سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مولود

 باب:

صفحو :6

[64]

ٿلهه:   اي جيءُ، مديني جا ڄام، محمّد! مل مشتاقن کي،
        ڪـــــوڙيـــــن ٿـــيـــــا قـــــربــــان، مــــحــمّد! مل مشتاق کي.
1.      ڏاڍو ڏينهن قبام جو، منڊبو اُت ميزان،
                        محمّد! مل مشاقن کي ...

2.      آجهي تنهنجي آهيان، سيّد تنهنجي سام،
                        محمّد! مل مشاقن کي ...

3.      حاجي مٿي هٿڙا، رکندو پرين پاڻ،
                        محمّد! مل مشاقن کي ...

4.      اَجهي پرينءَ پنڌ پيا، منجهان مصر شام،
                        محمّد! مل مشاقن کي ...

5.      روضي مهندان رسول جي، سهسين ڪن سلام،
                        محمّد! مل مشاقن کي ...

6.      آگاهه عبدالرؤف جو، ڪج مديني مقام،
                        محمّد! مل مشاقن کي ...

[65]

ٿلهه:   واءُ وصال جو وار، ڪو سائينم واءُ وصال جو وار!
1.      محمد مير جي محبت من ۾، تاري تلاوت جي تن ۾،
        باهه برهه جي جنهن جي بدن ۾، سو ئي ڏيکاري ڏاتار.
2.      احمد ڄام اڱڻ شل ايندو، عشق جون رمزون روح رليندو،
        مولو محمّد مير ميڙيندو، ملندو محب مٺو منٺار.
3.      جيءَ ۾ جوش جانب جو آيو، جنهن سورن سان گڏ لس لايو،
        مونکي ڀلارا هاڻ بچايو، باري لاهيو برهه جا بار.
4.      هينئڙو هوتن ڏانهن هلي ٿو، سائين کي سور سڀيئي سلي ٿو،
        جيئڙو جانب لاءِ جَلي ٿو، عشق جو لاهيو هي آزار.
5.      عبدالرؤف آنٌهنجي در جو سوالي، تنهن کي خاوند ڪريو مَ خالي،
        آهين ساري جڳ جو والي، پنهنجا قول پيارا پار.

[66]

ٿلهه:   زير زبر شد مد، نقطو جزم، جِدي ۾ پڙهنديس،
                        محمّد کي وڃي ملنديس.

1.      برڪت بسم الله جي، پار مڪي جي پُرنديس،
        وٺيو سير سمونڊ جي، ترندي تار لنگهنديس.
2.      ڪعبي مهندان ڪريم جي، اُڀي عرض ڪنديس،
        چڙهي جبل عرفات تي، حاجين سان حج پڙهنديس.
3.      مديني جي واٽ سان، راهه وٺيو آ
رمنديس،
        منجهان حوض حبيب جي، پاڻي پاڪ پيئنديس.
4.      عاصي عبدالرؤف چئي، چائنٺ شال چمنديس،
        پيراندي پرين رسول جي، سِرڪي ساهه ڏينديس.

[67]

ٿلهه:   هي سڱ عربي ڄام سان، ڀلي ٿيو ڀينر!
        ڀلي ٿيو ڀينر! پيڙو صاب سفر.
1.      ماءُ ڏنو مستيءَ مان، مونکي اولاڻو اَپر.
2.      لکيا لوح قلم ۾، اصلئون انگ اکر.
3.      ’حدودي‘ مان هليا، بيحد جهاڳي بر.
4.      عاصي عبدالرؤف چئي، پسان دوستن در.

[68]

ٿلهه:   وندر ووڙيندي وتان، ڏونگر ڏوريندي وتان،
                        دم دم هوت حجازي لاءِ ....

1.      ڏوري ڏوري مان لهان، جانب سندڙي جاءِ،
                        دم دم هوت حجازي لاءِ ....

2.      پنهون پيرانديءَ پنهنجي، منهنجو لوڙهه لٽاءِ،
                        دم دم هوت حجازي لاءِ ....

