مرتضيٰ ناز

سنڌيءَ ۾ لفظ ’جامَ‘ جي وياڪرڻي
حيثيت ۽ استعمال تي هڪ نظر
سنڌ جي خاص طور هيٺانھين خطي جي سنڌي ٻوليءَ ۾
’جامَ‘ لفظ جو استعمال، ٻن مختلف وياڪرڻي حيثيتن،
صفت ۽ ظرف جي طور تي نوٽ ڪيو ويو آهي. جڏهن ته،
’جامَ‘ لفظ جي وياڪرڻي حيثيت، فقط صفت آهي، جنھن ۾
صفت عددي غير معين ۽ صفت مقداري غير معين شامل
آهن. يعني ’جامَ‘ لفظ، ظرف نه پر فقط صفت آهي.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب پڻ جامع سنڌي لغات ۾ ’جامَ‘ لفظ
جي وياڪرڻي حيثيت فقط صفت ئي ڄاڻائي آهي.
جام: گهڻو، جهجهو، زياده، جالَ، دَلَ، وڌيڪ، الاهي
(جامع سنڌي لغات)
بلوچ صاحب جي ڏنل وياڪرڻي حيثيت مطابق سنڌيءَ ۾
مذڪوره لفظ فقط صفت طور فقط هيٺينءَ ريت استعمال
ڪري سگهجي ٿو.
مثال:
1. هنن وٽ کير جامَ آهي.
(صفت مقداري غير معين)
2. هتي وڻ جامَ آهن.
(صفت عددي غير معين)
ان وياڪرڻي حيثيت تحت اهو نوٽ ڪيو ويو آهي ته
’جام‘ لفظ جي استعمال ۾ هيٺيون ٻه غلطيون ڪيون وڃن
ٿيون.
(1) جملي جي نحوي ترتيب جي لحاظ کان ’جام‘ لفظ کي
صفت بدران ظرف جي جڳھ تي استعمال ڪرڻ
مثال:
هتي جام مِينھن وسندو آهي. (غلط)
هتي مِينھُن جام وسندو آهي.
(درست)
(2) جام' لفظ کي صفت بدران ظرف جي طور تي ڪم آڻڻ.
مثال:
اسان جام خوش آهيون.
هن جملي ۾ ’جامَ‘ لفظ کانپوءِ 'خوش' لفظ استعمال
ٿيو آهي، جنھن جي وياڪرڻي حيثيت صفت آهي. يعني هن
جملي ۾ جامَ لفظ صفت ’خوش‘ جي وضاحت ڪري رهيو آهي
ته اسان ڪيترا خوش آهيون. وياڪرڻي اعتبار کان جيڪو
لفظ صفت جي وضاحت ڪندو آهي، اهو ظرف هوندو آهي. پر
جيئن مٿي ذڪر ٿيو ته ’جامَ‘ لفظ بنيادي طور تي
صفت آهي. انڪري ان جو ظرف جي طور تي استعمال
اَسونھون ۽ غير سائنسي آهي. ان جي جاءِ تي درست
وياڪرڻي حيثيت ’ظرف‘ جو لفظ ’ڏاڍو‘، ’صفا‘،
’بلڪل‘ يا
’تمام‘ ظرف ورتائڻ گهرجي.
جيئن:
1- اسان جام خوش آهيون. (غلط) اسان صفا / تمام
/بلڪل خوش آهيون. (درست)
2.
هيءُ جام امير آهي. (غلط)
هيءُ ڏاڍو /گهڻو /صفا/تمام /وڏو امير آهي. (درست)
نتيجو:
1) وياڪرڻي اصولن تحت ’جام‘ لفظ کي فقط صفت طور
ڪم آڻڻ ئي درست آهي.
2) ’جام‘ لفظ کي اسم کانپوءِ ڪم آندو وڃي، نڪي اسم
کان اڳ.
3) ’جام‘ لفظ کي ظرف طور ڪم آڻڻ بدران درست لفظ:
صفا/بلڪل/تمام وغيره جي ترجيحي حيثيت کي اهميت ڏني
وڃي.
