سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مولود

 باب:

صفحو :17

محمد اڪرم خان

[محمد اڪرم خان ولد آدم خان پٺاڻ، ڳوٺ ڪَڙي عطا محمد لڳ شڪارپور جو ويٺل هو. اندازاً سنه 1841ع ڌاري ڄائو. پوليس ۾ نوڪري ڪيائين، جتان رٽاير ڪرڻ کان پوءِ سمورو وقت بزرگن ۽ درويشن جي صحبت ۾ گذاريائين. شاعريءَ سان خاص اُنس هئس. سنه 1905ع ۾ وفات ڪيائين.]

[1]

ٿلهه:   سرور توکي سيّدا! ٿو ساري ساهه سدا،
                ٿئي توتان جان فدا، منهنجو غور ڪريو غمخوار.
1.      جيئري جاني سي پسان مِٺا موچارا،
        سچا سونهارا! منهنجو غور ڪريو غمخوار.
2.      هئي هئي! منهنجي حال جي اٿوَ آگاهي،
        حامي همراها! منهنجو غور ڪريو غمخوار.
3.      جڏيءَ جيڏا تو بنان، ڏکيءَ ڏک ڏٺا،
        محب موٽ مِٺا! منهنجو غور ڪريو غمخوار.
4.      هينئڙي منجهه حبيب جا مڱر مچ مَتا،
        جيرا جوش جُتا، منهنجو غور ڪريو غمخوار.
5.      عرض اڪرم ٿو ڪري، خاصا دوست خدا!
        جانب! ٿيءُ نه جدا، منهنجو غور ڪريو غمخوار.

قائم الدين

[1]'

ٿلهه: هينئڙي آس، آهي اداس، مون پهچاءِ مديني.
1.      مرسل مير وارث وير، ورنهه ٿيءُ وسيلا،
        پورهيت پاڻ، ڪرم ساڻ، مون پهچاءِ مديني.
2.      مون ارواح، سڪي ساهه، پسان پاڪ پيشاني،
        هنئين هوت، تائين موت، سڪي ساهه مديني.
3.      احمد ڄام! تنهنجي سام، لهج سار سونهارا!
        اچي دلدار، لهه سنڀار، هڪوار مديني.
4.      سڻي دانهن، اچ هيڏانهن، سائين شاهه مديني،
        مون مسڪين، قائم الدين کي ڪوٺاءِ مديني.

[2]

ٿلهه:   سرتيون! سيّد کي مان ساريان روز سدا،
                ڪريان جُثو، فائق! توتان فدا.
1.      احد ڍڪي احمد جو، آيو رسول ردا،
        ساڳيو سڃاتم سپرين نرمل نُور هديٰ.
2.      بشر حجاب رسول جو، آهي ميم مدعا،
        ميم ڇڏي معراج تي اڪمل ٿيو اهديٰ.
3.      ياور کي ياسين جي، تاج ملي مهندا،
        ’اوادنيٰ‘ انعام ٿيو، هاديءَ ڏانهن هديٰ.
4.      هدايت هٿ ڪريم جي، نرمل کي هئي ندا،
        ڪامل جي قرآن ۾، ساراهه ڪئي صمدا.
5.      حضرت منهنجو هاشمي، دلبر دوست خدا،
        ڄائي عربيءَ ڄام جي، ڪسريٰ ڪوٽ ڪريا.
6.      مٺو نانءُ نبيءَ جو، عاصين کي سلندا،
        برڪت ڪلمي پاڪ جي، ڇيهن کان ڇٽندا.
7.      امتي احمد ڄام جا، پرور کي پسندا،
        ڪافر ڏينهن قيام جي، هاوي ۾ هڄندا.
8.      اڱڻ آسروند جي، اڄ عجيب ايندا،
        ٿيندس مان هوتن کؤن، جيئري دم نه جدا.
9.      جهڙا تهڙا پنهنجا، پاڻ پرين پڇندا،
        اُمت ساڻ اچي، ڪرم قائم الدين ڪندا.

سعد الله

[سعد الله عرف محمّد سعيد ولد محمد حسن، لُواري وارن بزرگن مان هو، 1264هه ۾ ڄائو ۽ 2- محرم 1324/1906ع ۾ وفات ڪيائين.]

[1]

ٿلهه:   مونکي مرسل مير جي، موليٰ ڏي محبت،
                مونکي نرمل نور جي، سائين ڏي صحبت.
1.      آهيان نماڻي، ننڊ گهڻيءَ، ڏاڍي مون غفلت،
        جاڳائينم جليل! تون، نظر ڪري رحمت.
2.      آگا! عربن ميل تون، خاصي جا خلقت،
        پاڙي پرين رسول جي، منهنجي ڪر قسمت.
3.      ڏاتر! مون ڏيکارئين، سيّد جي صورت.
        پسي پيغبر پاڪ کي، روح رسي راحت.
4.      سائين! هن سعد الله کي، شوق ڏيو شريعت،
        سنهنجو ٿيان سڪرات ۾، ڪلمي جي وحدت.

