مولوي محمد عاقل
[مولوي محمد عاقل صاحب پنهنجي وقت جو عالم ۽ فارسي
توڙي سنڌي جو يگانو شاعر هو. پاڻ لاڙڪاڻي ضلعي جو
هو، پر گهڻو وقت پير صاحب پاڳاري جي درگاهه تي
(ضلعي خيرپور) شمس العماء پير شاه مردان شاه عرف
”ڪوٽ ڌڻي“ وٽ گذاريائين، جتي سندس وڏي قدرداني
هئي.]
[1]'
ٿلهه: دل اندر دائم اُڪنڊ، آهي سچي سردار جي،
ڏي مريضن کي ميان دوا ديدار جي!
1. سرورا! صلوات تنهنجي درد جو درمان آهه،
سرمون عينن جو سندءِ آهي پڻي پيزار جي.
2. تون ته ڪيچي ڪارڻي، سردار سونهون ساٿ جو،
هيءَ ويچاري ويسلي، واقف نه آ وڻڪار جي.
3. ’نجم‘ ۽ ’فرقان‘ ۾، تعريف تنهنجي قرب جي.
’والضحيٰ‘ ’والشمّس‘ ۾ سارهه سندوَ رخسار
جي.
4. مئي محبت معنوي ۾، ٿئي سدا مخمور ساهه،
جنهن هٿان سردار جي سُرڪي چکي انوار جي.
5. مار محبت جي مزي جي، ڳالهه کاڌن کؤن پڇو،
عام کي ڪهڙي خبر، هن عشق جي اسرار جي.
6. ناهه ”عاقل“ کي عبادت ۽ عمل تي آسرو،
ڪر سفارش سيدا! هن بي وڙي بيڪار جي.
جانڻ سونارو
[1]'
ٿلهه: ڀلي ڄائين سچا سرور! سڳورا يا رسول الله!
آڙين جو آئين ٿي آڌر، سڳورا يا رسول الله!
1. سڏايو عرش تي موليٰ، اوهان جو شان ٿيو
اعليٰ،
ٿيا ڪم هاڻ سڀ سولا، سڳورا يا رسول الله!
2. وٺي براق بهشتن مان، آندو جبرئيل قربن
سان،
گهمي آئين تون عرشن تان، سڳورا يا رسول
الله!
3. نه آدم ۽ نه ڪو موسيٰ، نڪ ڪو دائود ۽
عيسيٰ،
نه مٽ تنهنجو ڪڏهن ٿيندا، سڳورا يا رسول
الله!
4. اگهايو عرض ”جانڻ“ جو، ڪريو ڪامل! ڪرم
پنهنجو،
نه در وٺندس ٻئي ڪنهن جو، سڳورا يا رسول
الله!
[2]'
ٿلهه: اڄ اسان جي گهر ۾ پرين پير وڌا، خاصي دوست
خدا.
1. سال سڪياسون جن لاءِ، اڱڻ پرين سي آيا،
اچڻ ساڻ عجيب جي، مڙني مانَ لڌا،
2. حاضر هئا حضور ۾، محبن جي مهندان،
پَلڪ پَرانهون نه ٿيان! جانين کان جدا.
3. موليٰ! پنهنجي مهر سان، سائينم! سڻج صدا،
پرور! سڀ پروڙئين، منهنجي من جي مدعا.
4. گولو آنٌ جو جان محمّد چئي، آهيان در جو
گدا،
اُڪنڊ آهي ارواح کي، ساري منهنجو ساهه
سدا.
[3]
ٿلهه: جيءُ جيءُ جهڄي جيءُ، پسان آ شال منارا!
سُڻ هي حقيقت، شافع پرين پيارا!
1. سڀ ڄمار پڇان پار لئي ديدار اوهان جي،
اي غمخوار لهج سار، تون سردار سونهارا!
2. منجهه سرير، نت اُڪير، سڪي مير! ملڻ لئي،
وصل وير، ڏي امير، ڪي مير موچارا!
3. خاطي ”جان“ پِني ايمان، آنٌ کان شان
سدائين،
تون سلطان مهربان ڏئين ڏان، ڏاتارا!
[4]
ٿلهه: حورن پڙهيا پرين سهرا، رسول الله رهبر جا،
عجب ٿي شاهه جي شادي، شڪر الله اڪبر جا.
1. مَلي ميندي محمّد مير کي ملڪن وڏي حب مان،
وسي ويا مينهن مڪي تي، عطر ۽ مشڪ عنبر جا.
2. مبارڪ موڪلي موليٰ، پياري دوست پنهجي ڏي،
ٿيا هي آر عربي ٿي، پياري پاڪ پرور جا.
3. هتي ”جانڻ“ پڙهيا سهرا، مٺي تنهن مير مرسل
جا،
ٿيا سينگار سڀ سهڻا، سي سردار سرور جا.
غلام حيدر شر
[فقير غلام حيدر ولد قائم خان شر بلوچ 24- رمضان
1215هه/1800ع ۾ ڳوٺ مينگهو شر تعلقي مير واهه ضلعي
خيرپور ميرس ۾ ڄائو. قرآن شريف پنهنجي ڳوٺ ۾
پڙهيو. اڳڙ، تعلقي گمبٽ، ۾ رهندڙ فقير نانڪ يوسف،
جو سچل سرمست جي خليفن مان هو، جو مريد ٿيو ۽ ان
جو صحبت ۾ شعر چوڻ لڳو. خير محمد هيسباڻي، عثمان
فقير سانگي، ڇَتو فقير سانگي ۽ لونگ فقير مهيسر
سندس همعصر هئا، جن سان ڪچهريون ڪندو هو، فقير
صاحب سنه 1278هه/1861ع ۾ وفات ڪئي.]
