رمضان واڍي بعد مولودن جو موجوده نئون دور شروع
ٿيو جو اندازاً گذريل پنجاهه سالن وارو دور آهي.
هن دور ۾ گهڻن شاعرن مولود جوڙيا. گذريل عرصي جي
وڏن نامور شاعرن جهڙو ڪو شاعر ڪونه ٿيو پر جتي ڪٿي
شاعر مولود جوڙڻ لڳا، ڇاڪاڻ ته مقامي مولود پڙهندڙ
پڻ اڳين وڏن شاعرن جي مولودن پڙهڻ واري پابندي کي
ڇڏي مقامي شاعرن جا مولود پڙهڻ لڳا. ويهه پنجويهه
سال اڳ، مولوي غلام رسول جتوئي ۽ جانڻ سوناري جا
مولود ٻين جي ڀيٽ ۾ زياده مشهور ٿيا. هن وقت لاڙ
طرف پير زين العابدين شاهه نورائي واري جا چيل
مولود قدري مقبول آهن، پر هرهنڌ شغلن ۾ مقامي ننڍن
وڏن شاعرن جا مولود پڙهيا وڃن ٿا. هن دور جي
مولودن جو اسلوب بيان زياده عام فهم ۽ آسان آهي،
پر ان ۾ شاعرانه نزاڪتن جي ڪمي آهي. زبان جي
ڳوڙهائي، خيالن جي انوکائي، توڙي جذبي جي صدق ۽
سچائي ۾ موجوده دور جي شاعرن جو معيار گذريل دور
جي شاعرن جي ڀيٽ ۾ ايترو بلند نه آهي.
مولودن جي پڙهڻي
جيئن ته مولود هڪ قسم جي ’وائي‘ يا ’ڪافي‘ آهي،
انهيءَ ڪري ترنم ان جو لازم ملزوم جز آهي. ’مولود‘
محض هڪ شعر يا نظم نه آهي، بلڪ اهو شعر يا نظم آهي
جنهن کي آلاپڻ خاطر جوڙيو وڃي. انهيءَ ڪري منڍ کان
ئي ’مولودن‘ کي سهڻي آواز سان آلاپيو ويو. پڪي راڳ
جا پلٽا ۽ تانّون هڪ مصنوعي هنرمندي هئا، انهيءَ
ڪري مولودن ۾ انهن جي بجاءِ خوش الحاني ۽ مينڍن کي
مروج ڪيو ويو. مولودن جي ادائگيءَ جو بنياد ’قرﺃت‘
يا ’انشاد‘ جي اصول تي رکيو ويو، يعني ته خوش
الحاني سان صاف سهڻي نموني ۾ پڙهڻ. انهيءَ ڪري
مولودن کي موسيقيءَ جي هنرمندي مطابق ’ڳائڻ‘ جي
بجاءِ انهيءَ کي مٺي آواز سان ’آلاپي پڙهڻ‘ جو
طريقو اختيار ڪيو ويو. مولودن کي هڪ خاص الحان ۽
لهجي ۾ ادا ڪرڻ جو طريقو خاص سنڌ سان ئي واسطو رکي
ٿو؛ ڄڻ اها هڪ خاص قسم جي موسيقي آهي جا سنڌ وارن
ايجاد ڪئي ۽ جنهن کي عجب انداز ۾ وڌايو ۽ ويجهايو
آهي.
شروع واري دور ۾ مولودن کي سهڻي آواز سان آلاپي
پڙهڻ جو سلسلو قائم ٿيو، جو پنهنجي اوج کي پهتو.
لسي مگر مٺي آواز ۾ مولودن جي اها اصلي پڙهڻي اڄ
تائين قدري اتر سنڌ ۾ رائج آهي کڻي چئجي ته کهڙا،
گنبٽ ۽ راڻي پور جي مولودين جي پڙهڻي ۽ لئي سڄي
سنڌ کان انوکي آهي ته بجاءِ آهي، ڇاڪاڻ ته اتي جي
مولودين قديم روايت کي قائم رکيو آهي، ۽ مولودن جي
پڙهڻي جيئن وڏن کان ٻڌائون تيئن پاڻ ڪندا ٿا اچن،
جيتوڻيڪ هن وقت نوان مولود نئين طرز تي پڻ پڙهيا
وڃن ٿا. اهڙيءَ طرح دادو، لاڙڪاڻي، سکر ۽ نواب
شاهه ضلعن ۾ آڳاٽي طرز مطابق لسن مولودن پڙهڻ جو
رواج باقي آهي. لاڙ ۾ اها اصلوڪي پڙهڻي باقي وڃي
بچي آهي. موسيقيءَ جي تار گُر جي قيد کان سواءِ
محض سهڻي ۽ مٺي آواز ۾ آلاپن طور هن وقت لاڙ ۾
ٿورا ڪي مولود پڙهيا وڃن ٿا جن کي ”لاتيون“ چئجي
ٿو.
وقت گذرڻ سان، آلاپن طور مولودن پڙهڻ واري ابتدائي
سٽاء ۾ ٻه خاص اضافا ٿيا: هڪ اندروني تار ترنم
پيدا ٿيو ۽ ٻيو ته مولود پڙهندڙن جي ساٿ سنگت يعني
ته هڪ کان زياده شخصن جي گڏجي مولودن پڙهڻ جو رواج
پيو. مولودن جي پڙهڻي جو اهو ٻيو دور هو، جو
اندازاً مخدوم عبدالرؤف جي زماني کان شروع ٿيو.
اندروني تار ترنم جو اضافو اول اول غالباً ’سمهه
جي شغلن‘ جي رواج سان ٿيو. عيدن جي موقعن تي ’سمهه
هڻڻ‘ جو رواج پيو، يعني ته شغل وارا زنده دل ساٿي
حلقو ٺاهي بيهن ۽ مقرر ٿيل اڳواڻ پهريائين سهڻا
سلوڪ جا بيت ڏوهيڙن طور ڏين، ان بعد ’سمهه جو بند‘
چوڻ شروع ڪن ۽ ورائي ورائي چون ۽ ان جي اندروني
تار ترنم تي ساڳئي وقت گڏوگڏ قدم کڻندا گول حلقي ۾
نچندا هلن. ابتداء ۾ غالباً اهي ’سمهه جا بند‘ محض
اڪيليون مستقل مصراعون هيون؛ بعد ۾ ڪن مولودن يا
سلوڪ وارين ڪافين جا ٿلهه انهن بنيادي ’بندن‘ طور
پڙهيا ويا، ۽ ان بعد سڄا سارا مولود خاص ’سمهه جي
نچ‘ جي وقفن ۽ تار مطابق جوڙيا ويا. مولودن ۾
اندروني تار ترنم جو اهو پهريون اضافو هو جو
غالباً مخدوم عبدالرؤف تارترنم جي ڏينهن کان شروع
ٿيو. اسان کي مخدوم عبدالرؤف جا ٻه مولود ملن ٿا
جي سمهه جي تار جي وقفن مطابق جوڙيل آهن.
