عبدالشڪور
[1]'
ٿلهه: هِنيون تن هوتن کي سڪي ٿو سدا.
1. عاشق احمد ڄام جا سڀ صحابي سچا،
مجلسي محبوب جا صادق سڀ سچا.
2. صادق صحابن ۾ سچو صديقا،
ڏني بشارت تنهن کي سچي محمّدا.
3. غوطو نه آندو غار ۾ سچي صديقا،
جان تن پرين مٿان ڪيائين قربانا.
4. سونهارو سڀن ۾ آهي سچو صديقا،
’ولسوف يرضيٰ‘ ايءَ جنهن جي وصفا.
5. عادل عدالت اڳرو آهي عمر اميرا،
درست بيٺو دين تي کؤن گوشي ٿي غيرا.
6. شاهه شجاعت اڳرو آهي امير عثمانا،
جوڙي جنهن جمع ڪيو ڪامل قرآنا.
7. قاتل ڪفارن جو آهي علي عسڪرا،
ماري تن موذين کي ڪُهي ڪيو قطرا.
8. چارئي يار رسول جا وڪاڻل وڏا،
ابابڪر، عمر، عثمان، علي شاهه.
9. جيءُ جن فدا ڪيا جانيون ۽ جُثا،
اُڀا جي ميدان ۾ ڪافر جن ڪُٺا.
10. الاهي عبدالشڪور چئي آهيم سڪ سدا،
هئان شال حضور ۾ هوتن قطارا.
[2]'
ٿلهه: توکي ربّ گهرايو هل ڀلا ڄام! سنبهي.
1. لا الہٰ الا الله آيو خدا جو وحي، محمدا
رسول الله ڪلمون ٿيو صحيح.
2. اول فرقان ربّ جو آيو لهي، جبرئيل جليب ۾
ڪامل وٽ ڪهي.
3. ٻنهي جهانن جي لائق! مٿي، ترهي بنا تارجان
گولو هي گناهي.
4. عبدالشڪور سوالي سدائين، ڪلمون جن جي قلب
۾ ويندا ٿر لهي.
سومر
[1]'
ٿلهه: جنت جاءِ نصيب ڪر، ڪرمن سان قادر!
نيئي مديني ملائي، ڏيهن جا ڏاتر!
1. عزازيل اُڀن تان، تڙائيو تڪبر،
لعنت تنهن ملعون تي، پاڪ وڌي پرور.
2. چارئي يار رسول جا، خاصئون خاص خبر،
خاوند خليفن جا، قسم ڪيا قادر.
3. پنجتن پاڪ پناهه ۾، گڏ ٿيا گوهر،
موليٰ مٿن موڪلي، چڱي جا چادر.
4. ڪامل ڏينهن قيام جي، ٿيندا هُل حشر،
باري کؤن بخشائيين، ڀارت سان پيغمبر!
5. جيئري زيارت ڪاريو، حياتي هيڪر،
سُڻي سڏ سومر جا، سگهو ور انور!
الهه اوڀايو
[1]'
ٿلهه: نرمل نُور نبي، سردار شفيع، ڪيو قرب قوي.
1. چارئي يار رسول جا، صاحب ڪيا سخي،
سردار شفيع ڪيو قرب قوي....
2. ابابڪر، عمر، عثمان، آهي سنئين واٽ علي،
سردار شفيع ڪيو قرب قوي....
3. الهه اوڀائي کي احمدا! مل اچي مدني،
سردار شفيع ڪيو قرب قوي....
عــــــــلـــــــي
[1]'
ٿلهه: مولو مهربان ٿيندو ٿڪيءَ تي، مونکي ميڙيندو
سو مير مدني.
1. خاصي خداوند خير الرسل کي، ڪيو مهڙ مڙني
مرسلن جو مبني،
مولو مهربان ٿيندو ٿڪيءَ
تي....
2. مولي ڪيو معراج قوسين جو ڪج، احمد کي آواز
ٿيو ادنيٰ مِني،
مولو مهربان ٿيندو ٿڪيءَ
تي....
3. سيّد سندي سام ڇٽندي اُمت عام، ڪوثر سندو
جام بخشيندو مڙني،
مولو مهربان ٿيندو ٿڪيءَ
تي....
