سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 01/ 2025ع

باب:

صفحو:2 

ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو

 

 

 

 

مير علي شير قانع جي زماني ۾

سنڌ جو علمي ماحول

 

مير علي شير قانع (1140 - 1203هه) پنھنجو ۽ پنھنجي خاندان جو تفصيلي احوال ’مقالات الشعراءَ‘ ۾ پاڻ ڏنو آهي، جنھن کي هن 1174هه ۾ تصنيف ڪيو هو. هو پاڻ ٻڌائي ٿو ته سندس خاندان جو تعلق ايران جي مشهور شھر شيراز سان هو. انھيءَ خاندان جو هڪ عالم فاضل شخص امير اصيل الدين عبدالله  اٺين صديءَ جي آخر ۾ شيراز مان هجرت ڪري هرات ۾ آيو، جتي تاريخي مدرسي گوهرشاد آغا ۾ مدرس ٿيو(1). سندس علمي شھرت جو اهو حال هو، جو مشهور تاريخ ’حبيب السيّر‘ جو مصنف کيس وقت جي وڏن عالمن طور ذڪر ڪري ٿو ۽ سندس وفات جو سال 803هه ٻڌايو آهي. انھيءَ خاندان جي پوين عالمن جو ذڪر به حبيب السيّر ۾ ملي ٿو، جن ۾ خاص طور امير جمال الدين قابل ذڪر آهي، جنھن جو سيرت بابت ڪتاب ’روضة الاحباب‘ جڳ مشهور آهي. اڳتي هلي ان خاندان مان سيد شڪر الله شيرازي ولد سيد وجهه الدين ڪن سببن ڪري هرات ڇڏي قنڌار پهتو، جتي سندس تعلقات ارغون خاندان سان قائم ٿيا. شاهه بيگ ارغون جڏهن 927هه ۾ سنڌ فتح ڪئي ته سندس دعوت تي هو پنھنجن ٽن ساٿين سان گڏجي ٺٽي پهتو، جتي شاهه بيگ کيس قاضي يا شيخ الاسلاميءَ جي درجي تي فائز ڪيو. تاريخ طاهريءَ موجب هو شاهه بيگ سان گڏ آيو هو. (2) شاهه بيگ جلد ئي وفات ڪري ويو ته سندس پٽ شاهه حسن سنڌ جو حڪمران ٿيو، جنھن کيس ساڳئي عهدي تي برقرار رکيو انھيءَ خاندان ۾  مير عزت الله جي گهر ۾ مير علي شير قانع ٺٽي ۾ جنم ورتو.

مير علي شير ’مقالات الشعراء‘ ۾ پنھنجي ڄمڻ جو سال 1140هه ٻڌايو آهي ۽ پاڻ کي شڪر الله شيرازيءَ جي ستين پيڙهي ڄاڻايو آهي. سندس اصلي عبارت جا الفاظ هن ريت آهن: (3)

”راقم الحروف در سال چهل بعد هزار و صد هجري از ممکن عدم بعرصئه وجود آمده:

خلق انساناً من السلاله (1140ھ) تاريخ است“.

ترجمو:  هنن لفظن جو لکندڙ سال 1140هه ۾ عدم جي امڪان مان وجود جي ميدان ۾ قدم رکيو. قرآن جي آيت ته، انسان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو ويو، منهنجي جنم جي تاريخ آهي.

اڳتي پاڻ لکي ٿو، ”جڏهن منهنجي عمر جا ٻارهن سال پورا ٿيا يعني منهنجي عمر جي سج آسماني برجن جا ٻارهن چڪر پورا ڪيا ته منهنجي مٿي ۾ سخن جو سوداءُ پيدا ٿيو، جنھن جي نتيجي ۾ هڪ ديوان جنھن ۾ هر قسم جا اٽڪل اٺ هزار بيت هئا، لکي پورو ڪيم. پر پوءِ ڪن سببن جي ڪري ان کي پاڻيءَ جي حوالي ڪيم. ان کان پوءِ پورا ٻه سال وري شاعريءَ جي ويجهو نه ويس. تانجو وري استاد ڪامل مير حدر الدين ابو تراب ’ڪامل‘ جي فيض واري خدمت ۾ پهتس ۽ ڪجهه غزل لکي پيش ڪيم. اهو سال 1155هه هو ته پاڻ مونکي ’مظهري‘ جو تخلص عنايت ڪيائون. انھيءَ کانپوءِ وقت بوقت پاڻ غور ڪندا رهيا، آخرڪار ’عزّمن قنع‘ ’عزت وارو ٿيو، جيڪو قانع ٿيو‘ جي قول موجب ’قانع‘
تخلص اختيار ڪيو ويو. هن مهل تائين جيڪڏهن سڀني شعرن جو شمار ڪجي ته ٽيهه هزار ٿيندو، تاهم اڪثر طبيعت ان طرف مائل نه هئي.“
(4)

مطلب اهڙي علمي پس منظر ۾ قانع جي تعليم ۽ تربيت ٺٽي جي شاندار علمي ماحول ۾ ٿي. جتي وقت جا وڏا عالم ۽ فاضل، شاعر ۽ اديب موجود هئا. هڪ هنڌ هُو پنھنجي استادن ۾ ميان نعمت الله ۽ ميان محمد صادق کي شامل ڪري ٿو ته ٻئي هنڌ وري استادن ۾ آخوند محمد شفيع جو خاص ذڪر ڪري ٿو جنھن لاءِ لکي ٿو ته هن وٽ قصائد عرفي ۽ عروض سيفيءَ جا سبق پڙهيم. هڪ ٻئي استاد آخوند ابوالحسن تخلص ’بي تڪلف‘ جو ذڪر ڪرڻ به ضروري سمجهي ٿو، جنھن وٽان پڻ فارسيءَ جي تعليم حاصل ڪيائين. انھيءَ سلسلي ۾ مخدوم رحمت الله جو نالو به گهڻي عزت وچان کڻي ٿو، جيڪو مخدوم ضياءَ الدين جو ڏوهٽو هو. قانع لکي ٿو ته مون وٽس ’ميزان الصرف‘ ۽ نحو جو ڪتاب ’شرح مُلا جامي‘ پڙهي پورا ڪيا. (5)

مقالات مان خبر پوي ٿي ته ويهن سالن جي عمر ۾ قانع سورت، ڪڇ ۽ احمدآباد ويو هو ۽ سفر جو ڪجهه حصو  ٻيڙيءَ ۾ ڪيو هئائين. هو ٻڌائي ٿو ته محمد علي گاذروني احمدآباد ۾ ساڻس گڏ هو، جنھن جا هڪ ٻه شھر نقل ڪيا اٿس. ڪڇ جي شھر ڀڄ ۾ محمد عاقل ’دانا‘ سنڌي سان به پنھنجي ملاقات جو ذڪر ڪري ٿو جنھن کي اتي هڪ مسجد ۾ ڏٺائين. سورت جي سفر دوران شيخ محمد اڪرم ٺٽوي ساڻس گڏ هو. سامونڊي سفر ۾ سندن جهاز مرهٽن جي سردار باجي راءِ جي آرماڙ جي گهيري ۾ اچي ويو. قانع جي لکڻ موجب ٽن ڏينهن تائين اها صورتحال رهي. آخر گهڻن دعائن بعد ان مصيبت  کان نجات ملي. (6)

