محمد عثمان جوڻيجو

ڏوڪري جي نالي
جو پسمنظر، مفروضا،
اصل حقيقت، معنيٰ ۽ مفهوم
سونھاري سنڌڙيءَ ۾ هزارين ننڍا وڏا ڳوٺ، شھر،
تعلقه ۽ ضلعه آباد آهن،
جيڪي قديم دؤر کان پنھنجو سفر جاري رکيون پيا اچن
۽ اڄ به سونھن ۽ عظمت جو اهڃاڻ بڻيل آهن. انھن
اوائلي ۽ تاريخي شھرن مان سنڌ جو مشھور شھر
”ڏوڪري“
به هڪ آهي،
جنھن کي عظيم تھذيب ”مُهين
جو
دڙو“
پنھنجي ڪُکِ ۾ سانڍيون پيو اچي،
جنھن جي تاريخي، تھذيبي، علمي و ادبي
حيثيت ۽ اهميت
اُتم
آهي.
سنڌ ۾ اڪثر ڳوٺن / شھرن جي نالن بابت مبالغي تي
مبني ڪيتريون ئي روايتون ۽ حڪايتون ملن ٿيون، جن
تي يقين ڪرڻ مشڪل آهي. جڏهن تاريخ جو مطالعو ڪجي
ٿو ته: ”شھر،
ڳوٺ، ماڳ،
مڪان عام طرح انھن جي وسائيندڙن آباد ڪندڙن جي
نالن سان، يا سندن ڏنل نالن سان سڏجن ٿا. قديم شھر
سيوهڻ (سِيوي واهڻ) تي اهو نالو
’سيوي‘
قوم (Scythian)
تان پيو ۽ پوءِ
’سِيوستان‘
سڏجڻ لڳو.
’بدين‘
تي اهو نالو
’شھاب
الدين‘
(شاھ بدين، بدين) جي نالي تان پيو، حيدرآباد کي
اهو نالو ميان غلام شاھ عباسي ڏنو.“(1)
انھن کان علاوه ڏٺو وڃي ته: ”سنڌ
۾ عورتن جي نالي سان
به
ڪيترائي يادگار ڳوٺ،
ريلوي اسٽيشنون،
قديم آثار، ڀٽون ۽ قبرستان موجود آهن. ٿي سگهي ٿو
ته اُهي عورتون پنھنجي فن،
ڏاهپ، سخا، دليري ۽ حسن ڪري پنھنجي وقت ۾ پنھنجو
مٽ پاڻ هجن ۽ پوءِ انھن جي مُئي پڄاڻان اهڙا
يادگار جڙي پيا هجن.“(2)
تاريخ جي ڪتابن جا ورق اٿلائڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته
هن خطي کي مختلف دؤرن ۾ الڳ الڳ نالن جهڙوڪ: ”موج“،
”منجآبري“، ”لبِ درياھه“
۽ ”ڏوڪري“
سان لکيو، پڙهيو ۽ سڏيو ويو آهي.
ڏوڪري نالو هن شھر مٿان ڪيئن پيو يا ڪٿان آيو؟
تنھن بابت محققن ۽ مورخن هڪ ٻئي جي روايت کي
دهرايو آهي. جڏهن ته شھر جي نالي جي ڳولا بابت
تحقيق ڪندي معلوم ٿئي ٿو ته سندس قدامت ٽالپرن جي
آخري دؤر يا انگريزن جي شروعاتي دؤر جي چئي سگهجي
ٿي،
جو هڪ انگريز آفيسر
H. C. Mules Esquire (Collector of Shikarpur)
پنھنجي لکيل 99 - 1898ع جي رپورٽن
واري ڪتاب
General
Administration Report of the Shikarpur
Collectorate
۾ تعلقي لب درياھ (Taluka
Labdarya)
جو 1882ع وارو تيار ڪيل نقشو ڏنو آهي، جنھن ۾
ڏوڪري (Dokri)
شھر جو نالو موجود آهي. بھرحال هاڻي ڏسجي ته جيڪي
مٿيان نالا هن علائقي سان منسوب آهن، انھن بابت
پهرين ڇنڊڇاڻ ڪجي. جن جو تاريخ جي ڪتابن ۾ ذڪر آهي.