4. خوش ٿي خليفن هردم حنيفن، ڪيا مال جند جان
قربان چئني،
مولو مهربان ٿيندو ٿڪيءَ
تي....
5. عاصي علي شال ديدار ديکي، اهڙي سيّد کي
’يا رب ارني‘،
مولو مهربان ٿيندو ٿڪيءَ
تي....
[2]
ٿلهه: حورن ڳاچ ڳايا، لولاڪ ڇٽ جهُليا،
لک سهرا رسول جا.
1. معراج هليو مصطفيٰ، بهشتي در کليا.
2. مَلڪ محمّد مير سان، هزارين هليا.
3. لنگهي باب سلام کان، چڙهڻيءَ تي چڙهيا.
4. علي چئي عشق مان، مونکي محب مليا.
مــــــانـــــجـهــــــــــــــي
[1]'
ٿلهه: احمد ڄام اَجهو، ڇڏي تان نه ويندوم،
جانب جيئري شال ڏسان! سرور ڄام
سندوم.
1. اڱڻ اَسروند جي، اڄ عجيب ايندوم،
سرور ڄام سندوم....
2. سهڻو ڌڻي ساجن ملي، ته گهوريو ساهه سندوم،
سرور ڄام سندوم....
3. ويٺي واٽ نهاريان، هتان هوت ايندوم،
سرور ڄام سندوم....
4. هن حياتيءَ هوت ملي، سَولَو ڏيهه سندوم،
سرور ڄام سندوم....
5. تري نه سگهان تار مان، هيڻو حال سندوم،
سرور ڄام سندوم....
6. ملڻ جو مانجهي چئي، قادر ڪرم ڪندوم،
سرور ڄام سندوم....
[2]
ٿلهه: آءُ اڙين جا آڌار! سونهن ڀريا سردار!
محمّد رسج مصطفيٰ.
1. سهڻا سرور سائين! منهنجا سچا سردار!
هادي هردوجهان ڪيو، اي جيءُ تو ئي معيار!
2. ڪيم ڪوڙ ڪچايون، اي جيءُ ڄاڻي سڀ ڄمار،
بخش بديون بدڪار کي، هيءُ ٿو ڏان پني
ڏاتار!
3. آهي اُڪنڊ اکين کي، هي ٿيون جا ڳن منجهان
جاڙ،
سوتون فرياديون فقير جون، سڻ ضامن ذميدار!
4. ملان آ محبوب سين سبب ڪنهن ستار،
مانجهيءَ کي تون ميڙئين، نيئي نبيءَ پار!
[3]
ٿلهه: سيّد ملندو مير اي جيءُ، مديني محمّد آيو،
اي جيءُ، سيّد ملندو مير اي جيءُ،
هاشمي احمد آيو.
1. عالم جو آهه امام اي جيءُ، عالم جو آهه
امام،
اي جيءُ اندر جو آرام، مير محمّد آيو.
2. پرڏيهي پرور! اي جيءُ، منهنجا دوست اچن
دلبر،
اي جيءُ، مونکي ميڙئين مسافر، مير محمّد
آيو.
3. سچي ڏيو سرور منهنجا، اي جيءُ، قاصد ڪانه
خبر،
اي جيءُ، پنهنجو پسيائون پر، مير محمّد
آيو.
4. سي ڪيئن سک سمهن؟ اي جيءُ، محبت جن جي من،
اي جيءُ، سچي سڪ سڪن، مير محمّد آيو.
5. آيا ڪي ايندا اي جيءُ، وري سي ملندا،
اي جيءُ، اڱڻ عجيب ايندا، مير محمّد آيو.
6. مانجهيءَ کي رس مير! اي جيءُ، اهکيءَ وير
امير!
اي جيءُ، رسجان منجهه سير، مير محمّد آيو.
[4]'
ٿلهه: رس ميان، محمد گهوٽ موچارا، يا سردارا!
1. مير محمّد! اجها احمد! سڻج سوال سونهارا!
2. بر بحر ۾، ڇا ڇپر ۾ پنهل تنهنجي پچارا!
