حيات شاهه ”حافظ“
[سيد محمّد حيات شاهه ”حافظ“ ولد سيد عالم شاهه
سنه 1875ع ڌاري، ضلعي جهنگ پنجاب ۾ پنهنجي ناناڻي
ڳوٺ ۾ ڄائون ۽ اُتي ئي نپنو ۽ سمجهه ڀريو ٿيو.
ٿوري وقت کان پوءِ اتان لڏي وڃي تخت هزارا جي
ڀرسان پنهنجي ڏاڏاڻي ڳوٺ سعيد پور ۾ رهيو. ڪن سببن
ڪري ڏاڏاڻو ڏيهه به ڇڏي سموري هندستان جو سير ڪندو
رهيو. اٺاويهن ورهين جي ڄمار ۾ مارواڙ جي بالوترا
نالي ڳوٺ ۾ سخت بخار ۾ مبتلا ٿيڻ ڪري اکين جي نور
کان محروم ٿيو. سنه 1910ع ڌاري سنڌ ۾ پير پاتائين،
۽ ڪوٽڙي ۾ ميين جي جامع مسجد ۾ اچي ٽڪيو، جتان سنه
1913ع ۾ حيدرآباد ۾ اچي رهيو ۽ اتي ئي 26 ڊسمبر
1955ع تي وفات ڪيائين. سندس ڪلام ۾ نظم، غزل،
مداحون ۽ مولود مشهور آهن.]
[1]'
ٿلهه: ڪير رسي ڪُنيَت کي، ڪنهن جو آهي قدر،
ڌاران مير منور.
1. آگي احمد ڄام لئي، ڪيڙو پاڻ پڌر،
لاءِ نبيءَ لولاڪ، ٿيڙو ڇٽ ڇمر.
2. حضرت موسى محو ٿيو، هڪڙي نُور نظر،
ٿيڙو شان شفيع جو مازاغ البصر،
3. معجزا انۡهنجا مصطفى! آهن سُڃ جو ثمر،
مٿي ڪوٺ ڪريم جي، آيا حجرو شجر.
4. پڙهو صلوات رسول تي ”حافظ“ شام و سحر،
ڪين ڇڏيندو ڪارڻي، حامي روز حشر.
[2]'
ٿلهه: پڙهو صلواة سرور تي، اطهر آل انور تي،
1. ڄائي احمد ڄام جي، ڪنبيو ڪل ڪفران،
سيّد آئي ٿيو سوجهرو، شافع سندو شان،
مشرق مغرب ٿر بر تي.
2. التّحيات لله سان، بت ڀڄي ڀورا ٿيا،
سرخرو اسلام ٿيو، لٿا شڪ گمان،
وڳا دماما در در تي.
3. لا اِلٰہ اِلا الله، سڀڪي ٿيا سامان،
مرسل جڏهن معراج ويو، راضي ٿيو ربّ رحمان،
ملي شفاعت انور کي.
4. لا اِلٰہ اِلا الله، شافع سندو شان،
”حافظ“ عاجز ڇا ڪري، اوهان جو باب بيان،
ناهي طاقت نوڪر کي.
[3]
ٿلهه: سيّد اَنهنجي شان ۾ آيو قرانا، لٿو فائق
فرقانا.
1. سرور اُنهنجي صفت ۾، ٿيا هاتڪ حيرانا.
وارث واصف اُنهنجو، آهي صاحب سبحانا.
2. شرف اوهان جو يا شفيع! ڄاڻي دائم ديانا،
ناهي ذهن زبان کي، ڪي ڪري بيانا.
3. حورون ملائڪ ديوَ پريون، توڙي آدم
اِنسانا،
سج، چنڊ، تارا، ڪتيون، تو لئي جڙيو جهانا.
4. ”حافظ“ عاصي حضرتا! آهي ناقص نادانا،
ڪجو محشر ماڳ ۾، تنهن جي اوکي آسانا.
[4]
ٿلهه: ڪرم ڪيا مان قادر، برڪت محمّد مير جي،
لٿا غم گوندر.
1. هٿن سان کَکي ٿي ڏني سائل کي سرور،
کَکيءَ مان کير ٿيو، قدرت رت ڪيو گوهر.
2. اعرابيءَ عرض ڪيو، احمد کي ان پر،
دلبر جي دعا سان، بر وٺا جهنگ جهر.
3. ڪامل ايئن ٿي چيو نرمل نُور نظر،
شيهي مان سون ٿيو، پيارو ٿيڙو بشر.
4. ”حافظ“ سينَ هڻي گهري توکان پاکر،
خير گهري ٿو خير سان، داتا! تنهنجي در.
[5]
ٿلهه: حسن تنهنجي کي سڪن سڀ ٿا سڄي، سنسار ۾،
عشق تنهنجو بحر بر، جنّ و بشر، نر نار
۾.
1. گل گلابي موتيو، رابيل ٽانگر ٿا سڪن،
ياسمين و نسترن ۽ ديد تنهنجي هار ۾.
2. قرب مان ڪوئل ۽ قمري، پرت مان چيها چَتون،
بات تنهنجي برهه جي بلبل سندي منقار ۾.