آئينه قديم سنڌ:
موجوده مئن جي دڙي کي کوٽائيندي آرڪيالاجيڪل
وارن جو چوڻ آهي ته هي دڙو ٽن شھرن جو کنڊر آهي.
پهرين جيڪو شھر تباھ ٿيو، تنھنجي مٿان وري ٻيو شھر
اڏيل آهي. جڏهن اهو به تباھ ٿيو، تڏهن ٽيون شھر
اڏيو، سو به برباد ٿيو، جو هن وقت کوٽي ظاهر ڪيل
آهي.
عربن جي زماني تائين قائم رهيو آهي، جنھن کي محمد
بن قاسم موج شھر نالي سان سيوستان جو قلعو چئي فتح
ڪيو. ابن حوقل ان شھر کي منج آبري ڪري لکيو آهي،
جو
لب درياءَ هو.
ڪن مورخين
”موج“
شھر
کي
”منج
آبريءَ“
جي نالي سان به سڏيو آهي. هي موهن جو دڙو، هن وقت
جنھن تعلقي ۾ آهي تنھن کي تعلقه
ڏوڪري چون ٿا. مگر
ان کان اڳ انھيءَ تعلقي کي تعلقه
لب درياءَ سڏيو ويو آهي. گمان غالب آهي ته اهو لب
درياءَ
جو نالو، منج آبريءَ جو ٻيو نالو آهي.(3)
وڌيڪ محترم
علامه حزب الله
آءِ
سومري جو چوڻ آهي ته
”’چچ
نامه‘
۾ مُنهين جي دڙي جو ذڪر
”منجآبري“
جي نالي سان اچي ٿو. منجآبريءَ
جو اصل اُچار (مُنھين جي ڀِرِي) آهي.“(4)
مذڪوره ڪتاب ۽ علامه صاحب جي مٿين اقتباس مان،
انھن نالن بابت
ڄاڻ
ملي، تڏهن چئي سگهجي ٿو ته هن علائقي تي اُهي نالا
سڏجڻ ۾ آيا آهن.
انگريزن جي دؤر ۾ انگريز آفيسرن / ڪليڪٽرن به
انگريزيءَ ۾ گزيٽيئرس لکيون: جهڙوڪ:
A. W. Hughes
1876ع ۾
Gazetteer
Of The Province Of Sind
لکي،
J. W. Smyth
1919ع ۾
”Gazetteer
Of The Province Of Sind, Volume IV Larkana
District“
لکي ۽
Dr. H. T. Sorley
1957ع / 1959ع ۾
”Sind
Gazetteer“
جامع انداز ۾ هڪ ڪتاب لکيو. اڄ به هن شھر ۾
انگريزن جا ڪجھ بنگلا زبون حالت ۾ موجود آهن.
2012ع ۾ محترم آصف رضا موريو پنھنجي ڪتاب ”Larkano,
The Pictorial Profile“
جي صفحي 50 تي ڏوڪري جي هڪ گورنر هائوس جو تصوير
سان گڏ ذڪر پڻ ڪيو آهي، ان بابت هو لکي ٿو ته:
“This
colossal building has been built by British
officer in 1938 in
beautiful garden. This
building has been used as Governor house of the
state and also dwelling place of British
official and elite guests during
their visit in this region.”
Gazetteer (1876 AD):
“Labdarya:
A taluka (or sub-division) of the Larkana
Deputy Collectorate, containing an area of 207
square miles, with 4 tapas, 58 villages.”(5)
Gazetteer (1919
AD):
“Labdarya:-
This taluka is irrigated by the Western Nara
which runs through it from north to south.(6) …
Dokri: - A small town in North Latitude 270 22`
and East Longitude 680 8`, is the headquarters
of the Labdarya taluka and is situated on the
right bank of the Western Nara canal. … The town
had a population of 1,500 at the census of 1911
and contains a District Bungalow, Kacheri area,
Police Lines, Dispensary, Vernacular School,
Post Office and Musafirkhana.”(7)
سنڌ
گزيٽيئر
(1957ع
/
1959ع):
”سنڌ ۾ کوهن ذريعي آبپاشي ڪا ڇڊي پاڊي ٿيندي آهي.
