ڊاڪٽر خضر عباسي جو پورو نالو خضر حيات عباسي
نوشاهي هو. هِن جي والد صاحب جو نالو
عبدالڪريم عباسي نوشاهي هو. هِن جي ولادت
تاريخ اٺين مارچ 1952ع تي بمقام چنبل ضلع
شيخوپوره (پنجاب) ۾ ٿي.(1)
ڪن صاحبن هن جي ولادت جو هنڌ ساهن پال ضلع
منڊي بھاءُالدين (پنجاب) لکيو آهي.(2) اِها
خبر پئجي نه ٿي سگهي ته هن جي ولادت چنبل ضلع
شيخوپوره ۾ ڇو ٿي، جڏهن ته هن جو تعلق نوشاهي
خاندان سان هو ۽ انھي نسبت سان پاڻ کي
”نوشاهي“ سڏائيندو ۽ لکندو هو ۽ هن جي آخري
وقت تائين يعني وفات تائين رهائش به خاندان
سان گڏ ساهن پال ضلعي منڊي بھاءُالدين ۾ هئي،
ته پوءِ هن جي ولادت چنبل ۾ ڪيئن ٿي، ٿي سگهي
ٿو ته هن جي ڄمڻ وقت سندس والد جي رهائش مستقل
يا عارضي طور چنبل ۾ هجي يا وري هن جي ناناڻن
جو تعلق چنبل سان هجي، جنھنڪري هن جي ڄمڻ وقت
هن جي والده پنھنجي پيڪن ۾ يعني پنھنجي والدين
وٽ چنبل ۾ آيل هجي ۽ ٻار ڄمڻ کان ڪجهه وقت
پوءِ واپس ٻارن سميت ساهن پال موٽي آئي هجي،
يا وري هيئن به هجي ته هن جي ڄمڻ کان اڳ ۾ هن
جو والد به مستقل يا عارضي طور چنبل ۾ مقيم
هجي ۽ سندس ڄمڻ کان ڪجهه وقت پوءِ ساهن پال ۾
مستقل طور موٽي آيو هجي ۽ هميشه لاءِ هتي ئي
پنھنجي خاندان سان گڏ رهائش پذير ٿي ويو هجي.
هي پنھنجي تصانيف تي، مترجم، مرتب يا مصنف طور
پنھنجو نالو ڪڏهن ڊاڪٽر خضر عباسي نوشاهي، ته
ڪڏهن ڊاڪٽر سيد خضر عباسي نوشاهي به لکندو
هو.(3)
جيئن ته سندس ۽ خاندان جو ذاتي تعلق ساهن پال
جي هڪ مشھور بزرگ حضرت نوشه گنج بخش قادريرحه
(متوفي 1064هه) سان آهي، تنھنڪري انھيءَ بزرگ
سان ذاتي ۽ نسبتي تعلق هجڻ جي ڪري ”نوشاهي“
سڏائيندا آهن.
تاريخ جي چند ورقن ۾ اهو به لکيل ملي ٿو، ته
ڪنھن دور ۾ حضرت نوشه گنج بخش قادريرحه
جي درگاهه سان سنڌ جي ڪجهه ماڻھن جو به روحاني
۽ پيري مريدي وارو تعلق رهيو آهي. انھيءَ
خانقاهه سان سنڌ جي ماڻھن جي روحاني ۽ پيري
مريدي واري تعلق جي باري ۾ ”ميان نصير محمد جي
حضرت نوشه گنج بخش سان ملاقات“ جي عنوان هيٺ
ڊاڪٽر خضر نوشاهي لکيو آهي ته ”سلسله نوشاهيه
جي بزرگ حضرت نوشه گنج بخش قادريرحه
(متوفي 1064هه) سان ميان نصير محمد جي ملاقات
جو ذڪر ملي ٿو. حضرت شرافت نوشاهي پنھنجي
ڪتاب، تذڪره نوشه گنج بخش ۾ ڪتاب تشريف
الفقراءُ، قلمي، مصنف فقير سيد غلام محي الدين
بخاري ۽ برقندازي لاهوري جي حوالي سان لکيو
آهي، ته ميان نصيرمحمد سنڌي، جيڪو شاهه علي
محمد سھروردي سنڌي جو مريد ۽ خليفو هو، سو
حضرت نوشه گنج بخش صاحب جي زيارت سان مشرف ٿيو
۽ فيض ورتائين.(4)
اِنھيءَ سلسلي ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو
آهي ته، ”ميان نصير محمد جيڪو مخالف سياسي
حالتن جي ڪري ڪجهه عرصي لاءِ پنجاب هليو ويو،
جتي هو ساهن پال پنجاب ۾ نوشه گنج بخش وٽ وڃي
ترسيو، جيڪو پوءِ نوشاهي سلسلي جو وڏو پير
ٿيو، اهڙو ذڪر فقير سيد غلام محي الدين نوشاهي
قادري جي بياض ۾ ملي ٿو.“ (5)
هتي اِهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته مولانا غلام رسول
مھر، ڪلھوڙا دور جي باري ۾ لکيل پنھنجي ڪتاب
”تاريخ سنڌ ڪلھوڙا دور“ ۾ ميان نصيرمحمد جي
حضرت نوشه گنج بخش قادري سان ٿيل ملاقات متعلق
ڪجهه به نه ڄاڻايو آهي. ”مراة دولت عباسيه“ جي
حوالي سان هو صرف ايترو لکي ٿو ته، ”ماڻھون
گهڻي تعداد ۾ هن وٽ گڏ ٿيڻ لڳا. تنھنڪري هي
دورانديشي کان ڪم وٺندي ملتان ۽ لاهور طرف
نڪري ويو، هڪ مدت کانپوءِ واپس آيو، هُو اڳتي
وري ڪتاب ”جواهر عباسيه“ جي حوالي سان ساڳي
ڳالھه لکي ٿو ته، ”هُو ميان نصيرمحمد پنھنجي
زماني جو مشھور عابد هو، عام ماڻھون ڪثرت سان
هن وٽ گڏ اچي ٿيا. هن دورانديشي کان ڪم وٺندي
ملتان ۽ لاهور طرف هجرت اختيار ڪئي.“(6)
هن دور جي نامياري محقق ۽ مؤرخ ڊاڪٽر غلام
محمد لاکي وري غلام رسول مھر جي مٿين لکت کي
بلڪل رد ڏنو آهي، هن لکيو آهي ته ”غلام رسول
مھر، بھاولپوري ذريعن جي حوالي سان لکيو آهي
ته ميان صاحب ملتان ۽ لاهور وڃي پناهه ورتي،
هي راءِ درست ڪونھي.“(7)
هتي اسان کي به ڊاڪٽر غلام محمد لاکي جي راءِ
سان اتفاق ڪرڻو پئي ٿو، ته ميان صاحب ملتان ۽
لاهور ڪونه ويو ۽ ڊاڪٽر خضر نوشاهي ۽ ڊاڪٽر
بلوچ صاحب جي انھيءَ بيان جي به ترديد ٿئي ٿي
ته ميان نصيرمحمد، حضرت نوشه گنج بخشرحه
وٽ ويو هو ۽ اُن جي زيارت کان مشرف ٿي اُن کان
فيض ورتائين، ڇاڪاڻ ته تاريخي ڪتابن ۾ هي
واقعو اُن وقت کان پوءِ جو ڄاڻايل آهي، جڏهن
ميان نصيرمحمد پنھنجي چاچي ميان شاهه علي عرف
شاهل محمد جي وفات کانپوءِ موروثي مسند تي
ويٺو. ياد رکڻ گهرجي ته ميان نصيرمحمد سنه
1068هه/1657ع ۾ موروثي مسند تي ويٺو هو ۽
هوڏانھن حضرت نوشه گنج بخش جي وفات 1064هه ۾
ٿي هئي.(8)
حضرت نوشه گنج بخش جي وفات ۽ ميان نصيرمحمد جي
مسند تي ويھڻ واري عرصي ۾ تقريباً چئن سالن جي
وٿي آهي ته پوءِ ميان نصيرمحمد مسند تي ويھڻ
کانپوءِ حضرت نوشه گنج بخش جي حياتيءَ ۾ اُتي
ڪيئن پھتو هوندو، جڏهن ته هُو اُن وقت فوت ٿي
چڪو هو. يا وري ائين چئجي ته ميان نصيرمحمد
مسند تي ويھڻ کان اڳ ۾ حضرت نوشه گنج بخش وٽ
ويو هو ۽ زيارت ڪري فيض حاصل ڪيو هو. ليڪن
تاريخ جي ورقن ۾ ائين ڪٿي به لکيل نه آهي.