[1]'
ٿلهه: اڄ ته سدوري رات سردار آيو،
عربي گهوٽ اَڙين آڌار آيو.
1. تعريف جنهن جي خوشبوءِ جانٌ کُلي ويئي،
رحمت ربّ جي، هر جاءِ هُلي وئي،
مجلس ۾ مديني جو مهندار آيو.
2. چارئي چڱي سان، مدد چوڌاري،
منهنجي نبيءَ جي سهڻي سواري،
پائي پير رڪيب ۾، پڳدار آيو.
3. هيڻن جو حامي، ولهن جو وارث،
موليٰ مُڪو آهي، اسان جو پِير پارس،
ڪندو معافي مشڪل، قربدار آيو.
4. لٿي مونجهه من تان، مرض ٿيا معافي،
آيو عرب جو، شهنشاهه شافي،
دليئون ڏيندو دلاسو، دلدار آيو.
5. غلام حيدر هاڻي، ڪوئي غم نه آهي،
سهرو سيّد جو، ڳائي ڳڻتيءَ کي لاهي،
پڙهه شوق منجهان شعر، شفادار آيو.
[2]
ٿلهه: اُٿ بيبي ڪر سينگار، سردار اڱڻ تي آيو.
1. پرڻي رات رسول جي، راضي ٿيو ربّ ستار،
سردار اڱڻ تي آيو ....
2. جنّتي جوڙو جبرئيل آندو، پهريندو پڳدار،
سردار اڱڻ تي آيو ....
3. چارئي يار رسول جا، چڙهيا اچن چوڌار،
سردار اڱڻ تي آيو ....
4. آيو گهوڙو گهوٽ نبيءَ لئي، حضرت ٿيو
هسوار،
سردار اڱڻ تي آيو ....
5. گهوٽ گهريتو مومل! تو ماڻيو، ڪامل
ڪلنگيدار،
سردار اڱڻ تي آيو ....
6. غلام حيدر! والي ورائي، اهڙو سدورو سردار!
سردار اڱڻ تي آيو ....
صابر علي ”صابر“
[سيّد صابر علي ”صابر“ ٺٽي شهر جو رهاڪو هو، نثر
توڙي نظم لکڻ ۾ ڀڙ هو. 1286هه/1869ع ۾ وفات
ڪيائين.]
[1]'
ٿلهه: مدينو ماڳ مرسل جو، جُڙيو جنسار سبحان
الله.
1. هلن ٿا هيج مان حاجي، هزارين پاس حجري جي،
سونهين تنهن شهر جي سهڻي، ڀلي بازار سبحان
الله.
2. ڪئين قنديل ٿي قائم ٻرن ٿا در اڳيان دائم،
شعاع شب روز شافع جو، چٽو چوڌار سبحان
الله.
3. مٽي تنهن ملڪ جي سُرهي، کٿوريءَ کان به وڌ
خوشبوءِ،
چئي ”صابر“ ڪريان سرمون، اکين جو ٺار
سبحان الله.
[2]
ٿلهه: آهيم آس اُڪير، منهنجو ساري ٿو ساهه سرير،
ملي سيّد شاهه سُڌير، جنهن جي آهي آس
اُڪير.
1. وينديس پير ڀري، جنهن ري ساعت ڪين سري،
ڏسان محمّد ماهه منير، جنهن جي آهي آس
اُڪير.
2. پرت مان پَريون پار پسان، جلدي منزل ماڳ
رسان،
ڪندو برڪت محمّد مير، جنهن جي آهي آس
اُڪير.
3. پنجتن پاڪ پسان، روضو شال ڏسان،
ڪريان زيارت محمّد مير، جنهن جي آهي آس
اُڪير.
4. پرين جي پيرن جي پَڻي، لايان اکين خاڪ
کڻي،
وجهان اکڙين منجهه امير، جنهن جي آهي آس
اُڪير،
5. سائل ”صابر“ جي سرور! ڪر مديني منجهه قبر،
آهيان تنهنجو اَسير، جنهن جي آهي آس اڪير.
[3]
ٿلهه: سڪندي ٿيڙم سال، واجهائيندي ٿيم وصال،
جيسين جانب آيو.
1. ماڻڪ موتي جنهن جي مٿان، لکين هزارين لال،
گهورون گهوٽ گهمائي آيو ....
2. خوب خزانا کولي ڇڏيائون، مڙيئي مڏيون مال،
گوهر گنج لُٽائي آيو ...
3. سيّد چڙهندو سيج پلنگ تي، لهندا موجهه
ملال،
گهوٽ گهمي گهر آيو ...
4. ”صابر“ کي تون ميلج مٺا! ڪري ڀلايون ڀال،
سو موليٰ محب ملايو ....
[4]
ٿلهه: سند ئي صورت منهنجا سائين! سون صد بار
شرمايو.
1. مڙيا مشتاق سڀ مصري، ويَن صورت پنهنجي
وسري،
سوين سلطان ڪئين ڪسري، سڀن سردار شرمايو.
2. پرين جي نُور مان رتيون، ڏنيون پرور سڀن
پتيون،
توڻي سج چنڊ قطب ڪتيون، نکٽ نروار شرمايو.
