سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مولود

 باب:

صفحو :24

خدا بخش

[1]'

ٿلهه:   تنهنجو نه مَٽ ڀانيان ڪڏهن، عرش و زمين آسمان ۾،
1.      شمس و قمر شرمائيو، حورن کي پڻ تو لڄائيو،
        عربي! اچي تو سڏائيو، لولاڪ تنهنجي شان ۾.
2.      ختم النبي خير البشر، شافع اُمم يوم الحشر،
        معراج جو ماڻيئي سفر، جنّ و ملَڪ فرمان ۾.
3.      توجهڙو مان ڪاٿئون لهان، تشبيهه تنهن سان مان نه ڏيان،
        توکي نُور خالق جو چوان، ظاهر ٿئين انسان ۾.
4.      خدابخش طاقت ناهه ڪا، تعريف جي توکي ادا،
        يٰسين، طٰہٰ خود خدا، نازل ڪئي قرآن ۾.

ڏورت

[1]'

ٿلهه:   گلبدن قربان توتان ڪيان، هي سڄو گلشن ميان،
                        تن من مٿي موتين ميان.

1.      محب ماکيءَ کان مٺا، موتين مينهڙا وٺا،
        ڏند تن سهڻا سٺا، چمڪن چمن چندن ميان.
2.      ختم النبي خير الانام، سج چنڊ ٿيا گولا غلام،
        ڪيا سڀني سجدا سلام، ڪعبن، ڪَتين، قطبن ميان.
3.      ڇا مٺي مصري چوان، يا مظهر مکڙي چوان،
        ڇا ڪبڪ قمري چوان، ڇا سهڻو سوسن ميان.
4.      ڏيهه ڏوري ڏورت ڏِٺي، محبوب جي مورت مٺي،
        تن سڀني سهڻي، منهنجن مٺن محبن ميان.

رحمت الله

[1]'

ٿلهه:   ملي نبوت نرمل کي، خاصي دوست خدا کي،
1.      ڄائي احمد ڄام جي، ٿيو شرمندو شيطان،
        ويو اونداهو ملڪ مان، ڪَٽجي ويو ڪفران،
                        ٿئي سرس سرهائي سيّد کي.

2.      مڙن کان مهند ٿيو، مِٺو محمّد ڄام،
        آگي جنهن جي عشق ۾، جوڙيو سڀ جهان،
                        آهي پيارو پرور کي.

3.      موليٰ رات معراج جي، سڏايو سلطان،
        اڳيان احمّد ڄام جي، ڪرسي ٿي قربان،
                        ٿيو لولاڪ لالڻ کي.

4.      صفت اوهان جي سيّدا! ڄاڻي ربّ رحمان،
        رحمت الله تي راضي ٿيو، بخشو دين ايمان،
                        ناهي سگهه هن سائل کي.

 

سرور

 

[1]'

ٿلهه:   عربي احمّد مصطفى، ختم الرسل خير الورى،
                        تون آهين شاهه ِ انبياء.

1.      توئي اچي ڪفران وڃايو، بيدين کي دين سان لايو،
                        اسلام ڪيئي هر جا بپا.

2.      طٰہٰ تنهنجو شان ظهورو، ياسين، مزمل نُور نسورو،
                        صاحب خلق عظيما.

3.      سوَ صلواتون سوَ سلامن، توتي تنهنجي آل اصحابن،
                        روز شب صبح و مَسا.

4.      تنهنجي آئي ٿينديون عيدون، روز حشر جي تو ۾ اميدون،
                        سرور ته آهي پُر خطا.

 

سکيو

 

[1]'

ٿلهه:   آءٌ مٺا مل سائين، سيّد شاهه سچارا!
1.      اول نُور نبيءَ جو، پرور ڪيو پيدا،
        جهلي دامن دوست جي، عاصي سڀ ڇٽندا.
2.      معراج هليو مصطفى، مَلڪ هئا همراهه،
        اُچو ٿيو عالم ۾، مير محمّد شاهه.
3.      سڪرات ويل سکيو چئي، وهلڙي ڪجانءِ واهه،
        ڪلمي ساڻ ڪريم جي، پڄنم شال پساهه.

سيفل

[1]'

ٿلهه:   رس رسول الله جا، مل محمّد! اهڙو آهي حال مون.
1.      مون بچائج يا نبي! شيطان جي شرڪ کان،
                        ترت بچاءِ تنهن کان.

