مسرور پيرزادو

شيخ اياز: فطرت
جو شاعر
عظيم شاعريءَ جو دائرو تمام وسيع هوندو آهي ائين
به چئي سگھجي ٿو، ته جنھن شاعر جي شاعريءَ جو
دائرو جيترو وسيع هجي ٿو اهو اوترو ئي وڏو يا عظيم
شاعر هجي ٿو. عظيم شاعرن جي شاعري سڄي ڪائنات جي
عڪاس هوندي آهي.
اهي عظيم شاعر پنھنجي تخيل، شعر ۾ سموري ڪائنات ۽
ان جي رازن ۽ خوبصورتي کي آڻي ڄڻ ته ڏاتار طرفان
ڏنل ڏانءَ جو قرض ادا ڪندا آهن، سينيڪا چيو هو ته:
All art is but imitation of nature.
يعني: سمورو فن، فطرت جو نقل آهي.
جيسيتائين ڪنھن شاعر جي تخيل ۾ سموري ڪائنات ۽ ان
جون حسناڪيون نه ٿيون اچن، تيسيتائين ڄڻ ته اهو
شاعر نامڪمل ۽ اڻ پورو ٿو رهي. جنھن شاعر جي
شاعريءَ ۾ جيترا گھڻا موضوع اچن ٿا ۽ اهي فني
خوبصورتين سان اّظھارجن ٿا ته ان شاعر جي شاعريءَ
جو
vision
اوترو وسيع ٿئي ٿو. عظيم شاعري فقط پنھنجي ذات ڏک-
سک کي اظھارڻ جو نانءُ ناهي پر سموري جھان جي ڏک-
سک کي پنھنجي دل ۽ روح سان محسوس ڪري، ان کي
پنھنجو سمھجي، خوبصورتيءَ سان بيان ڪرڻ جو حسين فن
آهي. جڏهن ڪو به فنڪار / شاعر عظيم ٿئي ٿو ته هن
کي پنھنجي آڏو ۽ لڪل سڀ شيون ڳالھائيندي ۽ اظھار
ڪندي محسوس ٿين ٿيون، ۽ پوءِ هو پنھنجو پاڻ تي
انھن سڀني شين جو قرض ٿو سمجھي، ۽ هو اهو قرض تڏهن
ادا ڪري ٿو، جڏهن هو انھن سڀني شين جو اظھار
پنھنجي فن ۽ ٻوليءَ ۾ ڪري ٿو. اهي شيون جيڪي بظاهر
عام ماڻھن کي ڳالھائنيدي ۽ اظهار ڪندي محسوس ناهن
ٿينديون، اهي فقط آرٽسٽ جي اک سان ڏسي سگھجن ٿيون.
فنڪار جي ڪنن سان ٻڌي سگھجن ٿيون ۽ من سان محسوس
ڪري سگھجن ٿيون.
ديک م تون سين تن، هي جي مجازياڻيون مُنھن ۾،
ڪين سڃاتو سپرين، نھاري نيڻن،
پرين سي پَسن، ٻيئي جنين ٻُوٽيون.
(لطيف)
مون مشھور مصور، وان گاف جو هڪ قصو ٻڌو هو. اهو
قصو ڪجھه هن ريت آهي:
”مشھور مصور وان گاف ڪجھه ڏينھن سمنڊ ڪناري تي وڃي
لھندڙ سج جو منظر ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندو هو. وان گاف
فقط اهي لمحا تڙتڪڙ ۾ ڏسي پنھنجي ڪينواس تي
چِٽيندو هو، جن لمحن ۾ عميق سمنڊ ۾ سڄي ڏينھن جو
ٿڪل سج لھندو ويندو هو. جيئن ته اهي لمحا ٿوري دير
۾ گذري ويندا هئا، ان ڪري وان گاف به پنھنجو ڪم
انھن ٿورڙن لمحن کان پوءِ ختم ڪندو هو ۽ وري ٻي
سانجھه سمي ساڳيو ئي ڪم شروع ڪرڻ لاءِ ايندو هو.
وان گاف کي جڏهن ٻه ٽي ڏينھن اُتان جي هڪ مُھاڻي
ڏسندي رهي ته هوءَ پنھنجي ساءِ چوندي ويندي هئي
ته، هي ماڻھو ته صفا واندو آهي، سج لھڻ جو منظر هر
ڪنھن ڏٺو آهي. هي پوءِ به اهو منظر ڇو ٿو ٺاهي. هي
آخر ڇا ٿو ڏيکارڻ چاهي؟ ۽ پوءِ ڪجھه ڏينھن ۾ جڏهن
وان گاف پنھنجي ان سمنڊ ڪناري تي لھندڙ سج واري
تصوير کي مڪمل ڪري پنھنجو سامان ويڙهڻ جي تياري
ڪري رهيو هو ته اها مُھاڻي وان گاف وٽ آئي ۽ چوڻ
لڳس ته ”توهان ڪجھه دير ترسندا؟ مان پنھنجي مڙس ۽
ٻارن کي وٺي اچان ۽ انھن کي هيءَ تصوير ڏيکاريان.