3. تون لاشڪ آهين لاثاني، ٿيان قربان قرباني،
لڳي حورن کي حيراني، جنخت جنسار شرمايو،
4. صفا دل رکج اي ”صابر!“ سچائي سان سندي
سرور،
جهڪا جلوي ڪيا جوهر، گل ۽ گلزار سرمايو.
مخلص علي ”مخلص“
[مرزا مخلص علي ”مخلص“ ڪراچيءَ جو رهاڪو هو. سندس
وڏا اصفهان کان آيل هئا. سنڌ جي پهرين اخبار ”مفرح
القلوب“ جو ايڊيٽر هو. 1294هه/1877ع ۾ وفات
ڪيائين.]
[1]
ٿلهه: رسولِ هاشمي تو تان، ٿيا هر دوجهان صدقي،
بشر صدقي، مَلڪ صدقي، زمين و آسمان صدقي.
1. رکان ٿو نذر جيڪي آهه مون وٽ، اڄ ٿيو
حاضر،
جگر صدقي ۽ دل صدقي، ۽ منهنجو جسم و جان
صدقي.
2. اڙي زاهد! مديني جون گهٽيون آهن اُهي جن
تان،
ڪيان قربان جنّت کي، ڪيان باغِ جنان صدقي.
3. پسائج خواب ۾ هڪ بار، پنهنجي صورتِ زيبا،
ڪريان توتان تمنّا آهه، دل جو گلستان
صدقي.
4. بروز حشر ”مخلص“ جي، شفاعت ڪج شهنشاها،
عيوض اُن جي ڪندس توتان، سڄو هيءُ خانمان
صدقي.
پير مهدي شاهه
[پير مهدي شاهه ولد علي محمد شاهه بخاري
1297هه/1879ع ۾ وفات ڪئي. سندس تربت ملوڪ شاهه
اولياءَ جي مقام، لڳ مير واهه گورچاڻي، ۾ آهي.]
؛[1]
ٿلهه: ميڙي محمّد مير جي، هيءَ نماڻي هجي،
مٺي مير محمّد تان، قربان ساهه ڪجي.
1. مديني جي مسجد جي خاڪ چپن سان چمجي.
2. حضرت هوت حبيب جي پاڪ پيشاني پسجي.
3. حاجين جي هلڪار سان حضرت پاس هلجي.
4. مذنب مهدي شاهه چئي رهبر پاس رهجي.
[2]
ٿلهه: پرور پاڪ پڄاءِ، هيڪر ملڪ مديني،
روضي پيش رساءِ، هيڪر ملڪ مديني.
1. عشق احمد ڄام جي، هينئڙي ۾ آهي جاءِ.
2. پوڻيون پنڌ پهوڙ جا، لحظي لڪ لنگهاءِ.
3. سُڻي دانهون درد جون باري بر مؤن بچاءِ.
4. قادر! مونکي ڪرم سان، مديني محب ملاءِ.
5. آگا! تون احسان سان مهدي شاهه کي مرڪاءِ.
[3]
ٿلهه: اچي وير، ڏي سڌير، مٺا مير موچارا!
سُڻي آهه، ڪجان ڪاهه، مٺا مير موچارا!
1. نفس نور، ڪيو شور، ڏوهن ڏيل ڏڪايو،
بخش ڏوهه، ڪجان توهه، مٺا مير موچارا!
2. شر شيطان، بي ايمان، نا اهل نِوايو،
ڏي پناهه، سچا شاهه، مٺا مير موچارا!
3. قبر قيام، اندر ڄام، مٺا! ماڙ ڪجانءِ ڪا،
اتي گهوٽ! ڪجانءِ موٽ، مٺا مير موچارا!
4. مهدي شاهه، چئي سياهه، ڪامل! قلب اُجاريو،
ڪيان تعريف، تو شريف، مٺا مير موچارا!
[4]
ٿلهه: شهنشاهه! ولهن واهه، مون ڏيکار مدينو!
اندر سبير، پهچ پِير، مون ڏيکار مدينو!
1. اُڪنڊ آس، گهڻي پياس، ڏاڍي عشق اُڪيرا،
روئي راهه، پڇان شاهه! مون ڏيکار مدينو!
2. سوا سِڪ، تنهنجي هِڪ، ٻولي ٻي نه ٿو
ڄاڻان،
سُڻي سوال، رسين شال، مون ڏيکار مدينو!
3. سِڪ سبيل، سَو دليل، ايڏانهين به اچڻ جا،
قسمت ڪار، سڄڻ سار، مون ڏيکار مدينو!
4. هتي روز، سيني سوز، ٿيو ورد وظيفو،
ڇڏي سانگ، رکيم تانگهه، مون ڏيکار مدينو!
5. سچا ڄام، تنهنجي سام، مهدي شاهه مداحي،
پڙهان صلوات، ڀري ساٿ، مون ڏيکار مدينو!
[5]
ٿلهه: هيڻن حمايت، واهرو وسيلا، ماڙ ڪيو ڪا
منير.
1. ڏيل ڏڪايو ڏاڍو ڏوهن، ويتر لوڏيو ڇوهي
ڇولين،
آڌر ڏيج امير!
2. ڪامل ڪاهي رسج قبر ۾، حضرت ٿيج حشر ۾،
معاف ڪيو تقصير!
3. پيش اوهان جي پيڙس پارس، واهه اسان جي ڪر
ڪا وارث،
توتي ڪرم قدير!
