سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مولود

 باب:

صفحو :18

[1]

ٿلهه:   مصطفيٰ مرسل جي آ معراج واري رات اڄ،
                ساز ۽ سامان جي تازي تياري رات اڄ.
1.      عرش اعظم تي ملائڪ، مرحبا لئي منتظر،
        خود خدا کي آ اچڻ جي، انتظاري رات اڄ.
2.      محبتي ميدان ۾ اڄ برهه جون بوندون وسن،
        ٿي گهُلي خوش باغ ۾، بادِ بهاري رات اڄ.
3.      سر نوائي، صف ٻَڌي، بيٺا ادب سين انبياء،
        ٿي لنگهي افلاڪ کان، سرور سواري رات اڄ.
4.      سِرّ ’سبحان الذي اُسريٰ‘ جو ٿيو اڄ آشڪار،
        مام ’مازاغ البصر‘ جي، صاف ساري رات اڄ.
5.      واعدو ’ولسوف يعطِيڪ‘ پاڻ ڪيو پروردگار،
        عاصين لئي عام ٿي اميد واري رات اڄ.

[2]

ٿلهه:   قدم قريشيءَ رکيو، عرش مٿي هُل پيو،
        اڄ آيو رسول الله، ڀلي آيو بسم الله.
1.      ڄاپڻ سان ڄام جي، ڪوٽ ڪريو ڪسريٰ جو،
        شام ڏٺائون شعاع ۾، برج صفا بصريٰ جو،
        عالي اقبال سان اوج لڌائون اسريٰ جو.
2.      قدسي قبا لولاڪي، تاج سونهين طٰہٰ جو،
        خاص مُزمّل خلعت، واهه وڳو والضحيٰ جو،
        شاهه رُسل، صدر جهان، مير مڪي بطحيٰ جو.
3.      صحن سماوات جو، گلشن ٿيو گلزاري،
        شمع ٻريا شاديءَ جا، چار طرف چوڌاري،
        شاهه! تنهنجو شان و شرف، بخت بلند آ باري.
4.      مَلڪ مقرب مڙيئي خادم خاصا در جا،
        پاڪ پيغمبر سڀئي سپاهي سرور جا،
        سؤ صلواتون سلام، پرينءَ مٿي پرور جا.
5.      سائل سوين سدا، در اڳيان دلبر جي،
        عاصيءَ امت جو ننگ، مٿي تو نر جي،
        پاڪ ٿيندين پشت پناهه، حامي منجهه محشر جي.

[3]

ٿلهه: يتيمن ۽ اسيرن کي، احمد! تنهنجو آسرو آهي.
1.      اچي پهچ پرين پرور! درد تو دلدار جو آهي.
2.      پهچ پرين! هن ڪاهل کي، نيو تنهن نينهن نباهي.
3.      تڪيندي رات وهاڻي ڪير دلدار تو دل آهي.
4.      چوان حال پنهنجو، ڪري دروازي تي زاري آهي.
5.      سڪرات مون سهنجي ڪيو، تنهن وقت مون ياري آهي.
6.      چئي عاجز هي ”عاصي“ ٿو، نيو تنهن نينهن نباهي.

[4]

ٿلهه: داد ڪريو دلبر، مٺا محبوب موچارا!
1.      اشاري آڱر جي، قطع ڪَيوَ ته قمر،
                        مٺا محبوب موچارا!

2.      آهين احمد تون انور، مون دلدار ۽ دلبر،
                        مٺا محبوب موچارا!

3.      تنهنجي سڪ ۾ سيّدا! روز تڪيان راهون،
                        تون مل اچي انورا!

4.      آيس تنهنجي ڪارڻ ڪاهي، مل دردوندي کي هر حال ۾،
                        آهي درد تنهنجو دلبرا!

5.      آهيان تنهنجي آسري، مِل دلدار تون جاني!
                        آهي درد تنهنجو دلبرا!

6.      ”عاصي“ عاجز آهيان نماڻو، تنهنيج در تي دلبر وڪاڻو،
                        آهي درد تنهنجو دلبرا!

