ڊاڪٽر محمد علي مانجهي

شاهه
حسين ٽڪري
(سنڌ جو قديم تاريخي ماڳ)
سنڌو تھذيب دنيا جي بنھه آڳاٽين مُک تھذيبن مان
جڳ مشھور تھذيب رهي آهي. سنڌ جي ڪيترن ئي ماڳن
تان پر خاص ڪري موهن جي دڙي مان سنڌو تھذيب جا
آثار جيئن ئي ظاهر ٿيا ته سڄي دنيا جا ماڻھو
ڪيترين ئي تھذيبي حقيقتن کي پرکي، پروڙي ۽ سمجهي
دنگ رهجي ويا. خاص ڪري ويھين صدي عيسويءَ ۾ جيئن
جيئن کوٽايون ٿينديون رهيون ۽ ٻين به ڪيترن ئي
ماڳن تان آثار ظاهر ٿيندا رهيا، تيئن تيئن دنيا جي
ساڃاهوندن جون سوچون، اکيون ۽ منھن سنڌ ڏانھن مُڙي
پيا. سنڌ ۾ نه رڳو تھذيب واري دور جا ماڳ مليا
آهن، پر لکين سال آڳاٽي انسان پاران ڪيل ارتقائي
مرحلن جي پنڌن تي، پيرن (اونگر ۽ ڪن ٻين هندن تان)
جا نشان به مليا آهن. ڪن ماڳن تان ڪي هزارين سال
اڳ وارا پٿر جي (مختلف) دورن جا آثار به مليا آهن.
ماهرن جي کوجنا سان سنڌ ۾ 9 هزار سال کان 5 هزار
سال آڳاٽا پٿر جا اوزار ته گهڻن هنڌن تان مليا
آهن. ايئن وري ان کانپوءِ ڪن هزار سالن جا ٻيا به
ڪيترائي آڳاٽا آثار اڃا به گهڻن ماڳن تان مليا
آهن.
سنڌ جي لاڙ واري ڀاڱي ۾ مڪلي ۽ ان کان اولھه پاسي
وارا هنڌ ڪي هزار سال اڳ تائين سمنڊ جي هٽي وڃڻ
کان گهڻو پوءِ تائين وري سنڌوءَ جي ڇوڙ وارن وهڪرن
جي گهيرن ۾گهيريل رهيا. آهستي آهستي سنڌوءَ جو
لڙاٽيل پاڻي هتي جي زمين کي ريٽيندو ۽ زرخيز
بڻائيندو رهيو. گهڻو پوءِ تائين به سنڌو، وارياسي
زمين واري وچين ڀاڱي مان وَر وَڪڙ کائيندو، پنھنجي
وهڪري کي وڌائيندو ته ڪٿي وري زمينون ريٽيندو
رهيو. اولھه طرف وري ساڄي ڪَپ سان پٿريلي پيچري
سان ٽڪرائجي، کاٻي پاسي (اوڀر طرف) واريءَ جي دڙن
۽ ڀٽن تائين ڦھليل رهيو آهي. ڪنھن زماني ۾ جڏهن
سنڌوءَ پنھنجو گهڻو آر اوڀر طرف ڪيو هو تڏهن پوءِ
به گهڻي وقت، ويندي پندرهين صدي عيسويءَ تائين
سنڌوءَ جو اولهائون ڪلريءَ وارو وهڪرو به موجود
رهيو،جيڪو ٺٽي ۽ مڪليءَ جي اتران وهندو، ٻيا به
ننڍا وهڪرا ٺاهيندو وڃي، سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو رهيو.
انھيءَ وهڪري تي ئي سنڌ جو بنھه قديم ڪوٽ ٿرڙو،
ڀنڀور، ديبل ۽ ٻيا بندر/ماڳ موجود هئا. ’تاريخ
مظھر شاهجھاني‘جي پيش لفظ ۾ نامياري محقق ايم.ايڇ.
پنھور سنڌ جي مختلف پرڳڻن جو ذڪر ڪندي هن علائقي
بابت لکيو آهي: ”ٺٽي جو شھر ۽ پرڳڻي جي ڪافي
ايراضي کاٻي ڪپ تي هوندي هئي، جنھن مان سُڌ پوي ٿي
ته درياهه جيڪو ٺٽي ۽ مڪلي ٽڪرين جي اُتر پاسي
وهندو هو سو گجي ۽ ٺٽي جي هاڻوڪي رستي کي وچان پار
ڪري وهندو هو ۽ گجي کان ٻه ميل پري وهندو هو.
پرڳڻي جا ڪجهه حصا ٽڪري تائين ڦھليل هئا.“ (1)
پنھور صاحب جي اها ڳالھه بنھه درست آهي پر هيءَ
چٽائي ڪرڻ به ضروري آهي ته انھيءَ وهڪري
مان وري ٻيا ننڍا ننڍا وهڪرا(2) الڳ
نڪري اڳتي وهندا رهندا هئا، جن جا نشان اڃا به
موجود آهن. هتي هيءَ ڳالھه به ڌيان ۾ رکڻ ضروري
آهي ته هن علائقي مشتمل تپي جي ديھن جا نالا اڄ به
انھن پراڻن وهڪرن ۽ ڍورن جي نالن سان ئي آهن جيئن،
ديھه ڪوڙي/کوڙي، ديھه سَمڪِي، ديھه سونھري/سَنھري
۽ ديھه کِير سَر وغيره.
مڪلي ٽڪريءَ جي اولھه طرف، آڳاٽن وهڪرن جي آثارن
۾ گهيريل، جيڪي هي ننڍيون ننڍيون ٽڪريون موجود
آهن، انھن ۾ ’شاهه حسين ٽڪري‘ به گهڻن لحاظن کان
هڪ اهم ٽڪري آهي. هن ٽڪريءَ جي ويجهو ئي ٻيون به
ننڍيون ٽڪريون موجود آهن، جن مان شاهه حسين ٽڪريءَ
جي سامھون ئي اوڀر واري، اُڀي ٽڪريءَ
تي ٻن بزرگن جون قبرون آهن، جن ۾ هڪ درس ابراهيم
عرف ’پير ڀاڪريو‘ ۽ ٻيو ’پير پريو‘ آهي، مقامي
ماڻھو انھن کي به ’جاڙا پير‘ سڏيندا آهن. ويجهو ئي
هڪ ٽڪريءَ تي پير آري ۽ پير حسين جون قبرون آهن.
