ٿلهه: منهنجو ساهه سسي صدقو سيّد تان،
پنهنجي جان جسو گهوريان محمّد تان.
1. سرور سچا سونهن ڀريا ڪامل قريشا،
ڏاتر اوهان کي ڏيکاريو اپر اسرارا.
2. ڳائي ڳنهي هليا ڇڳيرو ڇنيا،
گهوٽ اچي ٿو گهر ڏانهن ساڻس صديقا.
3. مرواريد موتين جا ڀريا ٿالهه وڏا،
مون گهر آيا مون پرين گهوريا گهوٽ مٿا.
4. گولي غلام محمد جا ڪئي تعريفا،
ڪريو ياد ڪريم کي آڻي ايمانا.
مخدوم محمد اسماعيل
[مخدوم محمد اسماعيل سومرو، ڳوٺ ميين جي کاهي ۾
رهندو هو، پر پوءِ پنهنجن عزيزن کان ناراض ٿي کهڙن
۾ اچي رهيو، جتي درس تدريس جو شغل اختيار ڪيائين.
سنه 1174هه/1760ع ۾ وفات ڪيائين، وڏو درويش ٿي
گذريو. سندس درگاهه ’پريان لوءِ‘ ضلعي خيرپور ۾
آهي.]
[1]'
ٿلهه: الحمد الله اوهين ڪهو، صلوات ۾ راضي رهو،
اوهين جاءِ جنّت ۾ لهو، صلّوا عليہ وسلم.
1. فرزند عبدالله جو، رهبر شرع جي راهه جو،
هو دادلو درگاهه جو، صلوّا عليہ وسلم.
2. ڏينهن آخرت جي ڌرتتي، چاڙهيو اچي ڏيئي
هٿي،
يا ربّ هبلي اُمّتي، صلوّا عليہ وسلم.
3. لوچي لهو قرآن ۾، فتّاح جي فرمان ۾،
سمجهي ڏسو دل جان ۾، صلوّا عليہ وسلم.
4. اسماعيل جي دل خوش ڪريو، آهي اوهان جو
آسرو!
ڪلمون محمّد تي پڙهو، صلوّا عليہ وسلم.
[2]
ٿلهه: اي جيُّ سونهارا سردار، رس رسول الله جا!
1. چنڊ چيري ٻه اڌ ڪيو، اشهد سان اظهار،
ڏني مالڪ ملڪ جي اها، توکي سگهه ستّار.
2. کارو کوهه خراب ٿيو، قاتل ڪنهن نه ڪار،
تُف تنهين منجهه تو وڌي، ٿيو ماکيئون مٺو
موچار.
3. ڳيرو پيش اوهان جي پيو، عالم جا آڌار!
ڪَيوَ خلاصي تنهن جي، ڏنهه باز سندي
ڀلڪار.
4. سپ اچي سجدو ڪيو پرين اوهان جي پار،
امر تنهنجي ۾ آسمان، آيا ارض جبل اطهار.
5. قبر محشر قيام ۾ سيّد! لهج سنڀار،
اسماعيل اُمّت سان آهي، تنهنجي سام ستّار!
[3]'
ٿلهه: ٻاجهه حضرت جي گهڻي، محب مون تي لک ٿورا.
1. تون سردار آهين سڀ خلق جو، مهڙ مڙن جو
مصطفيٰ!
شفيع شافعي، نُور نافعي، مير مديني جا
ڌڻي!
2. راضي رهائيم صبر توفيقا، قادر تنهنجي ڪُل
تي قضا،
حال پس، هي مون نه وس، يار توکي هيءَ وڻي!
3. سولي ڪر سڪرات منهنجي، قبر ۾ رس ڪارڻي،
وير وڙ ڪر، ڀال ڀڙ ڪر، ڇپر پيس آ ڇڻي.
4. اسماعيل کي علم ارشاد جي، هن آر اندر ۾
آڻي،
وڙُ وڃايم، پلؤ پايم، عيب آيس آ کڻي.
[4]
ٿلهه: پانڌي پرين کي، ساري چئج سلام،
جنهن جي لڙهه لڳو آهيان لام.