[5]

ٿلهه: پهچ پيغمبر، رهه ۾ رهبر! دلبر دوست سچارا.
1.      آ ته عاجز آهيان نماڻو، تنهنجي در دوست وڪاڻو،
                        ملي وڃ محب موچارا!

2.      ساهه سڙي ٿو، جيءُ جلي ٿو، رهبر تنهنجي راهه رهي ٿو،
                        پيو تڪيٖ ٿو نور نظارا.

3.      ملي وڃ محب اسان کي هاڻي، دلبر تنهنجي در وڪاڻي،
                        تنهنجي سڪ ۾ آهيان دلدار!

4.      دردن ڪيو دل کي ديوانو، آهيان اَزل کان تنهنجو ٻانهو،
                        آهي عاجز سڪ ۾ سچارا!

5.      دارون ڪيو تو نوري نرمل! آهين ڪامل منهنجو اڪمل،
                        تون محب منهنجو منٺارا!

6.      ”عاصي“ عاجز چئي ٿو نماڻو، محب ڪريان مان ڪهڙو ماڻو،
                        رس دلبر دوست سچارا!

[6]

ٿلهه:   مٺا مرسل منهن موچارا، سردارا سردارا!
                رس ياور يار يتيمن جا، رهبر تون سردارا!
1.      شائق تنهنجي شوق ۾، ڪيا عشق امارا.
2.      هوت هدايت ڪر عنايت، پنهنجي ڀال ڀلارا.
3.      رس رهبر بر ۾، ڇانوَ ڇپر ۾، تنهنجي پير پچارا.
4.      آگي ڪوٺايو پاڻ ڏي، تو جُتي ساڻ جبارا.
5.      رنج ملامت، ساٿ سلامت، ڪامل ڪر تون قرارا.
6.      ڏسان شال اکين سان تنهنجا نيل منارا!
7.      آهيان ”عاصي“، ڪرتون معافي، تنهنجي توهه تڳارا.
8.      ويندا سي ايمان سان، جن ڪلمون ڪيو تڪرارا.

[7]

ٿلهه:   دلا نه رهه تون هَمن غمن ۾، نبي اسان جو حيات آهي،
                شفيع اڪبر، نبي انور، رفيع رهبر حيات آهي.
1.      خدا خلقيو ڪيو اوهان کي ڏني نبوت شرق غرب ۾،
        جلوو جنهن جو عرب عجم ۾ اهو پيغمبر حيات آهي.
2.      اگرچه عاجز اسير آهيان، معاف ٿينديون خطائون منهنجون،
        اسان جو احمد ضامن ضعيفن اڙين جو آڌر حيات آهي.
3.      غريب بيڪس، نحيف ناقص ضعيف بيوس اسير آهيان،
        ڪندو اسان جي مدد محمّد، عجيب انور حيات آهي.
4.      نه رهه غمن ۾ غريب ”عاصي“ صلوات پڙهه تون مٿي محمّد،
        لولاڪ لما خطاب وارو غريب پرور حيات آهي.

ڪمال الدين

[شاعر ڪمال الدين جي سوانح حيات جو پتو پئجي نه سگهيو آهي.]

[1]

ٿلهه:   حضرت ڪندو شفا، شافع ڪندو شفا،
                اوهين پڙهو ڪلمون قلبئون ڪوڏ منجهان.
1.      جهُلندو ڇٽ رسول تي، ڏسي مومن مرڪندا.
2.      مرضن مونکي ماريو، ٿيڙم جان جدا.
3.      ٻُڪي ڏيندم ٻاجهه جي، پريم تنهنجي هٿان.
4.      ڪاهل ڪمال الدين تي، مشفق مهر ڪندا.

[2]

ٿلهه: قريشيءَ جو ڪمال، سرتيون! مون سيّد جو ڏٺو حسن جمال.

1.      ڪڏهن ٿيندو ڪيچ ۾، ويچاريءَ جو وصال.
2.      روئي رڱينديس رت سان، لڪيون مڙئي لال.
3.      هي سر گهوريان گهوٽ تان، مڏيون مڙيئي مال.
4.      ڪاهل ڪمال الدين چئي، ڀلا! ڪريو ڀال.