ايئن لڳ ڀڳ آسپاس وارين سڀني ٽڪرين تي ڪي قبرون به
موجود آهن پر انھن مان ڪن ٽڪرين تي قبرن کان آڳاٽا
ٻيا ڪي آثار به موجود آهن. چيو وڃي ٿو ته درس
ابراهيم ۽ شاهه حسين وارين ٻنهي ٽڪرين جي وچان
ڪنھن زماني ۾ درياهه (وهڪرو) وهندو هو، ٻنهي ٽڪرين
جي ڪنڌيءَ سان پتڻ هوندا هئا، انھن پتڻن تان نه
رڳو هن ٽڪرين جي وچ ۾ ٻيڙيون هلنديون هيون پر هتان
ملڪ جي ٻين علائقن ڏانھن به هر وقت ٻيڙين جي اچ وڃ
جاري رهندي هئي. انھن وهڪرن ۽ پتڻن جا نشان ڪن
هنڌن تي اڃا به ڪي موجود آهن، پر انھن آثارن مان
لڳي ٿو ته هي ٻئي ٽڪريون هڪ ئي ڪنڌيءَ سان هيون.
مقامي ماڻھن وٽ وري هيءَ روايت به عام آهي ته،
’قديم دور ۾ خاص ڪري شاهه حسين ٽڪريءَ جي
اولھه-ڏکڻ ۾ هڪ وڏو بندر هوندو هو، جتي نه رڳو هر
وقت ٻيڙين جي اچ وڃ ٿيندي رهندي هئي پر هتي واپار
به گهڻو هلندو هو.‘
شاهه حسين ٽڪري، هتي موجود ٻين ٽڪرين کان وڌيڪ اهم
انھيءَ ڪري به آهي جو هن ٽڪريءَ تي گهڻن آڳاٽن
دورن جا آثار موجود آهن، جن ۾ (مختلف وڻن، سپن،
ڪوڏن ۽ ٻين جاندارن جي پنڊ پھڻن سان گڏ) سڀ کان
وڌيڪ اهم هتي موجود پٿر جي دور جا گهڙي ٺاهيل
اوزار آهن. مطلب ته هن ٽڪريءَ جي خاص اهميت به
انھيءَ ڪري ئي آهي جو هتي پٿر (
(Neolithic
جي دور جا ڪيترائي آڳاٽا آثار ملن ٿا. هتي رهندڙ
آڳاٽن ماڻھن جي ڇڏيل انھن آثارن جي پرک مان پتو
پئي ٿو ته هيءَ ٽڪري هزارين سالن کان وٺي انسان جي
خاص استعمال ۾ رهي آهي، هتي اسان جو خاص موضوع به
اهو ئي آهي. سنڌ ۾ پٿر جي نئين دور جا اوزار 9000
سال آڳاٽا به مليا آهن، يعني نئين پٿر واري دور جي
شروع وارا، ان کان پوءِ ته لڳاتار مختلف زمانن جا
اوزار مختلف ماڳن تان مليا آهن. هتي هن ڳالھه جي
چٽائي ڪرڻ به ضروري آهي ته پٿر جي دورن (3)
۾ هن ٽڪريءَ تي موجود اوزارن مان نئين پٿر جي دور
جي سُڃاڻپ ڪيئن ڪئي ويئي آهي. مشھور محقق ايم.
ايڇ. پنھور، انھيءَ حقيقت جي وضاحت هن ريت ڪئي
آهي: ”نئين پٿر جي دور جي سڃاڻپ خاص قسم جي اوزارن
سان ٿئي ٿي، جيڪي ننڍي پٿر وارا
اوزار
(Microlithic)
يعني اهڙا هٿرادو اوزار، جن جا ڦر ننڍا هجن، ڪڏهن
ته بنھه ننڍڙا ۽ گهڻو ڪري جاميٽريءَ جي شڪلين
(Mesolithic)
جي نموني وارا اوزار هوندا آهن.“(4)
جيڪي ان دور جي انسان پنھنجي ڪتب ۾ آندا آهن. ڏٺو
ويو آهي ته اهي اوزار ٽامي جي دور تائين استعمال
ٿيندا رهيا، جيڪي هن ٽڪريءَ تان ملن ٿا. انھيءَ
سلسلي ۾ هن ٽڪريءَ کان 6 ڪلوميٽر اولھه طرف ٿرڙو
به هڪ اهم ماڳ آهي. هن ٽڪريءَ سميت ان دور وارن
هتي جي ماڳن بابت پنھور صاحب، هڪ اهم ڳالھه هيءَ
ڪئي آهي ته:”گجي ويجهو ٿرڙو ٽڪري، شاهه حسين، ڪافر
ڪوٽ (ٺٽي ضلعي)، ٻُڌ جي ٽڪر (ٽنڊو محمد خان) جون
کوٽايون ٻُڌائن ٿيون ته ٽي هزار ق.م. ۾ انھن ماڳن
تي پٿر چيرڻ جا ڪارخانا موجود هئا.“ (5)
ڏٺو وڃي ته ڪنھن به ماڳ جي قدامت، انساني
ارتقا ۽ تھذيبي شاهوڪاريءَ بابت هيءَ تمام وڏي
ڳالھه آهي. ڇاڪاڻ ته تڏهن پٿر چيري، انھن مان
اوزار ٺاهڻ، ان زماني جي هڪ جديد ترين صنعت هئي،
جيڪا هن ٽڪريءَ تي موجود هئي. هتي گهڻي ڌيان ڏيڻ
جي ڳالھه هيءَ به آهي ته، جتي اهڙي جديد ترين صنعت
موجود هجي، اهو هنڌ/شھر ڪو جھڙو تھڙو نه پر ان دور
۾ جديد شھر طور گهڻو مشھور هوندو. ظاهر آهي ته پٿر
مان ٺھيل اُهي اوزار هتي جا ماڻھو نه رڳو پنھنجي
استعمال ۾ آڻيندا هوندا، پر ٻيڙين وسيلي ملڪ جي
مختلف هنڌن ۽ ٻاهرين ملڪن تائين به پھچائيندا
هوندا. مطلب ته هتي پٿر جي اوزارن جو واپار به
ٿيندو هوندو، ڇاڪاڻ ته هِيءُ هنڌ آبي رستن وسيلي
نه رڳو ملڪ پر دنيا سان ڳنڍيل هو. هتي هن ڳالھه جي
به چٽائي ڪرڻ ضروري آهي ته انسان، چوپايو مال پالڻ
۽ ٻني ٻارو ڪرڻ جي گهڻي شروعات به انھيءَ نئين
پٿر واري دور ۾ ئي ڪئي هئي.
نالو:
اڄڪلهه هن ٽڪريءَ کي ’شاهه حسين ٽڪري‘ سڏيو وڃي
ٿو، پر تاريخي ڪتابن ۾ ’شيخ جاڙيو‘، ’شيخ جاڙي جو
ٽڪر‘، ’پير جاڙيو ٽڪري‘، ۽ ’شيخ حسين جاڙيو‘ لکيل
آهي. روينيو رڪارڊ ۾ ’پير جاڙيو/جاڙيون‘ ۽ ’شيخ
جهاڙيون‘ جي نالي سان درج ٿيل آهي.
