مهاڳ
سنڌ جي
’لوڪ ادب‘
کي سهيڙڻ لاءِ هڪ تفصيلي تجويز، سنه 1955 ع ۾،
’سنڌي
ادبي بورڊ‘ جي سامهون رکي وئي، جا 1956ع جي آخر ڌاري بورڊ بحال
ڪئي، ۽ ان جي عملي نگراني ۽ تڪميل بنده جي حوالي
ڪئي.
ان تجويز مطابق، جنوري 1957ع کان لوڪ ادب سهيڙڻ جو
ڪم شروع ڪيو ويو، انهيءَ سلسلي ۾ تعلقيوار ڪارڪن
مقرر ڪيا ويا ته ڏنل هدايتن موجب، ٻهراريءَ مان
مواد گڏ ڪري موڪلين. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾،
’سنڌي
لغت آفيس‘ سان گڏ لوڪ ادب جي مرڪزي آفيس قائم ڪئي ويئي، ۽ ڪارڪن
مقرر ڪيا ويا، ته مقامي طور گڏ ڪيل، توڙي ٻاهران
آيل مواد کي هدايتن موجب ورڇي ورهائي، ڀيٽي صاف
ڪري، ڇپائڻ لائق بنائين.
پهرين ٻه سال، 1957ع ۽ 1958ع، لوڪ ادب جي مواد
سهيڙڻ ۾ صرف ٿيا. انهيءَ عرصي ۾ تعلقيوار ڪارڪنن،
ڳوٺن مان گهربل ڳالهيون هٿ ڪيون، مرڪزي آفيس جي
عملي ڇپيل ڪتابي ذخيري مان ضروري مواد اُتاريو، ۽
بنده ڪوشش ڪري سنڌ جي هر ڀاڱي جو گشت ڪري، سڄاڻ
سگهڙن سان ڪچهريون ڪيون، ۽ عام سنڌي ادب جي هر
پهلوءَ کي سمجهڻ ۽ ان جي خاص ذخيري کي قلمبند ڪرڻ
جي ڪوشش ڪئي. انهيءَ سعيي ۽ همت، بلڪ جذبي ۽ محبت
سان قدري ايترو مواد گڏ ٿيو، ۽ ٿي رهيو آهي، جو ان
جي آڌار تي عام سنڌي ادب جي هر ڀاڱي بابت، نموني
طور هڪ ڪتاب مرتب ڪري سگهجي. ڪتابن جي تاليف جو
سلسلو ٽئين سال 1959ع کان شروع ڪيو ويو آهي.
هت ٻه ڳالهيون واضح ڪرڻ ضروري آهن:
پهريون ته هن تجويز موجب، سنڌي ٻوليءَ جي عام ادب
جون اهي جملي جنسون، جيڪي هن وقت تائين ٻهراڙيءَ
جي عوام ۾ مقبول ۽ مروج آهن، تن کي
’لوڪ
ادب‘ جو ذخيرو تسليم ڪيو ويو آهي. انهيءَ ذخيري ۾ سنڌي ادب
جون معياري جنسون پڻ شامل آهن، مثلاً : مداحون،
مولود، ٽيهه اکريون، ڪافيون وغيره، مگر جيئن ته
اهي هن وقت تائين ٻهراريءَ ۾ عام مقبول ۽ مشهور
آهن، انهيءَ ڪري انهن کي پڻ ”لوڪ ادب“ جي دائري ۾
شمار ڪيو ويو آهي. انهيءَ لحاظ سان، هن تجويز هيٺ
گڏ ڪيل ”لوڪ ادب“ کي بعينہ ”فوڪ لور“ (Folklore)
جي مغربي مفهوم سان تعبير ڪرڻ صحيح نه ٿيندو. اسان
جي ملڪ ۾ شهري زندگي اڃا ايتري وسعت يا خاص نوعيت
اختيار نه ڪئي آهي، جو اها خواص جي زندگي ۽ تمدّن
جو، يا ”معياري ادب“ جو سرچشمو بنجي. سنڌي زندگيءَ
جو مرڪزي دائرو اڃا تائين ڳوٺ آهي، ۽ انهيءَ ڪري
هن مرحلي تي سنڌي ٻوليءَ جي
’لوڪ
ادب‘ ۽
’معياري
ادب‘ جي وچ ۾ حد فاصل قائم ڪري نٿي سگهجي.
ٻيو ته هن تجويز ذريعي
’لوڪ
ادب‘
جو سمورو مواد گڏ نه ٿي سگهيو آهي، ان کي سهيڙڻ
لاءِ وڏي وقت ۽ ڪافي ذريعن جي ضرورت آهي. لوڪ ادب
جو سڄو ذخيرو سربستو گڏ ڪرڻ ڄڻ اٿاهه سمنڊ سوجهي
مڙني موتين ۽ ماڻڪن کي ميڙڻ جي برابر ٿيندو، جو
ناممڪن آهي. البته جو ڪجهه گڏ ٿي سگهيو آهي، سو
لوڪ ادب جي هر جنس بابت مثالي مواد آهي. انهيءَ
لحاظ سان هن تجويز هيٺ تاليف ڪيل ڪتاب اميد ته
آئينده ڪوششن لاءِ نمايان نشان ۽ نيڪ فال ثابت
ٿيندا.