[3]

ٿلهه: هن منهنجي حال جو، دلبر داد ڪندو.
1.      احمد ڄام ايندو، اڙيا ڇٽائيندو،
        صحيح سجدو ڪرائيندو، راضي مٿس ربّ ٿيندو.
2.      ساهڙ سير ۾ رسندو، چُڪيل کي چاڙهيندو،
        هاڙهي هوت هلندو، نڌر پاڻ سان نيندو.
3.      عالم علم سندو، ورق واريندو،
        سبق هن سور سندو، پرين اچي پاڙهيندو.
4.      ڪمال الدين بندو، اَنهنجي در سندو،
        ڪلمون رسول تي پڙهندو، مطلب کي رسندو.

[4]

ٿلهه: هٿان پرين جي پاڙي، مانٌ کي ملڪ مدينو ڏاتر ڏيکاري!

1.      هينئڙو هوت حبيب کي، سدا ٿو ساري،
        ساريو سپرين کي، ويل نه وساري.
2.      اصيل عاصي اگلو، پيو تو پناري،
        ڏکيا ڏولائي جا ڏينهڙا، گهنگهر ٿو گهاري.
3.      سنڌي ساڪن سنڌ ۾، گولو گذاري،
        رکي ڪاڍو قرب جو، پيڙو پڪاري.
4.      ڪوٺي ڪمال الدين کي، نيئي مديني ماري،
        روضي مهندان رسول جي، رکن سِر سينگاري.

[5]

ٿلهه: پرور پاڪ رسول سان، اطهر آل رسول سان،
                        منهنجو موليٰ ڪر ميلو.

1.      مدح ’مزمل‘ مير جي، آهي ’طٰہٰ‘ ۽ ’يٰسين‘،
        واحد ڪيو ’واليل‘ ۾ ’والضحيٰ‘ وجهه سندو.
2.      صادق صدق رسول تي، پهرين اڪبر هو آندو،
        عمر عادل دين ٻيو ثاني هئن سندو.
3.      عارف شاهه عثمان ٽيو، هو خاصو خليفو،
        حيدر شاهه حمايت، جنهن خيبر فتح ڪيو.
4.      فرزند بيبي فاطمة، جن کي واحد واکاڻيو،
        حسن مير حسين شاهه اچي پازي پڙهايو..
5.      قرب ڪمال الدين تي اچي قادر پاڻ ڪندو،
        برڪت ساڻ ڀلن جي مونکي مولو مرهيندو.

سيد حافظ شاهه

[سيّد حاجي محمد حافظ شاهه ولد سيّد الله بخش شاهه، 20- شوال 1227هه ۾ پراڻي ٽکڙ ۾ ڄائو. حافظ يوسف کان سنڌي، فارسي ۽ عربي جي تعليم ورتائين. اعليٰ درجي جو شاعر هو. سندس ڪلام ۾ نج سنڌي لفظ ۽ محاورا گهڻي قدر موجود آهن. سندس ڪلام جي مقبوليت جو اهو عالم هو جو ڳوٺ جي ننڍي وڏي کي سندس ڪلام ياد هوندو هو. هميشہ راڳيندڙن، سگهڙن ۽ مَلهن سان سندس ڪچهريون هونديون هيون. 5- صفر 1337هه/1917ع ۾ وفات ڪيائين.]

[1]

ٿلهه: عالمن جا آڌار، اچي مل سرور سونهارا!
1.      سڏڙا منهنجا سڻي، موٽ مديني جا ڌڻي، مرسل گهوٽ موچارا.
2.      ڏکيا گذاريم ڏينهڙا، روئندي رت ڦڙا، رات تڪيندي تارا.
3.      ٿيندو ٿوب ٿڪن، ڏيندو ڏان ڏڏن، لهندا غم ۽ غبارا.
4.      حافظ شاهه جا هوش ويا، سڪندي سال ٿيا، گذريس سڀ ڄمارا.