مير علي شير قانع ٺٽوي ’تحفت الڪرام‘ ۾ هن ٽڪريءَ
بابت فقط هي احوال ڏنو آهي: ”شيخ جاڙيو: آڳاٽي سمي
جو بزرگ آهي، سندس مزار مشھور ٽڪريءَ تي، جا ’شيخ
جاڙي جو ٽڪر‘ جي نالي سڏجي ٿي، نيڪ ٻانھن لاءِ
زيارت گاهه آهي. سندس قبر تي سيد حسين سلطان جاڙيو
ولد امام سيد ابو احمد عبدالله اڪبر بن امام سيد
ابو صالح موسا بن امام ابي عبدالله، 7 رجب سن 666
هجري تي رحلت ڪئي، لکيل آهي.“ (6)
مشھور تاريخدان ۽ محقق پير حسام الدين راشديءَ هن
ٽڪريءَ جي نالي بابت لکيو آهي: ”شيخ جاڙي جي ٽڪري:
شيخ جي قبر سبب ٽڪري انھيءَ نالي سان مشھور ٿي.“
(7) تنھن کان پوءِ پير صاحب ساڳيو شاهه
حسين واري ۽ ڪتبي جي مٿين ساڳي لکت ڏني آهي.
مانواري شاعر ۽ محقق سائين ’احسن‘ جوکيي، هن
علائقي جي تاريخ تي هڪ تحقيقي مقالو ’گجو ۽ ان جي
آسپاس قديم آثار‘ لکيو آهي. هن پنھنجي مقالي ۾ هن
ٽڪريءَ تي نالي پوڻ جي حقيقت بابت تمام سٺي ڪوشش
ڪئي آهي، هو لکي ٿو: ”مقامي ماڻھن جي عام روايت
آهي ته انھن مختلف ڀر وارين ٽڪرين تي بزرگن جي
آخري آرام گاهه هئڻ سبب انھن سمورين ٽڪرين کي
جاڙيون ٽڪريون يا جهاڙيون ٽڪريون سڏين ٿا. نه ئي
هڪ ٽڪري شاهه حسين کي، جنھن کي ’شيخ جاڙيو‘ لکيو
ويو آهي.“ (8) مانواري احسن جوکيي
’جاڙيو‘ جي باري ۾ سٺي راءِ ڏني آهي.
اسان هنن ٽڪرين بابت معلومات گڏ ڪرڻ جي سلسلي ۾
گهڻا سال اڳ هڪ سوالنامو ٺاهي، هتي جي مختلف مقامي
ماڻھن کان سوال پڇي جواب گڏ ڪيا، انھن سوالن ۾ هڪ
سوال هن ٽڪريءَ جي نالي بابت به پڇيو ويو هو،
ماڻھن پاران ڏنل جواب هيٺين ريت مليا:
1.
هن علائقي ۾ جيڪي به ٽڪريون آهن، اهي جوڙن جوڙن ۾
آهن، ان ڪري هنن ٽڪرين کي جاڙيون ٽڪريون سڏيو وڃي
ٿو.
2.
شاهه حسين واري ٽڪري ۽ پير ڀاڪريو (اصل نالو درس
ابراهيم) ۽ پير پَريو واري ٽڪري، اهي ٻئي ٽڪريون
پاڻ ۾ ويجهيون آهن، تنھنڪري هنن ٻنهي ٽڪرين کي ئي
’جاڙيون ٽڪريون‘ سڏيو وڃي ٿو.
3.
شاهه حسين واري ٽڪريءَ جي اُتر طرف قومي شاهراهه
جي ويجهو ٻن ٽڪرين کي گوگهيون ٽڪريون سڏيو وڃي ٿو.
انھن ٽڪرين تي چوهاڻن جو قبرستان آهي، جن تي آڳاٽي
وقت ۾ نانگن جو آستان ٻڌايو وڃي ٿو. چيو وڃي ٿو
ته، ’قديم زماني ۾ انھن ٽڪرين تي ۽ آسپاس ۾ گهڻا
نانگ هوندا هئا ۽ گهڻو ڪري ماڻھن کي ڪکي (ڏنگي)
وجهندا هئا. ڪنھن زماني ۾ شاهه حسين واري ٽڪريءَ
تي هڪ هندو فقير رهندو هو جيڪو، نانگ جي ڪکيل
ماڻھن تي جهاڙون پڙهي، زهر ختم ڪندو هو. انھيءَ
فقير جي نالي جي نسبت سان هن ٽڪريءَ کي ’پير
جهاڙيو ٽڪري‘ سڏيو ويندو هو/آهي. پوءِ هڪ زماني ۾
شاهه حسين اچي هن ٽڪريءَ تي پنھنجو آستانو ٺاهيو،
سندس وفات کان پوءِ کيس هن ئي ٽڪريءَ تي دفن ڪيو
ويو تنھن کان پوءِ هن ٽڪريءَ جو نالو ئي ’شاهه
حسين واري ٽڪري‘ يا ’شاهه حسين ٽڪري‘ پئجي ويو.
4.
هتي آسپاس ۾ نانگ بلائون گهڻيون ٿينديون هيون،
جيڪي ماڻھن کي اڪثر ڪري ڏنگي وجهنديون هيون. شاهه
حسين هڪ پھتل بزرگ هو، سو گهمندو اچي هن ٽڪريءَ جي
اولھه طرف ڀر ۾ رهيو ۽ نانگ جي ڏنگيلن کي جهاڙ
پڙهندو هو ته هڪدم زهر جو اثر ختم ٿي ويندو هو.
سندس وفات کان پوءَ کيس هن ٽڪريءَ تي دفن ڪيو ويو،
انھيءَ ڪري هن ٽڪريءَ کي ’پير جهاڙيو‘ يا ’شاهه
حسين واري ٽڪري‘ سڏيو وڃي ٿو.
مٿين جوابن مان گهڻن ماڻھن جا جواب پھرئين ۽ ٻئي
نمبر وارا آيا. هتي جي صورتحال ۽ روايتن جي ڇنڊ
ڇاڻ کان پوءِ هن نتيجي تي پھتاسين ته هي ٽڪريون
جاڙيون جاڙيون هئڻ ڪري آسپاس وارين سڀني ٽڪرين کي
’جاڙيون ٽڪريون‘ سڏيو وڃي ٿو. شاهه حسين واري
ٽڪريءَ تي شاهه حسين جي مزار هئڻ ڪري، اها ٽڪري
وري ’شاهه حسين ٽڪري‘ سڏجي ٿي. مانواري سائين
احسن جوکيي درست لکيو آهي ته: ”مقامي ماڻھو انھن
کي ’جاڙيون ٽڪريون‘ سڏيندا آهن. شاهه حسين(وفات
666 هه ) سڀ کان وڏي ٽڪريءَ تي دفن هئڻ ڪري شايد
شاهه حسين کي جاڙين ٽڪرين سان منسوب ڪيو ويو هجي.“
(9)
بيھڪ:
روينيو رڪارڊ ۾ هيءَ ٽڪري جتي آهي، اها ديھه ’پير
جاڙيون‘ ۽ تپو به پير جاڙيون/جهاڙيون ڄاڻايل آهي.
