سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 01/ 2025ع

باب:

صفحو:14 

يار محمد چانڊيو

 

 

 

 

آخري جملو

 

”رخسار!…منھنجا دروازا تنھنجي لاءِ ھميشه کليل رهندا! …“. منھنجو آخري جملو، منھنجي امتحان جو سبب بنجي ويو هو!…مان ڇا ڪريان هان؟... مون کي اهڙو اڄاتي انجام  وارو واعدو نه ڪرڻ گھرجي ها.... هڪ پيار ڪندڙ دل، جڏھن هڪ عورت سان بيپناھه پيار ڪرڻ لڳي، تڏھن هن جي زبان مان نڪتل هر واعدي جو ڀرم پورو ڪرڻ گهرجي، نه  ڪي اڌورو!…۽ اڄ اهڙي ئي هڪ عورت سان ڪيل واعدي جو ڀرم وفا ڪندي مان رخسار جي آڏو اکيون جهڪائي بيٺل آھيان!… منھنجا لفظ مون جيان بيوس بنيل آھن .... خاموشي جي تلوار منھنجي وجود کي ڳڀا ڳڀا ڪري رهي آهي! …“

ميٽرنٽي هوم جي ٻاهران وقت جي انتظار ڪرڻ ۾ ڪيتري ڀوڳنا آھي، جنھن جي تعين ڪرڻ ۾ منھنجي جسم ۾ ڪنبڻي جاري آھي.... رخسار اندر آپريشن ٿيٽر ۾ آھي ... ۽ مان هن جي سلامتي جون دعائون گهري رهيو آھيان … سدا سلامت هجي هوءَ ۽ ھن جي ڪک مان جنم وٺندڙ ٻار!…“

مسٽر نعمان!…“ مون آپريشن ٿيٽر مان ٻاهر نڪرندڙ نرس جي آواز تي ڪنڌ کڻي مٿي نھاريو، ”اوهان کي پٽ ڄمڻ جون مبارڪون هجن! …“.

منھنجي اندر ۾ ڪابه خوشي نه اڀري ۽ سواليه نگاهن سان نرس جي چھري ۾ ڏسندو ئي رهجي ويس ... نرس به منھنجي اداس مک تي گم ٿي ويل مرڪ کي ڳولي، منھنجي جواب جو انتظار ڪيو ... پر… پر مان ڪھڙو جواب ڏيان ها ... مون وٽ ته فقط سوال ئي هيا ۽ انھن سوالن جي جواب جي مون کي به تلاش هئي!

اوهان کي پنھنجي گهرواري سان هاڻي ملي سگهو ٿا مسٽر نعمان! …“ آپريشن ٿيٽر کان ٻاهر ايندي هڪ ٻي نرس به مون سان مخاطب ٿي، ”ميڊم رخسار کي روم ۾ شفٽ ڪيو ويو آھي!“

مان وري به چپ رهيس ... ٿڪل قدم کڻندو ڪمري ۾ رخسار جي مٿان اچي بيٺس . رخسار هوش ۾ اچي رهي هئي ۽ ھن جون نظرون پنھنجي ڀرسان ستل نئين ڄميل پٽ کي ڏسڻ لاءِ منتظر هيون ... مون سندس تڙپندڙ ممتا کي ڪيتري ئي وقت کان ويھي پرکيو پئي ... جڏھن ڪجهه وقت کان پوءِ ھن کي مڪمل هوش آيو ته هن مون کي هلڪو آواز ڏنو :

نعمان! …منھنجي آپريشن تنھنجي محبت ۾ ڪيل بيوفائي جو ڪفارو هئي ... مان نئين زندگي ماڻي توتائين پھچڻ پئي چاهيو...!“

مان خاموش رهيس... خاموشي منھنجي تلخ تجربن جو نچوڙ ھئي :

هن معصوم جو نالو ڇا رکجي؟

عيسيٰ! وراڻيو هيم” تمام سٺو نالو آھي!“

عيسٰي؟“ رخسار وچڙندڙ لھجي ۾ مخاطب ٿي، ”ڇو ته بنان پيءُ جي ڄميو آھي!…عيسيٰ بن رخسار....!“

