[16]
ٿلهه: آيو محمّد عربي وسيلو خلق جو، حق سو هلايو.
1. لولاڪ لمّا خلقت الافلاڪ، صاحب شفيع جو
شان وڌايو.
2. طٰہٰ ياسين واليّل والضحّيٰ، قادر منجهه
قرآن ڪوڏايو.
3. انّا احمد بلاميمي چئي، سيّد پنهنجو سرّ
سلايو.
4. موسيٰ کي امر فاخلع نعليڪ، نعلين سوڌو
احمد آڻايو.
5. افديت ملڪي عليڪ يا محمّد! سڀ جڳ توتان
گهور گهمايو.
6. آگي جو ڪيڙو ”اشرف“ النّاس، تنهنجي طفيل
عالم اُپايو.
[17]
ٿلهه: سرور توهين ساڻ ڪڏهن ٿيندم روح رهاڻ،
سڪان ٿي ساري سيّدا!
1. ڇلي پهنديس ڇپرين، جيءُ قريشي توڪاڻ،
مان ميڙائو مون ٿئي، آهيان اوڳي زور اڄاڻ.
2. ڏوري ٿيڙم ڏينهڙو، آ پهچان ڪنهن پرياڻ،
هن دم هوت حبيب ڏي، مونکي راحم ربّ رساڻ.
3. مل محمّد عربي! اچي هيڻيءَ کي هاڻ،
پرين پيمبر پاڻ ڏي هن ”اشرف“ کي اماڻ.
[18]
ٿلهه: سهسين سيّد تي ٿيا سلام، آسون ٿيون عالم
۾، آئي احمد ڄام.
1. صلواتون سرور تي هر صبح هر شام،
پڙهڻ گهڻي پرت مان جنّ، ماڻهو، ملڪ مدام.
2. لولاڪ پنهنجي لطف سان آگي ڪيس انعام،
’انّا احمد بلا ميم‘ سندس ملڪ مقام.
3. نبي مرسل، ملڪ مقرب، سيّد سندي سام،
’لي مع الله‘ وقت ايڏا قرب ڪلام.
4. ڪندو شفاعت ڪارڻي، ڪامل ڏينهن قيام،
ڇٽائيندو ڇيهن کان خاصا توڻي عام.
5. آڌر ”اشرف“ کي ڏيندو، ڪندو غور غلام،
لاهيندو لائق ڀريو، مون تان سڀ ملام.
[19]'
ٿلهه: منهنجي محمّد مير ڏي، قادر ڪر قسمت.
1. شهر مديني جو ڏسان، روز جتي رحمت،
اکين ساڻ ٻهاريان، حرم سندو حضرت.
2. تِکي سِير سمونڊ جي، دڙڪا ۽ دهشت،
لطف ساڻ لنگهائين، هادي! ڪنهن حڪمت.
3. موليٰ! مون نصيب ڪرئين، سرور جي صحبت،
هجان شال حضور ۾، خير الوريٰ جي خدمت.
4. يا الله! هن ”اشرف“ کي، ميلين سان محبت،
پيراندي پرينءَ رسول جي، منهنجي ڪر تربت.
[20]
ٿلهه: منهنجو محمّد گهوٽ موچارو، اهڙو سجّ نڪو
تارو.
1. بي دينن بڇڙن جو، قادر ڪيو منهن ڪارو،
سڃاتئون نه صاحب کي هئو هدايت وارو.
2. پائي پير رڪيب ۾ چڙهيو پنهل پاڳارو،
سونا سنج سمند تي ٻيو ڇيرين جو ڇمڪارو.
3. آيو محمّد عربي نر اچي هنيو نعرو،
مٿي مير محمّد جي دين سندو دستارو.
4. عاصي هن ”اشرف“ کي ورهه ڪيو ويچارو،
پازي پنڻ آئيو، در تنهنجي درٻارو.
[21]'
ٿلهه: محب مليا محبوبن کي، پنيون مون مدعائون.
1. لاهي لاڳاپا هليا، رکي اوڏاهين آسائون،
ڪامل رسيا ڪيچ کي، لڌائون لالن سين لائون.
2. هلندي رات حبيب ڏي ڪيائون سهسين سکائون،
سسيون پنهنجون سنّتون، سي تان کلندي
کنيائون.