ڊاڪٽر خضر نوشاهي شروعاتي تعليم ڪٿان حاصل
ڪئي، ڪھڙي تعليم حاصل ڪئي ۽ ڪيتري تعليم حاصل
ڪئي، اِها خبر ڪٿان به نه پئجي سگهي آهي. صرف
پاڻ هڪ هنڌ ڄاڻايو اٿس ته ”هن تحقيقات فارسي
مرڪز ايران و پاڪستان اسلام آباد مان پنھنجي
ماروٽ عارف نوشاهي سان گڏ فارسي جي تعليم ۽
مخطوطات جي ڄاڻ جي سلسلي جي تعليم حاصل ڪئي ۽
خانه فرهنگ ايران، راولپنڊي مان فارسي زبان ۽
ادب جي تعليم به حاصل ڪيائين.“(9) ڪجهه دوستن
جي چوڻ تي هِن پي.ايڇ.ڊي جي ڊگري وٺڻ لاءِ
همدرد يونيورسٽي ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتي. هن اها
ڊگري ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ڊاڪٽر انصار
زاهد خان جي رهنمائي ۾ ڏينھن رات محنت ڪري سال
1997ع ۾ حاصل ڪئي. سندس ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري جو
عنوان، مير علي شير قانع ٺٽوي جي تصوف جي
مشھور ڪتاب ”ميعارِ سالڪان طريقت“ جي تصحيح
متن، حاشيه نگاري، تعليقات ۽ مقدمو وغيره هو.
جيڪو هن ٽن سالن جي محنت، ڪوشش ۽ تحقيق سان
خيرخوبي سان سرانجم ڏنو. ياد رکڻ گهرجي ته
ڊاڪٽر خضر نوشاهي پھريون شخص آهي، جنھن همدرد
يونيورسٽي ڪراچي پاران، سڀ کان پھرئين اِها
ڊگري ملي.(10)
ڊاڪٽر خضر نوشاهي سنڌ ۾ پھريون ڀيرو غالباً
1978ع ۾، ڊاڪٽر عارف نوشاهي ۽ شفيق الرحمان
نوشاهي سان گڏ ڪراچي آيو ۽ سيد حسام الدين
راشدي سان الحمرا واري گهر ۾ مختصر ملاقات به
ڪئي.(11)
ڊاڪٽر خضر نوشاهي سنڌ ۾ ٻيو ڀيرو جولاءِ 1991ع
۾ بيت الحڪمة يعني همدرد يونيورسٽي ڪراچي جي
لائبريري مدينة الحڪمة ۾ موجود هڪ قلمي نسخي
جي فوٽو ڪاپي وٺڻ لاءِ ڪراچي آيو ته بيت
الحڪمة جي ڊائريڪٽر کيس بيت الحڪمة جي قلمي
نسخن واري شعبي ۾ موجود قلمي نسخن جي سارسنڀال
لاءِ ملازمت جي آڇ ڪئي، جيڪا هن خوشي سان قبول
ڪئي ۽ پاڻ پھرين سيپٽمبر 1991ع ۾ شعبہ مخطوطات
بيت الحڪمة ۾ ناظم جي حيثيت ۾ ملازمت اختيار
ڪيائين.(12)
هن جو سنڌ سان سال 1991ع کان وٺي سال 2021ع
تائين يعني فوت ٿيڻ تائين تقريباً 31 سالن
تائين گھرو علمي ادبي تعلق رهيو. انھي تعلق جي
بناءَ تي هن سنڌ ۾ اديب دوستن جو هڪ وسيع حلقو
ٺاهيو. سنڌ ۾ ملازمت دوران سڀ کان پھريائين هن
جي دوستي سنڌ جي مشھور نامياري اديب ۽ شاعر
ڊاڪٽر نواز علي شوق سان ٿي ۽ اُن بعد سنڌ جي
ٻين ڪيترن ئي سنڌي اديبن جھڙوڪ: ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ، انجنيئر يعقوب علي زرداري، ڊاڪٽر
محمد لائق زرداري، ڊاڪٽر مولانا عبدالرسول
قادري، ڊاڪٽر غلام محمد لاکو، ڊاڪٽر مولانا
محمد ادريس السندي، اختر درگاهي، راقم محمد
پنھل ڏهر ۽ علامه نبي بخش دانش شر وغيره سان
هن جا تمام سٺا ادبي تعلقات ۽ دوستي هئي. سنڌ
۾ اچڻ ۽ رهڻ دوران هي وقت بوقت مختلف اديبن
سان ملاقاتون اچي ڪندو هو ۽ انھن سان ادبي
ڪچھريون به ڪندو هو، خاص طور تي فارسي قلمي
ڪتابن جي باري ۾ معلومات وٺندو رهندو هو.(13)
هن جا سنڌ ۾ رهندڙ ڪيترن ئي اردو اديبن سان به
تمام سٺا ادبي تعلقات هئا. سنڌ جا سنڌي ۽ اردو
اديب به هن کي جيءَ ۾ جايون ڏيندا هئا ۽ کيس
عزت جي نگاهه سان ڏسندا هئا ۽ هن سان ملاقات
ڪري گهڻو خوش ٿيندا هئا. خضر نوشاهي جي اُنھن
سان ۽ اُنھن جي وري هن سان خط و ڪتابت ٿيندي
رهندي هئي. ۽ وقت بوقت فون ذريعي به هڪٻئي جو
حال احوال وٺندا رهندا هئا. سنڌ وارن سان جيڪا
محبت ۽ عقيدت هئي، اُنھي جو اعتراف پاڻ هن طرح
ڪيو اٿس:
”1991ع کان مان سرزمين ڪراچي ۾ ملازمت جي
سلسلي ۾ بيت الحڪمة همدرد يونيورسٽي ڪراچي جي
لائبريري (مخطوطات جي شعبي) ۾ رهائش اختيار
ڪيم. اِنھيءَ دوران سنڌ جي تاريخ، ادب، ثقافت،
قلمي مسودن، خانقاهن ۽ هتي جي محبت سان سرشار
دانشورن کي ويجهڙائي کان ڏسڻ، مطالعي ۽ مشاهدي
جو ڀرپور موقعو مليو. اهل سنڌ وارن مون کي
جيڪي محبتون ڏنيون، انھي جو شڪريو ڪنھن به طرح
سان ادا نه ٿو ڪري سگهان، الله تعاليٰ سنڌ ۽
سنڌ وارن کي هميشه آباد ۽ شاد رکي.“(14)
ڊاڪٽر خضر نوشاهي، سنڌ ۾ اڪثر ڪري، ملازمت ۽
ذاتي ادبي ڪمن، خاص طور تي مخطوطات جي معلومات
جي سلسلي ۾، ۽ ادبي ڪانفرنسن ۾ شرڪت لاءِ
ايندو رهندو هو. سنڌ ۾ ٿيندڙ مختلف ادبي
ڪانفرنسن ۾ شريڪ ٿي تمام بھترين تحقيقي مقالا
پڙهندو هو ۽ موضوع جي لحاظ کان تمام قيمتي
معلومات فراهم ڪندو هو.
سنڌ ۾ اچڻ جي چند آخري سالن ۾ ادبي ڪانفرنسن ۾
شرڪت ڪرڻ دوران پنھنجي هڪ فرزند کي به پاڻ سان
گڏ وٺي ايندو هو ۽ هُو به پنھنجي والد وانگر
ادبي ڪانفرنسن ۾ تحقيقي مقالا پڙهندو هو.
هن جي علمي ۽ ادبي ڪارنامن کي سنڌ جا اديب ۽
محقق تمام گهڻو پسند ڪندا هئا ۽ کيس ساراهيندا
هئا. هن جي ادبي خدمتن جي باري ۾ سنڌ جي چند
اديبن جا رايا هيٺ پيش ڪجن ٿا:
ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل ۽ مختيار احمد ملاح هن
جي علمي ۽ ادبي ڪمن کي ساراهيندي لکن ٿا ته،
”ڊاڪٽر خضر نوشاهي گذريل ٽيھن سالن کان سنڌ جي
تاريخ، ادب ۽ ثقافت تي ڪم ڪري رهيو آهي. هن جو
موضوع مخطوطات، ڪتاب شناسي، ڪتبه شناسي،
تاريخ، تصوف ۽ خاص طور تي فارسي زبان ۽ ادب
آهي. سنڌ ۾ فارسي شعر ۽ ادب جي حوالي سان ان
جو تحقيقي ۽ تنقيدي ڪم خاص اهميت رکي ٿو.
اِنھيءَ موضوع تي هن جا گهٽ ۾ گهٽ پنجاهه
مقالا ۽ پنجويھه ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن، جيڪي
علمي ۽ ادبي حلقن ۾ داد تحسين حاصل ڪري چڪا
آهن.
باني ۽ مقتدا سلسله نوشاهيه حضرت نوشه گنج بخش
قادريهرحه سان هن جو نسبتي تعلق
آهي، خاندان نوشاهي جي روحاني، علمي ادبي
خدمتن جو زمانو معترف آهي، پاڻ انھي خاندان جي
روايتن جا امين آهن. سرزمين سنڌ ۽ سنڌ جي
صوفين سان هن جو خاص لڳاءُ آهي. اِهائي وجهه
آهي ته هن سنڌ جي سرڪاري ۽ ذاتي ڪتبخانن ۾ وڃي
فارسي مخطوطات جي تفصيلي فھرست تيار ڪئي آهي.