1. حسن مير حسين کي ڏج پازيءَ جا پيغام.
2. آ اوهان جي آسري ور عالم جا امام!
3. موٽج مير! مريضن تي اچي واهر ڪج وريام!
4. آگا! اسماعيل کي رس قادر ڏينهن قيام!
[5]'
ٿلهه: مدد ڪريجاهه، قبر حشر ۾ منهنجي خبر لهيجاهه!
1. ڏوهه ڏنگايون ڪيم ڪچايون، پنهنجي فضل سان
ميٽ مدايون،
روهه رُلي کي رڻ ۾ رسيجاهه، موت مرڻ ويل
وهلو وريجاهه!
2. سام سچي جي لام لڳاسون، ڀلا تنهنجي پٺيءَ
پياسون،
آگا! اسماعيل جو عرض سڻيجاهه، ڪلمي قوت
سين پساهه پڄائيجاهه.
[6]
ٿلهه: پسان آ پانَهه پاڪ پيارو.
1. اول احمد ڄام کي آگي ڪيو اظهارو،
مرسل محمّد مصطفيٰ جوهر، ڪل خسارو.
2. امام جملي انبياء، مشفق مير مهندارو،
حامي حضرت هاشمي قوت منجهه قرارو.
3. ڪين سڃاتو ڪافرن، تن تي قهر قهارو،
عادل ٿيندو اڳيان جل جليل جبارو.
4. آگاهن اسماعيل کي ڪر نعمت کان نيارو،
ڪلمو پڙهو ڪريم تي ترتئون ٿي به تيارو.
حافظ عالي
[حافظ عالي ميمڻ، ٻارهين صدي هجريءَ جو شاعر هو.
ٽکڙ جو ويٺل هو. ”مومن“ اسلام ڪوٽيءَ جو شاگرد هو.
فارسيءَ ۽ سنڌيءَ ۾ گهڻو ئي ڪلام چيو اٿس جيڪو
ضايع ٿي ويو. هن بزرگ سنه 1192هه/1778ع ۾ وفات
ڪئي.]
[1]'
ٿلهه: اڄ اڄوڪي ڏينهڙي، مون محب من گهريا مليا.
1. سج پريان جي سونهن کي، سهسين اچي سجدا
ڪيا،
ٿيا تجليٰ نُور جا آهن اڄوڪي ڏينهڙي.
2. هي جي اکيون مون رکيون، تنهن دوست جي
ديدار لا،
جلوا ان جاني سندا، ڏسنديون اڄوڪي ڏينهڙي.
3. هئي لڏيائون، هئي ڇڏيائون! مون نه نيائون
پاڻ سان،
هئي پرين پرڏيهه پُرئا، اڄ اڄوڪي ڏينهڙي.
4. عبد ”عالي“ آ سوالي، شوق سرور جو سدا،
سو نوازيو نُور سان، عاشق اڄوڪي ڏينهڙي.
[2]
ٿلهه: واڍوڙيون وندرائي، محمّد! عشق اوهان جو،
سڪندن کي سيبائي، محمّد! عشق اوهان جو.
1. پرين پار پُران، ڏيهڙو شال ڏسان،
پيرين پنڌڙو ڪرائي، محمّد! عشق اوهان جو.
2. پڃرو پاڪ پسائي، عرض اسان جو اگهائي،
داور شال ديکائي، محمّد! عشق اوهان جو.
3. موليٰ! محبوبن سان پرور! پرين سان،
رهاڻيون شال ڪرائي، محمّد! عشق اوهان جو.
4. هن ”عالي“ کي امّت سان، قادر ڪلمي سان،
هادي شال هلائي، محمّد! عشق اوهان جو.
مخدوم عبدالله (؟)
[مخدوم عبدالله عرف ’ميان موريو‘ سنه 1150هه/1731ع
۾ ٺٽي شهر ۾ ڄائو، مشهور عالم ’ميان ابوالحسن‘ جو
ڀاڻيجو هو، کيس ’ميان عبدالله واعظ‘ به ڪري سڏيندا
هئا. سنه 1175هه/1761ع ۾ ’ڪنزالعبرت‘ نالي ڪتاب
تصنيف ڪيائين، ازنسواء ٻيا به ڪيترائي ڪتاب
لکيائين.
