سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مولود

 باب:

صفحو :22

[0[1]]

ٿلهه:   ڪر دارون دردوندن جو، حضرت نور نبي موچارا!
                        سرور مير شفيع!

1.      دارون دردوندن جو، ساڻ ديدار دلدارا.
2.      عاجز ٿو آهون ڪري، تنهن کي مل محب موچارا!
3.      تنهنجي ديدار ديوانو ڪيو، ساڻ چشم جي هڪوارا.
4.      ڪيو اشارو چنڊ کي، ٿيو پرزا سو پُر نظارا.
5.      تو جهڙو ٻيو ڪونه ڏسان، توڙي هوت هزارا.
6.      هرڻيءَ کي هوت رسئين، اهڙو انصاف تو اپارا.
7.      ”سائل“ پرتو سيّدا! هي عاصي عاجز سان انوارا.

 

[11]

ٿلهه:   ايڏو شافع تنهنجو شان، محمّد مير معراج ماڻيو تو.
1.      خلق ساريءَ کؤن خاوند ڪيو، مٿي تنهنجو مڪان.
2.      حُسن اوهان جو حضرتا! ڪيو حُورن کي حيران.
3.      قوسين وارو قرب اوهان جو، نرمل نُور نِڌان.
4.      سيّد! تو لاءِ آهي سڪايو، حافظ سليمان.

 

[12]

ٿلهه:   خدا جو خاص مظهر سو محمّد مصطفى آهي.
        الاهي نُور اظهر سو، محمّد مجتبى آهي.
1.      خدا جي نُور مان ظاهر، ظهورو ٿيو محمّد جو،
        ايڏو منجهه شان اڪبر سو، محمّد مصطفى آهي.
2.      اول پيدا ڪيو الله محمّد سو رسول الله،
        سڀن سردار سرور سو، محمّد مصطفى آهي.
3.      نه مَک محبوب تي ويٺي، نڪي پاڇو پيو پَٽ تي،
        نسورو نور اَنور سو، محمّد مصطفى آهي.
4.      مٿي ويو عرش اعظم تي، جُتيءَ سوڌو هلي جانب،
        اهڙو پيارو پيغمبر سو، محمّد مصطفى آهي.
5.      اذن ايندو شفاعت جو، محمّد مير مرسل ڏي،
        اُمت لاءِ آڌر سو، محمّد مصطفى آهي.
6.      محمّد مير مرسل سو آخر ڇورا ڇڏائيندو،
        شافي منجهه ڏينهن محشر سو، محمّد مصطفى آهي.
7.      امت کي آسرو آهي، نبي تنهن نور نرمل ۾،
        اڙين آڌار اطهر سو، محمّد مصطفى آهي.
8.      پيغمبر پاڪ پياري تي، پڙهو صلوات راتو ڏينهن،
        رُلين روهن جو رهبر سو، محمّد مصطفى آهي.
9.      حافظ سليمان جن ڪلمون، سچيءَ دل سان سدا پڙهيو،
        انهن ديدار دلبر سو، محمّد مصطفى آهي.

 

[13]

ٿلهه:   مليون کيرون، خاتون خوش ٿي، محمّد شام گهمي گهر آيو.
1.      وٺي ميسرو هليو مرسل، بيبيءَ تنهن کي پرنيو پليل،
        پارت ڪيائين، پاڻ کجيائين، محمّد شام گهمي گهر آيو.
2.      جيڪي ڏينهڙا مير مسافر، نڪريو نهاري ٻانهي ٻاهر،
        مٿي ماڙيءَ چڙهيو چتائي، محمّد شام گهمي گهر آيو.
3.      مال خزانا سڀ لٽيائين. سيّد آئي گهورون گهوريائين،
        اهو سودو ٿيڙو سجايو، محمّد شام گهمي گهر آيو.
4.      سڀ سليمان پُنيون مرادون، اڱڻ تي ٿيون آباديون،
        ڀلي پنهنجو پاڻ ڀلايو، محمّد شام گهمي گهر آيو.

 

حافظ تاج محمد کوهارو

 

[حافظ تاج محمد ولد حاجي احسان کوهارو ڪلهوڙو، ڳوٺ ڪڙيو غلام الله تعلقي ڪڪڙ ۾ سنه 1849ع ڌاري ڄائو. ابتدائي تعليم ڳوٺ ڪرم حسين ۾ مولوي سعد علي چانڊيي وٽ ورتائين. ان بعد پنهنجي ڳوٺ ۾ هڪ ديني مدرسو کوليائين، جو اڄ ڏينهن تائين قائم آهي. سندس ڪلام ٽيهه اکرين، مداحن ۽ مولودن تي مشتمل آهي. پنهنجي ڪلام ۾ ”کوهارو“، ”تاج محمد“ ۽ ”حافظ“ تخلص طور ڪم آندا اٿس، سندس ڪلام جو بياض 1942ع واري ٻوڏ ۾ ضايع ٿي ويو. سنه 1941ع ۾ وفات ڪيائين.]

 

[1]

ٿلهه:   مدينو مونکي ڏيکار نيئي ڏاتار اَجهو عربي،
        حياتيءَ ۾ مونکي هڪوار آ درڪار اَجهو عربي.
1.      سڪندي سال ٿيا سنڌ ۾، ميسر ڪين ٿيو مطلب،
        اڇا ٿيا وار ڏند بيڪار، ته به درڪار اَجهو عربي.
2.      ڇڏي سنڌ کي وڃان نڪري، پوان پنهنجي پنهل پويان،
        منهنجو وڻڪار ۽ ڪوهيار ۽ مهندار اَجهو عربي.
3.      مديني ۾ محمّد گهوٽ، مديني ۾ حجازي هوت،
        مديني ۾ منهنجو منٺار، مونکي درڪار اَجهو عربي.
4.      مصر ملتان، عجم ايران، خدا ڄاڻي مون کي نه وڻي،
        مديني جي پار، تن ۾ تار، مونکي درڪار اَجهو عربي.
5.      يمن ۽ شام شهرن جا، مونکي ماڻهو پسند نه آهن،
        مديني ۾ منهنجو مهندار، مونکي درڪار اَجهو عربي.
6.      اتر اوڀر ڏکڻ اولهه، مشرق کي ڪنديس ڪاڏي،
        مديني جو ڪيان ديدار، مونکي درڪار اَجهو عربي.
7.      گنهگارو ۽ بدڪارو، گهڻو ئي عيبدار آهيان،
        پيو هان سام سخي سردار، مونکي درڪار اَجهو عربي.
8.      حافظ حب حبيب الله، رسول الله رهبر جي،
        نبي پنهنجي نظر سان نهار، مونکي درڪار اَجهو عربي.