تصوف جي چاشني جيتوڻيڪ کيس سندس آباءُ اجداد
کان ورثي ۾ ملي آهي ۽ گويا هڪ طرح سان اُن جي
خون ۾ شامل آهي، تنھنڪري جتي هن سنڌ جي علمي ۽
ادبي دنيا ۾ مقام حاصل ڪيو آهي. اُتي هن سنڌ
جي صوفي بزرگن تي به تمام گهڻو ڪم ڪيو
آهي.“(15)
ڊاڪٽر خضر نوشاهي تاريخ 8 آگسٽ 2015ع تي علامه
نبي بخش دانش شر سان ملڻ لاءِ سندس ڳوٺ ٺري
ميرواهه ۾ سندس رهائشگاهه تي آيو ته اِنھي
موقعي تي سندس آمد تي علامه دانش فارسي ۾ جيڪو
مرحبائي شعر چيو هو، سو هيٺ پيش ڪجي ٿو:
باقدومت خانه ام شد مفتخر
اي که هستي در بزرگان معتبر
خضر نوشاهي تورا ياور خداي
زندگي ات باد دايم پر ثمر
بهر پيغمبر، علي و فاطمه
دشمنت مخزول و دايم در سقر
در نصيب عمر خضري دايما
خصم تو بادا هميشه بي اثر
حضرت حق دايما ناصر تورا
پير نوشه را تو باشي منتصر
دانشا! دکتر خضر نوشاهي ها
در جهان هستند خيلي مختصر
قدر اين انسان والا را بدار
تا ببر کاتش کند تو را گهر.(16)
ڊاڪٽر خضر نوشاهي جي مادري زبان پنجابي هئي،
ليڪن هي اردو ۽ فارسي ٻولين تي به اوتري دسترس
رکندو هو، جيتري سندس مادري زبان تي هُيس.
سنڌ ۽ سنڌ جي ادب سان پيار ڪندڙ هي ناميارو
عالم، اديب، شاعر، قلمي نسخن جي ڄاڻ جو ماهر،
محقق ۽ مؤرخ ڊاڪٽر خضر نوشاهي ڪجهه عرصو بيمار
رهڻ کانپوءِ تاريخ 14 جولاءِ 2021ع تي 65 سالن
جي عمر ۾ وفات ڪري ويو ۽ اسان کان هميشه لاءِ
وڇڙي ويو. کيس آبائي ڳوٺ ساهن پال ۾ دفن ڪيو
ويو. سندس وفات جي خبر پڙهي ۽ ٻڌي سنڌ جي
عالمن، اديبن، دانشورن ۽ علمي ادبي حلقن کي
تمام گهڻو ڏک ٿيو ۽ صدمو پھتو.
ڊاڪٽر خضر نوشاهي ادبي تحقيقي ميدان ۾ تمام
گهڻو ڪم ڪيو، جنھنڪري کيس ڪيترائي ايوارڊ
مليا. هن زندگي ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا ۽ مرتب
ڪيا، جن جو وچور ۽ تعارف هيٺ پيش ڪجي ٿو:
الف
-
فھرست نسخه هاءِ خطي فارسي ڪتابخانه دانشگاهه
پنجاب، گنجينه آذر
-
فھرست فارسي مخطوطات ڪتابخانه مسعود جهنڊير
ميلسي
-
ڪليات عباسي، از: سيد عبدالڪريم عباسي (پنجابي
۾) ترتيب
-
شجره شريف نوشاهي، از: سيد عبدالڪريم عباسي
نوشاهي (پنجابي ۾) ترتيب
-
اشرف النڪات، از: محمد متيف حسيني (فارسي)
مرتب
-
بندگي نامه، از ڪنھيالال هندي (فارسي) مرتب
-
گلدسته هندي، از ڪنھيالال هندي (فارسي)، مرتب
-
ڪلمات طيبات (ملفوظات حضرت نوشه گنج بخش)
مرتب: سيد شرافت نوشاهي، (اردو ترجمو: ڊاڪٽر
خضر نوشاهي)
-
رساله مگس عسل (اردو ترجمو)
-
عطريه نورس (اردو ترجمو)
-
عنڪبوتيان (اردو ترجمو)
-
لطايف اشرفي، از: مخدوم سيد اشرف جھانگير
سمنائيرحه (اردو ترجمو)
-
تذڪره علماءِ هند، ايوب قادري (نظرثاني)
-
پاڪستان ۾ مخطوطات ڪي ذخائر (پاڪستان ۾ تين سؤ
ذخائر مخطوطات ڪا تعارف)
-
سفرنامه ايران
-
تذڪره سيد احمد شامي
ب
-
فھرست نسخه هاي خطي فارسي، ڪتابخانه همدرد
ڪراچي
-
گنجينهءِ شوق، فھرست نسخه هاي خطي فارسي،
ڪتبخانه دڪتر نواز علي شوق ڪراچي
-
فھرست دست نويس هاي عربي و فارسي مجموعه دڪتر
نبي بخش خان بلوچ، در آرشيو سند ڪراچي پاڪستان
-
مثنوي گوهر منظوم، از: غلام علي مداح ٺٽوي
فارسي (مرتب)
-
ديوان عطارد، از: شيوڪ رام عطارد فارسي (مرتب)
-
ڪليات سرفراز، از: ميان سرفراز خان ڪلھوڙه
(مرتب)
-
جنگ نامه، از منشي عبدالرؤف، فارسي (ترتيب ۽
ترجمو)
-
معيارِ سالڪان طريقت، از: مير علي شير قانع
ٺٽوي، فارسي (ترتيب/مرتب)
-
اذڪار عارفان حقيقت (ترجمو اردو، معيارِ
سالڪان طريقت)
-
ديوان سلوڪ الطالبين، از: فقير قادر بخش بيدل،
فارسي (مرتب)
-
ديوان منھاج الحقيقت، از: فقير قادربخش بيدل،
فارسي (مرتب)
-
ديوان مصباح الطريقت (فارسي ڪلام) فقير قادر
بخش بيدل (مرتب)
-
جمع الجوامع، لغت فارسي، جلد اول، از: پير سيد
محمد راشد روضي ڌڻي (ترتيب)
-
جمع الجوامع، لغت فارسي، جلد دوم، از: پير سيد
محمد راشد روضي ڌڻي (ترتيب)
-
جمع الجوامع، لغت فارسي، جلد سوم، از: پير سيد
محمد راشد روضي ڌڻي (ترتيب)
-
جمع الجوامع، لغت فارسي، جلد چھارم، از: پير
سيد محمد راشد روضي ڌڻي (ترتيب)(17).
اسان هاڻي هيٺ ڊاڪٽر خضر نوشاهي جي لکيل ۽
مرتب ڪيل صرف انھن ڪتابن جو تعارف پيش ڪري
رهيا آهيون، جن جو تعلق سنڌ جي علم ادب،
شاعري، تاريخ ۽ مخطوطه نويسي سان آهي، جيڪي
مٿي ”ب“ هيٺ ڄاڻايل آهن.
1.
فھرست نسخه هاي خطي فارسي، ڪتابخانه همدرد
ڪراچي: ڊاڪٽر خضر نوشاهي ”مرڪز تحقيقات فارسي
ايران و پاڪستان“ جي طرفان همدرد ڪراچي ۾
موجود فارسي قلمي نسخن جي تفصيلي ڪئٽلاگ تيار
ڪرڻ لاءِ سال 1980ع ۾ ڪراچي آيو ۽ همدرد
ڪتبخاني ۾ موجود فارسي قلمي نسخن جو هي ڪئٽلاگ
تيار ڪيائين، جنھن ۾ هرهڪ نسخي جو تفصيلي
تعارف پيش ڪيو ويو آهي. هڪ ڪئٽلاگ ”مرڪز
تحقيقات فارسي ايران و پاڪستان اسلام آباد“
پاران پھريون دفعو 1988/1989ع ۾ شايع ٿيل آهي.
2.
گوهر منظوم: هن ڪتاب جو مصنف غلام علي ملاح
ٺٽوي آهي. هي ڪتاب فارسي مثنوي ۾ آهي ۽ صنعت
تجنيس ۾ لکيل آهي. هن ناياب ڪتاب جو فقط هڪ ئي
نسخو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ذاتي ڪتبخاني
جي زينت بنيل هو، جنھن کي ڊاڪٽر خضر نوشاهي
ايڊٽ ڪيو، جيڪو پھريائين اصل نسخي جي مڪمل عڪس
سان گڏ ۽ مرتب جي هٿ اکرن جي متن جي عڪس سان
”ڪوارٽرلي جنرل آف دي پاڪستان هسٽاريڪل
سوسائٽي، واليم
XLI،
اپريل 1993ع، پارٽ 2 ۾ (پاڪستان هسٽاريڪل
سوسائٽي ڪراچي ۽ بيت الحڪمة، مدينة الحڪمة
ڪراچي) ۾ شايع ٿيو. ڪتاب جو تفصيلي تعارف
انگريزي ۾ پيش ڪيو ويو آهي. بعد ۾ اِها مثنوي
مرتب جي هڪ طويل مقدمي سان گڏ ”بلاول
انسٽيٽيوٽ آف هسٽاريڪل ريسرچ نوابشاهه“ طرفان
به پھريون ڀيرو 2012ع ۾ شايع ٿيو آهي. هن
ايڊيشن ۾ اصل مخطوطي جا صرف چار صفحا عڪس جي
صورت ۾ ڏنا ويا آهن.
3.
گنجينهء شوق (فھرست نسخه هاي خطي و فارسي
ڪتابخانه دڪتر نواز علي شوق ڪراچي): هي ڪتاب
ڊاڪٽر نواز علي شوق جي ذاتي ڪتبخاني ۾ موجود
فارسي قلمي نسخن جي تعارف تي مشتمل تفصيلي
ڪئٽلاگ آهي. پھريون دفعو سال 1993ع ۾ ڪافي
پبليڪيشن ڪراچي مان شايع ٿيو.
