مخدوم
عبدالرؤف ڀٽي
[مخدوم عبدالرؤف ڀٽي، هالن پراڻن تعلقي هالا ضلعي
حيدرآباد ۾ سنه 1094جج/1682ع ۾ ڄائو. مخدوم صاحب
سنڌ جي مشهور حاڪم ميان نور محمّد ڪلهوڙي جي دور ۾
وڏي پايي جو عارف ۽ عالم ٿي گذريو آهي. سندس چيل
مولود تمام گهڻا آهن، جي اڄ تائين سڄيءَ سنڌ ۾
مشهور آهن ۽ مولودن جي شغلن ۾ پڙهيا وڃن ٿا.
مولودن ۾ نالي سان گڏ عموماً ”عاصي“ استعمال ڪيو
اٿس. جيئن ”عاصي عبدالرؤف چئي، نيئي مديني مار.“
سنه 1166هه/1752ع ۾ وفات ڪيائين.]
[1]`
ٿلهه: ساريو سردار کي نيڻ مون ڀِنا.
1. سُرهو سَڱ رسول جو ٻيا مڙيئي ڪنا،
ساري سردار کي....
2. مولي مٿاهين ڪئي باري تنهنجي بناء،
ساريو سردار کي....
3. ڄائو بيبيءَ ڄام کي مَرڪيٖ سان آمنا،
ساريو سردار کي....
4. آءُ محمّد عربي! ”عاصي“ آهن ڊِنا،
ساريو سردار کي....
[2]`
ٿلهه: سرور ڄام ڄايو، اِجهو مرسل مير آيو.
1. سيّد آيم سپرين، تنهن رنگ عجب لايو.
2. چوها چندن ڪيوڙا منهنجي لالڻ کي لايو.
3. هيرا هار ڳچيءَ ۾ هلي پنهل کي پايو.
4. آسون عبدالرؤف جون پرور سڀ پڄايو!
[3]
ٿلهه: جيءُ جيءُ گهوٽ محمّد عربي، ٻاجهه ڀريا
ٻاجهايو!
1. حسن هدايت حاضر ٿيڙو، جڏهن ڄام نبي هو
ڄايو.
2. عطر عنبير سان عالم واسيو، جڏهن سرور ڄام
سامايو.
3. دردوندو اَنٌهنجي در تي آيو، دانهن سڻي دل
لايو.
4. عاصي عبدالرؤف اوهان ڏي آيو، تنهن جو عرض
اگهايو.
[4]
ٿلهه: اَجها عاصيڙن، دارون دردوندن،
رس محمّد گهوٽ مديني جا!
1. سمو ڄائو سک ٿيو، لٿو ڏن ڏيهن،
اَجها عاصيڙن....
2. سمي جي سهاڳ ۾، مر مهاڻيون مرڪن،
اَجها عاصيڙن....
3. ڪينجهر ٻنهي ڪنڌئين، رس رهاڻيون ڪن،
اَجها عاصيڙن....
4. عرش ڪرسي، آسمان، آنٌ جي جلوي سان جهرڪن،
اَجها عاصيڙن....
5. عاصي عبدالرؤف چوي، آنَ ٌ لاءِ سهسين جڳ
سڪن،
اَجها عاصيڙن....
[5]
ٿلهه: دوست مٺو دلبر، آءُ نه وساريان پرين
پيغمبر.
1. تو لئي وار وڇايان، پنهل ڄام پٿر.
2. سرهو مشڪ عنبر کان، پريم آنٌ جو پگهر.
3. حسن تنهنجي تان حضرتا! ٿيو قربان قمر.
4. عاصي عبدالرؤف چئي، سولو ڪرئين سفر.
[6]
ٿلهه: مونکي محب سي مليا، جانب جيءَ گهريا،
ســــڄــــڻ ســـي آيـــــا، جـــــن
لاءِ جـــــان فــــدا.
1. مون وٽ مال متاع جي ڪمي مور نه ڪا،
هئي هئي! هيڏا ڏينهڙا، پرين ڪيئن پيا.
2. سرور هليم ساٿ سان، ساڻس صديقا،
کٽي موٽيم خير سان، وريم وڻجارا.
3. بيبي چڙهي ماڙئين، نهاري نظرا،
هي ور محمّد مير جو، سڃاتائين صحيحا.