مون ائين ته ڪونه چيو!“

تون زبان سان برابر نه چيو، پر تنھنجي دل جي ڳالھ کي مون سمجهي ته ورتو....!“

اوهان غلط سمجهيو ، وراڻيم ”هي ٻار بنان پيءُ جي ناهي...!؟ ڪير آھي هن جو پيءُ؟ … ڪٿي آھي؟؟... مون اهي سوال به ڪڏھن  ڪونه پڇيا اٿم...!“

ساڳيا سوال!…آخر تنھنجا سوال منھنجو پيڇو ڇڏين ڇونه ٿا؟… سوال …سوال ئي سوال...؟؟“

مون سوال ڪيا ڪٿي آھن توکان؟“

تون پنھنجي دل تي هٿ رکي سچ ٻڌاءِ؟ توکي منھنجي جوابن جي تلاش ناهي؟؟“.

جوابن جي تلاش اڳ هئي- هاڻي نه!…“

مطلب؟

جڏھن مون جواب چاهيا پئي، تڏھن تون چپ هئين ...تو وٽ ڪي جواب نه هيا... ۽  جڏھن مان چپ آھيان، تڏھن تون جواب ڏيڻ ڇو ٿي چاهين؟ “.

تون چپ آھين؟؟“.

ها! …“ وراڻيو هيم، ”ها مان خاموش آھيان ... مون کي ڪو به هاڻي جواب نه ٿو گهرجي ...!“

تون چپ ته ڪونه آھين نعمان؟ “.

مان ڪي سوال ته ڪونه دهرايا آھن؟“.

هن معصوم ٻار جي نالي جي چونڊ ۾ تون جيڪي سوال ڪيا آھن، انھن جا جواب مونکي ڏيڻ ضرور گهرجن!“

ڪابه ضرورت ناهي!“ مون ايترو چئي رخسار جي چھري ڏانھن تڪيو، هن جي اکين ۾ ڳوڙھن جون قطارون هيون. خبر نه هئي، هوءَ  نئين ٿيل آپريشن جي درد کان ڳوڙھا هاري رهي هئي يا منھنجي سخت رويي هن جي دل ڏکائي هئي .

رخسار...!“ گهڻي ماٺ کان پوءِ ڳالهايو هيم ”تون پاڻ کي ايترو نه ڳار...! سڀ ٺيڪ ٿي ويندو...!“

زندگي جا ڪي ڪي الميا ڪڏھن به ٺيڪ ٿي نه سگهندا آھن ...“

   نرس رخسار جي وڌيڪ تيمارداري خاطر ڪمري ۾ موٽي آئي ته مان ٻاهر نڪري آيس ۽ جڏھن موٽي آيس ته رخسار جي ڀرسان ٻار نه هو. منھنجون اکيون حيرت مان کلي ويون .

رخسار....!“

پليز نعمان!…هاڻي ڪي به سوال نه ٿيندا...!“

معصوم ٻار ڪاڏي ويو؟

پنھنجي پيءُ ڏي ؟

پنھنجي پيءُ ڏي؟؟... ڪير آھي هن جو پيءُ ؟؟ ڇا مان هاڻي به ان جو نانءُ پڇڻ جو حق نه ٿو رکان؟؟؟“.

نه!…“

ڇو؟“.

ٻار کي پنھنجي پيءُ جي ضرورت جو ڀرم رکڻو هو... هن رکيو ...بس!…“.

هي ڪھڙا جواب آھن!…“.

هاڻي توکي ان ٻار جي نالي رکڻ جي به تڪليف نه ٿيندي... مان تنھنجي هونديس... ۽ تون منھنجو... اسان جي وچ ۾ ڪو ٽيون نه هوندو!!…“.

رخسار!“ منھنجون اکيون تعجب مان کلي ويون، ”زندگي ايتري ڪٺن نه گذارجي، جو جيون جي هر لمحي سوالن جا نانگ  ڪَرُ کڻي بيٺا هجن!...اڄ مون کي هر حوالي سان جواب گهرجن!!…“.