4.
جنگ نامه: هي ڪتاب فارسي ۾ خواجه عبدالرؤف جو
لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ مصنف سنڌ ۾ مغل دؤرِ
حڪومت جي ڏينھن ۾ بکر جي پرڳڻي ۾ هڪ باغي سان
مغل سرڪار جي لشڪر جي جنگ جو احوال پيش ڪيو
آهي. اِها جنگ بکر پرڳڻي ۾ مغل بادشاهه
اورنگزيب جي دؤر ۾ لڳي هئي.
اِنھيءَ ڪتاب جو قلمي نسخو ڊاڪٽر قريشي حامد
علي خانائي جي مطالعي ۾ آيو ته هن مقالي جي
صورت ۾ اُن جو سٺو تعارف تيار ڪيو، اِهو انھي
تعارف سان گڏ ۽ خانائي صاحب جي تيار ڪيل فارسي
متن ۽ قلمي نسخي جي مڪمل عڪس سميت، ٽماهي
”مھراڻ“، نمبر 3/1995ع (سنڌي ادبي بورڊ ڄام
شورو) ۾ ڇپجي نروار ٿيو. اِهو مقالو جڏهن
ڊاڪٽر خضر نوشاهي جي نظر مان گذريو ته هن کي
خانائي صاحب جي انھي مقالي ۾ نسخي جي متن جو
تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو ”رسالهءِ عبدالرؤف،
مطالعي ڪا دوسرا رخ“ مقالي جي صورت ۾ اردو ۾
تيار ڪيو ۽ انھيءَ قلمي نسخي جو فارسي متن
پنھنجن هٿ اکرن ۾ تيار ڪيو. ڊاڪٽر خضر نوشاهي
جي اِنھيءَ اردو مقالي جو سنڌي ترجمو ڊاڪٽر
نواز علي شوق ڪيو. اِهو سنڌي ترجمو، نوشاهي
صاحب جي هٿ اکرن ۾ لکيل فارسي متن جي عڪس سان
گڏ ”جنگ نامه فارسي رساله عبدالرؤف“ جي نالي
سان، سندس تصحيح ۽ نظرثاني سان، ٽماهي
”مھراڻ“، نمبر 01/1996ع (سنڌي ادبي بورڊ ڄام
شورو) ۾ ڇپجي نروار ٿيو.
هي ماخذ سنڌ جي مغل دؤر جي باري ۾ هڪ بھترين ۽
ناياب قيمتي ماخذ آهي، ڏاڍو سٺو ٿئي جو اِهو
ناياب ماخذ اصل نسخي جي عڪس ۽ سنڌ ترجمي سان
گڏ ڪتابي صورت ۾ ڇپجي وڃي ته جيئن انھيءَ جي
مطالعي مان هرهڪ پڙهندڙ ۽ محققين حضرات متفيض
ٿي سگهن ۽ سنڌ تي مغل دؤرِ حڪومت جي ماخذن ۾
به هڪ بھترين ۽ ناياب ماخذ جو اضافو ٿي وڃي.
5- ڪليات سرفراز: حاڪم سنڌ ميان سرفراز
ڪلھوڙي جي فارسي ۽ اردو شاعري جو هڪ قلمي
نسخو، سنڌ پراونشل ميوزم حيدرآباد ۾ موجود
آهي. انھيءَ واحد قلمي نسخي کي ڊاڪٽر خضر
نوشاهي ايڊٽ ڪري ۽ انھي جي متن کي پنھنجي هٿ
اکرن ۾ لکي عڪسي صورت ۾ آندو. مذڪوره قلمي
نسخي ۾ موجود شاعريءَ کان علاوه چند ٻين ماخذن
تان به هن ميان سرفراز جو فارسي، اردو ۽ سنڌي
ڪلام هٿ ڪري ميان سرفراز جي شاعريءَ جي هن
ڪليات ۾ شامل ڪيو آهي. ڪتاب جي شروع ۾ هن هڪ
طويل مقدمو ڏنو آهي. جنھن ۾ ميان سرفراز
ڪلھوڙي جي سوانح، دؤرِ حڪومت ۽ شاعري جو ڀرپور
جائزو پيش ڪيو آهي. ان کانپوءِ مذڪوره قلمي
نسخي ۽ ٻين ماخذن تان ميان سرفراز ڪلھوڙي جو
هٿ ڪيل سمورو فارسي، اردو ۽ سنڌي ڪلام ڏنو
آهي، اردو ۽ سنڌي ڪلام ڪتاب جي آخر ۾ ڏنو ويو
آهي، جيڪو تمام ٿورو آهي.
هن ڪتاب يعني ڪليات سرفراز جي صفحي 117 تي
فارسي ڪلام ۾ فارسي جو هڪ غزل موجود آهي، جنھن
جو مطلع آهي:
”تو اي مُرغ چمن دلشاد
ڪن،
ز مرغان قفس هم ياد مي
ڪن.(18)
افسوس جو مرتب انھي فارسي غزل جو آخري شاعر جي
نالي وارو بند يعني مقطع نه ڏيئي سگهيو آهي،
جيڪو اسان هٿ ڪري هتي ڏيئي رهيا آهيون. جيڪو
هن طرح آهي:
”تغافل چند اي سرفراز، ز بندم پا بلطف آزادي
ڪن.“
ڏاڍو سٺو ٿئي جو ڪتاب مذڪوره جي ٻئي ايڊيشن ۾
انھيءَ غزل جو اِهو مذڪوره مقطع وارو بند به
شامل ڪيو وڃي ته جيئن اِهو غزل مڪمل طرح سان
ڪتاب ۾ اچي وڃي.(19)
اهڙيءَ طرح ڪتاب مذڪوره جي آخر ۾ ”مدح نبي صلي
الله عليھ وآلھ وسلم چيل ميان سرفراز جي“ جي
عنوان سان، ميان سرفراز جو فقط اهو سنڌي ڪلام
شامل ڪيو ويو آهي. اسان کي ميان سرفراز جي
سنڌي ڪلام جي سلسلي ۾ هڪ ”مولود شريف“ هٿ آيو
آهي، جيڪو اِنھيءَ ڪتاب ۾ شامل نه آهي،
تنھنڪري ميان سرفراز جو اِهو سنڌي ڪلام يعني
مولود شريف هيٺ ڏجي ٿو ته جيئن پڙهندڙ ميان
سرفراز جي هٿ آيل انھيءَ وڌيڪ سنڌي ڪلام مان
به واقف ٿي سگهن:
مولود شريف
رس غوث قطب گلزار، مٺا مل نور نبي جا
شاهه محي الدين موچارا.
اول نور نبي جو پرور ڪيو پيدا،
دامن لڳي تنھن دوست جي عاصي سڀ ڇٽيندا.
در تنھنجي تي دادلا، بيٺي ڪري آهون سدا،
من جون مرادون ٿي پنان، سي پڄائين پاتشاهه.
فرزند شاهه علي جا گوهر گلزار،
حضرت حسن ۽ حسين، سي اڙين آڌار.
سڪرات ۾ سرفراز کي بديون بخشيندا،
مرڻ ويل مريض کي، ڪلمون پاڪ پڙهائيندا.(20)
مرتب، ڪتاب مذڪوره جي آخر ۾ مذڪوره قلمي نسخي
جي ٻن صفحن يعني پھرئين ۽ آخري صفحي جو عڪس
ميان سرفراز ڪلھوڙي جي چند فرمانن ۽ سندس مھر
جو عڪسي فوٽو، ڪلھوڙن جو شجرو ۽ ميان سرفراز
خان جي مقبري جي تصوير به ڏني آهي، اهو ڪتاب
پھريون دفعو سال 1996ع ۾ ڪلھوڙا سيمينار ڪميٽي
ڪراچي پاران شايع ٿيو آهي.
جيئن ته اِهو ڪتاب مرتب جي هٿ اکرن ۾ لکيل متن
جي عڪس جي صورت ۾ شايع ٿيل آهي، ڏاڍو سٺو ٿئي
جو انھيءَ جو ٻيو ايڊيشن ڪمپيوٽر تي ڪمپوز ڪري
جلد شايع ڪرايو وڃي ۽ مٿي ڄاڻايل ميان صاحب جو
هٿ آيل ڪلام به اُن ۾ شامل ڪيو وڃي ته جيئن
اِهو ناياب ڪلام به ڪتابي صورت ۾ هميشه لاءِ
محفوظ ٿي وڃي.
6- تاريخ بلوچي: هن ڪتاب جو هڪ نالو ”تاريخ
زوال حڪومت مردم ڪلھوڙا و استقرار حڪومت
بلوچان تالپور“ يا ”تاريخ ڪلھوڙا و استقرار
حڪومت تالپوران“ به آهي. هن ڪتاب جو مصنف
عبدالمجيد جوکيو بکري آهي.