لاڙڪاڻي ضلعي جي لب دريا تعلقي يا درياءَ جي ڪپرن
جي ويجهي پٽي ۾ جتي پاڻي سطح جي ويجهو هوندو آهي.
...
باغن ۽ واڙين کي عام طور کوهن مان پاڻي ڏنو ويندو
آهي.
... سنڌو ماٿريءَ جي تھذيب ۽ ان جي مکيه شھر موئن
جو دڙو، جو لاڙڪاڻي ضلعي جي ڏوڪري تعلقي ۾ آهي.“(8)
اي. ڊبليو. هيوز جي لکيل گزيٽيئر ۾ فقط ”لب درياھه“
تعلقي جو نالو ملي ٿو، جنھن ۾ (4) چار تپن ۽ (58)
اٺونجاھه
ڳوٺن جو ذڪر ڪيل آهي.، جي. ڊبليو. سمٿ جي لکيل
لاڙڪاڻي واري گزيٽيئر ۾ ٻئي نالا ملن ٿا، جنھن ۾
هن ”لب درياھه“
کي تعلقو ۽ ”ڏوڪري“ کي ننڍو شھر ڪري لکيو آهي. لب
درياھه
کي اولھندي
ناري تي آباد هجڻ جو ذڪر ڪيو آهي. ڏوڪري بابت لکي
ٿو ته، هي تعلقي جو صدر مقام شھر آهي ۽ هن ۾ ضلعه
بنگلو، پوليس ٿاڻو، اسپتال، اسڪول ۽ پوسٽ آفيس
وغيره جو ذڪر پڻ ڪري ٿو. ۽ ڊاڪٽر ايڇ. ٽي. سورلي
به ٻئي نالا پنھنجي گزيٽيئر ۾ ڏنا آهن، انھن کي
تعلقو ڪري لکيو آهي. قديم آثارن جا ڄاڻو، اين. جي.
مجمدار ۽ هينري ڪزنس به پنھنجي ڪتابن ۾ ”لب درياھ
۽ ڏوڪري“ جو ذڪر ڪيو آهي.
Military History of Orissa (1078 to 1568 A.D):
“The
palace of the monarch and other buildings were
located on this elevated area. There were four
wide main gates, one on each side, each having a
guardian or protectress goddess. The guardian
deities, Ganga, Yamuna, Vaisnavi and Dokri are
seen at the eastern, western, northern and
southern gates respectively.”(9)
ڏٺو وڃي ته دنيا جي عظيم ۽ تاريخي ماڳن تي گهڻو
ڪري ديوتائن ۽ اوتارن جا نالا به پيل ملن ٿا.
پراڻي ڪٿا، رڳ ويد يا جهوني ڪھاڻي ۾ پراڻ جا نالا
ڏنل آهن. ٿي سگھي ٿو ته ”ڏوڪري +
Dokri
“ تي هن پراڻ ديوتا تان نالو پيو هجي.