هتي اهو ٻڌائڻ گهرجي ته، انھيءَ زماني ۾ سنڌ وارن جو سورت گهڻو اچڻ وڃڻ ٿيندو هو جو اهو مشهور بندر ۽ وڏو شھر هو. بلڪه قانع پاڻ لکي ٿو ته سورت ۽ ملتان جي وچ ۾ تجارت ٺٽي وسيلي ٿيندي هئي. ٻارهين صديءَ جي پهرئين اڌ ۾ سورت ۾ سيد سعد الله سورتي هڪ وڏو عالم ۽ صوفي هو، جنھن کان مخدوم محمد هاشم ٺٽوي قادري سلسلي ۾ بيعت ٿيو هو. قانع معيار سالڪان طريقت ۾ سعد الله سورتيءَ جي قادري ۽ شطاري سلسلي جون سندون نقل ڪيون آهن. (7)

قانع جي اڪثر سوانح نگارن لکيو آهي ته 1160هه ۾ هو جڏهن سورت ويو هو ته سندس ملاقات سعد الله سورتيءَ سان ٿي هئي، جنھن کي ٻه پٽ عبدالعلي ۽ عبدالولي نالي هئا. قانع انھن نالن کان ايڏو متاثر ٿيو هو جو دل ۾ پڪو ارادو ڪيائين ته جڏهن کيس پٽاڻو اولاد ٿيندو ته هو انھن جا نالا ائين رکندو. ليڪن هتي اهو واضح ڪجي ته سعد الله سورتي 1138هه ۾ وفات ڪري ويو هو(8)، جڏهن ته قانع 1140 ۾ ڄائو هو. البت ائين ٿي سگهي ٿو ته قانع جي ملاقات سعد الله جي انھن پٽن سان ٿي هجي جڏن پاڻ سورت ۾ هيو.

سال 1141هه ۾ قانع جي والد عزت الله وفات ڪئي ته نالي جي مناسبت سان قرآن جي آيت مان تاريخ ڪڍڻ جنھن ۾ قانع کي خاص ملڪو هو ۽ مقالات ۾ الائجي اهڙين ڪيتريون ڪڍيون اٿائين، پنھنجي والد جي تاريخ هن آيت مان ڪڍيائين:

لله العزة و اللرسل واللمؤمنين (1141هه)

قانع کي ٽن پٽن جو اولاد ٿيو.  ٻيو پٽ 1181هه ۾ ڄائو ته ان جو نالو غلام علي رکيائين جيڪو تاريخي نالو آهي ۽ هو ئي اڳتي هلي فارسيءَ جو وڏو شاعر ثابت ٿيو. سندس تخلص ’مائل‘هو، جنھن نالي سان ديوان پڻ موجود آهي. مائل به پيءَ وانگر تاريخن چوڻ ۾ ماهر هو. پنھنجي والد قانع جي وفات جي تاريخ هن ريت چئي اٿس.

ابشره بالجنة النعيم ابدا (1203هه)

مائل جي ديوان ۾ ڪيترائي تاريخي قطعا بلڪ قصيدا ملن ٿا. مائل، مير غلام علي خان ٽالپر جي درٻاري شاعر جو رتبو ماڻيو ۽ ان کانپوءِ مير ڪرم علي خان ٽالپر جيڪو پاڻ به سٺو شاعر هو، ان جو مٿس گهڻو راز هو. هتي اهو ٻڌائڻ به ضروري ٿو لڳي ته مير قانع جو ڀائيٽو مير عظيم الدين عظيم قانع جي زندگيءَ ۾ ئي قابل ذڪر شاعر ٿي گذريو. سندس ديوان کانسواءِ ’فتحنامه‘ موجود آهي، جنھن ۾ سال 1194ھ  ۾ هو ميرن هٿان هالاڻيءَ جي ميدان تي ڪلهوڙن جي شڪست جو مثنوي ۾ بيان ڪري ٿو. اها مثنوي هن 1199هه ۾ مڪمل ڪئي، جڏهن قانع جو هڪ ننڍو ڀاءَ مير ضياء الدين ضيا ميرپورخاص جي مير ٺاري جي درٻار سان وابسته هو.

مقالات الشعراءَ ۾ قانع ان وقت جي سنڌ ۽ خاص طور ٺٽي جي علمي ۽ ادبي ۽ شاعرانه ماحول کي چڱيءَ طرح بيان ڪيو آهي. بلڪه ان جي ’خاتمه‘  ۾ ٻڌائي ٿو ته هڪ دفعي محمد پناه رجا ۽ محمد اعظم سڀئي شاعر ويٺا هئاسون ته ’خواب‘ ۽ ’آب‘ قافيه سان گڏ ’در زنجير شد‘ رديف جي زمين ۾ طبع آزمائي جو آغاز ڪيوسون ۽ هر هڪ پنھنجا شعر ٺاهي پيش ڪيا. گويا مير صاحب جو گهر شاعرن جو آماجگاه ۽ مشاعرن جو مرڪز هو. (9)

قانع پنھنجي زندگيءَ ۾ سڀني ڪلهوڙن حڪمرانن ميان نور محمد، ميان مرادياب، ميان غلام شاه، ميان سرفراز، ميان غلام نبي ۽ آخري حاڪم ميان عبدالنبيءَ جو عهد ڏٺو. ميان نور محمد ۽ ميان مرادياب جي باري ۾ تعريف ۽ تاريخ گوئي جا سندس زبردست شعر ملن ٿا. ان کانپوءِ ميان سرفراز ۽ غلام نبيءَ جي باري ۾ به قصيدا لکيائين، جيڪي شايع ٿيل آهن. مقالات الشعراءَ ۾ ميان غلام شاهه کي هنن عاليشان لقبن سان ياد ڪري ٿو.

نواب کامران هزبر جنگ بهادر شاهه وردي

خان ميان غلام شاهه عباسي

اتي ئي اهو انڪشاف به ڪري ٿو ته کيس 1175هه ۾ ميان غلام شاهه طرفان نثر ۽ نظم ۾ ’تاريخ عباسيه‘ لکڻ تي مامور ڪيو ويو آهي. ليڪن ان بعد ان جملي جي پڇاڙيءَ ۾ لکي ٿو ’بنده ميداند آنچه ميداند‘ يعني هن سلسلي ۾ جيڪي ڪجهه ٿيو. اهو مون کي ئي خبر آهي. سوال آهي ته هنن لفظن مان ڪھڙي مراد وٺجي، ڇو ته ان کانپوءِ ’تاريخ عباسيه‘ جو ڪو پتو نه ٿو پوي ۽ قانع ڪٿي ڀلجي به ان طرف اشارو نه ٿو ڪري.

