علي محمد کوسي جي ٻاري: علي محمد کوسو بدين کان 7
ميل پري سندن پنهنجي ڳوٺ جو ويٺل هو. سندس آواز
نهايت اثردار هو ۽ ويندي پيريءَ سوڌو سٺو
پڙهيائين. ڏاتر ڏني، فقير محمد هاشم ۽ مولوي محمد
عمر کورواهي جي ٻارين مان سندس ٻاريءَ جا مقابلي
جا شغل ٿيا. 15 سال کن ٿيا جو گذاري ويو. سندس
جهيلي هي هئا: (1) محمد کوسو جنهن پوءِ پنهنجي
ٻاري ٺاهي. (2) حيدر کوسو، (3) حاجي يوسف ميمڻ،
(4) هاشم ميمڻ، (5) محمد جوڻيجو، (6) ۽ حاجي بچل
جمالي، ويٺل لڳ بدين، عمر 90 ورهيه.
• مولوي محمد عمر کورواهي جي ٻاري: مولوي محمد عمر
کورواهه جو ويٺل هو. پنهنجي ٻاريءَ جو اڳواڻ هو.
بدين ۾ سندس ٻاريءَ جو علي محمد کوسي جي ٻاريءَ
سام مقابلو ٿيو، جنهن ۾ سندس سرسي ٿي. فقير محمد
هاشم سان پڻ سندس ٻاريءَ جو مقابلو ٿيو جنهن ۾
فقير محمد هاشم جي سرسي ٿي. سندس جهيلين جا نالا
في الحال معلوم نه ٿي سگهيا.
• ميين عمر دل جي ٻاري: ميون عمر دل ميرپور ساڪري
جي طرف جو هو. سندس جهيلين جا نالا سردست معلون نه
ٿي سگهيا.
(ج) ٽيون دور: هيءُ سنه 75-1350هه يا 55-1930ع
وارو دور هو. هن دور ۾ هيٺيون مشهور ٻاريون پڙهندڙ
هيون.
• حاجي محمد جسڪاڻي جي ٻاري: مرحوم احمد جسڪاڻيءَ
کان پوءِ سندس ڀاءُ حاجي محمد جسڪاڻي ٻاريءَ جو
اڳواڻ ٿيو. جوانيءَ ۾ نهايت سٺو پڙهيائين، ۽
پنهنجي دور بعد پوئين دور جي ٻارين سان پڻ
پڙهيائين. اڃا تائين به چڱو پڙهي ٿو. هن وقت پير
مرد آهي ۽ عمر ستر سال کن اٿس. سندس جهيلي هي هئا:
(1) ولي محمد جسڪاڻي، جو نهايت سٺو ۽ پهريون نمبر
جهيلي هو، (2) حاجي عرس جسڪاڻي (3) هاشم جسڪاڻي،
(4) ڪريم بخش جسڪاڻي، (5) ۽ حاجي امام بخش جسڪاڻي.
حاجي محمد هن وقت پير مرد آهي ۽ ٻاريءَ جي اڳواڻي
ولي محمد جسڪاڻي ڪري ٿو، جو حاجي محمد جو پهريون
نمبر جهيلي هو. حاجي عرس به جواني ۾ بهترين جهيلي
هو. هن وقت سندس عمر 55 سال کن آهي ۽ اڃا به
پڙهندو آهي. هاشم به هن وقت پير مرد آهي، سندس عمر
سٺ ورهيه ٿيندي.
• محمد عيسيٰ ٿيٻي جي ٻاري: محمد عيسيٰ، ڏاتر ڏني
ٿيٻي جو وڏو پٽ، پڻس کان پوءِ ٻاريءَ جو اڳواڻ
ٿيو. پيءَ جي ورثي سبب ’وارو‘ نهايت سٺو پرهيائين.
