[2]
ٿلهه: شال ملان پنهنجي پرينءَ رسول کي،
شال پسان پنهنجي هوت حبيب کي.
1. سج سڪندي لاهيان، جاڏنهن پرين اچن،
خاڪ کٿوري ڀانيان، سندڙي پير پرين.
2. ويٺي ورهه وسائيان، هيڪلڙي ۾ هنڌن،
جانب ايندم جُوءِ ۾، دارون دردوندن.
3. اوٺي آيم اُٺ تي، وڄن جانٌ وَرَن،
ڪڪر ڇانٌوَ ڇُٽو چئي مٿئون محبوبن.
شمس الدين ”بلبل“
[شمس الدين ولد بهادر خان، ميهڙ تعلقي جي چڪ بلبل
جي ڳوٺ ۾ سنه 1857ع ۾ ڄائو. پوءِ لڏي اچي ميهڙ ۾
رهيو. اوائلي تعليم ’گهاري‘ ۾ ورتائين. فارسي به
اتي ئي پڙهيو. سندس ڪلام گهڻو ڪري ظريفانه آهي.
وڏو عالم شخص هو. 63 ورهين جي عمر ۾ سنه 1919ع ۾
وفات ڪيائين.]
[1]
ٿله: معراج هليو سرتاج نبي، ڪري ويس وڳا
وهواهه بَنا،
جبرئيل ٿيو صدقي صدقي، چي صلي
الله وهواهه بنا.
1. بيٺا مَلڪ فلڪ جا قطار ڪري، نوِ يودُ رجَ
گوهر جانثار ڪري،
هڪٻئي کي چون جيءُ جان فدا، آبو نُور هديٰ
وهواهه بنا.
2. جيڪي مرسل سان موجود هئا آدم کان وٺي تان
عيسيٰ،
جنهن جئن ٿي ڏٺو تنهن هئن ٿي چيو، محبوب
خدا وهواها بنا.
3. جڏهن قاب قوسين جو قرب لڌو، تڏهن اوادنيٰ
جو اسرار اُڌو،
تڏهن پردو کڻي حق هيئن ٿي چيو، منهنجو
ماههِ لقا وهواهه بنا.
4. گلزار خدائيءَ جو گل ڦل، مقصود مڙئي مخلوق
جو ڪُل،
تنهنجو مدح سَرا مسڪين ”بلبل“، قُمريءَ جي
صدا وهواهه بنا.
گل محمد عباسي
[قاضي گل محمد ولد دين محمد عباسي، لُواري لڳ ڳوٺ
ڳڙهي، تعلقي بدين ۾ سنه 1904ع ۾ ڄائو. شعر و شاعري
۾ سندس اُستاد، قاضي محمد عرس هو. فارسيءَ جي
تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ، لُواري جي پيرن وٽ
ملازمت ڪيائين. قاضي محمد عرس جو ساڻس تمام گهڻو
پيار هو. سنه 1924ع ۾ وفات ڪيائين.]
[1]
ٿلهه: تو لئي پهه پچايان، سگهو آءُ سردار، اي جيءُ
محب مٺا منٺار!
1. جيڪي ڪيم جهان ۾، ڪوڙ ۽ ڪرت ڪچار،
سي بخشاءِ لڳ باريءَ جي، ڏيهه جا ڏاتار!
2. دردن درماندو ڪيو، منجهه دنيا جي دنٌوار،
الله لڳ آجو ڪر اچي سختين مان سردار!
3. سڏڙا سڻي سيّدا! هن ڪاهل جي ڪوڪار،
راهه ۾ رسج رهنما، ٻڌي ٻانهيءَ جي ٻاڪار.
4. احمدا! اُڪنڊ اوهان جي، آهي مون اظهار،
قسمت مونکي قيد ڪيو، ڏنهه پرين جي پار.
5. آهي حب حبيب جي، ڏسان مديني مير مُنار،
وقت هالاڻي هن کي اچي ڏيو آڌار.
6. گڏ ڪجو گل محمّد کي، جيئن پنهنجي سان
پيزار،
روضي اڳيان روزمرهه اتي درس ڏسي ديدار.
[2]
ٿلهه: ڪر شفاعت ڪا ڪامل، آهيان ڪاهل،
ترت رسو تهدل.
