثر نويس
ٿي گذريو آھي. سندس نثري لکتون جن ۾ اڪثر ھن جا
شعر به آيل آھن، سي ”منشئات ميان نورالحق مشتاقي“
جي نالي سان مشھور آھن. منشي محمد سعيد جي لکت جو
ھڪ مختصر مجموعو ”مکتوبات محمد سعيد منشي“ به اسان
تائين پھتو آھي. ھي ٻئي مجموعا ناياب آھن، ۽ انھن
جا معلوم نسخا صرف ڪراچيءَ ۾، سيد حسام الدين
راشديءَ جي ڪتبخاني ۾ آھن، جي مون 1979ع ۾ ڏٺا
ھئا.
ارڙھين صدي ۾ (ٻارھين صدي ھجري)، سنڌ عبدالرئوف
بکريءَ نالي ھڪ اھم منشي پيدا ڪيو(48)، جنھن جي
لفظن جي لاثاني ذخيري ۽ اسلوب جي سادگي، فارسي
انشاءَ نويسيءَ جي ھڪ نئين انداز کي روشناس ڪرايو.
مشتاقي ۽ محمد سعيد منشيءَ وانگر، سندس حياتيءَ جو
احوال به اخفا ۾ آھي. ھن پنھنجن سرپرستن: ميان
يارمحمد ۽ ميان نور محمد ڪلھوڙي، سنڌ جي حاڪمن
لاءِ خطن جو وڏو تعداد لکيو ھو، جن ذريعي سندس
حياتيءَ جي به مختصر ڄاڻ ملي ٿي. ان ھوندي به اھي
خط سندس ھمعصر سياسي دور تي وڏي معلومات مھيا ڪن
ٿا. ھن 18 ربيع الاول 1140ھه/23
آڪٽوبر 1727ع تي وفات ڪئي ھئي(49). سندس وفات کان
جلد پوءِ ھن جي پٽ محمد وفا سيوھاڻيءَ ميان نور
محمد جي حڪم تي، انھن خطن کي ترتيب ۾ آندو ھو. وفا
انشاء نويسيءَ ۾ پنھنجي پيءُ جو شاگرد پڻ ھو. اھي
خط پوءِ ”گلدستئه
نورس بھار“ جي نالي سان مشھور ٿيا، جن ۾ ٽي حصا
آھن ۽ انھن حصن کي لطيفو سڏيو ويو آھي(50). پھرئين
حصي ۾ منشي عبدالرئوف جا اھي خط شامل آھن، جي ميان
يار محمد ۽ ميان نور محمد پاران مغل حاڪمن لاءِ
لکيا ويا ھئا. ٻيون حصو ڪجهه وڌيڪ آھي ۽ اھي خط
رياست جي اميرن ۽ مکيه
علمدارن ڏي لکيل آھن. ٽئين حصي ۾ اھي خط آھن جي
ڪلھوڙا حاڪمن، مغل درٻار ۾ پنھنجن وڪيلن لاءِ
لکايا ھئا. ھن نسخي جي اڪيلي اڻ ڇپيل ڪاپي مون
1979ع ۾، سيد حسام الدين راشدي مرحوم جي ڪتبخاني ۾
ڏٺي ھئي.*
عبدالرئوف جي انشاءَ جو ٻيو مجموعو ”گلدسته ھميشه
بھار“ به، مون راشدي صاحب جي ڪتبخاني ۾ ڏٺو ھو.
ٻنھي جو نمونو ساڳيو آھي ۽ انھن ۾ ڪي خط ساڳيا به
آھن. ان ھوندي به خطن ۾ ادبي اختلافن جا چٽا اھڃاڻ
ڏسجن ٿا. ان ذريعي اھو نتيجو نڪري ٿو ته ڪجهه خطن
جي تحرير ابتدائي آھي، جي عبدالرئوف جي پنھنجن ھٿ
اکرين لکيل ھوندا.