لاڙڪاڻو سڀيتا سندو ناڻو:
”سنڌو
درياءَ
جي
کٻي
ڪپ
تي
وسندڙ
واهڻ هو،
ڪنھن
سمي
هتي
قحط
۽
ڏڪر
پوڻ
ڪري،
هن
وسنديءَ
مٿان نالو
ڏوڪري
پئجي
ويو.“(10)
مخزن لبِ درياءُ (جلد پهريون):
”چيو وڃي
ٿو
ته
ٿري
ٻوليءَ ۾
لفظ
”ڏوڪري“
مروج آهي،
جنھن جي معنيٰ
”پوڙهي
عورت“
آهي
۽
ٿر
جي
اوڏڪي
ٻوليءَ ۾
لفظ
”ڏيڪري“ مستعمل
ٻڌايو
وڃي ٿو، جنھن جي
معنيٰ
آهي
”نوجوان
ڇوڪري.“(11)
ڏٺو وڃي ته
ڏوڪريءَ
جي اوائلي رهاڪو ماڻھن ۾ اوڏ به موجود هئا ۽ اڃا
تائين رهائش پذير آهن. اهو ممڪن آهي ته اصل اوڏن
ئي پهريان اچي هيءُ شھر آباد ڪيو هجي ۽ انھن ئي هن
شھر کي اِهو نالو ”ڏوڪري“ ڏنو هجي.
”ٻي روايت آهي ته
”ڏوڪري ۽
باڊھ“
ٻه
ڀينرون
هيون. ٻنھي
جي
نالن
تي
ٻه
ڳوٺ آباد ٿيا، جيڪي ساڳين نالن سان ٻه
شھر
هينئر
به موجود
آهن.“(12)
اها ڳالھه
درست ڪونهي، ڇاڪاڻ ته باڊھ شھر اصل ۾ ڏوڪري شھر جي
وجود کان اڳ آباد آهي، تنھن ڪري اهي ٻئي ساڳي دؤر
جا شھر ناهن، ته پوءِ ٻن ڀينرن وارو مفروضو ڪيئن
درست چئبو؟
”ٽين
روايت
آهي
ته
ڏوڪريءَ
۾
وسندڙ ماڻھو خوشحال هئا. انھن وٽ پئسو،
ڏوڪڙ
۽
مال
و
دولت
ججھو
هيو، ان
ڪري
هتان
جي
ماڻھن
کي
”ڏوڪڙي“ يعني
ڏوڪڙن
وارو
سڏيو
ويندو
هو
۽
پوءِ
”ڙ“
بدلجي
”ر“
ٿي
وئي ۽
لفظ
”ڏوڪري“
وجود
۾
اچي
ويو.“(13)
تاريخي طور ڏٺو وڃي ته ڏوڪري شھر آسپاس جي ٻين
شھرن: ميهڙ، نصيرآباد، راڌڻ، باڊھ، ڳيريلو، آريجا
۽ باقراڻي وغيره جي ڀيٽ ۾ وڻج واپار جي لحاظ کان
تمام گھٽ رهيو آهي ۽ اهڙو وڏو ڪاروباري شھر ڪونهي
رهيو، جو ڏوڪڙن جي ڪري هن شھر تي نالو پيو هجي.
”چوٿين
روايت
آهي ته پراڻي زماني ۾ جڏهن آبپاشي
نظام موجود نه هو
۽ پاڻيءَ جي اڻاٺ ٿيندي هئي ۽
مينهن نه وسڻ سبب ڏڪر جهڙي صورتحال پيدا ٿي ويندي
هئي،
اهڙي ئي ڪنھن ڏڪار سبب ڪجهه ماڻھو
اولهندي
ناري جي
ڀرسان اچي
آباد ٿيا ۽ اها ننڍڙي وسندي ڏڪار جي نسبت سان
ڏوڪري سڏجڻ
لڳي.“(14)
مٿي ڏنل ڊاڪٽر سانگي صاحب ۽ پروفيسر موهن لعل واري
هن ساڳي ڳالھه
۾ صداقت آهي. ڇو ته جيڪڏهن ڏڪر واري دؤر ۾ اچي ڪن
ماڻھن هي شھر
آباد ڪيو هجي ۽ ان ڪري ”ڏڪر + وارا“ يا ”ڏڪر +
واري“ يا اصل هتان جي رهندڙ ماڻھن کي ڪنھن
”ڏُڪاري“ ڪري سڏيو هجي. ڏُڪاري جي سنڌيءَ ۾ معنيٰ
آهي اَنُ گڏ ڪري مهانگو وڪڻندڙ يا ڏُڪاريو واپاري،
جيڪو مهانگيون شيون وڪڻي. اهو لفظ گھڻي اچارڻ ڪري
بدلجي ”ڏوڪري“ ٿيو هجي. ڇاڪاڻ ته لفظ ”ڏوڪريءَ“ جو
جيڪڏهن اشتقاق ڪجي ۽ عالمي اصول تحت پرکڻ جي ڪوشش
ڪجي ته لفظ
”ڏوڪري“ مان ”و“ ۽ ”ي“ يا لفظ ”ڏُڪاري“ مان ”ا“ ۽
”ي“
ڪڍجي ٿو ته باقي بنيادي لفظ ”ڏُڪر“ ئي بيھي
ٿو، جيڪو درست آهي ۽ ”ڏڪر“ مان ئي لفظ ”ڏوڪري“ ٺھيو
آهي.