1.
آ عاشق اوهان تي احمدا! جيئن بستان مٿي بلبل.
2. متان مونکي ڇڏين هادي منجهه هڪ پل.
3. نينهن چوٽيءَ سين آهيان گناهن ۾ گتل.
4. ثواب ڪيم ڪونه ڪو آهيان بدين ۾ ڀريل.
5. مڪو مدينو مصطفيٰ! هيڪر ڏيکاريو کي ”گل“.
[3]
ٿلهه: حُسن پنهنجي جو حضرتا! ترت پَسايو تجمّل،
احمدا! تون اڪمل.
1.
ڪڍان ٻاهر ٻاڦ جي، جلن هوند جبل.
2. ساعت ڀانيان سال ٿيا، جدا جانب کان اجل.
3. روضي پاڪ رسول جي، عطر اوت اُڇل.
4. آهي آس اندر ۾، اياڻي کي اصل.
5. پاڙي رهائج پنهنجي، گڏ گداگر ”گل“.
[4]
ٿلهه: توتي سرتاج سبحاني، محمّد يا رسول الله!
بڪش زين حال حيراني، محمّد يا
رسول الله!
1. اميدون عرضدارن جون، سدا تنهنجي سخاوت ۾،
نظر ڪر نَور رحماني، محمّد يا رسول الله!
2. سوين سائل تنهنجي در تي، وتن مخمور منجهه
محبت،
سوين ڪن ساهه قرباني، محمّد يا رسول الله!
3. اندر جي آرزو منهنجي، سڀئي روشن نظر
تنهنجي،
فڪر جنهن کان ٿيس فاني، محمّد يا رسول
الله!
4. بحر درياء عنايت جو جڏهن آهين سخاوت جو،
تڏهن ڪيم حال نيشاني، محمّد يا رسول الله!
5. اَٿو معلوم سُڌ سڀڪا، ڪريان تنهن جي حڪايت
ڇا؟
وتان ٿيو وير ويراني، محمّد يا رسول الله!
6. اٻوجهن کي اچي اڪمل! اڪارج سِير هيءَ
افضل،
سنڀارج هيءُ سدا خاطي، محمّد يا رسول
الله!
7. پسي ديدار جي در کي، يقين آيو سدا ”گل“
کي،
ويو آزار ارماني، محمّد يا رسول الله!
تورپيو مسڻ
[تورپيو مسڻ، ڳوٺ حاڪم ڏيپر تعلقي وارهه جي ڀرسان
ڪنهن ڳوٺڙي جو رهاڪو هو. ننڍي هوندي ٻڪريون
چاريندو هو. هڪ ڏينهن ڪنهن وڻ هيٺان ستو پيو هو،
ته خواب ۾ ڪنهن بزرگ چيس: ’اٿي بيت چئو!‘ اهڙيءَ
طرح هن جي شاعريءَ جي ابتدا ٿي. بلڪل اڻ پڙهيل هو.
سندس ٽيهه اکريون، ڪافيون، مداحون ۽ مولود مشهور
آهن. اندازاً سنه 1927ع ۾ وفات ڪيائين.]
[1]
ٿلهه: مڪي ڄائو مرسل، عرب ۾ اسلام ٿيو.
1. ڀلي ڄائو شفا جو مالڪ. نبي اسان جو سرور
صادق،
اڄ پڙهان الحمد، ڄائپندي چَوَن ڄام ٿيو.
2. ٿيڙيون شاديون مُلڪ مبارڪ، ربّ ڪيا پنهنجا
لطف ۽ لائق،
ايڏو الله الصمد! هٿ حبيب حڪام ٿيو.
3. منٺار رسول معراج آڻايو، مٿس ٿيڙيو ربّ جو
رايو،
اتي ڏسي احمد، عرشن کي آرام ٿيو.
4. تورپيو چئي جن جو آهيان، آڏو عجيبن گولو
سڏايان،
ڪاڏي ڦيريان مان ڪنڌ، جاتي عشق امام ٿيو.