3.      ساٿي منهنجو سنيهو، وڃي پرين کي پڄاءِ،
                        دم دم هوت حجازي لاءِ ....

4.      عبدالرؤف چئي احمدا،مونکي سيّد ڪيم سڪاءِ،
                        دم دم هوت حجازي لاءِ ....

[69]

ٿلهه:   ساريو منهنجا نيڻ سڪن، حاضر تنهنجي حضور ۾،
                        عاشق روز اچن.

1.      حاجي حُب منجهان، جيڪي عرب ولايت وڃن،
        صلواتون سرور اُتي، پانڌي روز پڙهن.
2.      عاشق احمد ڄام جا، واٽن تي وجهلن،
        پيرن سان پنڌ ڪري، اکين ساڻ اچن.
3.      موٽج مير! مريض تي، وارث! وير ولهن،
        ڏج دلاسو دلگير کي، دارون درد مندن.
4.      عاصي عبدالرؤف چئي، جي ڪلمون پاڪ پڙهن،
        پيراندي پرين رسول جيٖ، اهي مري ماڳ لهن.

[70]

ٿلهه:   منهنجا گهوٽ محّمد کي، ساٿيا! ڏج سلام ساري.
1.      حضرت هوت حبيب جي، مونکي محبت ٿي ماري،
        قسمت سندي قيد ۾، هي گهايل ٿي گهاري.
2.      مير مديني شهر ۾، گوهر ڄام گذاري،
        حيف منهنجي حال کي، جو ويٺس وساري.
3.      عاصي عبدالرؤف چئي، شل نيئي مديني ماري،
        هجان پيراندي پرين جي، من نرمل نهاري.

[71]

ٿلهه:   جيڏيون! ڪِيم جهليو، آ جا هلنديس هوت حبيب ڏي.
1.      ويهان تان وجهلان، سُمهان تان مون سک ويو،
        هاشمي حبيب جو، اچي مون پهه پيو.
2.      ڀينر هن ڀنڀور ۾، مونکي ويهڻ وهه ٿيو،
        پيهه پيهه ڪندي پنڌ ۾، مَٺيءَ موت ٿيو.
3.      نهوڙي ناڀن سان، مونکي نيهن نيو،
        جهليو پليو نه رهي، وسانٌ مون ساهه ويو.
4.      عاصي عبدالرؤف چئي، مون سان ٻَٽي پير ڀريو،
        مديني جي مير ڏي، وڃان ٿو به وريو.

[72]

ٿلهه:   مور نه مٽيندياس، در پنهنجي دوست جو.
1.      پلؤ ته پنهنجي پير جو، ور ڏيئي وٺندياس.
2.      قبو ڪامل پير جو، ڏورئون شل ڏسندياس.
3.      ماڻڪي محمّد مير جي، چشمن سان چمندياس.
4.      عاصي عبدالرؤف چئي، ڪلمون پاڪ پڙهندياس.

[73]'

ٿلهه:   محبت منجهه مرن، سڪ ۾ سيّد ڄام جي واڍوڙيا وجهلن.
1.      مٿي راهه رسول جي، حضرت ڏي به هلن.
2.      چارئي يار رسول جا، مرسل ساڻ مرڪن.
3.      مٿي جبل عرفات تي، حاجي حج پڙهن.
4.      عاصي عبدالرؤف چئي، منجهه مديني رهن.

[74]

ٿلهه:   مونکي شوق شفيع شاهه اوهان جو، آهي اور اندر سان.
1.      پرتئون پيچ منهنجو، آرياڻي انور سان،
        هيڪر هيڪاند ڪريو، نيئي ديواني دلبر سان.
2.      ڇڏي نماڻي ننڊ ۾، ويِڙَا ڏير ڏمر سان،
        ڪارُون ڪنديس ڪيتريون، وڃي ڏوراپا ڏونگر سان.
3.      هيءَ نماڻي نال نجا، پورهيت ڇڏيو مَ پَر سان،
        آ پڻ هلنديس اوڏهين، لڳي لالڻ! انهنجي لڙهه سان.
4.      ڪانڌ نه ڪنديس ڪو ٻيو، منهنجو نينهڙو لڳو نَر سان،
        سهسين سکائون وڃي، ورهايان پنهنجي ور سان.
5.      جانڪون جياريوم ڏينهڙو، ويهان ذاتي ذوق ذڪر سان،
        عاضي عبدالرؤف چئي، سونهان سيّد! اهان جي سڳر سان.