هيٺيان مولود ڏانهس منسوب آهن، حالانڪ خاطري سان
چئي نٿو سگهجي ته ڪو سندس چيل آهن. البت ٻوليءَ
مان ظاهر آهي ته اهي مولود آڳاٽا چيل آهن. مولود
نمبر 2 ”مجموعہ مولود“ بمبئي ڇاپو 1892ع تان ورتل
آهي جنهن ۾ نالو عاصي عبدالله ڄاڻايل آهي. ٻين
سڀني مولودن ۾ پڻ ’عاصي عبدالله‘ جو نالو اچي ٿو
جنهن مان ظاهر آهي ته شاعر ساڳيو آهي.]
[1]
ٿلهه: لڙهه لڳو آهيان لام، رس رسول الله جا!
1. مير محمّد ڪارڻي، ڄامن سندا ڄام!
توري گهنگهر گهاريان، ور امّت جا امام!
آهيم آسرو اوهان جو، واهر ڪريو وريام!
2. اچن تو ڏي ربّ جا سدائين سلام،
اگهن در الله جي، ڪامل! تو ڪلام،
همئون تنهنجي حق ۾، موليٖ جا مدام.
3. پاڙي رهاءِ پنهنجي، گولو هي غلام،
مون مَ ڇڏيو هتي، مير مديني جا ڄام!
ربّ آنٌ کي نوازيو، سڻ پازيءَ جا پيغام.
4. عاصي هن عبدالله جي، واهر ڪر وريام!
تنهن کي آس اوهان جي، آهي صبح شام،
نظر ڪريو مشتاق تي، غور ڪريو غلام.
[2]
ٿلهه: اجهي اوهان جي آهيان، مير محمّد مصطفيٰ!
آ دامن لڳو آهيان، رهبر! اوهين رسجاهه.
1. مولى ملائڪ موڪليا، ڪوٺي سان ڪرما،
آيا سينگاري سهج سين، مرڪب سونهن صفا.
2. حُسن ڏسي حورون، سج چنڊ ڪتيون تارا،
عرش ڪرسي آسمان، سڀئي ڪن ساراها.
3. تهان پوءِ رسيا، جت جبرئيل جاءِ نه ڪا،
اوهان کي آگي ڏيکاريو پنهنجو پاڪ لقا.
4. نرهو ڇِنم تار ۾، جت ويَڙم وسيلا،
مون کي رسجاهه مهر سين، ڀلا ڀر جهلا!
5. وصف اوهان جي والضحّي اِنّا فتحنا،
مدح اوهان جي مصطفيٰ، ياسين ۽ طٰہٰ.
6. دامن لڳو دوست جي، عاصي عبدالله،
مدد تنهن جي مهر سين، ڪامل ڪجاهه!
[3]
ٿلهه: مدد ڪريو يا مصطفيٰ صلي الله عليہ وسلم.
1. مير محمّد ڪارڻي ڄامن سندا ڄام، تو ري
گهنگهر گهاريان،
عالم جا امام آهم آسرو اَنٌهنجو، واهر
ڪريو وريام.
2. اچن تو ڏانهن ربّ جا سدائين سلام، اگهن در
الله جي،
ڪامل تو ڪلام، حڪم تنهنجي هٿ ۾، مولي جا
مدام.
3. پاڙي رهائج پنهنجو گولو هيءُ غلام، لڳس
تنهنجي لام،
نظر ڪريو ان تي، مون تان لاهيو ملام.
4. عاصي عبدالله تي واهر ڪريو وريام، جنهن کي
وسيلو اَنٌهنجو،
سندي صبح و شام نظر ڪريو مون تي، گولو
اَنٌهنجو غلام.