هي ڪتاب فارسي ۾ آهي، جيڪو ڪلھوڙن ۽ ٽالپرن جي
تاريخ جي باري ۾ آهي، هن ڪتاب ۾ ڪلھوڙن جي
پوئين دؤر ۽ ٽالپرن جي شروعاتي دؤر متعلق تمام
بھترين ۽ ناياب مواد موجود آهي. هن ڪتاب جو
صرف ئي هڪ ئي قلمي نسخو ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ جي ذاتي ڪتبخاني ۾ موجود هو، جنھن تان ئي
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ڊاڪٽر خضر نوشاهي
گڏجي ڪري هن ڪتاب کي ايڊٽ ڪيو آهي. ڪتاب جي
شروع ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب، هن ڪتاب جي مصنف جي
سوانح ۽ ڪتاب جي مواد تي سٺي روشني وڌي آهي،
اُن بعد ڪتاب جو فارسي متن آهي. ڪتاب جي متن
ختم ٿيڻ بعد قلمي نسخي جي ٻن صفحن پھرئين ۽
آخري جو عڪس به ڏنو ويو آهي، اُن بعد ڪلھوڙن
حاڪمن جي چند فرامين جا عڪس به ڏنا ويا آهن.
اُن کانپوءِ ڪتاب مذڪوره جو اردو ترجمو ڏنو
ويو آهي، جيڪو خضر نوشاهي جو ڪيل آهي. اردو
ترجمي جي آخر ۾ ترجمي نگار طرفان ڪجهه مختصر
تعليقات به آهن، اُن بعد ڪلھوڙن ۽ ٽالپرن جو
شجرو به شامل ڪيو ويو آهي.
اسان کي هن ڪتاب جي مصنف عبدالمجيد جوکيو بکري
جو هڪ ناياب فارسي قطعه تاريخ مليو آهي، جيڪو
هن ڪلھوڙا دؤر جي هڪ مشھور عالمِ دين ”مخدوم
ابوالحسن ڏاهري“ جي وفات تي لکيو هو. اِهو
قطعو هيٺ ڏجي ٿو ته جيئن محفوظ ٿي وڃي:
آه از رحلت جدائي آن نگار |
|
گشت از فوتيش جان و دل فگار |
رفت چون زينجا بملک دائمي |
|
آسمان بگريست بروي از غمي |
چونگه او يود معدنِ علم و عمل |
|
هم بوده ذاتش پر از حلم و کمل |
قضيه او شد از مصيبتها عظيم |
|
ليک صبرم بر رضا ربّ الکريم |
ه دو از ماهِ ربيع الاولين |
|
بود چون شد ارتحالِ شاه دين |
هاتف از تاريخ او گفته يمن |
|
جايء جنت او ست که اوچون بوالحسن |
هست اين ابيات از عبدالمجيد |
|
حق دهد توفيق بر خيرش مزيد |
ج |
ا |
ء |
ج |
ن |
ت |
ا |
و |
س |
ت |
کہ |
ا |
و |
چ |
و |
ن |
ب |
و |
ا |
4 |
1 |
1 |
4 |
50 |
400 |
1 |
6 |
60 |
400 |
20 |
1 |
6 |
4 |
6 |
50 |
2 |
6 |
1 |
|
|
|
|
|
|
|
|
ل |
ح |
س |
ن |
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
40 |
8 |
60 |
50 |
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
1118هه(21) |
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
هي ڪتاب سال 1996ع ۾ پھريون دفعو ڪلھوڙا
سيمينار ڪميٽي ڪراچي پاران شايع ٿيو آهي. بعد
۾ هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو، ڊاڪٽر عبدالرسول
قادري ڪيو، اهو سنڌي ترجمو پھريون ڀيرو سال
2017ع ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ريسرچ
فائونڊيشن حيدرآباد ۽ اينڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ فار
پرزرويشن آف دي هيريٽيج آف سنڌ ڪراچي پاران
شايع ٿيو.
ڪتاب جي آخر ۾ مترجم طرفان تعليقات لکي، اضافا
۽ واڌارا به شامل ڪيا ويا آهن.
7- معيارِ سالڪان طريقت: هن ڪتاب جو مصنف مير
علي شير قانع ٺٽوي آهي. هي ڪتاب فارسي ۾ آهي ۽
صوفياءِ ڪرام جي حالات تي لکيل آهي ۽ ضخيم
آهي.
خضر نوشاهي همدرد يونيورسٽي ڪراچي ۾ ملازمت
دوران هتي جي ڪن مھربان دوستن جي صلاح سان
همدرد يونيورسٽي ۾ پي.ايڇ.ڊي لاءِ داخلا ورتي.
سندس پي.ايڇ.ڊي جو موضوع ”معيارِ سالڪان
طريقت“ جي ترتيب تصحيح متن حاشيه نگاري،
تعليقات ۽ مقدمو وغيره هو. هن اهو ڪم ڊاڪٽر
نبي بخش بلوچ ۽ ڊاڪٽر انصار زاهد خان جي
نگراني ۾ 1996ع ۾ مڪمل ڪري ورتو، جنھن تي
همدرد يونيورسٽي ڪراچي پاران هن کي پي.ايڇ.ڊي
جي ڊگري ڏني ويئي. خضر نوشاهي صاحب پھريون شخص
هو، جنھن کي اِنھيءَ يونيورسٽي طرفان ڊاڪٽوريٽ
جي ڊگري ملي.(22) ياد رکڻ گهرجي ته
هن ضخيم ڪتاب جو اصل فارسي نسخو برٽش ميوزم
لنڊن جي لائبريري ۾ موجود آهي، جنھن جو فوٽو
اسٽيٽ ٿيل هڪ نسخو همدرد يونيورسٽي ڪراچي جي
لائبريري بيت الحڪمة ۾ رکيل آهي، جنھن کي
بنياد بنائي خضر نوشاهي صاحب پنھنجي پي.ايڇ.ڊي
جي ٿيسز تيار ڪئي.
جيئن ته هي ڪتاب پي.ايڇ.ڊي جي ڊگري لاءِ مرتب
ڪيل آهي، تنھنڪري مرتب هن ڪتاب جي ترتيب،
تصحيح، حاشيه نگاري ۽ تعليقات لکڻ تي تمام
گهڻي محنت ڪئي آهي، جنھن تي کيس داد ڏيڻ
کانسواءِ رهي نه ٿو سگهجي. هن ضخيم ڪتاب جي
ترتيب ۽ تدوين تي جيڪا ڪوشش ۽ محنت ڪئي وئي
آهي، سا ساراهه جوڳي آهي. ڪتاب جي شروع ۾ هن
ڪراچي ۾ اچڻ، همدرد يونيورسٽي ۾ ملازمت اختيار
ڪرڻ ۽ پي.ايڇ.ڊي ۾ داخلا جو احوال، ابتدائيه
جي عنوان سان چند صفحن ۾ بيان ڪيو آهي ۽ ان
بعد هن ڪتاب جي طويل ۽ تفصيلي مقدمي ۾ تصوف ۽
تصوف تي لکيل ڪتابن جو احوال تفصيل سان بيان
ڪيو آهي ۽ بعد ۾ ڪتاب جي مصنف مير علي شير
قانع جي سوانح سندس لکيل هن ڪتاب جو تفصيلي
تعارف پيش ڪيو آهي، مقدمي کانپوءِ ڪتاب جو متن
آهي، جنھن جو هر صفحو وضاحتي حاشين ۽ حوالن
سان سينگاريل آهي. ڪتاب جي آخر ۾ مرتب طرفان
تعليقات به شامل ڪيا ويا آهن. هن ضخيم ڪتاب
پھريون دفعو سال 2000ع ۾ اداره معارف نوشاهيه
ساهن پال طرفان شايع ڪيو ويو. ياد رکڻ گهرجي
ته ڪتاب جو فارسي متن مرتب جي هٿ اکرن ۾ لکيل
آهي، جيڪو ڪتاب ۾ عڪس جي صورت ۾ آهي. هن ضخيم
ڪتاب جو ٻيو ڇاپو سال 2001ع ۾ اداره معارف
نوشاهيه ۽ مرڪز تحقيقات فارسي ايران و پاڪستان
اسلام آباد طرفان شايع ٿيل آهي.(23)
هِن ڪتاب جو سنڌي ترجمو، شيخ محمد حسن يحييٰ
قريشي ٿريچاڻوي ڪيو آهي، جيڪو پھريون ڀيرو سال
2010ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو پاران شايع
ٿيو آهي.
8-
فھرست دست نويس هاي عربي و فارسي مجموعه دڪتر
نبي بخش خان بلوچ: هي ڪتاب فارسي ۾ مرتب ڪيو
ويو آهي. هي ڪتاب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي
ذاتي ڪتبخاني ۾ موجود قلمي نسخن جو مختصر
ڪئٽلاگ ۽ تعارف آهي. اهي قلمي نسخا هن وقت سنڌ
آرڪائيوز ڪراچي ۾ موجود آهن. قلمي نسخن جي اها
فھرست پھريائين، سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو جي
اردو شعبي مان نڪرندر رسالي ”تحقيق“ نمبر 12 ۽
13 سال 1998ع (صفحي 837 کان 928) ۾ شايع ٿيل
آهي ۽ بعد ۾ اها فھرست پھريون دفعو سال 2005ع
۾ تھران (ايران) مان به شايع ٿي آهي. هي فھرست
خزينة المخطوطات جلد پھريون جي صفحي 198 کان
281 تي به شامل آهي.
