[14]
ٿلهه: تنهنجو عرب ديس وسي، حضرت هاشمي! تو لئي
منهنجو ساهه سڪي.
1. ٻڌا موڙ محبوب کي صديق يار سچي.
2. حضرت عمر مير، عثمان کي تيڙم ڏينهن ڏٺي.
3. ويچاري واٽن تي ڏسڪي ۽ ڏسي.
4. مرڻ ويل ”مقيم“ کي محمّد مير ملي.
[15]
ٿلهه: محمّد گهوٽ مدني گوهر کي، ڪانگل ڪيچڙن جا!
ساري سلام سڄڻن کي چئجا.
1. وڃ پرين جي پاڙي، ڪانگل قريبن جا،
ڳوڙها ڳل ڳاڙي، عرض محمّد گهوٽ کي ڪجا.
2. پانڌي پرين رسول جا! اوهين هلو حاجيڙا!
مهندان محمّد مير جي آزيون عرض ڪجا.
3. قسمت قيدالماءَ جي، گوندر گس ڪيا،
لالن جي لطف جي خاصي خبر ڪجا.
4. ”مقيم“ چئي منهنجا پرين، منهنجو ٿئي
اجلا، پيراندي پرين رسول جي رڙهي روح ڏيان.
[16]'
ٿلهه: موليٰ محبوب معراج آڻايو، جنهن کي صاحب
سير ڪرايو.
1. چارئي يار رسول جا، پنجتن پاڪ پسايو.
2. هئي عيد رسول سچي لئي، پرين پاڻ پسايو.
3. سمند سوني ساز سان، چڙهي گهوٽ گهمايو.
4. حضرت هيم ننڊ ۾، اچي جبرئيل جاڳايو.
5. مرڻ ويل ”مقيم“ چئي، ڪلمي ساڻ هلايو.
[17]
ٿلهه: آئي نويد رسول ڏي، پيغمبر موليٰ مرڪايو.
پرين پاڻ پهرايو، محمّد مير ساراهيو.
1. رفرف آيو رسول ڏي، اوهان کي آگي آڻايو.
2. موليٰ، مرسل پاڻ ۾، ڳجهه اندر ڳالهايو.
3. بابو بيبيءَ فاطمہ، انعامي ٿي آيو.
4. مرڻ ويل ”مقيم“ کي، اَچي ڪلمون پاڪ
پڙهايو.
[18]
ٿلهه: اوهين سُرهي سيج وڇايو، منهنجو مرسل آيو،
جانب کي جُتيءَ سان آگي عرش تي آڻايو.
1. چيو عرش الله جي، اوهين جُتي مُور مَ
لاهبو.
2. چاڙهي چاهه مان گهوٽ کي گهوڙي مٿي گهمايو.
3. پرڻي رات رسول جي، اچي حورن هنڌ وڇايو.
4. موليٰ! هن ”مقيم“ کي اوهين ڪلمي ساڻ
لڏايو!
[19]'
ٿلهه: مير مديني جو مون گهر آيو،
ڀلي ڪري آيو، سُرهي سيج وڇايو،
جيڏيون! مير مديني جو ڄام.
1. جهڙو گهوڙو گهوٽ جو، تهڙو اوهين ساڄ
سنڀايو.
2. ٻَڌو موڙ مٺي کي، چاڙهي گهوٽ گهمايو.
3. ڪريو گهورون گهوٽ مٿان، ماڻڪ مينهن وسايو.
4. توڙئون آهيو تڪڙا، در در ڪين دمايو.
5. ڪريو ساٺ سيّد کي، قريشياڻيون ڪوٺايو.
6. ربّ پنهنجي رسول کي، عرشن منجهه گهرايو.
7. موت ويل ”مقيم“ کي ڪلمي ساڻ لڏايو!
[20]
ٿلهه: يا احمد ور مصطفيٰ خيرالوريٰ!
1. مير مرسل هر دو جهان، توکي سڪان راتو
ڏينهان،
ڪر ڪا مهر مون تي ميان! يا احمدا
خيرالوريٰ!
2. سرورن سالار تون، سڀ ڏيهه جو ڏاتار تون،
هيڻن سندو مهندار تون، يا احمدا
خيرالوريٰ!
3. ”مقيم“ کي مهرئون نِيو، اَهکي ڪنان
اُڪاريو،
آهيان اوهان جي اَجهي پيو، يا احمدا
خيرالوريٰ!،
[21]'
ٿلهه: جنهن لئي ويٺي مون واجهائيو، سو گهوٽ
محمّد آيو.