 

[2]

ٿلهه:   سچا سيّد، اَجها احمد، نبي مان ڏي نگاهه ڪيو،
        گناهن ۾ آهيان گمراهه، شفاعت مون تي شاهه ڪيو.
1.      ڪچائي ڪل ڪيم ڪمڙا، سچا صالح نه ٿيا اٿئون،
        بچائي ڀلائي پنهنجي سان، ريڙهي مان کي راهه ڪيو.
2.      گناهن ۾ گتل آهيان، پڪاريان ٿو پيغمبر کي،
        پيارا پاڪ پرور جا، منهنجي اچي پناهه ڪيو.
3.      اميد عظيم يا عربي! رکان ٿو يا رسول الله،
        صدقي حسنين جي سائين جي، منهنجي سهڻي صلاح ڪيو.
4.      ڏاتر ڏيندو قيامت ۾، توهان کي تاج نوراني،
        حڪم هادي ڪري چوندو، قريشي اڄ ڪلاهه ڪيو.
5.      شريعت جو مليو ٻيڙو، چاڙهيندين امتي ويڙهو،
        محشر جي تار طوفان ۾، مولى توکي ملاح ڪيو.
6.      مقام محمود محشر ۾، مولى تنهنجي ڪئي مسند،
        واحد توکي وهاري پوءِ خلق جو خيرخواهه ڪيو.
7.      پسي تنهنجو شان ۽ شوڪت، نبي مرسل ڪندا عبرت،
        وري چوندا والي وارث، ويچارن جي ڪا واهه ڪيو.
8.      تڏهن پڻ تاج محمّد کي، سنڀالي سيّدا سڏجو،
        پاڇي پنهنجي ۾ اي پريان، آڻي آرام گاهه ڪيو.

 

[3]

ٿلهه:   اڻ تاروءَ کي نيئي تار، پار اُڪار حضرت هاشمي.
1.      سختي سير سمند جي، مونکي احمد ڄام اُڪار،
        گجيو ٿو گوڙون ڪري، هينئڙو ڦارون ڦار.
2.      محل مڪي جون ماڙيون، ڏاتر مون کي ڏيکار،
        پسان پنجن تنن کي، چوکا چارئي يار.
3.      مرض مونکي ماريو، هاڻي آهيان لاچار،
        ٻُڪي ڏيوم ٻاجهه جي، سيّد! لهه سنڀار.
4.      گتل آهيان گناهن ۾، ”حافظ“ هيءُ بدڪار،
        جهڙو تهڙو آهي، اوهان جو گولو گنهگار.

 

محمد عثمان ميمڻ

 

[محمد عثمان ولد يوسف ولد احمد ولد علي ولد عاقل، عاقلاڻي ميمڻ ٽنڊي ڄام تعلقي حيدرآباد ۾ 1299 هه ۾ ڄائو. فارسي ۽ عربي تعليم به پنهنجي ڳوٺ ۾ مولانا محمد علي ٽالپور ٽنڊي ڄام واري کان حاصل ڪيائين. 1321 هه/1903ع واري پليگ جي بيماريءَ مٿس حملو ڪيو جنهنڪري جوانيءَ ۾ ئي اکين کان معذور ٿي ويو. ان بعد دوستن وغيرهه جي صحبت کان پري رهيو، فقط مولوي عبدالعزيز پٺاڻ سان تعلقات قائم رکيائين. سندس شاعريءَ جي ابتدا، سؤٽ جي وفات کان ٿي، ان واقعي کان متاثر ٿي سر رامڪليءَ ۾ ٽيهه اکري چيائين. سندس چيل ٽيهه اکريون، مولود ۽ غزل مشهور آهن. سنه 1360 هه/1941ع ۾ وفات ڪيائين.]

 

[[2]]

ٿلهه:   مبارڪ هيءَ ڏني مَلڪن، محمّد مير ڄائو آهه،
        مڙن مهندار ٿي مرسل، پيغمبر پاڪ آيو آهه.
1.      قلم، ڪرسي، عرش ۽ فرش محمّد لاءِ ٿيا پيدا،
        ڌڻيءَ لولاڪ جو لائق، ڪري هاديءَ هلايو آهه.
2.      ڪنبيا ڪافر ڪفر وارا، مئا مروان ڪئين موذي،
        ڏين مومن کليو کيرون، امت جو مير آيو آهه.
3.      مونکي حب نت مديني جي، ڏينهان راتيان آهي هردم،
        عاصي عثمان عربيءَ وٽ، پازي پينار آيو آهه.

 

[2]

ٿلهه:   ڄاپڻ رات رسول جي، گل کڙيا گلذار،
1.      سُڪا وڻ ساوا ٿيا، گلن ڪي گلزار.
2.      دوزخ جا در پوريا، کُليا بهشت بهار.
3.      ڀڄي بُت ڀورا ٿيا، ڪريا ڪوٽ ڪفار.
4.      اُمّت تان عثمان چئي، لٿا غم غبار.

 

[3]

ٿلهه:   مٺو مرسل جڏهن ڄائو، برين بحرين ٿيون آباديون.
1.      آگي اظهار ڪيو افضل نوازي نور پنهنجي مان،
        اجهو امت سندو اڪمل، ماڻهن مَلڪن ڪيون شاديون.
2.      ڄائي مرسل مٺي منور سڪل اشجار ٿيا ساوا،
        همہ احجار ٿيا روشن، وسيون ويران سڀ واديون.
3.      ڄائي مرسل ويا ڏکڙا امت سان سهنج سڀ ٿيڙا،
        ڪِري ماڙي سندي ڪسرى، ٿيون ڪفران سان تعديون.
4.      عرض عثمان جو انور! سچا سيّد سڻو سرور!
        ڏيو عَينن جو اوجر، پسان گلزار سڀ گاديون.

 

[4]

ٿلهه:   ڏک جا ڏينهن وڃن، محمّد گهوٽ ملي، حضرت کي هيڻن.
1.      نرمل نُور مٿي آهي نينهن نانگن،
        حضرت هوت حبيب جا، هٿ مٿي ضعيفن:
2.      پاڻان پسن پٽ تي، جهڙو ساڻ اکين،
        محبت محمّد مير جي، پهڻن پرت پکين.
3.      پاڇولا پرين جا، پٽ تي ڪين پون،
        هلڻ ويل حبيب جي، مٿي کان به مُڙن.
4.      اندر عثمان جو، ساوي کي سڄڻن،
        ڪلمي ساڻ ڪريم جي، پويان دم پُڄن.