تبصرو: ڊاڪٽر اسد جمال ’پلي‘

قرآن مجيد جو پهريون مڪمل سنڌي ترجمو
(مترجم: قاضي ميان عزيزالله مٽياروي)
زير مطالع قرآن مجيد سنڌي زبان جو پھريون مڪمل
ترجمو آهي. هن کان پھريائين قرآن مجيد جي ڪجهه
سورتن ۽ سيپارن جي سنڌي ترجمن جا حوالا ته ملن ٿا.
انھن جزوي ترجمن کانپوءِ پھريون مڪمل قرآن مجيد جو
سنڌي ترجمو هيءُ ئي آهي، جيڪو پنھنجي صحت ۽ اهميت
سان موجود آهي.

1293هه واري ڇاپي جو ٽائيٽل
هن ترجمي جو مترجم قاضي ميان عزيز الله مٽياروي
آهي. قاضي صاحب لواري شريف جي درگاهه جي بزرگن جو
مريد ۽ خليفو هجڻ سان گڏ، درگاهه شريف جي درسگاهه
جو مدرس ۽ محرر پڻ هو.
هن ترجمي جي اشاعت جي سعادت درگاهه عاليه لواري
شريف ۽ درگاهه حضرت قاضي احمد جي سجاده نشين ۽
حضرت سلطان الاوليا فائونڊيشن جي چيئرمين جناب
حضرت پير محمد صادق قريشي نقشبندي صاحب جي حصي ۾
آئي آهي. الله پاڪ سندن هيءَ قرباني قبول فرمائي،
پير صاحب جن جو هن سلسلي ۾ ’پيغام‘ قرآن مجيد جي
ابتدا ۾ موجود آهي. هن بابرڪت پيغام ۾ واضع ڄاڻايل
آهي، ته هيءَ اشاعت حضرت سلطان الاوليا فائونڊيشن
۽ دادا ڀائي فائونڊيشن طرفان مسلمانن جي ڀلائيءَ
لاءِ منظر عام تي آندي ويئي آهي. پير صاحب جن هن
تحرير ۾ فرمايو آهي ته ”هن وقت جيڪو قرآن مجيد جو
پھريون مڪمل سنڌي نثر ۾ ترجمو ملي ٿو، اهو قاضي
عزيز الله مٽياري واري جو آهي، جيڪو درگاهه لواري
شريف جو نه رڳو مريد ۽ خليفو هو، پر درگاهه جي
علمي درسگاهه ۾ مدرس ۽ تحريرن لکڻ تي پڻ مقرر ٿيل
هو. قاضي صاحب اڪثر ڪري رهندو به درگاهه لواري
شريف تي هو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين. سندس آخري
آرامگاهه به روضي مبارڪ جي ڀرسان اندرئين قبرستان
۾ آهي. مخدوم قاضي عزيز الله مٽياري واري جو
پھريون مڪمل قرآن مجيد جي سنڌي ترجمي جو قلمي نسخو
اڄ به درگاهه جي ڪتب خاني ۾ موجود آهي.“
پيغام کانپوءِ موجوده ترجمي جي اهميت ۽ ضرورت جي
عنوان سان سنڌ جي هن دور جي معتبر محقق، عالم ۽
اڪابر ڊاڪٽر عبدالغفار سومري صاحب جي تحرير آهي.
ڊاڪٽر سومري صاحب پنھنجي حسبِ روايت هن تحرير ۾ به
وضاحتي ۽ تحقيقي انداز سان هن ترجمي جي اهميت واضح
ڪئي آهي ۽ هن ترجمي جي اشاعت جي مختلف ڇاپن ۽
مرحلن تي پڻ روشني وڌي آهي.
پاڻ قرآن مجيد جي تعريف ۽ دنيا جي ٻين ٻولين ۾
ترجمن جي اهميت ۽ افاديت جي بيان بعد سنڌي ٻوليءَ
۾ ان جي ابتدا متعلق لکن ٿا ته ”سنڌي ٻوليءَ جي
اها خوشقسمتي آهي جو اها دنيا جي انھن چند اوائلي
ٻولين ۾ شامل آهي، جنھن ۾ قرآن شريف جو ترجمو ٽين
صدي هجري ۾ يعني 270هه ۾ سنڌ جي شھر منصوره جي هڪ
عالم، راجا مھروڪ جي فرمائش تي ڪيو هو. سنڌ ۾ ان
کانپوءِ ڏهين صدي هجري اندر مخدوم نوح رحه
جو فارسيءَ ۾ ترجمو ملي ٿو جيڪو هينئر به دستياب
آهي.“
محترم سومري صاحب هن ترجمي جي خوبين ۽ خاصيتن جي
نشاندهي پڻ ڪئي آهي ۽ مسودي جي آخر ۾ ترجمي ۾ آيل
ڏکين لفظن جون معنائون صفحي وار درج ڪيون آهن. هنن
معنائن سان پڙهندڙ کي پراڻي صورتخطي ۾ لکيل هن
ترجمي جي قديم مستعمل لفظن کي سمجهڻ ۾ آساني ٿئي
ٿي.