’لوڪ ادب تجويز‘ جي تحريڪ جيتوڻيڪ بنده جي طرفان پيش ٿي، مگر ان
جي عملي سربراهي توڙي تڪميل ۾ گهڻن ئي مخلصن جون
ڪوششون شامل آهن. اول ته
’سنڌي ادبي بورڊ‘
جي ميمبرن کي جس جڳائي، جن هن تجويز کي سنه 1956ع
۾ منظور ڪيو. ان بعد گهربل مواد گڏ ڪرڻ، صاف ڪرڻ،
ترتيب ڏيڻ، ابتدائي مُسوّدا توڙي پريس ڪاپيون تيار
ڪرڻ، ۽ آخر ۾ ڪتابن ڇپائڻ ۾ ڪيترائي ساٿي ٻانهن
ٻيلي ٿيا آهن. هن تجويز کي ڪامياب بنائڻ ۾
تعلقيوار ڪارڪنن، مرڪزي آفيس جي باهمت فردن، سنڌ
جي سڄاڻ سگهڙن، توڙي انهن مڙني دوستن جو حصو آهي،
جن بنده لاءِ سگهڙن کي ڳولي هٿ ڪرڻ، ۽ ساڻن ڪچهرين
ڪرڻ ۾ پنهنجي هڙان وڙان مدد ڪئي. بورڊ جي سيڪريٽري
محترم محمدّ ابراهيم جويي، هن تجويز جي هر انتظامي
مرحلي تي بنده سان تعاون ڪري آسانيون پيدا ڪيون،
مفيد مشورا ڏنا، ۽ پڻ ڪتابن کي سهڻي نموني ۽ بنا
دير ڇپائڻ لاءِ فوري قدم کنيا.
هي ڪتاب ’لوڪ ادب‘ سلسلي جو چوٿون ڪتاب آهي. ان جو
بنيادي مواد جولاءِ 1958ع تائين گڏ ٿيو؛ سڄي مواد
کي چڪاسي، مختلف روايتن کي ڀيٽي، ترتيب ڏيئي،
نومبر 1959ع ۾ ڪتاب جو مسوّدو تيار ڪيو ويو، ۽
ڊسمبر 1960ع ۾ موسوّده جي آخرين تصحيخ ڪري پريس
ڪاپي شايع ٿيڻ لاءِ ڏني ويئي.
مرڪزي آفيس جي ٻين ڪارڪنن سان گڏ خاص طرح محترم
ولي محمّد طاهرزادي ۽ محترم امداد علي شاهه حسيني
هن ڪتاب جي مواد کي اتاري، يڪجاءِ ڪرڻ، ڀيٽڻ ۽
دوباره صاف ڪري لکڻ ۾ تحسين جوڳو ڪم ڪيو، ۽ محترم
شيخ محمّد اسمٰعيل ان سڄي ڪم جي نگراني ڪئي، ۽
ڪتاب جي مسوّده تيار ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. ڪتاب جي آخي
سٽاء، ترتيب ۽ تاليف لا بنده خود ذميوار آهي.
محترم سيّد ساجد علي، مئنيجر اسلاميه پرنٽنگ پريس،
ڪتاب کي جلد ۽ سهڻي نموني سان ڇاپڻ ۾ مدد ڪئي ۽
پروف ولي محمد طاهرزادي پڙهيا.
حيدرآباد
سنڌ
خادم العلم
12- اپريل
1961ع
نبي بخش
مقدمہ
نبي صلعم جي صفت ۽ ساراهه لاءِ سنڌ کان ٻاهر ’نعت‘
’ثنا‘ وغيره الفاظ استعمال ٿيندڙ آهن، مگر اهڙي
ساراهه وارن نظمن جي ڪا خاص هيئت ڪانهي، ۽ نڪي وري
انهن کي ڪو مخصوص نالو ڏنل آهي، سنڌ ۾ ڪافي آڳاٽي
وقت کان وٺي نبي صلعم جي ساراهه لاءِ ’مولود‘ مروج
آهن، جي معنيٰ ۽ مقصد توڙي نظم جي نوعيت جي لحاظ
سان هڪ اهم ۽ اصولي درجو رکن ٿا.