 

[5]

ٿلهه:   هلنديس پير ڀري، پيرين پنڌڙو ڪري،
        مٺي تنهن محبوب ڏي، هلنديس پير ڀري.
1.      مير معراج هليو جانب جوڙ ڪري،
        مٿس ڇٽ لولاڪ جو ڍريو ڍول ڍري.
2.      رات انڌاري ڏونگرين، ٿيڙم پنڌ پري،
        سفر سٽاڻو گهڻو، ڪاهل ڪيئن ڪري!
3.      ياد ڪريان يار کي، ظاهر منجهه ذري،
        هنيون هوت حبيب جي سڻيو ڳالهه ڳري.
4.      عاصي هن عثمان تي مولى مهر ڪري،
        پيرانديءَ پرينءَ رسول جي جنّت جاءِ ڌري.

 

[6]

ٿلهه:   نور نرمل جو ڏسان هادي شل هڪوار، مڪو مدينو بيت الله.

1.      اکين آر، انهيءَ پار، روئان زار و زار،
        ملڪ محمّد مير جو، ڏاتر! مون ڏيکار.
2.      هينئري هير، اٿم اڪير، مونکي مدني مير ملاءِ،
        پرين پاڻ، اکين ساڻ، ڏسان هوت هڪوار.
3.      لنگهان سيِر، اٿم اڪير، مان کي منارا ڏيکار،
        چمان چائنٺ رسول جي، نيڻن سان نروار.
4.      عاصي عثمان عرضدار، تنهنجي سيّد لهج سنڀار.
        ڪلمي ساڻ ڪريم جي جنّت جاءِ ڏيار.

 

[7]

ٿلهه:   ڏيهه ڏاڏاڻو ڏسان، ملڪ مدينو منّور،
                        پهچائيندم پرور.

1.      منهجي مديني ڏي، قادر قسمت ڪري،
        پاڻي زمزم جو پيان، لهن غم گوندر.
2.      کيٽ پڪا کاهڙ ۾، ميوا ٿيا ميسر،
        بدوي سڳورا بر ۾، کائين ترت تمر.
3.      عاصي هن عثمان جو، عرض اگهائي انور،
        پيرانديءَ تنهنجي پرين، ڪجو منهنجي قبر.

 

[8]

ٿلهه:   وڍي ٽُڪي ڪيائون مونکي ٽڪرا، ڏس منهنجو حال حبيبا!
1.      حضرت چيو ڇو نٿي پچين، تو ۾ آهي ڪا امانتا؟
        مڇيءَ چيو مون پڙهيو تو مٿي ڪلمون محمّدا!
2.      ساري رات ڪُن ۾، سندي توڪل تنوارا،
        تونهي تون تَن ۾، جيئن پرين پڙهندي ويا.
3.      ٻنهي درياهن وچ ۾، توکي ساريم سيدّا!
        ڏسڻ سان پوريون ٿيون، منهنجون آسون اُميدا.
4.      عاصي هن عثمان کي، ڪلمون ياد ڏجان،
        اڱڻ اچي مون پرين، ڪرم ڪريو ڀلا.

 

[9]

ٿلهه:   پريم پاڪ پيغمبر، آنۡ کي ساريان ويٺي سرور!
1.      مولى رات معراج جي، اوهان کي پڙهايو پرور،
        عاصي اُمتي پانهنجا، اچي آجا ڪيا انور.
2.      حُسن ساڻ حبيب جي آهن جوڙيا تان جوهر،
        شيهو مَٽجي سون ٿيو، نرمل ساڻ نظر.
3.      اونداهيءَ ۾ احمدا! منهنجي خاصا لهج خبر،
        مَڪو مدينو مصطفى، مونکي پسائج پرور!
4.      عاصي هن عثمان کي، رس ڪامل منجهه قبر،
        وٺج هٿ حبيب مون، ميان! منجهه محشر.

 

[10]

ٿلهه:   گهنگهر گهڻيرو گهاريان، آءٌ شال ملان، ڪنهن کي چوان؟
        اَنهنجو شوق شفيع، يا نبي! يا عربي! آهي اڃان!
1.      اکيون عرب پار ڏي، کڻيو نيڻ نهاريان.
2.      روضي پاڪ رسول کي، جيئري شال ديداريان.
3.      اُن کي ساريو سيدا! هَنجون روز هاريان.
4.      عاصي هي عثمان چئي پڃري پاس پڪاريان.

 

[11]

ٿلهه:   واحد مون سان وڙ ڪري، ڏني مرسل جي محبت.
1.      برسي آيا بندر تي، ربّ سندي رحمت،
        عاشق اُکتا! جهاڳ کي باريءَ جي برڪت.
2.      ڪيو طواف بيت الله جو، عربي جي امت،
        حاجي هليا مديني ڏي، جوان وڏي جرئت.
3.      چمان چانئٺ رسول جي، شان وڏي شوڪت،
        لٿن بار بدين جا، ڏنن عربي ڄام عزت.
4.      مولى ملڪ مديني ڏي، قادر! ڪر قسمت،
        اوکيءَ ويل عثمان جي، ڪر مرسل ڄام مدد.

 

[12]

ٿلهه:   حامي هوت هيڻن، رکندو رحمت سان،
        حضرت هٿ هيڻن، رکندو رحمت سان.
1.      ساريو سيّد کي، اکيون رت روئن،
        نظر نماڻيءَ جي، پلپل پار پرين.
2.      مرسل مير مڪي جو، ڏکيون نيٺ ڏسن،
        حرم حويليون حجرا، پڃرو پاڪ پسن.
3.      اندر اُداسي عربي! سڪنديون سَوَ سِڪن،
        نهاريو نُور ڏي، محبت منجهه مرن.
4.      عاشق عثمان چئي، پتنگن جيئن پچن،
        وين وجود وسري، لالن لاءِ لُڇن.

 

[13]

ٿلهه:   داور جا دلبر! مرسل هل معراج تي.
1.      جبار جبرئيل موڪليو، محمّد لئي منوّر،
        وٺي اچو وريام کي، خاص سڻائي خبر.
2.      پاڻ سُتا هئا ننڊ ۾، گهر بيبيءَ جي انور،
        جبرئيل جاڳايو ننڊ مان، اُٿ پرين پيغمبر!
3.      عرش اورانگهي آيو، احمد ڄام انور،
        کلي کيڪاريو مير کي، ’التّحيات‘ اطهر.
4.      عاصي هن عثمان تي، مولى ڪر مهر،
        پويان دم پڄائين، ڪلمي سان ڪوثر.