ميان سرفراز
[سنڌ جي حاڪم ڪلهوڙا خاندان مان ميان محمد سرفراز،
سندس والد ميان غلام شاهه جي وفات بعد تخت تي
ويٺو. سندس اڪثر ڪلام فارسي ۾ آهي ۽ انهيءَ ٻوليءَ
۾ سندس هڪ ديوان به جوڙيل آهي. مدح جي صنف ۾ هن جو
بلند مقام آهي. سندس مشهور مدح جي هي وراڻي ”ڀلا
ڄام، هن غلام، سندو سوال، سڻج تون“ سڄيءَ سنڌ ۾
مشهور آهي.]
[1]
ٿلهه: رس غوث قطب گلزار، مٺا مل نُور نبيءَ جا!
شاهه محي الدين موچارا!
1. اول نُور نبيءَ جو پرور ڪيو پيدا،
دامن لڳي تنهن دوست جي عاصي سڀ ڇٽندا.
2. در تنهنجي تي دادلا بيٺي ڪري آهون سدا،
من جون مرادون ٿي پِنان سي پڄائين
پاتشاهه!
3. فرزند شاهه عليءَ جا گوهر گلزارا،
حضرت حَسن ۽ حُسين سي اڙين آڌارا.
4. سڪرات ۾ سرفراز کي بديون بخشيندا،
مرڻ ويل مريض کي ڪلمون پاڪ پڙهائيندا!
پير محمد راشد روضي ڌڻي
[پير محمد راشد شاهه ولد سيد محمد بقا شاهه
1170هه/1755ع ۾ تولد ٿيو. وڏو عالم باعمل ۽ فيض جو
صاحب هو. پاڳارن جي گاديءَ جو پهريون سجادهه نشين
ٿيو. سندن ملفوظات ۽ مڪتوبات مشهور آهن. شعر ۾
سندن تخلص ”راشد“ هو. سنه 1233هه/1817ع ۾ وفات
ڪيائين. سندس روضو ڳوٺ پير پاڳاري ۾ آهي.]
[1]'
ٿلهه: وڃي عرض چئو، منهنجو پيش پرين،
سڻي عرض منهنجو، من ڪو غور ڪن.
1. عاشق اُسڙڪن، ساريو سڪ مرن،
سار لهج تون سيّدا! پانَهه پرڏيهن.
2. حاجي! چئج حبيب کي، سنيها سڄڻن،
پرين جي پيزار جون، اکيون آس رکن.
3. جنهن پاڙي سو پرين، وڏا طالع تن،
ڏهاڙي ڏسڻ سان، اکيون عيدان ڪن.
4. ڀلا ڏانهن ڍلن جي، سي ڪيئن منهن مٽن،
جو وڙ جڙي جن کؤن، سو وڙ سيئي ڪن.
5. وارث! وير ولهين، لهه تون سار سڀن،
بُنہ بوند بسنت جي، لنگها لاڳ لهن.
6. راشد چئي رهنما منهنجو پاڙو سان پرين،
گولي سان ئي گڏ جندم، جدا تان نه جڙن.
[2]
ٿلهه: ڪريو ڪامل! فرصت ڪا مَ،
درماندن دارون ڪريو، اُتو عالم ڄام.
1. موليٰ! ڪڍ ملڪ مان، هادي! سڀ حڪام،
ڏيو آبرو اسلام کي، ڪريو زير ظلام!
2. ياجوجن جا يا نبي! خطرن خلق خدام،
تو ريءَ تڪيو ناهه ڪو، ڪريو وير وريام!
3. دجال دون دنيا جي، وئڙو عالم عام،
ڪاهي رسو ڪارڻي! تن کي آڻيو ۾ اسلام.
4. اُمّت تنهنجي آسري، آهي سيّد! تنهنجي سام،
مَٽ منجهان محبت جي، تن کي جاني! پياريو
جام.
5. دنيا جي دوزخ تان، آهي وارث! واٽ مدام،
ڪر مدد مختار ميان! لنگهي اُمّت سان آرام.
6. راشد چئي رحمت ڏي، سُڻ ڪامل! هي ڪلام،
لاهيو غبار غير جا، ڪريو آجا سڀ اَنام.
[3]
ٿلهه: رسي راحم يا رهبر! پاڻئون ڪر پوئواري.
1. حيرت تنهنجي حُسن جي، آهي تارن ۾ تڪراري.