[75]'

ٿلهه: منهنجو داد ڪريو دلبر، مٺا منور، مير مديني جا!
1.      قرب قاب قوسين چيو، پاڻ خدا پرور،
        راضي ٿيءُ رسول تون، ڏيهن جا ڏاتر.
2.      ڏسو صدق صديق جو، عمر شاهه عادل،
        عثمان شاهه علم جو، علي شاهه حيدر.
3.      حَسن مير حسين هئا، اڙين جا آڌر،
        اچي بيٺا پڙ ۾، سر ڏيئي صابر.
4.      عاصي عبدالرؤف چئي، مونکي اڪاريو انور،
        پاڻي پاڪ پيان، ڪلمي سان ڪوثر.

[76]'

ٿلهه:   جيءُ جيءُ سائين! توکي رب گهرايو،
                        هل تون مير محمّد شاهه!

1.      لڏيو رسول ربّ جي، جڏهن دار منجهان دنيا،
        جنّ، ملائڪ حورون پريون، اتي حاضر سڀ هئا.
2.      آيو ملڪ الله جو، احمد جي اڳيان،
        وٺي روح رسول جو، اُسهيو ڏونهن سماء.
3.      روئڻ آيو پڌرو، حرم ڪعبي مان،
        پکي مور نه پهريا، سي تان چُوڻو ڪين چڳيا.
4.      عاصي عبدالرؤف چئي، مون سان ميران! مدد ڪجان،
        مون تي موٽج مصطفيٰ! وهلڙي واهر ڪجان

[77]

ٿلهه:   ملڪ رُنا ٿي مير لئي، رُنو عالم زاروزار.
1.      ’ابوالقاسم‘ لڏيو، سڃ ڪري سردار.
2.      سهائي رات سومار جي، تارا کڙيا تڪرار.
3.      عاصي عبدالرؤف چئي، سوڀ ڏيو سردار.

 

مخدوم غلام محمد بگائي

[مخدوم غلام محمد بُگائي، ڳوٺ بُگا تعلقي موري جو ويٺل هو ۽ پنهنجي وقت جو وڏو عالم ۽ عاشقِ رسول صلعم ٿي گذريو آهي. مخدوم صاحب جي ڄمڻ توڙي وفات جو سنه توڙي احوال ملي نه سگهيو آهي. باقي مختلف روايتن موجب ميان نور محمد ڪلهوڙي (1133هه/1719ع-1167هه/1753ع) جي زماني ۾ زندهه هو. نهايت ئي پرهيزگار ۽ راست گو هو. جڏهن ميان نور محمد ڪلهوڙي، مشهور بزرگ مخدوم عبدالرحمان کي (1145هه/1732ع) ۾ شهيد ڪرايو، تڏهن مخدوم غلام محمد ئي هو جنهن ميان کي سخت ننديو ۽ مخدوم عبدالرحمان جي شهادت جو واقعو نظم ۾ قلمبند ڪيو. سندس چيل مولود اڄ تائين سڄيءَ سنڌ ۾ ڳائبا آهن.]