4. اوٺي اُٺ جهڪايو، دولهه در اڳيان،
ورنهه ويهي وچ ۾، خاصي ڪئي خبرا.
5. اڱڻ عبدالرؤف جي، پرين پير ڀريا،
ورين واءُ وصال جو، وارث سي وريا.
[7]
ٿلهه: آءُ ته توکي پرڻايان شهزادي شاهوڪار.
1. گولي ٿي گذاري، ساري سڀ ڄمار.
2. مال خزانا ماڙيون، ڏيج ڏنس ڏاتار.
3. گهورون گهوٽ رسول تان، لعلن لک هزار.
4. ڳهه مڙيئي سون جا، رپي چاندي جو جنسار.
5. عاصي عبدالرؤف چئي، محب مليوسون منٺار.
[8]
ٿلهه: جيڏيون! جانب گهوٽ موچارو آيو.
1. پرڻي رات رسول جي ملڪن مشڪ ورهايو.
2. گهورون گهوٽ رسول تان ماڻڪن مينهن وسايو.
3. چارئي يار رسول جا پنجتن پاڪ پسايو.
4. عاصي عبدالرؤف جون پرور سڀ پڄايو.
[9]
ٿلهه: اجهو گهوٽ محمّد هاشمي ڀلي ڪري آيو.
1. اچي ٿو سرور جنهن لاءِ سَرهي سيج وڇايو.
2. سو ته ملڪن لک هزار ڄاڃي ڪري آيو.
3. ڄاڃي ڄام احمد سندا، ورنهه وچ ويهاريو.
4. اڱڻ عبدالرؤف جي اچي پرين پير گهمايو.
[10]
ٿلهه: شاديون، ٿيڙا شغل شغل،
پرڻي رات رسول جي حورن لايا هُل هُل.
1. چتونئڙا چمن ۾، باغن ۾ بُلبُل.
2. گهوٽ گهوڙي تي چڙهيو، سوني مٿس جهُل جهُل.
3. سيّد ويٺو سيج تي، گاديءَ مٿي گُل گُل.
4. عاصي عبدالرؤف کي محمّد اچي تون مِل مِل.
[11]
ٿلهه: اجهو الله کڻي آندو، گهوٽ مڪي جو مهندار.
1. پرڻي رات رسول جي حورن ٻڌڙا هار.
2. گهورون گهوٽ رسول تان لعلن لک هزار.
3. عاصي عبدالرؤف کي ڪلمي جي ڏيو پچار.
[12]
ٿلهه: گهوٽ گهمي گهر آيو، ريت چڱيءَ سان رانٌيو،
سينگار سچي سيّد کي، پاڻ ڌڻي پهرايو.
1. آيو گهوڙو گهوٽ لاءِ، چاڙهي گهوٽ گهمايو.
2. سرهي سيج رسول جي، موتين ساڻ مڙهايو.
3. پرڻي رات رسول جي، مَلڪن مشڪ ورهايو.
4. عاصي عبدالرؤف چئي، ڪلمون پاڪ پڙهايو.
[13]'
ٿلهه: سيّد ويٺو سيج تي، ٿيئڙيون شاديون شڪرانا،
جنهن تي موتين مينهڙا
وُٺا.
1. گهوٽ چڙهيو گهوڙي تي، نوري ٿيو نروار،
ڳائي ڳنهي هليون ڇڳيرو ڇنا.
2. مڙي عربياڻيون آئيون، سي تان ڪري ويس وڳا،
هڪڙي سونهن سڳوري کي، ٻيا زيور زينت جا.
3. ملائڪ مير محمّد سان هزارين هئا،
ڪڪرن ڪارون ڪيون ٿيڙا بادلن بهرا.
4. عاصي عبدالرؤف کي، سا ته آهي حب سدا،
سيّد آئي ٿيو سوجهرو، ٿيڙو عالم منجهه
اُها.
[14]
ٿلهه: حضرت جي سيج تي موتين مينهڙا وٺا،
پييون گهورون گهوٽ مٿان.
1. آيو گهوڙو گهوٽ لاءِ، تنهن تي ساز سٺا.
2. پرڻي رات رسول کي، حورن موڙ ٻڌا.