3. شائق پچن شوق ۾ شافع! عاصي ڪن امارا.
4. سچا سانيم! پاڻ پسايم، مانجهيءَ کي
مختيارا!
[5]
ٿلهه: محب مٺا مطلوب، اُن تي صلوات يا سيّدا!
1. اوّل نُور نبيءَ جو ڪيو پيدا پاڪ ڌڻين،
ٻي سڀ جوڙ جهان جي ڪارڻ قريبن.
2. تون مرسل مڙن جو آهين خاتم نبين،
قصا آنهنجي قرب جا سي تان قيام ڪين پڄن.
3. الله! آل رسول جي شال سيّد سک وسن،
جيڪي تابع تنهنجا، سي تان مومن مرڪن.
4. ساهه مٿان صدقو ڪريان، هو جي ماڻهو مديني
رهن،
ڏهاڙي ڏاتار جو روضو روز پسن.
5. دوست! انهنجي ديدار جي ٿا عالم آس رکن،
پريم پاڻ پسايو، ميان! کي مشتاقن.
6. دائم انهنجي در تي ٿا پينارا پرچن،
مانجهيءَ جهڙا منگتا لکين لاڳ لهن.
حـــــــــــــيـــــــــــــات
[1]'
ٿلهه: پلئي لڳو آهيان، او ٻي راهه نه رهيم ڪا،
يا مير محمّد! پلئي لڳو آهيان.
1. مون کي ڇڏي هيڪلو، ساٿي سڀ ويا.
2. هيڏانهن هوڏانهن هٿڙا، جيڏيون جاڙ وڌا.
3. ڏوريندي منجهه ڏونگرين، مان کي لهي سج
ويا.
4. در تي آيس اوهان جي او، ڏوري در ٻيا.
5. ڏاڍا ڏونگر لڪيون، ڏاڍا تتم ڏينهڙا.
6. اُهکيءَ وير حيات چئي، سِگهَڙي سار لهجا.
[2]
ٿلهه: آ تنهن پرين رسول تان، گهوري گهوري وڃان.
محمّد گهوٽ عالم ڄڃان اي جيءُ سرور گهوٽ
عالم ڄڃان.
1. اول چٺي ايمان جي پرينءَ کان ٿو پنان.
2. دڙيندو درگاهه ۾ عاصين ڪارڻ اڃان.
3. مهند ٿيندو مصطفيٰ پٺيءَ لائي ڄڃان.
4. پايو پاند ڳچيءَ ۾ ڳڻ نبيءَ جا ڳنهان.
5. هيءُ جي دشمن دين جا ڀيڻيون تن جون ڀڃان.
6. بابو بيبيءَ فاطمہ گهوڙي چڙهندو اڃان.
7. پرڻي رات رسول جي حورن هيرا ڏنان.
8. جيڏانهن عالم آسرو آ پڻ اوڏانهن وڃان.
9. هينئڙي منجهه حيات چئي آسرو آهيم اڃان.
[3]
ٿلهه: ڪريو ياد خدا اي جيءُ، ڪريو ياد خدا،
اي جيءُ، ساراهيو سبحان کي محمّد
آيو.
1. آس اميد پڄاءِ، اي جيءُ، اس اميد پڄاءِ،
اي جيءُ، منهنجون پوريون ڪري، محمّد آيو.
2. ڏوران ٿو ڏسجي اي جيءُ، ڏوران ٿو ڏسجي،
اي جيءُ، سهڻو ڇٽ رسول تي، محمّد آيو.
3. صحيح ٿي سڃاڻا اي جيءُ، صحيح ٿي سڃاڻا،
اي جيءُ بابو بيبي فاطمہ، محمّد آيو.
4. ملڪن موڙ ٻڌا اي جيءُ، مَلڪن موڙ ٻڌا،
اي جيءُ حسن مير حسين لئي، محمّد آيو.
5. وِڄڙين واس ڪيا اي جيءُ، وڄڙين ويس ڪيا،
اي جيءُ، پرڻي رات رسول جي، محمّد آيو.
6. زيور زينت جا اي جيءُ، زيور زينت جا،
اي جيءُ، قريشاڻين ڪڍيا، محمّد آيو.