ٻيو اضافو مولود پڙهندڙن جي ساٿ سنگت ۾ ٿيو.
شروعات ۾ فقط ڪي خاص مولودي اڪيلي سر مولود پڙهندا
هئا. پر جيئن جيئن سازن سرودن سان ڪافين چوڻ جو
رواج وڌيو، ته مولودن جي محفلن ۾ پڻ پوري رس
بيهارڻ جي ضرورت محسوس ٿي؛ جيئن ڪافين چوندڙ سان
سازن جي سنگت هئي، تيئن مولود پڙهندڙ سان سندس ٻين
ساٿين جي سنگت پيدا ڪئي وئي؛ ۽ جيئن ’سمهه جي نچ‘
۾ ٻين ساٿين جي سنگت، ضرب ۽ حلقي جي هڪ نئين ڪيفيت
پيدا ڪئي، تيئن مولودن جي خاص محفلن ۽ شغلن ۾ پڻ
اڳواڻ مولودي سان گڏ ٻين ساٿين جي سنگت، رس ۽ سرور
جي هڪ نئين ڪيفيت پيدا ڪئي. هڪ کان زياده ساٿين جو
’واين‘ کي گڏجي ڳائڻ جو پهريون مثال اسان کي شاهه
صاحب جي راڳ ۾ ملي ٿو. اهو مخدوم عبدالرؤف وارو
زمانو آهي. انهيءَ اعتبار سان چئي سگهجي ٿو ته
مولودن کي هڪ کان زياده ساٿين جو گڏجي ڳائڻ به
انهي دور کان شروع ٿيو.
اندروني تار ترنم جو پيدا ٿيڻ ۽ ساٿين سان گڏجي
مولود ڳائڻ جا اهي اضافا وچين دور ۾ ٿيا، جو
اندازاً تيرهين صدي جي آخر تائين هليو. هن چوڏهين
صدي جي شروعات کان مولودن جي پڙهڻيءَ جو نئون دور
شروع ٿيو، جنهن ۾ (الف) مولودن کي فن طور پڙهڻ
وارا ماهر مولودي پيدا ٿيا جن جون خاص مشهور
ٻاريون ٺهيون، ۽ گڏجي مولود پڙهڻ واري سلسلي کي فن
جي لحاظ سان زياده مڪمل ڪيو ويو؛ (ب) ازنسواءِ
مولودن جي پڙهڻي تي سنگت جو اثر پيو. اهي اضافا هن
پوئين دور جا نمايان پهلو آهن جن جي مختصر طور
وضاحت ڪجي ٿي.
(الف) قابل مولود پڙهندڙ اڳ به موجود هئا، پر هن
دور ۾ ’مولود پڙهڻ‘ ڄڻ هڪ اعليٰ فن بنجي ويو، جنهن
کي نباهڻ لاءِ ماهر مولودي ساماڻا جن جو پيشو ئي
’مولود پڙهڻ‘ ٿي ويو. انهن ماهر اڳواڻن پنهنجون
”ٻاريون“ (ساٿين جون ٽوليون) ٺاهيون ۽ انهن
’ٻارين‘ ذريعي گڏجي مولود پڙهڻ واري طريقي کي فني
لحاظ سان زياده پيچيدو ۽ پُر اثر بنايو ويو.
اتر سنڌ ۾ اڃاتائين مولودن پڙهڻ جي قديم روايت
باقي آهي ۽ خاص مولودي اڪيلي سر توڙي گڏجي مولود
خواني ڪن، پر ان سان گڏ مولودين جا خاص ٽولا پڻ
مشهور ٿيا آهن، جي پنهنجن اڳواڻن جي پويان مولود
خواني ڪن. مولودين کان سواءِ ’معجزائي‘ آهن، جي
معجزن پڙهڻ ۾ ماهر آهن. مثلاً سيتا جو غلام حيدر
ماڇي (اڳواڻ) ۽ سندس پيءُ ۽ٌ ڀاءُ مشهور معجزائي
آهن. ڪي مولودي ”زيلڙيا“ سڏجن، ڇاڪاڻ ته ’زيل‘ سان
مولودن پڙهڻ ۾ ماهر آهن. ’زيل‘ واري پڙهڻي ۾
باربار ’الا‘ (الله) زور سان ۽ ڊگهي مٺي آواز سان
آلاپيو ويندو آهي. جڏهن ٽوليءَ جي صورت ۾ مولود
خواني ڪئي ويندي آهي ته ساڳيو مولود فقط هڪ ٽولي
پڙهندي آهي. هن نئين دور ۾ ساڳئي شغل ۾ مولود،
معجزا، غزل ۽ ڪافيون (نبي صلعم جي شان ۾) واري سان
پڙهن ۽ نئين طرز وارا مولودي ڪافيون ڪثرت سان
پڙهن. شغل قرآن شريف جي قرات سان شروع ٿئي ۽ ان
کان پوءِ لسا مولود، پوءِ ’زيل‘ وارا مولود، پوءِ
مداح ۽ ان بعد ڪافيون پڙهيون وڃن. مولودن ۾ مصراعن
بعد سهڻا سلوڪ جا بيت ڏوهيڙن طور آلاپين، انهيءَ
لاءِ ته شغل جي رس م اضافو ٿئي.
لاڙ ۾ ”ٻارين“ جي سنگت سان مولود پڙهڻ جو جيڪو
طريقو هن وقت رائج آهي، ان جا مکيه پهلو هي آهن.