مدح شريف البت گهٽ پڙهندو هو. سندس ٻن جهيلين جي
وفات بعد ٻاري قائم ڪانه رهيس. هن وقت سندس عمر سٺ
ورهيه کن آهي ۽ آواز جي گهٽجي وڃڻ سبب مولود ڪونه
پڙهي. سندس جهيلي هي هئا: (1) سندس ننڍو ڀاءُ محمد
نوح ٿيٻو، جو اڃا پڙهي ٿو. سندس عمر 43 سال کن
آهي. آواز گهڻو ۽ مٺو اٿس. وڏي ڀاءُ جي بس ڪرڻ بعد
ٻاري ڪانه ٻڌائين، (2) جمال الدين جوڻيجو، (3)
بهاول جوڻيجو، بهاول ۽ جمال الدين ٻئي ڳوٺ تاج
محمد جوڻيجي (تعلقي حيدرآباد) جا ويٺل هئا ۽ سٺا
مولودي هئا، پر جوانيءَ ۾ وفات ڪري ويا، (4) غلام
محمد سيال، ويٺل لڳ سٽيشن کٽياڻ. جمال الدين
جوڻيجي جي وفات بعد، هن محمد عيسيٰ جي ٻاري ڇڏي.
سندس عمر 55 سال کن آهي ۽ اڃا به پڙهندو آهي. سندس
پٽ محمد رحيم سيال پڻ سٺو پڙهي ٿو. (5) حافظ ڪريم
بخش ڀٽي، ڦليليءَ جي پار ڇُٽن جي ڳوٺ جو ويٺل، اڃا
تائين ٿورو گهڻو پڙهندو آهي. (6) دائم هاليپوٽو
ويٺل ڳوٺ هاليپوٽا لڳ ٽنڊو الهيار، جو هن وقت
پنهنجي ٻاريءَ جو اڳواڻ آهي.
• محمد رحيم مڱڻهار جي ٻاري: فقير محمد هاشم جو
پٽ، جو پڻس کان پوءِ پنهنجي ٻاريءَ جو اڳواڻ ٿيو.
محمد رحيم هرفن هوشيار مولودي ۽ اڳواڻ آهي. هينئر
وهيءَ ۾ موٽيل آهي ۽ عمر 55 سال کن اٿس. هن وقت
سندس جهيلي هي آهن: محمد عثمان مڱڻهار، محمد
سليمان مڱڻهار، ايوب مڱڻهار، سڄڻ ڏيٿو، ۽ احمد
ڪيريو، جي مڙيئي جوان آهن ۽ حقيقت ۾ موجوده چوٿين
دور جا مولودي آهن.
• محمد کوسي جي ٻاري: محمد کوسو، مرحوم علي محمد
کوسي جو پهريون نمبر جهيلي هو. کيس عام طرح ’محمد
ٽوال‘ چوندا هئا. علي محمد جي وفات بعد هن پنهنجي
ٻاري ٺاهي. واري پڙهڻ جو نهايت هوشيار هو. کيس
اٽڪل ست سال کن ٿيا جو گذاري ويو. سندس جهيلين مان
سندس پٽ عبدالله کانئس پوءِ پنهنجي ٻاري ٺاهي ۽ هو
موجوده دور جو اڳواڻ آهي. ٻيا جهيلي به سندن ڳوٺ
جي پاسي جا هئا.
• دوست محمد ڪيريي جي ٻاري: دوست محمد، مرحوم محمد
ڪيريي جو پٽ آهي، جو ڏاتر ڏني ٿيٻي جي ٻاري جو هڪ
جهيلي هو. دوست محمد جي عمر هن وقت 65 سال آهي.
جوانيءَ ۾ سندس آواز ڳرو ۽ اثردار هو. واري پڙهڻ
جو سٺو هو؛ مداح گهٽ پڙهندو هو. هن وقت به ٿورو
گهڻو پڙهندو آهي. سندس جهيلي هي هئا: (1) بچل
ڪيريو، جو 63 سالن جي عمر ۾ 5 سال کن ٿيا جو گذاري
ويو. (2) لونگ ڪيريو، اڃا زنده آهي پر مولود ڪونه
پڙهي. (3) ولي محمد ڪيريو، ’دوآبي‘ ۾ رهي. عمر سٺ
سال اٿس ۽ مولود ڪونه پڙهي. (4) حاجي عثمان ڪيريو،
ڳوٺ قبول ڪيريي تعلقي گوني جو، عمر 75 سال اٿس ۽
مولود ڪونه پڙهي. (5) محمد اسماعيل سومرو، دوآبي ۾
ڳوٺ حاجي بچل سومري جو، عمر 63 سال اٿس ۽ اڃا
تائين ٿورو گهڻو پڙهي. (6) دوست محمد جو پٽ احمد،
جو هاڻي محمد رحيم مڱڻهار جي ٻاريءَ سان پڙهي.