7. وريو واءُ سُئاءُ اي جيءُ، وريو واءُ
سُئاءُ،
اي جيءُ، ٿيڙو ميڙائو سڄڻين، محمّد آيو.
8. آهيم آس اها اي جيءُ، آهيم آس اها،
اي جيءُ، هينئڙي ۾ حيات چئي، محمّد آيو.
[4]
ٿلهه: ٿيندو نبي ڪارڻي بدڪارن جو، ٿيندو شفيع
ڪارڻي بدڪارن جو.
اوکــــــــــيءَ ۾ آڌار،
اَجـــــــــــــهـــــــــــــو
عــــــــالـــــــــم جـــــــــــــــو.
1. هوندو ڇٽ رسول تي ڏوران پيو ڏسبو،
نُوري نُور نبار، اَجهو عالم جو.
2. ڪوڙين ڪر کڻنديون ڏاتار ڏسيو،
ٿينديون اميدوار، اجهو عالم جو.
3. ملهي ٿيندو مهند ۾ آڌار اَجهو،
مڙن جو مهندار، اَجهو عالم جو.
4. سڀ لنگهائيندو لڪيون سردار سچو،
ڏيهن جو ڏاتار، اجهو عالم جو.
5. هِتي هُتي حيات چئي نُور نرمل جو،
روزينو روزگار، اجهو عالم جو.
[5]
ٿلهه: پيغمبر پاڪ لحظي ۾ آيو، محمّد مير موليٰ
مرڪايو.
1. ربّ پنهنجي رسول کي اُڀن تي آڻايو.
2. گهوڙو آيو گهوٽ لئي چاڙهي گهوٽ گهمايو.
3. جبرئيل جليب ۾ هاديءَ پاڻ هلايو.
4. جيڪي گهُرين گهُر سو، رکيو ربّ تنهنجو
رايو.
5. آگي احمد ڄام کي مرحبا فرمايو.
6. آءُ محمّد عربي! اوهان کي گهوٽ گهرايو.
7. هلڻ ويل حيات چئي، ڪلمي ساڻ لڏايو.
[6]'
ٿلهه: موليٰ مشفق ميل، مونکي مُلڪ مديني،
وڃي وير پسان، ورنهه واهه مديني.
1. هينئڙي اُڪنڊ اُور، اکين آهه عرب ڏي،
آ ٿي روز پڇان راضا رويو راهه مديني.
2. جيڪي جدائي جِيءَ سين، ڪيو هئي هئي هجران،
وڃي آ ڪندس عجزاً، اِها آهه مديني.
3. رازق منهنجي روح جي، توکي خاوند خير آهه،
آهي بُت هِت بيراڳي، سڪ ساهه مديني.
4. سفر سولو سڀ ڪرين، توهه سين تعاليٰ،
نج ساڻ امن عاصي، الله مديني.
5. ڪر ڪو لطف ساڻ ”لُهَر“ ربّ رحيما!
هادي نج هن حيات کي، درگاهه مديني.
[7]
ٿلهه: خاوند! ميلو ڪري دوستن سان، شال مدينو
ڏيکاري اَلا!
1. جيڪو دم جيارين، سائين پرين! سڪايل مدينو
ڏيکاري الا!
2. قادر ڪيو ڪرم، هن گولي تؤن لاٿو غم، صاحب!
تو ساري الا!
3. پرور! پاسي نه ڪرين کان پرين جي پاڙي،
صاحب! تو ساري الا!
4. مرڻ ويل حيات چئي، دليون دوست نه وساري،
صاحب! تو ساري الا!
[8]
ٿلهه: حضرت! اَچي هدايت، ڪر شاهه! مون شفاعت.
1. ويٺي تڪيم ٿي تارا، تو لئي پرين پيارا!
مديني پسان منارا.
2. پيالو پرين پياريو، هي جيءُ جذوجياريو،
نُوري ڪريو نظارو.
3. ”لهر“ لڳو تو لامي، سيّد پرتو تو سامي،
عالم سچو اِمامي.
4. روضي مونکي رسايو، رُويت پرين پسايو،
ويران دل وَسايو.