سُرت سندو سوجهرو:
”ميان وال تحريڪ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪلھوڙن
پنھنجا مريد، تحريڪ جا سپاهي ۽ مددگار ڏوڪري جي
مختلف علائقن ۾ اچي آباد ڪرايا.
ناري جي ٻنھي پاسن کان آباد ٿيڻ جي ڪري هن ڳوٺ کي
سرائڪي ۾
”ڏون
ڪڙان“
وارو ڳوٺ سڏيو ويو. هيءُ ٻن ڪڙن وارو ڳوٺ اڳتي هلي
ڏو + ڪڙان مان ڏو + ڪڙي ۽ پوءِ
”ڏو
+ ڪري“
ٿيو.“(15)
اسان جي تحقيق موجب مٿين راءِ درست ناهي. ڇاڪاڻ ته
اصل ڏوڪري شھر ناري واھ جي اولهندي پاسي آباد هو،
ٻئي پاسي آباد ڪو نه هو. جڏهن ته ناري جي ٻئي پاسي
اڀرندي طرف هڪ الڳ ڳوٺ ڏيرا موجود آهي، جيڪو
وقت گذرڻ سان هاڻي ڄڻ ته ڏوڪري شھر جو محلو ٿي ويو
آهي، پر اصل حقيقت ۾ اهو جدا ڳوٺ ديھ وڪڙو ۾ آهي،
نڪي ڏوڪري شھر يا ڏوڪري ديھ ۾. مطلب ته ڏوڪري شھر
الڳ اولهندي ناري جي ساڄي ڪپ تي يعني اولھه
پاسي موجود آهي، ناري جي ٻئي پاسي ڏوڪري ديھه
يا ڏوڪري شھر ڪونهي، ته اها ڳالھه
”ڏون + ڪڙان“ مان ”ڏوڪري“ نالو ڪيئن چئبو ۽ ڪيئن
ٿيو؟ ٻي ڳالھه
ته ناري جي ٻئي پاسي الڳ ڳوٺ ڏيرا،
انگريزن جي دؤر ۾ آباد ٿيو آهي ۽ اهي اصل ۾ سنڌي
سماٽ ذات سان تعلق رکن ٿا ۽ سندن مادري زبان سنڌي
آهي، نڪي سرائڪي ٻولي. ٽين ڳالھه
ته ڏوڪري شھر جا اوائلي رهاڪو ماڻھو جوڻيجا، قاضي،
ڪنڀر، ڪوري، ڀان، کٽي، موريا، منگي، مڱڻهار،
ميربحر، خاصخيلي، قريشي، سيد، شيخ ۽ اوڏ وغيره اچي
وڃن ٿا. سال 1843ع کان اڳ سرائڪي ٻولي ڳالهائيندڙ
ذات وارن مان ڪو به ماڻھو ڏوڪري شھر جو رهاڪو
ڪونهي، تنھن ڪري ”ڏون + ڪڙان“ مان لفظ ”ڏوڪري“ ٿيڻ
واري ڳالھه
صحيح ڪونهي.