هن سلسلي ۾ ٻي وڏي ڳالهه اها ته غلام شاھ ڪلهوڙي سنڌ جو سورهن سال ڪامياب حڪمران ثابت ٿيو، جن ۾ ڪيتريون فتوحات خاص طرح ڪڇ جي راجا کي شڪست، حيدرآباد ۾ تاريخي قلعي جي 1182هه ۾ تعمير ۽ سنڌ ۾ ٻيون ڪيتريون عمارتون ٺهرايائين جهڙوڪ لاڙڪاڻي ۾ پنھنجي وڏن جا مقبرا ۽ شاهه  بهاري جو مقبرو وغيره. پر قانع انھن سڀني واقعن بابت خاموش آهي ۽ ڪابه تاريخ ڪونه چئي اٿس. بلڪه وري جڏهن ميان غلام شاهه جي مرڻ کان پوءِ سندس پٽ ميان سرفراز تخت نشين ٿيو ته ان جي ۽ ميان غلام نبيءَ جي تعريف ۾ قصيدا چيا اٿس. انھيءَ پسمنظر ۾ چئي سگهجي ٿو ته قانع جي ميان غلام شاهه سان شايد شڪررنجي پيدا ٿي پئي هئي، جو تاريخ نويسيءَ جو ڪم به اڌ ۾ ڇڏي ڏنو هئائين ۽ ان کان پوءِ 1181ھ ۾ تحفة الڪرام لکڻ جو آغاز ڪيائين.

ميان سرفراز عباسيءَ جي قصيدي جي هڪ بند ۾ سندس تعريف ڪندي چوي ٿو:

جهان خديو سرفراز خان عباسي

که يافت سنده به عهدش ز عدل نو بنياد.

يعني:         جهان جو بادشاهه سرفراز خان عباسي جنھن جي عهد ۾ سنڌ ۾ عدل و انصاف جو بنياد قائم ٿيو.

سرفراز عباسيءَ جي تعريف ۾ ٻيو به گهڻو ڪجهه چيو اٿس. ياد رهي ته سرفراز عباسي فارسي ۽ سنڌيءَ جو سٺو شاعر هو ۽ عالمن ۽ شاعرن جو قدردان هو. شايد اهوئي سبب هو جو انھيءَ ساڳئي قصيدي ۾ شيوڪرام عطارد جو ذڪر ’مقالات‘ ۾ قانع برخوردار جي حيثيت ۾ ڪيو هو. پر پوءِ جڏهن هو سرڪار جو منشي ٿيو ته هن قانع جي شعر گوئي جي باري ۾ ڪي فضول ڳالهيون ڪيون ته قانع هن جي شڪايت هن ريت ڪئي آهي: (10)

شنيده شد که فضولي به خود ستائيها

قدم ز مرتبهء خويش بيشتر بنهاد

بگفت سخت نتواند همچو من گفتن

’رجا‘ و ’قانع‘ و ’مداح‘ و ’مؤمن‘ و ’آزاد‘

بلي ز کوزه تروا دهمان که اندر او

بمدح خود ذم احباب نيست شان سداد

يعني:  ٻڌڻ ۾ آيو  آهي ته هن پنھنجي اجائي تعريف ڪندي پنھنجي مرتبي کان مٿي قدم رکيو آهي ۽ دعويٰ ڪري ٿو ته هن جهڙو ڪو به شعر نه ٿو چوي جنھن ۾ ’رجا‘ (محمد پناهه)، قانع (علي شير)، (غلام علي) مداح، مؤمن (مرزا غلام علي) ۽ آزاد (ٻالچند) شامل آهن. هائو، ٿانءَ مان اهو ئي ٻاهر نڪرندو آهي، جيڪو منجهس پيل هوندو آهي. چڱن جو ڪم اهو ناهي ته پنھنجي تعريف واسطي دوستن جي گلا ڪري.

شيوڪرام عطارد ميان غلام شاهه کانپوءِ ميان سرفراز جو سرڪاري منشي ٿي رهيو، سندس سرڪاري لکپڙهه جو مجموعو ’انشائ عطارد‘ نالي سان موجود آهي جنھن ۾ پنھنجي دقيق فارسي دانيءَ جو مظاهرو ڪري ٿو. جيئن مٿي ذڪر ٿي چڪو ته قانع ڪلهوڙن جو عروج ۽ زوال جو پورو عهد ڏٺو بلڪه ميرن جي زماني ۾ به ست سال زنده رهيو جو پهرئين حڪمران مير فتح علي خان ٽالپر جي تعريف ۾ به قصيدو چيو اٿس جيڪو پڻ موجود آهي.

قانع جي سموري زندگي تصنيف ۽ تاليف ۾ گذري. ايتري قدر جو وفات کان هڪ سال اڳ 1202هه ۾ به قلم سندس هٿ ۾ هو ۽ ان سال ٽي ڪتاب لکي مڪمل ڪيائين. سندس موضوع شاعري کانسواءِ تاريخ ۽ تذڪره نويسي هو. مقالات الشعراءَ لکڻ وقت جڏهن سندس عمر چوٽيهه سال هئي ته اهو اقرار ڪري ٿو ته ڪيترا مسودا سنڀالي نه سگهيو ۽ اُهي جيئن جو تيئن رهجي ويا آهن، جن مان اڪثر ضايع به ٿي ويا . (11)

مير علي شير قانع هڪ علمي خاندان ۾ پيدا ٿيو ۽ علم ادب کيس ورثي ۾ مليو هو. جيئن پاڻ ٻڌائي ٿو ته اڃا علمي پختگيءَ جو عرصو طئي نه ڪيو هئائين جو شعر چوڻ شروع ڪيائين ۽ ننڍي عمر ۾ اٺ هزار شعرن تي مشتمل ديوان لکي پورو ڪيائين. انھيءَ سبب ڪري اهو ديوان پاڻيءَ ۾ لوڙهي به ڇڏيائين. مقالات ۾ ابو تراب نالي هڪ شاعر جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته مان اڃان طفل مڪتب هوس جو ٺٽي ۾ سندس هڪ طرح مصرع جو گهڻو چرچو ٿيو جنھن تي چيل پنھنجي غزل مان ڪجهه بيت مثال طور ڏنا اٿس. قانع لکي ٿو ته جيتوڻيڪ مان پنھنجو پورو ديوان لوڙهي چڪو هوس پر مون کي ان طرح وارو هڪ شعر ياد آهي جيڪو مقالات ۾ هن طرح نقل ڪري ٿو. (12)

با صاف مشربان چه زني لاف سرکشي

صد بار ديده ايم ترا اي فلک درآب

يعني:         اي آسمان، تون صاف سنئين سڌي هلت وارن انسانن سان ڪھڙي ڊاڙ ٿو هڻين. اسان توکي سؤ ڀيرا پاڻيءَ ۾ ٻڏل ڏٺو آهي.

معنوي لحاظ کان اهو شعر ان ڪري اعليٰ آهي جو ان ۾  آسمان جهڙي بلند شيءِ کي پاڻيءَ ۾ ٻڏل ڏيکاري ٿو. گويا زماني جا انقلاب اعلى مان ادنيٰ ۽ ادنيٰ مان اعلى ٿيڻ جا مثال پيش ڪن ٿا.