مولودين جي ’ٻاري‘ ۾ هڪ اڳواڻ ۽ ٻيا ان اجا
’جهِيلي‘ هوندا آهن. گهٽ ۾ گهٽ چار ۽ وڌ ۾ وڌ پنج
يا ڇهه جهِيلي هوندا آهن. به ٻاريون ساڳئي وقت
ويهي مولود پڙهنديون، هن طرح جو ساڳيو مولود هڪ
ٻاري اڳواڻ ٿي ’اڳيان پڙهندي‘ ته ٻي ٻاري بالڪل
ساڳئي لحن ۽ لهجي ۾ ’پُٺ پڙهندي‘، يعني اڳواڻ ٻاري
جي پويان ٿلهه به ٿلهه ۽ مصرع به مصرع پڙهندي.
اهڙيءَ طرح ٻه مولود (جنهن کي وارو چئجي) ۽ هڪ
مداح، هڪ ٻاري اڳواڻ ٿي پڙهندي ۽ ٻه مولود ۽ هڪ
مداح ٻي ٻاري اڳواڻ ٿي پڙهندي. يعني ته هرهڪ ٻاري
’وارو‘ پڙهندي ۽ پويان مداح پڙهندي. پڙهڻيءَ جي
لحاظ سان مداح ٻن قسمن جي هوندي آهي: هڪ ’ڌار واري
مداح‘ جا هرهڪ ٻاري مان هڪ ڄڻو پڙهندو: يعني ته
اڳواڻ ٻاريءَ مان هڪ ڄڻو مداح جي منڍ واريون
مصراعون يا بند پڙهندو، ان بعد ٻي ٻاريءَ مان هڪ
ڄڻو ساڳيءَ مداح جون ڪجهه مصراعون اڳتي پڙهندو-
اهڙيءَ طرح ٻئي ڄڻا واري سان سڄي مداح پڙهي پوري
ڪندا؛ ٻي ’گڏ واري مداح‘ ۾ جا ٻئي ٻاريون واري سان
گڏجي پڙهنديون. شغل ۾ شامل ٻئي ٻاريون جيڪڏهن
هڪجهڙيون ڪاريگر هونديون ته پوءِ واري واري سان هڪ
ٻاري اڳواڻ ٿي پڙهندي ۽ ٻي ٻاري پُٺ پڙهندي، پر
جيڪڏهن هڪ ٻاري ڪاريگريءَ ۾ گهٽ هوندي ته اها
هميشہ پٺ پڙهندي ۽ ان کي وارو نه ملندو؛ فقط
ڪاريگر ٻاريءَ کي اڳواڻ ٿي ’واري پڙهڻ‘ جو حق حاصل
آهي، يعني ته وارو فقط عوام ۾ تسليم ٿيل ڪاريگر
مولودي کي ئي ملندو. وڌيڪ قابل مولودي، کانئس گهٽ
ڄاڻ واري کي ’وارو‘ نه ڏيندو، ڇاڪاڻ ته شغل توڙي
فن جي لحاظ سان ’وارو پڙهڻ‘ آسان نه آهي. شغل جي
دستور موجب جيئن جيئن رات گذرندي ويندي تيئن تيئن
شغل سلسليوار مٿي چڙهندو ويندو (يعني سُر مٿي
چڙهندا ويندا)، تان جو پوئين رات جو چوٽيءَ تي
ڳائبو. وڏي مولودي جي ڀيٽ ۾ ننڍي مولودي کي
سلسليوار شغل چاڙهڻ جي ايتري خبر نه هوندي آهي، ۽
پڻ مداح جي شان ۽ سر مطابق مولود کڻڻ (جا ڳالهه
شغل بيهارڻ لاءِ لازمي آهي) تي ايتري دسترس نه
هوندي اٿس. انهيءَ ڪري ضروري آهي ته وڏو مولودي
وارو پڙهي.
اڳ جوڙو جوڙو مولودن جي - يعني ته ’هيٺيون‘
(هيٺئين سر وارو) توڙي ’مٿيون‘ (مٿي چڙهيل سر
وارو) مولود - ساڳيءَ ڌُن ۾ پڙهندا هئا، ۽
’هيٺئين‘ توڙي ’مٿئين‘ مولود جو ’وزن‘ ساڳئي نموني
جو هوندو هو. هن وقت ’هيٺيون‘ مولود هڪ ڌن مان ته
’مٿيون‘ مولود ٻيءَ ڌن مان پڙهن ٿا، مگر لازمي طور
اهو خيال رکندا ته ٻنهي مولودن جو مضمون هڪٻئي سان
ملي
*
۽ مٿيون مولود هيٺئين مولود کان ڪنهن به صورت ۾ نه
لهي (يعني ان جو سر هيٺ نه لهي). اهو رواج مشهور
مولودي اڳواڻ محمد هاشم مڱڻهار پنجاهه سال کن اڳ
وڌو جو هن وقت تائين هلندو اچي.
بهرحال گڏجي مولود پڙهڻ واري نظام کي هن پوئين دور
۾ فن جي لحاظ سان اوج تي پهچايو ويو آهي.
(ب) مولودن جي پڙهڻي ۾ ٻيو وڏو انقلاب سنگيت جي
اثر سببان آيو. گذريل ٽيهن سالن کان سنڌ ۾ فونن
(گراموفون) جي عام رواج سببان پڪي راڳ جي سُر تار
۽ لئي جي واقفيت وڌي. ڪافين ڳائڻ جي اصلي لئي ۾
ڦيرو آيو ۽ ڪافيون وقت جي راڳن ۽ راڳين، تارن ۽
گُرن تي ڳائجڻ شروع ٿيون. انهيءَ ڪري مولودن جي
شغلن کي پڻ سرتار جي لحاظ سان برک بنائڻ خاطر،
ڪاريگر مولودين پنهنجي پڙهڻيءَ ۾ راڳ جون ڌُنون
داخل ڪيون. لڙ ۾ خاص طرح هن هنرمنديءَ جو رواج
وڌيو. هن وقت اصلوڪا آلاپ وارا لسا مولود جن کي
’لاتيون‘ چئجي ٿو، سي ٿورا پڙهجن ٿا؛ گهڻو ڪري
مولود وڄت جي تارگر ۽ راڳن راڳين جي لئي مطابق
پڙهجن ٿا. شغل ۾ ساز سرود سي شامل ڪونه هوندا آهن،
پر ڪاريگر مولودي سرتار ۽ لئي جو خيال رکي مولود
پڙهندا آهن. ازانسواءِ ’ڪافين‘ کي شغل جو جز بنايو
ويو آهي. انهن ڪافين کي ’وارڙيون ڪافيون‘ چون، جن
جي لئي سان شغل جي رس ۾ وڏو اضافو ٿيو آهي.
