غلام محمد ”گدا“
[غلام محمد ”گدا“ ولد محمد صالح مڱڻيجو، لاڙڪاڻي
شهر جو رهاڪو هو. سنڌي ۽ فارسي زبان تي ڪافي عبور
حاصل هئس. فارسي ۾ سندس ”ديوان گدا“ موجود آهي.
سنڌيءَ ۾ به ڪيتريون ڪافيون ۽ ٻيو ڪلام چيو اٿس.
پاڻ حضرت عبدالحق فاروقيءَ جو مريد هو. شايد ان
ڪري ئي سندس ڪلام صوفيانه رنگ ۾ آهي. پهرين جمادي
الاخر 1310هه/1892ع ۾ وفات ڪيائين. سندس تربت تي
هر سال 12- شوال تي ميلو لڳندو آهي.]
[1]'
ٿلهه: خدا توکي ڪيو پيدا، رسول الله رسول الله!
مٿي ٿيا مَلڪ تو شيدا، رسول الله رسول
الله!
1. جڏهن ربّ نُور ڪيو پيدا محمّد مصطفيٰ
تنهنجو،
ملائڪ ۽ نبي پوءِ ٿيا، رسول الله رسول
الله!
2. تنهنجي تعريف طٰہٰ ۽ ڪلامِ پاڪ ۾ ساري،
توکي ساراهيو موليٰ، رسول الله رسول الله!
3. ”گدا“ تعريف ڇا تنهنجي ڪري مرسل مٺا
سگهندو،
ثنا گر تنهنجو خود موليٰ، رسول الله رسول
الله!
[2]
ٿلهه: سائين سيّد سونهارا، سونهن ڀريا سلطان!
دلبر دوست خدا جا، سونهن ڀريا سلطان!
1. تو لئي خالق خلقيا، خلق، زمين، آسمان،
صدقو تنهنجي پيزار تان، ڪيا موليٖ هر دو
جهان،
سائين سيّد سونهارا!
2. سيّد! تنهنجي سڪ ۾، آهيون سڀ مستان،
پنبڻن ساڻ ٻهاريان، هوند روضي جو ايوان،
سائين سيّد سونهارا!
3. جنّ، ملائڪ، آدم سڀئي، آيا منجهه فرمان،
جي مرتد توکان ڦريا، سي ٿيندا حشر ۾
حيران،
سائين سيّد سونهارا!
4. ربّ وسيلو موڪليو، شرف وڏي سان شان،
شافع! شفاعت جو توکي، ڏنو حڪم ربّ رحمان،
سائين سيّد سونهارا!
5. بنديون پائي پاند ۾، آيس تو وٽ وٺي اَمان،
”گدا“ جن ڪلمون چيو، سي هوندا سان ايمان،
سائين سيّد سونهارا!
[3]
ٿلهه: توهان لئي دل آهه ديواني، هنئين حيرت آهه
حيراني،
ڏسان هوند نُور نُوراني، جمالت يا رسول
الله!
1. ڪيو هت عشق سودائي، جسم ۽ جان مستائي،
وڃائي غم وڌو جائي، زيارت يا رسول الله!
2. مهجوري کؤن تنهنجي مظهر، آهيان عاجز بهون
ابتر،
ڏيو اِمداد مون اظهر، سخاوت يا رسول الله!
3. اوهان جو شان ٿيو اعليٰ، مدح قرآن تو
بالا،
ڪئي عاصين تي ربّ تعاليٰ، عنايت يا رسول
الله!
4. رکو هن شوق جي شادي، ”گدا“ جي دل کي
آبادي،
ٿئي حاصل ڪا اِمدادي، شفاعت يا رسول الله!
[4]'
ٿلهه: سونهن سرسو سورهيه سردار، تو تي سَو
صَلواتون.
1. عرش تي آڻايو، توکي پاڻ ڌڻي پرور،
فلڪن مٿي براق کي، ڊوڙايو دلبر.
2. مَلڪن ’سبحان الذي‘ توتي چيو هرهر،
ڪروبي قربان ٿيا، نرمل ساڻ نظر.
3. ڪنجڪ ساڻ ڪريم جي، مير هليا منوّر،
شان ڏسي لولاڪ جو، هليا سان انور.
4. فلڪن چشمن ساڻ چمي، جانب جي چادر،
عرش اعليٰ نعلين جو، داغ جهليو اظهر.