[2]

ٿلهه: ڪريان جان نثار، نبي ڄام تان آ گهورون گهوريان.
1.      سچي يار صديق کي، ساريان سڀ ڄمار.
2.      عادل شاهه عمر کي، قرب ڏنو ڪلتار.
3.      عارف شاهه عثمان کي، علم ٿيو اظهار.
4.      آهيم علي شاهه جي، لنؤ لنؤ منجهه لغار.
5.      حافظ شاهه چئي هاشمي محب ڏسان مهندار.

امام بخش ”خادم“

[امام بخش ”خادم“ ولد محمد بچل 861ع ۾ شڪارپور ۾ ڄائو. پنهنجي وڏي ڀاءُ سان گڏ آخوند قمر الدين جي مدرسي ۾ ابتدائي تعليم ورتائين. 1873ع ۾ ورنيڪيولر فائينل امتحان پاس ڪري انگريزي تعليم ڏانهن رجوع ٿيو. 1879ع ۾ پرائمري ماستر ٿيو. سنڌ جي مشهور شاعرن، آخوند محمّد قاسم هالائي، سيد فاضل شاهه ۽ فضل محمّد ’ماتم‘ سان سندس تعلقات هئا. سندس ڪلام’ڪليات خادم‘ جي نالي سان شايع ٿيل آهي. جنوري 1918ع ۾ وفات ڪيائين.]

[1]

ٿلهه: مير محمّد شاهه! ڪر ولهي جي واهه، ور وسيلا وارث،
                حال مڙوئي منهنجو، آٿو سڀ آگاهه.

1.      واٽ ڏنگيءَ کان رک تون، سنئين ڏيکارين راهه.
2.      سال سيڏائي لنگهيا، سڪ اٿم منجهه ساهه.
3.      ماد ڪرين سڀ مدّعي، جيڪي ٿين بد خواهه.
4.      شافع آهين ڪل عالم جو، اي تون شهنشاهه!
5.      آزيون سڻين تون منهنجون، سيّد عاليجاهه.
6.      ڍڪين ڍُٽايون منهنجون، بخشين سڀ گناهه.
7.      نظر ڪر ڪا رحم جي، مٿي امام بخش ڏاهه.

[2]

ٿلهه: تنهنجي پئي آهيان سام، سيّدا! در سڀ ڇڏي ٻيا.
1.      گلبدن گلفام گلگون، تون آهين گلشن سڄو،
                لڙهه لڳو تنهنجي آهيان لام.

2.      مئي محبت عشق جي ميان، پُر ڪري مهرئون مِٺل،
                ڪي پياريو مونکي جام.

3.      جاءِ جوڙي ڏيان اکين ۾، شاهه خوبان اچ اڱڻ،
                عرض سڻ ڪو ربّ جي نام!

4.      عاصي امام بخش ڇا ڪري سگهندو تنهنجي سارهه ثنا،

توتي صلواتون سلام.

[3]

ٿلهه: مديني ڏي ٿئي قسمت پسان روضو مبارڪ شل!
1.      اڏامي مان وڃان جيڪر، هجن مونکي کنڀ ۽ پر،
        چمان در روضي جي هر هر، وسي جت روز ٿي رحمت.
2.      سڄڻ لئي ٿيان سنياسي مان، آهيان جنهن لئي اداسي مان،
        پسڻ جي لئي پياسي مان، متو آهه من ۾ مچ محبت.
3.      پرين جو پور پيو آهي، نهوڙي نينهن نيو آهي،
        اچي هي خيال ٿيو آهي، وڃان هتڙئون ڪري هجرت.
4.      اتي جي خاڪ آهي تخت، اتي جي بيک آهي بخت،
        نظارو نور جو هر وقت، اتي جو رهڻ آَ جنّت.
5.      گذاريان اُت جيان جانٌڪي، وڃي دوريءَ جي غمناڪي،
        اتي ٿئي موت بس باقي، بقيع ۾ ٿئي منهنجي تربت.
6.      امام بخش ڪر سگهو سعيو، ڇڏي ڏي نفس جو رايو،
        همت ۽ شوق ڪرمايو، لهين دارين ۾ راحت.