3. سڌاريائون سِنڌ کان، ڪِي جو ڏٺائون،
مڪو مدينو مهت سين، سو تان مرڪي ماڻيائون.
4. مجلس منجهه ’مقيم‘ کي، جڏهين گازي
گڏيائون،
مقام تنهن جو مڪي ۾، آڻي اعليٰ اڏيائون.
5. عاشق ’عبدالرؤف‘ کي، جڏهن شوقئون سڏيائون،
پرت پيالو پانهنجو، تنهن کي ڏسندي ڏنائون.
6. جڏهن ساري سانبيئڙن کي، ”اشرف“ چئي آئون،
ويا ڏوراڻي ڏيهڙي، لاڳاپا لوڪئون لاٿائون.
[22]
ٿلهه: سڪاين جي لهج سنڀار، اچي ڏج دلاسو دلدار،
ماندو ڇڏج مَ مصطفيٰ!
1. توکي پيدا پرور پاڪ ڪيو سونهن ڀريا سردار،
تو لئي جوڙ جهان ٿيا الاهي اسرار.
2. دل دائم دوست ڏي، آهي سدا ساهه سنڀار،
رسين سيّد سيگهه ۾ ته هي اهنج وڃن آزار.
3. هادي! ويل هلڻ جي ڪا مهر ڪجو مختار!
”اشرف“ عرض قبول ٿئي ڪري ڪلمي ساڻ قرار.
[23]
ٿلهه: موليٰ مونکي ميڙئين ڪو اوٺي عرب پار جو،
يا ربّ! مونکي ميڙئين، ڪو پانڌي پرينءَ
رسول جو.
1. دلبر! داد ڪجاهه، هن ڪاهل جي ڪوڪار جو.
2. اسان پرينءَ وچ ۾، شل ويڇو پوي مَ وار جو.
3 واحد واءُ واريئين، دوس جي ديدار جو.
4. ”اشرف“ آس پڄايئين وڃي ڏسان منهن مهندار
جو.
[24]
نه آهي وسيلو ڪا واهه، مون تي موٽج يا مصطفى!
1. داورن تون دارين ۾، رک پردو پوش پناهه،
هن منهنجي حال، عربي! تون آگاهه.
2. بخشائج باري کان، مون گولي جا گناهه
مجرم گهڻو آهيان، تون شفقت ڪر شاهه.
3. حب ۾ اَنهنجي حضرتا! شل پورا ٿين پساهه،
آهين مون عاصيءَ جو، آڳانڌو ارواح،
4. سگ اَنهنجي سڱن جو، مٿي در درگاهه،
”اشرف“ جي اُڃ لاهيين، رحمت جا درياهه!
[25]
ٿلهه: سردار! لهج سار، لنگهائيج لڪن مان،
هٿ ڏيج، بچائيج، مون تي موٽ محمّدا!
1. تند چور، ٻنڌي ڏور، اُٿي اور الله سان،
گڏ پاڻ، ثمر ساڻ، مون تي موٽ محمّدا!
2. جا ٿي اِيڙَ، ڀٽن ڀِيڙ، پهچ پِير! پلڪ ۾،
تنهن وير، ڀري پير، مون تي موٽ محمّدا!
3. تُر ميزان، ڏينهن قيام، جتي عمل به
تُرندا،
تنهن ويل، ٿيج طفيل، مون تي موٽ محمّدا!
4. جَر راهه، ڪنڌيءَ ڪاهه، تري ٻانهه نه
ڄاڻان،
تنهن تار، منجهئون چاڙهه، مون تي موٽ
محمّدا!
5. منجهه قبر، لهج خبر، ورج وير وسيلا!
مَلڪين جوابين، مون تي موٽ محمّدا!
6. ”اشرف“ آس، لاهه اُداس، مانٌ کي دوس
دليلا،
تنهين ساڻ، ڪيو احسان، مون تي موٽ محمّدا!
محمد زمان ”حبيب“
[محمد زمان ولد مخدوم محمد ابراهيم 1229هه ۾ ٺٽي ۾
ڄائو، سنڌي جو چڱو شاعر هو، تخلص ”حبيب“ هوس. سندس
وفات 1301هه/1883ع ۾ ٿي.]
[1]
ٿلهه: گهرايو جلد اي جاني! جيڻ جنجال منهنجو آ.
