مخدوم سليم الله صديقي

محترم عبدالغفار صديقي
رحه
مادي ترقي هڪ طرف ڏورانھين ڏيھه بٽڻ دٻائي ڳالھائڻ
جي سھولت ضرور ميسر ڪئي آهي، پر ٻئي پاسي پنھنجي
گهر جي ڀت سان ڀت واري جڳھه ۾ رهندڙ پاڙيسريءَ جي
ڏک درد ته پري، نالي جي خبر لھڻ جي به ضرورت محسوس
نه ڪرڻ ڏني.
اڄ کان ڪجهه ڏهاڪا پوئتي نھارجي ته سنڌ جي ڳوٺاڻين
آبادين ۾ موجود ويڙهن جو نقشو مختلف نظر ايندو.
انھن مان پاٽ شريف ضلعي دادو جي ڳوٺ تاريخ جي
صفحن تي اڻمٽ نقش ڇڏيا. اتي علم و ادب نه صرف
ڪتابن ۾ تحرير ٿيل ملي ٿو پر عملي ڪردارن پڻ پاڻ
ملھايو، علم حاصل ڪرڻ جو مقصد پاڻ سڌارڻ سمجهيو
ويندو هو نه نوڪري وٺڻ، پيسا ڪمائڻ ۽ ٻئي تي بي جا
رعب رکڻ.
ويڙهيچن ويچارَ، وِلوڙي واٽ ڏسين،
ادب ۽ آداب جا، موتي منجهه پَسين،
وڃيو ماڳ رَسين، جت ناه جبل جاءِ.
(سليم)
جِت بي غرض قرب، نياز ۽ نوِڙت، علم پرائي پاڻ
سنوارڻ جي فضا عظيم انسانن کي جنم ڏنو ٿي. ان
ويڙهي ۾ مانواري مرحوم عبدالغفار صديقي رحه 7 جون
1939ع تي مخدوم نجم الدين صديقي جي گهر جنم ورتو.
پاڻ ابتدائي تعليم پنھنجي ڳوٺ پاٽ شريف جي سنڌي
پرائمري اسڪول ۾ حاصل ڪئي. اهو اسڪول سندس پڙڏاڏي
ميان صاحب احمدي، 1915ع ۾ تعمير ڪرايو ۽ ان جي ئي
نالي سان منسوب آهي. ميان احمدي انگريز سرڪار
پاران قضا جي عھدي تي پڻ فائز هو. ان کانپوءِ ڪجهه
عرصو نوشھروفيروز ۽ دادو ۾ تعليم حاصل ڪيائون ان
کان پوءِ نورمحمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ داخلا
ورتائون ۽ 1956ع ۾ ميٽرڪ جو امتحان فرسٽ ڊويزن ۾
پاس ڪيائون، ان کانپوءِ ايليمينٽري ڪاليج فارمين
حيدرآباد مان ايليمينٽري ڊرائينگ ۽ انٽر جو امتحان
پاس ڪيائون.

محترم عبدالغفار صديقي ۽ محترمه مهتاب اڪبر راشدي
سندن نوڪريءَ جي ابتدا اپريل 1957ع کان گورنمينٽ
هاءِ اسڪول ماتلي ۾ استاد جي حيثيت ۾ ٿي. اهڙيءَ
طرح پاڻ لاڙڪاڻي ۽ سڪرنڊ ۾ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج ۾
ڊرائينگ ٽيچر رهيا. 1961ع ڌاري سنڌ يونيورسٽيءَ
مان بي.اي پاس ڪرڻ کانپوءِ کين ميھڙ ۽ ان کانپوءِ
دادو گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ ايس.ايس.ٽي ڪري رکيو
ويو. ان دوران پاڻ سنڌ يونيورسٽي مان ڪمپريٽو
رليجنس ۾ ايم.اي پڻ ڪئي.
پوءِ کين اسسٽنٽ ڊسٽرڪٽ انسپيڪٽر آف اسڪولس عمرڪوٽ
مقرر ڪيو ويو. ان کان پوءِ بحيثيت
بيٽ آفيسر حيدرآباد، ٺٽي ۽ دادو ۾ خدمتون سرانجام
ڏيندا رهيا. ان دوران سنڌ يونيورسٽي مان بي.ايڊ جو
امتحان ڏيڻ کانپوءِ 1974ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن
جو امتحان ڏنائون، جنھن بعد کين 18 گريڊ ۾ بيورو
آف ڪريڪيولم ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ طور متعين ڪيو ويو،
ان اداري ۾ ئي 1981ع ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر مقرر ڪيا
ويا. سندن تعليمي قابليت سبب کين چيف ڪوآرڊينيٽر
مسجد اسڪول سنڌ جون ذميواريون سونپيون ويون.
يونيسيف جي سرپرستي ۾ هارورڊ يونيورسٽي طرفان آيل
ٽيم مانواري صديقي صاحب جي مسجد اسڪول سان منسلڪ
خدمتن جي مڃتا طور کين بھترين ڪارڪردگيءَ جو
ايوارڊ ڏنو. 1988ع کان 1990ع تائين ڊپٽي سيڪريٽري
تعليم کاتي ۾ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ رهيا. جنھن کانپوءِ
سندن علمي ۽ ادبي ڄاڻ جو قدر ڪندي 1991ع ۾ سنڌي
ادبي بورڊ جا سيڪريٽري مقرر ڪيا ويا. جنھن بعد
مختلف وقتن تي پاڻ بدين، مٺي، ٿرپارڪر جي ضلعي
آفيسر کانسواءِ ڊپٽي ڊائريڪٽر ايگرو ٽيڪنيڪل
ايجوڪيشن حيدرآباد ڊويزن، پرنسپال هاير سيڪنڊري
ڪاليج حيدرآباد ۽ 1998ع ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر بيورو
آف ڪريڪيولم ڄام شورو جي عھدي تي رهي خدمتون
سرانجام ڏيندا رهيا، جتان 42 سال سرڪاري ملازم رهڻ
کانپوءِ 1999ع ۾ رٽائرڊ ڪيائون.
انھن عھدن تي رهڻ کانسواءِ پاڻ سنڌي ادبي بورڊ آف
گورنرس جا ميمبر ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جي ميمبر رهڻ ۽
شاهه عبداللطيف ڀٽائي يونيورسٽي خيرپورميرس جي
ائڪيڊمڪ ڪائونسل جي ميمبر هجڻ جو اعزاز پڻ
ماڻيائون.
علم و ادب سان چاهه:
اچي ادب اوٽ، آسرو رکن الله،
نوڙيل جن نيڻ، سڌي تِن راهه،
سھڻي سيبتي ڏاهه، ڏوري ڏونگر ڏيھه جا.