5. حج ٿو پڙهان حقاني، تو لئي سچا سقاني، نظر
ڪريو نُوراني.
6. حج ٿو پڙهان حبيبن، پڃرو پسان مان پرين،
هيڪر ملان حبيبن.
7. هادي حيات هوتن، آغا! ميلين مون عربن. اڱڻ
ميڙيان عجيبن.
[9]
ٿلهه: آسري لڳو آهيان الا، تنهن محمد گهوٽ موچاري،
سو تان تار منجهان تاري.
1. آهيم شوق شفيع جو منهنجو ساهه سڄڻ کي
ماري،
مشفق جو مُلڪن جو، ڏاتر شال ڏيکاري.
2. سَنڊ نه ڪو ترهو اڳيان تڙ تنواري،
اچي اڪارج احمدا! تار منجهان تاري.
3. مُنهن مديني ماڻهوئين ڏس تون نهاري،
بوتا جي برن جا، سي تان چاڙهه منجهان
چاڙهي.
4. اکڙيون عرب پار ڏي کڻيو نت نهاري،
هينئڙو منهنجو حيات چئي، گهنگهر ٿو گهاري.
[10]
ٿلهه: جيءُ سگهو موٽج سپرين، مون تي موٽج مون
پرين!
1. اُس ۾ لڳ اوٺئين شل پرين نه پگهرجن،
ڪوسو واءُ نه وارئين مٿان محبوبن.
2. وائي ويئي نه ٿيان شل ٻولي ٻِي نه ڪَهن،
مونسين نه پئي مامرو، الا شل ڪيچ ڌڻين.
3. ويڄن وڏا وس ڪيا، مون سان طبعا طبيبن،،
عاصي تنهنجي آسري جڏا جيءَ جين.
4. هوتن لاءِ حيات چئي، منهنجون اکڙيون اُڃ
مرن،
موليٰ! محب ملائيين پاڻي پوڄ پين.
[11]
ٿلهه: مرسل مير مڪي جو ڪندو واهر وِلهن،
محمّد گهوٽ مڪي جو ٿيندو ٿوب
ٿَڪن.
1. اڙين اولو عاجزن ٿيندو ٿوب ٿڪن،
سڀ لنگهائيندو لڪيون ساري کي به سڀن.
2. بابو بيبي فاطمہ فائق فريادن،
دانهيندو درگاهه ۾ بدران بدڪارن.
3. چارئي يار رسول جا هوندا حوض ڪنڌين،
ڀري پاڻي هٿن سان ڏيندا ڏوهارين.
4. حسن مير حسين شاهه محب سدا مُرڪن،
حامي ٿيندا حيات چئي مٿي محتاجن.
[12]
ٿلهه: اي جيءُ! سگهو رسج مون پرين، اي الا سانگڙو
آهيان.
1. سانگ نه ڪيو سڄڻن مُنهنجي موٽي ماروئڙن،
سا پَر ڪري هليا جيڪا روح وڻين.
2. گهايس عشق عجيب جي چڻڪيو چاڪ چڪن،
تن ري چڱي نه ٿيان آ جا ماريس محبوبن.
3. گهڻا لايئون ڏينهڙا جيڪس پرڏيهن،
ٿين موڪ ملير ۾ اوڏيءَ مينهن وسن.
4. ڪر لهندم ڪارڻي اوکيءَ ويل اڙين،
هيل رس حيات کي حامي ٿيءُ هيڻن.
[13]
ٿلهه: سردار ڪر وهار، اي مهندار، منهن موچار،
ڏي آڌار عاصين کي.
1.
سرڪار! ڪوهار، ناهيم تڪيو تو ڌاران،
اي مهندار، منهن موچار، ڏي آڌار امت کي.
2. ڏڙهه ڏيهه ڇپر ڇانو، سو مون پٻ نه پروڙيو،
ڀلا ڄام، انهنجي سام اسين لام لڳاسي.
3. وس مينهن، سارو ڏينهن، ڪرڪا ڦور ڦلن جي،
هي نماڻي، نيئي پهچاءِ، پائر پنهوارن جي.
4. عاصي هن بدڪار تي ڪرڪا وهار وسيلا!
ڏسي حال، ڪريو ڀال، اهڙو مون حال حياتا.