مقالات الشعراءَ مان پتو پوي ٿو ته  مير صاحب جو جوانيءَ ۾ ئي سنڌ جي حڪمران ميان نور محمد (1131 - 1167) جي درٻار سان تعلق قائم ٿي چڪو هو، ڇو ته سنڌ جي تخت گاه محمد آباد ۾ پنھنجي موجودگيءَ جو هڪ کان وڌيڪ ڀيرا ذڪر ڪري ٿو، ياد رهي ته ميان نور محمد جو انتقال 1167هه ۾ ٿيو، جڏهن قانع جي عمر اڃان فقط ستاويهه سال هئي. قانع لکي ٿو ته محمد آباد ۾ منهنجي ملاقات ’فنا في الله‘ جالندريءَ سان ٿي، جيڪو پنجاب کان  آيل هو يعني پنجابي هو. قانع ٻڌائي ٿو ته  هو صوفي ۽ وحدت وجودي خيالن جو هو. قانع سندس هڪ شعر مقالات ۾ محفوظ ڪيو آهي. اهڙيءَ طرح قانع لکي ٿو آقا رضا شيرازي عرف ’نڪهت‘ محمد جعفر شيرازيءَ وٽ مهمان ٿيو، جيڪو ان وقت محمد آباد ۾ رهندو هو. منهنجي اڪثر هن سان ڪچهري رهندي هئي جو اسان هڪٻئي کي غزل ٻڌائيندا هئاسين. ’نڪهت‘ پنھنجي مثنوي ’قضا و قدر‘ جو نقل قانع کي ڏنو هو، جيڪو قانع کان گم ٿي ويو ته پوءِ وري ان قصي بابت پنھنجي مثنوي ’قضا و قدر‘ 1167 ۾ لکي پوري ڪيائين. محمد جعفر شيرازي لاءِ ٻڌائي ٿو ته هو علم جفر ۾ ماهر هو. ان ڪري ميان نور محمد کيس پاڻ سان ويجهو رکندو هو.

ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته ميان  نور محمد پاڻ پڙهيل ڳڙهيل حڪمران هو، جيئن سندس لکيل وصيت  نامي ’منشورالوصيت‘ مان به ظاهر ٿئي ٿو. هو عالمن ۽ شاعرن جي سرپرستي ڪندو هو ۽ شاعريءَ جو مزاج رکندڙ ۽ قدردان هو جو قانع مقالات ۾ لکي ٿو ته هڪ دفعي ميان نور محمد ٺٽي شھر جي ناظم شيخ غلام محمد ڏانھن هيءَ مصرع طرح ڏياري موڪلي ته ان تي طبع آزمائي ڪئي وڃي. (13)

سيه چشمي ز هند آورد پيغام رم - آهو

يعني:         هڪ ڪارين اکين واري هندستان مان ڀڄندڙ هرڻ جو نياپو آندو آهي.

هن مصرع جي باري ۾ هڪ نقطهء نظر اهو آهي ته ان ۾ نادر شاهه جي دهليءَ کي فتح ڪرڻ کانپوءِ سنڌ ڏانھن رواني ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪرڻ  آهي. ڇو ته اها حقيقت آهي ته نادر شاهه دهليءَ کان پوءِ سنڌ کي فتح ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيو هو ۽ ميان نور محمد کي ان ڳالهه جو نه فقط اندازو هو بلڪه غالباً دهليءَ ۾ سنڌ جي وڪيل ۽ سفير مير لطف الله متاري ذريعي کيس ضرور اهڙي خبر پئي هوندي. قانع جي لکڻ مان اهو به اندازو ٿئي ٿو ته اها مصرع نور محمد پاڻ ئي وضع ڪئي هوندي.

مقالات الشعراءَ ۾ ميان نور محمد جي علم پروري ۽ شاعرن کي نوازڻ جا ڪيترا مثال ملن ٿا. سڀني کان پهرين محسن ٺٽويءَ جو مثال آهي، جيڪو ان وقت جو وڏو شاعر هو ۽ ميان نور محمد وٽان کيس باقاعدي وظيفو ملندو هو. هن ميان جي تعريف ۾ ڪيترا قصيدا لکيا آهن ۽ ڪيترن واقعن بابت تاريخون لکيون آهن. سنڌ مٿان 1153 ۾ حملي بعد نادر شاهه ميان نور محمد جا ٻه پٽ پاڻ سان يرغمال طور وٺي ويو ۽ هر سال ويهه لک رپيا خراج مقرر ڪيو هو. ان پسمنظر ۾ ميان نور محمد قرآن شريف جي ڪتابت شروع ڪئي ۽ اهڙا ٽي مصحف لکي پورا ڪيائين. محسن ٺٽوي انھن جي تڪميل جون تاريخون فارسي شعر ۾ لکيون آهن، جيڪي سندس ديوان ۾ موجود آهن. اهو سال 1160 هو جڏهن نور محمد هڪ قرآن شريف لکڻ شروع ڪيو ته ان سال نادر شاهه پنھنجي لشڪر وارن هٿان قتل ٿي چڪو هو. محسن جا اشعار هن ريت آهن. (14)

بُنان تو تا گشت مصحف نگار

بنوک قلم گوهر راز سفت

ز هاتف شنيدم سال شروع

که انا فتحنا لک الفتح گفت   1160هه

محسن جڏهن گهڻو پوڙهو ٿي چڪو هو ته ميان نور محمد کيس خداآباد اچڻ جي دعوت ڏني پر محسن گهڻو ڪمزور ٿي چڪو هو جو سفر کان معذوري ظاهر ڪيائين ۽ اهڙو اظهار پنھنجي هڪ نظم ۾ ڪيو اٿس.

نور محمّدي ز جيبن تو روشن است

چون  نورِ مهر ز آئينه مھ بانعکاس

يعني:         تنھنجو چهرو نور محمّدي سان چمڪي رهيو آهي. (نالي کي معنوي طور استعمال ڪري ٿو). ان جو مثال آئيني ۾ سج جي روشنيءَ جو عڪس آهي.

ساڳئي قصيدي ۾ نور محمد جي قرآن نويسيءَ جي ذڪر کي هن طرح پيش ڪري ٿو. (15)

مصحف نگار کلک تو گلدسته بند شد

در باي بسم  حلقه کند زلف سين ناس

يعني: تنھنجي لکڻ وارو قلم ڪلام کي لکي گلدستي جي صورت ڏئي ٿو. بسم  الله جي ب جي حلقي سان  شروع ٿي اهو سين جي زلف (وڪڙ) يعني سوره ناس جي آخري حرف س تي ختم ٿئي ٿو.

محسن ٺٽوي ’محڪ ڪمال‘ جي نالي سان مختلف شاعرن جي شاعريءَ سان گڏ پنھنجي شاعريءَ جو انتخاب تيار ڪيو ته ان جو انتساب ميان نور محمد ڏانھن ڪيائين.

قانع مقالات ۾ ميان نور محمد جي علم پروري ۽ فياضيءَ جا ڪيترا واقعا بيان ڪيا آهن. ائين به ٿيندو هو ته ڪي خوددار عالم اهڙا به هوندا هئا جو اهي نوازشون قبول نه ڪندا هئا. ان سسلسي ۾ آخوند محمد باقر جو نالو کڻي ٿو جيڪو مخدوم محمد قائم جي اولاد مان هو. تنگدستيءَ ۾ گذران جي ڪري شيخ شڪر الله ميان نور محمد وٽان سندس وظيفو منظور ڪرايو پر هن آخر تائين قبول نه ڪيو.