اسان هتي روز سج کي لھندي ڏسندا آهيون پر اڄ
زندگيءَ ۾ پھريون ڀيرو توهان جي مصوريءَ مون کي
اهو محسوس ڪرايو آهي، ته سج ڪيڏو نه خوبصورتيءَ
سان سمنڊ ڪناري تي لھي ويندو آهي. مان چاهيان ٿي
ته منھنجو مڙس ۽ ٻار به اهو محسوس ڪن!“
سو فن، آرٽ دراصل پنھنجي اظھار سان اهو سمھجائڻ ۽
محسوس ڪرائڻ جي ڪاوش ڪندو آهي ته شيون ڪيڏيون
سھڻيون آهن. زندگي ۽ فطرت ڪيڏي خوبصورت آهي ۽
زندگي جو مقصد زندگي ۽ ان سان لاڳاپيل شين سان
محبت ڪرڻ آهي.
شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ زندگي ۽ ڪائنات جي
خوبصورتين جو تمام گهڻو ذڪر ملي ٿو. اياز جي
شاعريءَ ۾ فطرت جي خوبصورتي ۽ تازگي آهي ۽ هو به
پنھنجي شاعريءَ ۾ فطرت جي مختلف شين کي آڻي ڄڻ
پڙهندڙ کي اهو محسوس ڪرائي ٿو، ته شيون اصل ۾
ڪيڏيون نه خوبصورت آهن!
اياز جي شاعريءَ ۾ هن ڪائنات ۽ ڌرتي تي جيڪي شيون
آهن انھن جي خوبصورت تصوير چٽيل آهي. جيترو گھڻو ۽
سھڻو ذڪر شيخ اياز پنھنجي شاعريءَ ۾ چنڊ، سج،
ڪتين، ستارن، ٽيڙن، گلن، ٻُوٽن، پکين، جانورن،
جيتن، مڇين، وڻن، درياهن، ڍنڍن، سمنڊن، ماڳن، سالن
جي مُندن جو ڪيو آهي، ايترو گھڻو ۽ سھڻو ذڪر شايد
ئي ڪنھن شاعر ڪيو هجي.
مراز غالب جي شاعراڻي عظمت کان مان ڪڏهن به انڪار
نه ٿو ڪري سگھان، پر مون کي اهو ڏسي حيرت ٿي ٿئي
ته غالب جھڙي عظيم شاعر جي شاعريءَ ۾ فطرت ۽ ان
جون خوبصورتيون ايتريون ڇو نه آهن!؟ ڇا غالب ۽
فطرت ۽ ان جي خوبصورتين کي ايترو اهم نه سمجهيو؟
جي نه ته ڇو؟ غالب جي شاعريءَ ۾ گھڻو ڪري پنھنجي
ذات جو درد آهي.
پُر
ہوں
ميں
شکوے
سے
يوں،
راگ سے
جيسے
باجا
اک ذرا چھيڑے،
پھر ديکھييں
کیا
ہوتا
ہے!
مان اها ڳالھه مڃان ٿو ته پنھنجي ذات جي درد کي ان
عظيم شاعر ايڏو ته فني ڪمال سان اظھاريو، جو اهو
جھان جو درد نظر اچڻ لڳو پر پوءِ به غالب مِينھن ۾
ڀِڄندڙ گلن، چاندوڪيءَ ۾ درياھ، ڪويل جي مٺڙي
”ڪُوڪُو“ ۽ اهڙين ٻين شين کي پنھنجي شاعريءَ ۾
ايترو ڇو نه ورجايو؟
مون کي اردو شاعري ڏاڍي وڻندي آهي، پر ان ڳالھه تي
ڪجھه حيرت ۽ افسوس به ٿيندو آهي، ته انھن وڏن
شاعرن فطرت جي خوبصورتين کي پنھنجي شاعريءَ ۾ گھڻي
جاءِ ڇو نه ڏني آهي؟
انگريزن جي شاعريءَ ۾ فطرت جو ذڪر جام ملي ٿو.
شيڪسپئِر کان وٺي ورڊس ورٿ تائين انھن جي شاعري
فطرت جو اهڙو سھڻو ٺھيل جام آهي جيڪو هڪ خوبصورت
نشو ڏئي ٿو ۽ ان نشي واري حالت ۾ اهي سڀ ڍنڍون،
ڍورا، وڻ ٽڻ، پکي پکڻ ۽ نظارا ڳالھائيندي محسوس
ٿين ٿا جن جو انھن شاعرن ذڪر ڪيو آهي.
شيڪسپِئر ڪيڏو نه خوب چيو آهي ته:
Under the green wood tree,
Who loves to lie with me,
And turn his merry note,
Unto the sweet birds threat,
Come hither, come hither, come hither!
Here shall he see,
No enemy
But winter and rough weather.
”هن سائي وڻ جي هيٺان هت،
ڪو آهي جو مون ساڻ رهي،
۽ ڪنھن پکي جي لات جيان،
ڪائي سُريلي ڳالھه ڪري،
هيڏانھن آء! هيڏانھن آء! هيڏانھن آء
هت ڪو به نه ڏسندو،
ڪوئي دشمن،
بس سياري ۽ ڏنگي موسم بن!“
يا وليم ورڊس روٿ، جنھن کي ”فطرت جو شاعر
Poet of the nature“
چيو وڃي ٿو، ان جو به مثال پيش ڪجي ٿو:
The cock is crowing,
The stream is flowing,
The small birds twitter,
The lake doth glitter,
The green field sleep in the sun,
The oldest and youngest
Are at work with the strongest,
The cattle are grazing.