4. مهدي شاهه کي مديني مرسل! آڌر اڳتي ڏيج
تون اڪمل!
سرور تارج سِير!
[6]
ٿلهه: درد لاهيو دلگير، اوکيءَ ۾ عربي اچي.
1. درد منجهئون دانهون ڪريان، نيڻين وهايان
نير.
2. مشڪلو منهنجي معاف ڪريو، عالم جي اي امير!
3. عاصي تي احسان ڪريو، ڪُوڪان ڪيم ڪثير!
4. مهدي شاهه مظلوم ڏي ڪريو ماڙ منير!
[7]
ٿلهه: دل سان پڙهو سڀ دمبدم، صلوات پر شافع
اُمم،
قادر ڪندو ڪُل تي ڪرم، صلوّا عليہ وسلموا.
1. ڏينهن قيامت جو ٿيندو، سڀڪو نبي نفسي
ڪندو،
حضرت اُتي هٿڙا ڏيندو، صلوّا عليہ وسلموا.
2. عبدالله جي فرزند کي، آگي کڻي اظهار ڪيو،
موليٰ اڳيئون مختيار ٿيو، صلوّا عليہ
وسلموا.
3. والشمّس، والضّحيٰ، والقمر، طٰہٰ، ياسين،
مزمل، حٰم، حشر، صلوّا عليہ وسلموا.
4. ٿيو شوق مهدي شاهه کي، دلجاءِ دلبر دوست
ڏي،
پاڙي پرين پنهنجي ڪري، صلوّا عليہ وسلموا.
[8]
ٿلهه: آئي عجيب جي، ٿيا سُرها سير ڳليون.
1. ڀڳا ڪوٽ ڪفارن جا، حجتون ويڙين هليون.
2. ڪڪر ڪريمن جي مٿئون، بيٺو ڇانٌوَ جهَليون.
3. ڇُٽيون سي ڇيهن کؤن، جي رهبر پاس رَليون.
4. مهدي شاهه خوش خوب ٿيون، دين وارن جون
دليون.
حسين فقير ديدڙ
[حسين فقير ديدڙ، ڳوٺ ديدڙ، تعلقي قنبر ضلعي
لارڪاڻي، ۾ سنه 1800ع ڌاري ڄائو. فارسي ۽ عربيءَ ۾
تعليم حاصل ڪيائين. ميرن سندس قابليت ڏسي کيس
پنهنجو ڪاردار مقرر ڪيو. جوانيءَ ۾ طبيعت جو ڏاڍو
تيز هوندو هو. پر آخر هڪ واقعي کان متاثر ٿي،
نوڪري ڇڏي، وڃي مسجد ۾ ويٺو ۽ عبادت سان گڏ شاگردن
کي ديني تعليم ڏيندو رهيو. فقير صاحب سنڌي ۽
سرائڪيءَ ۾ ڪيتروئي ڪلام چيو آهي. اندازاً 1880ع ۾
وفات ڪيائين.]
[1]'
ٿلهه: نالو نرمل نبيءَ ڄام جو، آهيم سڃ جو ثمر.
1. لڳ ڀلي جي آسري، دُز نه وڃج ٻئي در.
2. عالم جنهن جي آسري، تُرهي تنهن جي تَر.
3. واسي ٿو عالم کي، پرينيم! اوهان جو پگهر.
4. وٺي هٿ حُسين جو، اُڪارج اَنور!
[2]'
ٿلهه: سگهو رس يا رسول الله! ڏسي هيءُ حال مون
هيڻو.
1. امڙ لولي ڏني ڏک جي، ننڍي هوندي نپائيندي،
وڌي سو ڏک ٿيو ٻيڻو ....
2. هتي جا هي پُلاءَ، پيهون، اتي جا وڌ تمر
تازا،
پيان زمزم لهي جهيڻو ....
3. مديني جي ته ماڻهن کي پوان پيرين، چُمان
هٿڙا،
ڪريان خذمت ڏيان ڀيڙون
....
4. اگهائي جا اثر جنهن سان، وڃن لحظي ۾ لهي
هڪدم،
وجهو ڪو فيض جو ڦيڻو ....
5. حُسين آهي بنهه ناقص، نماڻو، ناتوان نڪمو،
نه ڪو ڪنهن جوڙ سڱيڻو
....
[3]
ٿلهه: آيو آيو حُورن رانٌيو، نبي ڄام ڀلي آيو.
1. ڄام نبي جڏهن ڄائو، ڪوٽ ڪفر جو ڪريو پايو،
مڙهيون ڊاهيو مسجدون اڏايو، نبي ڄام ڀلي
آيو....
2. بهشتي براق موليٖ آڻايو، سونا تنهن تي سنج
وجهايو،
چاڙهي تنهن تي گهوٽ گهمايو، نبي ڄام ڀلي
آيو....
3. ڪاٺي چندن جي ڪوڏئون آڻايو، چوکي تنهن مان
کٽ جوڙايو،
چاڙهي تنهن تي وير وهاريو، نبي ڄام ڀلي
آيو....
4. حاجي حسين عرض ڪري ٿو، پلئي پايو پازي
پِني ٿو،
جنهن کي پنجتن پاڪ پسايو، نبي ڄام ڀلي
آيو....
[4]'
ٿلهه: هلي هوت حبيب! تنهنجو ڏيهه ڏسان،
اچي شال عجيب! تنهنجو ڏيهه ڏسان.