(سليم)
مانواري صديقي صاحب ان جي باوجود جو عمر جو هڪ وڏو
حصو سرڪاري عھدن تي رهي گذاريو، پر ورثي ۾ مليل
علم ۽ ادب جو اثر عام گفتگو ۽ وِک کڻڻ سان ئي ظاهر
ٿيندو آهي. پاڻ دوران سروس 26 ملڪن جا مطالعاتي
دورا ڪيا، جن ۾ لنڊن، جرمني ۽ هندستان کانسواءِ،
مارچ 1974ع ۾ فلپائن ۽ جون 1974ع بيروت يونيورسٽي
ويا. لبنان ۾ ڊپلوما ان اسڪول ايڊمنسٽريشن ۾
ڪيائون، جڏهن ته ان کان اڳ 1968ع ڌاري ڪابل
يونيورسٽي افغانستان جي تعليمي نظام جو مطالعاتي
دورو ڪري چڪا هئا. ملڪي ۽ غير ملڪي دورن سندن ذهني
وسعت جي آبياري ڪئي. پاڻ 1967ع کان ريڊيو پاڪستان
حيدرآباد تان ديني، تعليمي، ادبي ثقافتي ۽ سماجي
پروگرامن جي موضوعن تي رٿيل پروگرامن دوران
سمجهاڻيون، ليڪچر ۽ تقريرون ڪندا رهيا. جيڪي سالن
تائين نشر ٿينديون رهيون جن جي هڪ وڏي فھرست آهي.
انھن پروگرامن ۾ سيرت نبيصه ۽ قرآن حڪيم جي آيتن
جي ترجمي ۽ تفسير تي ڏنل درس واري نشريات خاص
اهميت جي حامل هئي، ۽ انھن پروگرامن گهڻي مقبوليت
ماڻي.
1990ع ۾ ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تان پڻ سندن علمي
ادبي ۽ تعليمي پروگرام نشر ٿيا. ساڳي طرح پي.ٽي.وي
ڪراچي تي پڻ ڪيترائي پروگرام ڪيائون.
سندن تقريرن ۾ ميڊيا تي نشر ٿيندڙ پروگرامن کان
علاوه قلمي ڪاوشون پڻ تعريف جوڳيون آهن. جڏهن پاڻ
انسپيڪٽر آف اسڪولس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد هئا ته
ان دوران سندن سرپرستي ۾ ”اخبار تعليم“ جاري ٿي،
جنھن ۾ معيار تعليم بابت سندن مضمونن کانسواءِ
ايڊيٽوريل پڻ شايع ٿيا. پاڻ مولانا ابوالڪلام آزاد
جي تحرير ”ام القرآن“ جو سنڌي ترجمو ۽ هارون يحييٰ
جي تحرير ”سچ جي ڳولا“ جي سنڌي ترجمي کان علاوه
مولانا عبدالخالق جي تحرير ”بھترين وظيفا“ جو سنڌي
ترجمو پڻ ڪيائون. جن مان پھريان ٻه ڪتاب سنڌيڪا
وارن شايع ڪرايا.
هن مانواري انسان جي حياتيءَ جو اڪثر حصو علم و
ادب جي آبياري ۾ گذريو آخر پاڻ 1 جولاءِ 2020ع تي
هن دارفانيءَ کي الوداع چيو.
اولاد:
(1) شجاع الدين صديقي (2) رقيه صديقي (3)
ضياءالدين صديقي (4) رفيع الدين صديقي (5) سميرا
زرين (7) سھيله صديقي ۽ (8) ڊاڪٽر جميله صديقي.
رکيل مورائي

دراوڙ دل جي تنهائي تي هڪ غير همدرداڻي نظر
ورهاڱي کان پوءِ سنڌي شاعري جي سفر جو رستو اڄ سڌو
ٿيو آهي. جڏهن اياز جانيءَ جو ڪتاب ڇَپجي مارڪيٽ ۾
آيو آهي، خاص طور سنڌي غزل جي انھن پڙاوَن جو ذڪر
ڪرڻ منھنجي مضمون جو موضوع آهي. جيڪي پڙاوَ سنڌي
غزل جي حوالي ۾ اڄ تائين ايندي منھنجي ذهن/ شعور ۾
”حدلڪير“ ثابت ٿيا آهن.
سھمتي اسھمتي جا سڀ دروازا کليل رکندي، ساڳئي وقت
ورهاڱي کان پوءِ خاص طور سنڌي غزل لکندڙ شاعرن جي
لسٽ ٺاهڻ کان پاسو ڪندي، مان غزل جي انھن حدن/
مائيل اسٽونز ڏانھن اچان ٿو، جيڪي منھنجي ننڍڙي
مطالعي جي دائري ۾ اياز جاني جي ڪتاب اچڻ کان پوءِ
واضع ٿيون ۽ ان کان پوءِ پنھنجي شاعريءَ ۾ اياز
جاني ڪٿي بيٺو آهي يا اڄ اياز جانيءَ پنھنجي تخليق
جي (غزل) حوالي ۾ سنڌ جي شاعراڻي ادب کي ڇا ڏنو
آهي.
ان سڀ کان اڳ اهو ڄاڻائڻ به شايد ٺيڪ لڳي ته اڄ
اياز جانيءَ جي پھرئين ڪتاب ”دراوڙ دل جي تنھائي“
جي به نج ادبي تقريب کي کلڻ حاب ڪندا آهن. مثال
طور هيءُ ڪاڄ آهي، اياز جاني گهوٽ آهي، سھرا گهوٽ
جا ڳائڻا آهن وغيره.
اڄوڪي تقريب ڪاڄ نه آهي، اياز جانيءَ جي ڪتاب جي
مھورت آهي. ان ڪري اڄ اياز گهوٽ به نه آهي، هو
صاحب ڪتاب آهي، جنھن سبب هن جي شاعريءَ تي
ڳالھائڻو آهي. هن جا سهرا ڳائڻا نه آهن ڇاڪاڻ ته
اسين مڱڻھار نه آهيون.
مان اهو به سمجهان ٿو ته اڄ اياز جاني، پنھنجي هن
شاعراڻي ڪتاب سان گڏ جنھن پد تي بيٺو آهي، اتي هن
کي همت افزائيءَ جي گهٽ، هڪ همدرد نقاد جي گهرج
وڌيڪ آهي، پڪ سان هت ويٺلن مان هڪ کان وڌيڪ اهڙا
دوست/ ليکڪ هوندا، جيڪي اياز جا سڄڻ همدرد هوندا.
جن مان هڪ مان به آهيان، پر مان سندس سڄڻ هوندي به
ساڻس ۽ سندس شاعريءَ ڏانھن ڪنھن به قسم جي همدردي
ڏيکاري، سندس شاعراڻو مرتبو ڪنھن به طرح ويچارو
ڪرڻ جو يا سندس شاعريءَ جي معيار کي هيٺ ڪرڻ جو
ساهس نه ٿو رکان.