لفظ ’مولود‘ جي معنيٰ
’مولود‘ هڪ مخصوص نالو آهي، جو سنڌ وارن ئي کنيو ۽
رائج ڪيو آهي. ڪنهن اهو نالو تجويز ڪيو ۽ ڪڏهن کان
اهو نالو رائج ٿيو سو چئي نٿو سگهجي، پر مفهوم ۽
مقصد جي لحاظ سان اهو نالو هڪ انوکي ۽ اصولي حيثيت
رکي ٿو. هن بر عظيم ۾ اسلام اول سنڌ ۾ آيو ۽ سنڌ
وارن جي دلين ۾ نبي صلعم جي محبت سڀ کان اول
جائگير ٿي. نبي صلعم جيڪو ’توحيد‘ جو پيغام آندو
تنهن انسان ذات کي ٻين انسانن، جسمن ۽ وهمن جي
غلاميءَ کان آزاد ڪيو، انساني برابريءَ جو بنياد
رکيو، ۽ فقط علم، فڪر ۽ نيڪيءَ ۾ گوءِ کڻندڙ جي
بلندي ۽ برتريءَ کي تسليم ڪيو. اهو هڪ ’نئون
نياپو‘ هو جو نبي صلعم آندو. سندن ڄائي ۽ آئيٖ،
علم جي روشنائي هر جاءِ سهائو ڪيو ۽ جِهل جي
اونداهيءَ جو هميشہ لاءِ خاتمو شروع ٿيو. انهيءَ
ڪري نبي صلعم جي ولادت ۽ ورود انسان ذات جي ڀلائي
۽ بهبوديءَ لاءِ هڪ اهم پيش خيمو هئا. نبي صلعم
سان محبت رکندڙ عقيدتمندن جي جذبات جي لحاظ سان،
جڳ ۾ ڪو آيو ته محمّد آيو ۽ جي ڪو ڄائو ته محمّد
ڄائو. انهيءَ ڪري سنڌ وارن نبي صلعم جي ڄم ۽ ولادت
کي پنهنجي صفت ۽ ساراهه جو مرڪز ۽ محور قرار ڏيئي،
سندن شان ۾ چيل شعر کي ’مولود‘ سڏيو. لفظ ’مولود‘
جي معنيٰ ئي آهي ’انسان ڄائو‘ يا ’ڄاول ٻار‘*.
اهڙي معنيٰ خيز لفظ کي جن آڳاٽن سنڌي عقيدتمندن
چونڊيو ۽ رائج ڪيو، تن جي دانائي ۽ روشن ضميريءَ
جي جيتري واکاڻ ڪجي اوتري جڳائي.
صنف ’مولود‘ جي نوعيت
صنف شعر جي حيثيت ۾ ’مولود‘، ’وائي‘ يا ’ڪافي‘
واري دفعي ۾ شامل آهي ۽ ٻنهي جو قالب ساڳيو آهي.
اصولي طور ’مولود‘ وائي يا ڪافي جو هڪ خاص قسم
آهي، جنهن جي موضوع ۽ موسيقي آهستي آهستي مستقل ۽
مخصوص بنجي ويا. قالب ۽ هيئت جي لحاظ سان وائي ۽
مولود ۾ فرق ڪونهي، مگر پنهنجي تاريخي ارتقاء بعد
موجوده صورت ۾ معنيٰ توڙي موسيقيءَ جي لحاظ سان
’مولود‘ وائيءَ کان هڪ نرالي حيثيت رکي ٿو.
موسيقي، ’وائي‘ توڙي ’مولود‘ جو لازم ملزوم جز
آهي: ٻئي محض شعر خاطر منظوم ڪيل نه آهن، مگر ڳائڻ
خاطر جوڙيل آهن. ’وائي‘ وانگر ’مولود‘ به ڳائڻ
لاءِ آهي، پر ’مولود‘ جي ’لئي‘ وائيءَ جي ’لئي‘
کان اصولي طور الڳ آهي. ’مولود’ جو الحان ۽ ڍار،
کڻڻي ۽ وراڻي، توڙي مولود پڙهندڙن جي سنگت جي سٽاء
نرالي آهي.
وائي يا ڪافي جي ارتقاء سان ان جي مضمونن جو دائرو
وسيع ٿيندو ويو، تان جو ان ۾ قصن، ڪهاڻين، روزمرهه
جي عام ڳالهين توڙي محض مجازي رنگ جا عنوان پڻ
داخل ٿيا؛ ٻئي طرف ان کي هڪ فن طور سازن سرودن جي
وڄت سان، ۽ موسيقي جي اصول موجب سُرتار ۽ راڳڻين
جي جي لحاظ سان ڳايو ويو. ان جي برعڪس ’مولود‘ جو
موضوع محض نبي صلعم جي ذات ئي رهيو، جنهن جو تعلق
عقيدتمندي ۽ روحاني خوشيءَ سان هو. انهيءَ ڪري
مولود کي راڳ جي فن طور سازن سرودن تي ڪين ڳايو
ويو، پر ان کي ’قِرﺃت‘
(سهڻي آواز سان صحيح ۽ چٽو پڙهڻ) ۽ ’اِنشاد‘ (لئي
سان پڙهي ٻڌائڻ) جي فن مطابق آلاپيو ويو. انهي ڪري
ئي ’مولود ڳائڻ‘ جي بدران ’مولود پڙهڻ‘ جي رسم
رائج ٿي، ۽ مولودن کي بنا سازن سرودن جي ديني
محفلن ۽ درويشن جي مجلسن ۾ پڙهيو ويو، ۽ اڄ تائين
پڙهيو وڃي ٿو.
نتيجي طور چئبو ته تاريخي طور مولود خاص سنڌي
ماحول جي پيداوار آهي ۽ سنڌ ۾ ئي رائج آهي. صنف
شعر جي لحاظ سان ’مولود‘ ’وائيءَ‘ جو هڪ قسم آهي،
جنهن جو موضوع اصولي طور نبي صلعم جي ذات آهي، ۽
جنهن کي بنا ساز سرود جي مخصوص الحان ۽ لئي ۾
احترام سان پڙهيو وڃي ٿو.