3. عاصي عبدالرؤف کي، ڪلمون باد ڏجا.
[15]
ٿلهه: ساريو نيڻ سڪن، مشڪ، عطر ڇٽيو مَلڪن،
گهورون گهوٽ رسول مٿان، گل ڦل گلزار
سونهن.
1. چارئي يار رسول جا، پنجتن پاڪ پسن.
2. پرڻي رات رسول جي، مشڪ ڏنو مَلڪن.
3. گهورون گهوٽ رسول تان، ماڻڪ مينهن وسن.
4. عاصي عبدالرؤف چئي، ڪلمون پاڪ پڙهن.
[16]
ٿلهه: ور عالم جا آڌار، سونهارا سردار!
1. پرور توکي پڳ ٻڌائي، دين سندو دستار.
2. پرڻي رات رسول جي، حورن پاتا هار.
3. ميندي رات رسول جي، مَلڪن لک هزار.
4. عاصي عبدالرؤف چئي، سوڀ ڏئين سردار!
[17]
ٿلهه: آنٌ کي رب گهرايو، هل ڀلا ڄام! سنبهي، يا
مير محمّد عربي!
1. لااِلہٰ اِلا الله آيو هيءُ وحي،
محمّد رسول الله، ڪلمون ٿيو صحي.
2. ٻنهي جهانن جي آهي، لائق! لڄ مٿيئي،
اجهو آهين انهن جو، گولا جي ڳنهي.
3. فضل فرقان رب جو، آيو نبي لهي،
جبرئيل جليب مان آيو ڪامل وٽ ڪهي.
4. عاصي عبدالرؤف جي، سڻ آگا عاجزي،
ڪلمون جن جي قلب ۾، تن جا ويڙا ڏک لهي.
[18]
ٿلهه: محمّد! تو معراج ڪئو، ملڪن چيو مرحبا،
اهل سماوات چيو، مرحبا صد مرحبا.
1. جبرئيل جاڳائيو نرمل ننڊ منجهان،
آگي ان کي آڻايو، هل محبوب مولي جا!
2. رڪيب ساڻ رسول جي، مَلڪ هئا مقربا،
هئا هزارين ڪيترا، اُڀا ۾ ادبا.
3. حورن هار سينگار ڪيا، سيّد جي سببا،
ڀلين آئين ڀلا پرين، دلبر دل گهريا!
4. مون جِهو ٻيو ناهه ڪو، مفلس ۽ مُذنبا،
عبدالرؤف اُمت سين، اُکتو ۾ عقبيٰ.
[19]
ٿلهه: مولي چيو مرحبا، محمّد آئي گل ٽڙيا.
1. حورن پرين پاڻ ۾، ورڇيو ويس ڪيا.
2. بهشت جايون جنّتون، جنهن ۾ پرين پير وڌا.
3. ’لا تقنطو من رحمت الله‘ باري بخش ڪيا.
4. عاصي عبدالرؤف چئي، مٺڙا محب مليا.
[20]
ٿلهه: مَلڪن چيو مرحبا، اچ مرسل مير موچارا!
1. مرسل ويو معراج مٿي، ٿي براق مٿي هسوارا.
2. توتي صاحب پڙهيون صلواتون، ڀلي آئين
ڀلارا!
3. عرش ۽ ڪرسي مٿي، تنهنجا آگي ڪيا اوتارا.
4. مٿي عرش عظيم جي، سير ڪيو سردار!
5. عاصي عبدالرؤف چئي، ڪريو ڪلمي قرب قرارا.
[21]
ٿلهه: سرور سهڻو سردارا، مڙني جو مهندارا،
جنهن کي هٿ ۾ ڏنا ڏيهه ڏاتارا.
1. التّحيات چئي، کلي ڪيئون کيڪارا.
2. احد، احمد پاڻ ۾، گوهر ڪيو گفتارا.
3. چارئي يار رسول جا، پنجتن پاڪ پيارا.
4. عاصي عبدالرؤف چئي، پڙهو ڪلمي جي تنوارا.
[22]
ٿلهه: گهوٽ محمّد آيو، موليٰ محب ملايو.
1. معراج هل مرسل موچارا! آنٌ کي رب گهرايو.