(د) هلندڙ چوٿون دور: هيءُ دور گذريل پنجن ستن
سالن جي عرصي وارو آهي، هيٺيون ٻاريون هن دور جون
مشهور ٻاريون آهن.
• محمد رحيم مڱهڻار جي ٻاري: محمد رحيم هن وقت
موٽيل آهي، پر ٻاريءَ جو اڳواڻ آهي. سندس جهيلي سڀ
جوان آهن ۽ هن چوٿين دور جا مولودي آهن. (1) محمد
عثمان مڱڻهار، مرحوم عبدالله جو پٽ، هن وقت ٻاريءَ
جو پهريون نمبر جهيلي آهي. سندس آواز ڳرو ۽ مٺو
آهي. کڻي چئجي ته سنڌ جو هوشيار ۽ هنرمند مولودي
آهي. مولودين ۾ کيس ’گويو مولودي‘ سڏين. سندس عمر
35 سال آهي. (2) محمد سليمان، محمد عثمان جو وڏو
ڀاءُ آهي. (3) ايوب مڱڻهار، جو پڻ هڪ هوشيار جهيلي
آهي. (4) سڄڻ ڏيٿو، دوآبي ۾ ڏيٿن جي ڳوٺ جو ويٺل
آهي. عمر چاليهه سال کن ٿيندس. (5) احمد ڪيريو،
دوست محمد ڪيريي جو پٽ آهي. پيءُ جي جهوني ٿيڻ
بعد، هن ٻاريءَ سان پڙهندو آهي. عمر 27 سال کن
اٿس.
• ولي محمد جسڪاڻي جي ٻاري: ولي محمد، مرحوم احمد
جسڪاڻي جو پٽ آهي. پنهنجي چاچي محمد جي جهوني ٿيڻ
سببان هاڻي جسڪاڻين جي ٻاريءَ جي اڳواڻي ڪندو آهي.
سندس آواز تيز ۽ اثردار آهي. عمر 45 سال کن ٿيندس.
سندس جهِيلي هي آهن: (1) محمد جسڪاڻي، جو اڳ ٻاري
جو اڳواڻ هو. عمر ستر سال اٿس ۽ مسلسل ٽن دورن جي
مولودين سان گڏ پڙهيو اٿس. (2) حاجي عرس جسڪاڻي،
جنهن جي عمر هن وقت 55 سال کن آهي. (3) ڪريم بخش،
هاشم جو پٽ آهي ۽ ڪامياب جهيلي آهي. (4) حاجي امام
بخش، ڪريم بخش جو ڀاءُ آهي ۽ ڪامياب جهيلي آهي.
• عبدالله خان کوسي جي ٻاري: عبدالله، مرحوم محمد
جو پٽ آهي، ۽ پيءُ جي وفات بعد هن پنهنجي ٻاري
ٺاهي ان جي اڳواڻي ڪئي آهي. پهريائين سندس آواز
بالڪل گهڻو هو، پر هاڻي البت گهٽ اٿس. سندس عمر 35
سال کن آهي. سندس جهيلي هي آهن: (1) غلام حسين
کوسو، مرحوم محمد جو پٽ، عمر 27 سال. (2) دودو
کوسو، جو هڪ سٺو جهيلي آهي. (3) الله ڏنو شاه، عمر
35 سال، کوسن جي ٻاريءَ جو بهترين جهيلي آهي.
• دائم هاليپوٽي جي ٻاري: دائم هاليپوٽي جي عمر 45
سال آهي. هو هڪ هوشيار مولودي آهي. واري پڙهڻ توڙي
مداح پڙهڻ جو ڪاريگر آهي. سندس جهيلي هي آهن: (1)
محمد قاسم جوڻيجو، جمال الدين جوڻيجي جو ڀائٽيو
آهي. عمر 26 سال کن اٿس. آواز مـٺو ۽ وڻندڙ اٿس.