مولودن جا مضمون
جيتوڻيڪ مولودن جو موضوع اصلي نبي صلعم جي ذات
مبارڪ آهي، مگر هر عقيدتمند شاعر پنهنجي حال ۽
قال، فڪر ۽ فهم مطابق نبي صلعم جي ذات بابرڪات
بابت مولود چيا آهن، ۽ انهيءَ ڪري اندروني طور
مولودن ۾ جدا جدا مضمون پيدا ٿي پيا آهن. مثلاً،
نبي صلعم ڌڻيءَ جو ڌڻيل پيغمبر، سندن اعليٰ شان ۽
رتبو، سندن سوانح جا جداجدا پهلو، سندن ساٿين
سڳورن جي ساراهه، سندن عام فيض ۽ ڪرم، سندن شفاعت
۾ آسرو، کانئن دعا ۽ مهر جي طلب، ساڻن محبت ۽
عقيدت جو اظهار، مٿن صلوات ۽ سلام ۽ سندن روضي جي
زيارت ۽ حج پڙهڻ جي تمنيٰ وغيره مولودن جا مکيه
مضمون آهن، جن کي سنڌي شاعرن پنهنجي زبان حال سان
عجب نموني ۾ نباهيو آهي: ”جنهن تي ڇٽ جُهليو
’لولاڪ‘، اعليٰ سان ٿيو محمّد جو“ (مقيم، ص 85)،
”محمّد آئي سڀ سورلٿا، آجي ٿئڙس آءُ“ (خير محمّد،
ص 88)، ”سرهو ٿيو سڀڪو، تو سامائي سيّدا (ڀاڳو، ص
199)، ”تو سامائي سيّدا! لٿا ملڪن تان مونجهارا“
(دلاور، ص 121).
مولودن جو تاريخي ارتقاء
مٿي چئي آيا آهيون ته ’مولود‘ هيئت ۾ ’وائي‘ يا
’ڪافي‘ آهي. انهيءَ ڪري چئي سگهجي ٿو ته ’مولود‘
تڏهانڪر رائج ٿيا جڏهانڪر ’وائي‘ وجود ۾ آئي. ڪن
آڳاٽن حوالن مان معلوم ٿئي ٿو ته ستين صدي هجري
کان وٺي سنڌ ۽ ملتان جي سهروردي بزرگن ۽ سندن
عقيدتمند خليفن ۽ احبابن جي سماع جي مجلسن ۾ سنڌي
درويش سنڌي ڪلام ڳائيندا هئا، ۽ غالباً دوهڙا ۽
وايون ڳايون وينديون هيون جيئن ته نبي صلعم جي
محبت ۽ ’فنافي الرسول‘ جي سالڪانه منزل کي صوفي
بزرگن جي طريقي ۾ خاص اهميت هئي، انهيءَ ڪري اهي
وايون جن ۾ نبي صلعم جي حب ۽ محبت جو اظهار هو، سي
انهن سماع جي مجلسن ۾ وجد طاري ڪرڻ لاءِ هڪ خاص
ذريعو بنيون. مگر انهن آڳاٽين واين يا ڪافين جا
سالم نمونا اسان وٽ موجود نه آهن، جو انهن مان
مولود جي مضمون وارن مثالن جو پوريءَ طرح اندازو
لڳائي سگهجي. واين جا سربستا متن ۽ مختلف نمونا
اسان کي ٻارهين صدي هجري جي شروع کان شاهه عنايت
رضوي جي ڪلام ۾، ۽ ان بعد شاهه عبداللطيف جي ڪلام
۾ ملن ٿا، جن ۾ ’مولود‘ جي مضمون واريون وايون پڻ
شامل آهن. اهو چئي نٿو سگهجي ته ’وائي‘ کان الڳ
مولود جي مستقل ۽ جداگانه حيثيت ڪڏهن کان عام طور
تسليم ٿي. غالباً جڏهن ”وائي“ جو دائرو وسيع ٿيو ۽
ان ۾ مجازي رنگ جا عاشقانه عنوان توڙي سنڌ جي
رومانوي داستانن جا مضمون عام رائج ٿيا، تڏهن
”مولود“ جي مضمون واريون وايون هڪ مخصوص دفعي ۾
شمار ٿيڻ لڳيون، ٻيو ته جڏهن ’وايون‘ سماع جي
مخصوص مجلسن کان ٻاهر پڻ عام خاص جي تفريح خاطر
سازن سرودن سان ڳائجڻ لڳيون، تڏهن ’مولود‘ جي
مضمون واريون وايون سماع جي مجلسن لاءِ مخصوص بنجي
ويون، ۽ سازن سرودن جي سنگت جي بجاءِ انهن واين جي
الحان ۽ لئي ۾ گونگاگون رنگيني پيدا ڪئي ويئي،
انهيءَ لاءِ ته بنا سازن جي پڻ انهن جي پڙهڻي ۾ رس
۽ ميٺاج پيدا ڪري سگهجي. غالباً مغلن جي دور ۾
موسيقيءَ جي ترقيءَ سببان ڪافيون سازن سرودن جي
سنگت سان علم موسيقي مطابق پوري سُر تار ۽ مختلف