رمضان واڍو

[فقير رمضان پٽ شهمير پٽ صالح شهميراڻي لاکو واڍو، پنجموري تعلقي هالا جو رهاڪو هو. هو هڪ سگهڙ، شاعر ۽ ذهين شخص هو. مڪنبن جي تعليم حاصل ڪيائين، پر علم کان سندس عقل گهڻو هو. ٻُڌ سُڌ جو وڏو وکر وهايائين. ڪافيون، ڪلام گهڻا چيائين، سندس مولود ۽ معجزا سڄيءَ سنڌ ۾ مقبول آهن. پنڌرهن ٻولين ۾ غزل چيائين ۽ اَسي ڪتاب تصنيف ڪيائين. سنه 1299هه کان وٺي 1325هه تائين سندس هٿ لکيل ڪتاب ملن ٿا. اندازي موجب سمجهجي ٿو ته رمضان فقير سنه 1270هه يا ان کان ڪجهه اڳ ڌاري ڄائو ۽ سنه 1330هه ڌاري وفات ڪيائين.]

[1]

ٿلهه: اچي سيّد گهوٽ مٿان سهيليون! عطر عنبير وسايو.
1.      شيشا رومي شوق مان ڪريو ڪانه ڪٿا سهيليون هاري پُسايو،
        پٽي گل گلاب جا، سهيليون! سرور کي ته سنگهايو.
2.      پاڻي لال گلاب جو دُنگن مان دڌڪا، سهيليون! روبرو رسايو،
        ڦوٽا، لونگ ته خاص، سهيليون! چندن ٿانءُ گسايو.
3.      گؤنٽا، تڪما، ڪيوڙا، پناپانن جا، سهيليون! پُوئي هار هسايو،
        گل سُرها سي ته سهيليون! ڏوري چا ته ڏسائيو.
4.      ويهي واڍو رمضان چئي، ار گجا سهيليون! چِڪيو سو چائيو،
        نت خوشبوين خرار، سهيليون! پرينءَ کي ته پسائيو.

[2]

ٿلهه: سرهو کڻي سامان، جيءُ مير محمّد آيو، جيءُ سرور سو سلطان.
1.      کٿوري خرار، عطر آندائون، هنڌ هنڌ ٿيو هُڳسان.
2.      کٽيٖ سو خيرن سان شام کان ورين قافلو، خانن جو ٿي خان.
3.      هيءُ سر ساجن تان گهوريو پنهنجو گهوريان، قدمن تان قربان.
4.      رمضان رنگ لڳا، بيبيءَ آسون پُنيون، مرڪيو تنهن جو مڪان.

[3]

ٿلهه:   آيو احمد عيد ٿي، ڪو جو نظر ڪيائين،
                ڪفارن جي قوم ڏي، ڪو جو نظر ڪيائين.
1.      ڪڍي لفظ قرآن جا، ڪي جي چپن چيائين،
        ڇوڪاري ڇوهه مان، هُن تي هنيائين.
2.      قابو ٻڌا جي ڪِلن ۾، سي ته رسا ڇنائين،
        طنبو ڪريا تن جا، هيٺيان بت ڀڳائين.
3.      ڌڪڙ، نفرا، نفيرون، ٻيا گهڙيال گهُٽيائين،
        واڄا وڄيا نه تن جا، سي ته بندي بنديائين.
4.      روبرو رمضان چئي، تن جي وِڄا نيائين،
        سحر جادو تن کان، اچي سڀني کسيائين.

[4]

ٿلهه:   دف وڄيا، گڏ چڙهيا، وني آئي وَر،
                آ ٿي جيان سچ پروڙيو سرور.
1.      عطر حورن هاريا، سُرهو ٿيو سارو گهر.
2.      راڻيون رانئڻ آئيون، ڪري وڏو ولر.
3.      رات انهي رمضان چئي، ڇٽيو عنبير عطر.

[5]

ٿلهه: ٿو مَن تي مچ مچي، محمّد مانَ اچي!
1.      ڏي ٻُڪي من ٻاجهه جي، هي بيماريءَ کان بچي،
        گڏجي هن غريب کي، هينيون هينئين سان هَڄي.
2.      ڏسي منهن محبوب جو، هيءَ سوريتي سرچي،
        مان ملي مسڪين کي، هن پازي سان پرچي.
3.      ملڻ محبوب جو، ٿو پر ۾ پهُه پچي،
        واندائي نه وڃڻ جي، ڪَيس قابو ڪم ڪچي.
4.      ”واڍي“ ڏي به ورڻ جو، من پاري سخن سچي،
        راضي ٿي رمضان تي، تان رنگ ۾ رنگ رچي.

[6]

ٿلهه: محمّد موڙ ٻڌن ٿا، سيّد سر سونهن ٿا،
                        لعلون موتي لُڏن ٿا.

1.      سَرن ۾ موڙن جي، ٽليو ٽؤنر ٽلن ٿا.
2.      لعلون موتي مڻيا، جلوي سان جهرڪن ٿا.
3.      ساوا زمرد زينتي، هيري ڪڻ ڪڏن ٿا.
4.      رخ مٿان رمضان چئي، گَهرا گل گسن ٿا.

[7]

ٿلهه: تون ڪر سعيو، جيءُ گهوٽ محمّد شاهه.
1.      وَٺي مٿي تي پانهنجي، پيچ پٽڪي جو پايو،
                        گهوٽ محمّد شاهه....

2.      ويهي ڪپڙو قيمتي، سٿڻ چيلهه چتايو،
                        گهوٽ محمّد شاهه....

