سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مولود

 باب:

صفحو :8

صاحبڏنو

[مُلان صاحبڏنو شڪارپور سنڌ جو رهاڪو هو. عربي ۽ فارسيءَ جو وڏو عالم ٿي گذريو آهي. خواجه فقير الله علوي جو معتقد هوندو هو. پڙهائي ڪري پنهنجو پيٽ گذران ڪندو هو. پاڻ هڪ ڪهنه مشق شاعر هو. سندس ديوان به ڇپيو هو مگر اڄ ڪلهه ناپيد آهي. وقت جي حاڪمن وٽ به سندس ڪافي عزت هوندي هئي. پڇاڙي عمر ۾ قاضين جي مسجد ۾ پيش امام ٿي رهيو. سنه 1250هه/1834ع ۾ وفات ڪيائين.]

[1]

ٿلهه:   ڪونهي جوڙ تنهنجو ڪو جهان اندر! گهمي عرب عجم ايران ڏٺم.
1.      توتي راض الاهي رسول سچا! تون ته موليٖ جو مقبول مٺا!
        تنهنجو قول سچا! ٿئي قبول سدا، تنهنجي وصف اندر قرآن ڏٺم.
2.      توکي شاهه! شرف لولاڪ مليو، توکي ارض، سما افلاڪ مليو،
        توکي خاص خدا ربّ پاڪ مليو، جبرئيل سندءِ دربان ڏٺم.
3.      توکي حوض ڪوثر جي ڏات ملي، تنهنجي اُمّت کي صلوات ملي،
        توکي عرب، عجم، عرفات ملي، جتي بخش ٿيندا عصيان ڏٺم.
4.      دک درد تنهين جا دور ٿيا، جيڪي حاضر منجهه حضور ٿيا،
        صاحبڏنا سڀ نُور ٿيا، تنهنجي پيش پتنگ پراون ڏٺم.

[2]

ٿلهه:   مرسل مٺو ڏيکار، موليٰ! مديني جو ڌڻي،
        شافع شفيع ڏيکار، موليٰ مديني جو ڌڻي.
1.      مسجد مديني شهر جي، جامع وڏي جنسار،
        نيلون منارا نُور جا، سونهن مٿي سردار.
2.      ڪڙڪن ڪپر درياءَ جا، دهشت ٻڌي ڌڌڪار،
        سنگت سلامت سِير مان، پرور! لنگهائج پار.
3.      جن کي لڳي جڙ جان سان، سي ڪيئن ڪنديون ڪم ڪار؟
        ٿيون روئن هئي هئي ڪري، لئي هوت زاروزار.
4.      صاحبڏنو چئي سيّدا! تنهنجي اَجهي آڌار،
        توشو ۽ ترهو تو سندو، اچ تار مان اڄ تار.

[3]

ٿلهه:   گهوريا جنسار جنّت جا، گهوريا گلشن بهشتن جا،
        گهوريا سڀ عيش عالم جا، بنا ديدار ساجن جي.
1.      عجب لنٌؤ ڪا پرين لائي، اُٿئي ويٺي سندس وائي،
        لڳي خوش ڪانه ٻي ڪائي، سوا صحبت سپرين جي.
2.      ’من الله الموليٰ فلہ الڪلّ‘ جني سمجهو تني حاصل،
        انهن آسان هر مشڪل، حمايت ساڻ هوتن جي.
3.      اها وائي شهر واسي، برهه ۾ ڪو مرڻ باسي،
        سيّد تن کؤن ناهي پاسي، ثمر سوريءَ سنباهن جي.
4.      محل ماڙيون دنيا دولت، ۽ هي حجرا زيور زينت،
        ايندا ڪم ڪين منجهه قيامت، پرين درسن ديکائن جي.
5.      چئي صاحبڏنو محبن، ڏنو دارون سندو دردن،
        ٿيو وهمن کان خالي من، ٿيس آڏو عجيبن جي.