5. ”گدا“ گهورون گهوريون، سونهن ڀريا سرور،
ڪلمي ساڻ لڏائين، مرڻ ۾ مقرر.
نــــــــور مــــــــحـــــــمــــــــــــد
[1]'
ٿلهه: ورهن پوءِ وصال ٿيو، وڃي محبوبن مليو،
ڇا ڇا کڻي ڇوهه مان، حضرت ڏانهن هليو،
1. جيڪي گهريائين ربّ کان، سو قادر ڪرم ڪيو،
پيراندي پرين جي تنهن مري ماڳ لڌو.
2. مهاجر محبوبن جا، تن سندرو صاب پيو،
پڃرو پاڪ رسول جو، مون چشمن ساڻ چميو.
3. نور محمّد ننڊ ڇڏ، سنجهي ساٿ ويو،
وقت ويڙو نڪري، تو سمهي ساءُ لڌو.
[2]
ٿلهه: سچو سرور سدا سهڻو، کٽي اڄ گهوٽ گهر آيو.
1. چڙهي ويو ماڳ تي اعليٰ، اتي جبرئيل
ڳالهايو،
مٿي موڪل نه آ مونکي، ائين فائق پاڻ
فرمايو.
2. هلي حورن هنيا حلقا، نسي کي تن اچي ڳايو،
عجب رسمن ۽ رمزن سان رمي تن راءُ ريجهايو.
3. محمّد مصطفيٰ کي خود خدا عرش تي ڪوٺايو،
مٺي محبوب کي دلدار دائم ديد ديکايو.
4. نبي کي آئي ياد اُمّت، هي ٻهڳڻ ٻول
ٻولايو،
سيّد سوٺو کنيو سڀ جو، ڀلي هن جڳ کي
بخشايو.
5. سوالي آهيان هردم مٺا! منهن منهنجو
مرڪايو،
وري نور محمّد تي اي فائق فضل فرمايو!
[3]
ٿلهه: مبارڪ مبارڪ پيغمبر اچي ويو،
مٺو مير مدني منّور اچي ويو.
1. سڪياسون ٿي سَوَ سال جنهن جي اچڻ لاءِ،
اَجهو مصطفيٰ روز محشر اچي ويو.
2. ڪريا ڪوٽ ڪفران ڪڙڪا ڪري سڀ،
سچو سهڻو سردار اچي ويو.
3. ڪندو نيٺ واهر مهندان ڏينهن محشر،
گوندر وقت غمخوار گوهر اچي ويو.
4. نه ڪر نور محمّد عمر کي تون ضايع،
ڀري مصطفيٰ جامِ ڪوثر اچي ويو.
[4]'
ٿلهه: تنهنجو نالو مٺا، رکيو ربّ خدا، تنهنجو
شان لقب سردار چوان،
سردار چوان، مهندار چوان، ساري عالم جو
آڌار چوان!
1. جڏهن پاڻ بهشت ۾ گهوٽ گهڙيو، لولاڪ لقب
تنهن کي جڙيو،
ايڏو ساٿ سيّد کي آهه سريو، سو ڇو نه گل
گلزار چوان!
2. عرش ۾ انهيءَ جو نالو لکيو، تڏهن حورن
پرين سڀني ڏٺو،
ات صلوّا عليہ سڀني چيو، ڇو نه شڪر صدبار
چوان!
3. نور محمد تي نظر ڪريو، گولو غلام نيئي پاڻ
گڏيو،
تنهن کي در پنهنجي تي پاڻ سڏيو، ٻيو آ
ڀلا ڇا يار چوان!
[5]
ٿلهه: انهنجو شان اعليٰ آهي رسول الله! توتي پان
خدا پڙهي صلو اعليٰ.
1. جنهن رات ڄائين سردار نبي! ساري عالم جا
آڌار نبي!
تو لئي چمن کليا چوڌار نبي! ڪيا نور نوان
نت تجليٰ.
2. معراج واري توکي رات ملي، شافع! شفاعت جي
توکي ڏات ملي،
توکي پاڻ خدا جي ملاقات ملي، توتي سائين
ڪئي ڪيڏي نه سخا!
3. تون آئين مٺا! آرام ٿيو، ويو ڪفر، سچو
اسلام ٿيو،
هر جاءِ نبي! تنهنجو نام ٿيو، توتي قرب
ڪيو خود خاص خدا.