[14]
ٿلهه: والي سندم ور عالم جا اجها!
آنٌ کي ٿا لک سڪن سردار! عالم جا
اجها!
1. ڏوٿي ڏولائي ڏور ڪيا، منهنجا سانگي سک
وريا،
اسين آهيون آس ڀريا....
2. مينهن وسي وس ڪئي منهنجا مارو ٿر رهيا،
والي وڇڙيل وريا....
3. ڏک ڳرهيان ڏيل ۾ من پرين پهچن پُئا،
ايڏا ڀال ڀلي جا....
4. هِتي هُت حيات چئي منهنجي ڍڪ رکج ڍوليا!
ڍڪج حشر هُل کان....
[15]
ٿلهه: ڪر شفاعت ڪارڻي، ڪج حمايت هاشمي.
1. رس رسول الله جا اوکيءَ منجهه اچي،
مدد اوهان جي مصطفيٰ. وڃان شال بچي.
2. رهيو آهيان رڃ ۾ ڇپر منجهه ڇڻي،
موٽي ڪونه مريض تي ڌاران دوست ڌڻي.
3. مديني جي واٽ تي پرزا ٿيان به پڻي،
لايان لال لڱن کي خاصي خاڪ کڻي.
4. هينئڙو منهنجو حيات چئي ويڙا هوت هڻي،
اوسر جي ڦوڙائيا سي وڇڙيل ميل ڌڻي!
[16]
ٿلهه: يا رسول الله حضرتا! سڻ تون محمّد منهنجي
صدا.
1. آهيم تڪيو تنهنجو سرور سٻاجها،
ڪج شفاعت ڪارڻي مٿي محتاجا.
2. نفس نهوڙيس يا نبي! شقي شيطانا،
تنهن کي پلج ڪارڻي هڪليٖ هيبتا.
3. سختي جا سڪرات جي لطف ساڻ لنگهاءِ،
ڪلمي سان ڪريم جي پويان دم پڄاءِ!
4. يا رب هن حيات کي جيئري زيارت ڪراءِ.
پيراندي پرينءَ جي راحم نيئي رهاءِ.
[17]
ٿلهه: آيو جبرئيل خذمت ۾ وٺي بُراق نوراني.
1. ملائڪ مهندان منزل ۾ هئا همراهه حضرت سان،
ٻڌي ٻانهون غلامن جيئن، اُڀا درگوشه
رحماني.
2. چيو جبرئيل يا حضرت! مٿي موڪل مونکي ناهي،
ٿيا الله کي اوڏا، چڙهي رف رف مٿي جاني.
3. گڏيا وڃي ذات ذاتي سان صفاتي جو لٿو ڀولو،
اڳيان قادر ڏنن ڪرسي جُتيءَ سان ويهه چڙهي
جاني،
4. هيڻو آ حيات غمناڪي اصل درگاهه جو گولو،
مونکي لولاڪ جا سائين! پسايو پاڪ پيشاني.
[18]
ٿلهه: موليٖ رات معراج جي محمّد موچارا،
توسان ڪئي ربّ رهاڻ.
1.
مٿي محمّد مير جي ڪلمون جيٖ پڙهندا،
هوندا شال حضور ۾، ڏاتر کي ڏسندا.
2. پنجئي وقت نماز، روزا جي رکندا،
آگي جي امداد سان لاڳ سڀئي لهندا.
3. مهندا محشر ماڳ ۾ ماڻهو جت مڙندا،
اوٽ اتي جي احمدا! گهوٽ اچي گهرندا،
4. چار ئي يار رسول جا خاصا خليفا،
هلڻ ويل حيات کي ڪلمون ياد ڏجا.
[19]
ٿلهه: ڏي مونکي صحت شفا موچارا مصطفيٰ!
ڪر منهنجي درد جي دوا، خاطر لڳ
خدا.
1. اڇا بَکن بر ۾ جيءُ، هڏا حاجين جا،
ڏيکارئين ڏيهه ڌڻي جيءُ، قبا ڪامل جا.
2. اوهين جي وڃو حاجيا! جيءُ سچي سڪ منجهان،
عرض محمّد گهوٽ کي، هن چُڪيل جا چئجا.