شاهه نجم الدين قادري ڪشميري سال 1165هه ۾ ٺٽي پهتو. ميان نور محمد هن جي بزرگيءَ کان گهڻو متاثر ٿيو. هو خداآباد ۽ هالڪنڊي جي وچ ۾ سفر ڪري رهيو هو ۽ اڃان ٺٽي نه پهتو هو ته ميان صاحب ساڻس ملاقات لاءِ وڏا وس ڪيا پر هن ملڻ قبول نه ڪيو. البت ٺٽي ۾ رهائش دوران ميان صاحب لاءِ علم جفر جي حساب موجب هڪ سئو اعداد جو نقش تيار ڪيائين، جنھن جي تاريخ مان اهو سال نڪري ٿو.(16)

چون نجم دين لامع شده نور محمد زد علم 1165هه)

مير علي شير جو هن بزرگ سان خاص تعلق قائم ٿي ويو جو جڏهن 1168هه ۾ هو ٻيهر ٺٽي آيو ته قانع وٽس اڪثر حاضر ٿيندو هو. قانع ٻڌائي ٿو ته مون کيس ميان نور محمد جي انتقال بابت پنھنجا چيل 11 تاريخي بيت ٻڌايا جن ۾ ڪل 3360 تاريخي مادا محفوظ ڪيا هيم ته ڏاڍو خوش ٿيو.

ميان نور محمد جي عالمن جي سرپرستيءَ جو ٻيو مثال هن ريت پيش ڪري ٿو ته شاهه علي رضا نالي هڪ بزرگ جيڪو غوث اعظم جي اولاد مان هو ٺٽي ۾ ترسيل هو. مخدوم محمد معين ٺٽوي کانئس ’فصوص الحڪم‘ جو درس وٺندو هو. هن بزرگ وٽ هڪ اُٺ ڪتابن جو هوندو هو ۽ هڪ گهوڙو سندس سواريءَ جو خاص نشان هو. ميان نور محمد سندس قدرداني ڪندي نوڪر ۽ خادم رکي ڏنا. هو آخري عمر ۾ بکر جي طرف تڪيو قائم ڪري اتي وڃي رهيو. قانع لکي ٿو ته هينئر بشير نالي شخص سندس خادمن ۾ اتي موجود آهي.

سال 1167هه ۾ احمد شاهه ابداليءَ جي سنڌ ڏانھن اچڻ جي خبر گرم ٿي ته ميان نور محمد جيڪو هينئر اسي سالن جي لڳ ڀڳ  هو پنھنجي پٽ محمد مراد کي سنڌ جي واڳ حوالي ڪري پاڻ جيسلمير جو رخ رکيائين. رستي ۾ سخت بيمار ٿي پيو ۽ آخر 12 صفر ساڳي سال وفات ڪري ويو سندس لاش کي آڻي محمدآباد نزد مورو دفن ڪيو ويو.

سنڌ جي تاريخ جو اهو نهايت وڏو واقعو هو جيڪو قانع لاءِ وڏي اهميت وارو هو. قانع جيڪو تاريخ گوئي جي فن ۾ ڪمال رکندو هو، هن باري ۾ قرآن جي ٻن آيتن ۾ تصرف سان ٻه تاريخون چيون جيڪي هن ريت  آهن: (17)

لذالک الفوز الکبير                           (1167هه)

يشرب من کاسات ماءُ الودّ              (1167هه) (18)

ان کانسواءِ قانع مير غلام علي آزاد جي تتبع تي نور محمد لاءِ ڏهن مصرعن جو قصيدو لکيو، جنھن جي هر مصرع مان تاريخ وفات يعني 1167 هه جو سال برآمد ٿئي ٿو. (19)

حوريان داده اند تزيين ره باجنان باجلا  (1167هه)

قدسيان کردند محافل بربسيط اعلى سما   (1167هه)

ساز مسرت کرده اند آماده بازيب ولاي  (1167هه)

در جوار رحمت وهاب حبل اوليا (1167هه)

درکف روحانيان قدح از روايح سلسبيل  (1167هه)

برلب اصحاب جنت في نداي مرحبا (1167هه)

روح صلحا در جناب حق بجمله شادناک  (1167هه)

بس که بر احرام  علوي نور باريده جلا  (1167هه)

گفته لبيڪ اجابت چون بداي هو الــٰـھ  (1167هه)

آخري مصرع هن ريت آهي.

خان ولا نور محمد بازوي ايدي عطا (1167هه)

ميان نور محمد جي مرڻ کانپوءِ سندس وڏو پٽ محمد مراد تخت نشين ٿيو جنھن پنھنجي نالي پويان مراد آباد نالي نئون شھر ٻڌرايو. قانع انھيءَ شھر ۾ پنھنجي قيام ۽ اتي جي عالمن ۽ شاعرن سان پنھنجي ملاقاتن جو ذڪر ڪري ٿو. قانع مرادياب جي تخت نشين ٿيڻ جي نسبت سان 21 نعتيه مصرعن ۾ تاريخ جلوس چئي جنھن جي مصرعن جي ترڪيب ۽ ترتيب کي ڦيرائڻ سان 3666 تاريخون نڪرن ٿيون. قانع اهو نمونو يا طريقو پاڻ مقالات ۾ سمجهايو آهي. هو لکي ٿو ته هن ان قسم جي تاريخ مير محمد باقر گيلانيءَ جي تتبع ڪندي لکي، جنھن 19 بيتن ۾ ايتريون تاريخون اورنگزيب عالمگير جون چيون هيون.

قانع، ميان مرادياب جي تخت نشين ٿيڻ جي تاريخ قرآن شريف جي هڪ آيت جي هنن لفظن مان پڻ ڪڍي آهي، جيڪا مقالات ۾ ڏني اٿس.

ان فضلھ کان عليڪ (1167هه)

مير قانع لکي ٿو ته مراد آباد ۾ سندس ملاقات سيد مير مرتضيٰ سيوستانيءَ سان ٿي جنھن جي شاعري ۽ علم و فضل کيس متاثر ڪيو. هو سيوهڻ ۾ قاضيءَ جي عهدي تي فائز هو ۽ ڪجهه وقت لاءِ ٺٽي ۾ مخدوم معين ٺٽوي وٽ ڪي رسالا پڙهيا هئائين، هو مير غلام علي آزاد مؤلف ’يد بيضا‘ جو خاص دوست هو،  سندس ذڪر ان ڪتاب ۾ ملي ٿو.

قانع مرزا معز اصفهانيءَ لاءِ لکي ٿو ته هو علوم و فنون جو ماهر هو. سال 1166هه ۾ ٺٽي پهتو. ڪجهه وقت کان پوءِ مرادياب کيس پاڻ گهرائي ترسايو، جتي مولوي محمد جعفر کان به کيس وڌيڪ ويجهو ٿي ويو. ليڪن ڪجهه عرصي کان پوءِ ٺٽي واپس آيو ۽ پهريائين بمبئي ۽ پوءِ دکن هليو ويو جتي وڏو عهدو ماڻيائين.