جڏھن مون کي عيسٰي نه ٿو گهرجي ته توکي جواب ڇو ٿا گهرجن؟؟“ رخسار ايترو چئي سڏڪا ڀرڻ لڳي، ”مان ڀل ته محبت جي لائق نه هجان...! پر مان هڪ ماءُ جي لائق به، ته نه رهيس...! اهڙن دردن کان وڌيڪ اهميت رکن ٿا ڇا تنھنجا جواب...!!“

تون هڪ پٽ کي هاڻي هاڻي جنم ڏنو آھي، اڃان ڪيئن ٿي چوين ته تون هڪ ماءُ جي لائق....“.

مان وڌي وڃي رخسار جا ڳوڙھا اُگهيا. هوءَ پيڙا جي شدت ۾ ھوندي به چپن تي مرڪ آڻي ويٺي، چيائين ”اسان ايندڙ ٻار جو نالو عيسيٰ نه رکنداسين...!“

   هڪ ماءُ جي دل ۾ ڪيڏو درد هو. مان هن جي چھري تي پکڙيل ڳوڙھن جي درد کي ڪجهه گهڙين لاءِ ضرور ماٺو ڪيو، پر هن جي دل جي دنيا ۾ درد جو وڏو ڪارونڀار هو، جنھن کي دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي چيم، ”رخسار!… ٻڌاءِ عيسيٰ ڪٿي آھي...؟ مان هن کي پنھنجو پٽ بڻائيندس...!“

هرگز نه!…“ رخسار جا چپ ڏکي پيا، چيائين، ”هو پنھنجي پيءُ ڏي هليو ويو... هن کي تنھنجي ضرورت نه هئي...!“

مان ڪي لمحا چپ رهيس ته اچانڪ رخسار وري ڳالھايو :

ياد اٿئي؟“.

ڇا؟؟

جڏھن تون مون سان محبت ڪندو هئين ته ڇا چوندو هئين؟؟؟

هي سڄو سنسار توتان قربان!“

”  ۽ مان ڇا چوندي هيس؟

هل ڪوڙا!… “

”پوءِ اڄ ڇا ثابت ٿيو؟؟“ رخسار جا سوال مسلسل جاري رهيا .

”مان ڪوڙو نه آھيان رخسار!“

”تون ڪوڙو آھين.... آھين... آهين…!!“. رخسار جي جواب ۾ ميار هئي ”ياد اٿئي...! جڏھن مان توکي شادي جو چئي يورپ هلي وئي هيس، تڏھن تون ڇا چيو هو؟؟“.

”چيو هيم: رخسار منھنجا دروازا تنھنجي لاء ھميشه کليل رهندا!“

”۽ جڏھن مان موٽي آيس ته دروازا بند مليا ... ڇو؟...“

”بند نه هيا!“

”نفرت کي ڪھڙو نانءُ ڏيندين؟... نفرت زندگي جي دروازن جي وڃائجي ويل چاٻي هوندي آھي...!“

”مون نفرت ڪٿي ڪئي هئي توکان؟ “.

”مون کان نه سَھي، منھنجي جسم ۾ پلجندڙ ٻار کان نفرت هئي توکي!“

”ڪوڙ آھي اهو “.

 

”سچ آھي!“. رخسار وراڻيو، ”پر نه هاڻي منھنجي وجود ۾ ڪنھن ٻئي جو ٻار پلجندو ۽ نه ئي گود ۾...!“

”ليڪن مون کي ان راز جي پروڙ ڏي رخسار!“

”راز کي راز ڏي“.

”اڄ کان ئي سھي پنھنجو رازدار سمجهه مون کي...!“

”قيامت اچي ويندي!“

اچڻ ڏي قيامت! ترجيح ڏي اھڙي سچ جي قيامت کي .