1. محمّد مصطفيٰ! پرور جا پيارا ڪر عنايت ڪا،
اجها اُمّت جا! مڙ معلوم توکي حال منهنجو
آ.
2. سچا سردار سونهارا! مڃيو هي عرض عاصي جا،
رهان هردم مديني ۾، اهوئي خيال منهنجو آ.
3. ويو آرام اکڙين مان، ڏسان روضو سندءِ سڪ
سان،
اوهان جي عشق ۾ مرسل! جگر بيحال منهنجو آ.
4. ”حبيب“ الله جا پيارا! ڪري ٿو پيش حال
ابتر،
اوهان تان هي سڀئي قربان، مڏيون ۽ مال
منهنجو آ.
دلاور علي ”دلاور“
[دلاور علي ”دلاور“ پٽ رستم علي خان، روهڙيءَ جي
ويجهو هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ 1260هه/1844ع ۾ ڄائو. سنڌيءَ
جا ٻه چار درجا پڙهيائين. سندس وڏا ڪن مجبورين سبب
لڏي تعلقي مير واهه ۾ اچي رهيا. دلاور فقير ننڍي
هوندي کان ئي فقيريءَ ڏانهن مائل هو. رات جي وقت
پاڙيسري ڳوٺاڻن کي اڪثري داستان امير حمزو پڙهي
ٻڌائيندو هو. سندس چيل بيت ۽ مولود مشهور آهن. ڳوٺ
تجل شريف، تعلقي ناري ۾ سنه 1884ع ۾ وفات ڪيائين.]
[1]
ٿلهه: ساهه سيّد کي منهنجو ساري، شال ڏاتر ڏيکاري!
1. وڄڙيون چمڪن، بادل برسن، تاڙو مُند کي
تنواري.
2. گهر تڙ گهوريم، ڏونگر ڏوريم، ڪارڻ ڪانڌ
ڪوهياري،
3. آءُ عجيبا، تن جا طبيبا، مرض وڌي آهيان
ماري.
4. ”دلاور“ چئي ويندياس، در نه مٽيندياس،
جانسين ربّ جياري.
[2]'
ٿلهه: محمّد گهوٽ موچارا! حضرت هوت سونهارا!
1. حامي حضرت هاشمي، محب مٺا منـٺارا!
تو ساماڻي سيّدا، لٿا مُلڪن تان مونجهارا.
2. قادر قرب قرآن ۾، آگي ڪيو اظهارا،
سورة طٰہٰ ياسين ۾، اوهان جو ذڪر سوڀارا!
3. مڪو مدينو عطر عنبر سان. سرهو ڪيو سردارا،
گوهر جت گذاريو، اُتي گل کڙيا گلزارا.
4. ”دلاور” چئي دل سان، منهنجو آگا عرض
اگهاء،
پيرانديءَ پرين رسول جي، مونکي رحمت ڏي
رهبارا!
[3]
ٿلهه: مير مڪي جو ڄام، محمّد جنهن جو نام.
1. حُسن سڀ جهان جو، عالم سندو امام،
ملان تنهن محبوب کي، جنهن کي جڳ انعام.
2. ساري سرور ڄام کي، منهنجو مدام،
لڳا نيزا نينهن جا، اندر تَن تمام.
3. پڃري پاڪ رسول سين، سهسين ڪن سلام،
آهي مديني ماڳ ۾، امن ۽ آرام.
4. ساٿي! ڏيج سنيهو، پانڌي هي پيغام،
”دلاور“ اَنٌهنجي در جو آهي گولو غلام.
[4]'
ٿلهه: جيءُ محمّد مون گهر آيو، جيءُ گهوٽ گهمي گهر
آيو.
1. احمد چڙهيو اُٺ تي، جيءُ ڪامل ڪرهو ڪاهيو،
ڪڪر ڇانٌوَ ڪريم تي، ڪيو ساڄن تي سايو.
2. ڏسي خديجة خوش ٿي، جنهنجو ساٿ سلامت آيو،
من مرادون پنيون، جنهن کي موليٰ محب
ملايو.
3. اڱڻ ايندم سپرين، جنهن لاءِ سُرهي سيج
وڇايو، چوئا چندن چئي ”دلاور“ مَلڪن مشڪ ورهايو.