مون کي سدائين محسوس ٿيو آهي ته ”اياز“ لفظ سنڌي
شاعراڻي ادب لاءِ سڀاڳ جي نشاني رهيو آهي، جنھن جو
حوالو اياز شيخ، اياز گل ۽ اياز جاني ته پڪ ئي پڪ
آهن، پر شايد ڪجهه ٻيا به ٿي پون! ان جا سبب هونئن
ته ڪيترائي ڳڻائي سگهجن ٿا، پر اڄ فقط سنڌي غزل
منھنجي آڏو آهي جنھن جا ٽي حد نشان/ مائيل اسٽون
شاعر ’اياز‘ رهيا آهن.
1: سنڌ جي ثقافتي سونهن وارو غزل اياز شيخ
2: عام زندگيءَ جي نه محسوس ٿيندڙ عڪس کي اظھارڻ
وارو غزل اياز گل
3: گلاب جي پنکڙين جھڙو نفيس نئون غزل اياز جاني
۽ ان سڀ ۾ اياز جانيءَ جو جيڪو حصو آهي، ان تي
ڪجهه چوڻ جي خواهش آهي.
ٻيءَ طرح اياز جاني نئين نسل جو اهو شاعر آهي،
جنھن جو نالو ويھين صديءَ جي آخري ٻن ڏهاڪن کان
وٺي اڄ تائين نئين غزل جي ضمانت رهيو آهي ۽ اها اڄ
تائين بحال آهي. اها حيرت ڏيندڙ حاصلات آهي، اياز
جانيءَ جي غزل جي.
جيئن ته هن ڪتاب ۾ اياز جانيءَ جون وايون به آهن،
ان ڪري شايد مان سندس واين لاءِ به ائين چوان، پر
نئين غزل کي پنھنجي احساسن ۽ فن جو گڏيل ورثو ڪري
کڻندڙ، زندگيءَ جي ڪٺورتا، شڪست ۽ مايوسيءَ جي تھن
مان جنم وٺندڙ سوالن سان مقابل با هٿيار شاعر اياز
جاني اهو نوجوان آهي جيڪو شروعات کان پنھنجي شعر
سان ڳنڀير رشتي جي سلسلي ۾ جديد نون ماڻن، تجربن
جي وسعت سان گڏو گڏ نئون شعور ۽ نئون ماحول کڻي
آيو آهي، جيڪو سندس پيشروئن کان ڪي قدر الڳ ٿلڳ
آهي.
تخليق سان آمھون سامھون ٿي جو هڪ ئي تخليق جي
مناسب ڪٿ ڪرڻ ۾ مدد ملندي آهي، ائين اياز جانيءَ
جي غزل سان آمھون سامھون ٿيڻ جو هڪ مقصد اهو به
آهي. هن سان ۽ هن جي شاعريءَ سان ڪنھن به همدرديءَ
کان سواءِ اهو ته چوڻ جي ضروروت گهٽ آهي، ته اياز
جانيءَ وٽ هر لحاظ کان ۽ هر طرح جي توفيق ۽ شعوري
قوت موجود آهي، وقت سان گڏ هلڻ جي به ۽ وقت کان
مٿي اُڏڻ جي به.
شايد ڏسڻو اهو به پوي ته اياز جانيءَ 80ع واري
ڏهاڪي جي شروعات ۾ جنھن ماحول ۽ جن حالتن ۾ لکڻ
شروع ڪيو، اُهي اياز جانيءَ جي شاعريءَ ۾ بنھه الڳ
نه هوندي، هن جي شاعريءَ ۾ ائين نه آيون آهن يا هن
نه آنديون آهن، جيئن سندس همعمر ۽ همعصر آڻي رهيا
هئا.
اهو دور وڏي آواز کي ٻڌڻ جو دور هو، جنھن ۾ ڪو به
ماٺيڻو آواز ٻڌڻ کان رهجي ٿي ويو. اياز جانيءَ جو
اهميت وارو پھلو اهو آهي، ته هن ماٺيڻو ڳالھائيندي
به پنھنجو آواز شدت سان محسوس ڪرايو. جتي سندس
سھيوڳي نڙي ڦاڙي پنھنجو آواز پھچائڻ جي جستجو ۾
رڌل هئا ۽ ڪڏهن ته هنن تخليق جي سمورن ماڻن ۽ ماپن
کي تياڳي به پنھنجي باري ۾ شاعر هجڻ جو شوق ٿي
پورو ڪيو، اتي اياز جانيءَ فقط ئي فقط پنھنجي
تخليقي قوتن جي آڌر تي سنڌي شاعريءَ کي اهڙو ۽
ايترو ڏنو، جهڙو ۽ جيترو سندس ڪوبه سهيوڳي اڄ
تائين نه ڏيئي سگهيو آهي.
ها! اهي ڊگهي لسٽ بنائڻ لاءِ پنھنجي ڇپيل ڪتابن جو
انگ ته وڌائي سگهيا، پر پنھنجون تخليقي قوتون هر
ايندڙ وقت ۾ گهٽائيندا رهيا، اهڙا هڪ درجن کان
وڌيڪ مثال هن گهڙيءَ به منھنجي آڏو آهن ۽ ٻئي پاسي
اياز جاني پنھنجون سموريون تخليقي قوتون
سنڀاليندي، مناسب موقعن تي استعمال ڪندو رهيو.
جنھن سبب پنھنجي آڏو هو ٿور لکيو شاعر آهي ۽
پنھنجي همعصرن ۾ سڀني کان وزندار ۽ تخليقي شاعر
آهي، جنھن جو مثال هيءُ آهي ته اڄ جڏهن نئين غزل ۾
پراڻي ٻولي، پراڻا محاورا، عڪس ۽ استعارا هڪ مُڏو
اوزار آهن، جيڪي موجود زندگيءَ جي سچ کي ۽ بي
باقيءَ ڇٽڻ جي ۽ پيش ڪرڻ جي قابل نه آهن، تڏهن
اياز جانيءَ جي هڪ به غزل ۾ اوپرو ماحول نه ٿو
ملي.
هن جي هر غزل جو ماحول سنڌي آهي، ڪٿي ڪٿي هن جي
غزل ۾ شھري ماحول هڪ عجيب سونهن کڻي ٿو اچي، جنھن
جي پويان هن جو شھري زندگيءَ جو مشاهدو ليئا پائي
ٿو. هن پنھنجي ڳوٺاڻي توڻي شھري زندگيءَ جا عڪس
اهڙي ته فنڪاريءَ سان پنھنجي شاعريءَ ۾ آندا آهن،
جو غزل جو روايتي تغزل به زخمي نه ٿئي ۽ هو پنھنجي
جديد/
نئين جيئندڙ زندگيءَ جو اظهار به ڪري وڃي ٿو، جڏهن
ته اياز جانيءَ جي شاعري جڏهن نِسري رهي هئي تڏهن
سنڌي شاعريءَ جو رنگ ڍنگ ٻيو هو، جيڪو سندس همعصرن
جي شاعريءَ مان ظاهر آهي يا گذريل صديءَ جي پوين
ٻن ڏهاڪن واري سموري شاعريءَ ۾ موجود آهي، جنھن جو
ذڪر مٿي ٿي چڪو آهي، مثال جي گهرج آهي ته اياز
جانيءَ جو هيءُ غزل پڙهي سگهجي ٿو:
خاموشيءَ ۾ هلڪو کڙڪو ڳالھائي ٿو،
دم ٿو گهٽجي کوليو ڪمرو ڳالھائي ٿو،
ائين هيءُ غزل به ان دور ۾ شاعريءَ جي نئين
احساسداريءَ کي اظھارڻ جو مثال آهي.