3. مصر مسقط فارس ۽ مقياس مغرب روم شام،
بلخ بصرو ۽ بخارا هر طرف بلغار ۾.
4. ڇا ڪندو ”حافظ“ گداگر، سيّدا! تنهنجي صفت،
جو وڪامي ويو ڪڏهانڪر برهه جي بازار ۾.
[6]
ٿلهه: توتي مولى مهربان، ڪامل! رسج قيام ۾.
1. تنهنجي ڪري ڪارڻي، ٻئي جڳ جڙيا جهان،
صدقي تنهنجي سيّدا! آهه راحم ٿيو رحمان.
2. عيسى، موسى، آدم نبي، تنهنجي حب ۾ هئا
حيران،
اڳيان پويان ٿيندا تمام، تن سڀني ۾ تون
اڳوان.
3. حورون، پريون، مَلڪ سڀئي، جنّ و بشر
حيوان،
ظاهر باطن ذوق ۾، تو لئي مڙيا مستان.
4. ”حافظ“ تنهنجي حب ۾، دلبر ٿيو ديوان،
دين ايمان عفو عصيان، دانهه ڏيارج دان.
[7]
ٿلهه: غور ڪر غمگين جو، سوال سڻ مسڪين جو.
1. عشق اوهان جي يا نبي! چوريٖ ڪيس چريو،
ڦوڙائي فراق جو من تي مچ ٻَريو.
2. حضرت! هن حقير تي، اچي نرمل نظر ڪريو،
مشڪل ۾ محتاج تي اچي حضرت! هٿ ڌَريو.
3. اچي تو در عربي سائين! جيڪي جن گهُريو،
اهوئي ان کي مهر مان توکان سرور ترت
سَريو.
4. ”حافظ“ کي ديدار جو دهرو دان ڏيو،
فائق! هن فرياد جو وهلو داد ڪجو.
[8]'
ٿلهه: مونکي ڇڏي ويا مون پرين، ڪهڙي سانگ ويا.
1. سڪندي سرور ڄام لئي مونکي سال ٿيا،
هئي هئي هيڏا ڏينهڙا پريم! ڪوهه پيا.
2. ذري ڀر ڪونه ڪي ڪنهن سان سڱ سياءُ،
وجهان آءٌ لالڻ ڪاڻ لڪن ۾ ليا.
3. بيوس آهيان بر ۾، ڪو ٿو جاڙ جيان،
اُڀو نهاريان عرب ڏي، نڌر نيڻ ٿيا.
4. ”حافظ“ اوهان جي ملڻ لاءِ جيڪي وس ڪيا،
سي سڀ چوندس روبرو، آهيم آس اِها!
مير حسن چانديو
[حاجي مير حسن چانديو، ڳوٺ ٻيلائي، لڳ قنبر ۾ سن
1901ع ڌاري ڄائو. سندس ڪلام ۾ مولود ۽ معجزا مشهور
آهن. ڇاونجاهه ورهين جي ڄمار جي عمر ۾ سنه 1956ع ۾
وفات ڪيائين.]
[1]'
ٿلهه: جڏهن پاڻ پيدا ٿيو، عالم ٿيو اظهار.
1. طہٰ يٰسين تنهنجي شان ۾ نازل آهن نروار.
2. ايڏو آجهو آسرو، امّت جو آڌار.
3. ڄائي تنهن ڄام جي، ڀڳا ڪوٽ ڪفار.
4. حامي هن حسن کي، ڏيو دلاسو دلدار!
[2]
ٿلهه: مظهر نور خدا، احمد امين پيدا ٿيو،
حسن حق جو حق تجلوّ بر زمين پيدا
ٿيو.
1. سونهن سرور جي ڏسي، مخلوق سڀ حيران ٿي،
ويس صورت ۾ سمايو، باليقين پيدا ٿيو.
2. جن سڃاتو شاهه عربي، سي سڀئي مخمور ٿيا،
تن پروڙيو پاڪ پرور، مہ جبين پيدا ٿيو.
3. سچ بشر جي آهه نسبت، مظهر مٺي محبوب سان،
در حقيقت حق معيّت، نازنين پيدا ٿيو.
4. هن مٺي محبوب جهڙو، عالمن ناسوت ۾،
جنهن جيهو پيدا نه ٿيو سو، مہ جبين پيدا
ٿيو.
5. سر ڪيا صدقي جنهين، گهر ٻار گهورييا ڇا
چوان،
ٿي ويا قربان سڀ، پرور پرين پيدا ٿيو.
6. ناهه طاقت ڪا بشر کي، سونهن سرور جي سچي،
سو ”حسن“ ظاهر ڪري، محمّد امين پيدا ٿيو.
[3]
ٿلهه: تجلي نور نرمل کان ٿيو ڪون و مڪان پيدا،
زمين پيدا انهيءَ کان ٿي، ٿيا سڀ آسمان
پيدا.
1. ڌڻي ٻيو ڪونه ڪو ڪيڙو، مـٺي مرسل جيهو
پيدا،
جنهين جي جوڙ جي سببان، ٿيون سارو جهان
پيدا.
2. نه هو آدم نه هئي حوا، نه هئي ڪا جوڙ هن
جڳ جي،
سبب سهڻي سڄڻ سرور، ٿيو سارو جهان پيدا.