ھنن مثالي خطن جي مجموعن کان علاوھه،
عبدالرئوف جي خطن جو ھڪ اھم ۽ وڌيڪ مجموعو به آھي،
جنھن جو نالو ”خلاصئه
مکتوبات“ آھي. ھن جو مرتب معلوم ڪونھي. البته ان ۾
عبدالرئوف ۽ سندس ھمعصر ميان ھارون نالي ھڪ منشيءَ
جا لکيل خط آھن. ڪجهه سال اڳ تائين ھي مجموعو به
راشدي صاحب جي لائبريريءَ ۾ ئي ھو.
ارڙھين صديءَ جي آخري اڌ ۾ ”منھاج الشعور“
(1199ھه/85-1784ع)،
”انشاء ابري“ (1240ھه/90-1789ع)
۽ ”رسائل ابري“ (1207ھه/93-1792ع)،
ترتيب ھيٺ آيا.
ابراھيم بن نصرالله بن عبدالڪريم احمداڻيءَ
سيوھاڻي انصاريءَ جا مرتب ڪيل ھي مجموعا به وڏي
اھميت رکن ٿا(51). ان بعد ”گلدستهءِ باغبان“ جو
نالو ملي ٿو، جنھن ۾ مخدوم قاضي محمد رحيم، مخدوم
محمد پناھه
۽ مخدوم عبدالجليل نصرپوريءَ جا خط آھن، جي ميان
قاضي محمد حافظ بن قاضي ميان خميسي نصرپوريءَ
ترتيب ڏنا. ھنن خطن جي وڏي اھميت آھي، ڇو ته انھن
۾ افغانستان ۽ سنڌ ۾، برطانوي اثر جي پکڙجڻ بابت
وڏي معلومات ملي ٿي(52).
خطن جو ھڪ ٻيو مجموعو جو ھت مختصر ذڪر گھري ٿو، سو
مير عبدالجيل بلگراميءَ جو ”مکتوبات جليل“
آھي(53). مير جي سنڌ ۾ رھائش کان ڪري اھو مجموعو
سن 1134ھه/1719-1720ع
تائين معلومات ڏئي ٿو. انھن مان سنڌ جي تاريخي
حالتن تي خاص طرح، ۽ ھندستان توڙي خود مصنف جي
حالتن تي عام طرح روشني پوي ٿي.*
ھت انھن خطن جي ڪتابن جو ذڪر به مناسب ٿيندو، جي
لکيا ته سنڌ کان ٻاھر ويا ھئا، پر انھن ذريعي ھن
علائقي جي تاريخ تي به روشني پوي ٿي. انھن ۾
رقعات آنندرام ”مخلص“ (م: 1164ھه/1750-1751ع)
وڏي اھميت رکي ٿو(54). وقت جي وڏي ادبي شخصيت،
نامياري ليکڪ ۽ بيدل جي شاگرد (55)، سراج الدين
علي خان آرزو(56)، جي ساٿي ۽ ھند جي وزيراعظم نواب
قمرالدين خان(57)، جي وڪيل جا لکيل اھي خط متفرقه
آھن. پر چئن خطن جو(58)، سڌو سنئون واسطو سنڌ جي
تاريخ سان آھي. ھڪ خط ميان نور محمد جي نالي آھي ۽
باقي ٽي خط مير لطف الله عرف مير متاري جي نالي
آھن. مير متارو ڪجهه وقت شھنشاهه محمد شاھه
جي درٻار ۾، ميان نور محمد ڪلھوڙي جو وڪيل ٿي رھيو
ھو.*
*
ٺٽي جي ھندن به انشاءَ نويسيءَ ۾ ڪو گھٽ ڪردار
ادا نه ڪيو آھي. انھن ۾ منشي چتر ڀوڄ، مشھور ٿي
گذريو آھي(59). ھن 1171ھه/1757-58ع
۾ وفات ڪئي. افسوس جو سندس ”منشئات“ ھاڻي دستياب
ڪونھن. ارڙھين (ٻارھين صدي ھجري) صديءَ ۾ ٻيو ھندو
منشي شيوڪ رام
عطارد ٿي گذريو(60). ھن ميان غلام شاھه
ڪلھوڙي (1186-1170ھه/
1756-1772ع)، ميان سرفراز
(1186-1189ھه/
1772-1776ع)،
۽ مير بجار وٽ ملازمت ڪئي ھئي. مير جي قتل (1194ھه/1780ع)،
آخرڪار ھن خطي ۾ بدنظمي پکيڙي ۽ وڏي عرصي تائين
سنڌ اندر گھرو ويڙھه
جي بُراين کي جنم ڏنو. عطارد جا لکيل پنجاسي خط
”انشاءِ عطارد“ جي نالي سان ملن ٿا، جي مٿي ذڪر
ڪيل شخصيتن جي طرفان لکيا ويا ھئا.