”هو مون کي پالي وڏو ڪندڙ ماءُ جو اپاهج ۽ اڪيلو پٽ هو....!“

”ڇاٿي چوڻ چاهين؟؟…  “

”هو معذور ھو... هن جي ماءُ جي مان نيپاڄ ھيس... هن جا مون تي هزارين احسان هيا... جيئن هن مون کي يتيم سمجهي گود وٺي مون تي احسان ڪيو هو ... تيئن مان به هن کي مجبور سمجهي، هن جي ختم ٿيندڙ خانداني نسل کي ختم ٿيڻ کان بچايو هو...!“

   مان چپ رهيس ته رخسار وري ڳالهايو :

”پر مان تنھنجي محبت کي ميرو ٿيڻ ناهي ڏنو... مان اها ماءُ آھيان ، جنھن جو وجود گناهن کان پاڪ ۽ اجرو آھي...!“

مان اڃان به خاموش رهيس ته هن جي بند زبان وري ڳالھائڻ شروع ڪيو :

”پر ياد رکجانءِ … سائنس جي جديد  تحقيق سروگيسي Surrogacy ذريعي مان هنن جي نسل کي اڳتي وڌائي، منزل تائين آندو ... منھنجو وجود تنھنجي امانت هو ... مان  مقدس ماءُ آھيان...!“

”رخسار!“ منھنجي اکين مان لڙڪ وهي هليا، چيم ” تون عظيم عورت آھين....!“

”نعمان!“ رخسار جي آواز تي مون ڏانھنس ڏٺو. هن جي اکين ۾ به لڙڪ هيا، چيائين ”عيسيٰ پنھنجي پيءُ ڏانھن هليو ويو! ... هاڻي جيڪو مون کي ٻيو پٽ ڄمندو، ان جو نالو موسيٰ بن نعمان هوندو...!“

   مان چپ ٿي ويس، وڌيڪ ڪنھن به سوال ڪرڻ جي جرئت مون ۾ نه هئي .

 

ڊاڪٽر فريده ڏاهري

 

 

 

 

 

پرينءَ جو شھر

 

بينا: - حسنين يونيورسٽي جي  سينٽرل لائبريري کان زيرو پوائنٽ ڏانھن ويندڙ هن ڪشادي رستي تي سموري سنڌ جي خوبصورتي اچي گڏ ٿئي ٿي.

ڪيترن جوان خوبصورت جوڙن پنھنجي  قدمن جا نشان هن رستي جي سيني تي ڇڏيا هوندا، انھن مان الائي ڪيترن پنھنجي زندگي جا خواب ماڻيا هوندا ۽ الائي ڪيترن جا خواب اڌورا رهيا هوندا، حسنين اگر هن رستي جي تاريخ لکجي ته دنيا جي تاريخي ڪتابن ۾ بھترين ۽ دلچسپ تاريخ ٿيندي .

حسنين:- ها ها ڇو نه موُرخ صاحبه لکو لکو ڀلي لکو ٻيو ڪنھن نه پڙھي، ته به آءٌ ته ويٺو آهيان نه پڙهڻ لاءِ بار بار پڙھيندس، هر روز پڙهندس پڙهي پڙھي ياد ڪري ڇڏيندس.

واقعي سچ ٿي چوين  هاءِ هن رستي جي قسمت؛ سامھون ڏس هو ٻه حسينائون ڇا ته اسٽائل آهي، ڇا ته ڪپڙا، ڇا ته شخصيت اٿن.

بينا:- (منھن گهنجائي حسنين ڏانھن نھاري ٿي) اوهو.... حسنين هر وقت مذاق .

حسنين:- (ٻنهي ڪنن تي هٿ رکي) سوري.

آرٽس فيڪلٽي جي ڪاريڊور ۾  حسنين پنھنجي دوستن سان گڏ

حسنين:- اڙي ڇورا، اڄ سر نثار جو ڪلاس آهي علمِ تحقيق  جو.

سجاد:- اڙي يار اڄ ڇڏينس، اڄ جمعو  عبادت جو ڏينھن آهي، سر نثار تي منھنجي جان به نثار آهي پر اڄ جان نثار ڪرڻ جو موڊ نه آهي، هلو ڪينٽين جو رستو وٺو. سڀئي دوست ٽھڪ ڏين ٿا ۽ ڳائيندا وڃن ٿا (ڄام شورو اسان جي پرينءَ جو شھر.)