3. نه هئي ڪا ڀونءِ دوزخ جي، نڪا جنّت نشاني
هئي،
نه حورن جو قصو هو ڪو، نه هو نام و نشان
پيدا.
4. ڌڻيءَ جي خود خدائي جي، نه پڌرائي هئي
ڪائي،
تڏهن ظاهر ظهورو ٿيو، جو ٿيو فخرِ زمان
پيدا.
5. نه عرش جو ظهورو هو، نه هئا مظهر سندا
ظاهر،
ڪنائي ميم محمّد جي، جو ٿيا پڌرا نهان
پيدا.
6. سڄڻ جي حسن تان ٿيندو، حسن قربان لک ڀيرا،
مٿان محبوب مرسل جي، جو ٿيو نالي نشان
پيدا.
[4]
ٿلهه: عالم جا آڌر، رس رسول الله! سونهن ڀريا
سرور!
ڏينهن جا ڏاتر، اچ الله لڳ عربي، دوست مٺا
دلبر!
1. سورة سبحان الذي، حمد چون هر هر،
ملڪ مڙئي تسبيح ۾، آڳاٽو انور.
2. آگي توکي آڻائيو، ٻاجهارل ٻيهر،
مرسل! هل معراج تي، توکي پاڪ سڏيو پرور.
3. حاجيءَ کي ته حضور ۾، نيو ٻاجهارا ٻيهر،
پرين پاڙي پنهنجي ڏيو قربدار قبر.
4. مولى! هن مسڪين تي، ڪريو نيڪ نظر،
زيارت پنهنجي ڪرائيو حسن کي هر هر.
[5]
ٿلهه: نور نرمل سڀ نبين جو، مٺو مهندار آهي،
مير مرسل مصطفى، اڙين سندو آڌار آهه.
1. ڏينهن قيامت جي نبي، نفسي سڀئي ظاهر ڪندا،
ات نبي ايندو شفيع، امت سندو آڌار آهه.
2. ڀوء قبر قيامت سندو، لاهي ڇڏيو سڀ اُمتي!
قول جو سچو نبي، سچ سندن اقرار آهه.
3. رحمت اللعالمين، لائق لقب پرور ڏنو،
واعدو ’ولسوف‘ جو، وهه واهه اهو منٺار
آهه.
4. ’والضحى واليل‘، ’يٰسين‘ ۽ ’طہٰ‘ تعريف ۾،
ٿيو نبيءَ جي نور جو، وهواهه اهو اظهار
آهه.
5. حق پرستن جي حمايت، هو ڪندو روزِ جزا،
بيوسن جو ڀرجهلو، سرور سچو سردار آهه.
6. مصطفى ٿيو مهربان، اُمت مٿئون احمد نبي،
ٿي حمايت اي حسن قرآن ۾ نروار آهه.
غلام رسول جتوئي
[مولوي غلام رسول جتوئي، محراب پور ضلعي خيرپور ۾
1897ع ڌاري ڄائو. عربي ۽ فارسي جو ڄاڻو هو. وڏو
زميندار هو. ديني خير جي ڪمن ۾ گهڻو حصو وٺندو هو.
سندس ٺهرايل مسجد ۽ مدرسو محراب پور ۾ موجود آهن.
سنه 1957ع ڌاري وفات ڪيائين. سندس چيل مولود ۽
خطبا مشهور آهن.]
[1]'
ٿلهه: پيغمبر ڄايا، ربّ دا رايا، محمّد آيا.
1. الله اچي ظاهر زبان، ڄمندي ڄام اَلايا.
2. آون مَلڪ ڏيون مبارڪان، حوران چُم چُم
چايا.
3. جبرئيل دي هٿئون مرسل دا، پرور پينگها
جهُلايا.
4. غلام رسول آکي غم ڳيا، جڏانهن پير پيغمبر
پايا.
[2]'
ٿلهه: شڪر معراج تو ماڻيو موچارا يا رسول الله!
ڪيو تو سير سبحاني، سوڀارا يا رسول الله!
1. چڙهين گهوڙي بهشتي تي، اڳيون جبرئيل ٿيو
پيادو،
هليو ٿي پيشوا تنهنجو، پيارا يا رسول
الله!
2. فلڪ تي مَلڪ ٿي بيٺا، اوهان لئي منتظر
مرسل!
پڙهن صلوات سڀ توتي، سونهارا يا رسول
الله!
3. لنگهي تون عرش تان پهتين، خدا جي خاص خلوت
۾،
خدا خوش ٿي ڏسي تنهنجا نطارا يا رسول
الله!
4. پري ٿيو ميم جو پردو، پيهي وئين احد ۾
احمد!
عطا ٿيو قرب قريشيءَ کي، ڪوهيارا يا رسول
الله!
5. اوهان جي گفتگو غيبي، ”جتوئي“ ڪٿ ڀلا
سمجهي،
ڳالهايو پاڻ ۾ مخفي، اشارا يا رسول الله!
[3]
ٿلهه: معراج تي اڄ رات پيارو، مير مرسل تيار آ،
پيشرو جبرئيل پيادو، گهوٽ گهوڙي سوار آ.