پڪي راڳ ۽ راڳين جي ڌنن جو استعمال خاص طرح مداحن
جي پڙهڻي سان شروع ٿيو. مداحون عام طرح سنڌ جي عام
مقبول راڳين جهڙوڪ ڀيروي، مانجهه، ڪوهياري، جوڳ،
سورٺ، پهاڙي، ديسي تلگ، بروو، سارنگ وغيرهه ۾
پڙهيون وينديون آهن؛ پر هوشيار مولودي مداحن کي
سنگت جي وڏن راڳن ۽ پڪين راڳين جهڙوڪ ڀيرو،
مالڪوس، درگا، ڀيم پلاس، گورک ڪلياڻ، همير ڪلياڻ،
شڌ ملار، ميان جو ملار، حسيني ٽوڙي، ميانجي ٽوڙي،
للت، جوڳيا، ڀاڳيسري، ڪانرو، پوربي وغيرهه ۾ نهايت
ڪاريگري سان پڙهندا آهن. ’گڏ واريون مداحون‘ ته
خاص ڌنن ۾ ئي پڙهيون وينديون آهن.
مولودن جا شغل
اوائلي وقت ۾ مولودن جي مضمون واريون وايون درويشن
جي سماع جي مجلسن ۾ پڙهيون وينديون هيون، ۽ انهيءَ
ڪري وقت گذرڻ بعد درويش جي خانقاهن ۽ درگاهن تي
ٻاراهن جي موقعن تي مولودن جي شغلن جو رواج پيو.
ٻئي طرف مولود عالمن آڏو ديني مجلسن ۾، ۽ جمعي، شب
برات، ۽ رمضان شريف ۾ قرآن شريف جي ختمن پورن ڪرڻ
وقت مسجدن ۾ پڙهجڻ لڳا. عيدگاهه ڏانهن ويندي ايندي
امام آڏو مولودين جا ٽولا مولود پڙهڻ لڳا. عيدن
برادن تي خاص شغلن جو پڻ رواج پيو ۽ ’سمهه‘ وقت
مولودن پڙهڻ سببان شغلن جو چهچٽو وڌيو. ڪن ديندارن
سعادت طور عرس، شادي، طهر ۽ ٻين خوشين جي موقعن تي
شغل جي مجلس جو رواج قائم ڪيو. حاجين جي وڃڻ يا حج
تان موٽڻ وقت پڻ سندن مرحبا ۽ عام خوشيءَ خاطر
موقعي جا مولود پڙهجڻ لڳا. وفات وقت، مقام ڏانهن
جنازي کڻي هلڻ وقت ’ساماني‘ جا مولود پڙهجڻ لڳا.
بهرحال جيئن مولودن جو رواج وڌيو تيئن هر موقعي جي
مناسبت سان مولودن پڙهڻ جو رواج پيو. هن پوئين دور
۾ ڪاريگر مولودين جي مقابلي خاطر پڻ شغل جون
مجلسون قائم ٿيڻ شروع ٿيون.
جيتوڻيڪ سنڌ جي هر ڀاڱي ۾ ننڍن ڳوٺن توڙي شهرن ۾
مولودي ساماڻا جن وڏن ڏينهن ۽ موقعن تي مولود
پڙهيا، مگر ڪي ڳوٺ ۽ شهر مولودن جي شغلن جا خاص
مرڪز بنيا. اتر سنڌ ۾ کهڙا، آڳاٽي وقت کان اتي جي
مخدومن بزرگن جي فيض سببان علمي ۽ ديني مرڪز بنيو
۽ پڻ مولودن جي مجلسن ۽ شغلن کان مشهور ٿيو. مخدوم
امير احمد صاحب چيو ته ” کهڙن ۾ مولودن جا شغل
مخدوم خاندان جي سجاده نشين مخدوم دين محمد ۽ انهي
کان پوءِ سندس فرزند مخدوم محمد عاقل عرف مخدوم
نيڪ محمد جي اوطاق (مخدومن واري جامع مسجد جي اوڀر
۾) واري جاءِ تي ٿيندا هئا، جتي اڳ وڏو ميدان
هوندو هو. مون مولودن جي شغلن جا بهترين چهچٽا
پنهنجي ننڍي وهيءَ ۾ (پنجاهه سال کن اڳ) ڏٺا“.
کهڙن جي جامع مسجد ۾ جمعي نماز کان پوءِ ۽ رمضان
جي مهيني ۾ تراويحن کان پوءِ، ويندي فجر تائين
آڳاٽي وقت کان وٺي مولود پڙهيا ويندا آهن، ۽ هن
وقت تائين قدري انهيءَ رسم جي پائبندي ڪئي وڃي ٿي.
عيدن جي ڏينهن تي، پيش امام جي اڳيان سندس جاءِ کا
وٺي عيد گاهه تائين ۽ اتان واپس سندس جاءِ تائين،
مولودي پوري جذبي ۽ شان سان مولود پڙهندا هلندا
آهن. ٻين وڏن ڏينهن ۽ وارن تي پڻ مولود پڙهيا
ويندا آهن ۽ اڄ تائين آڳاٽن شاعرن مثلاً عبدالرؤف،
مخدوم غلام محمد بگائي، مقيم وغيره جا مولود پڙهيا
ويندا آهن. کهڙن کان سواءِ ڳوٺ ۽ درگاهه پير صاحب
پاڳارو (27 رجب ۽ عيدون)، راڻي پور ۽ گنبٽ آڳاٽي
وقت کان وٺي شغلن جا مرڪز رهيا آهن. مخدوم بلال
ضلعو دادو (ماه پهريون جمعو)، درگاهه شاهه
خيرالدين سکر (چنڊ جي يارهين)، درگاه مخدوم
اسماعيل پريالوءِ (رجبي ۽ جمعا)، روهڙي (جامع
مسجد، جمعا) اروڙ ۽ لونگ فقير جو لوڙهو (25 ۽ 27
ذوالقعد)، گهوٽڪي (جمعا)، درگاه ڀرچونڊي (عرس ۽
عيدون)، هالاڻي (پير غلام دستگير شاه، ماه پهريون
سومار) اتر سنڌ ۾ مولودن جا وڏا مرڪز آهن.