محترم عبدالغفار سومرو صاحب هن مسودي جي 1320هه
(1902ع) واري ٻي ڇاپي ۾ شاهه ولي الله جي فارسي
ترجمي جي گڏ ڇاپڻ جو ذڪر پڻ ڪيو آهي ۽ حاشين ۾ شيخ
سعديرح سان منسوب ڪيل شانِ نزول ۽ حضرت
عبدالقادر شاهه بن شاهه ولي الله محدث دهلويرح
جي اردو ترجمي جي ڪجهه حوالن جو ذڪر پڻ ڪيو ويو
آهي. حالانڪ محمد صديق ميمڻ پنھنجي ادبي تاريخ ۾
پھرين سنڌي ترجمي هجڻ جو ذڪر ته ڪيو آهي، پر کيس
1320هه 1902ع واري نسخي کان اڳ ڇپيل 1293هه
(1876ع) وارو هيءُ موجوده خالص سنڌي نسخو هٿ نه
آيو آهي، جيڪو مدرسن ۾ پڙهائڻ جو رواج پڻ هو. هن
خالص سنڌي نسخي جي هڪ فوٽو ڪاپي سومري صاحب کي
پروفيسر محمد عمر چنڊ مرحوم (جيڪو تمام اهم علمي
ادبي حيثيت وارو هو ۽ پنھنجي دور جو ناميارو محقق
هو) جي ڀائٽي محمد سليم چنڊ کان پڻ هٿ آئي آهي.
هنن ترجمن جي ڇاپي نسخن جي مطالعي مان هي ڳالھه
ثابت ٿئي ٿي، ته هي ترجمو صرف تحت اللفظ (Literal
Translation)
نه آهي بلڪ اهو تشريحي (Exclamatory)
به آهي. ساڳي طرح ميان قاضي عزيزالله ٻين تفسيرن
کي ترجمي وقت سامھون رکيو آهي. انھن حوالن جي
روشنيءَ ۾ محترم سومري صاحب اهو پڻ ثابت ڪيو آهي،
ته قاضي صاحب نه صرف عام مترجم پر مٿاهين حيثيت
وارو مترجم، مفسر ۽ عالم هو. آخر ۾ محترم
عبدالغفار سومرو صاحب ڪيتري اهم ۽ بامقصد ڳالھه ٿو
ڪري ته:
”قرآن شريف جي موجوده ترجمي جي پيشڪش جو مطلب سنڌي
نثر جي عظيم علمي ورثي (Classic)
کي منظر عام تي آڻڻ آهي ۽ ان جو ٻيو مقصد ان کي
محفوظ ڪرڻ آهي.“
هن مسودي ۾ ٻي تفصيلي تحرير محترم دوست پروفيسر
سائين بخش جوڻيجو قبولائي جي آهي. قبولائي صاحب،
لواري شريف سان واڳيل بزرگن، مريدن ۽ خليفن جي
تفصيلي سوانح عمرين تي ڪم ڪري اڳ ۾ ئي ڪافي ڪتاب
سنڌي ۾ لکي پاڻ موکيو آهي. هن تحرير ۾ قاضي ميان
عزيزالله جي سوانح ۽ سندس قرآن مجيد جي ترجمي جي
ڇاپي ۽ دستخط نسخن تي سنڌي ادب جي تاريخي ڪتابن جي
حوالن سان وڌيڪ محنت سان سھيڙ ڪئي آهي. هنن حوالن
۾ پاڻ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، مولانا دين محمد
وفائي، مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي، خانبهادر محمد
صديق ميمڻ، ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو، محمد پناهه
ڦرڙو، ڊاڪٽر عبدالرزاق گهانگهرو، مقصود احمد
قاضي ۽ ٻين سنڌي ادب جي محققن جي تحريرن جي
روشنيءَ ۾ تفصيلي ڄاڻ ڏني آهي.