 

[14]

ٿلهه:   محمّد مٺو مرسل منيرا،
        خدا خلقيو ڪونه تنهن جو نظيرا.
1.      محمّد مِٺي مصطفى سان ڪيو آ،
        پلو عهد ’لولاڪ‘ باري بصيرا.
2.      محمّد مٿي مانُ، معراج ماڻيو،
        ڏنس قرب قيّوم ڪوٺي ڪثيرا.
3.      محمّد مٿي صاف صلوات سڪ مان،
        پڙهي پاڻ ٿو پاڪ خالق خبيرا.
4.      محمّد سندي شان حيران ڪَيڙا،
        نبي ۽ ولي، ڪل عالم اميرا.
5.      محمّد سندي شوق ۾ شاهه ڪيئي،
        ڇڏي تخت شاهي، ڦري ٿيا فقيرا.
6.      محمّد سندي وصف واکاڻ ڪن جي،
        نه هرگز پسن سي عذاباً سعيرا.
7.      محمّد مٺي ڄام وريام ڄائي،
        اسان ڪل آسُون پُنيون دلپذيرا.
8.      محمّد سندو نانءُ پڙهان تان ٺري هانءُ،
        ٺري جان تن من سندم سڀ سريرا.
9.      محمّد سندو مانُ ڏس شان عثمان،
        ڪيو منجهه قرآن ڪيڏو قديرا.

 

محمد

 

[شاعر محمد جي سوانح حيات معلوم نه ٿي سگهي جيئن ته سندس مولود جي روايت مولودي يار محمد مهاڻي (ڳوٺ کوکر) تعلقو ٽنڊو الهيار ضلعو حيدرآباد) وٽان ملي، ائين ڀائنجي ٿو ته هي شاعر لاڙ طرف جو آهي]

 

[[3]]

ٿلهه:   مَٽ محمّد مير جو خلقيو ڪونه خدا ني،
                ڪونهي تنهن جو جوڙ نه ثاني.

1.      ڄاپڻ رات رسول جي، پيا آڙاهه اُجهامي،
        ڪوٽ ڪفارن جا ڪِريا، ان هيبت ڀڳاني.
2.      آگي نبيءَ پاڻ ۾، ڏس جي قرب ڪياني،
        ڌڻي نوازي نبيءَ کي، ڪيڙو حورون حيراني.
3.      پسي حُسن حبيب جو، ٿيڙيون حورون حيراني،
        پسي رونق رسول جي، ٿيڙو شمس شرماني.
4.      محمد چئي مون مٿي، ڪج ڪو ڀيرو ڀَلا ني!
        عيبن کان آجو ڪرين، لڏيان لوڪ منجهاني.

 

[2]

ٿلهه:   تو جهڙو ٻيو ڪونه ٿيو، سيّد سچا سردار ميان!
1.      تو ساماڻي سيد! ڪٽيو ڪُفر سڀ ڪُوڙ لو،
        ڪلمون پڙهيو جن ڪوڏ مان، سڀني اچي تو پار ميان!
2.      شمس و قمر تارا، هوئي ڪَتين تڪرار لو،
        نُور نبيءَ جي نائيا، ڏاڍا مرد ميخان ميان!
3.      سائل سُتيءَ جا سيڪڙو، سي ڀُڻا وَتن بيران لو،
        پي پيالو پرت جو پينار ٿيا پرڪار ميان.
4.      محشر جي ڏينهن محمد اتي، حضرت رکج هٿڙالو،
        سار لهج تنهن جي سيّدا، اوکيءَ اچي آڌار ميان.

 

[3]

ٿلهه:   ساهه سيّد! تو لئي سڪي ٿو، گهوٽ! گهرايو ملڪ مديني.
1.      عشق عربيءَ ڄام جو، ڇوهه منجهان روز ڇڪي ٿو.
2.      سڪ اوهان جيءَ جو سيّدا! من تي مچڙو مچي روز مچي ٿو.
3.      پار اُڪارين پرين پيارا! سُک سمهڻ هتي ڪين اچي ٿو.
4.      عرب وڃڻ جي اُڪنڊ اندر ۾، محمد حُب روز رکي ٿو.

 

نواب علي احمد خان لغاري

 

[نواب علي احمد خان لغاري، تاجپوري نوابن مان هو. سنڌي، عربي ۽ فارسي جو وڏو ڄاڻو هو. ميٽرڪ تائين انگريزي جي به تعليم حاصل ڪيائين. تصوف تي سنڌيءَ ۾ ڪتاب لکيل اٿس. سندس ڪلام جو مجموعو ”سير العاشقين و قوت العاشقين“ ڇپيل آهي. کيس وفات ڪئي اٽڪل ويهارو کن سال ٿيندا.]

 

[1]

ٿلهه:   پئي مَلڪن منجهه مقال، آيو عربي ٿيَڙيون عيدان.
1.      اڱڻ اسان جي دلبر آيو، وريو واءُ وصال.
2.      ڳَئيِ اونداهي، ٿي روشنائي، اُڀريا سج شمال.
3.      مُلڪن ۾ مشهور جو ٿيڙو، جانب جوت جمال.
4.      سڄڻ سدائين هوندا نيڙي، دشمن ٿيَڙا زوال.
5.      هرجا حاضر ناظر هادي، حاصل ٿيڙو حال.
6.      علي احمد سان لطف هزارين، ڏس ڀلي جا ڀال.

 

[2]

ٿلهه:   مَنَهنُ محتاجن، حامي حضرت هاشمي، اَجهو عاصيڙن.
1.      رسج رسول الله جا، رهبر منجهه رڻن،
        ڏس دلاسو دلگير کي، ڏيا ڏيهه ڌڻن!
2.      آهيم انُهنجو آسرو، يا شفيع مذنبين!
        مهندان محشر ماڳ ۾، ڪج واهر ويچارن.
3.      پيارج پنهنجي هٿن سان، طهورا به تپين،
        ڪج شفاعت ڪارڻي! گوهر غمگينن.
4.      آگا! علي احمد کي، ميليين سان محبن،
        ڪلمي ساڻ ڪريم جي، پويان دم پڄن.

 

علي محمد قادري

 

[علي محمد قادري لاڙڪاڻي شهر ۾ 1860ع ۾ ڄائو. سندس والد بهاءُ الدين قادري لاڙڪاڻي جي ’درگاهه قادري‘ جو سجاده نشين هو. سندس سلسله نسب سنڌ جي سمہ ڄامن سان وڃي ملي ٿو، تنهنڪري ”ڄاماڻي“ به سڏبا آهن. فارسي ۽ عربيءَ جو ڄاڻو هو. لاڙڪاڻي ميونسپالٽيءَ جو چيئرمين ٿي رهيو. شعر و سخن سان سندس خاص دلچسپي هئي. تخلص ”قادري“ ڪم آڻيندو هو. شاعريءَ ۾ سندس اُستاد غلام محمّد ”گدا“ هو. لاڙڪاڻي ۾ ’بزم شعراء‘ به سندس برپا ڪيل هئي. سندس ڪلام جا ٻه مجموعا ’ليلى مجنون‘ ۽ ’ديوان قادري‘ شايع ٿيل آهن. سنه 1941ع ۾ وفات ڪيائين.]

 

[[4]]

ٿلهه:   سيّد سرور دانهن سڻي، لاهج غم ندامت جو،
                                تون آهين شاهه شفاعت جو.