اھي خط سندس موت کان پوءِ امل راءِ نالي ھڪ ٻئي
ھندوءَ، سن 1212ھه
ربيع الاول جي مھيني ۾ (آگسٽ-سيپٽمبر 1797ع) ترتيب
ڏنا ھئا(61).
سنڌ ۾ انشاءَ نويسيءَ جو ذڪر ايسين اڻ پورو رھندو،
جيسين انھن خطن جي ٻن مجموعن جو ذڪر نه ڪبو، جي
سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڪتب خاني ۾ محفوظ آھن. انھن ۾
ھڪ قاضي عبدالرسول ۽ جان محمد سيوھاڻيءَ جو مرتب
ڪيل ”مڪتوباة
مشاھير سنڌ“(62)، ۽ ٻيو نامعلوم مرتب جو ”رقعات“
آھي(63). انھن ۾ وقت جي اھم سياسي ۽ سماجي شخصيتن
طرفان خطن جي مٽا سٽا ٿيل ڏسجي ٿي.
مٿي ذڪر ڪيل خطن جا مجموعا جيئن ته منشين جي
اتساھڻ لاءِ نموني طور (Sample)
جمع ڪيا ويا ھئا؛ ان ڪري ترتيب ڏيندڙن تاريخ وار
سلسلي طرف ته توجھه
نه ڏنو؛ ليڪن وڏو نقصان اھو ٿيو جو خط جن ڏانھن
لکيا ويا، انھن جا نالا به ڪڍيا ويا ۽ پڻ تاريخن
جنھن تي اھي لکيا ويا، ۽ خط جتان لکيا ويا، ۽ جيڏي
وڃڻا ھئا، انھن ماڻھن ۽ جاين جا نالا به خارج ڪيا
ويا.
موجودهه
وقت ۾ اھي مجموعا غير مربوط آھن. سنڌ جي مغل
انتظاميه
جي ھر پھلوءَ تي انھن ۾ ڇڙوڇڙ معلومات ملي ٿي، ۽
پڻ انھن ذريعي علائقي جي سياسي ۽ سماجي زندگيءَ
بابت به مواد مھيا ٿئي ٿو. انھن خطن ۾ ڄاڻ جا اڻ
کٽ ذخيرا آھن؛ جن ۾ ان وقت جي سنڌ جي سرحدن سان
لاڳاپيل علائقن، ۽ ھاڻوڪي ايران ۽ افغانستان جي
سياسي حالتن بابت به معلومات ملي ٿي. ھن حقيقت کي
آڏو رکندي ته ھن دور جي سنڌ بابت ڪو به ھمعصر
ذريعو ڪونھي؛ ۽ ھند جي عام تاريخن ۾ ھن پرانھين
صوبي بابت ٿورو مواد ڏنو ويو آھي، ان ڪري تاريخ جي
ھڪ بنيادي ذريعي ۽ پڻ تائيدي ماخذ طور، انھن جي
اھميت کان ڪو به انڪار نه ٿو ڪري سگھي. پاڪستان
اندر: سنڌ، پنجاب ۽ ملتان يا وري افغانستان ۾
قنڌار، ۽ آخري صفوين توڙي سترھين ارڙھين صديءَ
(ٻارھين صدي ھجري) جي افغانن جي اڀياس ۽ ڀروسي
جوڳي جامع تاريخ لکڻ لاءِ، ھنن خطن جي اھميت کان
انڪار نه ٿو ڪري سگھجي، ۽ پڻ انھن جي سائنسي ۽
تنقيدي اشاعت طرف جيترو جلد ڌيان ڏنو ويندو اوترو
ئي بھتر ٿيندو.