1. معراج هليو مصطفيٰ! آنٌ کي سائين سڏايو.
2. ڪنجڪ قابو جبرئيل وٺي، حضرت ساڻ هلايو.
3. رفرف تخت رسول تي، آگي عرش آڻايو.
4. موليٰ هن ”مقيم“ کي، محبن ساڻ ملايو.
[22]
ٿلهه: پهچ پرين پيغمبر! سُڻ فرياد سيّدا!
احمدا ڏي تون آڌر!
1. چارئي يار رسول جا نُوري آهن نر،
پنجتن پاڪ پسائين جلدي ساڻ جبر.
2. رکي پير پل صراط تي ويندا سڀ ولر،
لڪ سڀ لنگهائيين ڏيهن جا ڏاتر!
3. حَسن مير حُسين شاهه سونهارا سرور،
ڏيندا وٽ وصال جي منجهان حوض ڪوثر.
4. سختيءَ ۾ رس سيّدا ڪامل! منجهه قبر،
موليٰ هن ”مقيم“ کي مرڪائين منجهه محشر.
[23]
ٿلهه: سر سيّد! تو تان قربان ڪريان.
1. لنگهي سير سمونڊ جي، پرين پار پسان.
2. ويهي تنهن حوض تي، پاڻي پاڪ پيان.
3. وڃي تن واٽن تي، سرهي خاڪ مليان.
4. مرن ويل ”مقيم“ چئي، ڪلمي ساڻ هلان.
[24]'
ٿلهه: ڀلين آيم سرتيون! سرور سَلامت،
ڪاَمل ڪيچ ڌڻي، ڏاتر ڏيهه ڌڻي.
1. خواب خديجة خوب ٿيو، وهڃايو ورقة،
2. احمد چڙهيو اُٺ تي، لعل ورائي لت.
3. آهين احمد ڄام جا هيڻن مٿي هٿ.
4. سڀ لنگهائيندم لڪيون، ڪلمي جي برڪت.
5. موليٰ! هن ”مقيم“ جي سَولي ڪر سڪرت.
[25]
ٿلهه: هادي! مونکي هوت ملاءِ، مير محمّد شاهه،
ڌڻي! مونکي دوست ديکاءِ، پاڪ پيغمبر شاهه.
1. تون جا وڃين ڪونجڙي! طرف مديني ڏانهن،
منهنجا محمّد مير کي ساري ڏيج سلاما.
2. ڪيچين ڪرها پلاڻيا ساجهر سويلا،
ڪيائون آڏو اکين کي محمّد جا منارا.
3. هڏا حاجيئڙن جا بر ۾ بکن ٿا،
سر ڪيائون صدقي محمّد مير مٿا.
4. اکين آگم ڪيڙا سانوڻ کؤن سرسا،
وسڻ ويچاريون سکيون پرين پڄاڻا.
5. سوڙهي ڪيم سڏڙا اوندهه اَويلا،
من سَڻي سڏ ڏين مون محمّد موچارا.
6. حاجي هليم حجّ تي سچيءَ سڪ منجها،
پسي پار پرين جا، سڀئي ٿيا سرها.
7. مرڻ ويل ”مقيم“ چئي، مديني مير ملاءِ،
پيراندي پرين رسول جي منهنجو لوڙهه لٽاءِ!
[26]
ٿلهه: مون تي موٽج يا مصطفيٰ! نبي ڄام سڳورا!
1. ڪوجهي آهيان ڪوڙي، مون منجهه عيب اپارا،
نبي ڄام سڳورا!...
2. لڪ لنگهيندا لڪيون، احمد تنهنجي آڌارا!
نبي ڄام سڳورا!...
3. ڪونه ڏسان ٿي ڏيهه ۾ تنهنجي جوڙ جنسارا!
نبي ڄام سڳورا!...
4. ”مقيم“ چئي مون تي ڪج ڪو ڀيرو ڀلارا!
نبي ڄام سڳورا!...
[27]'
ٿلهه: جنهن تي ڇٽ جهليو لولاڪ، اعليٰ شان ٿيو
محمّد جو.
1. حُسن پسي حبيب جو، پئي حُورن ۾ حيرت،
پسي حُسن حضرت جو، سڀ ٿيڙا مشتاق.