3. پاپن پاڙون کوڙيون، سو ته ڏوهن ڏار مُڪا،
ورهه وڪوڙيم جندڙو، سي ته چلڻ سڀ چڪا.
4. مرض مونکي ماريو سو ته ٿيڙم جان جدا،
ٻُڪي ڏيندا حيات کي، جيءُ پريم پنهنجي
هٿا.
[20]
ٿلهه: هينئڙي منجهه هوت حبيب لاءِ.
1. هينئڙي منجهه حبيب لاءِ ويرون تار وسن،
ساريو مرسل ساريان سرتيون کي سڄڻن.
2. سڀ سکن واريون، آ ڏکي منجهه ڏکن،
الله اوٺي آڻيين جي لهي ڪرَ ڪَلهن.
3. ڏيندس ماهه مرن کي، رڙهي منجهه رندن،
من پئسي ٻاجهه ٻروچ کي، ڪهل ڪيچ ڌڻين.
4. ٻاجهؤن سٻاجها سپرين ٻاجهيندڙ ٻڏن،
حامي ٿيندا حيات چئي مٿي محتاجن.
[21]
ٿلهه: هوت حبيب جو پسان پڃرو پاڪ، سڪڻ ڪيو دل تي
داڳ.
1.
ارٽ اُلاڻي ڇڏيئي، ڀير ته ورنئي ڀاڳ.
2. سرتيون سڀ سکن ۾، مون ڏکيءَ ڪهڙو ڏهاڳ.
3. مهندا محمّد مير جي، ڪندس اهو راڳ.
4. هوتن ري حيات چئي، من منهنجو مشتاڳ.
[22]
ٿلهه: پرور آسون پڄايين، مونکي محمّد گهوٽ مليين.
1. ميڙائي جو مون پرين واحد واءُ ورايين،
ڦوڙائو فقير تان لائق ڌڻي لاهيين.
2. اُڀريا جي آس ڪري سي سلڙا ڪين سڪايين،
تون رحمت ڀريا راضي ٿي تن کي ريج رسايين.
3. ڏُڄڻ سُڄي جو ڏيهه ۾، تنهن خر جا ڏينهن
کٽايين،
کؤنسي جو ٿو خارجي، موليٰ مدعي ماريين.
4. اَڄ اباڻي پار جو ڪو قادر ڪانٌو لنوايين،
هينئڙي جو حيات چئي تون ئي محرم آهيين.
[23]
ٿلهه: روضي پاڪ رسول جي قبي لائي ڪڪور.
1. مسجد مديني شهر جي جامع پاسي جهڪور.
2. نيلون نرمل نور جون منارن تي مور.
3. هندوري ۾ حبيب جي سونهن برج بلور.
4. حب حيات فقير کي چنڊ جئن چڪور.
[24]'
ٿلهه: محمّد گهوٽ اچي، اي ونهيا! رس عاصين.
1. سچو سيّد آهيين وسيلو والي،
اچي رسيج مصطفيٰ! منهنجي ڪر ڪنڌي.
2. ترهو ڇِنم تار ۾، ڪنهن پر آ بچندي،
وسيلي وريام جي، اتي آ ڇُٽندي.
3. پهچائج پرينءَ کي، هن عاصي جي عرضي،
اچي رسج هاشمي! محمّد گهوٽ نبي!
4. حَب ۾ رسيج هاشمي! اتي مير ملهي،
ڪونهي حال حيات جو، اچج هوت هلي.
[25]
ٿلهه: وڃن هوت هليا، وڃن دوست لڏيا، جانيئڙا جيئن!
1. ڪربلا ميدان ۾ شير شهيد ٿيا.
2. پُٽ علي شير جا ڏِسن جا ڏيا.
3. مون ٿي ڀانيا منهنجا پرين هميشہ هوندا.
4. هلڻ ويل حيات چئي ڪلمون ياد ڏجا.
[26]
ٿلهه: يا خدا! مرسل مٺا! سڻ سوال منهنجو سيّدا!
1. افعال منهنجا آهن اهڙا، والي تنهنجا وڙ
وڏا. يا رسول الله!