خطن جي اھڙن مجموعن کان سواءِ به نه ڄاڻ، ان قسم
جا ٻيا ڪيترائي مجموعا گمناميءَ جي گوشي ۾،
انتھائي ڪٺن صورتحال ۾ ڳري سڙي رھيا آھن، ۽ ڪھڙي
خبر ته اھي اسان جي علم ۾ اچڻ کان اڳ ئي موسمي
اثرن ۽ ٻين سبب جي ڪري ناپيد ٿي وڃن. ان قسم جي
قلمي مجموعن جي دريافت، بازيابي ۽ جمع آوري؛ تاريخ
۽ برصغير ۾ فارسي زبان ۽ ادب سان دلچسپي رکڻ وارن
اسڪالرن جي لاءِ، صوبائي ۽ مرڪزي سطح تي، انھن جي
بنا دير مناسب تحفظ ۽ نگھداشت جي ضرورت ۽ اھميت تي
جيترو به زور ڏنو وڃي اھو گھٽ آھي!
حوالا ۽ حاشيه:
(1)
نظامي عروضي سمرقندي: ”چھار مقاله“،
ايڊٽ محمد معين، تھران، 1333 شمسي.
(2) Jan Rypka: “History of Iranian Literature”,
ed: Karl Jahn, Dordrecht-Holland, Pp.433-34,
1968.
(3) H.R.Roemer, “Insha”, The Encyclopedia of
Islam, ed: B. Lewis, et al., Leiden, 1971.
(4) ھن جي ھڪ ليٿوگراف ڪاپي دھليءَ ۾ آھي، ۽ پڻ
ڏسجي:
(i) Momin Mohiuddin: The Chancellery and Persian
Epistolography (Ph.D. thesis).
(ii) Indo-Iranica, Vol.xiv, No.2, Pp.29-32, June
1966.
(5) ڪتاب اڃا نه ڇپيو آھي ۽ ان جا نسخا انڊيا آفيس
(انڊيا آفيس جي فارسي نسخن بابت ھرمن ايٿيءَ جو
ڪيٽالاگ، جلد 2، آڪسفورڊ 1930-1937ع، نسخو نمبر:
1535)، ۽ مسلم يونيورسٽي علي ڳڙھه
جي لٽن ذخيري ۾ آھن (نمبر 26-27/3). پڻ ڏسجي مومن
محي الدين جو مقالو: ”منشئات نمڪين-تاريخي
دستاويزن جو مثالي مجموعو“، انگريزي، جرنل آف دي
پاڪستان ھسٽاريڪل سوسائٽي، جلد
viii،
حصو
ii
(اپريل، 1960ع)، ص ص 90-96، وڌيڪ ڏسجي: ”دي
چانسيلري اينڊ پرشين ايپسٽولو گرافي“، ص ص 40-45،
حوالو مٿي ڏنل آھي.
(6) M. Saleem Akhtar: “Mir Abdul Qasim Nimkin: A Critique of His Career
and Achievements”, Pakistan Journal of History
and Culture, Vol.V, No.I, Pp.125-28.
(7) بوڊلين لائبريري، نسخو نمبر: 1783.
(8)
The chancellery and Persian Epistolography,
Pp.43-44.
(9)
آداب عالمگيري، جلد
ii،
ص 964، ايڊٽ: چوڌري عبدالغفور، ريسرچ سوسائٽي آف
پاڪستان (پنجاب يونيورسٽي)، لاھور 1971ع.
(10)
ايضاً،
تعارف، ص. 5.
(11)
مير علي شير قانع موجب (مقالات الشعرا، ايڊٽ: سيد
حسام الدين راشدي، ص 43، ڪراچي 1957ع)، عالمگير
بادشاھه
جي شھزادگيءَ جي وقت ۾ بندر لاھري، ان اکين جي ٺار
جي جاگير ۾ ھو. قانع جي ھڪ ٻئي ڪتاب ”تحفة
الڪرام“ جي مترجم جملي جو مفھوم غلط سمجھيو، ۽
لکيو ته لاھري بندر شھزادي جي ماءُ جي جاگير ۾ ھو
(اختر رضوي، ص 674، اردو ڇاپو، سال 1959ع).
(12) تحفة
الڪرام، اختر رضوي، ص 674، اردو، سنڌي ادبي بورڊ
ڪراچي 1959ع.