2. عاشق خود الله ٿيو، ڏسي احمد جا اخلاق،
پرور پوءِ پيدا ڪيا، ارض سماء افلاڪ.
3. مٿي عرش عظيم تي، تن وڃي ڪيڙا ٿاڪ،
جتي جاءِ نه هئي جبرئيل جي، اُتي احمد جي
اوطاق.
4. يا ربّ! ياسين شاهه تان، اوهين لاهيو هي
فراق،
شافع کي شفاعت جي، عطا ٿي املاڪ.
خير محمد
[1]'
ٿلهه: خاصو دوست خدا جو، آهي ضامن ضعيفن.
1. ڌڻي پيدا ڪيو سرور سونهن سڀن،
ڪوٽ ڪريا ڪسريٰ جا، پئي هيبت منجهه هنڌن.
2. ڄاپڻ پڄاڻا ڄام کي، ابر کڻي ويو اڀن،
پرين سين پهر جي آئيا، ساڻ صاحب جي سببن.
3. ڪونهي ڪو ڪونين ۾، جهڙو مون پرين،
امّت جي ڇوٽڪاري جا، قول ڪيا سڄڻن.
4. عرش تي آڻايو توکي ڏاتر ڏيهه ڌڻين،
ڳالهيون ڳجهه اندر جون، سمجهو ڪي سمجهن.
5. کارو کوهه مٺو ٿيو، جنهن ۾ پِڪ وڌي پرين،
نديون وهن نُور جون، هو جو آب پيو انگڙن.
6. خاوند! خير محمد کي، ڪج پاڙيچو پرين.
ڪلمي ساڻ ڪريم جي، شل پويان پساهه پڄن.
[2]
ٿلهه: قاصد! ڪاهل جو نياپو ڏيج پياري نبي،
نڌر نماڻي جو عرض وڃي چئج عربي.
1. سرور جهليو سنڌ ۾، قسمت قيد قوي.
سڪ اوهان جي سيّدا، جڙ لڳي منجهه جي.
2. آهيون تنهنجي آسري مرسل مير مڪي!
ڏکيا گذاريان ڏينهڙا، سوين سور سهي.
3. اوکي رسج عربي، وارث وير وليّ،
خير محمد کي آهي تنهنجي سڪ گهڻي.
[3]'
ٿلهه: محمّد آئي سڀ سور لٿا، آجي ٿيڙس آئون.
1. مڪي ڄائو مصطفيٰ، شام سهائو ڏٺائون،
ظلمت ويئي ضياءُ ٿيو، روشن ٿيون سڀ راهون.
2. اُٺ آزاري ساٿ ۾، دردوندي ڪيون دانهون،
حضرت ڦيريس هٿڙا، ويڙس مرض مٿاهون.
3. ڪاهي آيا قافلي جيءُ، کاري کوهه مٿاهون،
کارو کوهه مٺو ٿيو، جنهن ۾ لعاب وڌائون.
4. خاوند! خير محمد جون، آگا! بخش خطائون،
معافي ڪريو مصطفيٰ! منهنجون سڀ مَٺايون.
[4]
ٿلهه: چارئي سچي جا سچا يار سائين، چارئي ڀلي جا
ڀلا ڇو نه ڀانئين،
موليٰ اسان کي اهي محب
ملائين.
1. خاصو خليفو پهريون پاڳارو، صديق اڪبر آ
قريئون قرارو،
داور! تنهن جو درسن
ديکائين.
2. چوان يار يگانو عمر شاهه ثاني، سورهه
سرتاج جنگ جو سو جاني،
ڇو نه انهي سان نينهن
لائين؟
3. ثالث سخي شير امير عثمان، جوڙي جمع ڪيو
تنهن ڪامل قرآن،
جيئن هو مٿي لوح تيئن ٿي
لکيائين.
4. چوٿون علي شير اڪمل آهي، خيبر هليو
قهر مان ڪاهي،
ڪيئي ڪوٽ قلعا ڪفر جا
ڀڳائين.
5. چارئي چيدا چارئي اعليٰ، پرت مان پياريندا
پيالا،
منجهه محشر مڙئي ملائين.
6. راهه ڇڏي گمراهه ٿيا، بي واهه ٿيا تباهه
ٿيا،
آگا! انهن جي آگ اجهائين.
7. خير محمد جون خام خطائون، آگا! ڪرئين
پنهنجون عطائون،
گولو گنهگار ڇيهئون
ڇڏائين.