ٺٽي شھر کان 10، مڪليءَ کان 7 ڪلوميٽر اولھه ڏکڻ
۾، آڳاٽي ڪلان ڪوٽ کان 7 ڪلوميٽر اولھه ۾ ۽ گجي
شھر کان 4 ڪلوميٽر اوڀر ۾ آهي.
پنھور صاحب پنھنجي ڪتاب ’An
illustrated Historical Atlas of Soomra Kingdom
of Sindh‘
۾ سومرن جي دور ۾ سنڌوءَ جي مختلف وهڪرن تي مختلف
شھرن جي جاگرافيائي بيھڪ ڏيکاري آهي، انھن ۾
اولھائين وهڪري تي جن شھرن جا نالا ڏنا ويا آهن،
انھن ۾ شاهه حسين ٽڪريءَ جو نالو به شامل آهي.
پنھور صاحب ساڳئي ڪتاب ۾ سومرن جي دور ۾ لاڙ جي
اُجڙيل 94 شھرن جي فھرست(10) ڏني آهي،
ان ۾ چوٿين نمبر تي شاهه حسين ٽڪريءَ جو نالو ڏنل
آهي. هن ڳالهين مان ظاهر ٿئي ٿو ته سومرن جي اچڻ
تائين شاهه حسين وارو ماڳ اُجڙي ختم چڪو هو.
وڃڻ لاءِ رستو:
هن وقت شاهه حسين ٽڪريءَ تي پھچڻ لاءِ ٻن رستن سان
وڃي سگهجي ٿو، پھريون رستو ٺٽي کان 7 ڪلوميٽر
ڪراچيءَ روڊ سان ويندي، شورا مُھري (پُل) وٽان هڪ
ننڍو رستو ڏکڻ طرف نڪري ٿو، جيڪو ڦرندو ٽن
ڪلوميٽرن جي فاصلي طئي ڪرڻ کان پوءِ هن ٽڪريءَ تي
اوڀر-اُتر پاسي کان رسي ٿو. هي رستو ويجهو ۽ سولو
به آهي. ٻيو رستو گجي شھر جي سامهون يعني ڏکڻ طرف
کان نڪري، گهڻا ڦيرا کائيندو هن ٽڪريءَ جي
اولهائين پاسي کان پھچي ٿو. هي رستو نه رڳو فاصلي
جي لحاظ کان ڊگهو آهي پر ڪجهه ڏکيو به آهي. اڳوڻي
زماني ۾ مڪليءَ تي موجود ڪلان ڪوٽ کان مڪلي ٽڪريءَ
جي اولهائين ڇيڙهي وٽان نڪري هن ٽڪريءَ تي پھچبو
هو، ڪلان ڪوٽ کان مڪليءَ جي اولھائين ڇيڙهي تائين
انھيءَ رستي جا نشان اڃا تائين پڌرا موجود آهن.
تڏهن مڪلي ٽڪريءَ جي اولهائين ڇيڙهي کان هيستائين
شايد ٻيڙيءَ رستي پھچبو هو.
ماڳ جو اُجڙڻ:
هي ماڳ ڪيئن ۽ ڪڏهن اُجڙيو، هن وقت اهو احوال، به
هن وستيءَ جي شروعات، اوج تي رسڻ ۽ ٻي تاريخ وانگر
ڪنھن به رڪارڊ ۾ نٿو ملي. هاڻي فقط اندازو ئي ڪري
سگهجي ٿو ته هيءُ ماڳ اٺين صدي عيسويءَ ڌاري يعني
عربن جي دور ۾ اُجڙي ويل ڀانئجي ٿو. ٿي سگهي ٿو ته
هيڻي حال ۾ سومرن جي شروعاتي دور تائين به رهيو
هجي، ڇاڪاڻ ته ايم.ايڇ. پنھورصاحب سومرن جي دور ۾
اُجڙيل شھرن جي فھرست ۾ هن ٽڪريءَ جو نالو ڏنو
آهي.
ٽڪريءَ جو مٿاڇرو ۽ پاسا:
هزارين سالن جا راز ۽ آثار سانڍي بيٺل هيءَ ٽڪري
موجود زماني تائين به انسان جي ٿوري گهڻي استعمال
۾ رهندي اچي. آڳاٽن زمانن جي آثارن کان گهڻو پوءِ
جون (ستين صدي هجريءَ کان) به ڪيتريون ئي قبرون هن
ٽڪريءَ جي مٿاڇري تي ۽ پاسن کان موجود آهن. ٽڪريءَ
جي چوٽيءَ تي چوديواريءَ ۾ شاهه حسين جي قبر آهي،
ان تربت کي ڳاڙهيون سِرون لڳل آهن، جيڪي اڇي چن جي
گاري سان لُنبيل آهن. سيرانديءَ پاسي کان الڳ
ديوار ۾ هيڊسري پٿر تي ڪتبو آهي، جنھن تي هيٺين
عبارت اُڪريل آهي:
”مرحوم و مغفور سيد حسين سلطان ولد سيد امام ابو
احمد عبدالله بن سيد ابو صالح موسا بن امام ابو
عبدالله نورالله مرقد بتاريخ پنجم شھر ربيع الاول
سنه 666 هه“
ڏسجي ٿوته هن ڪتبي ۽ آڳاٽن تاريخي ڪتابن، يعني
’تحفت الڪرام‘ ۽ ’مڪلي نامي‘ ۾ ڏنل ڪتبي (جيڪو اڳ
۾ ڏنل آهي) جي عبارتن ۾ ڪجهه فرق موجود آهي. اُتر
پاسي کان هڪ پراڻي، ننڍڙي مسجد به موجود آهي.
مٿاڇري تي اولھه ڏکڻ واري ڀاڱي ۾ ٻيون به ڪي قبرون
ڏسڻ ۾ اچن ٿيون جن تي ڪا به لکت وغيره نه آهي.