راڳنين ۾ ڳائجڻ لڳيون ۽ مغلن جي دور جي آخر
(ٻارهين صدي هجري جي شروعات) ڌاري اهو چلامان عام
ٿي ويو. انهيءَ ساڳئي وقت مولود جي مضمون واريون
وايون خاص سماع جي مجلسن جو سينگار بنجڻ لڳيون،
الحان ۽ لئي جي لحاظ سان انهي جي پڻ هڪ مستقل
حيثيت قائم ٿي. يارهين صديءَ جي آخر کان وٺي سنڌ ۾
علمي درسگاهن پڻ وڏي ترقي ڪئي، ۽ ’مولود‘ جي مضمون
واريون وايون جن جو ارتقاء درويشن جي سماع جي
مجلسن توڙي عرسن ۽ عيدن برادن جي موقعن ۽ عام خاص
جي ’شغل وارين محفلن‘ ذريعي پنهنجي مستقل مضمون ۽
مخصوص لئي سان مشهور ٿيڻ لڳيون، ۽ انهيءَ جداگانه
حيثيت سببان سندن خاص نالو ’مولود‘ پڻ رائج ٿيڻ
لڳو. بهر حال يارهين صديءَ جي آخر تائين الحان،
لئي توڙي مخصوص نالي جي لحاظ سان ’مولودن‘ جي هڪ
مستقل حيثيت قائم ٿي چڪي هئي، ۽ لفظ ’مولود‘
پنهنجي مخصوص معنيٰ ۽ مفهوم سان رائج ٿي چڪو هو،
ڇاڪاڻ ته ميون شاهه عنايت رضوي جو يارهين صدي هجري
جي آخر ۽ ٻارهين صدي هجري جي اوائل جو شاعر آهي،
تنهن لفظ ’مولود‘ استعمال ڪيو آهي ۽ پنهنجي هڪ
’وائي‘ کي ’مولود‘ سڏيو آهي: ”چئو صلوات صدق سين،
ايءُ مولود مدام“ (ص 2).
اڄ تائين عام طور ائين ڀانيو ويو آهي ته مخدوم
عبدالرؤف ڀٽي مولودن جو مؤجد آهي، يا پهرين شاعر
آهي جنهن مولود چيا، يا جنهن جا مولود اسان کي ملن
ٿا. اهو گمان صحيح نه آهي: تاريخي طور مولود تڏهن
کان رائج ٿيا جڏهن کان وايون يا ڪافيون رائج ٿيون،
۽ هڪ الڳ حيثيت ۾ پڻ ’مولود‘ پنهنجي خاص مفهوم،
الحان ۽ لئي سان يارهين صديءَ جي آخر ۾ رائج هئا.
ميين شاهه عنات رضوي جي ڪلام ۾ لفظ ’مولود‘ پهريون
دفعو استعمال ٿيل نظر اچي ٿو.
پر ٿي سگهي ٿو ته اڃا به ڪنهن آڳاٽي شاعر جو ڪلام
ملي، جنهن ۾ ’مولود‘ جي مضمون واريون وايون موجود
هجن يا خود لفظ ’مولود‘ استعمال ٿيل هجي. البت
موجوده تحقيق جي بناء تي چئي سگهجي ٿو ته مولودن
جي عام مقبوليت ۽ مشهوريءَ جي لحاظ سان پهريون دور
ميٖين شاهه عنات رضوي وارو هو.
ميٖين شاهه عنات رضوي بعد، سندس ننڍن معاصرن مثلاً
شاهه عبداللطيف (1102-1165هه)، مخدوم عبدالرؤف ڀٽي
(1094-1166 هه)، مخدوم غلام محمّد بگائي (1145 هه
۾ زنده) ۽ مخدوم محمّد اسماعيل پريان لوئي (وفات
1174هه) جي ڪلام ۾ ’مولود‘ عام طور ملن ٿا. مولودن
جي مقبوليت جو اهو ٻيو دور هو، جنهن کي ’مخدوم
عبدالرؤف ڀٽي وارو دور‘ چئجي ته بجاء ٿيندو. مخدوم
عبدالرؤف ڀٽي پهريون شاعر هو جنهن فقط مولود ئي
مولود چيا. ظاهر آهي ته انهيءَ وقت مولود ايترو ته
عام مقبول هئا جو بزرگ عبدالرؤف ’مولودن‘ کي ئي
پنهنجو مخصوص موضوع بنايو. سندس انهيءَ سموري
توجهه سببان، مخدوم عبدالرؤف پهريون آڳاٽو سنڌي
شاعر آهي جنهن گهڻي ۾ گهڻا مولو چيا. ٻن سون سالن
کان وڌيڪ عرصي گذرڻ بعد، هن وقت پڻ سندس چيل مولود
ايترو ته عام رائج ۽ مشهور آهن جو سڄا سارا اسي هٿ
ٿي سگهيا، جن هن ڪتاب ۾ شامل ڪيا ويا آهن، ۽ يقيني
طور انهن کان سواءِ اڃا ڪي ٻيا به هوندا جي سردست
هن ڪتاب واسطي ملي نه سگهيا.