صديق
[صديق جا ڪافي مولود مليا آهن. زباني روايتن موجب
هو اتر طرف جو ويٺل هو. جيئن ته هڪ مولود ”مجموعہ
مولود“ ۾ ڏنل آهي، جو سنه 1892ع ۾ ڇپيو. انهيءَ
ڪري ايترو چئي سگهجي ٿو ته هيءَ بزرگ ان وقت جو يا
ان کان اڳ جو هو.]
[1]'
ٿلهه: هاشمي حبيب جون، ٿيون اُمّت تي عطائون،
جلوو جنهن جو جڳ تي، ڪيو موليٰ مٿاهون.
1. چڙهي نه سگهان چوٽي، اڳيان مارڳ مٿاهون،
موٽج مير مريضن تي، ور دوست! سُڻي دانهون.
2. حال ڪريان هوت سان، ڏيئي دردن جون دانهون،
سُڻي مون سائل جون، شل آگو هي آهون.
3. پنان پاڪ رسول کؤن، وڃي دردن دوائون،
پرين کي پسڻ لئي، باسيم سکائون.
4. سرور! هن صديق کي، ڪريو اڪمل عطائون،
معاف ڪريو مصطفيٰ، منهنجون خاوند خطائون.
[2]'
ٿلهه: يا رسول الله سيّدا! سڻ تون حضرت منهنجي
صدا.
1. آهيم تڪيو تنهنجو، سرور سٻاجها!
ڪر شفاعت ڪارڻي، مٿي محتاجا.
2. سختي جا سڪرات جي، لطف ساڻ لنگهاءِ،
ڪلمي ساڻ ڪريم جي، پويان دم پڄاءِ.
3. نفس نهوڙيس جيڏيون! شڪي شيطانا،
تنهن کي پلئين تون هاشمي! هڪل هيبت سان.
4. يا ربّ هن صديق جو، آگا! عرض اگهاءِ،
پيراندي پرين رسول جي، جانب! ڏئين جاءِ.
[3]
ٿلهه: آجها آچ يا نبي! اوري، نه آيو ڪو نظر تو
ري،
اچي ڪڍ قلب مان ڪوري، ڪسارت يا رسول الله!
1. سچا اي سيّدا سرور! تون اوکي ويل ڏج آڌر،
اچي ڪج واهر مون محشر، حمايت يا رسول
الله!
2. ڪيو افلاڪ تي اوجان، رکيو ٿي ماهه تي
موجان،
ٻئي ڪنهن کان نه ٿي تو جان، ڪرامت يا رسول
الله!
3. سچو صديق آ آنهنجو، نه ڪر محتاج ٻئي ڪنهن
جو،
رکين سڪرات ۾ سَهنجو، امانت يا رسول الله!
[4]
ٿلهه: محمّد ڏينهن قيامت جي، عاصبن تي ڪندو
احسان.
1. آدم، عيسيٰ ايندا، محشر جي منجهه ميدان.
2. پسي شفاعت شاهه جي، سڀ هوندا اُت حيران.
3. مهندان محشر ماڳ ۾، منڊبو جت ميزان.
4. اُت مشڪل هن صديق جي، آقا ڪجو آسان!
[5]
ٿلهه: عالم جا آڌاري! ڪريو سيّد سرداري!
1. منهن محمّد ڄام جو موتي مڻياداري.
2. سڪا وڻ ساوا ٿيا، گلن ڪئي گلزاري.
3. واڍوڙين وڻڪار ۾ سونهي ڪلاداري.
4. سائل هن صديق کي دوست ڏيندا دلداري.
[6]
ٿلهه: اي ميان! احمد عربي ڄام کي هيءَ ويچاري
واجهاءِ.
1. جئين منهنجا جاني! سڪنديءَ ڪيم سڪاءِ،
موليٰ محبوبن سان نيئي مشتاقن ملاءِ.
2. راتون ڏينهان روح ۾ هيءَ سڪي سيّد لاءِ،
مجلس محمّد مير جي، تنهن کي پرور نيئي
پساءِ.
3. واحد وصل وصال جو ڪو والي واري واءِ،
پاڙي پرين رسول جي، تنهن کي واحد نيئي
وساءِ.
4. صاحب ربّ صديق جا، تون اگا! عرض اگهاءِ،
ڪلمي ساڻ ڪريم جي پويان دم پڄاءِ.
|