1.      آهيان سوالي تنهنجي در جو، عاجز نه ڪر ٻئي ڪنهن در جو،
                                صاحب آهين سخاوت جو.

2.      اچج سڄڻ سڪرات مهل ۾، بيشڪ حامي هر مشڪل ۾،
                                تون بحر عميق عنايت جو.

3.      ڏينهن حشر جي سوار ٿي ايندين، عاصي اُمت پاڻ سان نيندين،
                                حڪم توکي شفاعت جو.

4.      ”قادري“ چئي حامي ٿيندين، مشڪل مهل ۾ ڪين ڇڏيندين،
                                صاحب شير شفاعت جو.

 

[2]

ٿلهه:   يا مرسل! داد ڪر، امداد جو ڪو ارشاد ٿئي.
1.      صفت و ثنا تنهنجي مدام، منهنجي واٽ جو داد ٿئي.
2.      هر وقت ذڪر ذاتي ۾، ويران دل آباد ٿئي.
3.      آل اصحابن ذوق ڏي، هر دو جهان آزاد ٿئي.
4.      دک درد منهنجا دور ڪري، مغموم بيڪس شاد ٿئي.
5.      گذرن خوشيءَ سان ڏينهڙا، خطرن کان دل آزاد ٿئي.
6.      وڃڻ وقت ارواح جي، ديدار جو امداد ٿئي.
7.      تقسيم ڪوثر جي مهل، هي ”قادري“ پڻ پاڪ ٿئي.

 

[3]

ٿلهه:   سرورِ عالم محمّد پيشوا جانِ جهان،
        مالڪ مُلڪ خدا ۽ صاحبِ ڪون و مڪان.
1.      جي نه پيدا ٿئي ها مرسل، مظهرِ نُور خدا،
        ڪين خلقي ها خدا، هرگز زمين و آسمان.
2.      احديت مان ٿي جا ڪثرت، واءِ وحدت جي سبب،
        ميم جي پوشاڪ پهري، آيو ڪثرت ۾ عيان.
3.      سير ’سبحان الذي اسرى‘ محمّد جو ٿيو،
        سڀ مَلڪ حيرت ۾ حيران، هو لنگهي ويو لامڪان.
4.      تنهنجي در تي ٿي گَٺِي پيشاني پنهنجي جبرئيل،
        شان ۾ وڌ عرش کان آهي، اوهان جو آستان.
5.      خود خدا تَنهن جو ثناگر، پاڻ محبوبِ خدا،
        ”قادري“ جي آهه ٿي تعريف کان قاصر زبان.

 

[4]

ٿلهه:   خدا جي ڪل مظهر ۾، محمّد مصطفى آهي،
        دنيا عقبى جي دفتر ۾، محمّد مصطفى آهي.
1.      محمّد جي مدح قرآن ۾، ’ياسين‘ ۾ ’طہٰ‘ ۾،
        ’مزّمل‘ ۾، ’مدّثر‘ ۾، محمّد مصطفى آهي.
2.      گلستان ۾، ۽ جهنگل ۾ ڏسو چوطرف چوڌاري،
        شجر ۾، شاخ ۾، ڦر ۾، محمّد مصطفى آهي.
3.      جبل ڏونگر معدّن ۾، ظهورو آهي احمد جو،
        گوهر ۾، لعل ۾، دُر ۾، محمّد مصطفى آهي.
4.      بهشتن ۾، قصورن ۾، بيابانن ۽ باغن ۾،
        بحر ۾، حوض ڪوثر ۾، محمّد مصطفى آهي.
5.      نه ڪر اي ”قادري“ ڪو ڀؤ، قيامت جي ڏهاڙي جو،
        شفاعت لاءِ محشر ۾، محمّد مصطفى آهي.

 

[5]

ٿلهه:   سردار سچو محبوبِ خدا، سو مير محمّد مدني آ،
        صلوات پڙهي رب جنهن تي سدا، سو مير محمّد مدني آ.
1.      ڏٺو جلوو طور جو آهه موسى، آسمان چوٿين تي ويو عيسى،
        معراج مٿي ويو ڪير ڀلا؟ سو مير محمّد مدني آ.
2.      معراج ۾ ڪنجڪي ڪل انبياء، جبرئيل رهيو سدرة المنتهى،
        جنهن قرب لڌو آ ’اوادنى‘،سو مير محمّد مدني آ.
3.      تطهير سندا وهه ويس وڳا، ’لولاڪ لما‘ جا جنهن لاڳ لڌا،
        ’ياسين‘ ’طہٰ‘ جا موڙ ٻڌا، سو مير محمّد مدني آ.
4.      اڄ ڪير ڀلارو ٿيو پيدا؟ جو ’لات‘ ’منات‘ جا بُت ڀڳا،
        جنهن چوڏنهن طبق روشن ڪيا، سو مير محمّد مدني آ.
5.      جڏهن ايندو عربي روز جزا، هوندا ساڻس چار ئي يار ڀلا،
        جنهن کان ”قادري“ کي ملندي شفا، سو مير محمّد مدني آ.

 

[6]

ٿلهه:   مون تي رحم ڪيو اچي جاني! سچا سردار سونهارا،
                                مل دلبر دل جاني!

1.      سونهن تنهنجي وڌ آهي سڄڻا! ڇا شمس قمر آسماني.
2.      ٻانها تنهنجي سهڻا سڀيئي، ماه توڙي ڪنعاني.
3.      توڙي سليمان ۽ سڪندر ڪئي تنهنجي درباني.
4.      هِت هُت آهين واهي حامي، توتي سبحاني.
5.      دنيا عقبى هر دوسرا جي، ربّ ڏني توکي سلطاني.
6.      لاهيو اچي پنهنجي فضل سان ”قادري“ جي حيراني.

 

عبدالڪريم ”ڪهاڙو“

 

[مولوي عبدالڪريم ڪورائي، ڳوٺ ڪورائي تعلقي لاڙڪاڻي جو ويٺل هو ۽ اُتي ئي وفات ڪيائين. مختلف روايتن موجب ڏهه سال اڳ، سنه 1950ع ڌاري، آَسي ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين، جنهن مان ڀانئجي ٿو ته سندس جنم 1870ع ڌاري ٿيو هوندو. پنهنجي مولودن ۾ ”عبد“، ”ڪورائي“ ۽ ”ڪُهاڙو“ تخلص طور ڪم آندو اٿس.]