قانع مراد آباد ۾ مير محمد باقر اصفهانيءَ سان پڻ 1166 ۾ مليو هو جو لکي ٿو ته مون کانئس گهڻو ڪجهه پرايو. محمد اشرف جيڪو اصل ۾ بکر جو هو ۽ جنھن جا وڏا سلطان محمود بکريءَ وٽ ملازم هئا، هو پڻ مراد آباد ۾ روزگار جي ڳولا ۾ ترسيل هو جو قانع جي ساڻس ملاقات ٿي. سندس لکڻ موجب هو صاحب علم و فضل هو. اهڙي طرح مراد آباد ۾ مير اسد الله جيڪو مير معصوم جي پونيرن مان هو، قانع هن سان پڻ پنھنجي ملاقات جو ذڪر ڪري ٿو.

مقالات مان اهو به اندازو ٿئي ٿو ته ٺٽو يارهين ٻارهين صدي هجريءَ ۾ علم ادب جو وڏو مرڪز هو. هتان جا ڪيترا عالم مغل شاهي درٻار کان علاوه دهليءَ جو رخ ڪندا هئا. هن سلسلي ۾ قانع عبدالحڪيم عطا ٺٽوي (1040 1140) جيڪو پنھنجي وقت جو وڏو شاعر هو ۽ سندس ديوان ۽ مثنويون موجود آهن، هن جي ڀائٽي محمد ضيا جو ذڪر ڪري ٿو. ضيا ۾ هڪ وڏي شاعر جون صلاحيتون هيون. هن پاڻ کي وڏي شاعر طور پيش ڪرڻ ٿي گهريو. ان زماني ۾ دهليءَ ۾ مرزا عبدالقادر بيدل جي شاعريءَ جو وڏو چرچو هو ۽ ضيا کي ساڻس ملاقات جو شوق دامنگير هو. هو جڏهن اتي پهتو ته بيدل جا شاگرد هن کي پريشان حال ڳوٺاڻو سمجهي مذاق ڪرڻ لڳا ته هو هتي ڪٿي پهتو آهي. ضيا سمجهي ويو ته ڇا معاملو آهي، سو في البديهه هي شعر چيائين. (20)

سر  بصحرا دادن از ما آن قدر مشکل مدان

وحشت آغازيم اما کمتر از بيدل نه ايم

يعني: هي بيابان ۽ صحرا لتاڙڻ اسان جي لاءِ ڪا وڏي مشڪل ناهي، جيتوڻيڪ ڏسڻ ۾ مٿي ڦريل ٿو لڳان پر بيدل کان گهٽ ناهيان.

اهو شعر ٻڌي شاگردن مرزا بيدل کي وڃي ٻڌايو ته هن پاڻ وٽ گهرائي ساڻس وڏي شفقت سان مليو، جڏهن پڇيائينس ته ڪٿان پيا اچو ته وري ٻيو شعر ٺاهي پيش ڪيائين.

اشک ريزان ز بدخشان جگر مي آيم

منم آن قافله سالار که بارم خونست

يعني:                  مان پرانھين ملڪ کان پنھنجي دل جي ڳوڙهن کي اکين مان هاريندي هتي پهتو آهيان. مان ان لشڪر جو اڳواڻ آهيان جنھن جو سامان رڳو رت آهي.

مرزا بيدل اهو شعر ٻڌي کيس چيو ته توهان جو تخلص؟ جواب ڏنائين ’ضيا‘. مرزا چيس ته توهان قيامت آهيو ۽ قيامت مناسب تخلص رهندو. بهرحال ان کان پوءِ ڪافي عرصو مرزا بيدل جي صحبت ۾ رهيو، جنھن ڪري سندس شاعريءَ تي هن جو اثر پيو. آخر ٺٽي جي نواب مهابت خان ڪاظم جي وقت ۾ ٺٽي موٽي آيو، جنھن سندس وڏي قدرداني ڪئي. کيس الڳ حويلي ٺهرائي ڏنائين. بلڪه ڪڏهن ڪڏهن پاڻ سان گڏ هاٿيءَ تي ويهاريندو هو. قانع چوي ٿو ته سندس ديوان موجود آهي، جنھن ۾ سندس صوفي ۽ قلندر مشرب هجڻ واضح ٿئي ٿو.

قانع هڪ ٻيو نالو شيخ عبدالغنيءَ جو ٻڌائي ٿو، جيڪو پڻ منصبدار هو. هو عالمگير جي زماني ۾ دهليءَ پهتو ۽ بادشاهه فرخ سير جي وقت تائين مرزا عبدالقادر بيدل جي مجلس ۾ شامل ٿيندو رهيو. هو پاڻ صاهب ديوان هو. قانع سندس وفات جو سال في الجنة مثواھ  (1135) مان ڪڍيو آهي.

يارهين ۽ ٻارهين صدي هجري دوران سنڌ جي علمي شعور ۽ حالتن جو صحيح اندازو قانع جي ٻن تصنيفن ’مقالات الشعراءَ‘ ۽ ’تحفة الڪرام‘ مان چڱيءَ طرح ٿئي ٿو. اهو زمانو هو جڏهن هندستان جي تخت تي شاهجهان ۽ اورنگزيب عالمگير جهڙا بادشاهه براجمان هئا. شاهجهان ته جڏهن پيءُ جهانگير سان باغي ٿيو هو ته ڪجهه وقت لاءِ ٺٽي ۾ اچي رهيو هو، جنھن ڪري ٺٽي وارن سان سندس تعلق قائم ٿيو ۽ شاهجهان مسجد جوڙايائين. اورنگزيب سال 1058هه ۾ پهريائين ملتان جو گورنر ٿيو پر پوءِ هڪ سال اندر سنڌ صوبو به سندس حوالي ڪيو ويو. اهو پس منظر هو جو شاهجهان جي وقت کان وٺي سنڌ جي عالمن ۽ قابل شخصيتن آگري ۽ دهليءَ جو رخ رکيو. هن سلسلي ۾ سڀ کان وڌيڪ اهميت وارو نالو سيد عبدالرشيد ولد عبدالغفور حسيني مدني ٺٽوي  آهي. هن کي قانع وقت جو وڏو عالم ڪري لکيو آهي ۽ چوي ٿو ته هن جون ڪيتريون ئي تصنيفون آهن. جن جو ثبوت ٻه لغاتون آهن. هڪ کي ’رشيدي عربي‘ ۽ ٻيءَ کي ’رشيدي پارسي‘ جا نالا ڏئي ٿو. هتي اهو ٻڌائڻ ضروري ٿو لڳي ته انھن ٻنهي لغاتن جا مڪمل نالا هن ريت  آهن. متخب اللغات ۽ فرهنگ رشيدي. اها ڳالهه صحيح آهي ته پهرين لغت ۾ منتخب عربي لفظن جي فارسيءَ ۾ معنيٰ ڏني وئي آهي جيڪا مصنف 1046هه ۾ مڪمل ڪئي، جڏهن هو پاڻ آگري ۾ هو جنھن جو طويل انتساب شاهجهان بادشاهه ڏانھن ڪيو اٿس. ان ڪري اها منتخب اللغات شاهجهانيءَ جي نالي سان به مشهور ٿي. انتساب مان معلوم ٿئي ٿو ته مؤلف کي شاهي درٻار جي سرپرستي حاصل هئي. ٻي لغت فرهنگ رشيديءَ کي هن 1064هه ۾ مڪمل ڪيو، جيڪا فارسيءَ جي هڪ عمومي لغت  آهي، پر ان جي تصنيف جو سبب اهو هو ته مصنف کانئس اڳ وارين لغتن جي تصحيح ۽ تنقيد طور ان کي مرتب ڪيو آهي. اهو دور هو جڏهن دارا شڪوه ۽ اورنگزيب درميان ڇڪتاڻ ۽ لڙايون عروج تي هيون. قانع مؤلف جي ٻين تصنيفن بابت اشارو ڪيو آهي، پر نالا نه ٻڌايا آهن. انھن ۾ ’معربات رشيدي‘ خاص طور قابل ذڪر آهي.