اي هوا آهستي گهل بارود جي ڀرسان،
مون ڏٺو آ آڳ جو ڦهلاءُ نيڻن ۾.
مان ڀايان ٿو اياز جانيءَ جي شاعراڻي پد کي ڏسندي
۽ سندس شاعريءَ تي ڳالھائيندي، سندس دور جي سڀني
اهم لکندڙ جو جائزو وٺڻ گهرجي، ڇو ته اياز جانيءَ
تي ڳالھائڻ وقت اها گهرج شدت سان محسوس ٿئي ٿي،
ائين ڪري ئي ساڻس ۽ سندس شاعريءَ سان انصاف به ڪري
سگهبو ته سندس شاعريءَ جي مناسب ڪٿ به ڪري سگهبي.
پوءِ به وقت کان ڀاڄ کائيندي مون لاءِ اهو چوڻ
تسڪين جو سبب آهي ته، پنھنجي لکڻ جي شروعات کان
وٺي اڄ تائين اياز جاني، غزل کي هڪ نئين ۽
احساساتي توڻي تخليقي ماحول ڏي موٽائڻ ۽ ان کي
جديد/
نين تقاضائن جي لائق بڻائڻ واري تجربي ۾ پنھنجي
سڀني همعصرن کان اڳڀرو رهيو آهي.
اهو ان ڪري جو هن ان تجربي ۾ غزل جي سڀني فني
گهرجن کي قائم رکيو آهي، نه فقط قائم رکيو آهي، پر
انھن ۾ وڌيڪ سونھن پيدا ڪئي آهي. ائين هو وائي يا
ٻين شاعراڻين صنفن کي، جن تي به هن طبع آزمائي ڪئي
آهي، انھن جي فني گهرجن جو اونهو مطالعو ڪري، انھن
کي تخليقي بنائي وڌيڪ اجاريو آهي. اهڙيءَ طرح جو
انھن ۾ ڪابه فني ڪوتاهي نه رهي، ساڳي طرح تجربي جي
خوبي به چٽي ٿي بيهي ۽ منجهس ڪابه شيءِ اوپري نه
لڳي.
جيتوڻيڪ مان ڪنھن به حوالي/
مثال لاءِ هن سموري ڪتاب کي ڏيڻ چاهيان ٿو، پوءِ
مٿين حوالي ۾ هيءَ وائي جي سٽ قناعت طور ڏيڻ
چاهيندس.
عشق جي سامهون سدا،
الزام جو ڏيئو ٻري ٿو،
شام جو ڏيئو ٻري ٿو.
هيءُ ڪجهه به لکڻ لاءِ مون پاڻ تي اها جوابداري
رکي ته، مان اياز جانيءَ کي مسلسل اداسائيءَ ۽
اڪيلائي يا شايد چوڻ گهرجي، ته مايوسيءَ واري
ڪيفيت مان ٻاهر آڻڻ لاءِ کيس سندس تخليقي قوتن جو
آئينو ڏيکاري سگهان. ساڳئي وقت اڄوڪي دور جي
شاعريءَ ۾ اياز جانيءَ جي حصي/
رول کي جنھن غير روايتي نظر سان مان ڏسان ٿو، ان
جا ڪي حوالا پيش ڪري ۽ سمجهائي سگهان، حوالي ۾
سندس ڪيترن همعصرن جا ڪي چونڊ شعرن جا بند ته سندس
شعر جي ويجهو اچي سگهن ٿا، پر سندس هر شعران معيار
تي بيٺو آهي. جنھن مان ڪن خاص بندن جي چونڊ ڪرڻ
لاءِ بيحد ڏکي آهي. ان ڪري جنھن شاعريءَ جي ڪابه
چونڊ ڪري نه سگهجي ۽ جنھن جو هر شعر چونڊ جو
عيوضپڻو ادا ڪندو هجي، اياز جاني اهڙو شاعر آهي،
اهو مان هن کي ويجهو ڏسڻ ۽ ٻڌڻ وقت به محسوس ڪندو
رهيو آهيان ۽ پري کان کيس پڙهي به محسوس ڪندو رهيو
آهيان. منھنجي ان محسوسات کي، ان ڪتاب يقين ڪامل ۾
بدلايو آهي. جنھن ڪتاب جو نالو آهي ”دراوڙ دل جي
تنھائي.“
عشق جي ڪيڏي انوکي ڇڪ آ،
ڪير چاهيندو چمي پوري ٿئي.
امن جي احساس کي، آڪاس تي اڏرڻ ڏيو،
هيرتان، هٻڪار تان، ڄارون کڻو ڪي گل رکو.
روشن صبح جي آرزوءَ جو کول در،
اٿ اٿ مسافر، جستجوءَ جو کول در.
ان کي ڪلھا، پٺاڙا، هٿ پير ٿا کپن،
هيءُ شھر آهي، ڪنھن جو چھرو پڇي ٿو.
مٿين شعرن جو حوالو شايد ان ڪري ضروري ٿي پيو آهي،
جو انھن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اياز جاني ترقي پسند
به آهي (تخليقي حوالي ۾) ته حقيقت پسند به ڪٿي ڪٿي
سندس شاعريءَ ۾ صوفياڻي رومانوبت به جهلي ٿي. تنھن
هوندي به سندس شاعري، سڀني مفروضن کان آجي آهي،
اها سائنسي حقيقتن جي ترجمان ۽ سماجي انصاف ۽
انقلاب جي آئينه دار آهي، عجب آهي ته سندس شاعري ۾
ڪٿي به سستو نعرو ۽ هلڪڙائپ نظر نه ايندي، ڇا اها
حاصلات اڄوڪي ڪنن جا پردا ڦاڙيندڙ شاعراڻي دور ۾
گهٽ آهي؟
اياز جي شاعريءَ ۾ ٻين اڻ ڳڻين خوبين سان گڏ، اهم
۽ ڳڻائڻ جهڙي خوبي هيءَ به آهي، ته سندس شاعريءَ ۾
موسيقيت، نغمگي ۽ ردم توڻي اچارن جي لئِه جو هلڪو
۽ وڻندڙ تاثر ملي ٿو، هن وٽ ردم اهڙو هلڪڙو آهي،
جو ڪنن کي وڻي ٿو. جنھن ڪري سندس شعر جي معنوي
اونھائيءَ تائين پھچي سگهجي ٿو. اهڙو ردم شاعريءَ
خاص طور غزل جو زيور آهي، جيڪو شاعري/ غزل جي
سونھن وڌائي ٿو.