شاهه محمد ديدڙ
[شاهه محمد ديدڙ، ميرن جي آخري دور ۾ ڳوٺ
ديدڙ، تعلقي قنبر ضلعي لاڙڪاڻي، ۾ ڄائو. مشهور
شاعر ”حسين فقير ديدڙ“ سندس نانو هو. هن وقت جي
ضرورت مطابق علم پرايو ۽ درس تدريس ۾ مصروف رهيو.
سندس ڪلام گهڻو آهي، جنهن ۾ مولود، مداحون، خطبا،
معجزا، حڪايتون، ٽيهه اکريون ۽ جنگ نامون شامل
آهن. 16- رمضان 1309هه/1892ع ۾ وفات ڪيائين.]
[1]
ٿلهه: ناهي محبن جو مَٽ، تجلو مهر ۽ ماهه جو.
1. سونهن سيّد جي سڀ کؤن سهڻي، سج نه ڪيان سٽ
مٽ،
دوست مٺي دلخواهه جو.
2. ريءَ ڪجل جي اکيون اهڙيون، چوري ڪن ٿيون
چٽ،
ساٿي منهنجي ساهه
جو.
3. شاهه محمّد شوق منجهارئون، پيو ڳچيءَ ۾
ڳٽ،
دوست سندي درگاهه
جو.
[2]
ٿلهه: سُڻ سردار! هيءُ پڪار، هنون ڪار مديني،
قسمت ڪار، ڀلي پار، نيئي مار مديني.
1. تو در آهه، لڳ الله، محمّد شاهه! ڀلارا،
چٽا چار، ڏسان يار، اکين ٺار مديني.
2. سنجهه صبوح، اندر روح، جيرا جوش جلايا،
نيڻن نات، وهن يار، اکين ٺار مديني.
3. هيڻو حال، ٿيو بيحال، چڱي چال نه چلياسين،
بدين بار، ٿيا اظهار، گنهگار مديني.
4. شاهه محمّد، سندو غرض، پاڻي پاند پني ٿو،
منهن ڏيکار، اي منٺار! مون هڪوار مديني.
[3]'
ٿلهه: وارث پنهنجي ور جو، جيئري پار پسان پيغمبر
جو.
1. توکي اجازو عاربي، آهي ڪامل ڪوثر جو.
2. پورهيت ٿي پاڻي ڀريان، دوستن جي در جو.
3. ماري مرض ملول ڪيو، دارون دوست ڏجو.
4. شافع! شاهه محمّد تي، واهر ٿي ورجو.
ڪـــــرمُـــــون
[1]'
ٿلهه: ماندو تو ريءَ آيان جاني! ملو مشتاق کي
جاني!
پسايو پاڪ پيشاني، ملاحت يا رسول الله!
1. تو ريءَ مونکي ويڙهيو وهمن، جيئن ايڻوڻي
ويڙهي وڻن،
ڇڏايو هت کؤن ڇِيهن، شفاعت يا رسول الله!
2. آهيان آرزو تنهنجو، پسايو منهن مون
پنهنجو،
وڃي ڏک ڏيل مؤن منهنجو، عنايت يا رسول
الله!
3. ڀُڻو آيو قمر تو ڏي، اشاري شهد جي لوڏي،
گهُري سو ماڳ پنهنجي ڏي، اجازت يا رسول
الله!
4. توکي ڪرمون سدا ساري، منجهؤن محبت هنجهون
هاري،
قادر تنهنجي مون شل ڪاري، زيارت يا رسول
الله!
[2]'
ٿلهه: سهڻا سچا سونهارا، مرسل مٺا موچارا،
يا هاشمي حبيبا! بَر ۾ نه ڇڏ ڀلارا.
1. تو ريءَ ميان مران ٿو، ڪو مهت ٿئي ملڻ جو،
فائق فراق تنهنجي، پرين ڪيا پسارا!
2. معراج وئين تون لائق، شافع سندو تون شائق،
لڪ سڀ لنگهاءِ لائق، جانب جڏن جيارا!
3. شافع شرف تو اعليٰ، ڪامل ٿئين ڪمالا،
سڀ کان بلند بالا، بهتر ٿئين ڀلارا!
4. ڪرمون آهي اداسي، پسائي پرين پياسي،
خاصو ڪيو خلاصي، تنهن ۾ نگهه نظارا.
|