عبدالرحمان چانڊيو
[عبدالرحمان چانڊيو، نواب غيبي خان چانڊئي جي
جاگير تعلقي قنبر جو رهاڪو هو. سندس ولادت سنه
74-1272هه/57-1855ع ڌاري ٿي. عربي ۽ فارسي تعليم
حاصل ڪرڻ کان پوءِ شاگردن کر پڙهائيندو هو. سندس
ڪلام تمام گهڻو چيل آهي. هنر ۽ سنيگار جا بيت،
ٽيهه اکريون ۽ ڪانگل جا بيت، مشهور شاعر ”شاهه
محمد ديدڙ“ جي تبع تي چيا اٿس. مختلف روايتن موجب
اٽڪل 25-30 سال کن ٿيا جو وفات ڪيائين، انهيءَ
حساب سان اندازاً سنه 1927ع ڌاري وفات ڪيائين.]
[1]
ٿلهه: اي آ سؤ سؤ صلواتون پڙهان شاهه تي،
اي آ لک لک درود پڙهان نبي تي.
1. جنهن جو نينهن نماز سين، چارو ڏندڻن جو،
تن سندي ڳور ۾، ٿيندو موُر نه اونداهو،
آهي مون عرض اهو....
2. ڏيکاريو ڏيهڙو وري مير محمّد جو،
جيئري مُئي نصيب ڪرين، پاڙو پرين جو،
آهي مون عرض اهو....
3. آهين واءُ وصال جو، راحم رحمت جو،
پاسي تن پرين جي، منهنجو من ٺريو،
آهي مون عرض اهو....
4. ماڻڪي محمّد مير جي، آهي جنهن جو اُهاءُ
وڏو،
پسان پڃرو پاڪ جو، حجرو هوت جو،
آهي مون عرض اهو....
5. عاصي عبدالرحمان چئي، مونکي ڪنهن پر
پهچايو،
مائٽن مڙني سڀني، ٻارن ٻچڙن ساڻ رسايو.
آهي مون عرض اهو....
حافظ حامد
[حافظ حاجي حامد، ٽکڙ (وسين ملوڪ شاهه) تعلقي گوني
ضلعي حيدرآباد جو ويٺل هو. ٽن ورهين جي عمر ۾ ماتا
جي بيماريءَ ۾ نابين ٿيو. قرآن شريف جا صرف اٺ
سيپارا سنڌ ۾ حفظ ڪري باقي ٻاويهه سيپارا، مديني
شريف ۾ وڃي اٺن مهينن ۾ ياد ڪيائين. هو اتي به حج
پڙهي وطن ڏانهن وريو. عربيءَ جي تعليم ملاڪاتيار ۾
ولي محمد درس وٽان حاصل ڪيائين. آخرڪار شادي ڪري
پنهنجي ڳوٺ ۾ ڪپڙي جو واپار ڪيائين. حافظ حامد
1315هه/1896ع ۾ جوڌپور جي ڄاريلي مڪان ۾ وفات ڪئي.
سندس ديوان ”ارمان حامد“ مشهور آهي.]
[1]
ٿلهه: آيو احمد تي ارشاد، چڱي رات معراج جي،
ڀلي رات معراج جي، توکي احمد
سڏايو.
1. نبيءَ کي ننڊ موُن، جبرئيل جاڳايو،
اُٿي سنڀر سرور! توکي آگيٖ آڻايو.
2. مصطفيٰ کي موليٰ، چڱي چست موُن چايو،
قرب قوسين جو، تنهن کي ڏاتر ڏياريو.
3. موليٰ مرسل پاڻ ۾، ڳجهه ۾ ڳالهايو،
اَرڙهن سال هڪ رات، پرين پلڪ ۾ آيو.
4. محمّد مسجد ۾، هلي پاڻ آيو،
ٻن رڪعتن پڙهڻ جو، ٿيو ربّ جو رايو.
5. چئي حامد هميشہ، سڏڙا سڪايو،
موليٰ! مرسل مير جي، جيئري زيارت ڪرايو!
عليل
[1]
ٿلهه: چڱي رات معراج جي، خلقي خاص خدا،
خلقي خوب خدا، خلقي خاص خدا.
1. هاديءَ هردو جهان ڪيا، پرين لئي پيدا،
وٺو نُور نبي تي اول کان ابتدا.
2. طبق طبق تسبيحون پاڪ هليا پڙهندا،
آگي اوهان کي آڻايو، نرمل نُور هدا.