”ڪانءُ لنوي رهيو آهي،
ندي وهي رهي آهي،
ننڍڙا پکي به ٻولن ٿا،
ڍنڍ ٿي پئي جرڪي،
ٿي ٻني سائي سمھي،
سج جي تڙڪي تي،
ڪم تي آهن ننڍا ۽ ٻُڍا،
مضبوط ماڻھن سان لڳا،
مالُ چري رهيو آهي“
پر آخر ائين ڇو آهي جو مغرب وارن جي شاعريءَ ۾
فطرت، (گلن، ٻوٽن، ميون وغيره) جو ذڪر گھڻو آهي ۽
مشرق وارن شاعرن جي شاعريءَ ۾ ڪجھه گھٽ؟ ائين شايد
ان ڪري آهي جو مغرب ۾ ماڻھن جا بنيادي مسئلا حل
ٿيل آھن. مثلن کاڌو، خوراڪ، لٽو، ڪپڙو، گھر گھاٽ
وغيره. تنھن ڪري انھن جي شاعريءَ ۾ بک، بدحالي،
رهڻ ڪھڻ جو درد ايڏو ڪو نه آهي. جڏهن ماڻھن جون
بنيادي ضرورتون پوريون ٿيل هونديون آهن، ته پوءِ
اهي ماڻھو باقي دنيا ۽ ان جي خوبصورتين طرف نگاھ
کڻندو، جيڪڏهن ماڻھو کاڌي پيتي، اجھي لٽي، لاءِ ئي
پريشان هوندو ته پوءِ فطرت جا حسين منظر به هن
لاءِ ڪا معنيٰ نه ٿا رکن. شيخ اياز ڪيڏو نه سچو
جملو لکيو هو ته ”فطرت جي حُسن مان اک جو ته ڍءُ
ٿئي ٿو پر پيٽ جي بک به ٿي لھي!“
مغرب جي شاعرن جا موضوع اڪثر فطرت سان لاڳاپيل
هوندا آهن. اهي برف باريءَ جي منظرن، پکين جي
لاتين، ميون، وڻن وغيره تي شعر لکندا آهن، ڇاڪاڻ
جو سندن بنيادي گھرجون اڪثر پوريون ٿيل هونديون
آهن.
مغرب جا هيلوڪا شاعر وائڙا ٿي پڇندا آهن ته ”ڇا
عورت، مرد ۽ انھن جو ملڻ به شاعريءَ جو موضوع ٿي
سگھي ٿو؟“ هو اهو سوال ان ڪري پڇن ٿا، جو هو
”ڍاوا“ آهن، ۽ اهو ”ڍاوي“ هجڻ جو ڇا نقصان ناهي جو
عورت، مرد ۽ انھن جي محبت ۽ ميلاپ جو ذڪر شاعريءَ
جو موضوع ئي نه لڳي؟ ڇا ڍاوي هجڻ جو اهو نقصان
ناهي ته توهان کاڌي پيتي جي شين جو ائين ذڪر نه
ڪري سگھو، جو وات ۾ پاڻي اچڻ لڳي؟
سدا آهي ساھ کي، ڳڀي جي ڳولا،
ڍَوَ بنان ڍولا! ناهي ساڃھه سُونھن جي.
(شيخ اياز)
پر عظيم ۽ مڪمل شاعريءَ ۾ به عظيم ۽ مڪمل زندگيءَ
وانگر هر ڳالھه هئڻ گھرجي. اها کُٽل ۽ اڻ پوري نه
هئڻ گھرجي، ان ۾ ڏک ۽ سُک ٻنھي جو اهڙو سھڻو سنگم
هئڻ گھرجي، جھڙو حسين سنگم زندگيءَ ۾ رات ۽ ڏينھن
جو هوندو آهي. شيخ اياز جي شاعري اهڙن سھڻن سنگمن
جو عاليشان مثال آهي.
ايتري فرصت هجي،
رات ساري چنڊ جا چارا ڏسان!
واھ جي ڪڙ تي پپل جي
ڇانوَ سان پاڻيءَ مٿان،
ڪجھه گھڙيون ترندو رهان
ڪجھه سرءُ جي شام ۾ سوچان، سڙان، لوچان لھان
ڪنھن پکيئڙي جي مثال،
صبح سانجھيءَ ٿو رهان،
داڻي پاڻيءَ جي پٺيان!
زندگي منھنجي تخيل ۾ مگر
چھڪ واري چھنب، کنڊڙيل کنڀ آ!
شيخ اياز جي شاعريءَ لئه فطرت انسپائريشن
”INSPIRATION“
رهي آهي جنھن مان متاثر ٿي، ان مان سگھه حاصل ڪري،
هُو شاعريءَ جي تخليق ڪندو آهي. اهڙي ڳالھه هن
پنھنجي شاهڪار نثري ڪتاب ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ جي
هڪ خط ۾ هيئن ڪئي آهي:
سکر ۾ ڏاڍي گرمي ۽ ٻُٽ آهي. شام ٿيندي ئي هيانءُ
منجهڻ ٿو لڳي. هاڻي ٻارهين بجي براج تان موٽيو
آهيان. منھنجون اونھاري جون راتڙيون زياده تر اُتي
بسر ٿينديون آهن. اتان جي هوا ۾ منھنجيءَ جوانيءَ
جون سرگوشيون آهن. پن پن ۾ ڪنھن پرينءَ جو پڙلاءُ
آهي. اتان جي لھر لھر، ستاري ستاري، درخت درخت، ۾
منھنجا بيت ۽ گيت پکڙيا پيا آهن. براج جي کاٻيءَ
ڀر تي ٻن واهن جي وچ ۾ رستو آهي، جنھن تي ٻنهي
پاسين گدامڙيءَ ۽ ٽالھيءَ جا درخت آهن. جڏهن چنڊ
واھ جي پاڻيءَ ۾ ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويندو آهي ته لهريون
تيزيءَ سان اهي ٽڪرا کڻي، ڀڄنديون وينديون آهن.