3.      پائي پهرياڻ ڳچيءَ ۾، لاڳ لڱن لايو،
                        گهوٽ محمّد شاهه....

4.      ڪري چادر ڪلهي تي، پوئتي پلاند ورايو،
                        گهوٽ محمّد شاهه....

5.      پائي جَتي پيرن ۾، هري قدم هلايو،
                        گهوٽ محمّد شاهه....

6.      رومال ۾ رمضان چئي، ٻيڙو مشڪ ٻڌايو،
                        گهوٽ محمّد شاهه....

[8]

ٿلهه: خوش ٿيو محمّد مير، سڀ سهنج ٿيا.
1.      پڙهي نڪاح خوش ٿيو، ابوطالب امير،
        خوش ٿي پڦي ٻي عاتڪہ، پيتائون کنڊون کير.
2.      ابوطالب وراهيا، آڻي تَمَر ۽ انجير،
        ڀري ڏنائين سڀن کي، ساري صاعُ ڪبير.
3.      سرها صحابي سڀ ٿيا، سرهو ٿين سرير،
        مَرڪي ويٺو مَعرڪيٖ، وارث ورنهه وير.
4.      مَلڪن ڏنيون مبارڪون، ڇٽيائون عطر عنبير،
        حورن آڻي هاريو، ڪيسر ٻيو ته ڪثير.
5.      راضي ٿيو رمضان چئي، مَلهي سو ته منير،
        وريو واءُ وصل جو، هينڙي ٿڌڙي هير.

[9]

ٿلهه: ڳايو ڳايو سهرا ڳايو، گهوٽ گهوڙي تي چڙهي آيو.
1.      جهڙي گوڙ اُڀن ۾، تهڙو سازن هُل مچايو.
2.      وَٺيو واڳ سمنڊ جي، اچي پير رڪيب ۾ پايو.
3.      ڪڪر ڇانٌوَ ڪريم تي، مٿان بادل جهُڙ بنايو.
4.      ريجهائي رمضان چئي، اُٿي راڻيون! رانول رانيو.

[10]

ٿلهه: ويهي کاڄ کاڌو خوش ٿي، ٿانٌو هڪيٖ ۾ گهوٽ ٻئي انهير.

1.      بيهو بيبيءَ ڀرسان ٿي شڪر ڪيو هر هر.
2.      يار صحابي خوش ٿيا اُن وَر وَر.
3.      کلي خوشبوء کاڄ مان بوءِ ڀلي کان عطر.
4.      راض منجهان رمضان چئي سي کاڄ کاڌا سرور.

[11]

ٿلهه: دليئون ڪيوسون ڌيان، اوٺي اِجهو ٿو اچي.
1.      اهڙو چڙهيل اُٺ تي، جلوي ساڻ جوان،
        سونهين ٿو به سڀن پرين، سلطانن جو سلطان.
2.      هليو اچي ٿو اورتي، جلدي ڪيو جولان،
        ڪوڏ ڪجائي ڪُنگرا، ڪڪر مٿان قربان.
3.      آهي ساڳيو سپرين، شرف وڏو جنهن شانُ،
        سڃاڻڻ جو سُنهن کڻي گوليءَ ڪيڙو بيان.
4.      ”واڍو“ ويٺو واٽڙيون، روز نهاري رمضان،
        اچي لهندو اڱڻ ۾، مرڪندو ته مڪان.

[12]

ٿلهه: ڏُور ته جي ٿي ڏسيا، پرور پَسايا.
1.      محب مليا منهنجا پرين، ربّ اُهي رَسائيا.
2.      سڪ واري جي سيج تي، محبت مينهن وسايا.
3.      سيّد مليو سڀ سهنج ٿيا، پارس ساڻ گسايا.

[13]

اچي اچي هيڻي تي هٿ ڌري، محمّد مان وري!
1.      ڪاهي ڪرهو ڪوڏ مان، ڪو ڪامل ڪرم ڪري،
        واري واڳ ولهي تي، هت ڍوليو پاڻ ڍري.
2.      ڌاران ان ديدار جي، منهنجي ساعت ڪين سري،
        ورُ وصل ويجهو ڪري، منَ منهنجو منُ ٺَري،
3.      هينئڙو سو هوتن لاءِ، ٿو ڳريو ڳچ ڳري،
        ساريو سانگيئڙن کي، هيءَ ماندي ماڳ مري.
4.      روح سندي رمضان جي، شل ٿي پل نه پري،
        اَڱڻ آسرمند جي، ايندو پرمَل پير ڀري.

[14]

ٿلهه: ديکو ديدار دلبر جو، سرس سينگار سرور جو.
1.      جانب چڙهيو جمل تي، حضرت ٿيو هسوار،
        سُڪا وڻ ساوا ٿيا، گل ٽڙيا گلزار،
        پسي نُور انور جو، سرس سينگار سرور جو.
2.      اُٺ پيو آزار سان، سو بر مٿي بيڪار،
        نظر ساڻ نبيءَ جي، توڏن سان ٿيو تڪرار.
        پياسون پيش پيغمبر جو، سرس سينگار سرور جو.
3.      ڪامل هليا ڪفر جو، رونشو ڏسڻ سو رنگمار،
        مشعلن منهن موڙيا، نور پسي ٿيا نروار،
        مٺي تنهن مير منوّر جو، سرس سينگار سرور جو.
4.      باب کي بار بيڪسن جو، حامي ٿيندو هموار،
        رب پسي رمضان چئي، ملڪن جو آهي مهندار،
        والي آهيم وڳر جو، سرس سينگار سرور جو.