سيد عبدالرشيد عالمگير جي تخت نشينيءَ جي وقت زنده هو ۽ 1077هه ۾ وفات ڪيائين تنھن ڪري عالمگير جي جلوس جي تاريخ قرآن جي آيت مان ڪڍي هئائين. قانع اها آيت مقالات ۾ نقل ڪئي آهي. (21)

اطيعو االله و اطيعو الرسول و اولي الامرمنکم (1067هه)

اورنگزيب جڏهن ملتان ۽ سنڌ جو گورنر هو ته سنڌ وارن سان سندس ويجهڙائي پيدا ٿي. هڪ دفعي جڏهن لاهري بندر جي حساب ڪتاب جو معائنو ڪيائين ته ان منشيءَ جي قابليت کان گهڻو متاثر ٿيو. اهو ٺٽي جي ملاخاندان جو فرد هو جيڪو پهريائين مير منشي ۽ پوءِ منشي الممالڪ جي عهدي تي پهتو اڳتي هلي عالمگير کيس ابو الفتح ۽ قابل خان جي لقبن سان نوازيو.

’آداب عالمگيري‘(22) جا ٻه جلد جن ۾ عالمگير جا شاهي احڪامات مراسلات ۽ ان قسم جا ٻيا خط شامل آهن، قابل خان جي قابليت ۽ مٿس اورنگزيب جي اعتماد جي شاهدي ڏين ٿا. قابل خان جي آداب عالمگيري مان پتو پوي ٿو ته قابل خان ننڍي عمر ۾ يعني چوڏهن سالن جي عمر ۾ ملازمت ۾ داخل ٿيو ۽ چاليهن سالن جي عمر تائين وڏي ۾ وڏي عهدي تي پهتو. اورنگزيب جي بادشاهه بنجڻ کان ٻن سالن اندر غالباً گهڻي بيمار رهڻ سبب پنھنجي عهدي تان الڳ ٿيو. آداب عالمگيري جا مڪتوب انشا پردازيءَ جو اعلى مثال سمجهيا وڃن ٿا

عالمگير کي قابل خان جي ايمانداري ۽ اهليت تي آخر ۾ ايترو اعتماد ٿي ويو جو سفارتي مهمن جو ڪم به کانئس وٺڻ لڳو. شاهي مراسلات جي آداب ۾ اها ڳالهه شامل هئي ته عالمگير پنھنجي پيءَ شاهجهان کي پاڻ خط لکندو هو پر پنھنجن پٽن وغيره کي جيڪي رقعات لکيا يا هدايتون ڏنيون وينديون هيون، اهي ابو الفتح جي نالي سان جاري ٿينديون هيون. جيتوڻيڪ اهڙن مراسلن جي متن (Text) جي منظوري (Approval)  بادشاهه ضرور پاڻ ڏيندو هو پر اهي مراسلا ابوالفتح جي نالي سان جاري ٿيندا هئا ۽ انھن جي شروعات ۾ ان قسم جا الفاظ ايندا هئا، ذرهٔ بيمقدار ابو الفتح مراسم اخلاص بجا آورده وغيره. (23)

ابو الفتح انھي ايامڪاريءَ دوران پنھنجي ڀاءَ کي به سرڪاري عهدي تي مقرر ڪرايو پر جڏهن هو بي ايمانيءَ جو مرتڪب ٿيو ته سندس حويلي ضبط ڪئي وئي ۽ شھر نيڪالي ڏني وئي ۽ کيس بادشاهه وٽ حاضر ٿيڻ جو حڪم مليو ته انھيءَ خوف ۾ ئي مري ويو. اهڙي طرح قابل خان جي نياڻي کي ٺٽي ۾ قانون گو جو عهدو مليو پر اهو به ڪجهه وقت ۾ معزول ٿي ويو.

قانع مقالات ۾ لکي ٿو ته هن پاڻ جيڪو قصه ڪامروپ نظم ۾ لکيو هو، اهو دراصل نثر ۾ پهريائين قابل خان تصنيف ڪيو هو.

قانع مقالات ۾ منشي فاضل خان جو به ذڪر ڪيو آهي جنھن لاءِ چوي ٿو ته هن جو اصلي نالو ملا عثمان هو جيڪو ٺٽي جو رهندڙ هو. جيتوڻيڪ هو معمولي شخص هو پر علمي فضيلت جو مالڪ هو. هو مير منشي قابل خان سان گڏ جهان آباد يعني دهليءَ پهتو جتي پنھنجي قابليت سان عالمگير جي ملازمت ۾ بيوتات جو داروغو مقرر ٿيو. اتي ئي کيس فاضل خان جو لقب مليو ۽ ان بعد صدرالصدور جو اعزاز مليس. هن لاءِ عطا جهڙي شاعر ’مشعل ملک سند گل شد‘ مان سندس موت جي تاريخ ڪڍي هئي. قانع سندس ڪجهه اشعار نقل ڪيا آهن.

مآثرلاُمرا موجب جڏهن ابو الفتح مير منشيءَ جي عهدي تان معزول ٿيو ته فاضل خان شاهي دارالانشا (Secretariat) سنڀالي ۽ سندس عهدو صدارت ڪل جو ٿي ويو. هو عالمگيري وبا سبب انتقال ڪري ويو. (24)  شاهجهان ۽ اورنگزيب درميان رقعات جي تبادلي وقت جڏهن ڀائرن ۾ خانه جنگي جاري هئي، فاضل خان جو نالو منشيءَ طور ملي ٿو.

جيئن اڳ ۾ ذڪر ٿي چڪو ته اورنگزيب عالمگير يارهين صديءَ جي پوئين اڌ ۾ جڏهن ملتان ۽ سنڌ جو حاڪم هوته سنڌ وارن سان سندس خصوصي تعلق قائم ٿيو. اهو ئي سبب هو جو جڏهن هو هندستان جو بادشاهه ٿيو ته ٺٽي مان ڪيترن عالمن کي پاڻ وٽ سڏايو هئائين يا هو سندس علم پروريءَ جي شھرت ٻڌي وٽس حاضر ٿيندا هئا. قانع مقالات ۾ ڪجهه اهڙن عالمن جي نشاندهي ڪئي آهي، جيڪي عالمگير جي درٻار ۾ پيش ٿيا هئا. قانع هن سلسلي ۾ سڀ کان پهرين مخدوم رحمت الله صدر مدرس جو ذڪر ڪري ٿو جنھن جي علمي شھرت ٻڌي عالمگير کيس پاڻ وٽ گهرايو هو. هن کان پهريائين ’تفسير بيضاوي‘ بابت سوال جو جواب ٿيا. ان کان پوءِ جيئن ته بادشاهه کي ٻڌڻ ۾ آيو هو ته مخدوم مولانا روميءَ جي مثنويءَ جو درس تمام عمدو ڏيندو آهي سو امتحان طور پڇيائين ته مثنويءَ ۾ اهو بيت جيڪو ’چون گر سنه‘ سان شروع ٿئي ٿو، ڪيئن آهي. مخدوم ڳالهه سمجهي ويو سو ڇا ڪيائين جو بيت کي ضروري تحريف سان هينئن پڙهائين. (25)

چون گر سنه مي شوم سگ مي شوم

سست و بد اندام و بد رگ مي شوم

يعني:         جڏهن بک کان بيحال ٿيان ٿو ته ڪتي جهڙو ٿي پوان ٿو. ڪاهل، ڪميڻو ۽ ڇتو ٿي پوان ٿو.