2. آهيان اٻوجهه آرسي، مرسل ورتم تنهنجي
وارثي. يا رسول الله!
3. پيو آهيان پاتار ۾، ترهو ڇنم تک تار ۾. يا
رسول الله!
4. هيڻو حال حيات چئي، ڪر غور سڻي منهنجي
صدا. يا رسول الله!
[27]
ٿلهه: ڪامل ڪانڌي اچي ٿيندا، دوست دلاسو اچي
ڏيندا!
1. اوٺي عرب پار جا خير جي خبر ڏيندا، شل
ايندا!
2. جنازو ضعيف جو روضي پاس رکندا، شل ايندا!
3. پيراندي پرين رسول جي، مئي جو لوڙهه
لٽيندا، شل ايندا!
4. هلڻ ويل حيات کي، ڪلمون ياد ڏيندا، شل
ايندا!
[28]
ٿلهه: مون تي ٻاجهه ڪريو آهيان آس ڀريو.
1. چمڪيو نُور نبيءَ جو، وڄڙين جيئن وريو،
چنڊ چوڏهين ماهه جو عرشن ۾ اُڀريو.
2. بابو بييبي فاطمہ جو لائق لڄ ڀريو،
جن ديکيو دل سان، سڀڪي تن سريو.
3. کاڻيون لوٺيون اکيون مُٺيون ماٺ ڪريو،
پسڻ لاءِ پرينءَ رسول جي، راتو ڏينهن
رڙيو.
4. هينئڙو حيات فقير جو، جهليو ڪنهن نه پليو.
پيرين پار پرينءَ جو، وٺي راهه رميو.
[29]
ٿلهه: آ هيڪاند وڻواند، ڀلؤ پاند لڳو آهيان.
1. بدڪار بيڪار، آهيان گولڙي غلاما،
تو سام نبي ڄام، پلؤ پاند لڳو آهيان.
2. چارئي يار، جيءُ جيار، هينئڙي هار مون
سندا،
سي سردار ڪندا وهار، پلؤ پاند لڳو آهيان.
3. ابابڪر، عمر مير، عثمان، علي شاهه،
منجهه مجلس، منهن موچار، پلؤ پاند لڳو
آهيان.
4. ڏسي حال، ڪريو ڀال، اهڙو منهنجو حال حياتا،
اوهان جي شوق، مران شال، پلؤ پاند لڳو
آهيان.
[30]
ٿلهه: شافع ڏيکاري سدا، موليٰ ملائي مصطفيٰ.
1. ساريو سڄڻ ويٺي ساريان، هئي هئي هنجهون
هاريان،
ڏينهن گنگهر منجهه گهاريان....
2. ڪرم ڪريو ڪارڻي! ملڪ مديني آ وڃان،
ساڪن مديني جو ٿيان....
3. ملهه خريد آ آهيان، گولو گوليءَ پُٽ
چاهيان،
پاند ڳچيءَ ڳل پايان....
4. هيڻو حال حيات چئي منهنجو مير ميان!
ساهه سر صدقي ڪريان....
[31]'
ٿلهه: دست وٺو دلگير جو، سڻو حال حقير جو،
دست وٺو دلگير جو، سڻو عرض اسير
جو.
1. مير! تنهنجي ملڻ لئي، آهيان محب گهڻو
ماندو،
ڪاهل تي رس ڪارڻي! ڪريو وهمن کؤن واندو.
2. ڪوجهو ڪُوڙو ڪچو آهيان، احمد! اوهان جو،
پرين پيرانديءَ پانهنجي، مونکي جنّت جاءِ
ڏجو.
3. لهرن ليکو ناهه ڪو، اڳيئون ڪُنن جو ڪڙڪو،
اتي رسج مصطفيٰ! تاتي وير! ڪجانءِ وڙ ڪو.
4. رهبر رسج راهه ۾، آهيان آ پڻ آسارو،
پکا آهن پَٽن تي، منهنجي ڀونگيءَ ڀلا!
اچجو.
5. حضرت شاهه! حيات کي، ڏيو ارشاد ايمان جو،
مٿي لوڙهه ”لُهر“ جي، اچي بديون بخشائجو.
|