[4]

ٿلهه:   اها اُميد اٿم عجيبن ڏي، آهي حب هميشہ هوتن ڏي.
1.      ٿي پارت مون سان دوست! هلو، ڇيئن ڇڏايو ڪريو بلو،
                        لنگهي سِير، مديني جي مير مِلو ....

2.      ٻيون ٻن ڏئي هڪڙي پار هلو، مڙني جو محّمد مير ڀلو،
                        شل سفر مون ڪندو اچي سولو ....

3.      پاڻ سخي کان سخاوت ٿي، حامل حجّ عنايت ٿي،
                        حرمين جي حاصل زيارت ٿي ....

4.      نه مون نالو نه ڪو ساٿ ثمر ڏي، بس آ وڃان مديني جي شهر ڏي،
                        محب مٺي محمّد جي در ڏي ....

5.      ڪيڏو نه شفيع جو شان شرف، ڏٺي ڏوهه لهن ۽ حساب حرف،
                        مون عمر ڪئي سورن ۾ صرف ....

6.      دم دوست بنا سرتيون نه سري، شل پلڪ پرين کؤن ٿئي نه پري،
                        موليٰ ميلڻ جو ڏينهن ڪري ....

7.      چوي صاحبڏنو هي مداحي ميان، هجان هوتن وٽ جاسين ڪ جيان،
                        آهي هوتن جي حب منجهه هنيان ....

[5]

ٿلهه:   تهدل توڏي تڪڙو آهيان، ڪيئن ڪريان مان غافل آهيان،
                        تانگهه گهڻي دل تاڻي.

1.      سيّدا تو لئي ساهه سڪي ٿو، محمّد! تو لئي جيءُ جکي ٿو،
                        محب اچي مل هاڻي ....

2.      اَٿم اُميدون عرب وڃڻ جون، دوست سندي ديدار پسڻ جون،
                        نفس پليت ٿو راڻي ....

3.      ڪوهه ڪروڙيون هزار ورهين جا، ڏور ٻُجهن ٿا ڏس پرين جا،
                        عشق ضرور اُماڻي ....

4.      صاحبڏني جو عرض اگهائين، سنگت سلامت ميل سدائين،
                        راضي پيش رساڻي ....

[6]

ٿلهه:   پاڪ پيغمبر! پهچ پرين تون! ضامن آهين ضعيفن جو.
1.      نفس منهنجو ڪين ٽري ٿو، ڏوهه ڏسي منهنجو ڏيل ڏري ٿو،
                        ٿيءُ وسيلو ويچارن جو ....

2.      مون ته عمر ۾ ڪين ڪمايو، ڏوهه پلئه پائي تو در آيو،
                        ڪر ڪو بچاءُ بيڪارن جو ....

3.      سڙي اوهان جي سڪ ۾ سينو، ماندن کي ڏيکاريو مدينو،
                        لاهيو سور سڪاين جو ....

4.      تنهنجي فراق ڪئي دل ڦارون، دردودن جو تو وٽ دارون،
                        تون آهين علاج آزارن جو ....

5.      صاحبڏنو سڪ ۾ مدامي، هر دو جهان ۾ ٿيندين حامي،
                        تون شافع شاهه ڏوهارين جو ....