3. موليٰ مقرب موڪليا، محبن کي مهندا،
پرڻي رات رسول جي، حورن هار ٻڌا،
4. روبرو رسول ڪيا، سائين کي سجدا،
باري سڀ بخشايا امتي احمد جا.
5. آهون عرض ”عليل“ جا، سائين لڳ سڻجا،
وارث هن ولهي تي قادر ڪرم ڪريجا.
مقيم سمون
[هيءُ بزرگ محمد سمي ڪاتب جو پٽ هو، جنهن جا لکيل
ڪتاب بمبئي ۾ ليٿو تان ڇپيا. مقيم پڻ پيءُ وانگر
ڪاتب هو ۽ اڪثر ڪري پور بندر ۽ بمبئي ۾ گذاريندو
هو. مولوي محمد اسمٰعيل رنگريز ڪڇ واري جو ساٿاري
هو. ’مقيم‘ جي نالي سان ڪافي مولود مشهور آهن. هڪ
راويت موجب سيّد ياسين شاهه بخاري پنهنجو تخلص
’مقيم‘ پڻ ڪندو هو، انهيءَ ڪري اهي ساڳيا مولود
سندس نالي هيٺ پڻ ڏنل آهن (ڏسو صفحو 77-86). مگر
گمان غالب آهي ته اهي مولود جن جي آخر ۾ ”موليٰ هن
مقيم کي“ يا ”مرڻ ويل مقيم کي“ جا فقرا آهن سي
مقيم سمي جا چيل آهن. جيئن ته مولود نمبر پهريون
بدين ۽ ڪڇ طرف ’مقيم سمي‘ جي نالي مشهور آهي.]
[1]
ٿلهه: مير مديني جو مون گهر آيو،
ڀلي ڪري آيو، سُرهي سيج وڇايو،
جيڏيون! مير مديني جو ڄام.
1. جهڙو گهوڙو گهوٽ جو، تهڙو اوهين ساڄ
سنڀايو.
2. ٻڌو موڙ مٺي کي، چاڙهي گهوٽ گهمايو.
3. ڪريو گهورون گهوٽ مٿان، ماڻڪ مينهن وسايو.
4. توڙئون آهيو تڪڙا، در در ڪين دمايو.
5. ڪريو ساٺ سيّد کي، قريشاڻيون ڪوٺايو.
6. ربّ پنهنجي رسول کي، عرشن منجهه گهرايو.
7. موت ويل مقيم کي، ڪلمي ساڻ لڏايو.
[2]
ٿلهه: آئي نويد رسول ڏي، پيغمبر موليٰ مرڪايو،
پرين پاڻ پهرايو، محمّد مير
ساراهيو.
1. رفرف آيو رسول ڏي، اوهان کي آگي آڻايو.
2. موليٰ مرسل پاڻ ۾، ڳجهه اندر ڳالهايو.
3. بابو بيبيءَ فاطمہ، انعامي ٿي آيو.
4. مرڻ ويل مقيم کي، اچي ڪلمون پاڪ پڙهايو.
[3]
ٿلهه: جنهن لئي ويٺي مون واجهائيو، سو گهوٽ محمّد
آيو.
1. معراج هليو مصطفيٰ! آنٌ کي سائين سڏايو.
2. ڪنجڪ قابو جبرئيل وٺي، حضرت ساڻ هلايو.
3. رفرف تخت رسول تي، آگي عرش آڻايو.
4. موليٰ! هن مقيم کي، محبن ساڻ ملايو.
[4]
ٿلهه: ڀلين آيم سرتيون! سرور سلامت،
ڪامل ڪيچ ڌڻي، ڏاتر ڏيهه ڌڻي.
1. خواب خديجة خوب ٿيو، وهڃايو ورقة.
2. احمد چڙهيو اُٺ تي، لعل ورائي لت.
3. آهين احمد ڄام جا هيڻن مٿي هٿ.
4. سڀ لنگهائيندم لڪيون، ڪلمي جي برڪت.
5. موليٰ! هن مقيم جي، سولي ڪر سڪرت.