ازنسواءِ نوشهرو، ڪنڊيارو، شڪارپور، نئون ديرو،
ميهڙ ۽ ٻيا شهر ۽ ڳوٺ به آڳاٽي وقت کان وٺي اتر
سنڌ ۾ مولودن جا مرڪز پئي رهيا آهن.
لاڙ ۾ بزرگن جون درگاهون ۽ خانقاهون مولودن جي
شغلن جا مکيه مرڪز پئي رهيون آهن. مثلاً ٺٽي ۾
شاهه ڪمال، شاهه مسڪين ۽ شاه ابراهيم جي درگاهن تي
ساليانه ميلا، نصرپور ۾ شاه محمود جي درگاه، بدين
۾ يارهين شريف (11- ربيع الثاني جي رات)، درگاه
شيخ ڀرڪئي تي ماه پهريون سومار ربيع الاول ۽
شعبان؛ حيدرآباد ۾ شاه محمّد مڪي تاريخ 9 ذوالحج؛
هالن ۾ درگاه مخدوم نوح سهائو سومار؛ تعلقي ٽنڊي
الهيار ۾ ڪامارو شريف ۽ بڪيرن ۾ درگاه قائم الدين
14 شعبان 14 شوال؛ درگاه ڇٽو پير (تعلقو حيدرآباد)
12 شعبان؛ درگاه شيخ ريحان (تعلقو حيدرآباد)؛ مڪان
شريف تعلقو ماتلي جي يارهين (11 ربيع الاول)؛
حيدرآباد ۾ خانقاه منگواڻو فقير 27 شعبان، وغيره.
خانقاهن ۽ درگاهن کان سواءِ پڻ سنڌ جي هر ڀاڱي ۾
ذوق وارن صاحبن هر دور ۾ شغلن جون مجلسون وڏي ڌام
ڌوم ۽ اهتمام سان پئي ڪيون آهن، ۽ اهي شغل اڪثر
انهن جي نالي سان مشهور پئي رهيا آهن. مثلاً لاڙ ۾
هن وقت هيٺين صاحبن جون شغل جون مجلسون مشهور آهن:
ٽنڊي قيصر ۾ ميين صلاح محمد ۽ ميين پير محمد شاه
جا عرس (ربيع الاول)، ڳوٺ بهاول زونئر (تعلقو
حيدرآباد) ۾ مرحوم سيد حاجي بيگ محمد شاه جا شغل
(12-ربيع الاول، 9-رمضان ۽ 14-ذوالحج)، ميون
عبدالرحيم ڳوٺ ملاڪاتيار ۾، حيدرآباد ۾ ميمڻن جو
پاڙو (27-ربيع الثاني جي رات)، حاجي صالح هڱورو
ڇرائي ۾ (لڳ اڏيرو لعل، حاجي در محمّد شاه
شهدادپور ۾، حاجي بچو سپيو ڳوٺ مريد سپيو ۽ ٻيا.
مولودن جون مشهور ٽوليون
سنڌ جي هر ڀاڱي ۾ هنرمند مولودي ٿي گذريا آهن. ڪن
ڪاريگر مولودين اڳواڻ بنجي پنهنجيون ٽوليون يا
ٻاريون ٺاهيون، ۽ اهي ٻاريون مشهور ٿي گذريون.
انهن ڪاريگر مولودين ۽ سندن ٻارين جي حالات گڏ ڪرڻ
جي ضرورت آهي، جيئن شغلن جي نوعيت ۽ تاريخي سلسلي
بابت پوري معلومات حاصل ٿي سگهي.
اتر سنڌ ۾ کهڙن جي مرڪزي شهر ۾ هيٺين ٽولين جا
نالا مشهور آهن:
ابڙن فقيرن جي ٽولي: هيءَ ٽولي اڳ ٿي گذري. پنيل
فقير ابڙو، يار محمد ابڙو، هادي بخش ابڙو، علي بخش
ابڙو ۽ ڪريم بخش ابڙو هن ٽولي جا ساٿي هئا.
خواجن جي ٽولي: خليفو ڏنل خواجو، خليفو ڏنو خواجو
۽ ساٿي، مخدوم دين محمد جي وقت ۾، ۽ محمد اسماعيل
خواجو، محمد آچر خواجو، محمد خواجو ۽ ساٿي، مخدوم
نيڪ محمد مرحوم جي ڏينهن ۾ ٿي گذريا.
ابڙن فقيرن جي موجوده ٽولي: حاجي محمد صالح ابڙو،
الله ڏنو ابڙو، الله ورايو ابڙو ۽ حاجي ابراهيم
ابڙو.
خواجن جي موجوده ٽولي: حاجي بچل خواجو، ماڻڪ
خواجو، گل محمد خواجو ۽ ڏنل خواجو.
اهي موجوده ٽوليون اڪثر نوان مولود نين طرزن تي
چون ٿيون. آڳاٽن شاعرن جي مولودن کي آڳاٽين طرزن
موجب پڙهڻ وارن مان هن وقت موسو خواجو (عمر 75
سال) ۽ حاجي بچل خواجو (عمر 70 سال) حيات آهن.
موسو پيريءَ سببان هن وقت مولود ڪونه پڙهي، باقي
حاجي بچل اڃا به پڙهندو اچي ۽ سندس ساٿي کيس سُر
جهلائيندا آهن.
پير صاحب پاڳاري جي ڳوٺ، گنبٽ، راڻي پور، شڪارپور،
نوشهري، ڪنڊياري، روهڙي ڊويزن، لاڙڪاڻي توڙي دادو
ضلعن ۾ مولودين جون ٽوليون مقامي طور مشهور آهن.
راڻيپور ۾ اڳ الله رکيي پٽ پريي ميمڻ، محمد قاسم
پٽ پريي ميمڻ، صاحبڏني ميمڻ ۽ الهه اوباهيي ميمڻ
جي ٽولي مشهور هئي، هن وقت لعل بخش پٽ عبدالعليم
ميمڻ، محمد بچل پٽ آدم ميمڻ، لونگ پٽ عيسيٰ ميمڻ ۽
محمد صديق پٽ عبدالرشيد وارن جي ٽولي برک آهي.