ياد رکڻ گهرجي ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي
ذاتي ڪتبخاني جا جيڪي به قلمي نسخا سنڌ
آرڪائيوز ڪراچي ۾ پيل آهن، تن جو تفصيلي ۽
ضخيم ڪئٽلاگ، ڊاڪٽر مولانا محمد ادريس السندي
سومري ”فھرست مخطوطات سنڌ آرڪائيوز، حصه اول،
خزانه ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ“ جي نالي سان
اردو ۾ تيار ڪيو آهي، اهو ضخيم ڪئٽلاگ پھريون
دفعو سال 2012ع ۾، انفارميشن اينڊ آرڪائيوز
ڊپارٽمينٽ آف سنڌ ڪراچي پاران شايع ٿيل آهي.
9-
مڪاتيب راشدي بنام ڊاڪٽر محمد باقر: سيد حسام
الدين راشدي جيڪي خط ڊاڪٽر محمد باقر ڏانھن
لکيا، سي سڀ ڊاڪٽر خضر نوشاهي، هن ڪتاب ۾
سھيڙيا آهن. خط اردو ۾ آهن ۽ تاريخي ۽ ادبي
معلومات جا ڀنڊار آهن. مرتب انھن کي حاشين،
وضاحت معلومات ۽ حوالن سان سينگاريو آهي. مطلب
ته مرتب سون تي سھاڳي وارو ڪم ڪيو آهي. مرتب
ڪتاب جي شروع ۾ حرف اول جي عنوان سان، ڪتاب ۾
سمايل مواد متعلق انھن خطن کي سھيڙڻ ۽ انھن جي
اهميت کي اجاگر ڪيو آهي ان کانپوءِ پيش گفتار
جي عنوان سان سيد حسام الدين راشدي ۽ ڊاڪٽر
محمد باقر جي سوانح، ادبي ڪارنامن ۽ خطن جي
اهميت ۽ انھن ۾ سمايل مواد تي ڀرپور روشني وڌي
آهي. اهو ڪتاب پھريون ڀيرو سال 2005ع ۾
انسٽيٽيوٽ آف سينٽرل اينڊ ويسٽ ايشين اسٽڊيز
جامعه ڪراچي طرفان شايع ٿيل آهي.
10-ديوان
سلوڪ الطالبين: هي ڪتاب سنڌ جي مشھور صوفي
بزرگ فقير قادر بخش بيدل جي فارسي شاعري جو
ديوان آهي، ڪتاب جي مرتب ڊاڪٽر خصر نوشاهي،
ڪتاب جي شروع ۾ فقير قادر بخش بيدل جي سوانح،
ادبي ڪارنامن ۽ سندس شاعري تي ڀرپور روشني وڌي
آهي. هي ڪتاب پھريون دفعو سال 2006ع ۾ بيدل
يادگار اڪيڊمي روهڙي طرفان شايع ٿيو آهي.
11-
ديوان منھاج الحقيقت: هي مختصر فارسي ديوان به
فقير قادر بخش بيدل جي شاعري تي مشتمل آهي.
اهو پڻ ڊاڪٽر خضر نوشاهي مرتب ڪيو آهي. ڪتاب
جي شروع ۾ حرف اول کانپوءِ پيش گفتار جي عنوان
سان مرتب چند صفحا لکيا آهن. جن ۾ شاعر جي
سوانح، ادبي ڪارنامن ۽ سندس فارسي شاعري جو
مختصر جائزو پيش ڪيو ويو آهي، هي ڪتاب پھريون
دفعو سال 2007ع ۾ بيدل يادگار ڪميٽي روهڙي
پاران شايع ڪيو ويو.
بعد ۾ هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو ڊاڪٽر عبدالوحيد
انڍڙ ڪيو. جيڪو پڻ سال 2013ع ۾ پھريون ڀيرو
بيدل يادگار اڪيڊمي روهڙي طرفان شايع ٿيو آهي.
12-جمع
الجوامع (لغت فارسي) جلد اول: هن مفصل فارسي
لغت جو مؤلف سنڌ جو مشھور بزرگ پير سيد محمد
راشد روضي ڌڻيرحه آهي. هن ضخيم لغت
جو قلمي نسخو نيشنل ميوزم ڪراچي ۾ موجود آهي.
جنھن کي ڊاڪٽر خضر نوشاهي وڏي محنت، ڪوشش ۽
عرق ريزي سان ايڊٽ ڪري چار جلدن ۾ مڪمل ڪيو
آهي. ڪتاب جي شروع ۾ مرتب طرفان هڪ مفصل مقدمو
ڏنو ويو آهي، جنھن ۾ ڪتاب جي مؤلف ۽ سندس علمي
ڪارنامن تي سٺي نموني سان روشني وڌي وئي آهي.
مقدمي ۾ انھيءَ ڪتاب جي افاديت ۽ اهميت تي به
سٺي ڄاڻ ڏنل آهي. مقدمي کانپوءِ ڪتاب جي مؤلف
جي باري ۾ چند عالمن جا ليک به شامل ڪيا ويا
آهن. هن ضخيم لغت جو پھريون جلد، سال 2007ع ۾
جميعت علماءِ سڪندريه درگاهه شريف پير جو ڳوٺ
ضلعو خيرپور طرفان شايع ٿيو آهي.
13-ديوان
عطارد: ڪلھوڙا دؤر جي هڪ مشھور فارسي شاعر
مُنشي شيوڪ رام عطارد جي فارسي ڪلام جو هڪ
گڏيل قلمي نسخو، جنھن ۾ ميان سرفراز خان
ڪلھوڙي جو فارسي ڪلام به آهي، جنھن تان ڊاڪٽر
خضر نوشاهي مٿي ڄاڻايل ڪليات سرفراز مرتب ڪيو،
سو سنڌ پراونشل ميوزم حيدرآباد ۾ موجود آهي،
انھي ئي نسخي تان ڊاڪٽر خضر نوشاهي هي ديوان
عطارد به مرتب ڪيو. اِهو ديوان عطارد جي نالي
سان پھريون ڀيرو 2008ع ۾ پنجاب يونيورسٽي
لاهور جي دانشڪده خاور شناسي جي رسالي ”سفينه،
نمبر 4-5“ ۾ شايع ٿيو. مرتب هن ديوان جي شروع
۾ هڪ مفصل مقدمو ڏنو آهي، جنھن ۾ ڪلھوڙا دؤر
جي تاريخ، شاعر عطارد جي دؤر، تصانيف ۽ سندس
شاعريءَ تي ڀرپور تبصرو ڪيو آهي. اُن کانپوءِ
مذڪوره ديوان جو متن ڏنو ويو آهي. هن ديوان جي
انھيءَ رسالي ۾ اشاعت کانپوءِ مرتب کي عطارد
جو ڪجهه ٻيو فارسي ڪلام به هٿ آيو هو.(25)
ڏاڍو سٺو ٿئي جو ڪلھوڙا دؤر جي هن مشھور شاعر
جي انھيءَ مذڪوره مجلي ۾ ڇپيل ڪلام کي ۽ ٻي
ناياب ڪلام کي هٿ ڪري نئين سر مرتب ڪري جدا
ڪتابي صورت ۾ ڪنھن علمي ادبي اداري پاران شايع
ڪرايو وڃي ته جيئن انھيءَ نامياري فارسي شاعر
جو سمورو ڪلام هميشه لاءِ محفوظ ٿي وڃي ۽ هرهڪ
پڙهندڙ انهيءَ جي ڪلام مان مستفيض ٿي سگهي.
14-جمع
الجوامع (لغت فارسي) جلد دوم: لغت جو هي جلد
پھريون دفعو سال 2009ع ۾ جميعت علماءِ سڪندريه
جامعه راشديه درگاهه عاليه پير جو ڳوٺ خيرپور
سنڌ پاران شايع ٿيو.
هن جلد جي شروعات ۾ چند عالمن طرفان خاندان
راشديه ۽ خاص طور تي حضرت روضي ڌڻيرحه
جي باري ۾ لکيل ليک، جيڪي هن جي سوانح ۽ سندس
علمي ۽ ديني خدماتن متعلق آهن، سي ڏنا ويا
آهن.
15-
جمع الجوامع (لغت فارسي) جلد سوم: سال 2010ع ۾
جميعت علماءِ سڪندريه جامعه راشديه درگاهه
عاليه پير جو ڳوٺ خيرپور سنڌ طرفان شايع ٿيو.
هن جلد جي شروع ۾ پڻ چند عالمن طرفان راشديه
خاندان ۽ حضرت روضي ڌڻيءَ رحه جي
باري ۾ لکيل ڪجهه مضامين شامل آهن.
16-جمع
الجوامع (لغت فارسي) جلد چھارم: لغت فارسيه جو
هي جلد به سال 2011ع ۾، جميعت علماءِ سڪندريه
جامعه راشديه درگاهه عاليه پير جو ڳوٺ خيرپور
پاران شايع ٿيل آهي.
هن جلد جي شروع ۾ هن لغت جي تصحيح ڪندڙ ۽ مرتب
ڊاڪٽر خضر نوشاهي پاران لکيل تفصيلي مقدمي ۾،
ڪتاب جي تاليف ڪندڙ حضرت سيد محمد راشد روضي
ڌڻيرحه جي سوانح ۽ لغت جي اهميت ۽
افاديت تي ڀرپور روشني وڌي ويئي آهي.