ذاتين، قومن ۽ قبيلن جي انسائيڪلوپيڊيا (جلد
ٻيون):
ڏوگر يا ڊوگر اصل ۾ ڏوگر آهي،
پر عام طور ان کي ڊوگر
پڙهيو ۽ لکيو وڃي ٿو.(16) ڏوگر
ذات وارا ضلعي خيرپور ميرس ۾ رهن ٿا. هنن جا ڪجھ
گهر لاڙڪاڻي ۾ به آهن.(17)
جامع سنڌي لغات ۾ هنن کي ڏوگر ڪري لکيو ويو آهي ۽
انھيءَ نالي سان اڳ تعلقو ڪڪڙ ۽ هاڻي خيرپور ناٿن
شاھ ۾ هڪ ديھه جو نالو آهي.(18)
ڏوڪري شھر جي نالي جي اصل حقيقت، معنيٰ ۽ مفهوم:
راقم جي
تحقيق موجب اها ڳالھه وڌيڪ قرين قياس آهي ته ڏوڪري
لفظ
”ڏُڪر“ تان ئي پيل آهي يا سنڌ جي هڪ
اوائلي ذات
”ڏوگر“
مان
نالو پيل معلوم ٿئي ٿو. ڇاڪاڻ ته
لفظ ڊوگر / ڏوگر، اڳتي هلي،
”گ“
جو اچار
”ڪ“
۾ بدلجي ويو. جو هن
خطي
جي اوسي پاسي ۾ ڪيترائي ڳوٺ هئا، جن ۾ مدرسا قائم
ٿيل هئا ۽ عربي ۽ فارسي جي تعليم ڏني ويندي هئي،
جنھن ڪري اُهو لفظ
”ڊوگر
/ ڏوگر“
مان بدلجي
”ڊوڪر
/ ڏوڪر“
ٿي ويو
آهي.
فارسي ٻولي ۾
”گ“
جو اکر سنڌي ٻوليءَ جي
”ڪ“
واري اکر ۾ استعمال ٿيندو آهي
۽ بدلبو آهي.
مثال
طور
سنڌي ۾
”گچيرو(19)“
فارسي ۾ لفظ”ڪچيرو“،
سنڌي ۾
”سولنگي(20)“
فارسي ۾
”سولنڪي“
۽ سنڌي ۾
”ٻگهيا(21)“
فارسي ۾
”بڪيجا“
پڙهيو ۽ لکيو ويندو آهي. اکر بدلجڻ عام طور تي
آهي، جو مختلف ٻولين جا اکر مختلف
ٻولين ۾ بدلجن
ٿا.
”ڊوگر
/ ڏوگر“
جو
مونث ”ڊوگري
/ ڏوگري“
ٿئي ٿو. تنھن ڪري وري
”ڊوڪر
/ ڏوڪر“
جو جمع
”ڊوڪري
/ ڏوڪري“
ٿيندو.
هتان اها پڻ خبر پئي ته
”ڏوڪري“
لفظ جمع ٿيڻ ڪري هن خطي تي نالو پئجي ويو
آهي.
انگريزي ٻوليءَ ۾ لفظ
”ڊوگر
/ ڏوگر“
جي ساڳي اسپيلنگ
”DOGAR“
آهي،
جڏهن
”گ
=
ڪ“
۾ بدلجي ويندو ته ظاهر آهي پوءِ اسپيلنگ
”DOKAR“
ٿيندي ۽
پوءِ وري انھيءَ جو جمع
”DOKRI“
ٿيندو.
ڏوگر يا ڊوگر لفظ جي معنيٰ آهي:
”سست،
ڪاهل، نڪمو يا بيڪار.
...
انگريزي ٻولي جو ماهر اي - ڊي ميڪليگن هن لفظ جي
معنيٰ لکي
آهي،
گوالو (کير ڏُهڻ وارو)
۽ هڪ ٻيو
ماهر ڊينزل ابٽسن هن لفظ جي معنيٰ
لکي ٿو ته:
”گڏيل
نسل وارو.“(22)
مٿين لفظ جي صحيح معنيٰ ٿيندي ”گڏيل نسل وارو“ ڇو
جو هن ذات جا ماڻھو جتي به پنھنجا گهر گڏجي آباد
ڪندا هئا، ته اُتي پنھنجي ذات جي ڪري ئي سڃاتا
ويندا هئا. جڏهن ته ڪڪڙ ۽ خيرپو ناٿن شاھ تعلقن ۾
به هن ذات سان منسوب ديهون موجود آهن، جن کي آباد
ڪندڙ هن ذات وارا ئي هئا.