[15]

ٿلهه: مون غلام جا سلام، محمّد گهوٽ کي چئجان.
1.      ڪج حبيب مهندان حال، هلي حاجي! ڦري في الحال،
        ڪَنيٖ ڪجو ڪا قيل مقال، وڃي وريام کي چئجان.
2.      حال حقيقت عرضداريون، احوال انت نيزاريون،
        ڦٽي هينڙو ٿيو ڦارون، تنهن نرمل نام کي چئجان.
3.      ڦاهي حرص ۾ آهيان ڦاٿي، هلڻ جي طاقت لڱڻ لاٿي،
        سورن جي ڳالهه سلج ساٿي! اُمت جي امام کي چئجان.
4.      رمضان واڍو ورنهه هلاءِ، هنجهون هاري ڪري هاءِ هاءِ،
        وڃي ويجهو ويهي ورجاءِ صبح، تنهن شام کي چئجان.

[16]

ٿلهه:   مٺا مير مرسل اي سرور سڳورا!
                سوين تنهنجا امت  تي آهين ٿورا.
1.      اسان جو تون حيلو ۽ آهين وسيلو،
        حشر ۾ تون حامي، ڇڏائيندين ڇورا.
2.      بخت انٌهنجو بالا، ڪيو ربّ تعاليٰ،
        سندس ئي عرش ۽ فرش اڏيل اوتارا.
3.      گنهگار آهيان، توکي ٿو ستايان،
        ڏسان شال جيئري، مديني منارا.
4.      شب و روز ”واڍو“، سڪي تو لئي ڏاڍو،
        ٿئي ڪلمون ڪاڍو، پسهه ٿين پورا.

[17]

ٿلهه:   سُرهَن سڄڻن لاءِ، روز هنجهون هاريان، مٺن ماروئڙن لاءِ ويٺڙي واجهايان.
1.      دم دم دوستن کي، سڪ مان ساريان،
        ڏسڻ حبيب جي، حاجين ساڻ هلان،
        ملي محبوبن کي گوندر غم لاهيان.
2.      پلپل پرينءَ جا، پانڌي روز پڇايان،
        ايندين پير ڀري، ويندن سنيها ڏيان،
        ڪوٺين ڪمينيءَ کي ته پاند ڳچيءَ ڳل پايان.
3.      لا اِلہٰ الا الله، اجهو آ ساريان،
        محمّد مير رسول الله، روئي ريجهايان،
        يا نبي، يا الله! عرض انهيءَ آهيان.
4.      روئي رمضان چئي، سِسي سنت ڌريان،
        مرڻ ويلي ڪلمون، آ ياد ڪريان،
        پيراندي پرينءَ رسول جي جنّت جاءِ ڪريان.

[18]

ٿلهه:   شاديون شڪرانا ڪريان، سِرُ قدمن تي ڌريان، ربّ رانٌيو رسول الله، ڀلي ڄائو بسم الله.
1.      عرس مهيني ۾ ڄام هئي ڄايا،
        مَلڪ مٿئون آسمان لهي آيا،
        حورن خوشيون ڪيون سهرا ٿي ڳايا،
                        ڀلي ڄائو بسم الله....

2.      خواب خديجة جو پورو ٿيڙو،
        جهولي تنهن جي چنڊ جهُلي پيڙو،
        تنهن ساڻ وصل وارث جو ٿيڙو،
                        ڀلي ڄائو بسم الله....

3.      لکين شمعدان ٻريا، شمعون شاديءَ جون،
        محل مڪي جا ماڙيون، خانه آباديءَ جون،
        سيّد سيڄ چڙهيو، گلزاريون گاديءَ جون،
                        ڀلي ڄائو بسم الله....

4.      رمضان واڍي جي ويڙهي وچ اچي،
        سر گهوري صدقو ڪري، نينهن منجهارا نچي،
        روبرو رانول جي، رنگ مڙوئي رچي،
                        ڀلي ڄائو بسم الله....

[19]

ٿلهه: نبي سڀن ۾ نروار محمّد، سينگار سالار سردار محمّد.
1.      جاني سو ڏاني، يوسف ڪنعاني، ادريس جرجيس شيث نه ثاني،
                        انگدار، ننگدار، مهندار محمّد.

2.      اهڙو ملڪ ۾ خلق ڪونه خلقيو، حورن، پرين ۽ ملڪن ۾ نه ٿيڙو.
                        دهدار، دلدار، آڌار محمّد.

3.      ميرن، اميرن ۽ پيرين ۾ پيارو، داڙو ڌڻي ڪيو مشفق موچارو،
                        مڻيادار، مهندار، منٺار محمّد.

4.      حيران، بيران، رمضان واڍو، ڏسڻ ۽ پسڻ لئي گهڻو آهه ڪاڍو،
                        اختيار، بختيار، مختيار محمّد.