مون کي هميشه ائين محسوس ٿيندو آهي ته ”بيڪس“ جو
اُداس روح ساڌ ٻيلي کا ڦري، اُتي اچي بيهندو آهي ۽
پنھنجي پياري ڪافي جهونگاريندو آهي
”ڪاڪ ڪماڻي، ويل وهاڻي،
ڀينگ ٿيا سڀ ڀاڻا :
وري موٽي، آءُ راڻا!“
ڪڏهن سکر آءُ ته تو کي پنھنجي بيتن جو پس منظر
ڏيکاريان. اچي ڏس ته ستارن جي سونھن جي ڇاٽ ڪيئن
ٿي ڇَڻي، چنڊ جا ڪرڻا وڻن منجهان واٽ ڪيئن ٿا ڪن،
چنڊ جو گَهرو گهاءُ ڪيئن ٿو چِڪڻ لڳي، ۽ ڪيئن صدين
جو سوداءُ جيءَ ۾ جاڳي پوي ٿو.
اياز پنھنجي وڪالت جي مصروفيتن جي ڪري ڪيترو ئي
وقت ڪو شعر نه لکي سگھندو هو، پر پوءِ به هو ان
ماحول کي ڇڏي، وڪالت مان موڪل وٺي سوات، ڪوھ مري،
ڀورپن، پشاور، سندربن وغيره جھڙين پُر سڪون ۽
فطرتي نظارن جي سُونھن سان سٿيل جڳھن ڏانھن هليو
ويندو هو. ”ڀُونر ڀري آڪاس“ ۾ شامل اياز جا هي ٻه
نظم ڏسو، جن مان فطرت جي حُسن جو مينھن وسي رهيو
آهي:
”نٿيا گليَ جي شام“
شام جو سج پھاڙ جي پٺ تان،
جرڪندو اِئن ٻڏي ويو آھي،
سون جو ٿالھ ڪنھن حسينه کان،
ڄڻ ھٿن مان ڪري پيو آھي.
ھر طرف ابر ڪوھسار رڱي،
اِئن شفق آسمان تي ڇائي،
ڄڻ ته کھنبو ڍڪي ڪٽھڙي تي،
ڪائي مينديءَ رَتي ڪنوار آئي.
چيل جي شاخ شاخ تان شبنم،
رھگذر تي وسي رھي آھي،
يا ڏسي ھيٺ ماٿريءَ جو غم،
حسن جي دل ڀِڄي پَئي آھي.
دور ھوندي به تون قريب آھين،
آءٌ جنھن کان فرار ڳوليان ٿو،
ھر نئين حسن جي تمنا ۾،
ڄڻ ته تنھنجو ئي پيار ڳوليان ٿو.
پيو ڀڄي ھانءُ، ڪجھه ھُري آيو،
ابر ڇايو، پريان گھٽا نڪتي،
زندگيءَ جي وفا ته ھئي معلوم،
ھاءِ، تنھنجي وفا به ڇا نڪتي!
حسن جي جستجو فقط پيارا!
آھ مون لاءِ باوفا نڪتي،
ڪيترو وقت ٿيو شڪسته ساز
اڄ وڳو آھه وري، صدا نڪتي.
هي ٻيو نظم:
ڪوھه مريءَ تي
ڪالھه مون کي چيو پئي مالھيءَ،
”ھيل ڏاڍو ڳـڙو وسيو آھي،
آھه آڙو رھيو نه خوباني،
ناک جو وڻ ٻسو ٻسو آھي،
”ڳوٺ منھنجو پريان پھاڙيءَ تي،
بي نظير آ، مگر بکيو آھي.“
آ وئي ويڙھجي شفق ۾ شام،
دور سورج غروب ٿيو آھي،
ڪنھن مصور جو روح آ گويا،
ابر ڪھسار ِائن کڙو آھي،
ھيءَ صنوبر جي شاخ تي شبنم،
ڄڻ ته ھٿ جوھريءَ جو آھي،
ڪنھن ڪنواريءَ جي لڄ ۾ گويا،
ڳوٺ سارو ٻڏي ويو آھي،
نھر ۾ آسمان جو پاڇو،
شام جو اِئن پَئي رھيو آھي،
ڄڻ ڏسي آئيني ۾ پنھنجو پاڻ،
حسن حيران ٿي ويو آھي.
ٿي ٻري باھه بک جي ان ۾،
ڌنڌ ۾ دور جھوپڙو آھي،
نه ڏياٽيءَ ۾ تيل آ ان جي،
۽ نه ٻاٽيءَ ۾ ٻوڙ ڪو آھي،
نه سڀاڻي جو ساٿ آ ان سان،
نه ڪوئي اڄ ۾ آسرو آھي
تنھنجي تخليق ۾ اڙي خالق!
ايترو فرق نيٺ ڇو آھي!
مان ته سمجھان ٿو تون ڪٿي ناھين،
ھي سڄو ڍونگ ڪنھن رچيو آھي!