محترم قبولائي صاحب موجب، ميان قاضي عزيزالله جي
وفات جو صحيح سال 1273هه ڏنو آهي جنهن موجب سندس
عمر مبارڪ 80 سال هئي ۽ سندن ولادت 12 صدي جي آخري
ڏهاڪي ۾ ٿي. سندن والد جو نالو محمد ذاڪر بن محمد
صوف هو. سندن خاندان ٺٽي مان مٽياريءَ آيو. ۽
متعلوي سڏيا ويا. قاضي محمد ذاڪر حضرت سلطان
الاولياء خواجه محمد زمانرحه جي هٿ تي
بيعت ڪري، نقشبندي سلسلي ۾ مريد ٿيو. ان کان پوءِ
سندن اولاد ۽ خاندان هن درگاهه شريف جا مريد ٿيندا
رهيا آهن. قاضي ميان عزيزالله شاعر به هو ته مفتي
۽ مصنف
به هو. قبولائي صاحب سندس خاندان
جا تفصيل ۽ تعليم،
استاد ۽ مرشد جي صحبت ۾ خدمت متعلق تمام ڪارآمد سھيڙ
ڪئي آهي. سندس وفات تي چيل قطع تاريخ به ڏني آهي.

1320هه واري ڇاپي جو ٽائيٽل
محترم قبولائي صاحب قرآن مجيد جي هن سنڌي ترجمي جي
اشاعت جي مختلف ايڊيشنن جو به ترتيب وار ذڪر ڪيو
آهي. سندس مضمون ۾ اهو به ذڪر آهي،
ته ڪھڙو ڇاپو ڪهڙي ڇاپخاني مان ڇپيو ۽ ڪنھن ڇاپيو؟ مختلف مسودن جا ڪاتب ڪير ڪير هئا جن ۾ خاص طرح مخدوم
عبدالصمد ولد مخدوم محمد مقيم نورنگ پوٽي جو ذڪر
خير موجود آهي، مخدوم عبدالصمد، ميان قاضي عزيز
الله کي ظاهري خواهه باطني علومن جو ”دريا“ سڏي
ٿو. قبولائي صاحب موجب پھريون
ڇاپو 1289هه (1870ع) ۾ قاضي ابراهيم نور محمد پور
بندر (ڪڇ) واري بمبئي مان ليٿو تي ڇپايو. ٻيو ڇاپو
1293هه (1876ع) ۾ ڇپيو. ٽيون ڇاپو 1320هه بمطابق
1902ع ۾ قاضي عبدالڪريم ولد قاضي نور محمد پنھنجي
پريس ”مطبع ڪريمي“ بمبئي مان ليٿو تي شايع ڪرايو.
ان کان پوءِ 1935ع (1354هه) ۾ چوٿون ڇاپو آيو،
جيڪو مطبع ڪريمي بمبئي ۾ ڇپيو.

ٻن ترجمن واري 1320هه واري ڇاپي جو پھريون
صفحو
موجوده مسودو 1293هه (1870ع) جي ايڊيشن جو عڪسي
ڇاپو آهي، جيڪو خالص سنڌي مڪمل ترجمو آهي ۽ 1445هه / 2024ع ۾ اشاعت ۾
آيو آهي.
جڏهن هن ترجمي جو مطالعو ٿو ڪجي ته هن بابرڪت نسخي
جون ڪيئي خوبيون اڳيان اچن ٿيون، جيڪي جديد دؤر جي ترجمي جي هم آهنگ آهن.