1. وقت جوانيءَ ويسلو، مون وهمن منجهه ويو،
ٿيان آجو اولاڪن کؤن، ڪو مونکي ڏس ڏيو،
ورسي جنهن ور سان....
2. ڀاءُ نه ٻيلي ڀاءُ جو، جتي پيءُ نه ٿيندو
پُٽ جو،
هلي حشر گاهه ۾، ٿيندين آجهو اُمّت جو،
آڌر آهين اسان....
3. روح رهاڻيون ڀانيان، جتي ڪونجڙيون ڪُرڪن،
ساهه تني تؤن صدقو ڪريان، هوءِ جي گوڏن ڀر
گِسن،
پڃرو پاڪ پسان....
4. پنڌ اڙانگا پٽيون، ٻيو سير سامونڊي ساري،
ناهي ثمر ساڻ ڪي، نه مون زور ڪي
زاري، حُب آ ڌُر اسان....
5. راتيون ڏينهان روئي حسين سڪي ۽ ساري،
منارا محبوب مٺي جا، شل ڏاتر ڏيکاري،
روضي پيش رسان....
[5]'
ٿلهه: شال نبي ڏسان منهنجا نيڻ ٺرن،
آ شال ملان وڃي محبوبن!
1. آ اصل کان آهيان ٻانهي ٻاروچن،
موٽن شال مريض تي پِريم شال پڇن.
2. حرم منجهه حبيب جي، ڪوڙين قنديل ٻرن،
منجهان شوق شفيع جي عشق مان اُلٽن.
3. روضي اڳيان رسول جي، مَلڪ ميڙو ڪن،
عاشق احمد ڄام جا، چُميو چانئٺ چُمن.
4. هينئون اُداسي حسين چئي، پسڻ لاءِ پرين،
جيئري جانب ڏسي مران احمد ساڻ اکين.
[6]'
ٿلهه: گنهگارن يتيمن کي، اوهان جو آسرو آهي.
1. ڪريو مرسل! مهرباني ڏسان آنٌهنجو جسد
جاني،
پسايو پاڪ پيشاني، دلين جا وهم وڃو لاهي.
2. محمّد مير! سُڻ آهون، درد وندن جون سُڻ
دانهون،
ٻُڏن کي اچي ٻانهون، سگهو ڪڍ سير مؤن
سعيي.
3. ڪيان ڪيئن مان وڃان ڪاڏي، مهڙ مڙئي َآهي
مان ڏي،
هٿئون آدم اصل ڏاڏي، قضا روزي پيئي ڪاهي.
4. پيغمبر پاڪ تون پارس، ولهن جو آنٌ وڏو
وارث،
ڏوهارين ڏي نه ڏاتر ڏس، تڪيو تو ريءَ نبي
ناهي.
5. حسين آهي ٿيو بيڪس، رسول الله! رهبر رس،
لاهيو منهنجي قلب تؤن ڪس ڇڏائڻ تو اڳيئون
ڇاهي؟
[7]
ٿلهه: اُڪنڊ مون اندر ۾ عرب جي ادا ڙي!
وڃان شال جيئري حبيبن جي پاڙي.
1. ساريو ويٺي ساريان ۽ پلپل پڪاريان،
هنجهون روز هاريان ۽ نڪريو نهاريان،
وڇوڙو ٿو مونکي سدا رت رُئاڙي.
2. ڏکي تي هو والي وري واڳ واري،
هلان شال حاجين سان ڪرها قطاري،
پسان پاڪ پڃرو وڃان لڪ لتاڙي.
3. مديني وڃڻ لئي ويٺي آ واجهايان،
پرينءَ جي پسڻ لئي ٿي پانڌي پڇايان،
ثمر ڪونه ساريان اهو سور ساڙي.
4. سُڻي سوال منهنجا عرض تون اگهائين،
اچي بار بَدين جا لحظي ۾ لاهين،
حسين آهي هيڻو، ڳوڙها پيو ٿو ڳاڙي.
الهداد خان لغاري ”صوفي“
[نواب الهداد خان لغاري، ميرن جي دور جو مشهور
شاعر نواب ولي محمد خان لغاري جو فرزند هو. جو مير
فتح علي خان جو وڏو وزير به هو. نواب ولي محمد جي
ڪري ميرن وٽ الهداد خان جي به وڏي عزت هئي ۽ کيس
جاگير به عطا ٿيل هئي. وڏو عالم ۽ شاعر هو، سندس
تخلص ”صوفي“ هو. فارسيءَ ۾ سندس ”ديوان صوفي“
موجود آهي. اردو ۾ به ڪجهه شعر چيو اٿس. ڪوٽ
لاشاري تعلقي سيوهڻ ۾ سنه 1300هه/29- نومبر 1882ع
۾ وفات ڪيائين.]
[1]'
ٿلهه: حشر ويل حساب ۾ شل ”صوفيءَ“ جي لهندو سار،
ماڙ ڪندو مسڪين جي ڏيهن جو ڏاتار.
1. دين ڌڻي سردار جو، شل نُور پسان نروار،
چارئي يار رسول جا، سي اُمّت جا آڌار.
2. آيو محمّد ملڪ ۾، رهيو ڪين ڪفار،
ڪافر سڀ قتلام ٿيا، جن جي ٻُڌي ڪنهن نه
تنوار.
3. آيو امام عرب ۾ محمّد مٺو مهندار،
هرجاءِ هوڪو حق ٿيو، ڪلمي جي ڪُوڪار.