ورنه انسان کان زياده ڪو،
حسن تنھنجي جو آئينو آھي؟
پوِ به بيحال آھ ھو بک ۾
تنھنجو جلوو بکيو ڏکيو آھي.
شيخ اياز جي فطرت سان محبت ان ڳالھ مان به ظاهر
آهي، جنھن ۾ هن اها منظوم وصيت ڪئي آهي ته:
اُٿي اسر ويل جو، لوڏائي لامن،
پکي اڏامن، اُتي مون کي پورجو.
يا
سوچئين تون متان، مون مٿان مقبرو،
چنڊ تارا ڪتيون، سج جون مشعلون،
مون مٿان روز ٻرندريون پيون،
هي خُدائي مُجاور جيان ڪندا روز مون تي سوجھرو،
سوچئين تون متان مون مٿان مقبرو.
روز مون تي شفق پڙ پائي زريءَ جا،
عقيدت جو اِظهار مون سان ڪنديون،
ڏينهن جو سورج مُکين سان پئي زندگي جرڪندي،
رات رابيل جا گل نِڇاور ڪندي،
ماڪ سان تنھن مٽيءَ کي مُعطرڪندي آئون هوندس جتي،
تون متان هِن گنهگار کي وڏي پير سان ڀيٽين،
سوچئين تون متان، مون مٿان مقبرو.
شيخ اياز جيتوڻيڪ عمر جو آخري ڪافي حصو ڪراچيءَ ۾
گذاريو، پر ان سڄي عرصي دوران اياز جي اها خواهش
رهي ته هو فطرت جي ويجھو هجي ۽ ڪنھن سنڌ جي
ٻھراڙيءَ ۾ هجي. هن پنھنجي آتم ڪٿا ۾ لکيو آهي ته
”يا خدا! ڇا مان اندرين سنڌ ٻيھر نه ڏسي سگھندس؟
ڇا ڪراچيءَ جي دُونھين ۽ گُھٽ ٻُوسٽ واريءَ فضا،
ڪُوڪاري واري ٽرئفڪ ۽ بسن ۽ موٽرن، ٽرڪن ۽ رڪشائن
جي هُل هلاچي ۽ گوڙ گمسان ۾ مان پنھنجو وقت پورو
ڪري ويندس؟ ۽ رڳو تصوير ۾ اُهي ڏاند، گاڏين ۾
جوٽيل ڏسي سگھندس، جن جا ڏورڻا مون کان وسري نه ٿا
وسرن.“
”يا خدا! ڇو تو مون کي سنڌ جي گس گس، سڙڪ سڙڪ،
واريءَ ڪڪريءَ ۽ مٽيءَ کان جدا ڪيو آهي؟ سنڌ جا
وڻ، پکي ۽ پسون منھنجي وجود جو حصو ها!“
اياز اڳتي لکيو ته ”ٻھراڙيءَ جي زندگي منھنجي رڳ
رڳ ۾ آهي“ هن ڪنھن ٻئي ڪتاب ۾ ڪجھه اهڙي به ڳالھه
ڪئي آهي ته ”اي ڪراچيءَ جي ٽرئفڪ جي شور ۾ ڪرچيون
ڪرچيون ٿي ويل رات! ڇا مون کي وري سنڌ جي آئيني
جھڙي رات نصيب نه ٿيندي؟“
شيخ اياز فطرت کان ڪٽنجدڙ شهري زندگيءَ مان بيزار
هو ۽ هن ان بيزاريءَ جو اظھار پنھنجي آتم ڪٿا ”ڪٿي
نه ڀڃبو ٿڪ مسافر“ ۾ هڪ هنڌ هيئن ڪيو آهي:
”ائين ٿو لڳي زندگيءَ مان رومان نڪري ويو آهي،
اڄڪلھه مشين ماڻھوءَ کان جاءِ ورتي آهي، صنعتي
انقلاب انسانن لاءِ رحمت نه پر زحمت ٿي آيو آهي.
نه گھرجن مون کي اهي پلاسٽڪ جا ٿانَو! پري ڪريو
اهي جنات جيڏيون مشينون ۽ مون کي اڳيون دور موٽائي
ڏيو. مون کي پنھنجي معصوميت موٽائي ڏيو. نه گھرجي
مون کي اوهان جي ترقي پسندي!“
نوان ڪتاب


الله ڏنو ملاح

آڪاش
عشق، انقلاب ۽ مزاحمت جو شاعر
سنڌي ادب ۾ ڪجهه شاعر اهڙا آهن، جن جا نالا وقت جي
وهڪري ۾ به امر رهن ٿا، ڇو ته انھن جو ڪلام صرف
شاعري نه، پر هڪ تحريڪ، هڪ انقلاب، ۽ هڪ خواب آهي.
آڪاش به انھن شاعرن مان آهي، جيڪو پنھنجي شاعريءَ
ذريعي رڳو حسن ۽ عشق جو اظهار نه ڪندو آهي، پر ظلم
خلاف وڙهڻ، مظلومن کي همٿ ڏيڻ، ۽ حق لاءِ جنگ جو
جذبو به ڏيندو آهي.
هو شاعريءَ کي صرف فن نه، پر هڪ اوزار سمجهندو
آهي. اهڙو اوزار، جيڪو عوام جي شعور کي جاڳائي،
جابرن لاءِ وڄ بڻجي ڪري ۽ دٻجي ويل بغاوت کي زبان
ڏي. هو لفظن جو جادوگر آهي، جيڪو عام ماڻھن جي
زبان مان لفظ چونڊي ايندو آهي ۽ انھن مان شاعريءَ
جا اهڙا موتي پروئيندو آهي، جيڪي ماڻھن جي دلين تي
راڄ ڪندا آهن.