2. ڪنجڪ قابو جبرئيل جليب مان، حضرت سان
هلايو.
3. ’رف رف‘ تخت رسول جو، عرش منجهه آڻايو.
4. عاصي عبدالرؤف چئي، محبن ساڻ ملايو.
[23]
ٿلهه: عرشن مٿي ڪنگرن مٿي، لکيو نالو محمّد
منٺار،
وڻ وڻ مٿي، پن پن مٿي، لکيو نالو محمّد
منٺار.
1. بنيا باغ بهار جا، عيدون ٿيون اسرار.
2. مٿي عرش عظيم جي، سير ڪيو سردار.
3. حورن هوت حبيب جو، درشن ڪيو ديدار.
4. عاصي عبدالرؤف چئي، ڪريو ڪلمي قلب قرار.
[24]
ٿلهه: محمّد محلي آيو، پِريَم پير ڀري،
مون تي مهر ڪري.
1. آيو محمّد عربي، ڪافر قيد ڪري.
2. آيو عالم الله جو، پردو پوش ڪري.
3. جيڪي دشمن دين جا، سي خاوند خوار ڪري.
4. عاصي عبدالرؤف چئي، حضرت هٿڙو ڌري.
[25]
ٿلهه: مٺي محمّد پاتا پير، قربان وڃان قدمن تان.
1. اڱڻ آسروند جي هلي آيم هير،
قربان وڃان قدمن تان....
2. پنجتن پاڪ پسائين، چارئي يار ڇڳير،
قربان وڃان قدمن تان....
3. عاصي عبدالرؤف چئي، رسج وير سوير،
قربان وڃان قدمن تان....
[26]
ٿلهه: مٺا مرسل، اجها انور! ڪريو اڄ داد مون
دلبر!
1. ’فڪان قاب قوسين او ادنيٰ‘ چيو پاڻ ڌڻي
پرور،
رب راضي ٿيو رسول تي، ڏيهن جو ڏاتر.
2. امت ڇڏائي آيو پنهنجي، پاڪ پيارو پيغمبر،
شفاعت شفيع ڄام تي، موليٖ ڪئي مقرر.
3. فرزند بيبيءَ فاطمہ، شبير ۽ شبر،
ملندا مون مشتاق کي، غم لاهين گوندر.
4. عاصي عبدالرؤف چئي، وارث! ڪجائين ور،
پويان دم پڄائيين، ڪلمي جي آڌر!
[27]
ٿلهه: نالي موچارو، سو گهوٽ محمّد الله ملايو،
نالي سونهارو، سو مير محمّد موليٰ ملايو.
1. پرين پنهنجي ڏيهڙي، هن سائل کي اوهين
سڏايو،
نالي خدا يا مصطفيٰ، منهنجي وير دل وڌايو!
2. سرڪي هن شراب جي، مونکي چرٽي منجهه چکايو،
پريَم! پنهنجي هٿن سان، باهه برهه جي
وسايو!
3. اول چٺي ايمان جي، منهنجي لوح قلم ۾
لکايو،
منجهان لوح محفوظ جي، منهنجون مديون
ميٽايو!
4. عاصي عبدالرؤف جون، سي ته پرور سڀ پڄايو،
ڪلمي ساڻ ڪريم جي، منهنجا پويان دم پڄايو!
[28]
ٿلهه: جيءُ جيءُ محمّد مصطفيٰ! آنٌ تي لک سلامن
جا.
1. مير محمّد مصطفيٰ، جيءُ خاصا دوست خدا!
هردم حضرت! اوهان تي صلواتون به سدا.
2. شافع! اوهان جي شان جي آهي اعليٰ ڳالهه
اها،
خاوند خاڪ جُتيءَ جا، هو جي قادر ڪم ڪيا.
3. اسم احمد! تنهنجو، منجهه ’ياسين‘ ۽
’طٰہٰ‘،
’انا فتحنا لڪ فتحا‘ تنهنجص سيّد ساراها!
4. مقدس واديءَ ۾ موسيٰ کي، ٿيو فخرئون
فرمانا،
عرش عظيم تي جتيءَ سان ٿيو احمد همراها.
5. ’رب حبلي امتي‘ جت منگندا موليٰ کان،
عاصي عبدالرؤف جي ڪج واهر ان ويرا!
|