مخدوم عبدالرؤف جي مولودن جي مطالعي مان معلوم ٿئي
ٿو ته پهريون شاعر آهي جنهن ’مولود‘ جي عنوانن کي
وسيع ڪيو. معنوي لحاظ سان، نبي صلعم جي ولادت ۽
انسان ذات جي سربلندي لاءِ سندن پيغام ’مولود‘ جي
اصلي ۽ اصولي عنوان هو. عبدالرؤف جا ٽي مولود (2،
3 ۽ 4) انهيءَ عنوان تي چيل آهن. ان کان سواءِ نبي
صلعم جي خالص ساراهه ۽ ثنا (26، 28 ۽ 33)، سندن
لاءِ دلي محبت ۽ سچي سڪ (1، 5، 25، 27، 44، 45،
47، 49، 50، 51، 52، 53، 58، 64، 65، 67، 68، 69 ۽
72)، کانئن مهر ۽ شفاعت جي طلب ۽ اميد (29، 30،
35، 36، 38، 39، 41، 42 ۽ 43)، سندن چئن يارن ۽
پنجتن جي سڪ ۽ ساراهه (37، 40 ۽ 75)، نبي صلعم جي
مڙني محبن ۽ مشتاقن جي تعريف (48)، مديني پهچي
زيارت ڪرڻ جي دلي تمنيٰ (54، 57، 60، 63 ۽ 66) ۽
حاجين جي حج وڃڻ جو ذڪر (31، 32) ٻيا عنوان آهن جن
تي عبدالرؤف پنهنجا مولود چيا آهن. ازنسواءِ نبي
صلعم جي سوانح جي مکيه پهلوئن، مثلاً نبي صلعم جو
ساٿ سان موٽڻ ۽ بيبي خديجة جو سڪ سان واجهائڻ
(نمبر 6 ۾ اشارو)، نبي صلعم جي شادي (7 کان 16)،
سندن هجرت (24) ۽ سندن معراج (17 کان 23) کي پڻ
عبدالرؤف پنهنجي مولودن جا عنوان بنايو. نه فقط
ايترو پر نبي صلعم جي وفات تي پڻ مولود (73 ۽ 74)
چيائين. عنوانن جي انهيءَ انوکائي ۽ گهڻائي سببان،
مولودن جي موضوع جو مرڪز سو نبي صلعم جي ذات رهي،
باقي ان جو دائرو ايترو وسيع ٿي ويو جو ان ۾ ڪئين
عنوان سمائجي ويا. نبي صلعم جي ذات کان ٻاهر،
مخدوم عبدالرؤف ڌڻي تعاليٰ جي مناجات کي پڻ ’وائي‘
واري سانچي ۾ سموهيون، ۽ سندن اهڙي هڪ وائي هن
ڪتاب ۾ شامل آهي (ص 19، نمبر 41)؛ جيئن ته اها
وائي پڻ مولودن سان گڏ مجلس ۾ پڙهي ويئي، انهيءَ
ڪري مولودن ۾ شمار ٿيڻ لڳي.
مخدوم عبدالرؤف کان پوءِ جي شاعرن گهڻو ڪري انهيءَ
وسيع دائري اندر ئي پنهنجي طبع رسا کي ڊوڙايو ۽
انهن مکيه عنوانن کي نئين سر نباهيو، جيتوڻيڪ انهن
نبي صلعم تي ڌڻيءَ جي ڪرم ۽ سندن اعليٰ شان، سندن
آمد ۽ فيض عام، مٿانئن جان نثاري ۽ مٿن سلام، سندن
حسن جمال ۽ سونهن ڪمال جهڙن عنوانن کي زياده تفصيل
سان ورجايو. مخدوم عبدالرؤف نبي صلعم جي شاديءَ جي
عنوان تي مولود چيا ته کانئس پوءِ جي شاعرن وري
بلڪل سهري طور مولود چيا. مخدوم عبدالرؤف جي
مناجات طور چيل وائي پڻ مجلسن ۾ پڙهڻ جي لحاظ سان
مولود شمار ٿيڻ لڳي، ۽ ان کان پوءِ اهو رواج پيو
جو ڌڻيءَ جي مناجات، چئن يارن ۽ پنجن تنن جي
ساراهه، بادشاهه پير ۽ ٻين ولين جي شان ۾ چيل
وايون پڻ مولود طور مجلسن ۾ پڙهجڻ لڳيون.
مولود جي اندروني سانچي ۽ سٽاء توڙي ان جي وزن ۽
ترنم ۾ پڻ مخدوم عبدالرؤف قابل قدر اضافا ڪيا.
موضوع جي سٽاء جي لحاظ سان عبدالرؤف سنڌ جي ڪُهنين
ڪهاڻين مان تلميحون موڙي انهن ڪهاڻين جا قالب
تمثيلي طور استعمال ڪيا؛ مثلاً مولود نمبر 2 ۽ 58
۾ پنهل ڏانهن ۽ نمبر 4 ۾ سمي ڄام تماچيءَ ڏانهن
تلميح طور اشارو آندو اٿس، ۽ ٻه مولود (نمبر 68 ۽
71) سڄا سربستا سي سسئي جي سانچي ۾ سمايا اٿس. ڪن
مولودن ۾ وزن جو ماڻ ڀريو اٿس: مثلاً مولود نمبر
26 جو ٿلهه بحر هزج مان هڪ موزون مصرع آهي، ۽
مولود نمبر 62 سڄو سارو بحر هزج جي ماڻ ۾ مَيَل
آهي. اهو صحيح نه آهي ته مخدوم عبدالرؤف پهريون
شاعر هو جنهن وزن تي شعر چيو، ڇاڪاڻ ته سندس وڏي
معاصر شاعر جمن چارڻ جي چيل مداح ۾ وزن سمايل آهي*؛
البت مخدوم عبدالرؤف انهن اوائلي شاعرن مان آهي جن
موزون شعر چيو آهي. ترنم جي لحاظ سان مخدوم
عبدالرؤف جا ٻه مولود (48 ۽ 64) سَمهه
†
جي نچ جي تار تُريل آهن، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته
ان وقت سمهه جي حلقن ۾ مولودن پڙهڻ جو ايترو ته
ذوق هو، جو مخدوم عبدالرؤف پنهنجا اهي مولود سمه
جي نچ جي تار ترنم موافق جوڙيا. مولود جي فن ۾ اهو
پڻ خاص سندس اضافو آهي.