سڀ کان اول ته هيءُ
لفظي ترجمو نه آهي،
پر وضاحتي ترجمو آهي جنھن
کي بامحاوره ترجمو چئبو ۽ جيڪو الله پاڪ جي حڪم کي
ساڳي مفھوم سان عربي بجاءِ سنڌي ۾ سمجهائي ٿو ۽ عمل ڪرڻ ۾ آساني پيدا
ڪري ٿو ۽ گرهوڙي
رحه جي هن قول جي عين مطابق آهي ته:
”جوڙي جنھن قرآن، سنڌي ۾ صحيح ڪيو.“
ٻي
ڳالھه
هن مسودي جا حاشيه آهن،
جن مان مترجم جي عربي داني کان علاوه
کيس
عرب جي تاريخ ۽ تھذيب
جي مڪمل ڄاڻ جي خبر پوي ٿي. مختلف قرآني سورتن جي
شان نزول جو حاشين ۾ ذڪر ان ڳالھه جو ثبوت آهي. هن مسودي جا حاشيه مترجم
جي هڪ اعليٰ معيار جي محدث ۽ مفسر هجڻ جي ساک پڻ
ڀرين ٿا. صفحي 91 تي جڏهن مقام ابراهيم واري پٿر جا چار
معجزا بيان ڪري ٿو يا اڳتي هلي يھودين
(حضرت موسيٰ عليھ
السلام جي 15 سؤ ورهيه گذرڻ بعد دين ڦيرايو) ۽
نصارن (حضرت عيسيٰ عليھ السلام کان ٽن سؤن ورهين بعد دين ڦيرايو) جي مذهبي حادثات
جو ذڪر ڪري ٿو،
ته سندس مطالعي ۽ عالمانه صفتن جو اعتراف ڪرڻو پوي
ٿو.
هن نسخي ۾ نئين سيپاري جو شروع نئين صفحي سان نه
آهي،
بلڪه جتي به سيپارو پورو ٿيو اتان کان وڏي فونٽ
واري سٽ سان آهي ۽ حاشيه ۾ سيپاري (الجزءُ)
جو نمبر ڏنل آهي. سيپاري ۾ رڪوع صرف سورتن ۾ ڏنل
آهن. ربع، نصف ۽ ثلث حاشيه ۾ ڏنل آهن. آيت جي ختم
ٿيڻ تي گول جي نشاني آهي،
پر آيتن جا نمبر ڏنل نه آهن صرف سورة جي شروع ۾
آيتن جو تعداد ڏنل آهي، ته هن سورة ۾ هيتريون آيتون آهن. سجده کي
به حاشيه ۾ گول ۾ ظاهر ڪيو ويو آهي.
حاشيا هر صفحي تي ٻاهرين پاسي آهن،
جيئن بائينڊنگ وارو پاسو سِلائي لاءِ آزاد هجي.
حاشي ۾ ڪافي نشانيون آهن جيئن: ف، صه، طا، هه، ق، للي، و، ن، م، ف1،
ف2 وغيره،
پر ڪٿي ڪٿي حاشيه لاءِ اندر ترجمي کان حاشيه تائين
سڌي لڪير پڻ ڇڪيل آهي. ڪجهه جڳهين تي پڙهندڙ جي سھولت
خاطر حاشيه ٿلھن اکرن سان ظاهر ڪيل آهي، جيئن صفحه 487 تي ”نقل“.
هر ڪنهن ٻَڌي صفحي جي آخر ۾ هر ايندڙ اڪي صفحي جو
پھريون
لفظ لکيل آهي. فهرست جي صفحي تي زينت القاري جي
حوالي سان چتاءَ جي صورت ۾ انهن 17 جڳهين جي
نشاندهي ڪيل آهي جن ۾ غلط اعرابن پڙهڻ ڪري ڪفر ٿئي
ٿو.
قرآن مجيد جي آخر ۾ مولانا علي قاريرحه جي عين
العلم جي حوالي سان ’دعا ختم القرآن‘ ڏنل آهي جيڪا
مشھور
دعا آهي ۽ قرآن مجيد جي هر نسخي ۾ ڏنل هجي ٿي جنھن
سان گڏ هن نسخي ۾ ختم القرآن جي طويل دعا پڻ ڏنل
آهي ۽ ٻنھي دعائن جي آخر ۾ مخصوص درود پاڪ
به ڏنل آهي.
قرآن مجيد جي ترجمي لاءِ ڪم آيل ٻولي انتھائي
معياري ۽ عالمانه آهي. خاص
طور
لاڙ جي مخصوص لھجي
وارن نماڻن لفظن سان ترجمي ۾ خاص رس، مٺاس ۽ ڪشش
ڀريل آهي، جنهن سان هن دؤر جي ٻوليءَ جي عالم لاءِ
ڪابه ڏکيائي محسوس نه ٿي ٿئي، عام پڙهندڙ لاءِ
صورتخطي جي استاد جي ابتدائي طور
ضرورت
محسوس ٿئي ٿي. البته مدرسن ۾ هن نسخي جو موجود هجڻ
هر طرح سان ڪارائتو ثابت ٿيندو.