اياز جانيءَ جي دور جا ڪيترائي شاعر جيئن مون
پھرين به چيو ته لفظي ردم جي لاءِ زورائتا، ڦاٽندڙ
۽ گوجندڙ اُچار ڪتب آڻي وقتي واهه واهه ته حاصل
ڪري وٺن ٿا، پر ٻڌندڙ پڙهندڙن جو ذهن ان ڦاٽندڙ ۽
گونجندڙ ردم ۾ اٽڪي پوي ٿو ۽ شعر جي اونهائيءَ
گهرائيءَ تائين پھچ نه ٿي ٿئي.
اياز جانيءَ جي شعرن جي هڪ خوبي اها به آهي، ته
سندس هر شعر۾ڪجهه نه ڪجهه ڏيڻ لاءِ هوندو آهي،
جيڪو هو پڙهندڙ/
ٻڌندڙ کي ڏاڍي سولائيءَ ۽ سيبتائيءَ سان ڏئي
سگهندو آهي. هو نه فقط پنھنجي ڏات جو غلط استعمال
نه ٿو ڪري، پر پنھنجي ڏانءَ جو به هن وٽ ٻنھي جو
خوبصورت ۽ وڻندڙ توازن آهي.
ڪيترين تخليقي قوتن هوندي، جنھن جڳهه تي نه
چاهيندي به مون کي اياز جانيءَ سان همدرديءَ جي
ضرورت محسوس ٿي رهي آهي، اها سندس موضوعاتي
محدودگي آهي، جيڪا نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي. ڪنھن اهڙي
تفصيلي اڀياس ۾، جيڪو مھورت جي دائري کان ٻاهر هجي
فلحال مون کي فقط ايترو چوڻو آهي!
شاھ عبداللطيف ڀٽائي ھڪ مڪمل صوفي ھو، پاڻ خانداني
طور اھلبيت ھو، شريعت جو صاحب اعليٰ اخلاق ۽
صلاحيتن جو مالڪ ھو، عالمن، اديبن، اوليائن جي
تمام گهڻي عزت ڪندو ھو، تصوف جي رنگ ۾ رنگيل
پنھنجي بيتن ۾ انسان دوستي، پيار، امن ۽ انساني
ڀائيچاري جو پيغام ڏيندو ھو.
انھن پيغامن جو سندس شاعريءَ مان اھم پاسن جو ذڪر
ڪيو آھي، اھي پاسا آھن، مذهبي، اخلاقي، سونھن ۽
سوڀيا، عشق، ڏک ۽ وڇوڙو.
مذهبي:
شاھ سائين اسلام جي سڀني اصولن جي پوري طرح پيروي
ڪندو ھو. ھو متقي، پرھيزگار، نماز جو پابند، رمضان
شريف جا ٽيھ ئي روزا رکندو ھو. خدا جي ذڪر سندس
زبان تي جاري رهندو ھو، قرآن مجيد جو پڻ روزانو
دور ڪندو ھو. ان ڳالھه جي ثابتي اھا آھي ته سندس
سوانح حيات ۾ لکيل آھي، ته پاڻ سان گڏ ھميشه ٽي
ڪتاب کڻندو ھو، ھڪ شاھ بلڙيءَ واري جو رسالو، ٻيو
مثنوي رومي ۽ ٽيون قرآن مجيد.
ھو اڪثر دنيا کان پري پنھنجي حقيقي محبوب سان
روحانيت جي رستي ملاقات ڪندو ھو، ھون به شاھ جي
شاعري قرآن پاڪ جو تفسير آھي.
جي تو بيت ڀانئيا، سي آيَتُون آھِينِ،
وَڃِيو لَنئُون، لائِينِ، پِريان سندي پار ڏي.
(سُر سھڻي)
ان ڪري شاھ کي قرآن پاڪ جو مفسر ۽ اسلام جو مبلغ
چئجي ته وڌاءُ ڪونه ٿيندو. ھو تن کي تسيا ڏئي
عبادت ۾ مشغول رھڻ وارو صوفي شاعر ۽ درويش ۽ ھڪ
روحانيت پسند سچو مسلمان ھو.
ڊاڪٽر عابد مظهر

شاھه لطيف جي صوفياڻي شاعريءَ جو
انساني زندگيءَ جي مختلف پاسن تي اثر
شاھ عبداللطيف ڀٽائي ھڪ مڪمل صوفي ھو، پاڻ خانداني
طور اھلبيت ھو، شريعت جو صاحب اعليٰ اخلاق ۽
صلاحيتن جو مالڪ ھو، عالمن، اديبن، اوليائن جي
تمام گهڻي عزت ڪندو ھو، تصوف جي رنگ ۾ رنگيل
پنھنجي بيتن ۾ انسان دوستي، پيار، امن ۽ انساني
ڀائيچاري جو پيغام ڏيندو ھو.
انھن پيغامن جو سندس شاعريءَ مان اھم پاسن جو ذڪر
ڪيو آھي، اھي پاسا آھن، مذهبي، اخلاقي، سونھن ۽
سوڀيا، عشق، ڏک ۽ وڇوڙو.
مذهبي:
شاھ سائين اسلام جي سڀني اصولن جي پوري طرح پيروي
ڪندو ھو. ھو متقي، پرھيزگار، نماز جو پابند، رمضان
شريف جا ٽيھ ئي روزا رکندو ھو. خدا جي ذڪر سندس
زبان تي جاري رهندو ھو، قرآن مجيد جو پڻ روزانو
دور ڪندو ھو. ان ڳالھه جي ثابتي اھا آھي ته سندس
سوانح حيات ۾ لکيل آھي، ته پاڻ سان گڏ ھميشه ٽي
ڪتاب کڻندو ھو، ھڪ شاھ بلڙيءَ واري جو رسالو، ٻيو
مثنوي رومي ۽ ٽيون قرآن مجيد.
ھو اڪثر دنيا کان پري پنھنجي حقيقي محبوب سان
روحانيت جي رستي ملاقات ڪندو ھو، ھون به شاھ جي
شاعري قرآن پاڪ جو تفسير آھي.
جي تو بيت ڀانئيا، سي آيَتُون آھِينِ،
وَڃِيو لَنئُون، لائِينِ، پِريان سندي پار ڏي.
(سُر سھڻي)
ان ڪري شاھ کي قرآن پاڪ جو مفسر ۽ اسلام جو مبلغ
چئجي ته وڌاءُ ڪونه ٿيندو. ھو تن کي تسيا ڏئي
عبادت ۾ مشغول رھڻ وارو صوفي شاعر ۽ درويش ۽ ھڪ
روحانيت پسند سچو مسلمان ھو.