[20]

ٿلهه: جيءُ پاڪ پسايو پيشاني، جيءُ نُور پسايو نوراني.
1.      هند سنڌ ايران عجم ۾ ڪونهي سيّد! تنهنجو ثاني،
        مڪو مڪرم مُلڪ مڙوئي، انٌهنجو ڏيهه سڄو آهي ڏاني.
2.      چڙهي آ جبل عرفات تي شل حاجين ساڻ هلان ني،
        ڪعبي مهندان ڪريم جي آ شل نوڙيو نفل پڙهاني.
3.      مڪو مدينو امن جدو آ شل جيئري پسان وڃي پنهنجو جاني،
        چمي چانئٺ رسول سچي جي، آ شل محبن ساڻ ملان ني!
4.      رمضان چئي رس مصطفيٰ! مون تي مشفق ڪريو مهرباني،
        داتا! اوهان جي در تي، هي تان سائل روز سداني.

[20]

ٿلهه: سيّد سردار، نبي نروار، اوڍيءَ رس يا رسول الله!
1.      ڪيم صغيرا ڪيترا، ٻيا جي ڪوڙئين ڪبيرا،
        لحظي منجهه لاهئين، منهنجا عيب اَپار.
2.      مرض منهنجي من جا، آهن مڙيئي مونجهارا،
        درد ڳرا دُکڙا، ڪج دل کان ڪڍي ڌار.
3.      رس اچي رمضان کي، سختيءَ منجهه سڪرات،
        وڃي ساهه سرير مان، ڪلمي جي به پچار.

[21]

ٿلهه: ساري سيّد کي، منهنجو من جون وڃي چئج ڳالهڙيون.
1.      ڪانگل قريبن جا! لنٌءَ سڄڻ جون ڪي لاتڙيون،
        پکيئڙا پرين جا، بانڪا ويهي ڪر ڪي باتڙيون.
2.      خاصي خبر ڏي مون خير جي، جنهن کي سڪي ساري هنيون،
        جانب جي جمال جو، شل در وڃي ديکيون!
3.      اَن کي ساري ميان سيّدا! منهنجون اکڙيون نهارين واٽڙيون،
        پريان سندي پار ڏي، نئين سج نهارين اکڙيون.
4.      مهندان محمّد مير جي، قاصد ڪج نيئي ڪرنشون،
        ”واڍو“ چئي وصال ري، مونکي ڏکيون ٿيون راتڙيون.

[23]

ٿلهه: منهنجو فرياد سڻ سائين، ڪرم ڪر يا رسول الله!
1.      اٿم هڪ آسرو انٌهنجو، ناهي ٻيو ڀروسو ڪنهن جو،
        وقت سڪرات ٿئي سهنجو، سگهو ور يا رسول الله!
2.      اچين جي تون اڱڻ اوري، ڪريان قربان سر گهوري،
        ڌڻي جي نام لک ٿوري، قدم ڀر يا رسول الله!
3.      هي دين ايمان ۽ عاقبت، هجي هردم سندئي صحبت،
        اسان هيڻن کي ڏي همت، ڀرم ڀر يا رسول الله!
4.      ساري رمضان واڍو هي، جهڄي انٌهنجي لئي منهنجو جيءُ،
        ڀلا بادشاهه راضي ٿيءُ، ڪرم ڪر يا رسول الله!

[24]

ٿلهه: محمّد مديني ۾ جتي، موليٰ مونکي مرسل ملاءِ.
1.      ڄام اڄ ساعت هيڪڙيءَ ۾، واءُ وصل جو وراءِ،
        جو کڻي لهرين سمنڊ تان، پار جا لَڪڙا لنگهاءِ.
2.      حرم حجرا ۽ کجيون، نيلون منارا جاءِ بجاءِ،
        جت قنديلن جون صفون، ان هنڌن ڏي تون هلاءِ.
3.      وڃي ويجهو ويهي وٽن، چانئٺ چپن سان چماءِ،ماڻڪي مٺي محبوب جي، پڃرا اتي پازيءَ پساءِ.
4.      رمِضان واڍي کي تون وٺي روبرو روضي رساءِ.
        مَرُ مرڪي ڪلمون ڀري، پاڙي پرين جي رهاءِ.

[25]

ٿلهه: آ جا بَر ۾ ڀُلِي، پهچان شال پرين!
1.      رس رسول الله، وارث ولهين.
2.      هَڏ رهيا اٿم هوت لئي، کاڌو ماس مرن.
3.      ڏينهن تتو ڏونگرين، ڇمر ڇانٌوَ نه ڪن.
4.      رُليءَ کي رمضان چئي واڍڙيون ڪين ويهن.

عبدالڪريم

[مولوي عبدالڪريم ولد محمد رحيم ميمڻ، ڳوٺ مبارڪ جروار تعلقي ٽنڊي الهيار جو رهاڪو هو. مختلف روايتن موجب 1854ع ڌاري ڄائو. مولوي محمد عثمان ۽ سيد مصري شاهه نصرپوري سندس همعصر هئا. بلند پايه عالم هو ۽ ڳوٺ ۾ پنهنجي قائم ڪيل مدرسي ۾ ديني تعليم ڏيندو هو. ڪلام تمام گهڻو چيائين، جن مان مولود مشهور آهن. ديني مسئلن تي عالمانه ڪتاب عربيءَ ۾ لکيائين. سنه 1912ع ۾ وفات ڪيائين. ڪلام ۾ تخلص طور ”مجروح“ ڪم آڻيندو هو. اُن کان سواءِ ”خانمحمد“ ۽ ”مظهر“ جي نالن سان پڻ ڪلام چيائين، جي ٻئي سندس پيارا شاگرد ۽ دوست هئا.]