عھد جواني ۾ چٽاڀيٽي جي امتحان لاءِ اهو ياد
ڪبو هو،
ته سنڌي نثر ۾ پھريون مڪمل ترجمو آخوند عزيز الله مٽياري
واري جو ۽ نظم ۾ پھريون
مڪمل ترجمو مولوي احمد ملاح جو آهي. ان کان وڌيڪ
هن سلسلي ۾ ڪابه ڄاڻ نه هئي ۽ ايئن محسوس ٿيندو هو،
ته خالص سنڌي نثر جي هن خوبين ۽ خاصيتن
سان
پُر ترجمي جي ڄاڻ ملندي ئي نه. اڄ ڄمار جي هن
لڙندڙ پاڇولي ۾ حضرت پير محمد صادق نقشبندي صاحب
طرفان ڇپايل ۽ تحفي طور پھتل
هن دلپذير مسودي کي اکين سان ڏسي،
هڪ عجيب خوشي محسوس ٿئي ٿي. وري جڏهن ان جي
ابتدائي صفحن تي اسان جي سنڌي ادب جي سرموڙ محقق ۽
اديب محترم جناب عبدالغفار سومرو صاحب جي عالمانه
تحرير ڏسي ويتر وڌيڪ راحت نصيب ٿي. ساڳي
طرح
دوست محترم پروفيسر سائين بخش قبولائي صاحب جي
حوالن سان محنت کي ڏسي ڄڻ دل جي گوشي ۾ لڪيل تمنا
جي پورائي ٿي آهي، مالڪِ دوجهان جي بارگاهه اعليٰ
۾ دست بدعا آهيون ته هن اشاعت جي سڀني ذميوارن کي
بھتر
اجورو عطا ڪري ۽ اسان سڀني کي قرآن مجيد جي هر
حڪم تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا ڪري. آمين.

ميان قاضي عزيزالله جا هٿ اکر
2024ع/1445هه واري موجوده عڪسي ڇاپي جي ٽائيٽل جو
فوٽو
ڊاڪٽر عبدالرزاق گهانگهرو

افهام القاري شرح صحيح البخاري (جلد ستون)
امام محمد بن اسماعيل جي مشھور زمانه تصنيف
”صحيح البخاري“ جو عالي مرتبه، مقبول ۽ معروف هئڻ
جو اندازو انھيءَ ڳالھه مان بخوبي لڳائي سگهجي ٿو
ته حديثن جو هيءُ مجموعو هر دؤر جي عالمن، محققن،
فقيھن ۽ محدثن جو مرڪز رهيو. اسلامي دنيا جو ڪو به
اهڙو خطو ۽ علائقو اهڙو نه آهي جتان جي عالمن
پنھنجي پنھنجي ٻولين ۾ ان جون شرحون لکي، ان ۾
پنھنجو حصو نه ڳڻايو هجي. بلڪ ان ڏس ۾ بنا
علاقائي ۽ مسلڪي امتياز جي ان جون شرحون لکي،
انھيءَ ڪارخير ۾ پنھنجن صلاحيتن ۽ ڪاوشن کي ڪتب
آندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هي حديثن جو واحد
مجموعو آهي، جنھن جي هر پھلوءَ ۽ رخ کي علمي ۽
تحقيقي بنيادن تي عنوان بڻائي مفصل ۽ ڪثرت سان
طبع آزمائي ڪئي ويئي آهي، ۽ هر عنوان ضخيم جلدن تي
مشتمل آهي.
تبصري هيٺ ڪتاب ”افھام القاري شرح صحيح البخاري“
سنڌ جي مشهور عالم، فاضل ۽ محقق حافظ عبدالرزاق
مھراڻ سڪندري صاحب جو تصنيف ڪيل آهي. هيءُ شرح
بخاري جو ستون جلد آهي. هن کان اڳ هن شرح جا ڇھه
جلد شايع ٿي چڪا آهن.