4. توتي رحم سندا آهن ڪڪر وٺا، ٿيون عالم
آباديون عربي اَجها!
نور محمد ڏکيا ڏينهن لٿا، ڀلي ڄائين ڀلارا
ڀرجهلا!
[6]
ٿلهه: مرسلا جيءُ محمّدا! سردار سڻ منهنجو سوال.
1. اي مٺا جيءُ محمّدا! سرور سڻج منهنجو
سوال،
ڏاتر لڳ ڏکين جي، لهج سرور ڪا سنڀال!
2. هينڙي کي هوت جي حب، ٿي رهي يارو مدام،
۽ پسڻ خاطر پرينءَ جي، ٿو رهي دل ۾ ملال.
3. اکڙين کي ٿي اُڪنڊ، آهي عرب جي پار جي،
شل پرين پنهنجو پسان، فائق وجهان تي روز
فال.
4. روز شب نور محمّد کي اوهان جو شوق آهه،
امر ڪو مون تي ٿئي، جانب پسان انهنجو
جمال!
[7]
ٿلهه: سوين ٿم سور سيني ۾، وتان جيءَ کي
جلائيندو،
مٺي محبوب مدنيءَ سان، ڪڏهن موليٰ
ملائيندو.
1. بشارت بخش تون باري! ڪجانءِ ڪو رحم راضي
ٿي،
اڱڻ ميدان عربيءِ جا، پرين پرور پسائيندو.
2. ٿيو هت حال مون هيڻو، سندئي جانب جدائيءَ
۾،
مديني شهر ڏي مونکي، سگهو سائين سڏائيندو.
3. نه ڪو نور محمد جو، وسيلو تو سوا مرسل!
پڙهائي پاڪ مون ڪلمون، پرين پاڙي
رهائيندو.
[8]
ٿلهه: دل تي دونهڙو روز دکي ٿو، ساهه سيّد
تولاءِ روز سڪي ٿو.
1. عشق اوهان جو احمد عربي! ڇوهه منجهانرا
روز ڇڪي ٿو.
2. سڪ ۾ انهنجي سيّدا، من تي مچڙو روز مچي
ٿو.
3. پار اُڪارج پرين پيارا، سک سمهڻ مونکي ڪين
اچي ٿو.
4. عرب وڃڻ جي اُڪنڊ اندر ۾، نور محمد حب روز
رکي ٿو.
[9]
ٿلهه: حاجين سان هڪوار عرب، ڏاتر مون ڏيکار عرب.
1. هٿ هوت ٻڌي ٻاڪار ڪيم، پائي پلئه پرين هي
پڪار ڪيم،
سڏ توکي سڄڻ سرڪار ڪيم، ڪيو نيهن تنهنجي
نروار عرب.
2. کڻي سڪ جو ثمر سنگهارن وٽ، مِلي مان لهان
منٺارن وٽ،
جڙيو جيءُ جسم جهونجهارن وٽ، سڻي ٻانهيءَ
جي ٻاڪار عرب.
3. ڇڏيان شهر ٻيلو سڪ ساڻ رکي، ويا محبت ۾
مَنُ پاڻ رکي،
وران ڪيئي وصل ري ڪاڻ اچي، پسان ملڪ وڃي
مختار عرب.
4. نبي! نور محمد کي ساڻ نيو، ڇني ڪين ڇپر ۾
هاڻ ڇڏيو،
وتان گوندر ۾ توڪاڻ گڏيو، دل دوست ڦري ويا
دلدار عرب.
[10]
ٿلهه: آهيان اُمتي آ
عاجز، ماري جند جان وجهي جوکي،
محب! ڏس نه ميارن کي، ڪريان ٿو عرض نبي!
آنٌکي.
1. ڪيا مون ڪم ڪاهل ٿي، مَٽي ماڻڪ ڇڏيو لوهه
تي،
حشر جو هُل هاڪاري، ماري ڊپ ڊاءُ اهو
مونکي.
2. ڪمن ڪوڙن ڪچائين کان، پريم! ڏي تون پناهه
مونکي،
رکي هٿڙا هدايت جا، هلائج تون هتان مونکي،
3. پاڙي رهايو پرين! پنهنجي نماڻي نور محمد
کي،
آهي حُب هوت جي، ماري جنهن محڪم ڪيو من
کي.