[1]

ٿلهه: سُڻ تون سوال سميع! توکي حال چوان ٿو هيءُ،
                        مٺا محبوب موچارا!

1.      اُٺ آزاري برم، تو ڪيَڙو چاڪ چڙهي.
2.      وڌءِ پِڪ پاڻيءَ ۾، ٿيو کوهه مٺو کان ماکي.
3.      اچي مل عاصي کي، محمّد مير مڪي!
4.      چنڊ ڪيو تو ٽڪرا، محمّد! مير شفيع.
5.      هوت ڇڏائي هرڻي، دام منجهئون ماريءَ.
6.      عاصي عبدالڪريم تي، ڪج ڪو نظر نيڪ نبي!

[2]

ٿلهه: ڪري سينگار اڄ آيو، عجب اسرار بسم الله.
1.      سهڻي اڄ سيج سينگاريو، عطر ۽ مُشڪ ڇٽڪاريو،
        چوئا چندن هيرا هاريو، عنبر هٻڪار بسم الله.
2.      سهيليون! سڀئي ڳيا ڳايو، مَلي خوشبو لِڱن لايو،
        وهاڻيءَ رين ۾ رانٌيو، سڄڻ سردار بسم الله.
3.      مٿي گاديءَ وڇايو گل، سونهن سوسن سمن سُنبل،
        ويهاريو تنهن مٿي اڪمل، مٺو منٺار بسم الله.
4.      عبدالڪريم ٿيون شاديون، ڪيون ڏس عشق آباديون،
        سڄڻ مليا، ٿيون آزاديون، کُليا گلزار بسم الله.

[3]

ٿلهه: جوڙ ته جانب يار اَنٌهنجو خلقيو ڪونه خدا،
                        نرمل نُور نُوراني!

1.      وصف محمّد مير جي، ڪئي هادي ’هل اتيٰ‘ ني،
        ’مزمل‘ ۾ مير جي، ڪئي سارهه سبحاني.
2.      منهن محمّد مير ٿيو، ’والشمس والضحيٰ‘ ني،رويت پاڪ رسول جي، سارو راز رحماني.
3.      اشاري سين اَشهد جي، ٿِيَڙو قمر قرباني،
        پسي دٻدٻو دين جو، ٿيا ڪافر ڪوڙا ني.
4.      احمد! عبدالڪريم تي، آگا! ڪج احساني،
        پاڙي رهائج پانهنجي، ساڻ امن ايماني.

[4]

ٿلهه: منهنجو مرسل مدني، جانب جيءُ جيار.
1.      سيّد آيم ساٿ سان، حضرت ٿي هسوار،
        موٽي محمّد ڪارڻي، سڀني جو سردار.
2.      جانب سر جمل جي، چڙهيو جيءُ جيار،
        ڪاهي قريشي ڪارڻي، ڪرهن جي قطار.
3.      خير سلامت آئيو، ساٿين جو سالار،
        واليءَ ورايم وطن تي، وارث وير وڻجار.
4.      ڏسي خديجة خوش ٿي، صورت جو سينگار،
        آگي ميليم اجهو پرين، عالم جو آڌار.
5.      عاصي عبدالڪريم جو، ستر رک ستار!
        مادح منگتو اَنٌهنجو،. پرتو هي پينار.

[5]

ٿلهه: عالم جو امام، محمّد گهوٽ سونهارو.
1.      ڪامل آهي ڪارڻي جانب جلويدار،
                        شافع ڄام سونهارو....

2.      مهند ۾ ٿيندو مصطفيِٰ، مرڪي مڻيادار،
                        ڇٽندو عالم سارو....

3.      ڍڪيندو ڍول ڍلائيون، ڀلو ڄام ڀتار،
                        ڪندو والي وهارو....

4.      اُڪنڊيو عبدالڪريم چئي، محب ڏسان مهندار،
                        محمّد مير موچارو....

[6]

ٿلهه: مدد ڪريو يا مصطفيٰ، يا احمد اميرا!
1.      خاوند خلقيو ڪونه ڪو، اهڙو قادر قديرا،
        مَٽ مرسل جو ناهه ڪو، منجهه عالم اڪسيرا.
2.      نه ڪو جوڙ جُتيءَ جو خلقيو خلقڻهارا،
        مهڙ مڙني مرسلين، آهي احمد اميرا.
3.      مانُ محمّد مير جو، ڪيو باري بِسيارا،
        ’يا اَيها الذين آمنو‘ ٿيو افضل اڪسيرا.
4.      مهندان محشر ماڳ ۾، تنهنجي عالم اُڪيرا،
        ڪر آجو عبدالڪريم کي، ڪنان تهمت تقصيرا.