بينا:- حسنين چار سال ڪيئن اک ڇنڀ ۾ گذري ويا خبر ئي نه پئي ۽ اسين آخري سال جي آخري سيميسٽر ۾ آهيون.

بينا:- ( وڏو ساهه کڻي) زندگي او زندگي تو ۾ ايتري تيزي اڳ ته نه هئي.

حسنين:- اوهو لڳي ٿو ته ميڊم وڏي شاعره ٿيندي.

بينا :- حسنين ڪڏهن ته  سنجيده به ٿيندو ڪر، حسنين مون زندگي کي تمام ويجهي کان ڏٺو آهي، زندگي ڏاڍي تلخ آهي.

حسنين:- ميڊم بينا توهان جي فلاسافي مون غريب کي سمجهه ۾ نٿي اچي.

بينا حسنين ڏانھن نھاري کلي ٿي.

ڪجهه ڏينھن بعد (انگلش جو ڪلاس ختم ٿيندي ئي بينا فيڪلٽي مان نڪري ڪينٽين ڏانھن هلڻ لڳي)

حسنين:- بينا بينا بينا ميڊم ايترو تڪڙا ڪيڏانھن پيا وڃو .اوهو بينا ڇا ٿيو آهي ايڏي پريشان ڇو پئي لڳين ڪو مسئلو آهي.

بينا:- حسنين امان جي فون آئي هئي!

حسنين:- ڇا پئي چيائين؟

بينا:- اهي ئي بابا جون ڳالھيون.

حسنين:- ڪھڙيون ڳالھيون؟

بينا:- منھنجي شادي جون.

حسنين:- بينا، الله، جو واسطو اٿئي ڪا جلد بازي نه ڪجان ڪو به فيصلو ڪرڻ کان اڳ منھنجي باري ۾ ضرور سوچجان مان توکان بغير زنده نه رهي سگهندس، تنھنجي ٻن لفظن منھنجي اهڙي حالت ڪري ڇڏي آهي، مان مان توکان سواءِ......

بينا جي اکين مان لڙڪ قطارون ڪري وهڻ لڳن ٿا..

بينا:- حسنين چڱو مان هلان ٿي منھنجي طبيعت ٺيڪ نه آهي.

حسنين:- (هڪ وڏو ساهه کڻي ٿو) ٺيڪ آهي تون ڀلي وڃي آرام ڪر.

بينا رڪشي ۾ سڌي هاسٽل پھچي ٿي ۽ سمھي پوي ٿي.

ندا جيڪا بينا جي روم ميٽ هئي، سا اچي بينا جي حالت ڏسي پريشان ٿي وڃي ٿي.

ندا:- اوهو بيني منھنجي پياري سرتي، ڇا ٿيو آهي، هي تنھنجو چھرو ايترو لال ڇو ٿي ويو آهي ۽ توکي ته بخار آهي. شام هاسٽل جي ڊاڪٽر اچي ته هلونس ٿا.

ڊاڪٽر:- بلڊپريشر ٿورو گهٽ اٿس. ڊاڪٽر،  بينا ايترو پريشان ننڍي عمر ۾ سهي نه آهي پٽ اڃان زندگي اڳتي آهي، انھي ڪري ايترو نه سوچيو سڀ کان وڏي بيماري پريشان ئي آهي.

بينا:- جي ميڊم آئيندا خيال رکنديس.

ندا :- اچ  چري جوس هلي پيون، ڪھڙا حال ڪيا اٿئي. اڙي ٻڌ ته! ڇا ٿيو آهي جو هڪ ڏينھن، ۾ اڌ جي اڌ لهي وئي آهين، ڪھڙو کنڊ جو جهاز ٻڏو اٿئي.

بينا:- ندا، امان جي فون آئي هئي.

ندا :- سمجهي ويس ته ڇا چيو هوندائين.

ندا:- بينا يار هاڻ هن مسئلي کي ڪيئن حل ڪنديئن.