1. ويو جڏهن آسمان چوٿين تي، ڏسي عيسى چيو،
هن مٿي ڪلمون پڙهيو مون، هي منهنجو سردار
آ.
2. بهشت ۾ جڏهن ويو، حورن پڇيو هي ڪير آ؟
مَلڪ فرمائڻ لڳا، خاصو خدا جو يار آ.
3. پاڪ در ۾ پير پاتائين، ڏسي پرور چيو:
اچ منهنجا محبوب اوري، هيءَ تنهنجي دربار
آ.
4. خاص خلوت ۾ خدا سان، مير ملاقاتون ڪيون،
’واهه التحيات لله‘ ٿي سندن کينڪار آ.
5. غم ”جتوئي“ ڇو ڪرين، آهين تون غلام رسول
جو،
حشر ۾ شافع محمّد مصطفى مختار آ.
[4]
ٿلهه: تنهنجي جوت جمال ڪمال مٺا!، يا حبيبِ خدا
يا رسولِ خدا!
ڏسي شمس و قمر شرمسار ٿيا، يا حبيبِ خدا
يا رسولِ خدا!
1. تون خوب خدا جو محبوب مِٺو، توکي عرش
آڻائي الله ڏٺو،
سگهيو جالي تو کؤن ڪين جُدا، يا حبيبِ خدا
يا رسولِ خدا!
2. قرب تنهنجو قوسين کؤن اعلى، قدر تنهنجو
ڪونين کؤن بالا،
ڇا ڪريان اڄ توتان فدا، يا حبيبِ خدا يا
رسولِ خدا!
3. توکي قادر شاهه شفيع ڪيو، تنهنجو رتبو ربّ
رفيع ڪيو،
تنهنجي در جا نبي ولي گدا، يا حبيبِ خدا
يا رسولِ خدا!
4. جبرئيل تو لئي قرآن آندو، ساري عالم توتي
ايمان آندو،
تنهنجا معجزا نَو لک نَور هدى، يا حبيبِ
خدا يا رسولِ خدا!
5. آءٌ تنهنجو غلام رسول آهيان، هِت محراب
پور ۾ ملول آهيان،
سڪي مُلڪ مديني لاءِ ساهه سدا، يا حبيبِ
خدا يا رسولِ خدا!
[5]
ٿلهه: تنهنجي حُسن شبيهه مليح مٿان، حيران
هزارين، مان نه رڳو،
پير پيغمبر شاهه و گدا، قربان هزارين، مان
نه رڳو.
1. تون نُور خدا جو آهين عڪس، تون آهين سراپا
نُور سندس،
ڏسي توکي ويا ٿِي ڪئين بيوس، انسان
هزارين، مان نه رڳو.
2. حُسن تنهنجي جي هڪڙي جهلڪ، ڏينهن رات ڦِرن
پريشان فلڪ،
حورون ديو پريون ۽ جنّ مَلڪ، مستان
هزارين، مان نه رڳو.
3. ڏسي توکي ٿي شرمندي بجلي، جهلي ڪير سگهي
تنهنجي تجلي،
ڪئين پتنگ مثل ويا جوان جلي، خود خان
هزارين، مان نه رڳو.
4. تنهنجو شان وڏو ڪيو آهي خدا، تو تؤن ساري
خدائي آهه فدا،
تنهنجي در جا غلام رسول سدا، سلطان
هزارين، مان نه رڳو.
[6]
ٿلهه: شڪر صد بار ساماڻو، سچو سردار امّت جو،
مدد تنهن سان ٿيو، مولى، مٿس ڪُل بار امّت
جو.
1. ڏنو ’ولسوف‘ جو وعدو، محمّد مير کي مولى،
لٿا سڀ خوف ۽ خطرا، ويو آزار امّت جو.
2. قيامت ڏينهن سڀ ڪَهندا، نماڻا ٿي نبي
نفسي،
ڇڏيندو ڪين اُت احمد، اجهو آڌار امّت جو.
3. ڏني سڀ دين دنيا جي، آگي احمد کي اختياري،
سندس نالي تان سر گهوريان، آهي غمخوار
امّت جو.
4. ڪري سائين کي سَو سجدا، محمّد امتّي
پنهنجا،
سڀئي باري کان بخشايا، آهي سالار امّت جو.
5. نه آهي غم گناهن جو، غلام رسول آهيان جو،
جو شافع ساري دنيا جو، مٺو مهندار امّت
جو.
[7]
ٿلهه: وهواهه نبي اسان جو، حق جو حبيب آهي،
هر امتي انهي جو، ٿيو خوش نصيب آهي.
1. مشتاق آ سدائين، مولى سندس ڏسڻ لئي،
سارو جهان عجب ۾، اهڙو عجيب آهي.
2. لحظي ۾ ٿو ڇڏائي، لک درد مير مرسل،
عسيٰ رهيو عجب ۾، اهڙو طبيب آهي.
3. مالڪ سڄي جهان جو، هن فرش آسمان،
کائي جَوَن جي ماني، اهڙو غريب آهي.
4. بيزار هڪ ٻئي کان، محشر ۾ ٿيندا مائٽ،
رسندو اتي به مرسل، اهڙو قريب آهي.