هنرمند ۽ ڪاريگر مولودي آهي. (2) حاجي علي محمد
شورو، ويٺل ڳوٺ شورا لڳ الله ڏنو ساند، الڳ پنهنجي
ٻاري ڪري پڙهندو هو. آواز گهڻو ۽ مٺو اٿس، عمر 43
سال اٿس. (3) عمر هاليپوٽو، مٺو جهيلي آهي، عمر 36
سال اٿس. (4) محمود ماڇي، عمر 37 سال، ٽندي ڄام جي
ڀرسان ويٺل آهي. (5) غلام نبي شاه، عمر 22 سال،
ماتليءَ جي ڀرسان ويٺل آهي؛ اڳ پنهنجي مامي سيد
حاجي موسيٰ شاه سان پڙهندو هو.
• حاجي غازي ڪنڀار جي ٻاري: حاجي غازي، ويٺل لڳ
ڪڙيو گنهور تعلقو گوني، پنهنجي نئين ٻاري بنائي، ۽
نئين نرالي پڙهڻي ۽ نيون ڌنون ايجار ڪيون، جنهنڪري
جلد ئي عوام ۾ مقبوليت حاصل ڪيائين. حاجي ابراهيم
خاصخيلي، جمن شاه، بچو ابڙو، جمعو ٻگهيو ۽ صديق
خاصخيلي سندس جهيلي هئا، جي سڀ مٺي ۽ گهڻي آواز
وارا هئا. هيءَ ٻاري ايترو ته مقبول پئي جو شغل جي
مقابلي ۾ ان کي مڱڻهارن جي مشهور ٻاري جي سامهون
ڪندا هئا، ۽ هن ٻاري ساڻن سٺا شغل پڙهيا. ڪجهه اڳ
مٿيان جهيلي حاجي غازي کي ڇڏي ويا ۽ سندس مقبوليت
گهٽجي وئي. هن وقت به سٺو پڙهي ٿو پر جهيلي اڳي
جهڙا نه اٿس. هن وقت سندس جهيلي محمد سمون، علي
محمد چاڪي، غلام محمد جتوئي، الله بخش جتوئي ۽
محمد صالح جسڪاڻي آهن. محمد جسڪاڻي، محمد هاشم جو
پٽ آهي جو حاجي محمد جسڪاڻي جو جهيلي هو.
• حاجي احمد لاشاري جي ٻاري: حاجي احمد، حافظ طالب
سمي جو شاگرد آهي. شروع ۾ سندس آواز گهڻو هو، پر
هن وقت البت گهٽ اٿس. واري پڙهڻ جي ڏانء اٿس. حاجي
احمد پنهنجي نئين ٻاري ٻڌي، سندس عمر 42 سال آهي.
اڳ ڏاڏوهين لڳ پنهنجي لاشارين جي ڳوٺ ۾ رهندو هو،
پر هاڻي ٽنڊي محمد خان ۾ رهي ٿو. سندس جهيلي هي
آهن: (1) جمن شاهه، جو اڳ حاجي غازي جي ٻاريءَ سان
پڙهندو هو، (2) ملوڪ جهيجو، (3) رحيمڏنو واڍو، (4)
۽ ڪمال جسڪاڻي جو سانوڻ جسڪاڻي جو پٽ آهي.
لاڙ جون مشهور ٻاريون اهي آهن، باقي چڱيون چڱيون
ننڍيون ٻاريون گهڻي ئي ٿي گذريون ۽ هن وقت پڻ
موجود آهن. مثلاً هالن ۾ حاجي عمر ڊُگو ۽ اوستو
برادي ڊُگهو (حيات) پنهنجي ٽولين جا اڳواڻ هئا ۽
هن وقت حاجي عمر جو پٽ عبدالله اڳواڻ آهي. اهڙيءَ
طرح ٻين ڳوٺن ۽ شهرن ۾ پڻ مولودي ٿي گذريا. مطلب
ته سنڌ ۾ شغلن پڙهڻ جو چرچو جيترو اڳ هو اوترو ئي
هن وقت پڻ آهي.