 

[[5]]

ٿلهه:   بيشڪ نبي اسان جو بدرالمنير آهي،
        ڪونين جو آ والي، طاهر فقير آهي.
1.      تابع اوهان جو آهي ڪون و مڪان محمّد!
        حلقہ بگوش تنهنجو، شاهه و امير آهي.
2.      رتبو نه مَٽ اوهان جو، مولى ڪيو نه ڪنهن جو،
        جبرئيل خاص تنهنجو خادم وزير آهي.
3.      سڀني کان آهه اعلى، ۽ بينظير آهي،
        لئي مومنن جي مرسل بيشڪ بشير آهي.
4.      ”ڪورائي“ خوف ڪهڙو تو آندو هن جهان ۾،
        نرمل نبي سونهارو، تنهنجو نصير آهي.
5.      آزاد ڪر الله لڳ، هن ”عبد“ کي تون عربي!
        شيطان جي چنبي ۾ عاصي اسير آهي.

 

[[6]]

ٿلهه:   ڏسان شال مديني جو مير، جنهن جي آهي اندر ۾ اڪير.
1.      منهنجو لاشو سنڌ ۾ ڪين رُلي، ماندي محبن سان وڃي نيٺ مِلي،
        جنهن ڪاڻ جثو ۽ جيءُ جلي، گهَلي شال وصل جي هير.
2.      ساري سيّد کي ساهه سدا، ڏکيو جالڻ جانب کؤن آ جدا،
        ميلي مير محمّد مونکي خدا، جنهن جي درد ڪيو دلگير.
3.      مونکي منجهه مديني ماري شل، منهنجي وَاڳ اوڏانهين واري شل!
        اهو ڪرم ڪمينيءَ تي ڪاري شل، ٿئي خاڪ مديني خمير.
4.      پيرين پنڌ ڪري ويا پار، ڏسان مُلڪ يگانو يار،
        انهيءَ ڳالهه ڪيو لاچار، وهي زور سمنڊ جي سير.
5.      وڃي ”عبد“ ڏي شال، ڏيئي ترڪ مڏيون ۽ مال،
        مونکي ساريندي ٿيا سال، پيان پاڪ عرب جو پنير.

 

الهڏنو مهر

 

[الهڏنو ولد گل بيگ مهر، ڳوٺ ڪنڍيي، تعلقي ميرپور ماٿيلي ۾ 1290 هه/1873ع ڌاري ڄائو. اڻ پڙهيل هو. پير پَکڙائي جو مجاور هو، اُن جي سڪ ۾ تمام گهڻو ڪلام چيو اٿس. اسي ورهين جي ڄمار ۾، سنه 1953ع ڌاري وفات ڪيائين.]

 

[[7]]

ٿلهه:   پرين توکي پاس ڪيو موليٰ جا منور!
        مرسل! هل معراج تي، دلبر! داور جي در.
1.      جبرئيل جبار مُڪو، محمّد لاءِ منوّر،
        وٺي آيو وريام کي، خاصي ڏيئي خبر.
2.      سڄڻ ستا هئا ننڊ ۾، گهر عائشہ جي انور،
        جبرئيل جاڳائيو اتي پرين پيغمبر.
3.      عرش اورانگهي آيو پرين وٽ پرور،
        خوشحال کينڪار ٿي التّحيات رهبر.
4.      الهڏني کي احسان سان پهچ پرين پيغمبر!
        لڏائين لوڪ مان، ڪلمون ڏيئي ڪوثر.

 

[[8]]

ٿلهه:   عربي کي منهنجي دل، سڪي ٿي ساري سدا،
                        پيغمبر کي پلپل.

1.      پرڻي رات رسول جي، عطر جي اُڇل.
2.      مٿي عرش عظيم تي، حورن لايا هُل.
3.      شاديءَ ۾ شفيع جي، سونهن سهڻا سنبل.
4.      عاصي الهڏنو چئي، نور پسان نرمل.

 


 

دُر محمد ”دُرل“

 

[دُر محمّد ڏنگر، ڳوٺ ڏنگر تعلقي ڪڪڙ ۾ ڄائو. اڻ پڙهيل هو، پر سندس ڪيتروئي ڪلام چيل آهي، جنهن ۾ مولود مشهور آهن. ڪجهه وقت ٿيو جو وفات ڪيائين.]

 

[[9]]

ٿلهه:   خدا جي خاص خلقت ۾ محمّد آهه موچارو،
        قمر تارن جي طاقت ۾ محمّد آهه موچارو.
1.      خدا پيدا ڪيو پهرين، نبيءَ جي نُور انور کي،
        اپر آگي جي الفت ۾، محمّد آهه موچارو.
2.      اشرف الناس احمد کي، ڪيو مخلوق ۾ مولى،
        خدا جي پاڪ خلوت ۾، محمّد آهه موچارو.
3.      ڌڻي ديدار دلبر کي ڏيکاريو پرت مان پاڻهي،
        سبحان الذي سورت ۾، محمّد آهه موچارو.
4.      پڙهن صلوات سيّد تي، پکي ۽ حجر هر حب مان،
        ولي وحدت جي ورقت ۾، محمّد آهه موچارو.
5.      حشر جي خوف کان خائف چوندا جو سڀئي نفسي،
        مگر امّت جي شفقت ۾، محمّد آهه موچارو.
6.      وعدي ’ولسوف‘ يعطيڪ ۾، امت کي آسرو آهي،
        اجابت سوال سرعت ۾، محمّد آهه موچارو.
7.      در محمد ايندءِ دلبر، نه ڪر ڪو خوف قيامت جو،
        شفاعت شوق شُهرت ۾، محمّد آهه موچارو.

 

[2]

ٿلهه:   مونکي هن سنڌ مؤن سرور! سڏايو يا رسول الله!
        مديني جا محل ماڙيون گهمايو يا رسول الله!
1.      آهيان هيڻو، رکو ڦيڻو، ڪري ڪا ٻاجهه ٻانهي تي،
        پرين پيارا، پنهنجي پاڙي رهايو، يا رسول الله!
2.      مدايون مُنهن ڏيئي آيو، ڪيان مان ڪيئن وڃان ڪاڏي،     مداين ۽ مَٺاين کان بچايو، يا رسول الله!
3.      اگر آهيان بَدُو بڇڙو، بنا عملن ڪنو ڪوڙهيو،
        ڀانئين مونکي ڪُتو در جو، اڪاريو يا رسول الله!
4.      گناهن ۾ ويئي گذري، عمر ساري شرمساري،
        ولين جان ويا گناهه ويڙهي، ڇڏايو يا رسول الله!
5.      در محمّد تنهنجي در جو، سدائين سگ سڏائي ٿو،
        پنهنجي در جي ڪُتي کي من گهرايو يا رسول الله!

 

[3]

ٿلهه:   امت تي راض رحمت جو، رسول الله کي هوندو.
1.      اتي سڀڪو ولي چوندو، الله نفسي، الله نفسي،
        ان عزم شفاعت جو، شفيع الله کي هوندو.
2.      گنهگارن غريبن جي، پِريم لڄ پاڻ پاريندو،
        ڪرم ڪامل ڪمالت جو، ڪليم الله کي هوندو.
3.      جيڪي ساڪن مديني مير محمّد گهوٽ مدني جا،
        امر هرگز شفاعت جو، حبيب الله کي هوندو.
4.      چئي در محمد دوزخ جو ڪجئين ڪو خيال نه خطرو،
        اذن آتش اجهائڻ جو، رسول الله کي هوندو.