2. سج چنڊ سجدي ۾ پيو، تنهنجي سونهن پسي
سونهاري.
3. طعام تنين کي وهه ٿيو، جن حُسن ڏٺو
هڪواري.
4. ٻانهِي ٻئي در نه مُنجو، جنهن کي ناهه تڳا
ٻي تاري.
5. پسڻ ڪارڻ پرين جي، هي واجهه وجهي ويچاري.
[4]
ٿلهه: سيّد! نه سڪائي ماريو، لڳ ڏاتر پاڻ پسايو،
تنهنجي نيهن نهوڙيو، تنهنجي جوش جلايو.
1. مرض محبت جيءَ منهنجي، مري ٿو هي سڪايو،
دوا آهي ديدار جي، اچي پرين! پاڻ پسايو.
2. هِت اسين، هُت سپرين، وچ ۾ سمنڊ وهايو،
سڪڻ ساريون راتڙيون، لڳ لالڻ لڇڻ آيو.
3. هيءَ تان ڪيڙي مون عاجزي، جيڪي مون وس
آيو،
ريجهي مانَ رسول ڪِي، ٻڌي ٻانهي جو
ٻاڏايو.
4. راشد چئي رسول سچا! جي پِريَم پاڻ پسايو،
مداحي مسڪين کي اوهين، ساجن! هيئن مَ
سڪايو.
[5]
ٿلهه: مانٌ سان ڪر مَ هيئن، آ تان ڪيس نماڻي
نيهن،
ادا ڙي ڏونگر ميان!
1. ويچاريءَ وسائيا، سندا محبت مينهن.
2. محبت وڌيس مامري، نا ته ڪاف نهاري ڪيئن!
3. راشد چئي رهنما! هت ماريس تنهنجي نيهن.
[6]
ٿلهه: سڄڻ ڪول لڌم، جنهن لئي ڏونگر ٿي ڏوريم.
1. دوستن ديرو دل ۾، مون ٿي پريان پار پڇيم،
جڏهن قرب سڃاتم ڪيچ ۾، تڏهن بغدي بار لٿم.
2. سڪ سلايم ڳالهڙي، نا ته ساهه سِيئن
سانڍيم،
والي واٽ ڏکن ۾، مان ته سکن ۾ سمجهيم.
3. هوتن جي حضور ۾، مون تان ڪارون ڪين ڪيم،
پرين پاڻ پسائيو، تڏهن غير گمان ويم.
[7]
ٿلهه: موليٰ مڪو توکي ڏيو، عالم سڄو ٿيو سوجهرو،
ظلمات سڀ ضايع ٿيو، موليٰ! ملائين مصطفيٰ.
1. تِک ٿي وهي هن پار ڏي، ڪشتي ڇڪي اوڀار ڏي،
درڪار پهچڻ يار ڏي، موليٰ! ملائين مصطفيٰ.
2. آهي هتي ڇولي گهڻي، تنهن ۾ گهڙان ڇا ٿو
کڻي،
تڙ چاڙهه تون تڙ جا ڌڻي، موليٰ! ملائين
مصطفيٰ.
3. ڪين جو ڪمايم ڪار ۾، هٿ ڇا سَلان سرڪار ۾،
دانهون ڪيم بيڪار ۾، موليٰ ملائين مصطفيٰ.
4. ساريو سڄڻ کي ساريان، تو لئي هنجهون هت
هاريان،
ڏونگر ڏکيا ڏينهن گهاريان، موليٰ ملائين
مصطفيٰ.
5. سنسار ۾ سردار تون، آڙين سندو آڌار تون،
راشد پهچائج پار تون، موليٰ ملائين
مصطفيٰ.
[8]
ٿلهه: هنجون هميشہ گڏ، جيءُ مرسل ڏي سڪايل سڏ.
1. چتونڙا باغن ۾، مٺڙي لات لنون،
ڏينهان ڏورن ڏٿڙو، راتيان ربّ گهرن.
2. شال وهامي نه راتڙي، پرهه کڻي نه پاند،
ريجهايان ته رسول کي، ڪامل قريشي ڪانڌ.