حافظ عبدالرزاق سڪندري محققن، عالمن ۽ محدثن جي
وضع ڪيل اصولن ۽ ضابطن کي سامھون رکندي پنھنجي
شرح کي مرتب ڪيو آهي. شرح جي ترتيب ۾ حافظ صاحب سڀ
کان پھريائين حديث جو عربي متن ڏئي، ان جي سليس
ٻوليءَ ۾ معنى کي بيان ڪيو آهي ان کان پوءِ عربي
متن جي مشڪل/لفظن جي لغوي معنيٰ کي واضح ڪيو آهي ۽
ان کي ”حل لغات“ جو عنوان ڏنو آهي. ان کان پوءِ
جتي مناسب سمجهيو آهي، اتي قرآن پاڪ جي آيتن جي
حوالي سان ان جي معنيٰ ۽ مفھوم کي واضح ڪيو آهي.
اهڙيءَ طرح پنھنجي تحرير کي آسان ۽ عام فھم بنائي
ان جي نحوي ترڪيب کي بيان ڪيو آهي. حديث جي الفاظن
جي مختلف جملن جي صورت ۾ انھن جو سليس ترجمو پڻ
ڏنو اٿائين، ته جيئن پڙهندڙن جي ذهن ۾ ڪو ابھام
باقي نه رهي. باب جي مقابل سان ربط ۽ تعلق جي
سلسلي جي پوري ڇنڊڇاڻ ڪئي اٿائين. جيڪڏهن حديث ۾
ڪنھن اصحابي جو ذڪر آيل آهي، ته تشريح دوران ان
اصحابي جو احوال پڻ ڪم آندو اٿائين. اهڙي طرح هر
حديث ۾ آيل مضمونن جي مناسبت ان جي هر پھلوءَ کي
واضح ڪرڻ لاءِ آسان ۽ عام فھم انداز اختيار ڪيو
اٿائين ۽ سندس اهو انداز سموري شرح ۾ جاءِ بجاءِ
نمان نظر اچي ٿو. از انسواءِ حافظ سڪندري صاحب شرح
دوران پنھنجي مضمونن کي بيان ڪندي عربي، فارسي، ۽
اردو شاعرن جي بيتن سان گڏوگڏ، سنڌ جي مشھور شاعرن
شاهه عبداللطيف ڀٽائي، مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي،
خليفي نبي بخش ۽ محمد شريف راڻيپوري جي عارفاڻه ۽
ناصحانه بيتن کي ڀراءَ طور استعمال ڪيو آهي. جنھن
سان حافظ سڪندري جي علمي ۽ ادبي ذوق جو پڻ پتو پوي
ٿو.
آخر ۾ ”ماخذ و مراجع“ جي عنوان سان جيڪا فھرست ڏني
آهي، تن ۾ عربي، اردو تفسير حديث ۽ شروح حديث لغت
۽ متفرق ڪتابن جو تعداد 62 ڄاڻايو ويو آهي. جنھن
مان واضح ٿئي ٿو ته حافظ عبدالرزاق سڪندري واقعي
وڏي محنت ۽ عرق ريزيءَ سان هيءُ عظيم علمي، تحقيقي
۽ ديني پورهيو ڪري رهيو آهي. سو انشاء الله سندس
لاءِ آخرت جي بيش بھا ۽ ابدي اجر جو سامان ته بڻبو
ئي بڻبو، ليڪن موجوده ٻوسٽ واري ماحول ۾ سنت جي
احياء ۾ معاون بڻجڻ سان گڏوگڏ سنڌي ديني ادب ۾
قابل قدر اضافو پڻ شمار ٿيندو.
جيتري قدر شرح ۾ عبادت ۽ ٻولي جو تعلق آهي، تنھن
مان صاف طور تي معلوم ٿئي ٿو ته حافظ سڪندري صاحب
عام فھم ۽ سليس سنڌي ٻولي ڪتب آندي آهي. ڏکين لفظن
کان پرهيز ڪئي اٿائين. سموري عبارت ۾ فصاحت ۽
بلاغت جون خوبيون نمايان آهن. وڏو خواهه گهٽ علم
وارو ان کي آساني سان پڙهي ۽ سمجهي سگهي ٿو.
سنڌي ادبي بورڊ جو ٻاراڻي ادب جو رسالو

|