 

غلام احمد ”نظامي“

 

[غلام احمد ”نظامي“ ولد حاجي محمد صديق، 1895ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ڄائو. سنڌ جي مشهور غزل گو شاعر هو. نثر توڙي نظم تي ڪافي دسترس هئس. سندس تصنيفات ۾ ’گلزار پنجتن‘، ’خدائي انتقام‘، ’شريف ماسترياڻي‘ ۽ ’گلشن سنڌ‘ مشهور آهن. سنه 1951ع ۾ ڪراچي ۾ وفات ڪيائين.]

 

[1]

ٿلهه: پوشاڪ پريَن عرشئون جا آئي،

سورت مزمل اَنٌ کي وحي ڍڪائي.

1. والفجر واليل صفت سيّد جي،

’اِنا فتحنا‘ واحد جي وڏائي.

2. ’هل اتٰڪ‘ توڏي، هاديءَ هلائي،

تمامي آهه اَنٌ ڏي راز اِلاهي.

3. ’ونحن اقرب‘ ويجهو ٿي وائي،

قربئون جو ڪيڙي وڻ وڻ واڌائي.

4. ناقص ”نظامي“ دلڙي تمامي،

الحمد الله ڀلي ڪئي ڀلائي.

سيّد خير شاهه

[سيّد خير شاهه ولد اُميد علي شاهه، سنه 1300 هه/ 1881ع ۾، ڳوٺ شاهپور تعلقي روهڙي ۾ ڄائو. جتان پوءِ لڏي ٽنڊي مستي خان جي اولهه طرف ڪچي ۾ مڪان ڪري ويٺو. فقير تن هو. سندس ڪيتروئي ڪلام چيل آهي. سنه 1373 هه/1953ع ۾ وفات ڪيائين.]
[[10]]

ٿلهه:   ڀلو نيڻين جهُڙ لايا، محمّد آيا، ڀلو نيڻين سانوڻ لايا، محمّد آيا،
                        وٺڙي بوند بهار، ڀلو نيڻين جهڙ لايا.

1.      احمد عربي جنهن ڏينهن ڄايا، تنهن ڏينهن ٿيڙا دين دا سعيا،
        ڪريا ڪوٽ ڪفار جا، ڀلو مولى ملڪ وسايا_ محمّد آيا.
2.      ابرُو ڪاليٰ، نين خماري، خاوند خلقيي نقش ڪٽاري،
        وچ ڪجل دي ڪار، ڀلو سيّد سُرما پايا_ محمّد آيا.
3.      رنگ رسولي گل گلابي، زلف خم و خم روءِ مهتابي،
        نڪ ڪنڍلا تلوار، ڀلو خاوند خوب بنايا_ محمّد آيا.
4.      چِٽيان ڏنديان بَيضا ڪَلِيان، هڪٻئي دي نال رل مل رليان.
        کڙيا کٽڻهار، ڀلو داور دين وڌايا_ محمّد آيا.
5.      حوران حضرت ويکڻ کڙيان، نال ويکڻ دي اکيان اڙيان،
        لُٽيا برهه دا بار، ڀلو ٻَهُون پاڪ رسول ريجهايا_ محمّد آيا.
6.      خوف خدا دا خير شاهه ڄاڻِين، صحيح سچا ربّ سڃاڻين،
        تهتؤن ڪر تڪرار، ڀلو ڪلمان پاڪ پڙهايا_ محمّد آيا.

[2]

ٿلهه:   خدا ڪونۡ ياد ڪرو ٻيلي يار!
        اسان نونۡ مليا هي سردار.
1.      نڪاح نبي دا پڙهيا عالم وچ اظهار،
        ايڏا شان شفيع جا، بنيا باغ بهار.
2.      مِڙي سهيليون آيون، سَو سَو ڪري سينگار،
        هيرا ڏنئون حبيب کي، ناز منجهان نروار.
3.      ساٿ سيّد جو آئيو، ڀري کٿوريءَ بار،
        مَڪو مدينو واسيو، ڳليءَ ڳليءَ هُٻڪار.
4.      احمد چڙهيو اٺ تي، گهِن آيا بازار،
        مَلڪن مبارڪون ڏنيون، آيو عالم جو سردار.
5.      اڱڻ اساڏي آئيا، عالم جا سردار،
        خير شاهه کي ڪهه، ڪلمي جي پچار.

ڄام خان چانڊيو

[ڄام خان ولد محمد رحيم خان چانڊيو بلوچ، تعلقي بدين ڪڍڻ لڳ ڳوٺ ٻڍي خان چانڊئي ۾، سنه 1309 هه/ 9-جون 1891ع ۾ ڄائو. اتي سهولت نه هئڻ ڪري پڙهي نه سگهيو. جوانيءَ ۾ سلهه جي موذي مرض مٿس حملو ڪيو، جنهن ڪري سدائين اڪيلو گذاريندو هو، ۽ سڄي عمر شادي به نه ڪيائين. شيعه فرقي سان تعلق رکندو هو، تاهم سڀني اصحابن سڳورن لاءِ کيس عزت هوندي هئي ۽ انهن جي حب ۽ شان ۾ ڪيتروئي مدحيه ڪلام چيو اٿس. حاجي ڄام خان 1374 هه/ 23-سيپٽمبر 1945ع ۾ وفات ڪئي.]

[[11]]

ٿلهه:   سهجئون وڃي سڀڪنهن ڏٺو، محمّد مير مِٺو،
                هيجئون هلي هر ڪنهن ڏٺو.

1.      ڄائو رسول ربّ جو، چوڏهينءَ چنڊ ڏٺو.
2.      نالو سڻي نرمل جو، ڪفر سڀ ڪُٺو.
3.      عيدون ٿيون عالم ۾، مُشرڪ آهي مُٺو.
4.      چاڳ منجهان ”چانڊيو“ چئي، سرور ساٿ سُٺو.

[2]

ٿلهه:   اچي محب مليا سيج سونهاري، موتين واري،
                        ٿِي موچاري بوند بهار.

1.      اڱڻ جو آيم، ڏسي سڪ لاهيم، گوندر سڀئي ٿيڙا غار.
2.      سؤ سؤ ڀيرا سڄڻ اوهان تي، صلواتون پڙهان صد بار.
3.      پرڻي رات رسول جي، حورن ٻڌڙا هار.
4.      ڄام چئي ويا اکين اوجاڳا، آئي وصل جي وار.