2.      صيقل هڻي صاف ڪريو، هينئڙو حبيبا!
                        تن جو تون طبيبا.

3.      دور دنيا جا سڀ لنگهايئين، رس ڪامل! منجهه قبرا،
                        ڏينهن قيامت ڪج شفا.

4.      سيفل چئي دم شال ڏيان، پيرانديءَ پريان،
                        امن امانت ملڪ مدينا.

شاهنواز

[1]

ٿلهه:   عزّت اعلى ڏنيس مولى، پڙهو صلوات محمّد تي،
        مولى جي ٿي مهرباني، ٿيو احسان محمّد تي.
1.      محمّد مصطفى جهڙو، نه ڪي ڄائو نه ڪي ڄمندو،
        حورون پريون ملائڪ جي، ٿيا حيران محمّد تي.
2.      جڏهن ڄائو رسول الله، سچو سردار صلي الله،
        ٿيو نازل ڪلام الله، لٿو قرآن محمّد تي.
3.      ڏسي محمّد سنديون اکيون، جهڪيون ٿيون عرش جون بتيون،
        شمس، تارا، قمر، ڪَتيون، ٿيا قربان محمّد تي.
4.      شاهنواز پڙهه هردم، صفت سردار جي دم دم،
        نه ڪر ڪو ڪم ٻيو ڪو غم، پڙهه صلوات محمّد تي.

 

شريف

 

[1]

ٿلهه:   صاحب سيّد سلطان! موليٰ ڏنو توکي مان،
        لااِلٰہ الا الله چيو ملڪن، توتي قادر لاٿو قرآن.
1.      طول وهاڻا موتين مڙهيل، هار سينگار سيّد جا اڪمل،
        سيج تي ويٺو سرور سهڻل، تڏهن حورون ٿيون حيران.
2.      ڇانو ڇمرن ڪئي اَپر، رحمتي بادل وٺا بيشتر،
        سيّد صاحب تي سرور، مَلڪ ٿيا قربان.
3.      نُور نوري هئو نظارو، روشن ٿيڙو عالم سارو،
        شريف واهه جو آيو سڌارو، سيّد سچو سبحان.

 

شاهو

 

[1]

ٿلهه:   آءُ يتيمن يار! محب مٺا منٺار،
                        دلبر دوست خدا جا.

1.      عاصي، عابد، اولياء، آهن تو آڌار،
        آجا ڪندين اُمتي، سڀ بچائيندين بدڪار.
2.      سڪن تنهنجي ساهه کي، حورون لک هزار،
        يعني يوسف جهڙا، ڪيا ديوانا ديدار.
3.      رس محمّد مصطفى! مڙني جا مختيار،
        شاهو چئي سڏڙا سڻي، منهنجا غم ڪٽيو غمخوار!

 

صالح شاهه

 

[1]

ٿلهه:   معراج رات جاني! صاحب توکي سڏايو،
        ڪونتل براق ڪاهي، جبرئيل جلد آيو.
1.      پوشاڪ پهر نُوري، حاصل ٿيئي حضوري،
        پردو حجاب دوري، وعدي جي واءُ وڃايو.
2.      وهه شان تنهنجو اعلى، عرش و زمين نرالا،
        ٿيو بخت بلند بالا، مختار اسان جو آيو.
3.      اصلي هوئين تون احد، احدئون ٿي آئين احمد،
        ملڪن چيو محمّد، صلوات هُل مچايو.
4.      پارس! تنهنجي پسڻ لئي، حورون پريون ڏسڻ لئي،
        مالڪ تنهنجي ملڻ لئي، لولاڪ ڇَٽ جُهلايو.
5.      هي صالح شاهه سرور، گولو غلام پرور،
        هرڪو چوي ٿو هر هر، سردار اسان جو آيو.

 

[2]'

ٿلهه:   سڀني جو سردار، تون آهين شافع عالم.
1.      حڪم ٿيو لوح قلم کي، لِک فضل سان فرقان،
        عرش ڪرسي آسمان، جوڙي جوڙ جبّار.
2.      نور منجهان نروار ڪيو، شافع ڪُل جهان،
        موليٰ پنهنجي مهر سان، ڏات ڏنيس ڏاتار.
3.      بَدو هن بدڪار تي، ٿيءُ مولى! مهربان،
        ڏئين پناهه پنهنجي، محب مٺا منٺار!
4.      سڪ مان صالح عرض ڪري، داتا! پني تو در دان،
        برڪت اهل رسول جي، بخشئين ڏوهه ڏاتار!