محمد اسماعيل
[مولوي محمد اسماعيل رنگريز ولد محمد ابراهيم ڪڇي،
ڪڇ ڀڄ جو رهاڪو هو. وڏو عالم شخص هو. سندس اڪثر
ڪلام سنڌيءَ ۾ ڇپيل آهي. ڪڇ ڀڄ مان ’روضة الحسنات‘
نالي هڪ رسالو 1332هه/1913ع ۾ جاري ڪيائين. سنڌ جا
اڪثر عالم فاضل سندس صحبتي ۽ قدردان هئا. اول
’محمدن اسڪول ڪڇ‘ ۾ معلم هو، پوءِ رياست ڀڄ ۾
ترجمان جي حيثيت سان ملازم ٿيو. اڪثر فارسي لکپڙهه
جو نيڪال سندس ذمي هو. سندس مولود مشهور آهن.]
[1]
ٿلهه: ڇڏي ساٿي سيڻ سڳا، اينديس اڪنڊ عجيبن جي.
1. پيرين پونديس پرين جي، جت ماڻڪ مينهن وٺا،
گهوري ڇڏيا گهوٽ تان، واحد ملڪ وڏا،
2. منهن مِٺي محبوب جو، نُور نبار لقا،
سائين صلابت سَهڻو، شافع شمس ضحيٰ.
3. مونکي مديني ميڙيين، جت رهن محبوب مٺا،
پهچان پرين پيچري، ڪري جيئري جان فدا.
4. هادي تن هلائيو، مٿي رهبر راهه هديٰ،
هوت ’هُداالمتقين‘ ڏيين ساڻ اُمور اها.
5. اسماعيل عجيب ڏانهن، هل هوريٰ ساڻ هتان،
ڏِسج ڏوري ڏيس کي، جت پرين پير وڌا.
[2]
ٿلهه: جانب ور جناب، منهنجا مرسل ماَب!
احمد! اچ عجاب، منهنجا مرسل ماَب!
1. مير مديني مصطفيٰ گوهر گهوٽ گلاب،
وير وسيلا ولهين، شافع! موٽ شتاب.
2. درس پسايو دادلا! مشفق مُنهن مهتاب،
صورت ڏيکاريو سيّدا! نُوري لاهي نقاب.
3. حاجي هوت حبيب ڏي، منهنجا عرض ڪجا ارباب،
پيغام پاڪ رسول کي، ڏجان نينهن سان نجاب.
4. گولو گوندر گڏيو، ڪج ڪامل ڪامياب،
حامي، هادي، هاشمي، رس رهبر ري حجاب.
5. دائم اَنٌهنجي در تي، اُڀو اندر باب،
سائين سٻاجها سپرين، اچ احمد! بِن عتاب.
6. سگهو رسج سيّدا! عجب اوتي آب،
ٻڏل ٻيڙي ٻاجهه سين، ڪڍ ترهو کؤن طناب.
7. عاجز اسماعيل کي، ڪج راحم منجهه رڪاب،
الفت سندو عربي! ڏج شوقن سان شراب.
[3]
ٿلهه: سڀن جو سلطان، ڀلي ڪري آيو،
داور جو ديوان، ڀلي ڪري آيو،
فائق جو فرمان، ڀلي ڪري
آيو.
1. باغ بَنِي سڀ بهشتن جهڙا، گل ٿيا گلزارا،
طبع مٿي جڏهن ناز نبي جو، چمڪيو چون
چوڌارا.
باري جو برهان، ڀلي ڪري
آيو.
2. مُنهن محمّد مير مٺـي جي شمس قمر شرمايو،
ضحيٰ دلبر دوستن رخ کي، سائين ڏنو سرمايو،
ظاهر کؤن ظلمان، ڀلي ڪري
آيو.
3. ’لولاڪ لما خلقتا لا فلاڪ‘ فائق تو
فرمايو،
مرسل مُهڙ مڙن جو آهين، ختم الرّسل ڇَٽ
سايو،
ساراهيو سبحان، ڀلي ڪري
آيو.
4. آ ڪڄاڙو، ڪير ڪميڻي، وصف سندس واکاڻيان،
مدحت تنهن محبوب مٺي جي، پرور کي پرنايان،
واصف جنهن قرآن، ڀلي ڪري
آيو.
5. چشم چمڪ چوڏس ڪَرين ٿيون جلوي سان
جهلڪارا،
نڪ نزاڪت نُور نبي جو، بُلند بيحد پارا،
ڳل سندس رخشان، ڀلي ڪري
آيو.