مٿي جن ٻارين جو ذڪر ڪيو ويو آهي سي سڀ مردن جون
ٻاريون آهن، البته مائي ڄامان جو ذڪر اچي چڪو آهي
جا مردن جي ٻاريءَ سان گڏ مولود پڙهندي هئي. حقيقت
۾ آڳاٽي وقت کان وٺي جيئن مشهور مرد مولودي ٿي
گذريا آهن تيئن مشهور عورتون مولودي پڻ ٿي گذريون
آهن. عورتون اڪيلي سر توڙي ٽولين ۾، اندر عورتن ۾،
مولود پڙهنديون رهيون آهن. کهڙن ۾ آڳاٽي وقت کان
مولود پڙهندڙ مايون ٿي گذريون آهن ۽ هن وقت مائي
موٽيائي برک اڳواڻ آهي. لاڙ ۾ بڪيرن ٽکڙ، توڙي ٻين
ڪن خاص شهرن ۽ ڳوٺن ۾ مولود پڙهندڙ ماين جون
ٽوليون موجود آهن.
مواد جي نوعيت ۽ صحت
هن ڪتاب جي سڄي مواد کي شاعرن جي تاريخي سلسلي
موجب ترتيب ڏيئي رکيو ويو آهي، انهيءَ لاءِ ته
مولودن جي تاريخي ارتقاء تي روشني پئجي سگهي. مواد
هٿ ڪرڻ لاءِ مولودن جا مخلتف ڇپيل توڙي قلمي نسخا
پڙهيا ويا*،
۽ پڻ مختلف ڪارڪنن ۽ همدردن کان لکيل مولود پهتا.
اندازاً تيرهن سؤ مولود هن ڪتاب لاءِ خاص مطالعو
ڪري، ان مان اٺ سؤ کن آخري طور چونڊيا ويا، جيڪي
هن جلد ۾ شامل آهن. هرهڪ شاعر جا مولود جدا ڏنا
ويا آهن ۽ هيٺ حاشين ۾ ماخذن جا نالا نروار ڪيا
ويا آهن. شروع ۾ شاعر جي مختصر سوانح عمري ڏني وئي
آهي. جملي 174 شاعرن جا مولود هن ڪتاب ۾ شامل آهن،
جن ۾ ميون شاه عنايت رضوي سڀ کان آڳاٽو آهي. شاه
عنايت غالباً 1140 هه ڌاري وفات ڪئي ۽ انهيءَ لحاظ
سان، شامل مولود گذريل اڍائي سؤ سالن واري عرصي جي
شاعرن جا آهن. هرهڪ شاعر جي سوانح عمري هٿ ڪرڻ جي
ڪوشش ڪئي وئي، ۽ باوجود مشڪلات جي 174 شاعرن مان
104 شاعرن جون سوانح هٿ ڪيون ويون؛ باقي 70 شاعر
اهڙا آهن جن جون سوانح سردست معلوم نه ٿي سگهيون.
ڪي اهڙا مولود پڻ آهن جن جي شاعرن جو نالو ظاهر
ڪونهي.
حقيقت ۾ ’ڪافي‘ وانگر ’مولودن‘ ۾ پڻ ڪيترن ئي
شاعرن پنهنجي جذبات ۽ احساسات جو اظهار ڪيو.