(13)
سندس عمر ھن جي پنھنجي بيان موجب ڪٿي وئي آھي ته،
رٽائرمينٽ تائين ھو اورنگزيب وٽ ٻارھن سال نوڪري
ڪري چڪو ھو (سر جادوناٿ سرڪار جو ڪتاب: ”اورنگزيب
جي دور جو اڀياس“ انگريزي، ص 290، ڪلڪتو 1933ع).
ان وقت ھن جي عمر چاليھه
سال ھئي.
(14) مقالات الشعرا، ص 43؛
تحفة
الڪرام، اردو ص 675.
(15) محمد ڪاظم: ”عالمگيرنامه“
ص 158، ايڊٽ: مولوي خادم حسين ۽ عبدالحي، ڪلڪتو
1868ع.
ساڳئي وقت ھن کي چار ھزار روپيه
انعام به ڏنو ويو ھو.
(16) آدابِ عالمگيري، جلد
ii،
ص 964.
(17) ڏسجي مير جملي ڏي سندس خط، جلد
ii،
ص ص 959-961.
(18) صادق مستعد خان: ”ماثر عالمگيري“، ترجمو:
جادو ناٿ سرڪار، ص 15، ڪلڪتو 1947ع.
(19) آداب عالمگيري، جلد
ii،
ص ص 842-844.
(20) ايضاَ، ص ص 846-848.
(21) عالمگيرنامه،
ص ص 751-752.
(22) آدابِ عالمگيري، جلد
ii،
ص ص 836-840.
(23) مقالات الشعرا، ص 43.
(24) بوڊلين وارو نسخو نمبر: 1326. ھن جو ٻيو
نسخو علي ڳڙه
مسلم يونيورسٽيءَ جي ڪتبخاني ۾ به موجود آھي.
ھن عشقيه
داستان کي مير علي شير قانع ٺٽوي، سن 1169ھه/1755-1756ع
۾، ٽن ھزار بيتن ۾ تحرير ڪيو ھو (مقالات الشعرا، ص
3، ص 43، ص 572).
(25)
V. J. A. Flynn: “The English Translation of the
Adabi-i-Alamgri” (The Australian National
University, unpublished Ph.D thesis).
ٿيسز لاءِ اھي خط ترجمو ڪيا ويا آھن جي تخت
نشينيءَ کان اڳ اورنگزيب پنھنجي پيءُ شاھجھان کي
لکيا ھئا. ليڪن حاشين ۽ وضاحتن ۾ ھي خط ڀروسي جوڳا
نه آھن.
(26) آدابِ اعلمگيري، جلد
i،
ص 20.
(27) ايضاً،
ص 19.
(28) ايضاً،
ص 18.
(29) نجيب اشرف ندوي: ”رقعات عالمگيري“، ص 171،
اعظم ڳڙھه
سال؟
(30) آدابِ عالمگيري، جلد
ii،
ص ص 833-978.
(31) ايضاً،
ص ص 19، 1152-1287.
(32) ايضاً،
ص ص 981-1131.
(33) ايضاً،
ص 877.
(34)
تحفة
الڪرام، اردو، ص ص 674-675.
(35) آدابِ عالمگيري، جلد
ii،
ص 877.
جعفر خان لاءِ ڏسجي شاھنواز خان جو :
”ماثرالامراءِ“، ايڊٽ مولوي عبدالرحيم ۽ مولوي
مرزا اشرف علي، جلد
i،
ص ص 530-534، ڪلڪتو 1888ع، اردو ڇاپو: محمد ايوب
قادري، جلد
i،
ص ص 528-533، لاھور 1968ع.
(36) آداب عالمگيري، جلد
ii،
ص ص 877، 878، 881.
(37)
تحفة
الڪرام، اردو، ص 675.
(38) ماثر عالمگيري، انگريزي ترجمو، ص ص 86-87.
(39) ايضاً،
ص 118، اردو از محمد فدا علي طالب، ٻيون ڇاپو، ص ص
173-174، ڪراچي 1967ع.
(40) ماثر عالمگيري، ترجمو، ص ص 86-87.