[4]

ٿلهه: رس، رسِي سڻ حال منهنجو مصطفيٰ!
1.      سڀ سڄڻ سنسار جا، صاب پوندائي تڏهن،
        جڏ ڪندين تون مهر تن تي، نا ته ٻي ڪا واهه نا.
2.      ’والشمس‘ تنهنجي شان ۾، احسن آهين دلبر عجيب،
        ’ليل‘ زلفون يار تنهنجا، ڏند دُر موتي ٿيا.
3.      دوست تنهنجا چار آهن، يار جاني هڏ جگر،
        جي مڃن ٿا ساڻ محبت، تن کي ڪونهي ڊپ ۽ ڊا.
4.      لهي امام بخش سگ اوهان جو، در اوهان جي تي پيو،
        ڪر شفاعت شاهه! ان جي، مهر جو طالب هُو آ.

[5]

ٿلهه:   وڃي ٿي وڇوڙي ۾ سڀ زندگاني،
                منجهان مهر مرسل! پسايو پيشاني.
1.      گهڻا سال گذريا، تنهنجي لاءِ سڪندي،
        ڪندي آهه و زاري پُني زندگاني.
2.      وڇوڙي جدائي ۾ گذري حياتي،
        اندرئي اندر آهه تو لئي حيراني.
3.      نه مَٽ تنهنجو پيدا ٿيو آ نه ٿيندو،
        ڏسان ڏيهه ۾ ڪونه تنهنجو ڪو ثاني.
4.      اچي عمر آخر ٿي آهي حبيبا!
        ڏيو ڏاڻ، تنهنجو ڏسان ڏيهه ڏاني.
5.      ٿئي شال سڪرات ”خادم“ جي سولي،
        وئي خام ننڍپڻ، اجائي جواني.

خليفو ڇٽو ”عاجز“

[ڇٽو ولد محمّد قابل پلي ڳوٺ سگهه، تعلقي کپري ضلعي سانگهڙ جو ويٺل هو. سنه 1275 هه ۾ ڄائو. عربي ۽ فارسي جي تعليم ورتائين. سندس ڪلام جا مجموعا ’شعرن جو انتخاب‘ ۽ ’ڪنزالاشعار في ڪلام الهيار‘ آهن، جن ۾ مداحون، مولود، ڪافيون وغيرهه آهن. 4- شعبان 1338هه/1918ع ۾ وفات ڪيائين.]

[1]

ٿلهه: اي جيءُ احمد ڄام امام! اي جيءُ سونهن ڀريا سردار!
1.      ڪين ڪمايم جو ڪم نه آيم، وقت وڃايم ويهي،
        سي مسافر ڪيئن ڪندا، جاتيٖ ڏَڪن ٿا پرڏيهي.
2.      جڏهن ربّ ٿيندو قاضي، پڇندو نيڪ نمازي،
        پيش نه ايندءِ، پيرا شاهد ٿيندا، ڏيندو هٿ اوگاهي.
3.      جڏهن ڏينهن تپي ٿين ويجهو، ڪندو ربّ ستاري،
        بنا عرش عظيم جي، ٻي جا هوندوَ ڇانوَ نه ڪائي،
4.      تو آهر ڪي منهنجي واهر، توريءَ منهنجو نه ڪوئي،
        مونکي ڇڏ نه ڇُٽو چئي، محشر ڏينهن سدائي.


' [1] ۽ [2] ’مهراڻ - سوانح نمبر‘ 1957ع تان ورتل.

' [3] کان [6] تائين ’مجموعہ مولود‘ اسلاميه پريس، لاهور تان ورتل.

' [7] حاجي لونگ خواجي جي قلمي بياض تان ورتل.

' [1] مولودي يار محمد مهاڻي جي قلمي بياض تان ورتل.

' [2] کان [4] تائين مولودي دوست محمد ڪيريي جي قلمي بياض تان ورتل.

' [5] مولودي محمد رحيم مڱڻهار جي قلمي بياض تان ورتل.

' [1] ۽ [2] مولودي يار محمد مهاڻي جي قلمي بياض تان ورتل.

' [1] کان [5] تائين ’ڪليات خادم‘ مطبوع سنڌي ادبي بورڊ، سنه 1958ع تان ورتل.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org