مخدوم عبدالرؤف کان پوءِ مخدوم عبدالله عرف ميان
موريو ٺٽوي، حافظ عالي (وفات 1192هه) ۽ ميان
سرفراز (وفات 1192 هه بعد) جا مولود ملن ٿا. اهي
ٽيئي مخدوم عبدالرؤف جا ننڍا معاصر هئا. حافظ عالي
جا ٻئي مولود ص 40) اهم آهن: پهريون بحر هزج ۾ چيل
آهي ۽ سنڌي موزون شاعري جي اوائلي مثالن مان آهي،
۽ ٻيو مولود سمهه جي نَچ جي تار موافق چيل آهي،
جنهن جو پهريون مثال مخدوم عبدالرؤف جي مولودن ۾
ملي ٿو.
مولودن جو ٽيون دور ڄڻ تيرهين صدي هجري جي شروعات
سان جناب پير صاحب محمّد راشد رحه عرف ”روضي ڌڻي“
(وفات 1233 هه) سان شروع ٿئي ٿو. اهو خاص طرح اتر
سنڌ جي شاعرن جو دور آهي. هن کان اڳ ميون شاهه
عنايت رضوي توڙي مخدوم عبدالرؤف ڀٽي ۽ سندس معاصر
لاڙ طرف جا هئا، جتي ٺٽو، نصرپور، مٽاريون ۽ هالا
علمي درسگاهن ۽ عالمن کان مشهور هئا. اتر ۾ موجوده
ضلعي خيرپور ۾ کهڙا علم جو مرڪز هو، ۽ کهڙن جي
مخدومن بزرگن وٽ ديني مجلسن توڙي عيدن برادن تي
مولودن جا شغل ٿيندڙ هئا. پير صاحب محمّد راشد رحه
جن کهڙن ۾ پڙهيا ۽ انهيءَ شاگرديءَ واري زماني ۾
ئي غالباً مولود جي مجلسن کان متاثر ٿيا. ان بعد
پاڻ پنهنجون تصنيفون ۽ تحريرون فارسيءَ ۾ قلمبند
ڪيائون، مگر سنڌيءَ ۾ خاص طرح مولود چيائون ۽
گهڻائي چيائون. هن ڪتاب ۾ سندن اٺ مولود (ص 46-45)
ڏنا ويا آهن جي نبي صلعم لاءِ سچي سڪ ۽ محبت واري
جذبي ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهن. نمبر 5 ۽ 6 حقيقت ۾
ڪافيون آهن، جي پڻ مولودن سان گڏ انهيءَ الحان ۾
چيو وينديون آهن. مولود نمبر 7 موزون شاعريءَ جي
قالب ۾ سمايل آهي. هن دور جو وڏو شاعر سچل سرمست
(وفات 1142 هه) هو، جنهن ڪي مولود پڻ چيا. سندس ٽي
مولود (ص 46-47) هن ڪتاب ۾ شامل آهن، جن مان نمبر
3 بحر رمل ۾ چيل آهي. ملا صاحبڏنو (وفات 1250 هه)
پڻ هن دور جو شاعر هو، جنهن فارسي ۾ غزل ۽ قصيدا ۽
سنڌيءَ ۾ مولود چيا.
مولودن جو چوٿون دور، جناب پير صاحب محمّد راشد
رحه جي آخري عمر وارو دور (1230 هه) هو، جنهن جو
مهندار غالباً مقيم هو. مقيم جا مولود اڃا تائين
مشهور آهن، ۽ زبان جي سلاست ۽ جذبي جي صداقت ۾ برک
آهن. مقيم جو احوال خاطريءَ سان معلوم نه ٿي سگهيو
آهي؛ مگر جيئن ته اشرف شاهه ڪاماري واري کيس اڳ جي
بهترين مولود-گو شاعرن ۾ ڳڻيو آهي، انهيءَ ڪري
اندازاً کيس هن چوٿين دور جي اڳواڻ شمار ڪري سگهجي
ٿو. ميان غلام عباس شاهه دڙي واري پنهنجي خانداني
روايتن جي بناء تي خاطريءَ سان ٻڌايو ته سندن وڏو
ڏاڏو ياسين شاهه بن سيد محمد شريف بن سيد جان محمد
بن هاشم شاهه بخاري، جو ميرن جي ڏينهن ۾ ٿي گذريو
آهي، سو پنهنجو تخلص ’مقيم‘ ڪندو هو ۽ انهيءَ تخلص
سان سندس چيل مولود مشهور آهن. هن پوئين دور ۾
اٽڪل پنجاهه کن سال اڳ مقيم سمون، جو ڪاتب هو،
تنهن پڻ پنهنجي نالي ’مقيم‘ سان مولود چيا. پر اهي
مولود جي مقيم جي نالي سان مشهور آهن سي ان کان اڳ
جا آهن، ڇو ته اشرف شاهه ڪاماري واري (ولادت
1214هه) پنهنجي هڪ مولود ۾ چيو آهي ته:
مجلس منجهه ”مقيم“ کي جڏهن غازي گڏيائون،
مقام تنهن جو مڪي ۾ آڻي اڏيائون.