[7]

ٿلهه: حاجي حرمين هليا حُب مان، سي موٽيا مرد نه مُور.
1.      عاشق صادق سڄڻن سڏيا، ڇڏي سي لولاڪ لاهوتي لڏيا،
        گوهر پنهنجي گهوٽ گڏيا، سي پهتا پهرئين پُور.
2.      بر بحر ٿر ويا جهاڳي، درد فراق وڌين دل داڳي،
        سُرڪيون پي تان پنر ٿيا سي، محبن ڪيا مخمور.
3.      روضو رونق ڀريو ڏٺائون، روئي رسول کي حال چيائون،
        مقصد محبن کان ماڻيائون، رسيا سي هوت حضور.
4.      عبدالڪريم سڪي ٿو ساري. ڏاتر سو شل ڏيهه ڏيکاري،
        موليٰ مديني نيئي ماري، دم نه ٿيان مان تن کان دور.

[8]

ٿلهه: جيئس جيئس اڄ اديون آ، ڀلي مون گهوٽ آنديون.
1.      سيج سيّد لاءِ سرهي سينگاريو، ورنهه تنهن تي وير ويهاريو،
                        محمّد مير کي موڙ ٻڌائون....

2.      پرين پلنگ تي عربياڻين آندو، روح رسول جو راڻين رانٌيو،
                        ورنهه ونيءَ سان لڌڙيون لائون....

3.      خواب خديجة جو پاڪ ڪيو پورو، ورقة وينجهايو صحيح سمورو،
                        پُنيون تنهن جي من جون مرادون....

4.      عرض عاجز جا آگي اگهايا، عبدالڪريم کي موليٰ ملايا،
                        بخشيون تنهن کي مڙيئي عطائون....

[9]

ٿلهه: لٿم گوندر غم، مون سان قادر ڪيڙو ڪرم،
                        مونکي هاديءَ هوت ملايو.

1.      صلوات تنهنجي سيّدا! آهي مريضن مرهم.
2.      سِگهو موٽج سيّدا! دوست ڏيان ٿي دم.
3.      گل گلابي سهڻو، آهي نازڪ نُور نرم.
        عاصي عبدالڪريم چئي، مون تي قادر ڪيو ڪرم.

ولي

[معلوم نه ٿي سگهيو آهي ته شاعر ’ولي‘ ڪير هو ۽ ڪٿي جو هو. البت سندس پهريون مولود ”مجموعہ مولود“ بمبئي ڇاپو سنه 1892ع تان ورتل آهي، جنهن مان ظاهر آهي ته ’ولي‘ ان وقت جو يا ان کان اڳ جو هو.]

[1]

ٿلهه: آيا محب مٺا دلبر دل گهريا، بيبي خاص چيو مرحبا مرحبا!

1.      عيدون عالم منجهه ٿيون، سيّد جي سببا،
        ڏسڻ ساڻ رسول جي، اعليٰ ٿيا رتبا.
2.      ڪاهي شتر شتاب مان، هليو هڪلي سان حطبا،
        توڏو رسيو تيزي سان، مير مَيو مرڪبا.
3.      اُٺ هو آزار سين، ماريو مريضا،
        حضرت ڦيريس هٿڙا، ٿيو آجو آزارا.
4.      بيبي بنري کي ڏٺو، ڏورئون دلربا،
        ڪڪر ڇانوَ ڪريم تي، قادر ڪيو قربا.
5.      شاهزادِي وٽ آيو، شائق شير شجاع،
        ڪاڻ اجوري عربي آيو، رکي تن طَلبا.
6.      موٽيائون ميسرو، سڏي ساٿ منجها،
        اُٿو محمّد عربي، نرمل نُور هديٰ.
7.      ٿيو ڪاج ڪريم جو، خديجة الڪُبريٰ.
        بيبيءَ ٻانهيون ٻاجهه سين، آجُون ڪيون عجبا.
8.      جُٺ ڦٺ ابوجهل کي، جهڙي چور چنبا،
        اهڙا عدو نبي جا، نڌ ئي نار نِبا.
9.      وارث! هن ”ولي“ تي، پنهجو ڪرم ڪجا،
        حشر ڏينهن قيام جي، جاتي عمل سڀ ترندا.

[2]

ٿلهه: ڀلي رات معراج جي خلقي خاص خدا،
                خلقي خاص خدا، ڀلي رات معراج جي.
1.      موليٰ مرڪب موڪليو، محبن کي مهندا،
        آگي عرش آڻائيو، نرمل نور هديٰ.
2.      طبق طبق تي تسبيحون، پرين هليا پڙهندا،
        سهسين ساز سينگاريا، حورن هار ڳُتا.
3.      مَلڪ مڙئي آئيا، ڪرنشون ڪهندا،
        دمدم دوست کي ٿيا، عجب عظيم سندا.
4.      روبرو ربّ پاڪ جي، سيّد ڪيا سجدا،
        باريءَ کؤن بخشائيا، اُمّتي احمدا.
5.      هادي هر دوجهان ڪيا، پرين لئي پيدا،
        وٺو نُور نبي تي، اول کؤن ابتدا.
6.      آهون عرض عاصي جا، سائين لڳ سڻندا،
        وارث هن ”ولي“ تي، پنهنجو ڪرم ڪندا.