6. سروَ صنوير صدقو ڪريان، قامت قد قريبن،
پاڪ پيشاني پرين آهي، والقمر وٽ وِيرَن،
مهر ڪرينٌ مڙ گانَ، ڀلي
ڪري آيو.
7. ’سوف يعطيڪ‘ تنهن کي اشارو داد ٿي دلگيرن،
شان شفاعت اِذن عطائي، مهرون محب منيرن،
سڀ لٿا ارمان، ڀلي ڪري
آيو.
8. عرض اسماعيل سندا ئي، سڻ سچارا سائين!
پساهه پوين ۽ محشر ۾، مهر ڪريو مُورائين،
ساهه ڏيان صدقان، ڀلي ڪري
آيو.
[4]
ٿلهه: برڪت ڏينهن آيا، وڻ ٽڻ ويس ڪيا،
هن مائڙي مطلب من جا. سي
برڪت ڏينهن آيا.
1. منڊپ ۾ مصطفيٰ، بيبي خيرالنّساء، ڇَنَڙي
پَڳڙا تن جا.
2. زيور جو تُون ڪن، خوب کٿوريون کِوَن،
ڇُڳڙا ڇيل ڦلن جا.
3. لاڏو لعلن سين، جڙيو موتين سين، بنيا باغ
عدن جا.
4. کُهنبي لال لباس، اطلس زريون طاس، ڏينهڙا
سون رُپن جا.
5. ڦور ڦلهار عطر، ڪُڏندا هت ڪَيسر، ساڻ
سونگا عنبرن جا.
6. الاچيون، جعفر، پن ٻِيڙا، ڪيوڙا،
سوپاريءَ، لونگن جا.
7. گهوٽ گلاب ٿيو، مُک مهتاب ٿيو، جرڪن جوهر
جن جا.
8. ڀائر ۽ ڀيڻن، کليو کير پين، سُرها ساٿ
سيڻن جا.
9. ڄاڃيئڙا ور جا، قربت ڪوڏ منجها، سؤ سؤ ڪن
ڦيرن جا.
10. ماروئڙا مرڪن، ٽليو ٽهڪ ڏين، ميڙا سڀن سڳن
جا.
11. هٿڙا حورن جا، مينديءَ ساڻ رتا، صدقا ڪن
تن من جا.
12. گهوٽ مٿان گهورون، رحمت ربّ سنديون، مينهن
وٺا مهرن جا.
13. اڪند آس سڀن، پوريون پاڻ ڪجن، خاوند تون
خلقن جا.
14. احمد جي امت، مانَ مڙي محبت، ورندا واءُ
لطفن جا.
15. اسماعيل عليل، طالب ربّ جليل، مطلب ٿين سڀن
جا.
[5]
ٿلهه: سرور سچو ڏيکار، موليٰ مديني جو ڌڻي،
هوتن ملان هڪوار، مرسل محمّد مير
کي.
1. موليٖ تنين مرڪائيو، جن ڪينٌ ڏٺو ديدار،
اعليٰ شرف ٿيو عاشقن، مانجهي ٿيا مهندار.
2. چارئي يار رسول جا، سرور سچا سردار،
حامي هادي سڀ دين جا، والي ٿيا وينجهار.
3. اصحاب احمد ڄام جا، غازي وڏا غمخوار،
مجلس محمّد مير ۾، پاڪن ٿيو تن پيار.
4. اولاد افضل آنٌهنجو، مُقبل مِٺو موچار،
تطهير ظاهر ربّ ڪيو، نرمل نُور نبار.
5. حسن مير حسين شاهه، صاحب وڏي سرڪار،
نرمل نواسا احمدي، اُمّت ٿيا آڌار.
6. محل مديني جا ڏسان، حجرا قلعا اشجار،
چپن ۽ چشمن چُمان، پرين پڻي پيزار.
7. جيڏيون جي جانب ملان، ايندن ڏيان اڇنگار،
قدم تان قربان ٿيان، هرگز وڃي هيڪار.
8. آگا اسماعيل کي، درسن ٿئي دلدار،
شفاعت سين شاهه جي، داخل بَدارالقرار.
[6]
ٿلهه: مَرڪايا مرسل مَرڪايا هي، سهڻا سرور سچ
مرڪايا هي.