حساس دل ۽ وسيع دوستي
آڪاش انتهائي حساس دل جو مالڪ هو. هن زندگي کي
ويجهي کان ڏٺو، عوام جي ڏکن کي محسوس ڪيو، ۽ انھن
کي پنھنجي شاعريءَ ۾ شامل ڪيو. هو هڪ اهڙو شخص هو،
جيڪو هر دل جي درد کي پنھنجو درد سمجهندو هو ۽
انھيءَ ڪري سندس شاعري سڌو انساني احساسن سان
ڳنڍيل آهي.
سندس دوستيءَ جو حلقو تمام وڏو آهي، ڇو ته هو سڀني
سان محبت ڪندڙ، کليل دل وارو، ۽ سچو يار هو. هو
رڳو شاعرن جو دوست نه هو، پر عام ماڻھن، پورهيتن،
شاگردن، ۽ فڪر رکندڙ هر انسان جو ساٿي هو. سندس
ڪچهريون روح کي وڻندڙ هونديون هيون، جتي هو لفظن
سان اهڙو جادو ڪندو هو، جو ماڻھو محو ٿي ويندا
هئا.

سڄي دنيا گھمڻ وارو، بي مثال مشاهدو
آڪاش نه صرف لفظن جو بادشاهه هو، پر هن دنيا کي
ويجهي کان ڏٺو ۽ سمجهيو به هو. هو هڪ اهڙو مسافر
هو، جنھن مختلف ملڪن، ثقافتن، ۽ ماڻھن سان ملي،
زندگيءَ جو هڪ نئون مفهوم حاصل ڪيو. سندس مشاهدو
انتهائي تيز هو، هو ننڍين ننڍين شين مان وڏيون
حقيقتون ڳولي لهڻ جو ماهر هو.
هو جڏهن دنيا کي ڏسي، مشاهدو ڪري، ۽ پوءِ انھن
تجربن کي پنھنجي شاعريءَ ۾ پيش ڪندو هو، ته سندس
لفظن ۾ نئين دنيا جا رنگ نظر ايندا هئا. سندس
شاعريءَ ۾ رڳو خواب نه هئا، پر حقيقتن جا عڪس به
هئا ۽ اها ئي ڳالهه کيس ٻين شاعرن کان الڳ ۽ منفرد
بڻائي ٿي.
1.قومي سجاڳي ۽ انقلابي جذبو
آڪاش سنڌ جو عاشق هو. هو سنڌ جي ماضي، حال ۽
مستقبل بابت ڳڻتي ڪندڙ شخص هو. سندس شاعري سنڌ جي
دردن جو اظهار آهي، پر ان سان گڏ ان مان نڪرڻ جو
رستو به ڏيکاري ٿي. سندس قومي گيت سنڌ واسين کي
اُتساهڻ لاءِ هڪ سڏ آھن.
2. بغاوت ۽ مزاحمت
آڪاش جي شاعري عام شاعري نه آهي، اها مزاحمت جو
ٻرندڙ جبل آهي. هو انھن شاعرن مان هو، جن کي نه
اقتدار خريد ڪري سگهيو، نه ئي ڪو جبر جھڪائي
سگهيو. سندس شاعريءَ ۾ سنڌ جي ماڻھن کي شعور جي
راهه ڏيکارڻ جو جذبو آھي.
3. رومانوي شاعري: محبت جو نئون رنگ
آڪاش جو عشق عام شاعريءَ کان مختلف آهي. هن جي
شاعري ۾ رومانس صرف محبوب تائين محدود نه آھي، پر
ان ۾ ڌرتيءَ، عوام، ۽ آزاديءَ سان عشق جو هڪ الڳ
رنگ شامل آھي. سندس غزل، گيت، ۽ نثري نظم ٻڌندڙ جي
دل تي هڪ عجيب سرور پيدا ڪندا آھن.
4. عام ماڻھن جي ٻولي
آڪاش لفظن جو جادوگر هو. هو لفظ الائي ڪٿان ڪٿان
آڻيندو هو. عام ماڻھن جي ڳالهين مان، پورهيتن جي
گفتگو مان، گهٽين ۽ بازارن مان، جتي به زندگيءَ جي
سچائي ملي. هو اهڙن لفظن کي شاعريءَ ۾ آڻي عام
ماڻھن لاءِ شاعريءَ کي سمجهڻ لائق ۽ انھن جو آواز
بڻائيندو هو.
آڪاش جي شاعري جو اثر
آڪاش جي شاعري ڪتابن تائين محدود نه رهي، بلڪه ان
عملي زندگيءَ ۾ پنھنجو مقام ٺاهيو. سندس شاعري
مظاهرن ۾ نعرو بڻجي، جلسن ۾ صدا بڻجي، ۽ عام ماڻھن
جي دلين ۾ جذبو بڻجي وئي.
هو انھن شاعرن مان هو، جن جي لفظن سان انقلاب جو
آغاز ٿيندو آهي. هن جي شاعري ماڻھن کي سيکاريو ته
ڪيئن ظلم جي خلاف بيهڻو آهي، ڪيئن مظلومن جو ساٿ
ڏيڻو آهي، ۽ ڪيئن پنھنجي حقن لاءِ وڙهڻو آهي.