5. ڪو غم نه ڪر ”جتوئي“، دنيا ۾ آخرت جو،
هِت يا هُتي اسان جو، نُوري نجيب آهي.
[8]
ٿلهه: مبارڪ جي هر جاءِ ٿي مُلڪن مَنادي،
ڄائو مير مرسل مڪي ۾ ٿي شادي.
1. هو جنهن رات ڄائو پيارو محمّد،
ڄميا عورتن کي انهي رات فرزند،
ٿيا اولياءَ سڀ، وسايائون گادي.
2. ڏنا ڏينهن جيان ٿي انهي رات تجلا،
ڏٺا شام ۾ ٿي مڪي جا محلا،
لٿا درد دل تان، وئي نامرادي.
3. وٺا مينهن مٺڙا، ٿيا واهه جاري،
خزان جو ويو وقت آئي بهاري،
وئي هر طرف ٿي عرب ۾ آبادي.
4. اچي زلزلا ڪوٽ ڪسرى ۾ پيڙا،
ڪفارن سندا بُت ڀڄي ڀور ٿيڙا،
دنيا مان ڪفر جا فنا ٿيا فسادي.
5. چئي مومنو سچ سخن ٿو ”جتوئي“،
قبر، موت، محشر سندو غم نه ڪوئي،
پڙهو پاڪ ڪلمون ڪري دل ڪشادي.
[9]
ٿلهه: مومنو! اڄ آهي مجلس مصطفى مختيار جي،
درد مان دمدم پڙهو، صلوات تنهن سردار جي.
1. حسن حضرت جو هئو، تجلو خدا جي نُور جو،
شرمنده ڏسندي ئي ٿي تجلي مہ انوار جي.
2. آئي حضرت هاشمي، هر جاءِ زمين و آسمان،
ٿي ويئي آهي مبارڪ، تنهن مٺي منٺار جي.
3. ڄام ڄائي ڪافرن جا بت ڀڄي پرزا ٿيا،
سڀ پيا ڊهي محلات، بربادي ٿي ڪفار جي،
4. اصل کان غلام رسول آهي گولو در گاهه جو،
ٻانهن پهتي توکي پيغمبر! ٻانهيءَ جي ٻار
جي.
شفيع محمد ”هاتف“
[مولوي شفيع محمد ”هاتف“ جلباڻي، ڳوٺ مَسوُ جلباڻي
تعلقي ميهڙ جو ويٺل هو. عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم
روهڙي وارن بزرگن وٽ حاصل ڪيائين، طب سان خاص
دلچسپي هئس، ’ٿرڙي محبت‘ ۾ شفاخانو پڻ کوليو
هئائين. اٽڪل روءِ سٺ پنجهٺ ورهين جي ڄمار ۾ 19-
ذوالحج 1377 هه/ 18- جولاءِ 1957ع تي وفات
ڪيائين.]
[1]'
ٿلهه: خدا خوش ٿيا تيڏي ڄاوڻ تؤن،
مين قربان وڃان تيڏي آوڻ
تؤن.
1. ڄايا مٺا نرمل نور نبي، جنهن دا نانُء
رکيا محمّد عربي،
عرش پاڪ ٿيا قدمين چاوڻ
تؤن.
2. ڄائي تُساڏي ٿِي روشنائي، ڪل ڪفر دي ڳَئِي
سڀ وائي،
مڪہ روشن ٿيا تو سماوڻ
تؤن.
3. ڄائي تُساڏي ڇُٽي سڀ عاصي، ضامن ٿي آيا
محمّد شافي،
ڇٽي امّت ڪلمي پڙهاوڻ
تؤن.
4. شفيع محمّد چئي ڄايا، لولاڪ دا ڇٽ صاحب
جهُلايا،
راضي ربّ ٿيا سجدي نماوڻ
تؤن.
[2]
ٿلهه: مولى! ميل ماهه منوّر، سونهن سڀن جي
سلطان.
1. داغ دوستن جي داڳِي آهيان، واڳ ورهه جي
واڳي آهيان،
لنءُ لنءُ ۾ وڌئي
لغام.
2. تار طلب جي تن ۾ تنواري، اور عشق جي آڌيءَ
اٿاري.
دلبر دل کي وڌئي
دام.
3. آگا نيج تون عرب ولايت، ساٿ مڙوئي ساڻ
سلامت،
شال پسندس شوقئون
شام.
4. شوق ”شفيع“ کي ڪيڙا شعلا، مير مڪي جو ميلي
مولى،
آگي کان گهر اهو
انعام.
نصير محمد
[1]'
ٿلهه: آءٌ جا چمنديس چانئٺ رسول جِي، نايو نيڻ
ڌري.
1. جلي کامي جندڙو، منجهان سِڪَ سڙي،
عشق احمد ڄام جو، منجهان مچ ٻري.
2. وس نه ويچاريءَ جو، هاڻي ڪيئن ڪري،
جهڙي تهڙي حال سان، لڳنديس پرينءَ ڳري.
3. سوگهو سپرين ڪيو، منهنجو جيءُ جڙي،
دعا ڪريو جيڏيون! پل نه ٿيان آءٌ پري.
4. نصير محمّد چئي ان پار جو، من ڪو واءُ
وري!