3. جنهن پاڙي ۾ سپرين، وڏا طالع تن،
اکڙيون ته ڏسڻ لئي، مَر ته عيدان ڪن.
4. گهوڙو آيم گهوٽ لئي، لهي کان اڀن،
تارن جهڙا تنگ تي موتي ٿا مرڪن.
5. دف وڳا در کليا، گهوٽ رهيو راڻين،
آ بيٺو هوس ادب ۾، ٻانهون ٻڌي ٻانهن.
6. آ اوهان جو احمد! سائين اوهان جو سگ،
محمّد راشد کي ڏيو، وحدانيت وارو ونگ.
سچل
[سچل فقير جو اصل نالو عبدالوهاب هو. پنهنجي ڪلام
۾ ”سچو“، ”سچل“، ”سچيڏنو“ ۽ ”آشڪارا“ تخلص ڪم آندو
اٿس. سچل فقير درازن جي ڳوٺ ۾ سنه 1152هه/1739ع ۾
ڄائو هو. عربي ۽ فارسي جو تحصيل ڪيل هئن. قرآن جو
حافظ به هو. اڪثر استغراق جي حالت ۾ رهندو هو.
سندس ڪلام سنڌي، پارسي، اردو، پنجابي ۽ سرائڪي
ٻولين ۾ گهڻي انداز ۾ چيل آهي. نوي ورهين جي عمر ۾
14- رمضان 1242هه/1829ع ۾ درازن ۾ وفات ڪيائين،
اتي ئي سندس درگاهه آهي.]
[1]'
ٿلهه: محمّد کي معراج مولي گهرايو، جبرئيل ڇٽ ٿي
جهلايو.
1. مير مڪي ۾ محمّد جو ڄائو، خوشي ٿي ڪيائون،
مبارڪون ڏنائون،
مهندار مرسل سردار آيو
....
2. ٻَڌي هٿ ٻانهون، حڪايت ڪيا، السلام عليڪم
مرسل کي مڪا،
بهشتي براق آيو، سيّد! ڪر
تون سعيو ....
3. آيو پاڪ درتي، ملڪن مشڪ ورهايو، عيدون
ٿيون تن ۾ حورن ڳيچ ڳايو،
مٿي آءُ تون مرسل! توتي
ربّ جو رايو ....
4. سڄڻ جي آئي سچل ٿيون سڻايون، مليون مرسل
کي ويتر واڌايون،
ڪري اُمّت جي آڌار آيو
....
[2]'
ٿلهه: مرسل ملندو مون، آهي آس اکين،
مولو مهر ڪري، مونکي مانَ مِلن.
1. قاصد! چئج قريب کي، منهنجي سَو سَو سلامن،
اسين تنهنجا اُمتي، تون سردار سڀن.
2. اڪنڊ عربيءَ ڄام جي، آهي محبت منهنجي من،
نيشاني ته نبيءَ جي، آهي سنّت سپرين.
3. موليٰ مشعل ملڪ ۾، ڪيو ڏيو ۾ ڏيهن،
سج چنڊ تارا ڪتيون، منهنجي جانب سان نه
جڙن.
4. سچيڏني کي سيّد ڪيو، آجو کان عيبن،
ويندا سي ايمان سان، جيڪي ڪلمون پاڪ پڙهن.
[3]'
ٿلهه: اي صبا! تون ڏي وڃي، نياپا سندم سردار کي،
سڀ سنيها هي چئج، مرسل مٺي منٺار کي.
1. مهر ڪا مون تي ٿئي، گوش هن گفتار کي،
جيڪي آهي سو ٿئي، ڪڍ پُور هن پندار کي.
2. بخشيو دارون ديد جو، هن برهه جي بيمار کي،
دل نه ڏي دلبر واٽ ڏيو يا احمدا اغيار کي،
3. احمدا! تو ڪاڻ ٿي، بخشش سڄي سنسار کي،
شڪ نه شهبو مونکي ڏي، ڪر تون پڪو اعتبار
کي.
4. پاڄي پٺيون ڪيو آ پڻي، اصلئون پنهنجي
اختيار کي،
ڪو نه ڪو ڀؤ آ ”سچو“ هر جاءِ حمايتدار کي.
|