4. مشڪ ڀريو سڀ ملڪ، ٿيو هرجاءِ هٻڪار،
”جناب فيها خالداً“ جن کي ڪلمي جي گفتار.
[2]
ٿلهه: محمّد مرسل مصطفيٰ سيّد سڀن سندو،
ڪاهي رسندو ڪارڻي واهر وير ڪندو.
1. مهر منجهان محبوب جو آهيان برهه بندو،
پسي حال حقير جو ڪوڙين قرب ڪندو.
2. عاجز تي احسان جي نافع نظر ڪندو،
دارون دل جي درد جو محب وٽان ملندو.
3. قيامت ويلي مون سندي سار سگهي لهندو،
هلڻ ويل حقير جي پاڻ اچي پڄندو.
4. منهجا عرض الله کي چاهه منجهان چوندو،
سوال سڀئي مسڪينن جا سائين لڳ سڻندو.
5. منهنجو عرض عجيب کان آگي وٽ آگهندو،
ڏيندو پاند پناهه جو راضي ربّ ٿيندو.
6. پاڪ پرين پينار کي دُهرا دان ڏيندو،
”صوفي“ سرور ڄام جي چانئٺ شل چمندو!
اشرف شاهه ڪامزائي
[پير محمّد اشرف شاهه ڪامارائي سنه 1214هه/1799ع
۾، ڳوٺ ڪرم خان جمالي تعلقي ٽنڊي باگي ۾ ڄائو.
ننڍي هوندي کان ئي فقيري ۽ شعر و شاعري ڏانهن لاڙو
هئس. سندس چيل مداحون، مولود، مناقبا ۽ ڪافيون
مشهور آهن. سندس ڪيتروئي ڪلام ”رسالي اشرف شاهه“ ۾
ڇپيل آهي. ڳوٺ ڪاماري شريف تعلقي ٽنڊي الهيار ۾
وفات ڪيائين ۽ اُتي ئي سندس درگاهه آهي.]
[1]
ٿلهه: صاحب سيّد سوڀارو، محمّد مير موچارو.
1. مرڪ مٺي جي موهيو من کي، سرور سونهين
سونهارو،
ڪوڏايل ڪريم جو، پرور پاڪ پيارو.
2. عشق عربيءَ جي ڌاران آهي اديون! سڀ
آنڌارو،
پسڻ ڪارن پرينءَ جي، اکين ڪيو اُمارو.
3. ڪامل ڪري قرب منجهان، مان ناقص ڏانهن
نظارو!
پاڻ ڀلائي سپرين، آهي جانب جڏن جيارو.
4. آهي عرش عظيم تي، احمد ڄام اوتارو،
”قاب قوسين او اَدنيٰ“ ۾ تنهنجي لايو پرت
پسارو.
5. قمر قدمن تي ڪِريو، پسي آڱر جو اشارو،
”اشرف“ عربي ڄام جي، ڇا وصف ڪندو ويچارو؟
[2]
ٿلهه: نبي سردار سرور آيو، موليٰ آڻي ملايو،
محمّد مختيار مون گهر آيو، سيّد شهسوار
ڀلي آيو.
1. لاءِ نبيءَ لولاڪ ٿيو، بنيو باغ بهار،
طٰہٰ ڇٽ جهلايو،
آفديت مُلڪي محمّدا! فديو تو لئي تيار،
ربّ فضل فرمايو.
2. مشڪ عطر عنبر سان ڇم ڇم ٿيو ڇڻڪار، محبت
مينهن وسايو،
لڳي نوبت نبيءَ جي ڪنبيو ڪل ڪفار، داور
دين وڌايو.
3. سڻو سهيليون سرتيون! سڀ ڪريو سينگار، ڳاچ
چڱا ڳايو،
’ولسوف‘ وارو وعدو تو سان ٿيو تڪرار، راض
ربّي سو رايو.
4. آيو محمّد عربي، نُور ٿيو نروار، شمس قمر
شرمايو،
”اشرف“ احمد ڪارڻي! پنهنجو هي پينار، لائق
دامن لايو.
[3]
ٿلهه: شفيع المذنبين اي جيءُ اجها آڳہ اڙين،
متان مونکي ڇڏيئين شفيع المذنبن.
1. پنڌ اڙانگو پٻ جو، آهي پري جُوءِ جتن،
سنئين واٽ سهايئين، اچي موڳن ۽ مُوڙهن.
2. دائم آنٌهنجي در تي، ٿا لنگها لاڳ لهن،
ڏوڙا ڏان ڏڏن کي ڏيئي چاڙهين چؤڏولن.
3. عمر حرص هوس ۾ ڱذري ساڻ غمن،
ڇيهن کان ڇُٽائيين آهيان کنيو خيالن.
4. ڪونهي تڪيو تو جِهو، اڙين ۽ اولين،
پڇڻ پر اوهان جي جيءُ ڏکين ڏهيرن.
5. آهون ”اشرف“ سنديون، سُڻ دانهون جي دردن،
رکج هادي! هٿڙا، اچي مٿي محتاجن.
[4]
ٿلهه: ماڳ مدينو منوّر، ڏاتر! مون ڏيکارئين.
1. نخل سڳورا نُور ڀريا، ڪوٽ قبا ۽ قصر،
پسي حرم حبيب جو، بيحد ٺرن بصر.
2. موليٰ محمّد ميڙيين، آگا! هن احقر،
عطا پاند اچيج تون، ڪرم ڪريو ساڻ ڪمتر.