ڏکڻ واري ڀاڱي ۾ ٻارهن فٽ ڊگهي بنا ڪتبي جي هڪ
اهڙي قبر به موجود آهي، جنھن لاءِ چيو وڃي ٿو ته
اها قبر ’مسو فقير نوتڪاڻي‘ جي آهي. حقيقت ۾ اها
قبر ’مسو فقير نوتڪاڻي‘جي آهي يا ڪنھن ٻئي جي،
اهڙي ڪا پڪي شاهدي ناهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
پنھنجي ڪتاب ’رهاڻ هيرن کاڻ‘ ۾ فقط هي لکيو آهي
ته: ”ميان نور محمد جو ناڪام گورنر مسو فقير
نوتڪاڻي هو، جنھن جي قبر مڪليءَ کان ڏکڻ -اوڀر ڳچ
مفاصلي تي سيد حسين جي مقام ۾ آهي.“ (11)
منھن جي خيال ۾ اها ڊگهي قبر ڪنھن آڳاٽي ماڻھوءَ
يا ماڻھن جي آهي. مسو فقير جي قبر هيءَ نه پر ٻين
قبرن ۾ ٿي سگهي ٿي، اولھه طرف ٽڪريءَ جي ڇيڙهي وٽ
پٿر تي هڪ پير جو نشان به آهي، جنھن جي سيرانديءَ
هڪ پٿر لڳل آهي، جنھن تي هيءَ عبارت اُڪريل آهي:
’بخاڪ ڪف پائي مرتضا علي...‘ پير واري ان هنڌ کي
مستطيل ڪٽھڙو ڏنل آهي. اُتي گهوڙي جي سنبن جا نشان
به ڏسڻ ۾ اچن ٿا. عام ماڻھن جو چوڻ آهي: ” اهي
دلدل جي پيرن جا نشان آهن.“
ٽڪريءَ جي اولھه اُتر ۾ هيٺاهينءَ کان (اُڀِي)
چوٽيءَ تائين قديم قبرون آهن، انھن مان گهڻين قبرن
تي گهڙيل هيڊي پٿر تي سھڻي چٽسالي ٿيل ڊگها پٿر
اهڙي نموني سان سجائي ۽ ڀِچائي رکيل آهن، جو ڏسندڙ
هر قبر کي ڏسي حيرت ۾ پئجي وڃي ٿو. انھيءَ نموني
جي چٽساليءَ واريون قبرون گجي جي ويجهو ’ٿرڙي
ٽڪريءَ‘ جي اُتر واري ڀاڱي ۾ به آهن، ته اهڙيون
قبرون مڪلي، سونڊا، جهرڪ، چوڪنڊي، راڄ ملڪ ۽ سنڌ
جي ڪوهستان واري ساري علائقي ۾ به موجود آهن. شاه
حسين ٽڪريءَ وارين قبرن تي رکيل چٽساليءَ وارو
هيڊي رڱ جو پٿر گهڻو پڪو آهي، گهڻا سال گذري وڃڻ
کان پوءِ به ان جي تازگي اڃا موجود آهي. هر قبر
تي رکيل پٿر جي گهاڙيٽي ۾ ٿورو گهڻو فرق رکيل آهي،
پر سورج مکيءَ جو گل، لکت وغيره جي ٻاهران اُڪريل
زنجير هڪجھڙي آهي. پٿرن جي ماپ، ڪنڊون، گولايون،
وٽ، وڪڙ، ڊيگهه ۽ ويڪر جي ماپ ۾ ڪوبه فرق نه آهي.
جاميٽريءَ جي اصولن ۽ ماپ تي پٿر تي ڪيل اُڪر،
ڪاريگرن جي ڪمال ڪاريگريءَ جي ساک ڏين ٿيون. قبرن
لاءِ گهڻو ڪري مٿاهِينءَ تي ٿَلها ٺاهي، ان تي پٿر
جون چوديوارون ٺاهيل آهن. ٽڪريءَ جي ڀر سان اهي
ڀاڱا ايترا ته اُڀڪپرا آهن جو اُتي چڙهي بيھڻ ئي
ڏکيو آهي، حيرت آهي ته اتي ڪيڏو نه ڏکيائيءَ سان
هيڏا ڳرا ۽ ڊگها پٿر آڻي، هھڙيون سھڻيون قبرون
ٺاهيون ويون آهن. اهڙين چوڪنڊين مان هڪ چوڪنڊيءَ
۾ ڇھه قبرون آهن، جن مان پنج قبرون ڪجهه اوچيون
آهن. سڀني قبرن جي گهاڙيٽي ۽ چٽساليءَ جو نمونو
هڪجھڙو آهي. هي پٿر
6x8
ماپ جا استعمال ٿيل آهن. ڀر ۾ ئي اهڙي نموني ٺھيل
ٻي چوڪنڊيءَ ۾ چار قبرون آهن. اهڙيون ٻيون به
ڪيتريون ئي روميون موجود آهن. وقت گذرڻ سان ڪن
قبرن تان وڏا پٿر هيٺ ڪري پيل به ڏسڻ ۾ اچن ٿا.
سھڻي چٽساليءَ وارا ڪيترائي ڊگها پٿرآسپاس ۾ ٽڙيل
پکڙيل به پيل آهن. مٿاهينءَ تي موجود قبرن مان
ڪنھن به پٿر تي چٽساليءَ کان سواءِ ٻي ڪا لکت نٿي
ملي، پر ٿورو هيٺ پنج آڳاٽيون اهڙيون به قبرون
آهن، جن مان هڪ قبر جي پٿر تي ڪلمو پاڪ
’لَآ
اِلٰهَ اِلَّا اللهُ
مُحَمَّدٌ رَسُوْلُ اللّٰهِ‘
۽ ٻئي ڇيڙهي تي ’واگهار ولد ميھار‘ اُڪريل/لکيل
آهي. چوڪنڊيءَ جي ڀر سان ٻي قبر جي سيرانديءَ به
ڪلمو ’لَآ
اِلٰهَ اِلَّا اللهُ
مُحَمَّدٌ رَسُوْلُ اللّٰهِ‘
۽ پيرانديءَ
پاسان ’جعفر ولد توغاجي پتره‘ (12)
لکيل آهي. ڀر ۾ هڪ قبر تي ’صالح بن عبدالله پتره
765‘ اُڪريل آهي. چيو وڃي ٿو ته اڄ ( فيبروري
2004ع) کان ويھارو سال اڳ تائين اهڙا ڪيترائي پٿر
موجود هئا، جن تي نالا ۽ سن لکيل هئا پراهي هن وقت
گم ٿي چڪا آهن. قبرستان جي وچين ڀاڱي ۾ ڪجهه سال
اڳ (2004ع) تائين اسان هڪ اھڙو پٿر به ڏسندا
رهياسين، جنھن تي ’گهنور-…
پتره، 698 هه‘ اُڪريل هو پر اڄڪلهه اهو پٿر به
غائب آهي. هڪ قبر مٿان لڳل پٿر تي ’بابو مينھن پٽ
حاجي صوف ذات پالاري‘ اُڪريل آهي پر اها قبر ڪا
گهڻي پُراڻي نٿي لڳي. هيٺاهينءَ ۾ ڪي هاڻوڪي وقت
جون قبرون به آهن، جن تي سن ۽ نالا موجود آهن. سڄي
ٽڪريءَ تي گهڻي ڳولا ڪندي ڏٺو ويو آهي ته ڪن ٻين
به قبرن تي ڪلما ۽ آيتون اُڪريل آهن. هتي اوڀارين
لھنديءَ تي تمام ٿورين ڪن قبرن تي گهوڙو ۽ اڳيان
گهوڙي سوار جي هٿ ۾ ڀالو اُڪريل/ڏيکاريل آهي،
انھيءَ کان سواءِ ٻيا ڪي به هٿيار وغيره اُڪريل
نٿا ملن. ڪيترين ئي قبرن تي ماياڻا (عورتاڻا) زيور
جن ۾ هَس، هار، ڪٺمال، نَٿ، جانجهر، چوڙيون،
ٻانھيون، منگليون وغيره سھڻي چٽساليءَ سان اُڪريل
آهن.