راڻيپور وارن جا ضلعي سکر ۽ شڪارپور جي مولودين
سان مقابلا ٿيا. راڻيپور وارن کي خاص طرح ”شفقت
نامون“ ياد آهي. جو نبي صلعم جي سوانح عمري ۽
اصحابن سڳورن جي ساراهه بابت چيل آهي. ازنسواءِ
ضلعي خيرپور ۾ دائود جي ڳوٺ جي ڦلپوٽن ۽ ڪوٽ مير
محمد جي ڪنڀرن جون ٽوليون مشهور آهن.
دادو، لاڙڪاڻي ۽ سکر ضلعن جي آڳاٽن مولودين جو
احوال نٿو ملي، مگر موجوده دور کان ذرا اڳ ۽
موجوده دور جي مشهور مولودين جا نالا ملن ٿا.*
اڳ دادو ضلعي ۾ خليفو ٻڍو چنو، ڳوٺ ڪوٺي کوکر
تعقلو ميهڙ، مشهور مولودي هوندو هو ۽ کيس پنهنجو
ٽولو هوندو هو. حاجي احمد جتوئي (ڳوٺ هيتم جتوئي،
لڳ، مخدوم بلاول)، حاجي جمعو کٽي (تعلقو سيوهڻ) ۽
ڌڻي بخش کوکر (تعقلو دادو) ٻيا مشهور مولودي هئا.
ميهڙ جي شهر ۾ محمد پريل شينو، ۽ پوءِ رسول بخش
شينو، نائڪ محمد عالم جانوري ۽ سيد امير شاهه چڱا
مولودي هئا. ضلعي دادو ۾ ملڪاڻي بزرگ مرحوم غلام
محمد صاحب سماع ۽ مولودن جو ذوق وڌايو، جو هن وقت
تائين هليو اچي. ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڪريم بخش ڀٽو (شهر
لاڙڪاڻو)، حافظ محمد علي (ڳوٺ ڦلو) ۽ فقير محمد
ڦلپوٽو (باڊهه) مشهور مولودي هئا. رتي ديري ۾
مولودي عبدالڪريم ڪورائي جي ٽولي مشهور هئي. سکر
ضلعي ۾ الله ورايو لوهر (پنو عاقل)، محمد رمضان
لوهر (ڳوٺ پٽڻي)، فقير رازق ڏنو (چڪ) ۽ پيرل
انصاري (خانپور) مشهور ناميارا مولودي هئا.
ازنسواءِ مولا بخش ڏهر جي ٽولي خلافت واري دور ۾،
مولوي محمد هاشم مرحوم رڪ واري جي زير پرستي مشهور
ٿي ۽ کين ”بلبلان سنڌ“ سڏيو ويندو هو.
موجوده دور ۾، ضلعي دادو ۾ شفيع محمد برهماڻي جت
(ويٺل سامتاڻي تعلقو سيوهڻ)، غلام قادر ڪنڀر (ويٺل
مرکپور تعلقو دادو) ۽ بچل ملاح مشهور اڳواڻ مولودي
آهن. لاڙڪاڻي ضلعي ۾، ڌڻي بخش ڀٽو ۽ عبدالڪريم
جلباڻي (شهر لاڙڪاڻو)، محمد يعقوب ۽ جمن ميمڻ
(لاهوري محلو شهر لاڙڪاڻو)، حافظ علي محمد (ڳوٺ
عاقل)، نور محمد شاهه ٽنڊڻي وارو ۽ عطا محمد کوکر
(تعلقو باڊهه)، معجزائي غلام حيدر ماڇي (سيتا)،
محمد بچل ڪوري (نئون ديرو)، سليمان ساهڙ ۽ اسماعيل
ساهڙ (ساهه پنجو)، محمد مريد تنيو (قنبر)، حاجي
لعل محمد تنيو (ميرو خان) جمال الدين ٻرڙو ۽
درياخان بلوچ (گهٽهڙ) مشهور اڳواڻ ۽ ناميارا
مولودي آهن. سکر ضلعي جا موجوده مشهور مولوي ۽
اڳواڻ هي آهن: تعلقي پني عاقل ۾ فقير هادي بخش ڀٽو
(ڳوٺ نوراجا)، عبدالڪريم، هارون، محمد قاسم، فقير
غلام علي مڙيئي سومرا (ڳوٺ سومرا)، محمود ۽ عطا
محمد فقير محمد ڪلوڙ ڳوٺ سراءِ)، غلام فريد چاچڙ
(ڳوٺ ميان جمال الدين انڍڙ)، محمود خالدي (شهر پنو
عاقل) ۽ محمد بچل ڪنڀر (ڳوٺ هڱورو)؛ تعقلي ميرپور
ماٿيلي ۾ قمرالدين ڪلوڙ؛ تعلقي گهوٽڪي ۾
عبدالرحمان ڪلوڙ، ۽ محمود کٽي (ڳوٺ عادلپور)؛
تعلقي روهڙي ۾ شاهنواز ۽ عبدالحڪيم ڊنڊڻ (ڳوٺ
پٽڻي)، پيراڻو ٻرڙو (ڳوٺ واهه ٻرڙا) ۽ محمد بچل،
محمد ابراهيم، ۽ محمد صديق ميمڻ (ڳوٺ پير صاحب
پاڳارو)؛ تعلقي سکر ۾ ڌڻي بخش سومرو عبدالرحيم
مخدوم ۽ حاجي غلام محمد مخدوم (ڳوٺ چڪ)؛ ڳڙهي
ياسين ۾ عبدالحڪيم؛ تعلقي شڪارپور ۾ بهرام انصاري
خانپور جو، مينهل مهر ڳوٺ کبڙي جو، ۽ مينهل فقير
مهر، مفلح مهر، عبدالحق مهر ۽ لطف الله شيخ شهر
شڪارپور جا.