[1][1]

ٿلهه:   لک لک مبارڪون نبي زادا! سائين نبي زادا، لک لک مبارڪون!
1.      شمس شڪرانا ڪيا، ڪوڙين بار قمر،
        ڏني مبارڪ مشتري، عطارد کي اختر.
2.      زحل وڃي سي زير ٿيا، مريخ سي منهن ڀَر،
        زينت زهرا کي ملي، سهري پارون سرور.
3.      مَلڪ سڀ مطيع ٿيا، حورون اچن هرهر،
        پسي منهن محبوب جو، جلويدار جوهر.
4.      صلوات سڀني ٿي چئي، ڏيهه ۽ ڏونگر،
        پرڻي رات رسول جي، ڪيا شڪر ٿي شجر.
5.      غلام محمد ٿو چئي، شڪراني جا ته شعر،
        مون تي مرسل مير تون، هٿ رکج هرهر.

[2]'

ٿلهه:   منهنجو حاڪم زادو، سهڻو نبيءَ زادو انور،
        نوَ لک ته مبارڪون شفيع زادي کي.
1.      هليو اُتر پار ڏي، ساٿ کڻي سرور،
        وريم شال وطن تي، ڪري سانگ سفر.
2.      بييءَ بنگلي تي چڙهي، نهاري ڪئي نظر،
        سُنهين توسين سپرين، وينگس ٻانهن جو ور.
3.      آڻي جمل جهڪائيو، در اڳيان دلبر،
        بيبيءَ بنري سان ڪئي، خوشيءَ مان کيڪر.
4.      غلام محمد ٿو چوي، شڪر ڪن ته شهر،
        مون تي مرسل! مهر جا، هٿ رکج هرهر.

[3]'

ٿلهه:   رکو هيڻي تي هٿ هرهر، ٿئي رحمت يا رسول الله!
        ڪـري ٻـيو ڪـير تـو ريءَ هـت، حـمايت يا رسول الله!
1.      هيڻي هن حال منهنجي جي، سيّد! سُڌ توکي سڀ آهي،
        چوڻ چارو نه مون آ ڪو، حڪايت يا رسول الله!
2.      ٿئي آڌر ارادت جي، پسان تو مير محمّد کي!
        ڪريان خدمت، ٿئي حاصل، هدايت يا رسول الله!
3.      نه اٿم تقويٰ نمازن جي، نفل، فرضن عبادت جي،
        رکان اميد رحمت جي، عنايت يا رسول الله!
4.      غلام محمد جو غم لاهي، خرابيون ۽ خطائون سڀ،
        ٿئي شافع! وري منهنجي، شافعت يا رسول الله!

[4]

ٿلهه:   بديون بخشاءِ خدا ڪارڻ شفيع الله مديني جا!
        خطائي پُر خطا آهيان يا نُور الله مديني جا!
1.      بُرن عملن ڀريو آهيان، ندوري نفس ڏانهن ڀانيان،
        جهڙو آهيان تهڙو آهيان، يا اسد الله مديني جا!
2.      خطا کان خلق جي خواري، جيئري جان آزاري،
        رسين رهبر مون هڪواري، حبيب الله مديني جا!
3.      شفاعت لئي جي لب کولين، حشر ۾ امّتي ڳولين،
        رلين کي شل نه رڻ رولين، ڪريم الله مديني جا!
4.      خدا ڏسي خُلق تنهنجي کي، فِديو ڪيو مُلڪ پنهنجي کي،
        سراسر عفو ڪئين توکي، نبي الله مديني جا!
5.      غلام محمد ٿو حب مان چئي، رکج هيڻي تي هٿڙا ڪي،
        مون عاصي کي اجهو ڪو ڏي، رسول الله مديني جا!


' [73] ۽ [74] مولودي محمد رحيم مڱڻهار جي قلمي بياض تان ورتل.

' [75] مولودي يار محمد مهاڻي جي قلمي بياض تان ورتل.

' [76] ۽ [77] مولودي محمد رحيم مڱڻهار جي قلمي بياض تان ورتل.

[1] [1[’مجموعہ مولود‘ مطبوع اسٽيم پريس لاهور تان ورتل

' [2] علي محمد اڄڻ جي قلمي بياض تان ورتل.

' [3] ۽ [4] حاجي لونگ خواجي جي قلمي بياض تان ورتل.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org