کوٽايون:
اوڻھين صدي عيسويءَ ۾ انسان جي ماضيءَ جو علم
(Archaeology)
۽ قديم آثارن بابت علم
(Antiquities)
متعارف ٿيا ته قديم آثار ڳولڻ، انھن جون کوٽايون
ڪري سائنسي بنيادن تي ڇنڊڇاڻ ڪري، انھن ماڳن جا
اصل زمانا، ماڻھن جي رهڻي ڪھڻي ۽ حقيقتون معلوم
ڪري، رڪارڊ محفوظ ڪرڻ جي شروعات ٿي. سنڌ جي مختلف
آڳاٽن ماڳن جي آثارن جون مختلف وقتن تي کوٽايون به
ٿينديون رهيون آهن، هن پٽن وارين کوٽاين ۾ ڪن وقتن
تي ’شاهه حسين ٽڪري’ به شامل رهي آهي، انھن علائقن
جي کوٽاين جون رپورٽن به شايع ٿينديون رهيون.
ورهاڱي کانپوءِ جن کوٽاين جي شايع ٿيل رپوٽن ۾
شاهه حسين ٽڪريءَ جو نالو شامل آهي، انھن ۾
’پاڪستان آرڪيالاجي‘ نمبر 1، 1964ع جرنل، ۽ پوءِ
1966ع تائين جي ڪيل کوٽاين جون رپورٽون قديم
آثارن جي ماهرن پاران ’پاڪستان آرڪيالاجي‘ نمبر 8،
1972ع جرنل ۾ شايع ٿيل آهن.(13) ايئن
ٻيون به ڪي رپوٽون اچي وڃن ٿيون. ملندڙ آثارن ۽
انھن رپورٽن مان معلوم ٿئي ٿو ته شاهه حسين ٽڪري
گهڻو آڳاٽي پٿر جي دور سان تعلق رکي ٿي. جڏهن
ماڻھو پنھنجي زندگيءَ جي واهپي لاءِ پٿر کي گهڙي
ڇلي، ان مان اوزار ٺاهي گذر ڪندو هو، اڃا هو ٽامو،
پتل يا ڪو ٻيو ڌاتو استعمال ڪرڻ نه سکيو هو، هن
ٽڪريءَ تي ان زماني جي ماڻھوءَ جا آثار ملن ٿا.
ڪيل کوٽاين ۽ تحقيقي نتيجن جي حوالن سان ايم. ايڇ.
پنھور صاحب لکيو آهي ته ’شاهه حسين ٽڪريءَ تي پٿر
چيري ان مان اوزارن ٺاهڻ جو ڪارخانو موجود هو.‘(14)
مطلب ته انساني تھذيب کان به اڳ واري دور کان
هيءُ هڪ اهم ماڳ رهيو.
ملندڙ شيون:
ٽڪريءَ جي ڏکڻ واري ڀاڱي جي چوٽيءَ تي ڪيترائي پٿر
جا اوزار اڄ تائين به پکڙيا پيا آهن، جن ۾ ننڍا
بليڊ، ڇُريون، سُوئا وغيره موجود آهن. ڪٿي ڪٿي
ڊگهين ڇرين ۽ ڪھاڙين جي ڌار/ ڦر جھڙا اوزار به
ڏسجن ٿا. پٿر مان گهڙي تيار ڪيل، اهڙا اوزار ڏکڻ
پاسي واري لَھنديءَ ۾ به موجود آهن. ڪجهه پٿر اهڙا
به ڏسجن ٿا، جن جي وچ يا هڪ ڀاڱي ۾ سوراخ ٿيل
آهن. مڪلي ۽ ان جي آسپاس وارين سمورين ٽڪرين جي
پٿر جو رڱ هيڊو آهي پر هتي جنھن پٿر مان اوزار
ٺاهيا ويا آهن سو ڪارسِرو ۽ پَڪو پٿر آهي. هن قسم
جو پٿر ’ميٽنگ‘ خاص ڪري ’جنت وارين بُٺين‘ ۾ ملي
ٿو. ٿي سگهي ٿو ته اهڙن اوزارن ٺاهڻ لاءِ پٿر انھن
ئي علائقن مان آندو ويندو هجي.
ٽڪريءَ جي ويجهو ئي اولھه ۾ به ڪجهه ٺڪراٺو ملي
ٿو، پر ڏکڻ طرف ڪجهه سوَ فٽن جي وٿيءَ تي اڃا به
گهڻو ٺڪراٺو ڏسجي ٿو. هتي ڪن ٿانون جا ٽڪر اهڙا به
ڏسجن ٿا، جيڪي ٿُلها ۽ لَسا آهن، انھن تي ڪو به چٽ
چٽيل نه آهي. ڀرسان ئي ٿوري وِٿيءَ تي، گهڻائيءَ ۾
ڳاڙهي ٺڪر جا ٿانوَ ملن ٿا جن تي ڪاري رڱ سان
مختلف نمونا ٺاهيل آهن، جيڪي سَنها ۽ سھڻا چٽيل
آهن. هتي جي ٿانون جو نمونو ٿرڙي مان مليل ٿانون
جھڙو آهي. شاهه حسين ٽڪريءَ ۽ ان جي
ويجهو
ئي اوڀر واري ٽڪريءَ جي ڀر واري علائقي ۾ مختلف
هنڌن تي به پراڻو ٺڪراٺو ملي ٿو، اهو ٺڪراٺو، ڏکڻ
ڀرسان واري ٺڪراٺي کان مختلف ۽ ان کان پوءِ واري
دور يعني سومرن جي دور يا ان کان ٿورو آڳاٽو لڳي
ٿو. انھن ٺڪرن تي گلن، ولين، پکين وغيره جا چٽ
چٽيل آهن. انھيءَ علائقي ۾ هن وقت ڪٿي به ڪنھن
اڏاوت وغيره جو ڪو به آثار نٿو ملي.
هن ٽڪريءَ تي ڪيترائي پنڊ پھڻ
(fossils)
به
پکڙيل موجود آهن، جن ۾ وڻن جا ٿڙ، ٽاريون، ڇوڏا،
سِپون، مڇين جا ڪنڊا وغيره شامل آهن.
روايتون:
1.