 

عبدالرشيد

 

[1]'

ٿلهه:   سيّد سڳوري جا ڏٺم منارا،
                        ٺريا نيڻن جا تارا.

1.      آيا سي اوڏا، قربئون سي ڪوڏا،
        لهريون لک لوڏا، مونکي احمد اڪاريا.
2.      ڏاتر! ڏيکارئين، حرم سي حجرا،
        ماڙيون مڪي جون، محل موچارا.
3.      سڪ ۾ شفيع جي آهن عاصي ويچارا،
        مليا محمّد کي لک حاجين هزارا.
4.      عاصي هيءُ رشيد، سڪ مان ٿو ساري،
        تنهن کي ملايو، محب موچارا.

[2]

ٿلهه:   منهنجو شوق شفيع سرور سان، جو آهيم جيءُ جو جياپو.
1.      پرتئون پيچ پريت جو مونکي، آرياڻي انور سان،
        هيڪر هيڪاندي ڪريو، هيءَ ديواني دلبر سان.
2.      ڇڏي نماڻي ننڊ ۾، جنهن جا ويڙا ڏير ڏمر سان،
        ڪارڻ ڪيچن لاءِ ڪري، هيءَ ڏوراپا ڏونگر سان.
3.      ڪانڌ نه ڪنديس ڪو ٻيو، منهنجو نينهڙو لڳو نر سان،
        سهسين سکائون شيرنيون، وڃي شال ورهيان ور سان.
4.      جان ڪي جيارينم ڏينهڙو، هئان ذاتي ذڪر سان،
        عاصي عبدالرشيد چئي، سونهان محمّد جي سڳر سان.

علي نواز

[1]'

ٿلهه:   رس راهه ۾ احمد مير! اچي تون عاصين،
        سيّد! توکي صاحبي ڏني ڏيهه ڌڻين.
1.      هندوري حبيب جي، مَلڪ ته ميلو ڪن.
2.      پسڻ ڪارڻ پرين جي، حورون حيلا ڪن.
3.      اچي شال پئجي رهان، اڳيئون در دوستن.
4.      ڪلمون جن قلب ۾، جنّت ماڳ سندن.
5.      علي نواز آزيون ڪري، سڄڻ مانَ سڻن!
 

غلام نبي

[1]'

ٿلهه:   ٿيڙيون شاديون ٿيا شغل، پرڻي رات رسول جي.
1.      چَتوُن مور چوڌاري باشا، بلبل آيا ڏسڻ تماشا،
        ڪونجن جا ڪرڳل، پرڻي رات رسول جي.
2.      گهوٽ محمّد عربي آيو، جبرئيل اچي سو راڄ سڏايو،
        موڙ ٻڌا مرسل، پرڻي رات رسول جي.
3.      سيّد ڪارڻ سيج وڇايو، محبت مٺي کي ميندڙي لايو.
        عطر مشڪ مليل، پرڻي رات رسول جي.
4.      سيّد ڪارڻ سمند سنڀايو، بهشتي براق بنل لئي آيو،
        مٿس سوني آهي جُهل، پرڻي رات رسول جي.
5.      غم غلام نبيءَ جي غمزن، ڏاڍو رس رهايو رمزن،
        اصل هئا ته عادل، پرڻي رات رسول جي.

فدائي

[1]'

ٿلهه:   مولى جي هر ملڪ ۾، مظهر ٿيو محمّد،
        شافع جو شان اعلى، اطهر ٿيو محمّد.
1.      خادم ٿيا بخدمت، نرمل نبي سڀئي،
        سچ سر گروه سڀن جو، سرور ٿيو محمّد.
2.      توريت، انجيل، زبور، فرقان شان اُن جو،
        مذڪور تنهن ۾ سارو، اڪثر ٿيو محمّد.
3.      لولاڪ لماخلقت، ايڏو ته شان ان جو،
        ساري جهان جو آهه، اوجر ٿيو محمّد.
4.      ارض و سماء، ڪرسي، اسباب ٿيا انهيءَ لئي،
        شڪرانا چئو فدائي، واهر ٿيو محمّد.

فقير محمد

[[1]]

ٿلهه:   شل پرينءَ کي پسندس، ڪو دم ڪيچين سان هوندس،
                                جانڪي تان جيئندس.