ڄام قربان علي ٻگهيو
کان روايت آهي
ته:
”سائين
سيد نورل شاھ بخاري
(1933ع - 2019ع)
سان هڪ ڏينهن ڪچھري ٿي،
ته انھيءَ ڪچھريءَ ۾ ڏوگر ذات
بابت ذڪر نڪتو ته
سائين نورل شاھه ٻڌايو ته ڏوڪري ۾ جڏهن مان پڙهندو
هيس تڏهن اسان جا ڪلاس موجوده ٽائون ڪاميٽي جي
ڪمرن ۾ هلندا هئا،
اسان کي استاد اُتي پڙهائيندا
هئا. انھن ڏينهن ۾ هن علائقي ۽
آسپاس جي ڳوٺن ۾ ڏوگر ذات جي ماڻھن جا گهر پڻ
موجود هئا. شايد انھيءَ ذات تان هن شھر جو نالو
پيل هجي، وڌيڪ محقق يا اديب انھيءَ بابت تحقيق
ڪندا ته بهتر ٿيندو.“
محمد صلاح الدين پنھنجي ڪتاب ”پٽاليني، راوڙ ۽
پالي“ جي صفحي نمبر 155، 156 ۽ 157 تي لکي ٿو ته:
”1869ع ۾ ايشياٽڪ سوسائيٽي آف بينگال جي جرنل ۾
صفحي نمبر 210 تي تفصيل ۾ ڳوٺن جا نالا اڪثر ڪري
ذاتين جي نالن جي پٺيان ڏنل آهن.“ ڪتاب ۾ ڪيترن ئي
ذاتين سان آباد ٿيل ڳوٺن جا نالا ڏنا ويا آهن.
انھن ۾ ڳوٺ ”ڊوگري“ جو ذڪر به ٿيل آهي ۽ لکي ٿو ته
هي ڳوٺ ذات ”ڊوگري“ وارن جي نالي سان سڏجي ٿو.
مطلب ته هن شھر تي نالو ”ڏوڪري
=
DOKRI“
ذات ”ڊوگر
/ ڏوگر“
مان ورتل ڀانئجي
ٿو.
ولله
اعلم!
ڏوڪري شھر سان هي پهاڪا پڻ منسوب آهن:
1.
توڻي ٽڪي لڳي خرار ته به ڏُڪر نه وڃي ڏوڪريءَ مان.(23)
2.
ڏوڪري، نانگن جي ٽوڪري.(24)
3.
ڏسڻ جي ڏوڪري اندر جي باڊھ.(25)
حوالا:
1.
بلوچ،
نبي بخش خان،
(ڊاڪٽر)،
ڪتاب: ”رهاڻ
هيرن کاڻ (جلد ڇهون)“،
صفحو 107،
مهراڻ اڪيڊمي
شڪارپور سنڌ،
سال 2005ع
2.
اوڏ، جيئل، ڪتاب: ”سنڌ شناسي (تحقيقي مضمون ۽
مقالا)“، صفحو 47، اُتم پبليڪيشن لاڙڪاڻو، سال
2010ع
3.
قريشي،
شمس الدين رُڪن
الدين،
ڪتاب: ”آئينه
قديم سنڌ“،
صفحو 173 ۽ 213،
نيو فيلڊس پبليڪيشنس ٽنڊو ولي محمد حيدرآباد سنڌ،
سال 2003ع
4.
ڀنڀرو،
غلام عباس،
ڪتاب: ”قديم
سنڌ جي عظيم تھذيب موهن جو دڙو“،
صفحو 19،
پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور سنڌ، سال 2020ع
5.