فتح فقير

[ڪلهوڙن جي حڪومت جي آخر ۽ ٽالپرن جي حڪومت جي گهڻي زماني تائين، هيءُ فقير حيدرآباد شهر ۾ پنهنجي مڪان ۾ اڪيلو رهندو هو؛ جو اڄ ڏينهن تائين ڊومڻ واهه روڊ تي ”فتح فقير جو اوتارو“ جي نالي سان مشهور آهي. پاڻ فقير سنت جماعت جو هو ۽ اصحابن سڳورن جي تعريف ۾ پڻ شعر چيائين جا ڳالهه ٽالپرن حاڪمن کي نه وڻندي هئي، ته به سندس سچائي ۽ درويشيءَ سببان کيس ڀائيندا هئا ۽ سندس اوتاري جو خرچ به کيس گهر ويٺي پهچائيندا هئا. ميرن جي حڪومت ختم ٿيڻ بعد فقير صاحب تعلقي جاتي جي ”ڀاڏ“ ڳوٺ ۾، پنهنجي مرشد وٽ وڃي رهيو ۽ انهيءَ سال سنه 1259هه/1843ع ۾ وفات ڪيائين، سندس تربت پڻ اُتي آهي. سندس ڪلام مداحن، ڪافين ۽ مولودن تي مشتمل آهي.]

[1]'

ٿلهه:   ڪيڏو شرف قرآن ۾، اعليٰ نبي! تنهنجو شان ٿيو.
1.      شاهد نبوت تي شجر، پڙهندا هئا تسبيحون حجر،
        جن توکي مڃيو خيرالبشر، تن دين ۽ ايمان ٿيو.
2.      ربّ پاڪ ڏنئي رهبري، سيّد سچارا! سروري،
        پرور ڏنئي پيغمبري، راضي مٿئي رحمان ٿيو.
3.      راضي مٿس ٿيڙو ربي، آيو محمّد عاربي،
        هو ٻن جهانن جو نبي، سردار ۽ سلطان ٿيو.
4.      اڀ مٿي اسرار تو، اهو اشارو اظهار تو،
        ڪيو معجزو منٺار! تو قمر ڪري قربان ٿيو.
5.      هينئڙي کي حب حسنين جي، ذي فهم ذوالنورين جي،
        دلبر نبي دارين جي، نازل مٿس قرآن ٿيو.
6.      برڪت ڀلاري پير جي، مرسل نبي منير جي،
        صدقي محمّد مير جي، امّت مٿي احسان ٿيو.
7.      خاصو ڪيو خلقي خدا، مطلوب مولي جي مدعا،
        ڪر جيءُ فتح تنهن تان فدا، جنهن لاءِ جڙي جهان ٿيو

[2]

ٿلهه:   شفيع مذنبن سچو وسيلو ٿيندو، اوکيءَ احمد عجيب ايندو.
1.      سچو پيغمبر ڪندو پوئواري، سرها سڀيئي ٿيندا ڏوهاري،
                        ياور يار اچي دلاسو ڏيندو ....

2.      امّت نبي جي آهي امانت، ڪندو شفاعت ڏينهن قيامت،
                        ساٿ سلامت نباهي نيندو ....

3.      عيسيٰ ۽ موسيٰ هوندا ۾ محشر، عرض نبيءَ سين ڪندا پيغمبر،
                        سختي سرور تان نه ڇڏيندو ....

4.      سج ڪري جت ٿيندو وسڪارو، نفسا نفسي جو ٿيندو نظارو،
                        سوڀارو اچي سام جهليندو ....

5.      فتح چوي سڀ ڇٽا فضل سين، آجا ٿي آيا حشر جي هُل سين،
                        قادر ڪل سين ڪرم ڪريندو ....

[3]

ٿلهه:   سچي نبيءَ کي ٿي ساريان، مولو ميڙيندو مونکي دوست دلبر!
1.      سچا صحابي آهين تابعي، ملڪ تنين کي ٿيو انعامي،
                        تن ۾ اعليٰ صديق اڪبر ....

2.      شاهه سونهارو آهي جو تارو، ملڪ مڙني ۾ سدا سوڀارو،
                        اهڙو آهي امير عمر ....

3.      شاهه سخاوت والي ولايت، آگي تنهن کي ڏني عنايت،
                        ساقي ٿيو عثمان انور ....

4.      شان عليءَ جو آهه سو اعليٰ، نام وليءَ جو بلند ۽ بالا،
                        راضي جنهن تي ڪريم قادر ....