لاڙ ۾ خاص طرح حيدرآباد ضلعي جي قابل مولودين ۽
سندن مشهور ٻارين جو قدري سربستو احوال ملي ٿو*
۽ اهي ئي مولودي سڄي لاڙ ۾ برک هئا، جيتوڻيڪ ٻين
ضلعن ۾ پڻ مولود پڙهندڙ موجود هئا. اندازاً هن
چوڏهين صدي هجري جي شروعات يا اوڻهين صدي جي آخر
کان وٺي لاڙ جي مشهور مولود پڙهندڙ ٻارين جو مفصل
احوال ملي ٿو، ۽ ان وقت کان وٺي اڄ تائين انهن
ٻارين کي سلسليوار چئن دورن ۾ ورهائي سگهجي ٿو.
(الف) پهريون دور: هيءُ دور چوڏهين صدي هجري جي
شروع ۽ اوڻهين صدي عيسوي جي آخر وارو دور آهي. هن
دور ۾ هيٺيان اڳواڻ پنهنجي ٻارين سان مولود پڙهندا
هئا.
• اٽل درس جي ٻاري: اٽل درس مشائخ پوٽو، مشائخ
هوٿيءَ جو ويٺل هو. سندس جهيلي لقمان پليجو، مائي
ڄامان ۽ الف ابڙو هئا. اٽل درس ۽ سندس جهيلي
مولودن جي اصلوڪي پڙهڻي جا سدا ملوڪ هئا، جنهن ۾
مولود پڙهندڙ جي محبت، صدق ۽ جذبي کي وڏو دخل هو،
۽ شغل جي رس جو معيار اهو هو ته ٻين جي دلين تي
ڪهڙو اثر ٿو ٿئي! اٽل جي ٻن جهيلين مائي ڄامان ۽
لقمان پليجي بابت ڳالهيون مشهور آهن ته وڏي جذبي
سان مولود پڙهندا هئا. مائي ڄامان کي هڪ دفعي
نصرپور ۾ شغل جي دعوت ملي. نصرپور جي قاضي محمد
ابراهيم صاحب چيو ته مردن جي وچ ۾ هڪ عورت کي
مولود پڙهڻ جائز نه آهي؛ پڙهيائين ته مٿس تعذير
واجب ٿيندو. انهيءَ ڪري مائي ڄامان چپ ڪري ويٺي،
تان جو اڌ رات بعد هڪ ٻاريءَ هيءُ مولود پڙهيو ته:
اسان پرين پاڻ ۾ ويڇو نه پوي وار جو،
موليٰ مونکي ميلئين اوٺي اباڻي پار جو.
اتي مائي ڄامان پنهنجي صدق ۽ محبت جي جذبي کان
بيتاب ٿي پئي ۽ جئن ئي ٻاري اهو مولود پورو ڪيو ته
مائي بي تحاشا بلند آواز سان مولود شروع ڪيو ته:
احمد ڄام آئيو، سودو سلامت شام جو،
جيڏيون! اڱڻ آئيو، ساٿ سيّد ڄام جو.
مائيءَ اهڙي ته جذبي ۽ دل جي حضور سان مولود پڙهيو
جو ٻڌندڙ محو ٿي ويا، ۽ خود قاضي ابراهيم صاحب به
مائيءَ کي منع ڪرڻ جي بجاءِ خود محو ٿي ويهي مولود
ٻڌو ۽ مولود پوري ٿيڻ تي مائيءَ کي اجازت ڏنائين
ته تون ڀلي مولود پڙهه. صبح جو جڏهن ڪن پڇيس ته
چيائين ته: مائي اهڙي ته صدق ۽ جذبي سان مولود
پڙهيو ۽ هڪ اهڙي ڪيفيت طاري ٿي وئي جو ڄڻ ته نبي
صلعم پاڻ محفل ۾ اچي ويا آهن. اهڙيءَ حالت ۾
ابراهيم کي ڪهڙي مجال هئي جو مائي کي منع ڪري!
• الله ڏني گراڻي جي ٻاري: الله ڏنو نصرپور جو هو،
۽ الله ڏني گراڻي ۽ اٽل درس جي ٻارين جي وچ ۾ شغل
جا مقابلا ٿيندا هئا. ٻئي دور جو استاد ڪاريگر
اڳواڻ فقير محمد هاشم سندس شاگرد هو.
• شيخ حاجي داؤد جي ٻاري: شيخ حاجي داؤد، شيخ
ڀرڪئي جو هو، لسي مداح پڙهڻ جو شيخ داؤد ملوڪ هو،
۽ پڻ شغل ۾ سندس ڪافيون مشهور هيون. سندس پڇاڙي
واري وقت ۾ پير محمد صديق شاهه بڪيرن واري، نئين
اسرندڙ اڳواڻ فقير محمد هاشم مڱڻهار جي ٻاريءَ سان
سندس مقابلو ڪرايو جنهن ۾ فقير محمد هاشم سرسي
ڪئي.
• جمعي درس جي ٻاري: جمعو درس، بهدبن پوٽو، گاجا
واهه جي ڪپ تي درسن جي ڳوٺ (تعلقو گوني) جو ويٺل
هو.
• حافظ عمر انڙ جي ٻاري: حافظ عمر ڪرنائي انڙ،
الله ڏني ساند ۽ کٽياڻن لڳ سندس پنهنجي ڳوٺ جو
رهاڪو هو. راڻي جي سُر مان مداح حافظ عمر ڪرنائي
جي مشهور هئي. الله ڏنو واڍو ’شاهپور درپور‘ جو پڻ
انهيءَ وقت جو هڪ مشهور مولودي ۽ اڳواڻ هو.