عـــــــــمــــــــــــــر
[1]'
ٿلهه: آيو منهنجو سونهن ڀريو سردار، آيو منهنجو
اُمت جو آڌار.
1. خاتون ڏٺو خواب ۾، نُور اکين نروار،
سو ته وَرَقة سن وڃائيو، بيبي باغ بهار.
آيو منهنجو سُونهن ڀريو سردار....
2. بيبي بندن کي ڏنو، دلاسو بسيار،
آ نه آجو اوهان کي ڪنديس، جڏهن محب ڏسان
مختيار.
آيو منهنجو سُونهن ڀريو سردار....
3. نانگ واسينگ وات مؤن، آيو چڻگن جو چمڪار،
تنهن سڀ سڃاتا سپرين، عربي ٿيو اظهار.
آيو منهنجو سونهن ڀريو سردار...
4. نانگ نه آهيان يا نبي! سُڻج سخن سچار،
رئيس جِنّن جو رهنما، اوهين ڪجو اعتبار.
آيو منهجو سونهن ڀريو سردار....
5. سَرور هليو ساٿ سين، وٺي محب مهار،
ڪَڪر ڇانوَ ڪريم تي، مٿس ميگهه ملهار.
آيو منهنجو سُونهن ڀريو سردار....
6. پرين پيراندي پنهنجي، ڪندو پاڙيدار،
سو ته عمر چئي آ پسان، دوست سندو ديدار.
آيو منهنجو سونهن ڀريو سردار....
[2]
ٿلهه: چانئٺ آ چمندي، حضرت هوت سندي،
پيشاني آ پسندي، نرمل نُور سندي.
1. آهيم سڪ سرير ۾، نرمل نور سندي،
سنديون مڪڻ ڳالهڙيون، سيّد سان سلندي.
2. چئو حقيقت حال جي، پرين جا پانڌي،
ڏوري ڏونگر لڪيون، عربي آ ڏسندي،
3. مديني جي واٽ تي، آ حاجين سان هلندي،
روضي مهندا رسول جي، اَڀي عرض ڪندي.
4. قبر جي به قهر کان، ڪاهل ڪوڪ ڪندي،
نفسا نفسي يا نبي! سرور سڏ ڪندي.
5. لڳو واءُ وصال جو، پورهيت هيءَ پُرندي،
عمر چئي تو دران احمدا! آ عرض ڪندي.
[3]
ٿلهه: اچ اکين جا ٺار، ضامن ضعيفن!
آهي ابتر حال، ڪر حمايت هيڻن.
1. ڪامل پوکيون ککيون،، وارث منجهه وادين،
سي کاڌيون کارڪون، اُتي اصحابن.
2. ڳوهه اچي ڳالهائيو، مهندان محبوبن،
تون راسخ آهين رهنما، ڏنهون ڏيهه ڌڻين.
3. دانهون ڪندي دام ۾، هرڻي ڏٺي هوتن،
سا ڇڏايَوَ احمدا! پُڳي ساڻ پُٽن.
4. مارِي ڏسي معجزو، ڪريو مٿي قدمن،
سو ڪيئن ڇڏي اُمّت، جنهنکي تنهنجي محبت
من.
5. وهمن ويڙهيو جندڙو، ڪوجهو منجهه ڪمن،
ماريو آهي مصطفيٰ! عمر کي عيبن.
[4]
ٿلهه: عاصين جا آرام ميان! ور وسيلا ڄام ميان،
تنهنجي نور نوازيس نام ميان!
1. مدح چوان ٿو مصطفيٰ، تو لاءِ مير مدام!
عاصين جا آرام ميان....
2. اجهو آهين عربي! اي جيءُ،، لاهيندين
الزام،
عاصين جا آرام ميان....
3. چنڊ ڦٽي ڦارون ٿيو اي جيءُ، مرسل! تنهنجي
مام،
عاصين جا آرام ميان....
4. ڪيا نانگ نبيءَ کي، سؤ سؤ ڀيرا سلام،
عاصين جا آرام ميان....
5. هرڻي ڇڏائي حضرت اي جيءُ، دوست منجهان
دام،
عاصين جا آرام ميان....
6. مارِي پسي معجزو، آيو ۾ اسلام،
عاصين جا آرام ميان....
7. عمر پرتوءِ احمدا! ڪامل ڏينهن قيام،
عاصين جا آرام ميان....
|