گهوريو گهوريان جندڙو، صدقو ساهه ڪري.
الياس
[1]
ٿلهه: ڪنهن پر ڪيچ ڌڻين، منهنجو حال چئجان، نيئي
پيش پرين.
1. ڪشتي ڪارونڀار ۾ جت لهريون لک لڳن،
ٻيڙا اُڪارج ٻاجهه سان تاري تنهنجي تڳن.
2. اڳيان اونداهي اوجهرو، من سيّد شفا ڪن!
اتي رسجئين هاشمي! جت ٿيندي ڀيڙ ڀتين.
3. ڪريان پيرن پنڌڙو، ڏسان ماڳ مدين،
ڏسان شال اکين سان چمان چانئٺ چپن.
4. عيبن ڀرئي الياس کي مَن پاڙي پنهنجي ڪن،
ڪلمي ساڻ ڪريم جي پويان دم پڄن.
امانَ الله
[1]'
ٿلهه: تون آن ربّ سندو دلدار نبي،
توکي مولى ڪيو مختيار نبي.
1. مير مرسل! توجِهو پرور نه ڪو پيدا ڪيو،
سڀني نبين کان وڌ شرف تنهنجو ٿيو،
جڳ ساري جو سردار نبي.
2. ساراهه تنهنجي سيّدا! قادر ڪئي قرآن ۾،
يٰسين، طٰہٰ ۽ فتح ٿي تنهنجي شان ۾،
ايڏو رتبو ڏنو ڏاتار،
نبي.
3. برّاق بهشتي تي چڙهي معراج وئين تون
سيّدا!
جنتّي پوشاڪ پهري تون آئين عربي اَجها!
سهڻا سرس ڪيا، سينگار
نبي.
4. جيءُ، ’سبحان الذي‘ عرش مٿي وئين احمدا!
خاص خلوت ۾ خدا سان ٿئين ملاقي مصطفى!
وڃي درس پسيو ديدار نبي.
5. ڏينهن محشر ۾ جتي نفسي نبي سڀئي ڪندا،
ات امان الله عاصي جي ڪجو عربي! شفا،
ڇو ته آهيان گهڻو بدڪار،
نبي.
[2]
ٿلهه: سردار سڀن جا، اُنۡ کي ٿا لک سڪن.
1. مند ٿي، منڊل وڄيا پرين ٿا پسجن،
ڦوڙائي فراق جا شل وچان ڏينهن وڃن.
2. سائي لونگي ڪر تون منجهه ڪُلهن،
آتيون عجيب کي ڏسيو خوش ٿين.
3. بُکيا روجهه برن ۾، آهوُ اُڃ مرن،
حرمت ساڻ حبيب جي پاڻي پوڄ پين.
4. اکيون امان الله چئي، شافع شال پسن،
ساڪن منهنجا سپرين مير مديني رهن.
انيس
[1]'
ٿلهه: آهي ربّ سندو توتي راز نبي!
آهي اُمت جو توتي ناز نبي!
1. ياسين، طٰہٰ، فتح ۾ ڪئي خدا تنهنجي ثنا،
بلڪ آ قرآن ۾ تعريف تنهنجي جابجا،
توسان پاڻ ڌڻي دمساز نبي.
2. توريت ۽ انجيل ۾ تنهنجي بشارت بار بار،
حورون مَلڪ، جنّ و بشر، عرب و عجم توتان
نثار،
تنهنجي صفت جو نه انداز
نبي!
3. ڏينهن حشر جي ڏڪي نفسي پوڪاريندا نبي،
لاءِ شفاعت جي اڳيئون تو بيهاريندا نبي،
ايندين ٻُڌي اُمت جو آواز
نبي!
4. واعدو ولسوف جو تنهنجي ثنا ۾ ٿيو صفا،
جنهن پڙهيو ڪلمون نبي تي، معاف سڀ تنهن جي
خطا،
ورتو وعدو اهو ڪري نياز
نبي.
5. انيس عاصيءَ جو مِٺا! توتي سڄو ئي بار آ،
هڪ گناهن ۾ گتل، ٻِي سخت هُت سرڪار آ،
اچي پاڻ نڌر کي نواز نبي!
بدر
[1]
ٿلهه: نبي! شان اوهان جو لک وار ٿيو، نبي! نُور
اوهان جو نروار چوان.
1. عجب نسب لولاڪ ٿيو، تنهنجو حسب نسب سڀ پاڪ
ٿيو،
توتي عالم سارو مشتاق ٿيو، توکي غمن سندو
غمخوار چوان.
2. توکي احمد چوان يا محمّد چوان، ڪي ڪريم
چوان يا شفيع چوان،
تنهنجو خلق عظيم سڀن کان چوان، توکي خاص
يتيمن جو يار چوان.
3. تنهنجي ڄمڻ سان بُت ڪرڻ لڳا، ڪلمو اشهد سڀ
پڙهڻ لڳا،
قلعا ڪسرى جا سڀ ڪرڻ لڳا، توسان پرور جو
ڏاڍو پيار چوان.
4. ٿيندي شفاعت تنهنجي عام نبي، ٿيندي روز
محشر قيام نبي!