شاھ جي زماني ۾ نقشبندي بزرگن اسلام جي واڌاري
لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو، انھيءَ زماني ۾ شاھ لطيف،
مخدوم محمد زمان لواري واري جي تمام گهڻي عزت ۽
احترام ڪندا ھئا ۽ ساڻس ملڻ ويندا ھئا، ان کان
سواءِ قادري سلسلي وارن به مذهب اسلام کي ترقي
وٺرائڻ لاءِ برصغير ۾ گهڻو ڪم ڪيو ھو خاص طرح سنڌ
۾ قادري سلسلي جا بزرگ گهڻا آھن. ھن سلسلي سان شاھ
لطيف جي خاندان جو واسطو ھو، پر شاھ سائين اويسه
سلسلي سان گهڻو تعلق رکندو ھو ۽ ھو سنڌ جي اڪثر
سڀني سلسلي وارن بزرگن سان ملڻ پڻ ويندا ھئا. شاھ
سائين وحدت وجود جي نظريي سان تعلق رکندو ھو ۽ ان
سلسلي جي حوالي سان اسلام مذھب جي تبليغ ڪندڙ ۽
پرچارڪ ھئا، يعني اسلام ۾ ڪا به زور زبردستي
ڪونھي.
شاھ لطيف جو اويسه سلسلي جو عقيدو ھو ته ماڻھو
پنھنجي مذھب اسلام تي قائم رھي ۽ پنھنجي نفس تي
ضابطو رکي، اھو ضابطو حقيقي محبوب جو مشتاق
بنائيندو، ان ڪري پنھنجي شريعت کي سولو بڻائي
ماڻھن جي دلين ۾ ھڪ روحاني سڪ ۽ ڇڪ پيدا ڪيو،
انھيءَ ڏانو سان ماڻھن ۾ طريقت پيدا ٿيندي جنھن
سان اسلام ترقي ڪندو.
شاھ صاحب جي زندگي ھڪ روحاني طريقي سان گذرندي ھئي
جنھن جي ڪري ڪيترائي غير مذھبي ماڻھون سندس
ڪچهريءَ ۾ موجود ھوندا ھئا.
ھو ھڪ صوفي جي حيثيت ۾ سچي مسلمان واري روش رکندو
ھو ته جيئن عام ماڻھو شريعت جي رستي تان نڪري نه
وڃي، اسلام جي تبليغ ۽ وڌائڻ ۾ شاھ سان ڪجھه نه
ھئڻ واري عمل تي روان دوان ھو. شاھ صاحب اھلبيت
ھوندي به اسلام ۾ ماڻھن کي آڻڻ لاءِ ھڪ آزاد سوچ
رکندو ھو. ان حوالي سان غور ڪبو ته سندس سان ڪيترا
غير مسلم محبت ۽ پيار سان ھلندا ھئا ۽ کيس ھڪ وڏو
درويش ۽ شاعر سمجھندا ھئا.
سندس مذھبي قدر جو ھڪ بيت پيش ڪجي ٿو:
وَحۡدَهٗ جي وڍيا، اِلاَ اَللهُ سين اورِينِ؛
ھِنيون حقيقت گڏيو، طريقت تورِينِ؛
معرفت جي ماٺ سين، ڏيساندَرُ ڏورِينِ؛
سُک نه سُتا ڪڏھين، ويھي نه ووڙِينِ؛
ڪُلَھِنئُون ڪورِينِ، عاشق عَبدُاللَطِيفُ چئي.
وَحدَهُ جي وڍيا، اِلاَالله اَڌَ ڪِيا،
محمد رَسولُ چئي، مُسلمانَ ٿِيا،
عاشقَ، عبداللطيف چي، اِنھِيءَ پَھِه پِيا،
تيلانھن ڌَڻِي ڌُئا، جيلانھن وِيا وَحدتَ گَڏجِي.
اخلاقي:
شاھ صاحب جي شاعريءَ ۾ مذھبي قدرن سان گڏ اخلاقي
قدر به شامل آھن. شاھ جي شاعريءَ ۾ ھڪ سچي مسلمان،
انسان پرست جي حوالي سان ڪيترن ئي اخلاقي پاسن جو
ذڪر ڪيل آھي.
سر مارئي ۾ عصمت، اندر جو اجرو ھئڻ، راز ظاهر نه
ڪرڻ، نياز نوڙت، سادگي، صبر ۽ شڪر.
عصمت بچائڻ بابت شاھ لطيف جو ھي بيت ڪيڏو نه پر
اثر آھي.
جَھِڙي آيَسِ جيئن، جي تَھَڙي وَڃان تَنِ ڏي،
تَه لالائِيءَ جا، لَطِيفُ چي، ڪَرَ مُندَنِ اُٺا
مينھن،
ماڙِيءَ لَڳُمِ مِيھَڻُو، سَڀَ ڄَماندَرَ سِينءَ،
ٿِيَسِ ڪاڻِيارِي ڪانڌَ جِي، هِتي اَچِي هيئن،
ڪَنڌُ کَڻَندِيَسِ ڪيئن، منھَن مارُوئَڙَن جي.
عمر بادشاھ کي مخاطب ٿيندي چوي ٿي ته، ”عورت جو
اصل زيور عصمت ھوندو آھي، الله ڪري ته جھڙي پاڪ
دامن ھتي تو وٽ آئي آھيان، اھڙي ئي پاڪ صاف ٿي مان
پنھنجي مارن وٽ پھچان، ھتي اچي مان ڀتار جي نظر ۾
۽ مارن جي نظر ۾ ڏوھه دار ٿي پئي آھيان. مان جڏھن
پنھنجي جھانگين وٽ ويندس ته ڪھڙو ڪنڌ کڻي ماروئڙن
جي سامهون ٿيندس. “
ھن بيت ۾ شاھ لطيف عورت جي پاڪ دامني کي اوليت
قرار ڏئي عورتن جي اصل اخلاقي پاسي جو اھم ذڪر ڪيو
آھي.
شاھ سائين پنھنجي سموري شاعريءَ ۾ اخلاقيات تي
گهڻو زور ڏئي ٿو، اھو اخلاق سماجي ھجي يا روحاني،
روحانيت سماج جي سٺن گڻن ڪري انسانن ۾ پنھنجي
سڃاڻپ پيدا ڪندي آھي ڇاڪاڻ جو انساني اخلاقيات خود
عبادت آھي، شاھ سائين جو ھڪ اھڙو بيت ھن طرح آھي:
سُرمُو سُفيدِيءَ جو، جَڏِھن پاتو جَنِ،
تَڏِھن ڏِٺِي تَنِ، اَڇائِي عالَمَ ۾.
سفيد سرمي پائڻ مان مراد اندر اجرو رکڻ آھي، جنھن
جو اندر اجرو ھوندو اھوئي فقط چڱيون ڳالھيون ٻڌائي
سگھندا ۽ خود به عمل ڪري سگھندا، انھن سٺن اخلاقن
کي سماج ۾ پکيڙڻ لاءِ پھريون شرط اھو ئي آھي ته
پھرين پاڻ کي سٺو بڻايو جيئن ٻيا ماڻھون توھان جي
اخلاق جي تعريف ڪن.