ازنسواءِ ’مولود‘ مڙني مختلف شاعرن جي پنهنجن
بياضن يا مجموعن ۾ محفوظ ڪين رهيا، جو هر هڪ شاعر
جي مولودن کي پوريءَ طرح سڃاڻي سگهجي. مولود
’پڙهڻ‘ خاطر جوڙيا ويا ۽ انهيءَ ڪري ديني مجلسن
توڙي عام شغلن ذريعي ملڪان ملڪ پکڙي ويا ۽ شاعرن
جي مخصوص دائري مان نڪري وڃي مولودين جي صدري
روايتن جو جز بنيا. انهيءَ ڪري جيتوڻيڪ آڳاٽن
شاعرن کان وٺي ويندي پوئين دور جي شاعرن تائين
سڀني جا مولود شغلن ۾ پڙهجن پيا، پر سواءِ ڪن
مشهور معروف يا مقامي طور معلوم شاعرن جي گهڻن
شاعرن جا مولود هڪ عام ذخيرو بنجي ويا آهن ۽ انهن
کي صحيح نموني اصلي شاعرن ڏانهن منسوب ڪرڻ مشڪل
آهي. مولودن جا ڪيترائي شاعر ساڳئي نالي وارا آهن،
۽ اهڙيءَ حالت ۾ اهو متعين ڪرڻ مشڪل آهي ته ڪهڙا
مولود ڪهڙي شاعر جا آهن. مثلا ڪيترن ئي مولودن ۾
شاعر جو نالو ’عبدالله‘ آيل آهي، پر ’عبدالله‘
نالي هڪ کان زياده شاعر آهن؛ اهڙيءَ حالت ۾ هر
شاعر جا مولود جدا ڪري ڏانهس منسوب ڪرڻ مشڪل آهي،
ڇاڪاڻ ته لکيت ۾ ڪابه ثابتي ڪانه ٿي ملي، ۽ محض
زباني روايت مان صحيح اندازو لڳائي نٿو سگهجي. هن
ڪتاب مرتب ڪرڻ وقت مولودن جي ڇپيل مجموعن؛ قلمي
بياضن توڙي زباني روايتن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري جيتري قدر
ٿي سگهيو اوتري قدر مولودن کي اصلي شاعرن ڏانهن
منسوب ڪيو ويو، ۽ ڪتاب جي ڇپائي هلندي پڻ نئين
معلومات جي روشني ۾ تصحيح ڪئي وئي. مگر تنهن هوندي
به اڃا وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته سواءِ
شروع ۾ آيل مشهور معروف شاعرن جي، ٻين جي حالت ۾
يقيني طور چئي نٿو سگهجي ته اهي سڀ مولود جن ۾
ساڳيو نالو آيل آهي سي بالڪل ساڳئي هڪ ئي شاعر جا
چيل آهن.
ن - ب
ميون شاهه عنات رضوي
[جناب سيّد عنات شاهه ولد نصيرالدين ولد شاهه
عثمان، رضوي ساداتن مان هڪ ڀلارو شخص ۽ سنڌيءَ جو
اعليٰ شاعر هو. ٽنڊي الهيار کان 5 ميل اتر طرف
’شاه پور‘ جي ڳوٺ ۾ سندن سڪونت هئي. عام طور کين
’ميون شاهه عنات‘ ڪري سڏيندا هئا ۽ اڄ ڏينهن تائين
سندن اولاد کين انهيءَ خاص نالي سان ياد ڪري ٿو.
ميون شاهه عنات، ڀٽائي صاحب جو وڏو معاصر هو ۽
شاهه ڀٽائي ساڻن صحبتون ڪيون. ميين شاهه عنات
مختلف سُرن ۾ سنڌي بيت جوڙيا، جن مان ڪن جا
شروعاتي الفاظ ڀٽائي صاحب تضمين طور استعمال ڪيا
آهن. ميين شاهه عنات، غالباً ڀٽائي صاحب جي وفات
(1752ع) کان گهڻو اڳ وفات ڪئي. سندس مزار شيخ
موسيٰ آهيداڻي جي مقام ۾ آهي. هيٺيان مولود ميين
شاهه عنات جي رسالي جي قلمي نسخي تان ورتل آهن.]
[1]`
ٿلهه: دوس قريشي عرب ديسي! توکي رب سنڀالي، ميان
سائين!
1. اول نُور نبيءَ جو تاري ۾ رکيائين.
2. ڏسي ڏيهه ڌڻين کي اَلتّحيات اُتائين.
3. منجهان بهشت براق سينگاري ٻيا ملائڪ
مڪائين.
4. آءُ موجُن سين محمّدا! ايءَ توکي ڏات ڏنائين.
5. آدم، عالم، عارف سڀ، مرسل! خاطر تو
خلقيائين.
6. جت مَپُ نه ملائڪن جو، اُت ڳجهاندر
ڳڙهيائين.
7. جُنبِي جبرائيل سين، پاوَنگ پير ڌريائين.