هي بدر پرتئي مدام نبي، توکي عاصين جو
آڌار چوان.
بلاول
[1]'
ٿلهه: محمّد آئي سودا ٿيا سجايا وي،
سودا ٿيا سجايا وي، جنهن دي صورت تجلا
لايا وي.
1. اول صديق، عمر، عثمان، حيدر شاهه همارا
وي،
چارئي يار رسول دي، قوّت منجهه قرارا وي.
2. ري ٿنڀين ري ٿوڻئين جت آڳي عرش بنايا وي،
قادر آپڻي قدرت سين موليٰ منڊل مچايا وي.
3. حورون پريون حيران ٿيون جت شمس و قمر
شرمايا وي،
پسي حُسن حبيب دا، ڪُرسي ڪنڌ نمايا وي.
4. بلاول آکي پاڻ ڀلينۡ دا آگي عزّ وڌايا وي،
سال سڪياسون ٿي جن لئي، موليٰ محب ملايا
وي.
پريل
[1]
ٿلهه: مير مديني جو ڄام، الله کڻي آندو،
ضعيفن جو ضمان، مولى کڻي ميليو.
1. قد ڪريمن جي مَٽ، جيڏيون! سَرو سنَوت ۾
ناهي،
ڇوڙي زلف خجل کٿوري، مشڪ ختن جو هت ڇاهي!
برهه سندو بستان، الله
کڻي آندو.
2. آهون ڪيون وڌ عين عجيبن، نازڪ نڪ نوراني،
جوڙ جنين گل نه گلابي، پاڪ سندن پيشاني،
صورت جو سلطان، الله کڻي
آندو.
3. جانب! جن جي هينئڙي ۾، جيءَ اندر جهوري،
سو دلدار دل منهنجي جو، جن لئي هيڙس
گهوري،
مون وٽ مهمان، الله کڻي
آندو.
4. اڄ عجيب اڱڻ منهنجي آيا، ڀال ڀلي جا ويٺي
ڀانيان،
پريل چئي تن ته پرين تؤن، مان ڪهڙي گهور
گهمايان،
ساهه ڪريان قربان، الله
کڻي آندو.
[2]
ٿلهه: مرسل مسڪينن کي اچي عيد ڪرائي،
سڄڻ پرين شل پاڻ پسائي.
1. پگهر پيش پرين جو، مثل آهي کنڊ،
سو سپرين سج هو، چوڏس وارو چنڊ،
تڪرار اتي ڪو آهي.
2. ويٺڙي آهيان واٽ تي، اهڙو ئي به الله،
اڱڻ اَسروند جي مير محمّد شاهه،
ڀلي اچي پير گهمائي.
3. پار لنگهائيندو پاتڻي، منجهون سير صراط،
اچي عاصيڙن کي، سيّد ويل سڪرات،
شل ڪلمون پاڪ پڙهائي.
4. ايندس امر الله جو، قدسي منجهه قيامت،
مير محمّد مصطفى، احمد پنهنجي امت،
ڀلي ڇيهن کؤن تي ڇڏائي.
5. بخت سندوم بلند هو، ستارو به سولو،
پنجتن جو پاجي آهي پريل ويچارو،
سندن سگ ٿو سڏائي.
پروان
[1]
ٿلهه: شڪر الحمد اڄ عربي، اَڙين آڌار ٿي آيو،
مٺو مرسل محمّد مصطفى، مهندار ٿي آيو.
1. ڍڪيو تنهن تاج نوراني، ڪيائين سير سبحاني،
سريس اقبال نوراني، سڀن سردار ٿي آيو.
2. وڳا حورن پرين پايا، ملائڪ سڀ ملڻ آيا،
بڪارين باغ برسايا، حسن هٻڪار ٿي آيو.
3. سڏائي عرش تي اعلى، مليو تنهن ساڻ خود
مولى،
ڀلي جو بخت ٿيو بالا، عجب اسرار ٿي آيو.
4. پيارا پاڪ پيغمبر! مِلو پروان سان ڪنهن
پر،
اوهان جي در مٿي دلبر! آهيان پينار ٿي
آيو.
[2]
ٿلهه: مٺو محبوب منوّر، دل جو دلبر، اَجهو يار
اَنور،
ڏسان شال مدني، مديني شهر ۾.
1. ڏسيو ڏيهه ڏوريان، وڃي حال اوريان،
مڏيون مال گهوريان، اٿم جيءُ اندر ۾.
2. مليس تاج طٰہٰ ۽ واليل، والضحى،
ولسوف يعطيڪ هوندو حشر ۾.
3. ڀري جام دمدم، پيان پاڪ زمزم،
لهي سڀ وڃن غم، سٺم جي هجر ۾.
4. پيغمبر جو پروان، آهيان در جو دربان،
ڪريان جان قربان، نبيءَ جي نظر ۾.
پرهياڙ
[1]
ٿلهه: وڃان ڏِسيون ڏونگر ڏوري، رسول الله جي در
تي،
ڪريان قربان سِر گهوري، رسول الله جي در
تي.
1. خدايا! منهنجي قسمت ڪر، حبيبِ پاڪ انور
ڏي،
گذاريان عمر سڀ باقي، سيّد سالار جي در
تي.