1. خادم خدمت آدم هئڙو، تنهن جا ڏوهه بخشايا
هي.
2. ڀلي ڀال ڪري آئينٌ آيا، عزّ عطا سڀ لايا
هي.
3. نُوري نُور نبي ڄام نرمل، حب حقيقت پايا
هي.
4. مِڙيا مقصد خاتون خديجة، مينهن ماڻڪ
برسايا هي.
5. آگي عزت اڳري ڪئي، فتح فوجن فرمايا هي.
6. عرض اسماعيل سڻيجا، شفيع شوق سجايا هي.
[7]
ٿلهه: پَسان پاڪ رسول، باوا بيبي بتول،
مير محمّد شاهه پسان پاڪ رسول.
1. مشفق محب ملائيين، ويڙهيچن وصول.
2. حرم منجهه حبيب جي، موليٰ ڪج مشغول.
3. پيرن مهندان پرين جي، مانَ ٿيان مقبول.
4. باغ پسان بيبيءَ جو، سندا فاطمة ڦُول.
5. اچي هِن اکين سين، چانئٺ چمان اَنٌمول.
6. اسماعيل کي احمدا! ڪيم ڪِجاس ملول!
[8]
ٿلهه: نُور نمازون پڙهي، صاحب ياد ڪري،
هن لاڏي جي مائڙي مبارڪيون سؤ،
1. مَنٌڊَپُ مينهن وسن، نُور نبار ڇڻن،
آگي جون احسانيون سؤ.
2. عطر اوتون ڪن، ڦلڙا ٽؤنر وجهن،
ڪيسر جون قربانيون سؤ.
3. کهنبا خوش کڙيا، برڪت باغ ٿيا،
موليٰ جون مهربانيون سؤ.
4. ماڻهو مجلسون ڪن، مٿان موج ڪي مَلَڪن.
نيبين جون نيشانيون سؤ.
5. حورون هار ٻڌن، پَريون پريت رکن،
ور جون سڀ ٻانهيون سؤ.
6. سونهري سهرا، موتيءَ موڙ ٻَڌا،
لاڏي خير مراديون سؤ.
7. ماڻڪ موتيئڙا، گهورينِ گهوٽ مٿان،
ڄاڃيئڙا ڪن شاديون سؤ.
8. گهوٽ کٽي آيو، آس اميد مڙيو،
خوش ٿي کيرَ ورهايون سؤ.
9. مائٽن جا مطلب، برڪت شاهه عرب،
پورا پاڻ ڪرايو سؤ.
10. مير مديني جا، واهر سيئي ڪندا،
اُمتين کي آزاريون سؤ.
11. اسماعيل احقر، پاڻ پِني تو در،
من جي مراد پڄايون سؤ.
[9]
ٿلهه: ور محمّد هاشمي! رس يا رسول الله جا!
1. هرڻي آڻي اندوهه مان، ڦاٿي ويچاري ڊوهه
سان،
سا ڇڏايئي ڇوهه مان، رس يا رسول الله جا!
2. گَهرِي مٽِي ڇوليِ گهڻي، تنهن مان گهڙان
آ ڇا کڻي،
اُتي رسينم تون ڌڻي، رس يا رسول الله جا!
3. سام پيو ڳيرو پکي، تنهن کي بچايو تو رکي،
تون نبي ۽ تون شفيع، رس يا رسول الله جا!
4. آنٌ جي در پيو سوالي سدا، اسماعيل پرتوَ
احمدا!
تنهن تي نظر ڪريو نور الهديٰ، رس يا رسول
الله جا!
[10]
ٿلهه: پسان آ پانَب پاڪ پيارو.
1. اول احمد ڄام کي، آگي ڪيو اظهارو،
مرسل محمّد مصطفيٰ، جوهر ڪل جنسارو.
2. اِمام جملي اَنبياء، مشفق مير مهندارو،
ض حامي حضرت هاشمي، قوّت منجهه ڪرارو.
3. ڪين سڃاتو ڪافرن، تن تي قهر قهارو،
عادل ٿيندو اڳيان، جل جليل جبارو.
4. آگا! هن اسماعيل کي ڪر نه نعمت کان نيارو،
ڪلمون پڙهيو ڪريم تي، ترتئون ڪري تيارو.
|