(41) سيد محمد مطيع الله راشد برھانپوري: ”ديوان
عطا“ ص 328، ڪراچي؛ مقالات الشعرا، ص 480؛
تحفة
الڪرام، اردو ص 722.
(42) ديوان عطا، ص ص 328-329.
(43) مقالات الشعرا، ص 481.
ھت قانع کان غلطي ٿي آھي جڏھن ھن، محمد شريف کي
محمد شفيع سان منجھائي ڇڏيو آھي.
(44) ماثر عالمگيري، انگريزي، ص ص 118، 153.
(45) مقالات الشعرا، ص 482، ماثر الامرا، (جلد
iii،
ص 32)، موجب ھو پليگ جي بيماريءَ ۾ سن 1099ھه/
1688ع ۾ فوت ٿيو ھو.
(46) مقالات الشعرا، ص 257،
(47) مقالات الشعرا، 759،
تحفة
الڪرام، اردو، ص 439.
(48) مقالات الشعرا، ص 421،
تحفة
الڪرام، اردو ص 416.
(49) پيش لفظ: ”گلدستهءِ نورس بھار“، قلمي،
ملڪيت: سيد حسام الدين راشدي ڪراچي (1979ع).
(50) ايضاً.
(51) سيد حسام الدين راشدي: سنڌ جا تاريخي ۽
سياسي خط، اردو (پروسيڊنگس آف دي فرسٽ ڪانگريس آف
پاڪستان ھسٽري اينڊ ڪلچر، ايڊٽ: احمد حسين داني،
جلد
i،
ص ص 339-340، اسلام آباد (1975)؛ ۽ پڻ ڏسجي: ڪتب
خانه گنج بخش جي عربي ۽ فارسي نسخن جو ڪيٽالاگ،
جلد
ii،
ص ص 1146 ۽ 1179-1180، اسلام آباد 1980ع.
(52) سيد حسام الدين راشدي، ص 338، حوالو اڳ
ڏنل.
(53) Oriental Miscellany, Calcutta, Vol: i.
راشدي ڪليڪشن ۾ (1979ع) سن 1249ھه / 34-1833ع جو
ھڪ نسخو آھي.
(54) ھڪ نسخو راشدي صاحب جي ڪتبخاني ۾ آھي
(1979). ٻيو نسخو خدا بخش پبلڪ لائريري بانڪي پور
پٽنه ۾ آھي. ڏسجي؛ رقعات انندرام مخلص، ايڊٽ:
عبادت بريلوي، اورينٽل ڪاليج ميگزين، جلد
L،
نمبر 1-2، ص (مارچ – جون، 1975ع)، لاھور.
(55) بندرا بن داس خوشگو: ”سفينهءِ خوشگو“،
ايڊٽ: سيد شاھه
محمد عطاءُ الرحمان، ص 149، پٽنه 1959ع.
(56) ايضاً،
ص 320.
(57) ايضاً،
ص 331.
(58) اھي خط سيد حسام الدين راشديءَ ”منشور
الوصيت و دستور الحڪومت“ ڪتاب ۾ ڇپيا آھن (ص ص
49-61، طبع سنڌي ادبي بورڊ، 1964ع).
(59) مقالات الشعرا، ص 163.
(60) ايضاً،
ص ص 446-448.
(61) راشدي صاحب جي نسخي جي فوٽو ڪاپي ليکڪ وٽ
آھي.
(62) سال 1979ع ۾ ليکڪ ان جو نسخو سيد حسام
الدين راشديءَ وٽ ڏٺو ھو، جيڪو 1956ع ۾ بدر عالم
دراني مرحوم نقل ڪرائي کين ڏنو ھو.
(63) سال 1979ع ۾ ان جو ھڪ نقل ٿيل نسخو سنڌي
ادبي بورڊ ۾ موجود ھو.
*
مصنف ڊاڪٽر محمد سليم اختر ”نمڪين“ مان
مراد ”ظريف“ يا ڀوڳائي ورتي آھي. جڏھن ته
راشدي صاحب مرحوم
”نمڪين“ جو
مقصد ”نمڪ حلال“ يا وفادار (Loyal)
ورتي آھي (تذڪره
اميرخاني، ص 9 ۽ ص 66، سنڌي ادبي بورڊ،
سال 1961ع) (مترجم).