Hughes, A. W., Book:
“Gazetteer
of the Province Of Sind”,
Page - 461, London George Bell and Sons, Year
1876 AD
6.
Smyth, J. W., Book:
“Gazetteer
of the Province Of Sind, Volume IV Larkana
District”,
Page - 14, Printed for Government at the
Government Central Press Bombay, Year 1919 AD
7.
Same, Page - 38
8.
سورلي،
ايڇ
-
ٽي
(ڊاڪٽر)، ڪتاب: ”سنڌ
گزيٽيئر“،
مترجم: سليم احمد ۽ محمد احمد منصور عباسي،
صفحو 145 ۽ 429،
سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو سنڌ،
سال
2016ع
9.
Das, Sujata,
Book: “Military History
of Orissa (1078 to 1568 A.D)”,
Page - 174, Year 2010 AD
10.
سانگي،
غلام علي همت علي،
(ڊاڪٽر)،
ڪتاب: ”لاڙڪاڻو
سڀيتا سندو ناڻو“،
صفحو 201،
دودائي سانگي پبليڪيشنز لاڙڪاڻو، سال 2017ع
11.
پريمي،
موهن لعل،
(پروفيسر)،
مضمون: ”ڏوڪري تاريخ جي آئيني ۾“، صفحو 7،
مخزن لبِ درياءُ (جلد
پهريون)،
گورنمينٽ سائنس ڪاليج ڏوڪري، سال 2006ع
12.
ساڳيو، صفحو 7
13.
ساڳيو، صفحو 7
14.
ساڳيو، صفحو 8
15.
ميمڻ،
عيسيٰ،
ڪتاب: ”سُرت
سندو سوجهرو
(مقالا ۽ مضمون)“،
صفحو 87،
پيڪاڪ پبلشرس ڪراچي سنڌ، سال 2019ع
16.
ڀاڳت،
اياز،
ڪتاب: ”ذاتين،
قومن ۽ قبيلن جي انسائيڪلوپيڊيا (جلد
ٻيون)“،
صفحو 809،
مهراڻ پبلشرز ڪراچي، سال 2019ع
17.
ساڳيو، صحفو 809
18.
ساڳيو، صحفو 809
19.
گچيرائي، رفيعي رسول بخش، ڪتاب: ”گچيرو شھر،
شخصيتون، ثقافت ۽ ادارا (حصو پهريون)“، صفحو 4،
ايم - ايڇ ڏاهري هائوسنگ سوسائٽي نوابشاھ، سال
2021ع
20.
سولنگي، مهجور غلام حيدر، ڪتاب: ”تاريخ راجپوت
سولنڪي (سولنگي) هند سنڌ ۾ سندن هڪ هزار سالا
حڪمراني“، صفحو 76، بتول پرنٽنگ پريس کوکر محلو
حيدرآباد، سال 2012ع
21.
ٻگهيو، غلام حسين، ڪتاب: ”ٻگهيو قبيلو تواريخ جي
آئيني ۾“، صفحو 33، ٻگهيا اڪيڊمي لاڙڪاڻو، سال
2016ع
22.
ڀاڳت،
اياز،
ڪتاب: ”ذاتين،
قومن ۽ قبيلن جي انسائيڪلوپيڊيا (جلد
ٻيون)“،
صفحو 809،
مهراڻ پبلشرز ڪراچي، سال 2019ع
23.
پريمي،
موهن لعل،
(پروفيسر)،
مضمون: ”ڏوڪري تاريخ جي آئيني ۾“، صفحو 8،
مخزن لبِ درياءُ (جلد
پهريون)،
گورنمينٽ سائنس ڪاليج ڏوڪري، سال 2006ع
24.
سھتو،
عبدالوهاب، (انجنيئر)، ڪتاب: ”ماڳن مڪانن جي نالن
تي مشتمل پهاڪا ۽ چوڻيون“، صفحو 23، ڊاڪٽر محبت
اڪيڊمي قنبر، سال 2016ع
25.
ساڳيو، صحفو 24
|