آخري ڏينهن ۽ سنڌ جو وڇوڙو
آڪاش جي شاعري سنڌ جي وجود جو حصو بڻجي چڪي آهي.
هو پنھنجي آخري گهڙين تائين شاعريءَ ذريعي سنڌ سان
ساٿ نڀائيندو رهيو. پر قسمت سنڌ کي وڌيڪ عرصو سندس
ساٿ ڏيڻ جو موقعو نه ڏنو، ۽ هو اسان کان وڇڙي ويو.
پر شاعر ڪڏهن مري ناهن سگهندا.
آڪاش جو نالو، سندس لفظ ۽ سندس جذبو اڄ به زنده
آهن. سندس شاعري سنڌ جي هر ان ماڻھوءَ لاءِ
روشنيءَ جو ڏيئو آهي، جيڪو حق، سچ ۽ انصاف لاءِ
وڙهڻ چاهي ٿو.
آڪاش زنده آهي- شاعريءَ ۾، سندس لفظن ۾ ۽ هر ان دل
۾، جيڪا شعور جي روشنيءَ سان روشن آهي!
دالستار لغاري

لوڪ ادب: قوم جي ذهني، مذهبي ۽ تمدني
صورتحال جو ترجمان
جڏھن کان انسان پيدا ٿيو آهي، تڏھن کان سوچڻ شروع
ڪيو اٿس. ھو پنھنجي جذبن، احساسن جو اظھار ڪنھن نه
ڪنھن نموني ڪندو رھيو آھي. اھو انسان ئي آھي، جيڪو
فطرت جي ڏاڍاين ۽ سختين کي منھن ڏيندي اڄ چنڊ کان
مريخ تي وڃڻ جا سانباها ڪري رهيو آهي. دنيا جي
ڪنڊڪڙڇ ۾ ھڪ اھڙو دؤر به آيو، جنھن ۾ اتي جي لوڪ
ادب جنم ورتو ۽ پوءِ وقت جي رفتار سان ارتقائي
مرحلن مان گذرندو رھيو. ھر قوم جو لوڪ ادب انھي
قوم جو عڪس آھي، ڇاڪاڻ ته لوڪ ادب جو سماجي زندگي
سان گھرو تعلق ھوندو آھي. ڪنھن به ملڪ جي ذھني،
مذھبي ۽ تمدني حالتن جو جائزو وٺڻو ھجي، ته اتان
جي لوڪ ادب جو گھرو مطالعو ڪجي.
الله بخش نظاماڻي لکي ٿو ته:
”لوڪ لفظ سنسڪرت آھي، جنھن جي معنيٰ آهي ماڻھو،
لوڪ لفظ انگريزي ۾ فوڪ
(Folk)
ٿيو آهي.“ (نظاماڻي. ص 5، 1981ع)
اھڙي طرح لوڪ ادب مان مراد آھي، عام ماڻھن جو ادب،
يعني اھو ادب جنھن ۾ ھٿ ناٽ ۽ ڪاريگري ٿيل نه ھجي،
سنئين سڌي نموني ڳالھه چيل ھجي، ھن ادب جو موجد
عام سنڌي آھي، لوڪ ادب ئي سنڌ جي عوام جي تھذيب و
تمدن، رھڻي ڪھڻي ۽ رسم و رواج جو بھترين ترجمان
آھي.
ڊاڪٽر غلام علي الانا سنڌي لوڪ ادب جي وصف ھن ريت
بيان ڪئي آهي: ”اھو ادب جيڪو سنڌ جي عوام ۾ مقبول
ھجي، جيڪو عوام جو پنھنجو ھجي، جيڪو عوام جي زبان
۾ ھجي، جنھن ۾ ڪنھن به شاعر جو نالو نه ھجي ۽ نه
تخلص ھجي ۽ جيڪو زماني کان عوام ۾ سيني به سيني
ھلندو آيو ھجي.“ (الانا. ص 300، 2012ع)
اسان مٿي اھا راءِ ڏئي آيا آھيون ته، ڪنھن به قوم
جي ذھني، مذھبي، تمدني صورتحال جو اندازو اسان ان
جي لوڪ ادب مان لڳائيندا آهيون. اسان لفظ لوڪ، لوڪ
ادب ۽ سنڌي لوڪ ادب تي بحث ڪري آيا آھيون ۽ ھاڻ
اسان لوڪ ادب قوم جي ذھني، مذھبي ۽ تمدني صورتحال
جو ترجمان آھي، تي بحث ڪنداسين.
داستان جو اسان جي ادب توڙي سماج جي ماضي سان گھرو
ڳانڍاپو آهي، داستان ذريعي ئي اسين پنھنجي ذھني
توڙي مادي ارتقا جو جائزو وٺي سگھون ٿا ۽ ان جي
روشني ۾ پنھنجي مستقبل جي ترقي جو تعين ڪري سگھون
ٿا، داستانن جي مطالعي سان اسان پنھنجي ذھني خيال
کي ڀري سگھون ٿا. داستان ئي انسان جي ذھني ارتقا
جي عمل کي تيز ڪندا ھئا، انھن وسيلي نه رڳو تفريح
ميسر ٿيندي ھئي، پر حقيقت کي ھٿي ملندي ھئي ته، حق
۽ باطل جي ويڙھه ۾ فتح ھميشه حق جي ٿيڻي آهي.