جڏھن اسان شاھ لطيف جي اھڙن بيتن جھڙي اخلاقي
خوشبو محسوس ڪنداسين تڏهن اسان شاھ سائين جا سٺا
پيروڪار لڳنداسين.
شاھ سائين جي شاعريءَ ۾ ھٺ غرور کان نفرت ڪيل آھي
۽ نياز نوڙت کي ئي اصل زندگي سمجھيو ويندو آھي. ان
کان سواءِ انسانن جا ڪيترائي احساس ۽ گڻ موجود آھن
جن کي شاھ پنھنجي شاعريءَ ۾ مثالن جي ذريعي واضح
ڪيو آھي. سنڌ جا اڪثر ڳوٺاڻا شاھ جي رسالي جو
روزانو مطالعو ڪندا آھن ۽ انھن گڻن کي مثالن ۽
پھاڪن طور استعمال ڪندا آھن. مثلاً سندس ھڪ بيت
آھي جنھن ۾ راز ظاهر نه ڪرڻ کي به اخلاقيات ۾ شامل
ڪري سگھجي ٿو.
پَتَنگ چايين پاڻَ کي، تَه اَچِي آڳِ اُجهاءِ،
پَچَڻَ گهڻا پچائيا، تون پچڻ کي پچاءِ،
واقفُ ٿي وِساءِ، آڳ نَه ڏجي عامَ کي.
شاھ لطيف پنھنجي زندگيءَ ۾ وڏو سخي، توڪل پرست ھو،
تن کي تسيا ڏئي ڪنھن جي به عيب جوئي نه ڪيائين گلا
ڪرڻ گناھ سمجھندو ھو، ملڻ وارن کي تواضع ۽ خاڪساري
اختيار ڪرڻ جي تلقين ڪندو ھو. مطلب ته شاھ صاحب
بلند اخلاق جو مالڪ ھو جيڪو سنڌي قوم لاءِ ھڪ
مثالي شاعر ۽ برگزيده شخصيت بڻجي آيو ھو.
اھڙي طرح شاھ سائين جي اخلاقي شاعريءَ جي ھن مادي
دؤر ۾ سخت ضرورت آھي. جنھن ۾ ادب، خلوص، صبر،
توڪل، سچ، سادگي، سخاوت، مهمانوازي، عجز، بھادري،
حلال رزق ۽ نفس کي قابو رکڻ آھي. اھي سڀئي وصفون
اخلاقيات جي وسيع دائري ۾ اچي وڃن ٿيون.
سونھن ۽ سوڀيا:
شاھه لطيف جي سموري شاعريءَ ۾ خوبصورتي موجود آھي،
پوءِ اھو بيت مذھبي ھجي يا ڪنھن سورمين جي قصن
بابت سماجي قدرن مان ھجي، شاھ سائين انھن سڀني
بيتن ۾ سونهن ۽ سوڀيا جو نھايت گهڻو خيال رکيو
آھي، خيال موضوعن جا ھجن يا شاعريءَ جي لفظن جا،
تجنيس حرفي ھجي يا تشبيهون ھجن سڀني ۾ ڪمال جي
نزاڪت ڏيکاريل آھي.
فرانسيسي نقاد گارمنٽ لکيو آھي ته شاعر ٻن طريقن
سان پنھنجا محسوسات ۽ مشاھدا محفوظ ڪري سگھن ٿا.
ھڪ موسيقيت جي طريقي سان ٻيو عڪسي طريقي سان مثلا:
ويڄ! مَ ٻُڪي ڏي، اَلا! چڱي مَ ٿيان،
سڄڻُ مان اَچي، ڪرلاھُو ٿي ڪڏھين.
ھن بيت جي سونھن ۽ سوڀيا دوا نه ڏيڻ ۾ آھي ڇاڪاڻ
جو مريض خوش نه ٿيندو ته سندس ناچاڪائي جو ٻڌي
مونکي آٿت آسرو ڏيڻ ضرور ايندو، اھڙي عڪس لاءِ
فرانسيسي نقاد ۽ شاعر جولس سپروائيل لکيو آھي ته
عڪس ھڪ جادوءَ جي بتي آھي، جيڪا شاعر کي اوندھ ۾
روشني ڏي ٿي.
اصل ۾ سونھن ۽ سوڀيا سٺي آس ۽ جذبي کي به چئبو
آھي، غم ۽ ڏک جي احساسن ۾ اھا سونھن موجود ھوندي
آھي جيڪا اصل محسوساتي سگھ آھي، جيئن ڪارو ڪپڙو ڏک
جي علامت ۽ سونھن آھي، ڳاڙھو رنگ انقلاب جي سونھن
آھي، جھڙ ٿيڻ مينھن وسڻ ڳوٺن جي غريب ماڻھن جي
اميد ۽ آسري جي سونھن آھن. مثلاً سر سارنگ ۾ شاھ
سائين فرمايو آھي ته:
بَرَ وٺا، تَرَ وَٺا، وَٺِيُون تَرايُون،
پِرِھَه جو پَٽَنِ تي، ڪَنِ وِلوڙا وايُون،
مَکَڻَ ڀَرِينِ ھَٿَڙا، سنگهارِيُون، سايُون،
ساري ڏُھَنِ سامُھِيُون، ٻولايُون، رايُون،
ٻانِهِيُون ۽ ٻايُون، پَکي سُونھنِ پانھِنجي.
شاھه جي شاعريءَ جو ھر لفظ ھن بيت جيان سونھن ۽
سوڀيا سان ڀريل آھن، سچ ته شاھ جي شاعريءَ ۾ لفظ
جيئرا ٿي پوندا آھن ۽ کين لفظن کي نئين زندگي ملي
پوندي آھي.
عشق:
صوفين وٽ حسن، سونھن، سوڀيا عشق جا محرڪ ھوندا
آھن، جيڪا شيءِ خوبصورت ھوندي آھي اھا موھيندي
آھي. ”اصل ۾ حسن ۽ عشق الله جون وصفون آھن، عربي ۾
قول آھي، ”الله جميل ويحب الجمال“ يعني الله پاڻ
حسين آھي ۽ سونھن کي پسند ڪندو آھي“.
صوفين جي درس ۾ عشق مجازي دنوي انسانن جي عشق ۽
بنيادي هٿرادو عشق کي چئبو آھي. حقيقي عشق رب پاڪ
جي عشق کي چئبو آھي. ائين عشق حقيقي تائين پھچڻ جو
پھريون مرحلو مجازي عشق کي ڄاڻايو ويو آهي، جيئن
ھڪ صوفياڻو قول آھي ته ”المجاز قنطرة الحقيقت“
يعني مجاز حقيقت تائين پهچڻ جي ڏاڪڻ آھي.