5.      چارئي يار ڌئل دليرا، صديق اڪبر، عمر اميرا،
                        عثمان، علي سي ٻئي يار بهادر ....

6.      وارث وسيلا ڪامل ڪفيلا، فتح کي ويڙهي ويا درد دليلا،
                        اوکيءَ رسندم رسول رهبر ....

[4]'

ٿلهه:   نالي مٺا يا نبي! ڏسي شرف اوهان جو شانا،
                        ڪوڙئين پدم ٿيا قربانا.

1.      جي نه توکي خلقيو صاحب سبحانا،
        نڪي فلڪ، ملڪ هئا، نڪي جوڙ جهانا.
2.      جڏهن توکي خلقئين، تڏهن خلقيا جنّ، ملڪ، انسانا، نڪي زير زبر هو، نڪي ٻيا خانا.
3.      ڪارڻ تو ڪريم جي ٿيا، ملڪ، ماڳ، مڪانا،
        جڙيا بهشت، جنّتون، حورون، غلمانا.
4.      آيا جي نه امر ۾، سي هميشہ حيرانا،
        جن توکان منهن موڙيو، نرهه ويا نادانا.
5.      ڪلمون ڪهيو جن ڪوڏ مان، قلب سان زبانا،
        فضل ساڻ فتح چوي، سي آيا منجهه شانا.

[5]

ٿلهه:   الصلوات والسلام عليڪ، جيءُ محمّد! مزمل ياسينا!
1.      پڌري ٿي پيغمبري، نبوت نشانا،
        نازل ٿيو نبيءَ تي وحي، ڪلمون، قرآنا.
2.      ”اِنا فتحنا لڪ فتحاً“ ايڏي مهت ڏنئي موليٰ،
        تون مُهڙ مڙني مرسلين، ختم الانبيا.
3.      ”والشمّس والضّحيٰ“ ڪيو شافع ڄام شعاع،
        لٿو اونداهو ڪفر جو، ڪيو روشن رسولا.
4.      فتح مداحي منگتو، پرتئي پينارا،
        سخاوت سمونڊ! تون ڏي عاصين آڌارا.

[6]

ٿلهه:   دوست دلاسو ڏي، درماندن آرياڻي آڌار!
                        دوست پرين دلبر!

1.      سگهو رس سپرين! ڪامل، منجهه قبر،
2.      مونکي ڇڏ مَ ڇپرين، ٽولي منجهه ٽڪر.
3.      مونکي سُتي سور جي، ڏني ٿي ڏونگر.
4.      فتح چئي فراق مان، جوش جلايا جگر.

[7]

ٿلهه:   جنهن لئي اُڪنڊي آهيان، سو سيّد ڏسي سڪ لاهيان.
1.      سچي يار صديق لئي، واٽون جهليو واجهائيان،
        عمر مير، عثمان، علي جي، پازي پلئه لڳو آهيان.
2.      حَسن مير حُسين کي، جيئري وڃي ديداريان،
        پسي پيشاني پرينءَ جي، شال اکڙيون ٺاريان.
3.      سوال سُڻ سرور! سندم پرور، پلئه ٿو پائيان،
        ڏيهه ڏسان ڏاتر سندو، چائٺ چمي مَن اڀاريان.
4.      فتح چوي در دوست جي، آس رکيو ويٺي آهيان،
        ڪعبي مهندان ڪريم جي، ساهه صدق سر نائيان.

[8]'

ٿلهه:   دانهن سڻي ڪر منهنجو داد، حضرت گهوٽ مديني جا!
1.      جي نه خلقئين حضرت هاشمي، ڪيئن رکجي ها بنياد؟
2.      سبب اوهان جي سيّدا! عالم ٿيا سڀ آباد.
3.      پاڪ پُٺيون اوهان جون، اوهين پاڪ آدم زاد.
4.      فتح چوي فضل ٿيو، پُني مَن مراد.