انسان جيڪڏھن ڪو اٽل ارادو ڪري ته ھزارين مشڪلاتن
باوجود به سوڀ سندس ٿيڻي آهي.
لوڪ ڪھاڻيون ڪيئن وجود ۾ آيون، انھن جي ابتدا ڪڏھن
۽ ڪٿان ٿي؟ ان بابت اسان ڪا به حتمي راءِ جوڙي نٿا
سگھون، ڇاڪاڻ ته انھن جي ابتدا، انسانذات جي
پيدائش کان ئي شروع ٿيل ٿي ڏسجي، اھو سلسلو پيڙھين
کان ھلندو اچي، گھڻو ڪري اھي ڪھاڻيون سيني به سيني
ھلنديون پيون اچن.انھن جو بنيادي مقصد وندر ۽
ورونھن ئي آهي. لوڪ ڪھاڻين جا سورما اڪثر ڪري
انسان ئي ھوندا آھن، پر انھن جي ھمت ۽ طاقت رواجي
انسانن کان وڌيڪ ھوندي آھي، اھو ئي سبب آهي جو
ديون، راڪاسن ۽ پرين کي مات ڏيندي پنھنجو تابع
بڻائيندي نظر آيو آھي.
لوڪ ادب نوعيت جي خيال کان ھڪ روايتي ادب آھي، ھن
۾ انھن گروھن ۾ جن ۾ ھڪ ادب زندگي تي اثر ڪري چڪو
آهي، لوڪ ادب کان ٻاھر ڪوبه گڻ موجود نه آھي، اھي
جدت ۽ نواڻ کي ڪجھ به نه ٿا سمجھن، انھن وٽ پراڻو
ئي مستند آھي. ھن طرح سنڌ جي سماج ۾ ڪي بيماريون
به اسپتالن جي علاج سان نه پر پراڻن طريقن سان
ڪيون وڃن ٿيون. لوڪ ادب جي مواد ۾ ڪنھن نه ڪنھن
سماج جا سماجي طريقا، روايتون، اعتماد، ويساھ، ڀرم
شامل آهن.
اھڙي طرح لوڪ ادب جو مواد ٻوليءَ جي اصلي يا
بنيادي صورت جو اھڃاڻ به ٿئي ٿو، ان ڪري ان ۾ ادب
جون بنيادي ڳالھيون جھڙوڪ ڳجھارت، پھاڪي ۽ چوڻي جو
ھئڻ ضروري آهي، لوڪ ادب اسان جي ادب جي ابتدائي
شڪل آھي، ان ۾ دنيا جي پراڻي ادب واريون ڳالھيون،
يعني گيت، ناچ جا نمونا، ڪھاڻيون، جنگ ۽ ٻيون ادبي
صنفون موجود آهن.
سنڌي لوڪ ادب جي صنفن جھڙوڪ وائي، ڪافي، ڏوھيڙو،
معما، پرولي، ڳجھارت، پھاڪا، ھنر، ڏور، مولود، ٽيھ
اکريون، ڏٺ، ھفتا، ڏينھن راتيون، لولي، دراھو،
ڏھس، ست سري، جمالو، مانجھيئڙو، ڇلڙو وغيره تي
سالڪن، اڪابرن ۽ سگھڙن پنھنجي وت ۽ وس آھر ڪم ڪيو
آهي. اسان پھرين به ذڪر ڪري آيا آھيون ته لوڪ ادب
سيني به سيني منتقل ٿيندو پئي آيو آھي، ڇاڪاڻ ته
سالڪن، اڪابرن ۽ سگھڙن لوڪ ادب جي تخليق ۾ نه پر
ان کي زندهه رکڻ ۾ وڏو ھٿ رھندو پئي آيو آھي. لوڪ
ادب ۾ شامل ڪھاڻيون يا عوامي رسم رواج ايترا پراڻا
به نه آھن، انھن ۾ وقت به وقت عام ماڻھن جي خيالن،
ڄاڻ ۽ ادب ۾ اضافو ٿيندو رهيو آهي ۽ انھن ۾
تبديليون به اينديون رھيون آھن. ڪنھن به سماج جي
روايتن تي ان جي تاريخ، رسم و رواج ۽ انساني تھذيب
جو رنگ چڙھيل ھوندو آھي، ساڳئي طريقي سان ان
روايتن تي مذھبن رنگ به شامل ھوندو آھي. اسان جڏھن
روايت جي ڳالھه ڪريون ٿا ته بي بنيادي ڪابه شيءِ
نه آهي، تنھنڪري روايت جي پٺيان به ڪانه ڪا تاريخ
ھوندي ۽ ان روايتن جو بنياد ڪنھن تاريخي حقيقت تي
ٻڌل ھوندو آھي. سڀ کان توجھ طلب پھلو اھو آھي، ته
ڪنھن خاص روايت ۾ تاريخ ڪٿي ٿي ختم ٿئي ۽ خيالي
قصو ڪٿان ٿو شروع ٿئي؟ تاريخي نقطئه نظر کان مختلف
قومن جي روايت ۾ ھڪجھڙائي فقط بنيادي حالتن جي
آھي، باقي ھر سماج جي روايتن تي پنھنجو مقامي رنگ
چڙھيل ھوندو آھي.
سنڌي ادبي بورڊ جو نئون ڪتاب
سنڌي ادبي بورڊ جو نئون ڪتاب
|