مثنويءَ جي اصلي شعر ۾ ’شوم‘ جي بجاءِ ’شوي‘
آهي. يعني تون ٿئين ٿو، جنھن جو مخاطب عام آهي. پر مخدوم شاهي ادب جي مدنظر اهو خطاب ڦيرائي پاڻ ڏانھن ڪيو ته جيئن ان جو مخاطب بادشاهه نه ٿئي. عالمگير کي اهو جواب گهڻو پسند آيو ۽ مخدوم کي انعام و اڪرام سان نوازيائين.

قانع هڪ شيخ عبدالباسط ٺٽويءَ جو ذڪر به ڪري ٿو جيڪو جوانيءَ ۾ شاهه جهان آباد يعني دهلي روزگار جي تلاش ۾ ويو. هن کي ڪيترو وقت اهڙو موقعو نه پئي مليو جو پنھنجا جوهر ڏيکاري سگهي. آخر هڪ ڏينهن قلعه خيرا جي فتح جي تاريخ عالمگير جي حضور ۾ حاضر ٿي قرآن جي آيت: (26)

هٰذا عطاؤنا فامنن او امسک بغير حساب

جنھن مان 1116هه جو سال نڪري ٿو لکي پيش ڪيائين.

قانع لکي ٿو ته قدر شناس بادشاهه ان جي انعام طور ۽ سندس علمي ڪمالات جي مدنظر کيس ٺٽي جي عدالت جي عهدي سان گڏ صديءَ جو درجو عطا ڪيو. تحفة الڪرام ۾ قانع مولانا داؤد مفتيءَ بابت ٻڌائي ٿو ته عالمگير بادشاهه کيس پنهجي پاران شرعي وڪيل مقرر ڪيو هو. هن 1113 ۾ وفات ڪئي ته مخدوم رحمت الله طالبعلم سندس تاريخ وفات هنن لفظن مان ڪڍي.

ذهب العلم من السند يقيناً

 يعني:                پڪ سان سنڌ مان علم لڏي ويو.

قانع بدين جي رهاڪو ملا عبداللطيف قيصر جي نالي لکي ٿو ته هو عالم فاضل ۽ قابل شاعر هو. هر ڇهين مهيني تؤنرين جو جوڙو کڻي عالمگير کي پيش ڪرڻ ويندو هو. بادشاهه راضي ٿي کيس انعام و اڪرام ڏيئي روانو ڪندو هو. هڪ ڀيري بادشاهه جي آڏو پنھنجو هي شعر پڙهيائين. (27)

سلطنت ختم است بر تو چون نبوت برنبي

بادشاهي بر تو زيبا چون خدائي بر خدا

يعني:         تنھنجي مٿان سلطنت جو ائين خاتمو آهي، جيئن نبي ڪريم صلي الله عليھ وآلھٖ وسلم تي نبوت جو خاتمو ٿيو ۽ بادشاهي توکي ائين سونهي ٿي جيئن خداوند تعاليٰ لاءِ خدائي آهي.

ظاهر آهي ته عالمگير جهڙي شرعي مزاج رکندڙ بادشاهه لاءِ اها ڳالهه غصي جو باعث هئي ۽  حڪم ڪيائين ته ملا جي لاءِ ٻه روپيه روزينو مقرر ڪيو وڃي، جيڪو کيس ٺٽي موڪليو وڃي ته جيئن کيس ٻيهر اچڻ جي ضرورت نه پوي. قانع لکي ٿو ته سبحان الله، جيڪڏهن بادشاهه جو غصو اهڙو هو ته پوءِ سندس مھرباني ڇا هوندي! قانع ٻڌائي ٿو ته ’ده ساله عالمگيري‘ ۾ بختاور خان قيصر بدينوي جي شعر و شاعريءَ جي تعريف ڪئي آهي.

مقالات توڻي تحفة الڪرام مان اندازو ٿئي ٿو ته يارهين ۽ ٻارهين صديءَ ۾ ٺٽي اندر مثنويءَ رومي جا وڏا ڄاڻو ۽ ماهر رهندا هئا، جن مان مخدوم رحمت الله جو ذڪر ٿي چڪو. ليڪن هن کان سواءِ ٻيا به ڪيترا نالا ملن ٿا، جن مان شاهه اسد الله عرف شاهه اسماعيل جيڪو شاهه عنايت صوفي جو معتقد هو ۽ قانع سندس ڪمالات جي گهڻي تعريف ڪري ٿو. قانع جي لکڻ موجب مثنويءَ جي درس وقت سندس عجيب ڪيفيت ٿي ويندي هئي. شاهه محمد مسعود ولهاري وري انھيءَ شاهه اسد الله جو فيص يافته هو. هو وري پاڻ مثنويءَ جو درس ڏيندو هو. جڏهن شاهه اسد الله رحلت ڪري ويو ته شاهه مسعود سندس اشاري موجب جهان آباد ويو ۽ پوءِ موٽي سنڌ آيو هو. قانع ميان غلام علي جنھن جا وڏا اصل اچ جا هئا، ان جي باري ۾ ٻڌائي ٿو ته مثنوي روميءَ سان تمام گهڻو شغف رکندو هو، هن 1154هه ۾ وفات ڪئي ته قانع قرآن جي آيت مان سندس تاريخ چئي هئي.

مثنوي روميءَ جي درس کان علاوه مثنوي روميءَ کي خاص الحان سان پڙهڻ جو شغل به سنڌ ۾ چوٽيءَ تي هو. هن سلسلي ۾ قانع محمد صلاح جو نالو کڻي ٿو، جيڪو مثنوي خوان جي لقب سان مشهور هو.

قانع مقالات ۾ ڪيترن هندو شاعرن جي فارسي شاعري جا به حوالا ڏنا آهن جن ۾ بشن گوپال، ٻالچند آزاد، شيوڪرام عطارد، ٺارومل نصرپوري اچي وڃن ٿا. ٻالچند مرادياب جي معزولي ۽ غلام شاهه جي تخت نشينيءَ بابت يادگار تاريخي قطعو چيو هو جيڪو مقالات ۾ موجود آهي. (28)

بنشست ’غلام شاه‘ بر ’مسندِ جاه‘

برخاست ’مرادياب نا اميد‘ بھ ’آه‘

يعني:         غلام شاهه تخت تي ويٺو. مرادياب نااميد ٿي دانهون ڪندي لهي ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org