8. گس غربت خاص خلوت اُوپر چڙهه اُتائين.
9. عرض ڪري ”عنات“ چئي، اُمت انعام لڌائين.
[2]
ٿلهه: ٿيءُ اسان سين عربي، مدد مديني
ڄام!
1. اسان انديشو جن جو، سيئي ڪن سلام،
ٿيءُ اسان سين عربي...
2. هِي جيٖ داون دوس جي، آجا سين انعام،
ٿيءُ اسان سين عربي...
3. سڳورا سڀ ساٿ سلامت، اوباهيين آڀام،
ٿيءُ اسان سين عربي...
4. ننڍا وڏا پَهِيڙَا، سَر تنهنجي سام،
ٿيءُ اسان سين عربي...
5. چئو صلوات صدق سين، ايءُ مولود مدام،
ٿيءُ اسان سين عربي...
6. اِلاهي ”عنات“ جا، اگهاييٖن ڪلام،
ٿيءُ اسان سين عربي...
شاهه عبداللطيف ڀٽائي
[شاهه عبداللطيف رحه سنه 1102هه/1689ع ۾ ڀِٽَ کان
اوڀر طرف پنهنجي ناناڻن ’ڏيرن فقيرن‘ جي ڳوٺ ۾
ڄائو ۽ 14- صفر سنه 1165هه/1752ع ۾ وفات ڪيائين.
سندس رسالي مان ٽي وايون، جي مولود آهن، هتي ڏجن
ٿيون. پهرين ٻن واين ۾ شاهه جو نالو آهي ۽ اسلوب
بيان توڙي معنوي لحاظ کان شاهه جون ئي چيل آهن،
البته ٽِي وائي بابت فقط ايترو چئي سگهجي ٿو ته
رسالي ۾ موجود آهي، مگر نه معلوم ته شاهه صاحب جي
چيل آهي، يا ڪنهن ٻئي جي جوڙيل آهي.]
[1]`
ٿلهه: وٽان وڃ مَ مون، منهنجو تونهين تون،
ڪونه سڻي تان ڪو ٻيو، وٽان وڃ مَ مون.
1. مون تڏهانڪر منجهئين، جڏهن ڪن فيڪون.
2. آهکي رسج احمدا! اڳيان سوڙهي ڀُون.
3. آڳهه هن امّت جو، آهين تونهين تون.
4. ڏج ڪا لپ لطيف چئي، طهورا مان تون
[2]
ٿلهه: هاڻي ايندو، هاڻي ايندو، منهنجو سڄڻ سائين
هاڻي ايندو.
1. آڱر لائي انڌيون، وڃي وسينءَ نيئي وجهندو.
2. مٿان لڪن ساٿڙو، صحيح سلامت نيندو.
3. ڏيئي وَرُ ولهيَن کي، ڪامل ڪرم ڪريندو.
4. شمع ٻاري شب ۾، نرمل نُور سڏيندو.
5. نماڻيءَ جو نِجهرو، پاسي پاڻ اڏيندو.
6. هادي جهلي هٿڙا، چڪڻ مان چاڙهيندو.
7. اڳواڻ ٿي امت جو، هادي هٿ جهليندو.
8. احمد ڪارڻ عاصيين، داڙو ٿي دڙيندو.
9. پٺيءَ لائيندو پانهنجي، ڇوريون تان نه
ڇڏيندو.
10. مهند ٿيندو مصطفيٰ، پُٺيءَ لوڪ لنگهيندو.
11. اتي عبداللطيف جي، هوت حمايت ٿيندو.
[3]
ٿلهه: منهنجي سّيد سار لهندو، مونکي آهه اميد
الله ۾.
1. سجدي پئي سپرين، زاريون زور ڪريندو.
2. امّت ڪارڻ احمدا، پرمل پاڪ پنندو.
3. صور ڌڪاءُ ٿيندو، اکيون سج ڪڍندو.
4. ميڙو ٿيندو مومنين، اُت محمّد مير ملندو.
5. نفسي نفسي سڀڪو ڪري، داتا ڏي ڊڪندو.
6. مُهت ڏيندس مولو، اُت بديون بخشائيندو.
|