17-ديوان
مصباح الطريقت (فارسي ڪلام) فقير عبدالقادر
عرف قادر بخش بيدل: فقير قادر بخش بيدل جي
فارسي ڪلام جو هي ضخيم ديوان آهي، جنھن کي
ڊاڪٽر خضر نوشاهي، بيدل سائين جي فارسي ڪلام
جي ٻن قلمي نسخن کي سامھون رکي وڏي محنت ۽ عرق
ريزي سان مرتب ڪري تيار ڪيو آهي. هي ديوان
پھريون دفعو سال 2011ع ۾ بيدل يادگار ڪميٽي
روهڙي طرفان شايع ٿيو آهي، ڪتاب جي شروع ۾
مرتب، بيدل سائينءَ جي سوانح، ادبي ڪارنامن ۽
ديوان ۾ شامل فارسي شاعري تي تفصيلي بحث ڪيو
آهي. مقدمي بعد بيدل سائين جا غزل ڏنا ويا آهن
۽ آخر ۾ هڪ قصيدو ۽ پوءِ چند رباعيون شامل
ڪيون ويون آهن ۽ ڪجهه قطعا به شامل ڪيا ويا
آهن.
18-انشاءِ
عطارد: هي ڪتاب ڪلھوڙا دؤر جي شاعر ۽ انشاءَ
نويس منشي شيوڪ رام عطارد جي خطن جو مجموعو
آهي. جنھن کي ڊاڪٽر خضر نوشاهي ٽن قلمي نسخن
کي سامھون رکي مرتب ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ ڪلھوڙا
دؤر متعلق نھايت ئي اهم معلومات ڏنل آهي. اِهي
خط اِنھيءَ دؤر متعلق بھترين ۽ قيمتي دستاويز
جي حيثيت رکن ٿا، هي ناياب و نادر قيمتي
دستاويز پھريون دفعو سال 2013ع ۾ ڊاڪٽر اين اي
بلوچ انسٽيٽيوٽ آف هيريٽيج ريسرچ حيدرآباد
پاران شايع ٿيو آهي، ڏاڍو سٺو ٿئي جو ڪلھوڙا
دؤر متعلق هن بھترين ڪتاب جو سنڌي يا اردو
ترجمو ڪرائي شايع ڪيو وڃي، ته جيئن هرهڪ
پڙهندڙ انهيءَ نادر و ناياب قيمتي معلومات مان
مستفيض ٿي سگهي.
19-اذڪار
عارفان حقيقت ترجمه معيارِ سالڪان طريقت: هي
ڪتاب مٿي ذڪر ڪيل ڪتاب معيارِ سالڪان طريقت جو
اردو ترجمو آهي. اِهو ترجمو به ڊاڪٽر خضر
نوشاهي جو ڪيل آهي. ڪتاب جي اصل فارسي متن جي
اشاعت دوران ڪتاب جي حاشين تي ڏنل قيمتي ۽
تحقيقي مواد جو اضافو به ڪيل هو، ليڪن هن اردو
ترجمي واري ايڊيشن ۾ اِهو حاشين وارو مواد
شامل نه ڪيو ويو آهي ۽ صرف متن واري مواد تي
اڪتفا ڪئي ويئي آهي. مذڪوره ڪتاب جو تعارف مٿي
اڳ ۾ ئي ڏيئي آيا آهيون. اِنھيءَ ڪتاب جو هي
اردو ترجمو به پھريون دفعو سال 2015ع ۾ محڪمه
ثقافت و سياحت حڪومت سنڌ ڪراچي پاران شايع ڪيو
ويو آهي.
ڊاڪٽر خضر نوشاهي کي زندگي جي آخري چند سالن ۾
سنڌ آرڪائيوز ڪراچي طرفان کيس آڇ ٿي ته هُو
سنڌ آرڪائيوز ۾ موجود آڳاٽي فارسي ۾ لکيل
لکپڙهه جي ڪاغذن جو صاف متن ٺاهي لکي ڏئي ۽
اُنھن جو اردو ترجمو به ڪري ڏيندو. پاڻ
آرڪائيوز ڊپارٽمينٽ وارن جي اِها آڇ خوشي سان
قبول ڪيائين ۽ انھن سان طئي ڪيائين ته هُو
اُنھن لکپڙهه وارن فارسي ڪاغذن مان ڪجهه ڪاغذ
گهر کڻي ويندو، اُتي وڃي انھن ڪاغذن جو صاف
متن تيار ڪري ۽ انھن جو ترجمو ڪري واپس
آرڪائيوز پھچائي ويندو ۽ پوءِ وري ٻيا لکپڙهه
وارا فارسي ڪاغذات کڻي پيو ويندو ۽ انھن جو به
متن ۽ اردو ترجمو ڪري واپس پھچائي پيو ويندو.
اهڙيءَ طرح هُو اِهو ڪم آرڪائيوز وارن کي مڪمل
ڪري ڏيندو. پوءِ بعد ۾ هيءُ اِهو ڪم ائين ئي
ڪندو رهيو يعني ڪجهه لکپڙهه وارا فارسي ڪاغذ
آرڪائيوز مان گهر کڻي ويندو هو ۽ انھن جو صاف
متن تيار ڪري ۽ انھن جو ترجمو ڪري آرڪائيوز کي
واپس ڪري وري ٻيا ڪاغذات کڻي ويندو هو. خبر
ناهي ته هن وفات کان اڳ ۾ اِهو ڪم ڪيتري قدر
آرڪائيوز وارن کي ڪري ڏنو هو ۽ ڪيترو کين
پھچايو هو ۽ ڪيترو هِن وٽ رهجي ويو. هاڻي
اِنھي رهجي ويل ڪم جو ڇا ٿيندو. بھتر ائين آهي
ته نوشاهي صاحب جيترو به ڪم ڪري آرڪائيوز وارن
کي واپس پھچائي ويو آهي ته فوراً اُنھيءَ
قيمتي مواد کي مرتب ڪرائي شايع ڪرايو وڃي ته
جيئن هرهڪ محقق انھيءَ آڳاٽي لکپڙهه وري
تاريخي ۽ تحقيقي مواد مان واقف ٿي سگهي ۽
انھيءَ مان استفادو به ڪري سگهي ۽ خضر نوشاهي
صاحب جو اِهو محنت طلب ڪيل ڪم به هميشه لاءِ
محفوظ ٿي، ڪتابي صورت ۾ اچي وڃي.
حوالا ۽
واڌارا:
1.
|
سيد خضر نوشاهي (مرتب) ڪليات
سرفراز، طبع اول 1996ع ڪلھوڙا
سيمينار ڪميٽي ڪراچي، صفحو بيڪ
ٽائيٽل.
مختيار احمد ملاح، مشرقي سنڌ
شناس، ڇاپو پھريون 2017ع، ثقافت ۽
سياحت کاتو حڪومت سنڌ ڪراچي، ص
532. |
2.
|
فقير قادر بخش بيدل، ديوان سلوڪ
الطالبين مرتب، ڊاڪٽر خضر نوشاهي،
طبع اول 2006ع، بيدل يادگار ڪميٽي
روهڙي، صفحو بيڪ ٽائيٽل.
فقير قادر بخش بيدل، ديوان منھاج
الحقيقت، مرتب: ڊاڪٽر خضر نوشاهي،
ڇاپو پھريون 2007ع، بيدل يادگار
ڪميٽي روهڙي، صفحو بيڪ ٽائيٽل. |
3.
|
هن راقم کي هڪ ملاقات دوران ٻڌايو
ته سندس خاندان جو نسبي تعلق حضرت
عباس عليھ السلام ابن علي عليھ
السلام سان آهي ۽ اسان حضرت عباس
عليھ السلام بن علي عليھ السلام
جو اولاد آهيون، تنھنڪري انھيءَ
نسبت سان ”عباسي“ ۽ سيد“ سڏائيندا
آهيون، جيئن ته حضرت عباس عليھ
السلام به حضرت علي عليھ السلام
جو پٽ هو ۽ حضرت علي عليھ السلام
جو سمورو اولاد سيد آهي، تنھنڪري
اسان ”سيد“ به سڏائيندا آهيون. |
4.
|
ڪليات سرفراز، ص 19 ۽ 20. |
5.
|
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌ
ثقافتي اڀياس (سنڌي ترجمو) مترجم:
ڊاڪٽر خليل الرحمان شيخ، ڇاپو
پھريون 2023ع، اينڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ
ڪراچي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
ريسرچ فائونڊيشن حيدرآباد، ص 15
مقدمو ۽ متن 266.
Sindh Studies Cultural, by: Dr,
N.A. Baloch, Ed: I, 2004,
Pakistan Study Center,
University of Sindh, Jamshoro,
P. 296. |
6.
|
غلام رسول مھر، تاريخ سنڌ حصو
ڇھون عھد ڪلھوڙا جلد اول (اردو)
ڇاپو پھريون 1958ع، سنڌي ادبي
بورڊ ڪراچي، ص 167.
غلام رسول مھر، تاريخ سنڌ حصو
ڇھون، ڪلھوڙا دور جلد پھريون،
(سنڌي ترجمو) مترجم: شمشيرالحيدري
۽ ابن حيات پنھور، ڇاپو پھريون
1963ع، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد ص
149 ۽ 150. |
7.
|
غلام محمد لاکو، ڪلھوڙا دورِ
حڪومت، ڇاپو ٻيو 2021ع، سنڌي ساهت
گهر حيدرآباد، ص 95 حاشيو. |
8.
|
تاريخ سنڌ، حصو ڇھون، ڪلھوڙا دور
جلد اول (اردو) ص 165.