3. يارڪبار نبيءَ جا، سونهن سان سچي سرور،
خُمس خاص الخاص ٿيا، پاڻ ڌئا پرور.
4. اڪبر، عمر امير، عثمان، شاهه علي صفدر،
ڪنبيا ڪوٽ ڪفار جا، موليٰ ڪيا مظفر.
5. هادي ميڙ حسنين مون، آل نبي اطهر،
قادر! تنهنجي ڪرم سان، منهن پسان مطهر.
6. برڪت پاڪ بتول، ٿيان پاڙوسي پيغمبر،
هٿان قريشيءَ ڪارڻي، قدح پيان ڪوثر.
7. يا ربّ! پنهنجي پسڻ جي، ياري ڏي ياور،
محو ڪرين مهر سان، خاطر جان خطر.
8. يا الٰهي ”اشرف“ کي، مرڪائين ۾ محشر،
جان ڪندين قبر ۾، هامي ٿئيم حشر.
[5]
ٿلهه: آ
ٿي وجهلان واجهايان حضرت هوت حبيب لاءِ،
نرمل نُور نجيب لاءِ، مرسل مير مجيب لاءِ،
تن جا يار طيب لاءِ.
1. اُٿيو رب پار ڏي نئين سج نهاريان،
مديني جي مير لاءِ آ پانڌي روز پڇايان.
2. هوت بنان هن ڏيهه ۾، ڪنهن کي سور سڻايان،
پڇان پُور پرين جي، آ گوندر ڏينهن گذاريان.
3. راتو ڏينهان رسول لئي، ٻرٻر ڪريو
ٻاڪاريان،
صحبت ڪارڻ شفيع جي، نت نت نيڻ ٽِمايان.
4. ”اشرف“ چئي مونکي اُڪنڊ اپر ونين نير
وهايان،
ساريو سرور ڄام کي ويٺي محبت مينهن
وسايان.
[6]
ٿلهه: منهنجو ساهه سڪي ٿو ساري يا سرور! اچي
محمّد مل مشاقن کي.
1. وچان پنڌ پري يا سرور! آ ڪنهن پر ملان مون پرين.
2. وجهلان واجهايان يا سرور! مانَ ميڙائو مون
ٿين.
3. اکڙيون اُسڙڪن يا سرور! پسڻ ڪارڻ لئي
پرين.
4. بر، بحر، ٿر جهر يا سرور! لنگهان منجهان
لحظن.
5. محمّد منهن ڏيکار يا سرور! عاصي ”اشرف“ کي
هن.
[7]
ٿلهه: منهنجو ساهه سڪي ٿو، ساري مشفق مير مڪي
کي،
نرمل نُور نبيءَ کي، ڪامل شاهه قريشيءَ
کي.
1. پانڌي پرينءَ رسول کي، ڏج سنيها ساري،
نياپا نينهن گاڏيان، چئج محمّد مير
موچاري.
2. پنڌ پري، پٻ، پرڀون، پٽيون، پير پيادي
پرتئون پڪاري،
بر بحر، جهر جهنگ، جبل کان احمد! نيج
اُڪاري.
3. دردن دردل دود دکايا، سا دل دلبر دوست
ڌتاري،
ڪاهون ڪوڪون ڪوڪرا ڪريان ڪارڻ ڪانڌ
ڪوهياري.
4. من مهجور، رنجور، رويو رڙيو، ٻرٻر ڪيو
ٻاڪاري،
پر تقصير حقير ڏي، مانَ نرمل ڄام نهاري.
5. سور سمانگر سرس سڄڻ جا، سرتيون! سؤ سک
ساهه سنڀاري،
سڙان، سنڀران، سُور چران، ساريو سرور ڄام
سونهاري.
6. ”اشرف“ اکيون عرب ڏي اُسڙڪن، اُڪنڊيون
احمد جي اماري،
هنڌ حويليون، حجرا حرم، شل ڏاتر نيئي
ڏيکاري!
[8]
ٿلهه: مونکي روضي نيئي رساءِ، ساٿ سلامت سرور سان.
1. سنئين واٽ وصال جي، مونکي صاحب ربّ
سُنهاءِ،
”اِهٌد ناالصّراط المستقيم“ ان گس کان ڪيم
گساءِ.
2. تکي سِير سمونڊ جي، مونکي لحظي منجهه
لنگهاءِ،
برڪت مير محمّد جي، مونکي پريون پار
پساءِ.
3. جيئري جمال ڏيکارئين، مونکي محمّد گهوٽ
ملاءِ،
پاڙي پرين رسول جي، مونکي واحد نيئي
ورساءِ.
4. خاوند! شر خنّاس کان، مونکي باري ربّ!
بچاءِ،
آجو ڪرئين ”اشرف“ کي، مونکي ڪلمي جو
ڏانٌءُ ڏساءِ.
[9]
ٿلهه: ڏوري ڏيهه سڀئي وڃي پسان حجرو هوت حبيب
جو،
پرين پنڌ ڪري ڏسان وڃي پڃرو پاڪ شفيع جو،
مـلان مـديـنـي، مــلــڪ مــڪــي، جــت
روضــو پـاڪ رسـول جـو،
1. پران عرب پار ڏي وڃان پرتئون پير ڀري،
چمان چانئٺ رسول جي نميو نيڻ ٺري.
2. اندر عشق اُڪنڊ جو موکي منجهئين مچ ڀري،
سيّد سرور سپرين ڏسي منهنجو من ٺري.