[3]

ٿلهه:   عربي اسان ڏي اڱڻ آيا، مل سهليان! ڏيوو مبارڪ،
                                چڙهه گهوڙي اتي گهوٽ گهمايا.

1.      لٿي گوندر، ٿيان شاديان، پُنيان اسان ڏيان من مراديان،
                                سيّد ڪون هي  ايجها    سعيا.

2.      محمّد جهيڪيا اُٺ مهاري، بادل برسيا بوند بهاري،
                                جهٽ جهٽ  وسدا جهڙ ڦڙ لايا.

3.      مَٽ محمّد دا ڪوئي نه ڀانيان، سهڻي سيّد دي سيج وڇايان،
                                ايجها نه ڄمسين، نه ڪوئي ڄايا.

4.      ڄام سائل اُتي رب ٿيا راضي، ڪوڙ ڪفر دي بند ٿئي بازي،
                                ساعت سعيد  وچ  سرگس  آيا.

[4]

ٿلهه:   گهوٽ مديني جو ڌڻي، من منهنجو ويو ماري.
1.      اصحابن اوڇنگاريو، هليا سرور سينگاري.
2.      ڏاتر ڏاڍو ڀانيان، ٿو راڻيون روئاري.
3.      جدائي جانب جي، قادر ٿو ڪاري.
4.      ڏسي ڄٽايون ڄام جون، نئي مديني ماري.

[5]

 ٿلهه:  مونکي سڪندي سال ٿيا، ڏاتر! مون ڏيکارين، محب مديني جا.
1.      ڏسان اوڏو اکين سان لالڻ وٽ لقاءُ.
2.      ڏيارئين ڏوٿين کي، جنّت البقيع ۾ جاءِ.
3.      تون هيڻن جو هاشمي، ڪج برن ۾ بچاءُ!
4.      ڄام چئي ڄمار ۾، مون تي وارين وصل جو واءُ.

[6]

ٿلهه:   ڏيکار ڏيهن جا ڏاتار! عربي اڙين جو آڌار.
1.      قسمت ڪر ڪمتر جي، واحد واڳون وار.
2.      جلي ٿو جيءُ جانب لئي، تن ۾ تنهن جي تار.
3.      هينئڙو هوت حبيب لئي، ڦاٽي ٿيو ڦار.
4.      سڪندي تنهن سردار  لئي، ڄام وڃي ٿي ڄمار.

[7]

ٿلهه:   ور اڙين جا آڌار، محمّد مدني اُلهي عاجز تان آزار.
1.      ستر ڏيندڙ سڀن جا، آهيون تو منجهه طمعدار.
2.      وکر وهِايم وچ ۾، نه ڪيم وحدت جو واپار.
3.      ڪندو ڍڪ ڍٽن ۾، سڻندو سائل جي سردار.
4.      تو ڄاڻي ڄام چئي سائين! واسيا سڀ ولهار.

حاجي مراد خان چانڊيو

[حاجي مراد خان ولد جاني خان چانڊيو بلوچ سنه 1908ع ڌاري ڳوٺ احمد خان چانڊيي، لڳ نندي شهر جي ڄائو. نندي شهر جي اسڪول ۾ چار درجا سنڌي پاس ڪيائين، پوءِ آبل جي وسي ۾، مولوي عبدالرحمان کان فارسي ۽ عربي تعليم ورتائين. اَٺ حج ڪيائين، آخري ڀيرو حج ڪري پئي موٽيو ته واٽ تي مقلا بندر وٽ سنه 1954ع ۾ وفات ڪيائين.]

[1]

ٿلهه:   کنياتل! ڪا خبر آڻج، عجب اخبار عربن جي،
        وڇوڙيل جو سنيهو کڻ، ڪا ورندي وار عربن جي.
1.      ويهن ڪعبي سندي در وٽ، گهمن ربّ پاڪ جي گهر وٽ،
        رسول الله رهبر وٽ، کُلي درٻار عربن جي.
2.      ويٺا حرمن اندر هوندا، پيا زمزم سان مُنهن ڌوئندا،
        رڪوح سجدي ۾ پيا روئندا، ٻُڌان اوڇنگار عربن جي.
3.      اهو ٿَنِ راز روزاني، پڙهن ٿا دور قرآني،
        اهو ٿَنِ راز رحماني، ٻُڌان گفتار عربن جي.
4.      حاجي مراد سدا ساري، ڏاتر شل ڏيهه ڏيکاري،
        مديني نيئي مونکي ماري، ٻڌان گفتار عربن جي.

[2]

ٿلهه:   عرش ڏي سواري هلي هاشمي هسوار جي،
        سڀني وڻ سجدا ڪيا، سونهن پسي سردار جي.
1.      حڪم ٿيو ملائڪن کي، اوهين بيهو سڀئي سينگارجي،
        مرحبا صلوا عليہ چئو مصطفى مهندار جي.
2.      بهشت جي براق سان، حاجت نه آهي گلزار جي،
        هار پائي حورون هليون جنتي جنسار جي.
3.      انبياءَ هڪ ساعت اوهين بيهو سڀئي سارجي،
        اڄ ملي معافي اوهان کي قدرتي ڪم ڪار جي.
4.      چئي حاجي مراد هر طرف مدعي ويا سڀ مارجي،
        اُڀ، زمين، لوح و قلم ۾ عيد هئي اسرار جي.


[1] [10] ’مجموعہ مولود‘ مطبوع اسلاميه پريس لاهور تان ورتل.

[3]  مولودي يار محمد مهاڻي جي قلمي بياض تان ورتل.

[1] کان [9] تائين مولودي محمد رحيم مڱڻهار جي قلمي بياض تان ورتل.

[[3]] کان [3] تائين مولودي يار محمد مهاڻي جي قلمي بياض تان ورتل.

[[4]]  ۽ [2] ’مجموعہ مولود‘ مطبوع اسلاميہ پريس، لاهور تان ورتل.

[3]  کان [4] تائين مولودي حاجي لونگ خواجي جي قلمي بياض تان ورتل

[[5]]  ’گلشن ڪهاڙو‘ مطبوع محموديه پريس سکر تان ورتل.

[[6]]  مولودي حاجي لونگ خواجي جي قلمي بياض تان ورتل.

[[7]]  مولودي يار محمد مهاڻي جي قلمي بياض تان ورتل.

[[8]]  مولودي دوست محمد ڪيريي جي قلمي بياض تان ورتل.

[[9]]  کان [3] تائين مولودي لونگ خواجي جي قلمي بياض تان ورتل.

[3]  مولودي يار محمد مهاڻي جي قلمي بياض تان ورتل

[[10]]  ۽ [2] مولودي يار محمد مهاڻي جي قلمي بياض تان ورتل.

[[11]]  کان [7] تائين شاعر جي ڀائٽيي مقبول احمد کان مليا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org