نورمحمد ڀٽرو ڳالھه ڪندو هو ته: ”وڏا ڳالھه ڪندا
هئا ته آڳاٽي زماني ۾ شاهه حسين واري ٽڪريءَ جي
چوٽيءَ تي ٻاوا رهندا هئا، اُتي وڃڻ جي هر ڪنھن کي
موڪل ڪونه هوندي هئي. ٽڪريءَ جي اُتر اولھه ۾ هڪ
شھر آباد هوندو هو. شھر ۽ آسپاس ۾ هندو ماڻھو
رهندا هئا، جيڪي گهڻو ڪري واپاري هوندا هئا. ملڪ
جي بادشاهه جو تخت گاهه ڪلانڪوٽ ۾ هوندو هو، ننڍو
راجا هتي رهندو هو، سندس محل ٽڪري ۽ شھر جي وچ ۾
ٺھيل هوندو هو. هتي جي ٻنين ۾ تمام سٺا فصل ٿيندا
هئا، جن ۾ وونئڻ، ڪپڙن رڱڻ وارو نير، ڪڻڪ، سرنھه،
ڄانڀو، چانورن جا ته ڪيترائي قسم ٿيندا هئا، وڻڪار
به گهڻي هوندي هئي. درياهه مان ڪيترائي واهه
نڪرندا هئا، سانوڻيءَ ۾ پاڻي موڪ ۽ ٻين مندن ۾ هر
وقت هرلا وهندا رهندا هئا. هن سڄي علائقي ۾ ڀليون
ٻنيون ۽ وڏا وڏا باغ هوندا هئا. باغن مان ميوات
پٽي کائڻ تي ڪابه پابندي ڪونه هئي. اولهندي طرف
کان درياهه وهندو هو، اُتي هڪ بندر هوندو هو، جنھن
تي هر وقت ٻيڙيون اينديون وينديون رهنديون هيون.
هتي واپار گهڻو هلندو هو، ڇاڪاڻ ته هتي اناج، ڪاٺ
۽ چوپايو مال گهڻو هوندو هو. هتان اناج ۽ ٻيون
شيون چين ولايت تائين به وينديون هيون.“
2.
نورمحمد ٻڌائيندو هو: ”هڪ ڀيري ٽڪريءَ تي رهندڙ
هڪ ٻائي راجا جي محل جي در تي اچي صدا هنئي، در تي
بيٺل نگھبان ساڻس سٺي سلوڪ سان پيش نه آيو، اُن تي
ٻائي پِٽَ (بد دعا) ڏني، ٽن ڏينھن کان پوءِ هي شھر
سڄو غرق ٿي ويو.(؟) پوءِ گهڻن زمانن تائين هي هنڌ
ويران ٿي ويو. هتي ڪو به ماڻھو اچي نه سگهندو هو،
جيڪڏهن ڪو ڀُل ۾ اچي نڪرندو هو ته اهو هميشه لاءِ
غائب ٿي ويندو هو. آسپاس رڳو جهنگ ئي جهنگ ٿي ويا.
هڪ ڀيري هڪ بزرگ سفر دوران اولھه پاسي مان اچي
لانگهائو ٿيو. رات پوڻ تي درياهه جي پراڻي وهڪري
جي ڪنڌيءَ تي هڪ ڳوٺ ۾ ترسي پيو. صبح وڃڻ وقت هڪ
شخص اچي کيس هن علائقي جي تباهي بابت سڄي حقيقت
ٻڌائي ۽ وري آباد ٿيڻ جي لاءِ دعا ڪرڻ لاءِ چيو.
جنھن تي بزرگ دعا ڪندي چيو ته هن علائقي کي اها
راجائي ته ڪونه ملندي پر هي علائقو وري آباد ٿي
خوشحاليون ضرور ماڻيندو. تنھن کان پوءِ هن علائقي
کان رسي ويل درياهه به واپس اچي هتان وهڻ لڳو ۽
وري باغ بھاريون لڳي ويون پر هيءَ بُٺي پوءِ به
آباد نه ٿي ۽ ويران ئي رهي. نيٺ زمانو گذرڻ کان
پوءِ وري ڪي ٻاوا اچي رهڻ لڳا. جنھن زماني ۾
يونان جي بادشاهه سڪندر سنڌ ملڪ تي ڪاهي آيو، تڏهن
سندس فوجون هن علائقي ۾ آيون ۽ اچي اهو قصو
ٻڌائون، ٻاوا تڏهن به ٽڪريءَ تي رهندا هئا. هنن
هتي اچي ٻاون کان دعا ورتي، پوءِ اڳتي آسانيءَ سان
ويا ۽ ان دعا جي ڪري ئي ٿرڙي جو ڪوٽ فتح ڪري سگهيا
هئا، نه ته اهو ڪوٽ کانئن فتح ڪو نه ٿي سگهي ها.
هتي اسلام اچڻ کان پوءِ هي شھر وري به آباد ٿيو.
گهڻن زمانن کان پوءِ شاهه حسين اسلام جي تبليغ
ڪندو هتي آيو، هڪ ڀيري هن ٽڪريءَ تي چڙهي مٿي پھتو
پوءِ وري هيٺ لھڻ جو حڪم ڪڏهن به نه ٿيس ۽ اتي ئي
وفات ڪري ويو. هاڻي سندس درگاهه تان هر ضرورتمند
کي فيض ۽ شفا ملي ٿي.“
هنن روايتن ۾ ڪيتريون سچايون ۽ واڌاءُ آهن، اها
ڳالھه پنھنجي جڳھه تي پر هنن روايتن مان ڪجهه
اندازا ڪري، ڪي نتيجا ضرور ڪڍي سگهجن ٿا. خاص ڪري،
هي ته (1) آڳاٽي زماني ۾ هيءُ علائقو گهڻو خوشحال
هو پر هڪ وقت اهڙو به آيو جو درياهه جي گهٽجڻ جي
ڪري، هتي آبادي به گهٽجي ويئي. (2) هي علائقو
درياهي وهڪري جي اهڙي هنڌ رهيو، جتان قافلن جي اچ
وڃ رهندي هئي. (3) سڪندر جي ڪاهه جي وقت يوناني
فوجون جڏهن هتان گذريون تڏهن هي علائقو آباد هو ۽
شاهه حسين ٽڪريءَ تي به ڪي ماڻھو رهندڙ هئا.
سَميٽَ
(Conclusion)
:
شاهه حسين واري ٽڪري سنڌوءَ جي آڳاٽي وهڪري ’ڪلري‘
جي هڪ شاخ تي موجود هئي/ آهي. اهو وهڪرو چليا جي
اولھه ۽ ٺٽي جي اوڀارئين علائقن مان ٿيندو، مڪلي
ٽڪريءَ جي اتر کان ڦرندو اڳتي ويندو هو.