دنيا جي عظيم ڏاھن مجازي عشق کي تمام گهڻي اهميت
ڏني آھي مثال طور مارڪس، ايرڪ فرام، سارتر ۽ ھربرٽ
وغيره مجاز کي محبت کي سمورن قسمن کان اعليٰ درجو
ڏنو آهي، انھن جي نظر ۾ مجازي عشق ئي انسان جي
اندر مثبت جذبو ڄاڻايو آھي، مان سمجهان ٿو ته
جيڪڏھن ڪنھن کي مجازي عشق جي چپيٽ نه لڳي آھي ته
اھو حقيقي عشق تائين پھچي نه سگھندو.
شاھ ڪريم کان ڪنھن مريد سوال ڪيو پيار ۽ عشق ۾
ڪھڙو فرق آھي؟ ”پاڻ فرمايائون عشق باھ جيان آھي
جنھن ۾ جيڪي وجھجي سو سڙي رک ٿي وڃي، محبت جو مثال
ھن طرح آھي ته ڪک، ڪنڊا، ڇيڻا ۽ ڪَرھڪ ھنڌ گڏ ڪري
اھڙي طرح دونھين دکائجي جو ان مان ٿورو ٿورو
دونھون نڪري ۽ ماڻھون ائين محسوس ڪن ته انھن ڪکن
ڪنڊن ۾ تؤ نه آھي پر جڏھن انھن کي کولين ته اندر
ڳاڙھي باھه نظر اچين.“ مٿين جواب کي خوبصورت لفظن
۾ ائين چئجي ته پيار کي مجاز به چئي سگھجي ٿو. اھا
ھڪ اھڙي چڻنگ آھي جا دکندي دکندي باھه جي صورت
اختيار ڪندي آھي جنھن کي عشق چئبو آھي ۽ انھيءَ
عشق کي شاھ لطيف ھڪ خوبصورت شاعري جو تخليقڪار
بڻايو آھي لطيف سائين جي جڏھن عشق سان واقفيت ٿي
ته پاڻ سر بروو سنڌي ۾ فرمائي ٿو:
جَڏَھانڪُرَ ٿِيامِ، ساڃاھِه سُپِرِيَنِ سين،
تَڏَھانڪَر تِرَ جيتَرو، ويرَ نَه وِسَرِيامِ،
اَندَرِ رُوحَ رَھِيامِ، سَڄَڻَ اوطاقُون ڪَري.
يا
جانِبَ تُون جيڏو، آھِين شانَ شَعورَ سين،
مون تي ڪَرِ منھنجا پِرِين، توھُه تُسِي تيڏو،
اِيءُ ڪامِلَ! ڪَمُ ڪيڏو، جيئن نَوازِيمِ نِگاھَه
سين.
ھونئن به عشق جي اصول ۾ انساني عشق ۽ انسان جي
خدا جي عشق ۾ وڏو فرق ڪري بيھاريو آھي. شيلي ۽
برائوننگ عشق کي دنيا جي سمجھڻ لاءِ ھڪ ڪنجي سمجھن
ٿا، لطيف وري ان عشق جو پيروڪار آھي جيڪا مجاز کان
وٺڻ جي ڪنجي حاصل ڪري ڏکن ۽ ڏولائن معرفت وصل جو
خواهشمند آهي.
ڏک ۽ وڇوڙو:
سڀئي صوفي ۽ وڏا وڏا ڏاھا دنيا جي مصيبتن ۾ جڏھن
پچي ڪندن ٿيندا آھن، تنھن کانپوءِ ھو صوفي ۽ ڏاھا
سڏائڻ جي وڃي لائق ٿيندا آھن. شاھ لطيف به پنھنجي
شاعريءَ ۾ ڏکن کي سکن جي سونھن سڏيو آھي. صوفياڻي
رستي ۾ سڀ کان وڏو ڏک برداشت جو مادو آهي، جيڪڏهن
ڪنھن ۾ سھپ آھي ته ان جھڙو اڇو اجرو نيڪ صوفي ٻيو
ڪو آھي ئي ڪين. يعني ڏک سھڻ ئي صوفي جي سڃاڻپ آھي،
ڏک سھڻ سان سھپ ۽ صبر دوست بڻجن ٿا.
شاھ جا ڪجھه شعر ڏکن بابت پيش ڪجن ٿا انھن ڏکن مان
شاھ سائين ھڪ وڏو ڏاهو عالم شاعر بڻيو آهي.
سَؤ سُکَنِ ڏيئِي، وِرِھُه وِھايُم هيڪَڙو،
مُون کي تَنھِن نيئِي، پيرُ ڏيکارِيو پرينءَ جو.
سورائتي سڏ ڪري سڏ سورن کي
سورن ڀڳس، ھڏ سي پڻ سيڪي سور سين
شاھ لطيف جي نظر ۾ ھر مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ڏک ڀوڳڻو
پوندو آھي، جيڪو ڏک کان پري ڀڄي ٿو، رڳو سک ۾ رھڻ
جون ڳالھيون ڪري ٿو ۽ چاھي ٿو ته مون کي ماڳ به
مون کي جلدي ملي، ان لاءِ فرمايو اٿس.
اَڃا تو مَنجهاءَ، ڪَکَ ڇُتي رَتُ نِڪَري!
مُنھَن ۾ مَحبُوبَنِ جا، ڪيئن جهَلِيندين گهاءَ؟
سو تُون ڪُڄاڙِئاءَ، سِڪَڻَ جُون سَڌُون ڪَرين؟
(سُرُ يمن ڪلياڻ)
سو انسان کي زندگيءَ جي ڏکن ۽ دردن کان اکيون ٻوٽي
خوشين جا اھڙا خواب ڏسڻ نه گھرجن، جيڪي ڪڏهن به
پورا نه ٿين. سکن جي حاصل ڪرڻ لاءِ ڏک سور سھڻا
پوندا آھن پر اھي ڏک عام ماڻھو جي آڏو سلڻا ناھن.
شاھ صاحب وٽ ڏکن سھڻ کانپوءِ ئي روح کي طاقت ملي
ٿي. ان لاءِ شاھ صاحب فرمايو آھي:
سَڌَڙِيا سَري جُون، ڪُھُ پَڄارُون ڪَنّ؟
جُه ڪاتَ ڪَلاڙَنِ ڪڍيا، تَه موٽِيو پوءِ وَڃَنِ،
پِڪون سي پِيَئَنِ، سِرَ جَنِين جا سَٽِ ۾.
(سُرُ ڪلياڻ)
اھڙي طرح اسان شاھ جي شاعريءَ جي انساني زندگيءَ
جي مختلف پهلوئن تي جڏھن اسان عمل ڪنداسين تڏهن
اسان زندگيءَ جي اصل جدوجهد کي حاصل ڪري ڪاميابي
جي منزل تي رسي سگھندا سين. |