(ب) ٻيو دور: مولود پڙهندڙ مشهور ٻارين جو ٻيو
دور اندازاً 1320-1350هه يا هن ويهين صدي عيسوي جي
سنه 1930 تائين وارو دور هو، جنهن ۾ هيٺيون ڇهه
مولود پڙهندڙ ٻاريون مشهور ٿي گذريون:
• ڏاتر ڏني ٿيٻي جي ٻاري: ڏاتر ڏنو ٿيٻو، ڳوٺ حاجي
نندو ٿيٻو، تعلقي حيدرآباد جو ويٺل هو. پنهنجي وقت
جو مڃيل مولودي اڳواڻ هو ۽ سڀني ۾ ’واري پڙهڻ‘ جو
ڪاريگر هو. سندس آواز ڳرو ۽ نهايت مٺو هو ۽ آواز ۾
وڏو اثر هوس. پاڪستان قائم ٿيڻ بعد 75 سالن جي عمر
۾ وفات ڪيائين. سندس ڇهه جهيلي هئا: (1) عبدالله
منگواڻو، ويٺل ڳوٺ منگواڻا لڳ بهاول زؤنر تعلقو
حيدرآباد، ڏاتر ڏني جو پهريون نمبر جهيلي هو. آواز
بلڪل گهڻو هوس. ڳچ وقت ٿيو جو وفات ڪري ويو. (3)
علي محمد ٿيٻو، ويٺل لڳ اسٽيشن پليجاڻي، جو فوت ٿي
چڪو آهي؛ سندس پٽ آهي پر مولود ڪونه پڙهي. (4) سيد
بچل شاهه، ويٺل ڳوٺ نصير ڏاهري تعلقو حيدرآباد.
(5) محمد ڪيريو، ڳوٺ دوست محمد ڪيريو، تعلقو
حيدرآباد، جو پنج سال کن ٿيا جو گذاري ويو. هن وقت
سندس پٽ دوست محمد ڪيريو ٻاري جو اڳواڻ آهي. (6)
محمد عيسيٰ ٿيٻو، ڏاتر ڏني جو وڏو پٽ، جو پڻس کان
پوءِ جو اڳواڻ ٿيو.
• فقير محمد هاشم مڱڻهار جي ٻاري: محمد هاشم پٽ
حافظ گهرام مڱڻهار جا وڏا ٿرپارڪر طرف جي رستماڻي
بلوچن جا منگتا فقير هئا. پهريائين ڳوٺ حمزي
ٽالپور ۾ رهندو هو، جتان لڏي اچي ڳوٺ بچل ساند ۾
ويٺو. اتان پڇاريءَ ۾ لڏي اچي ٽنڊي الهيار ۾ رهيو.
محمد هاشم مڱڻهارڪو ٻار هو، انهيءَ ڪري سرتار جو
پڪو هو. مداحن ۽ مولودن ۾ سندس استاد الله ڏنو
گراڻو نصرپوري هو. فقير محمد هاشم کي راڳ توڙي تار
جي پوري ڄاڻ هئي ۽ سندس آواز به گهڻو ۽ مٺو هو.
انهيءَ ڪري مولودن جي مڙني پڙهڻين کي واهه جو
نباهيائين. هن پنهنجون نيون ڌنون ايجاد ڪيون، ۽
مولودن پڙهڻ جي سلسلي ۾ پڻ نين رسمن کي رائج
ڪيائين. انهيءَ ڪري مقابلي وارن شغلن ۾ ٻين ٻارين
کان اڪثر گوءِ کنيائين. ڏاتر ڏني ٿيٻي ۽ محمد هاشم
جي ٻارين جي پاڻ ۾ گهڻي چٽاڀيٽي ٿيندي هئي. مولوي
محمد عمر کورواهي جي ٻاريءَ سان محمد هاشم جي
ٻاريءَ جو شغل ۾ مقابلو ٿيو جنهن ۾ فقير محمد هاشم
جي سرسي ٿي. مطلب ته پنهنجي وقت ۾ ٻين جي ڀيٽ ۾،
فقير محمد هاشم مولودن جي سڀني سلسلن ۾ ڪثر هو.
اٽڪل ويهه ٻاويهه سال کن ٿيا جو 75 ورهين جي ڄمار
۾ وفات ڪيائين. سندس جهيلي هي هئا: (1) عبدالله
مڱڻهار سندس پهريون نمبر ۽ نهايت هوشيار جهيلي هو.
هو فقير محمد هاشم کي ۽ ان کان پوءِ محمد رحيم کي
نيون ڌنون ايجاد ڪري ڏيندو هو. هن وقت سندس ٻه پٽ،
محمد عثمان ۽ سليمان، محمد رحيم جي ٻاريءَ سان
مولود پڙهن ٿا. (2) قاسم هاليپوٽو، ٽنڊي الهيار لڳ
هاليپوٽن جي ڳوٺ جو هو. ويهه سال کن ٿيا جو گذاري
ويو. سندس شاگرد دائم هاليپوٽو هن وقت پنهنجي
ٻاريءَ جو اڳواڻ آهي. (3) حاجي جيئند سريوال، ڳوٺ
غلام حيدر سريوال، تعلقي ٽنڊي الهيار جو هو، گذاري
ويو. (4) حاجي الله يار شاهه پٽ ڇتن شاهه، اڏيرَي
لعل جو هو، گذاري ويو. (5) ميون حاجي قاسم پٽ
پنهون ذات جو ’آجو‘، اڏيري لعل جو هو گذاري ويو.
(6) فقير محمد هاشم جو پٽ محمد رحيم، جو پڻس جي
وفات بعد ٻاريءَ جو اڳواڻ ٿيو.
• احمد جسڪاڻي جي ٻاري: احمد ۽ محمد ڀاءُ هئا،
سندن ڳوٺ ٽنڊي محمد خان لڳ آهي. اول يڪتاري تي
ڪافيون چوندا هئا. هڪ معذور سڀاڳي شيدي نالي دعا
ڪين ته ڪافيون ڇڏي نبي صلعم جي ساراهه پڙهو ته بخت
کلي پَويوَ. پوءِ حافظ محمد هاشم گامون جي ٽنڊي
(لڳ بدين) واري کان اصلاح وٺي مولودي ٿيا. مرحوم
احمد جو آواز تمام گهڻو هو، نه فقط سندس پر سندس
مڙني جهيلين جو آواز گهڻو ۽ هڪٻئي سان ملندڙ هو.
قدرت جسڪاڻين کي آواز جي دولت سان مالامال ڪيو ۽
انهيءَ ڪري سندن شغل واهه جا رهيا. مرحوم احمد جا
جهيلي- محمد، الله ڏنو، سانوڻ، اسماعيل، ماستر
عثمان ۽ صديق-سڀ سندس عزيز هئا، جن مان ماستر
عثمان گذاري ويو باقي ٻيا سڀ حيات آهن. سندس ڀاءُ
محمد پهريون نمبر جهيلي هو. ڀاءُ جي وفات بعد
پنهنجي ٻاري جو اڳواڻ ٿيو.
|