[9]

ٿلهه:   والي! وسيلو سو وار، منهنجو اجهو ايندو.
1.      اچي ٿو اتر پار کان، پرين سو پيغمبر،
        ڪڪر اچيو ڪريم تي، لائين ڇانوَ ڇمر.
2. بيبي چڙهي ماڙئين، نيڻن ڪري نظر،
        موٽ محمّد هاشمي! گهوريو سانگ سفر.
3.      اجهو آيم سرتيون، ساٿ وٺي سرور،
        مون ساريندي سپرين، آيم جان جگر.
4.      مون تي ڪر مصفطيٰ نبي ڄام نظر،
        لاهه ڦوڙائو فتح تان، وڃن غم گوندر.

[10]

ٿلهه:   وارث پنهنجي ور جو، آ جيئري شال پاڙو پسان!
                        گهوٽ نبي گوهر جو.

1.      ڏسان شال اکين سان روضو رهبر جو.
2.      مرهم هن مريض لئي، ديدار دلبر جو.
3.      پورهيت ٿي پاڻي ڀريان، دوستاڻي در جو.
4.      فتح چوي فراق مان، ديد پسان دلبر جو.

[11]

ٿلهه:   مون نماڻي نصيب ٿئي پاڙو پرين جو،
                        شل اڱڻ عجيبن جو.

1.      پاڙي پرينءَ رسول جي، ماڳ ٿئي مئيءَ جو.
2.      واحد واءُ ورائين، هادي! هدايت جو.
3.      ڏاڙهيءَ ساڻ ٻهاريان، اڱڻ حبيبن جو.
4.      فتح چوي فراق مان، ديکان ديدار دلبر جو.

[12]

ٿلهه:   منهنجا سانگ ويا ساري پرين، سو محمّد ميل اسان
1.      سڪي سيّد لئي سال، ههڙا ٿيڙم حال،
                        نئين سج نهاري پرين ...

2.      جن جڙ لائي جتن، سي ويل نٿا وسرن،
                        سي ايندم اوتاري پرين ....

3.      اگهي ڪري ٿي آهون، درد منجهان دانهون،
                        تنهن کي ڦوڙائو ماري پرين ....

4.      گهوريو سو پرڏيهه، سڄڻ ري ساڻيهه،
                        وڇوڙيل واري پرين ....

5.      فتح ڦٽ فراق، چڪيو چڪن چاڪ،
                        ڏاتر ڏيکاري پرين ....

[13]'

ٿلهه: آگي بلو ٻيو ڪونه ڪيو، جهڙو نبي مرسل ٿيو.
1.      مطلب ٿيا سڀ خلق جا، پيدا جڏهن پرور ٿيو،
        ظاهر پسڻ موليٰ سندو، محبوب کي ميسر ٿيو.
2.      مرسل مڙئي تابع سندس، مهندار ۾ محشر ٿيو،
        هي خلق جو خاصو وسيلو، پاڪ پيغمبر ٿيو.
3.      جبرئيل آيو جلد مان، نعلين جو نوڪر ٿيو،
        موليٰ سندي محبوب کي، اعليٰ شان انور ٿيو.
4.      آيا فتح ٿيندو فضل، منهنجي من سندو مقصود ٿيو،
        صيقل هڻي ڪيئون دل صفا، اهڙو نه ٻيو اوجر ٿيو.

[14]

ٿلهه:   اي الا! پار ڏي مون يار هينئڙي ٺار جا،
        اي الا! پار ڏي مون، شفيع سردار جا.
1.      پيئي پچان پر ۾ پڇان پهيڙا، پنهل جي پار جا،
        ساٿ ڏسي سرهي ٿيا، جيڏيون! قافلا ڪوهيار جا.
2.      واءُ لڳا، ورهه وريا، جيڏيون! وريم وڻڪار جا،
        سي سيباڻا مون ساهه، سرتريون! محب مٺي منٺار جا.
3.      ماڳ مديني جا ڏسان، ماڙيون، محل، مختار جا،
        نخل ڏسي نبيءَ جا، گلشن چمن گلزار جا.
4.      فتح! ڦٽ ڦلهاريا، عشق سندي آزار جا،
        گهاءُ گهائن تي لڳا، روزمرهه رخسار جا.