بينا:- ندا جيڪو الله کي منظور هوندو، اهو ئي ٿيندو.

ندا ۽ بينا هاسٽل جي سامھون واري پارڪ ۾ .

بينا:- ندا، اڄ ڄامشوري جي رونق ايتري گهٽ ڇو ٿي وئي آهي. هي خوبصورت نگري اڄ ايتري بي رنگ ڇو پئي لڳي، هي ڏس ته سفيدن جا پن به چپ آهن.

ندا:- بيني ڄام شوري جي رونق کي ڪجهه نه ٿيو آهي ۽ هي خوبصورت نگري اڄ به پنھنجي پوري جوڀن سان رنگين آهي، مسئلو تنھنجي داخلي دنيا ۾ آهي.

بينا:- ها ندا مسئلو شايد منھنجي داخلي دنيا جو آهي. ندا، هن رونق جي نگري ۾ منھنجو اندر ايترو ويران ڇو آهي، ايتري ويراني، ايتري بي رونقائي، ايتري خاموشي، ندا ائين ٿو لڳي هن ڀريل دنيا ۾ آئون اڪيلي ڪنھن ريگستان ۾ ڀٽڪي رهي آهيان، جتي اونداهي ئي اونداهي آهي، مون کي ڪو به رستو نظر نه ٿو اچي. ندا منھنجي سرتي مون کي ڪو علاج ٻڌاءِ جنھن سان منھنجي اندر جي بيچيني ختم ٿئي. هي ڪيفيت، هي پيڙا ختم ٿئي، هي پيڙا منھنجي وجود کي پيڙهي رهي آهي.

بينا روئڻ لڳي ٿي.

ندا:- بيني تنھنجي اندر جي خالي پن جي وجه شايد حسنين آهي، تون انھي خوف ۾ ورتل آهين ته ڪٿي تون حسنين کان جدا نه ٿي وڃي.

بينا:- شايد اها ئي حقيقت آهي، امان جي بار بار فون ڪري شاديءَ جي  ڳالھه ياد ڏيارڻ مون کي خوف ۾ مبتلا ڪري ٿي ڇڏي.

بينا:- ندا هڪ پاسي حسنين آهي، ٻئي پاسي بابا، امان، منھنجو سمورو خاندان، حسنين کان سواءِ منھنجي زندگي اڌوري هوندي، منھنجو جيئڻ عذاب، هوندو، پر بابا امان منھنجي ڪل ڪائنات آهن، ندا هي ڪھڙي ڪشمڪش آهي.

ندا:- بيني  نومبر شروع ٿيڻ وارو آهي، ڊسمبر ۽ پوءِ پنھنجو ڄام شوري کي الوداع.

بينا:- ندا،  منھنجو جيءُ اڳ ۾ ئي جهريو پيو آهي، مٿان وري تنھنجون اهي ڳالھيون مون کي وڌيڪ ٿيون جهورين.

هاءِ الله، هي آڪٽوبر جو مهينو ڪيڏو عذاب آڻيندڙ آهي.

ٻئي ڏينھن ڊپارٽمينٽ ۾

حسنين:- بينا طبيعت ٺيڪ آهي توهان جي.

بينا :- ها حسنين ٺيڪ آهيان.

حسنين:- وري گهران ڪا فون ته نه آئي آهي نه.

بينا:- نه

حسنين:- بينا ايتري چپ ڇو آهين، تنھنجي اندر جي انڌ مانڌ تنھنجي منھن مان ظاهر آهي. ڪجهه ڳالھائي تنھنجي اها چپ مون کي ريزا ريزا ٿي ڪري ڇڏي هڪ عجيب قسم جي خوف ۾ مبتلا ٿي ڪري ڇڏي الائي ڇو تنھنجي چهري مان مون کي منھنجي لاءِ ڪا بغاوت ٿي ڏسڻ ۾ اچي، بينا پليز ڪو اهڙو قدم نه کڻجان جنھن سان مان برباد نه ٿي وڃان. منھنجي محبت جو ڀرم رکجان، منھنجي محبت کي خوار ٿيڻ نه ڏجان، منھنجي جذبن جو قدر ڪجان.