تاريخ سنڌ، حصو ڇھون، ڪلھوڙا دور
جلد پھريون (سنڌي ترجمو) ص
149-150.
ڊاڪٽر عارف نوشاهي، حضرت نوشه گنج
بخشرحه ، تاريخ وفات
اور وطن ڪي تحقيق، ايڊيشن اول
2000ع، لاهور. ص 12. |
9.
|
مير علي شير قانع، معيارِ سالڪان
طريقت (مرتب) ڊاڪٽر خضر نوشاهي،
ڇاپو پھريون 2000ع، اداره معارف
نوشاهيه ساهن پال، ص 06،
ابتدائيه. |
10.
|
معيارِ سالڪان طريقت (فارسي) ص 6
۽7، ابتدائيه.
* ديوان منھاج الحقيقت، صفحو بيڪ
ٽائيٽل.
* ديوان سلوڪ الطالبين، صفحو بيڪ
ٽائيٽل.
* منشي شيوڪ رام عطارد، انشاءِ
عطارد (مرتب) ڊاڪٽر خضر نوشاهي،
ڇاپو پھريون 2013ع، ڊاڪٽر اين اي
بلوچ انسٽيٽيوٽ آف هيريٽيج ريسرچ
حيدرآباد، صفحو بيڪ ٽائيٽل.
مشرقي سنڌ شناس، ص 532.
ڪليات سرفراز، صفحو بيڪ ٽائيٽل. |
11.
|
ڊاڪٽر خضر نوشاهي (مرتب) مڪاتيب
راشدي بنام ڊاڪٽر محمد باقر،
ايڊيشن پھريون 2005ع، انسٽيٽيوٽ
آف سينٽرل اينڊ ويسٽ ايشين
اسٽيڊيز ڪراچي يونيورسٽي ڪراچي، ص
4، احوال واقعي و اظھارِ تشڪر. |
12.
|
معيارِ سالڪان طريقت، ص 06،
ابتدائيه. |
13.
|
ڊاڪٽر خضر نوشاهي مرحوم سان راقم
الحروف جون به مختلف وقتن تي
ڪيتريون ئي ملاقاتون ٿيون. خاص
طور تي مختلف ادبي ڪانفرنسن ۾
شرڪت دوران هن سان ملاقاتون
ٿينديون هيون. انھن ملاقاتن دوران
هن سان خوب ادبي ڪچھري به ٿيندي
هئي. منھنجي هن سان پھرئين ملاقات
به ڪراچي ۾ ڪنھن ادبي ڪانفرنس ۾
شرڪت دوران ٿي ۽ پوءِ اِهو سلسلو
هميشه لاءِ ادبي دوستي ۾ تبديل ٿي
ويو.
ڊاڪٽر خضر نوشاهي هڪ ٻه ڀيرا ته
راقم سان ملڻ لاءِ راقم جي گهر
(ڳوٺ غلام علي ڏهر، ريتي روڊ
ڏهرڪي ضلعو گهوٽڪي سنڌ) به آيو،
جتي ماني گڏجي کاڌي سين ۽ چانھه
به پيتي سين ۽ ادبي ڪچھري به ڪئي
سين. ڪڏهن ڪڏهن ته ڏهرڪي شھر جي
هوٽل تي به ملياسين ۽ گڏجي ماني
کائي چانھه به پيتي سين ۽ ادبي
ڪچھري به ڪئيسين.
هڪ ڀيري هُو ڏهرڪي ۾ ويٺل پنھنجي
مريدن جي دعوت تي آيو ته اُتي مون
کي به گهرايائين ۽ انھن سان
منھنجو تعارف به سٺي نموني سان
ڪرايائين. انھيءَ دعوت ۾ به ماني
گڏجي کاڌي سين ۽ چانھه وغيره به
گڏجي پيتي سين ۽ ادبي ڪچھري به
ڪئي سين.
هن سان جڏهن کان منھنجي ادبي
دوستي ٿي ته وقت بوقت هڪٻئي کي خط
لکي ذاتي ۽ ادبي احوال کان واقف
ڪندا رهندا هئاسين، بعد ۾ موبائيل
فون اچڻ تي وقت بوقت پاڻ ۾ فون تي
به ڳالھائيندا رهنداسين ۽ هڪٻئي
جي حال احوال کان واقف ٿيندا
رهندا هئاسين ۽ ادبي حال احوال به
هڪٻئي سان اوريندا هئاسين.
وفات تائين وقت بوقت هن جيڪي به
خط راقم ڏانھن لکيا هئا، سي سڀ
مون وٽ محفوظ آهن، انھن جو تعداد
سورهن عدد آهي، اهي سڀ اردو ۾
آهن، اهي سڀ خط ادبي ۽ ذاتي
تعلقات ۽ احوال تي مشتمل آهن. |
14.
|
مڪاتيب راشدي بنام ڊاڪٽر محمد
باقر، ص 04. |
15. |
انشاءِ عطارد، صفحو بيڪ ٽائيٽل
مشرقي سنڌ شناس، صفحو 532. |
16.
|
اِهو فارسي شعر، علامه نبي بخش
دانش شر صاحب، راقم جي استدعا تي
موڪلي ڏنو هو. |
17.
|
ڪليات سرفراز، صفحو بيڪ ٽائيٽل.
ديوان سلوڪ الطالبين، صفحو بيڪ
ٽائيٽل.
ديوان منھاج الحقيقت، صفحو بيڪ
ٽائيٽل.
انشاءِ عطارد، صفحو بيڪ ٽائيٽل.
مشرقي سنڌ شناس، ص 533 کان 536. |
18.
|
ماهنامه نئين زندگي حيدرآباد، ماه
مارچ 1963ع، ص 39. |
19.
|
راقم، هڪ ملاقات دوران ڊاڪٽر خضر
نوشاهي (مرتب ڪتاب) جو ڌيان
انھيءَ طرف ڇڪايو ته هن پنھنجي
انھيءَ غلطي جو اعتراف ڪندي چيو
ته خبر ناهي ته انھيءَ غزل جي
مقطع وارو بند ڏيڻ مون کان الائي
ڇو رهجي ويو آهي، حالانڪه قلمي
نسخي ۾ اهو غزل مڪمل موجود آهي. |
20.
|
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ (مرتب)
لوڪ ادب سلسلي جو چوٿون ڪتاب،
مولود، ڇاپو پھريون 1961ع، سنڌي
ادبي بورڊ حيدرآباد، ص 41. |
21.
|
مخدوم ابوالحسن ڏاهري نقشبندي،
ڪچڪول نامه (مرتب) مولانا غلام
مصطفيٰ قاسمي، طبع ثاني 1978ع،
شاهه ولي الله دهلوي اڪيڊمي
حيدرآباد. |
22.
|
معيارِ سالڪان طريقت، صفحو 6 ۽ 7،
ابتدائيه. |
23.
|
ڊاڪٽر خضر نوشاهي (ترجمو) اذڪارِ
عارفان حقيقت (اردو ترجمو) معيارِ
سالڪان طريقت، ڇاپو پھريون 2015ع،
محڪمه ثقافت و سياحت حڪومت سنڌ
ڪراچي، ص 03 مقدمه. |
24.
|
مخدوم سليم الله صديقي، خزينة
المخطوطات جلد اول، ڇاپو پھريون
2006ع، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو،
ص 198. |
25.
|
انھيءَ ديوان عطارد جي مجلي مذڪور
۾ شايع ٿيڻ کانپوءِ ڊاڪٽر خضر
نوشاهي، هڪ ملاقات دوران يا فون
تي راقم کي عطارد جي انھيءَ وڌيڪ
فارسي ڪلام جي هٿ اچڻ جو ٻڌايو
هو، وڌيڪ ٻڌايائين ته اهو هٿ آيل
فارسي ڪلام انھيءَ شايع ٿيل ديوان
۾ شامل نه آهي. انشاءَالله انھيءَ
ديوان جي ٻئي ايڊيشن ۾ انھيءَ هٿ
آيل ناياب فارسي ڪلام کي ضرور
شامل ڪيو ويندو.
انھيءَ مون کيس چيو ته انھي هٿ
آيل ڪلام کي فوٽو ڪاپي مون ڏانھن
موڪليو، ته جيئن مان انھيءَ کي
سنڀالي رکان ۽ پوءِ ديوان مذڪوره
جي ٻي اشاعت دوران انھي ڪلام کي
اُن ۾ شامل ڪرائي سگهان. ليڪن
عطارد جو هٿ آيل اهو ناياب ڪلام
باوجود عرض ڪرڻ جي ڊاڪٽر خضر
نوشاهي مون ڏانھن نه موڪليو.
افسوس جو هن جي موت جي ڪري عطارد
جو اهو بعد ۾ هٿ آيل فارسي ڪلام
ديوان عطارد ۾ شامل نه ٿي سگهيو.
هاڻي خبر نه آهي ته عطارد جو اهو
ناياب ڪلام ڪٿي آهي ۽ ڪنھن وٽ
آهي. |