جيڪڏهن اشرف شاهه اهي مولود پنجويهن ورهين جي ڄمار
بعد (يعني 1240 هه بعد) چيا هجن ته انهيءَ جي
معنيٰ ته مقيم اندازاً سنه 1240هه کان اڳ مڪي شريف
ويو جتي گذاريائين. انهيءَ لحاظ سان اهو بزرگ
مقيم، ياسين شاهه ’مقيم‘ کان غالباً اڳ جو هو. سيد
خير شاهه ۽ ٻيا هن چوٿين دور جا مولود-گو شاعر
هئا.
مولودن جو پنجون دور تيرهين صديءَ جي وچ وارو دور
هو. فتح فقير ڪلهوڙو انهيءَ دور جو برک مولودي
شاعر هو. فتح فقير موٽيل وهيءَ ۾ سيد شاهه ڀاڏائي
رحه جو اچي مريد ٿيو. سندس رفيق تيرهيو فقير پڻ
قنبر علي شاهه رحه جو مريد هو. خود درويش قنبر علي
شاهه (وفات 1268هه)، جو ’رسالي جو صاحب‘ آهي، تنهن
جي رسالي ۾ ڏنل ڪي وايون حقيقت ۾ ’مولود‘ آهن ۽
انهيءَ ڪري هن ڪتاب ۾ شامل ڪيون ويون آهن.
انهيءَ ساڳئي دور جو ٻيو نامور ۽ اڳواڻ شاعر پير
محمّد اشرف شاهه (ولادت 1214هه) ڪاماري وارو هو.
اسلوب بيان جي لحاظ سان اشرف شاهه نهايت سهڻا ۽
سلوڻا مولود چيا. اڳين نامور مولود-گو شاعرن مان
اشرف شاهه کي عبدالرؤف ۽ مقيم ڪافي متاثر ڪيو هو،
۽ انهيءَ ڪري پنهنجي هڪ مولود ۾ ٻنهي جا نالا کنيا
اٿس (ص 117، مولود 21). اشرف شاهه سنڌيءَ ۾ گهڻو
ڪلام چيو، جنهن ۾ مولود پڻ گهڻي تعداد ۾ هئا جي
نهايت مقبول پيا ۽ مشهور ٿيا. هن ڪتاب ۾ پڻ سندس
چيل پنجويهه چونڊ مولود شامل آهن.
مٿيان پنج دور ڪلهوڙن ۽ ٽالپورن جي آزاد حڪومت
واري عرصي جي مکيه مولود-گو شاعرن جا آهن ۽ مولودن
جي ابتداء ۽ ارتقاء جي سلسلي ۾ بنيادي يا ڪلاسيڪي
حيثيت رکن ٿا.
پير اشرف شاهه انگريزن جو دور ڏٺو هو ۽ کانئس پوءِ
ٻيا مکيه مولود-گو شاعر، جن ٽالپورن توڙي انگريزن
جو دور ڏٺو، تن ۾ نواب جان محمد لغاري، غلام حيدر
فقير شر، صابر ٺٽوي، خير محمد فقير هيسباڻي، مخلص
علي ’مخلص‘، سيد مهدي شاهه بخاري، حسين فقير ديدڙ،
نواب الهداد خان لغاري ۽ ٻيا سندن ساٿي هئا. انهن
سڀني سنه 1300هه/1882ع کان اڳ وفات ڪئي. اهي شاعر
جي تيرهين صدي جي آخر ۾ ساماڻا ۽ جن چوڏهين صدي
هجري جي شروع ۾ وفات ڪئي تن-۾ شاهه محمّد ديدڙ
(وفات 1309هه) ۽ رمضان ڪنڀر (وفات 1316هه/1899ع)
برک هئا. ان بعد هن چوڏهين صدي هجري يا ويهين صدي
عيسوي جي شروعات وارن مولود-گو شاعرن ۾ رمضان واڍو
(وفات تقريباً 1330/1912ع) مشهور شاعر ٿي گذريو،
جو پنهنجي دور جو اڳواڻ شاعر هو. رمضان واڍي جا
چيل مولود گهڻو ڪري سڄيءَ سنڌ ۾ مقبول پيا ۽ اڃا
تائين شغل جي مجلسن ۾ پڙهيا وڃن ٿا. رمضان واڍي تي
مولودن جي ارتقاء جو وچون دور ختم ٿيو. انهيءَ
وچين دور جي مولودن تي سٽاء توڙي اسلوب بيان جي
لحاظ سان اوائلي دور جو رنگ چڙهيل هو.
|