بينا:- حسنين چپ ٿي وڃ خدا جي واسطي چپ ٿي وڃ، مان ڪجهه چئي نٿي سگهان، جي ڪڇيس ته منھنجو اندر ڦاٽي پوندو.

انھن ڳالھين ۾، انھن ڪيفيتن ۾ نومبر  پورو ٿيو ڊسمبر  شروع ٿي ويو، ۽ بينا به ٻن واٽن مان هڪ واٽ وٺڻ جو فيصلو  ڪيو.

بينا ۽ ندا هاسٽل ٻاهران مين روڊ جي فٽ پاٿ تي واڪ ڪندي ٿڪجي اچي ويهن ٿيون.

ندا:- بيني ڊسمبر اچي ويو، تو ڇا سوچيو حسنين  جي باري ۾، بيني، حسنين تمام معصوم اٿئي هن جي محبت جو مانُ رکجان.

بينا:- حسنين منھنجي نظر ۾ منھنجو سڀ ڪجهه آهي، پر منھنجو حسنين ڏانھن وڌندڙ هڪ قدم  سموري خاندان تي داغ بنجي بيهندو، مون کي بيوفا ٿيڻو پوندو. پنھنجي محبت سان، مون کي منھنجي محبت جي قرباني ڏيڻي پوندي بابا جي عزت لاءِ، امان جي مانَ لاءِ، انھن نياڻين لاءِ جيڪي (منھنجي خاندان، ڳوٺ، منھنجي، شھر)، اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ خواب ڏسي رهيون آهن، مون کي قرباني ڏيڻي پوندي.

ندا:- بيني ايڏو وڏو قدم پئي کڻي حسنين کي ٻڌايو اٿئي، توکي خبر آهي هن معصوم جي ڪھڙي حالت ٿيندي.

 جڏهن توکي خبر هئي ته تنھنجو خاندان انھن جون رسمون، رواج، سڀ توکي ايترا عزيز آهن، ته حسنين سان محبت ڇو ڪئي. تو جهڙيون ڇوڪريون اهڙو قدم کڻنديون ڇو آهن جيڪو قدم انھن کي واپس ڪرڻو هوندو آهي، بيني مون کي تنھنجي قرباني جو قدر نه آهي مون کي هُن بيگناهه حسنين جو احساس ٿو ٿئي جنھن کي ان گناهه جي سزا ملڻ واري آهي جيڪو هُن ڪيو ئي نه آهي.

بينا بلڪل خاموش رهي ٿي سندس اکين ۾ ڄڻ ته ڪو سمنڊ هو جنھن جو آب گهٽ ٿيڻ وارو نه هو.

ڪجهه ڏينھن بعد....

ندا:- اڄ پنھنجو يونيورسٽيءَ جو سفر پورو ٿيو.

بينا:- بابا ۽ امان مون کي اچن پيا وٺڻ لاءِ.

ندا:- چري ٻه ڏينھن ترس ڪجهه گهمون، ڄامشوري کي الوداع ڪيون.

بينا:- بس انھن جي مرضي آهي، جڏهن زندگي انھن جي مرضي سان گذارڻي آهي، ته هڪ ٻن ڏينھن جي لاءِ ڇو ويهي ضد ڪيان.

ندا :- حسنين سان نه ملندينءَ.

بينا :- نه، مون ۾ ايتري همت نه آهي، ندا، منھنجو اندر ڦاٽي پوندو، اڳتي ڪجهه نه چئجان.

(بينا جا مائٽ اچي وڃن ٿا. بينا، ندا کان موڪلائي ٿي، ٻئي ڀاڪر پائي روئن ٿيون, ۽ بينا جي ڪار جي رفتار تيز ٿئي ٿي، بينا ڄامشوري کي هٿ لوڏي الوداع ڪري حسنين جي يادن کي هميشه لاءِ پاڻ سان گڏ کڻي وڃي ٿي.)


 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org