[15]'

ٿلهه:   قريشيءَ ڪمال، منهنجي محبوب جو،
        ڏٺَوَ جي جمال، منهنجي محبوب جو.
1.      حُسن يوسف جو پسي، زليخا ٿي زوال،
        پسي سونهن شفيع جي، قمر ٿيو ڪنگال.
2.      پرين ريءَ پرديس ۾، ڪونهي هيڻيءَ جو حال،
        ڪڏهن ٿيندو ڪيچ ۾، ويچاريءَ جو وصال.
3.      ساجن ريءَ سچ ڀانيان، ڪيچ مڙوئي آ ڪال،
        فضل فتح سان ڪريو، پنهنجي ڀلائيءَ ڀال.

[16]

ٿلهه: عالم جو آڌار، منهنجو جُڙيون جيڏيون!
        سونهن ڀريو سردار، منهنجو جُڙيو جيڏيون!
1.      احمد چڙهيو اُٺ تي، دُر ٻڌي دستار،
        ڪڪر ڇانو ڪريم تي، مٿس مينگهه ملهار.
2.      اچي جو اتر پار ڏانهون، سو ڪيئن سڃاتو سوار،
        هي ور محمّد مير جو، اُمّت جو آڌار.
3.      سرور آيو ساٿ سين، ڀري کٿوري بار،
        عالم سڀ عطر سين، واسيائين وڻڪار.
4.      فتح چوي فضل سان، مير ڏسان مهندار!
        مشفق! پنهنجو مڱڻو، پرتو آهيو پينار.

[17]'

ٿلهه:   ساهه سسي سدقو ڪريان، سڄڻ مٿان سؤ وار جِي،
                        سڪ ساهه ۾ سردار جي.

        محمّد مٺي منٺار جي، سڪ ساهه ۾ سردار جِي،
                        احمد اجهي آڌار جي.

1.      ماکيءَ مٺا منهنجا پرين! جي مِلين هڪ بار جِي.
2.      چارئي چڱا چوکا چوان، جوهر يقينون يار جِي.
3.      پرور پاڪ! پسائي مجلس، سندن موچار جِي.
4.      خاڪ کٿوريءَ اڳري، پرين سندي پيزار جِي.
5.      جلوي، جوت، جمال جي، گل ڦل ٽڙيا گلزار جِي.
6.      ڪرمئون نصيب مون ڪريو، دوستن سندي ديدار جِي.
7.      فضل ساڻ فتح چوي، لاهيو غم وهم غمخوار جِي.

[18]'

ٿلهه: سڄڻ سي گهر آئيا، آڻي موليٰ محب ملايا.
1.      مون گهر آيا سپرين، ڏور جنين ڏينهن لايا.
2.      بيبيءَ ڪارڻ ڪانڌ جي، ڪوڙئين ڪانگ اُڏايا.
3.      مال، خزانا، ماڙيون، گوهر گنج لُٽايا.
4.      آهون عرض فتح جا، آگي سڀ اگهايا.

[19]

ٿلهه:   جَت پڇان جانب يار حضرت جو، آ ويٺي ساٿ نهاريان،
                        الا! ويڙو جو وڻڪار.

1.      ثابت ڪڍي سِير مان، نيئي پهچائج پار.
2.      پيراندي پرينءَ رسول جي، نيئي مٺيءَ کي مار.
3.      هيڪر هوت اکين سان، ڏکيءَ کي ڏيکار!
4.      فتح چوي فراق مان، پُرنديس پرين جي پار.