3. سرتيون! گهڻي سڪ سان هيڪر هلان هوت ڳري،
حاضر هئان حضور ۾ هوند ٿيان نه پل پري.
4. حاجي چئج حبيب کي، تون ڳوڙهن ڳاٽ ڀري،
سُڻي حقيقت حال جي، من وارث وير وري.
5. ”اشرف“ احمد ڄام جي، مر محبت منجهه مري،
تنهن کي محمّد مير جو شل سڪڻ سچ سري.
[10]
ٿلهه: آ
تنهنجي پيو آهيان سام، آءُ مل محمّد ڄام!
1. پانڌي! پرين رسول کي چئج پازيءَ جا پيغام،
ماندي مون مسڪين جا، چئج ’اڪبر‘ کي اڪرام.
2. عرض هن عليل جا، چئج عادل ’عمر‘ امام،
زاريون ’ذوالنورين‘ کي، چئج عالم علم
علام.
3. عاجزيون ’اسد الله‘ کي، چئج گولي سنديون
غلام،
بندگيون پاڪ ’بتول‘ ڏي، ڪج عاجز جا علام.
4. هينئڙي ۾ ’حسنين‘ جو، مونکي ڪاڙهو روز
قيام،
”اشرف“ ان ڀلن تي، پڙهه صلواتون سلام.
[11]
ٿلهه: مير مڪي المدني! مون تي ٻاجهه ڪريو ڪا،
مدد ڪريو ڪا، مون تي ڪهل ڪريو ڪا.
1. نفس امارو اولو، ٻيو شامل شيطانا،
حضرت! رکيم هٿڙا، آ تان ويڙس پاڻ وسا.
2. ظلم زيانيون ڪيتريون ڪيم ڄاڻي ڄاڻ منجها،
اپر عصيانن ۾ آهي هينئڙو حيرانا.
3. سوڙهي سُڄي سڃ ۾، جت پيءُ نه اوڏو ڀاءُ،
اتي منهنجو سيّدا! ڪونهي احمد تو سوا.
4. حامي ٿج حشر ۾، رس مرسل محمّدا!
لنگهائينم لطف سان اچي سَهکي صراطا.
5. ٻيو ڀروسو ڪونهي تڪيو تو ڌارا،
احمد تنهنجي آسري مونکي آهه اميدا.
6. هٿان منهنجي هاشمي! ٿيا خون خطا،
آجو ڪرين ”اشرف“ کي آهي تنهنجي اُمّتا.
[12]
ٿلهه: قاصد چئج ادا! سڀڪا منهنجي صدا مير مديني
ڄام کي.
1. سڪڻ سوراخ ڪيا سيّدا سرمدا!
سيّد پنهنجي ساٿ سان ڪريو گڏ گدا.
2. وريو واءُ وصال جو ڪَيس فراق فنا،
ڪريان قربان جندڙو مشفق آنٌ مهندا.
3. پڇج ڪي پازيءَ کي، اچي احمدا!
الله لڳ ”اشرف“ چئي، جاني ٿيءُ مَ جدا.
[13]
ٿلهه: مون مذنب تي موٽ، موٽ محمّد هاشمي!
1. نفس ڪميڻو يا نبي! آهي اَمارو اڻموٽ،
نرم ڪر نگاهه سان، جو سخت سٽاڻو سوٽ.
2. مهندان محشر ماڳ ۾، جتي مڙندو جڳ جهڳوٽ،
عاصيڙن جو احمدا! تون آهين ڪانجهو ڪوٽ.
3. پيءُ نه ڏاڏو ڀاءُ برادر جت مامو نه
ماروٽ،
سوڙهيءَ ۾ رس سيّدا! آهين اڙين آڳہ اوٽ.
4. ڀريل بدڪارين سان آهيان پيرين تان سر چوٽ،
ڪر عفو ”اشرف“ کي، ڪڍ تنهن مان کوٽ کروٽ.
[14]
ٿلهه: آ
تان صدق صدق سؤ وار، آءُ مل دوست پرين دلدار!
1. سونهن سرور ڄام سان، چوکا چارئي يار.
2. اصحاب احمد ڄام جا، جيئن تارا چنڊ چوڌار.
3. آهن نُور اکين جو، سي پنجتن پاڪ پيار.
4. مونکي حب حسنين جي، ڏني ڏيهه ڌڻي ڏاتار.
5. مون تي موٽج مصطفيٰ! ور سونهن ڀريا سردار!
6. ڪامل! ڏينهن قيام جي، رس موليٰ جا مختيار!
7. اوکي ويل ”اشرف“ کي، احمد! ڏي آڌار.
[15]
ٿلهه: ڪر شافع شفاعت، تنهنجي گهرجي مون حامي
حمايت،
ور وسيــلا ويــر ولايـت، يــا
مــصـطـفـيٰ! ڪــر شــافــع شــفــاعــت.
1. سڪي هنيون سڌ مري، سيّد جي صحبت.
پسڻ پرين پانهنجو، ڪر احمد! تون عنايت.
2. مونکي مشفق تنهنجي، من اندر محبت،
بخشج هن بدڪار کي پنهنجو قرب ڪفايت.
3. مون تان لاهج مهر سان، محمّد ملامت،
هن منهنجي حال تي، ڪج شفقت سڻي شڪايت.
4. آجو عيبن کان ڪرين، ”اشرف“ ساڻ اُمّت،
شفيع! اَنٌهنجي شان شفاعت جي، ناهي ڪا
نهايت.
|