[3]

ٿلهه:   ڏج نياپو ڪَهي ادا ڪانگل!
                مديني جي گهوٽ کي ڏج نياپو.
1.      اُڏر عرب پار ڏي، اوري ڪر نه انگل،
        وچ تي وسارج ڪينڪي، پرزو ڏي پکيل!
2.      زاغ زاريون ٻهون ٻولج ٻاٻيهل،
        روضي مهندان رسول جي، ڳوڙها ڳاڙهي ڳل.
3.      لَوءُ کيانتا خير سان، پکي پاريهل!
        ڪعبي مهندان ڪريم جي، ڪوڙئين ڪج ڪرڳل.
4.      دانهون درد وندن جون اونائج اڪمل،
        واحد لڳ ”ولي“ چئي، مونکي ميڙئين مرسل!

احمد علي ”احمد“

[احمد علي ”احمد“ ابڙو، ڳوٺ جماراڻي، تعلقي لاڙڪاڻي جو رهاڪو هو. تعليم کاتي ۾ ماستر هو. سندس ڪلام تمام گهڻو آهي جو ٻن قلمي بياضن جي صورت ۾ آهي. سنه 1335هه/1912ع ڌاري وفات ڪيائين.]

[1]

ٿلهه: سرتاج سرور ساٿ جو، آيو احمد اخباري،
                        ورنہ وارث وَهاري.

1.      اُٺِ سينگاري مَهري، لاءِ مرسل موچاري،
        مٿس ساز سون جا، ٻيا جهومڪ جنساري.
2.      مون وٽ مال متاع جي، آهي بيحد بسياري،
        سگهو ورج سيگهه مان، ڪري ترتئون تياري.
3.      آگا! احمد علي جي، ڪر پرور پوئواري،
        بخش بديون بدڪار کي، آهيان غافل غفاري.

[2]

ٿلهه: ڏکوين کي ڏيکار، ڌڻي ديدار دلبر جو.
1.      محمّد مير کي ساري، گهنگهر هت ڏينهڙا گهاري،
        خدا قسمت سندم ڪاري، ٿيان داخل تنهين در جو.
2.      لڪن لوڏي ڪيس لائين، ڪيئن پهچان ڪيچين تائين،
        سبب ڪنهن ساڻ اي سائين! پسائي مان پار پرور جو.
3.      لڳي جڙجن جي هن من سان، ٿيان هيڪاند شل تن سان،
        ڏسان شل آ اکڙين سان، مدينو ماڳ منور جو.
4.      سڻي احمد علي آزي، ٿئي رحمان شال راضي،
        پلؤ پايو پني پازي، اظهر آل انور جو.
ٿلهه: نبي نرمل نُوري ڪئي نيڪ نظر، پاڻ پرين پرور.
1.      موڙ ٻڌائون ملوڪ کي، ساڻ حڪم هيڪر.
2.      سهرا سُونهن سردار کي، جَڙيا سان جوهَر.
3.      ميندي لاتي مير کي، حورن اچي هَر هَر.
4.      لائون ڏنئون لاڏي کي، ڇٽيائون مشڪ عطر.
5.      عاصي هن احمد سان، حامي ٿيج حشر.

مخدوم الله بخش ”عاصي“

[مخدوم عطا محمّد عرف الله بخش ولد محمّد عاقل، ڳوٺ کهڙا تعلقي گنبٽ ضلعي خيرپور جو ويٺل هو. اٽڪل سنه 50-1853ع ڌاري ڄائو هو. مولانا غلام محمّد، ڪمال ديري واري وٽان علم پرايائين. تحصيل ڪرڻ بعد ڪجهه وقت راڻيپور ۾ منشي ٿي رهيو ۽ پوءِ جلدئي رياست خيرپور جي وزير سردار محمد يعقوب خان وٽ نوڪري ڪيائين. پوءِ فيض گنج ۾ هيڊ منشي ٿيو، جتان ريزيڊنٽ ماجسٽريٽ، رليف جج ۽ مير صاحب جو خاص منشي ٿي رهيو. مخدوم صاحب پنهنجي وقت جو بلند پايه شاعر ۽ اديب هو. عربي ۽ فارسيءَ ۾ حديث، فقہ ۽ تفسير تي ڪيترا ڪتاب لکيائين. سنه 1335هه/1917ع ڌاري وفات ڪيائين.]


' [1] حاجي لونگ خواجي جي قلمي بياض تان ورتل.

' [1] مولودي محمد رحيم مڱڻهار جي قلمي بياض تان ورتل.

' [1] مولودي پيرل جي قلمي بياض تان ورتل.

' [1] حاجي لونگ خواجي جي قلمي بياض تان ورتل.

' [1] کان [13] تائين شاعر جي دستخط قلمي نسخي تان ورتل.

' [15] کان [17] تائين مولودي يار محمد مهاڻي جي قلمي بياض تان ورتل.

' [18] حاجي لونگ خواجي جي قلمي بياض تان ورتل.

' [1] ’مجموعہ مولود‘ اسلاميه پريس لاهور تان ورتل.

' [2] کان [7] تائين مولودي محمد رحيم مڱڻهار جي قلمي بياض تان ورتل.

' [2] ’مجموعہ مولود‘ مطبوع اسلاميه پريس لاهور تان ورتل.

' [3] مولودي دوست محمد ڪيريي جي قلمي بياض تان ورتل.

' [1] ۽ [2] مولودي يار محمد مهاڻي جي قلمي بياض تان ورتل.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org