1.      مديني ڏي مصطفى، آءٌ هوت ڏي هلندس،
2.      چانئٺ پاڪ رسول جي، آءٌ چشمن سان چمندس.
3.      منارا به رسول جا چڙهي ڏونگر تان ڏسندس.
4.      پلؤ پاڪ رسول جو، آءٌ واريو واريو وٺندس.
5.      ڪنجڪ ساڻ ڪريم جي، آءٌ حاضر ٿي هلندس.
6.      مديني جي واٽ تي، آءُ گوڏن ڀر گسڪندس.
7.      فضل ساڻ ”فقير“ چئي، وڃي محبن کي ملندس.

[2]

ٿلهه:   تنهنجو ڀايان ڪونه مٽ ثاني، مل مٺا محبوب موچارا!
                        سيّد تون يار سوڀارا!

1.      صدقي صدقي سرور تؤن، جان ڪيان قربان،
                        مل مٺا محبوب موچارا!

2.      تارا چنڊ سلامي تنهنجا، حورن کي حيراني،
                        مل مٺا محبوب موچارا!

3.      دهليا جنّ ملائڪ حوران، پسي تو پيشاني،
                        مل مٺا محبوب موچارا!

4.      دردوندي جو داد ڪر تون، نور هلي نوراني،
                        مل مٺا محبوب موچارا!

ڦل

[[2]]

ٿلهه:   اي جيءُ! تو آئي حضرتا، سڪندن ڪاڄ سريا ني،
        تو ساماڻي سيّدا! ٻيا سڀ جوڙ جُڙيا ني،
1.      هڪڙي ماڙي ڪسرى جي، ٻي جا آتش اُجها ني،
        بت ڀڄي ڀورا ٿيا، ڪريا ڪوٽ ڪفراني.
2.      سڏ اوهان جي تي سيّدا! آيا شجر حجراني،
        تسبيحون پڙهي پرت مان، اچي پيش پيا ني.
3.      سج چنڊ تارا ڪتيون، توڻي ٽول ٻيا ني،
        نرمل پنهنجي نُور مان، پرور ڪيا پيدا ني.
4.      ڦُل مٿي فضل جو ڪر ڪو نظر نوراني،
        اَشهد پڙهي ڪلمون، لڏيان لوڪ منجهان ني.

حاجي قاسم

[[3]]

ٿلهه:   مرسل کي معراج جي موليٰ مبارڪ مڪي،
                        سيد آيو سهرا ٻڌي.

1.      آندائون ميندي مير لاءِ، سوني منجهه ٿالهي،
        لاٿائون لالڻ کي هٿن هيرا ٻڌي.
2.      آندائون ويس وڳا، پاتائون پرين کي،
        حورون ڳائي وڄائي ويون، حضرت کي هار وجهي.
3.      چئي حاجي قاسم حضرت جو، موليٰ مان ڪيو،
        سرگس ويل سيّد اڳيان، ملڪ هليا ٻانهون ٻڌي.


' [1] مولودي گل محمد خواجي جي قلمي بياض تان ورتل.

' [1] مولودي يار محمد مهاڻي جي قلمي بياض تان ورتل.

' [1] مولودي محمد رحيم مڱڻهار جي قلمي بياض تان ورتل.

' [1] مولودي حاجي لونگ خواجي جي قلمي بياض تان ورتل.

' [1] مولودي دوست محمد ڪيريي جي قلمي بياض تان ورتل.

' [1] مولودي محمد رحيم مڱڻهار جي قلمي بياض تان ورتل.

' [1] ۽ [2] مولودي دوست محمد ڪيريي جي قلمي بياض تان ورتل.

' [1] ’مجموعہ مولود‘ مطبوع اسلاميه پريس لاهور تان ورتل.

' [1] مولودي پيرل ولد ڏاتر جي قلمي بياض تان ورتل.

' [1] مولودي حاجي لونگ خواجي جي قلمي بياض تان ورتل.

[[1]]  مولودي حاجي لونگ خواجي جي قلمي بياض تان ورتل.

[2] ’مجموعہ مولود‘ مطبوع اسلاميه پريس لاهور تان ورتل.

[[2]]  مولودي يار محمد مهاڻي جي قلمي بياض تان ورتل.

[[3]]  مولودي يار محمد مهاڻي جي قلمي بياض تان ورتل.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org