مڪليءَ
ويجهو اولھائين طرف وارين جاڙين ٽڪرين تي ۽ آسپاس
۾ آڳاٽي دور جا ڪيئي نشان ۽ قبرون اڃا تائين به
موجود آهن. انھن ٽڪرين ۾ خاص ڪري شاهه حسين واري
ٽڪري گهڻو اهم آهي، ڇاڪاڻ ته هتي ٿرڙي وانگر پٿر
واري دور جي آڳاٽي انسان پاران هزارين سال اڳ جا
پٿر مان ٺاهيل اوزار ملن ٿا. قديم آثارن جي ماهرن
پاران ڪيل کوٽاين ۽ تحقيق جي نتيجي ۾ ثابت ٿيو آهي
ته اڄ کان هزارين سال اڳ هن ٽڪريءَ تي، پٿر کي
چيري، گهڙي ان مان پٿر جا اوزار ٺاهڻ جي صنعت
(Industry)
موجود هئي. شاهه حسين ٽڪريءَ جي مٿاڇري تي پٿر مان
ٺاھيل اوزار جن ۾ بليڊ، ڇريون ننڍڙا ڀالا وغيره به
ملن ٿا ته انھيءَ مخصوص پٿر جي ڇلن جا ٽڪرا به
ڏسجن ٿا. هڪ هنڌ سِپن جا ٽڪر گهڻي ڳڻپ ۾ ملن ٿا،
جنھن مان اندازو ٿئي ٿو ته هتي سِپن مان زيور
وغيره به ٺاهيا ويندا هئا. سومرن جي دور کان وٺي
هاڻوڪي دور جون قبرون به موجود آهن. شاهه حسين جي
درگاهه ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي آهي. ٽڪريءَ جي اُتر
اوڀر جي پاسي تي موجود قديم قبرن تي رکيل پٿرن تي
چٽسالي تمام سھڻي ۽ جاميٽريءَ جي اصولن موجب ٿيل
آهي. ڪن قبرن تي دفن ٿيل ماڻھن جا نالا ۽ سَن
(ستين صدي هجريءَ جا) به لکيل ملن ٿا. ٽڪريءَ جي
اُتر ۽ خاص ڪري اولھه ڏکڻ ۾ سِرون ۽ ٺِڪراٺو گهڻو
ملي ٿو. اولھه ڪنڌيءَ سان لوهه جي ڪِيرن (وڏين
ڪِلين) جا ڳريل ڀاڱا ۽ ٽڪرا به ملن ٿا. مليل آثارن
مان معلوم ٿئي ٿو ته زراعت، ڪاٺ، چوپائي مال ۽ پٿر
جي اوزارن جي لحاظ کان هي علائقو گهڻو شاهوڪار
رهيو آهي ۽ هيءُ ماڳ انساني تھذيب جي لحاظ کان
اهم رهيو آهي. مطلب ته هيءَ ٽڪري به ڪيتريون
شاهديون سنڀاليندي اچي ته سنڌ ۽ آڳاٽو سنڌي ماڻھو،
ان آڳاٽي زماني ۾ به وقت جي لحاظ کان ترقيءَ جي
مٿاهين درجي تي پھتل هو.




حوالا ۽ حاشيا:
1.
ڏسجي پنھور ايم. ايڇ، پيش لفظ، ’تاريخ مظھر
شاهجھاني‘ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، 1994ع، ص 16
2.
Panhwar M. H, ‘Ground Water in Hyderabad and
Khairpur Divisions, Directorate of Agriculture,
Hyderabad Region’, 1969, P 21 to 41
3.
پٿر جا دور:
(1)
پٿر جو دور
-10,000 (Early Paleolithic Period or Early
stone Age)1000،000
سال اڳ
(2)
وچولو آڳاٽو پٿر جو دور
1000,000- 40,000 (Middle Paleolithic Period
or Middle Stone Age)
سال اڳ
(3)
پويون آڳاٽو پٿر جو دورد
(Late Paleolithic Period or Late Stone Age)
00
10,0
-
000
40,ق.م
(4)
وچون پٿر جو دور
(Mesolithic)
10,000 – 5500
ق.م
(5)
نئون پٿر جو دور
(Neolithic or New Stone Age)
2300
5500
-
ق.م
(6)
سنڌ جو نئين پٿر جي دور مان ٽامي- پتل جي دور ۾
داخل ٿيڻ 2300 – 1800 ق.م
4.
Panhwar M.H, Chronological Dictionary of Sindh,
Institute of Sindhology, University of Sindh,
Jam Shoro, 1983, P 13
5.
Same P 21
6.
ٺٽوي، مير علي شير قانع، ’تحفت الڪرام‘، سندي ادبي
بورڊ ڄام شورو، 1994ع،ص 622
7.
راشدي پير حسام الدين، ’مڪلي نامو‘، سنڌي ادبي
بورڊ ڄام شورو، 1994ع، ص: 696
8.
جوکيو احسن، ’وليون واس - ورنيون‘، سنڌيڪا اڪيڊمي
ڪراچي، 2006ع، ص: 91
9.
ساڳيو حوالو، ص: 91
10.
Panhwar M. H, `AN ILLUSTRATED HISTORICAL ATLAS
OF SOOMRA KINGDOM OF SINDH` Soora National
council Pakistan, Karachi, 2003, P 43
11.
بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش خان، ’رهاڻ هيرن کاڻ‘، سنڌي
ادبي بورڊ ڄام شورو، 2006ع، ص: 11
12.
’پتره‘: ڀٽرا سنڌ جي قديم ذات/قبيلو آهي. ٺٽي کان
ساڪري تائين هن ذات وارن ماڻهن جون وڏيون وڏيون
زمينداريون هونديون هيون. چوپايو مال به گهڻو
هوندو هئن. هتي جي ماڻهن جي چوڻ موجب سمن جي دور
تائين سندن سَرهيال کي وزير جو درجو مليل هوندو
هو. هيءَ هڪ لوڪ چوڻي به مشھور آهي ته: ”ڀُونءِ
ڀَٽرن جي، اَنُ عابداڻين جو ۽ ڪچ ڪاتيارن جو.“ هن
چوڻيءَ مان به ڀٽرن جي سماجي ۽ معاشي حيثيت معلوم
ٿئي ٿي. سمن جي آخري دور جو نيم تاريخي ڪردار
’وسايو ڀٽرو‘ هڪ سچار شخص طور مشھور آهي، جنھن سمي
سلطان کي به سچي حقيقت سامهون چئي، افغانين جي
بدنيتي ۽ خطري کان اڳ ئي آگاهه ڪيو هو. چيو وڃي ٿو
ته جڏهن افغاني سنڌ تي ڪاهي آيا هئا، تڏهن هن
قبيلي جا گهڻا ماڻهو ساڻن وڙهندي شھيد ٿي ويا،
باقي جيڪي بچيا، انهن مان گهڻا روپوشي اختيار ڪري،
مختلف هنڌن تي رهڻ لڳا. هاڻي هن علائقي ۾ فقط ڪي
ننڍا ننڍا ڳوٺ آهن. سندن قديمي قبرستان ’شاهه حسين
ٽڪريءَ‘ تي اڃا تائين موجود آهي.
13.
‘Pakistan Archaeology’ Journal, No , 1964, No. 2
1965, No. 3 1966 and No. 8, 1972, Department of
Archaeology and Museums.
14.
Panhwar M. H, ‘Chronological Dictionary of Sindh,
Institute of Sindhology’, P: 21
|