[20]'

ٿلهه:   ڪو دم ڪيچين لئي هلندس،
        جاسين آ
جيئندس، ڏونگر ڏوريندس.
1.      ڪنجڪ منجهه ڪريم جي حاضر ٿي آ
هلندس.
2.      چڙهي ڏونگر چوٽئين پنهل جو پڇندس.
3.      منارا محبوب جا ڏوري آ
ڏسنديس.
4.      فتح چوي فراق مان جوش مان آ
جلندس.

[21]

ٿلهه: آ شل ديکيان ديدار مٺي محمّد ڄام جو.
1.      جڏهن پيدا پاڻ رسول ٿيو، تڏهن سج نئي سجدي ۾ پيو،
                        قمر پسي قربان ٿيو ....

2.      جڏهن شافع ڄام شعاع ڪيو، تڏهن سج ڍڪجي ويو،
                        ايڏو عالم منجهه عجب پيو ...

3.      جيڪي اُمتّي احمد ڄام سندا، غم گوندر سي نه پسندا،
                        هلي جنّت ۾ ماڻيندا مزا ....

4.      فرياد فتح فقير سندو، ايمان سندو اشارو ڪندو،
                        ڪُلّ تي مولو مهر ڪندو ....

فـــــــضـــــــل

[فضل آڳاٽو بزرگ ٿي گذريو آهي. مولود نمبر 3 هڪ قلمي نسخي تان اتاريو ويو آهي، جو ڪاتب يوسف سميجي سنه 1232هه ۾ لکيو.]

[1]'

ٿلهه:   موليٰ! مديني جو ڌڻي، ڏاتر نبي ڏيکار لو،
        موليٰ! مديني جو ڌڻي، شافع شفيع ڏيکار لو.
1.      مسجد مديني شهر جي، جامع جڙي جنسار لو،
        نيلون منارا نُور جا، سونهن وڏي سينگار لو.
2.      سڀ شرف ڏنئين شهر کي، آگي وڏي اخبار لو،
        جت ٿو رهي حضرت نبي، سا ڀونءِ وڏي بازار لو.
3.      روضو رسول الله جو ڏورئون وڏي ديدار لو،
        جن هلي حب مان ڏٺو، سي سڀ ڇٽا تڪرار لو.
4.      ڪن ڪپر درياءَ جا، دهشت سُڄي ڌڌڪار لو،
        سرور انهن کي سير مان پرور لنگهائين پار لو.
5.      جڙ جڙي جن جان ۾، سي ڪيئن ڪنديون ڪم ڪار لو،
        هئي هئي ڪنديون ويون هوت ڏي روئنديون زاروزار لو.
6.      هي فضل چئي جند جان سان آگي پنان ايمان لو،
        پرين پسائين پنهنجو محمّد مٺو مختيار لو.


  [6] ’مجموعہ مولود‘ مطبوع اسلاميہ پريس لاهور تان ورتل

' [1] کان [3] ’ٽيهه اکري سنڌي ميين عيسي جي‘ مطبوع فيض سبحاني ڪوٽڙي سنه 1312هه تان ورتل.

' [4] کان [7] مولودي محمد رحيم مڱڻهار جي قلمي بياض تان ورتل.

' [8] کان [12] مولودي يار محمد مهاڻي جي قلمي بياض تان ورتل.

' [13] ۽ [14] علي محمد اڄڻ جي قلمي بياض تان ورتل.

' [15] ۽ [16] حاجي لونگ خواجي جي قلمي بياض تان ورتل.

' [17] حاجي ڪمال خان مري جي ڇاونجاهه ورهيه اڳ لکيل قلمي بياض تان ورتل.

' [18] ۽ [19] عبدالعزيز ميمڻ جي قلمي بياض تان ورتل.

' [20] مولودي محمد رحيم مڱڻهار جي قلمي بياض تان ورتل.

' [1] حاجي ڪمال خان مري جي ڇاونجاهه ورهيه اڳ لکيل قلمي بياض تان ورتل.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org