2. گداگر ٿي گذاريندس، مديني پاڪ منوّر ۾،
پِني کيندس ٽُڪر آءٌ، سخي سرڪار جي در تي.
3. خدايا! شل ٿيان خادم، مٺن ماڻهن مديني جو،
نماڻو ٿي رهان نوڪر، سچي سرڪار جي در تي.
4. پساهه پرهياڙ جا پويان، پڄن شل پاڪ پڃري
وٽ،
مران شل مان مديني ۾، مٺي منٺار جي در تي.
پير شاهه
[1]'
ٿلهه: ڪرسي وڇاوڻ وڇايو، معراج محمّد آيو.
1. پرين پيغام پاڻ مُڪا، واحد وحي هلايو.
2. مٿي براق، نبي هسوار ٿيو، اَنٌ کي ربّ
گهرايو.
3. نعلين سان عرش اُتي، اَنٌ کي صاحب ڪوٺايو.
4. پير شاهه پينار پرين جو، محبت مينهڙا
وسايو.
[2]
ٿلهه: پسي معجزا مرسل جا، ڪافر ڏسي ٿيڙا ڦِڪا.
1. هڪ هٿ ۾ لعلون هيون، ٻئي هٿ ۾ موتي سچا،
ابوجهل کي ڏک ٿيو، وٿ وئي جنهن جي هٿان.
2. ٻڌندي قمر اڌ ٿيو، ڄايون کجيون ٿيڙا ڇڳا،
هرڻي اچي حاضر ٿي، ٻئي وٺي پنهنجا ٻچا.
3. ’صم بڪم عمي‘ درد کان لا درد ٿيا،
ڪاٺيءَ ڳالهايو تار مان، منبر چڙهيو جڏهن
مصطفى.
4. پير شاهه پني پينار ٿو، تنهن دِکايو سيدار
ميان!
هم غم وساريو مون پرين، مرسل مٺا يا
مصطفى.
[3]
ٿلهه: گل کليا گلستان، محمّد تي هئا مستان.
1. مرسل مٿي معراج ويو، باغ بهاريا بستان.
2. ناز نيلوفر ڪيا ٿي، رتن رنگ ريحان.
3. شوق شڪر ۾ شائق شبو، خيرا ٿيا خندان.
4. پاڪ گڏيو ٿي پاڪ کي، پير شاهه گهري احسان.
پيرل
[1]
ٿلهه: جس دن محمّد ڄايا، مَلڪ مبارڪ ڏيون رِل
مِل،
1. بُت آدم دي نُور نبي، مالڪ آپ رکايا وي.
2. گل گلابي رابيل نرگس، ڪيتڪي ڪُمايا وي.
چنپا، زنبق، جرڦل مکڙا، محبت مچ مچايا وي،
خجل ٿيا سڀ سوسن سنبل.
3. ’وضحى واليل‘ صفت سيّد جي، خود خدا فرمايا
وي،
’وما ارسلناڪ الا رحمة العالمين‘ آيا وي،
سڀ قرآن صفت وچ نازل.
4. جن ّ ملائڪ، حوران پريون، شمس قمر شرمايا
وي،
ڪُل عالم ڪنون افضل اعلى، عربي لقب ڌرايا
وي،
توتؤن لکها بردي بسمل.
5. تاج شفاعت شهنشاهي چُم ڪر سر تي چايا وي،
پيرل سگ تيڏي در دا، آپ ڪون آپ سڏايا وي،
دل ڦاٿي آهي دام سلسل.
حافظ
[1]
ٿلهه: اي جيءُ، مٺو مرسل مصطفى آهي مڙني منيبا.
1. مڙئي مرسل جي هئا، نيڪ نُوري نجيبا.
اهڙو ٻيو ڪو نه ڪو، جهڙو ڪامل ڪريما.
2. جهڙو احمد عربي آهي حاذق حڪيما،
اهڙو ٻُجهن ڪونه ڪو، جهڙو احمد اديبا.
3. خجل کٿوري ٿئي، پسي عرق عجيبا،
سرهو پگهر رسول جو آهي اُنهان عظيما.
4. حافظ چئي هيڻن تي ٿيندو حامي حبيبا،
لائق لنگهي تي ڪندو، ڪري لطفئون لبيبا.
حاجي سهراب
[1]
ٿلهه: محمّد مٺا! سڻ سوال مون، موليٰ اُنۡ کي
مهندار ڪيو.
1. شافع پرين اُنهنجي شان ۾، ڪئي واحد وصف
قرآن ۾،
سورت طٰہٰ، ياسين ۾، آگي اسم اظهار ڪيو.
2. خالق ڏني توکي خلق، هي زمين ۽ هي فلڪ،
اُمتي اَنهنجا جنّ و بشر، پرور توکي سردار
ڪيو.
3. باري ڀلايون جي ڪيون، شجران اچي شاهديون
ڏنيون،
پهڻن، پکين وايون چيون، ايڏو قدر ڪلتار
ڪيو.
4. عاشق سدائين عشق ۾، سرڙو فدا ڪيائون شوق
۾،
حاجي سهراب اُنهنجي حب ۾، برهه جنهن کي
بيمار ڪيو.
|