* منشئات نمڪين، ڊاڪٽر اشتياق احمد
ظِلي-ايڊٽ ڪيو. ڊاڪٽر ظِليءَ جو تعلق مسلم
يونيورسٽي علي ڳڙھه
سان آھي. ھي اھم ڪتاب منوھر پبلشرز دھليءَ
پاران 2007ع ۾ ڇپيو آھي.
** اميرخاني خاندان جي ھڪ ٻئي نامور
فرد مير اشرف خان پٽ مير عبدالڪريم ”رقائم
ڪرائم“ جي نالي سان خطن جو ھڪ مجموعو ڇڏيو
آھي (تذڪره
امير خاني، ص ص 184-185). پر خبر نه آھي
ته ليکڪ کان ھي مکيه
ڪتاب ڪيئن وسريو آھي؟ خطن جو ھي مجموعو
سيد محمد عزيزالدين حسين جي ڪوشش سان
دھليءَ مان 1990ع ۾ ڇپيو آھي (مترجم).
* فاضل خان ذات جو سميجو ھو. تعليم خاطر
پنھنجي ڳوٺ مان ٺٽي آيو. تحصيل کان پوءِ
دھلي ويو ۽ شاھي ملاز بنيو (تحفة
الڪرام، سنڌي، ص 587). مير قانع وڌيڪ لکي
ٿو ته: ھڪ ڀيرو قابل خان ۽ فاضل خان جي
راھه
ويندي ملاقات ٿي. فاضل خان سلام ورايو
جنھن جو ھن جواب به نه ڏنو (مقالات الشعرا،
ص 480-481). چوڻي آھي ته ھڪ سج ٻه
پاڇا. نيٺ قابل خان بڇڙو ٿي نوڪريءَ مان
نڪتو ۽ اھا تمام اھم جاءِ سندس مخالف فاضل
خان کي ملي، جتان ھو صدر الصدور ٿيو ۽ پڻ
منشي بنيو ھو. فاضل خان جو ڏوھه
اھو ھو ته پاڻ ذات جو سميجو ۽ سنڌي ھو،
جڏھن ته سندس مخالف غير سنڌي ھو! (مترجم).
* منشي عبدالرئوف جي خطن جي ٻي اڻ
ڇپيل ڪاپي، ، ڊاڪٽر نبي بخش
خان
بلوچ جي ذخيري ۾ (سنڌ آرڪائوز) ۾ موجود
آھي. ٽيون نسخو اتفاقيه
طور ھالا پراڻا ۾، قاضي غلام محمد (قاضي
شوڪت) جي ڪتب خاني مان مليو. حڪومت سنڌ
”گلدستئه
نورس بھار“ جي ايڊيٽنگ جو ڪم، ڪي سال ٿيا
ته ڊاڪٽر محمد سليم اختر جي حوالي ڪيو.
ليڪن صاحب موصوف نه انڪار ٿو ڪري ۽ نه وري
ڪم کي مڪمل ڪري ٿو ڏئي ته، جيئن سنڌ جي
تاريخ جو ھي اھم ماخذ ڇپجي نروار ٿئي!
*
بلگرامي ساداتن جو سنڌ سان چاليھن
ورھين (1116ھه-1155ھه)
جو تعلق رھيو. ابتدا ۾ مير عبدالجليل ۽
پوءِ سندس پٽ مير محمد سنڌ ۾ رھيا. مير
غلام علي آزاد به ٿوري عرصي لاءِ سيوھڻ ۾
رھيو، ۽ سن 1147ھه
۾ ”يد بيضا“ نالي ھڪ تذڪرو به ھت لکيائين.
ھي تذڪرو اڄ تائين نه ڇپيو آھي (مترجم).
** مير لطف الله عرف مير
متارو بعد ۾ سنڌ جو وزيراعظم به مقرر ٿيو
۽ سن 1161ھه
۾ وفات ڪيائين (مقالات الشعرا، ص 116).
سندس مزار دولت پور صفن شھر ۾ نيشنل ھاءِ
وي جي اوڀر پاسي ۾ آھي (مترجم).
|