سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مولود

 باب:

صفحو :20

جــــــــمــــــال

[1]

ٿلهه: عاصين کي هي اوڏو، احمد اوکيءَ ۾ اڄ ايندو.

1.      هي جي پهڻ پَٻ جا، دَهر نه ڪو ڌوڏو،
                نرمل نور نهاريندو....

2.      دنگي درياءَ وچ ۾، لهر نه ڪو لوڏو،
                تُرهو اتي تاريندو.....

3.      رَمي ويٺو ’رُڪان‘ تي، گوهر ڏيئي گوڏو،  محمّد ملحد ماريندو...

4.      جاني هن جمال چئي، هيج ڪري هيڏو،
                اڙين کي اُڪاريندو....

[1] ’روضته الحسنات‘ مطبوع مصطفى پريس بمبئي ڇاپو، 1332 هه تان ورتل

عبدالرحمان ٿيٻو

[عبدالرحمان ٿيٻو مڏئي جو رهاڪو هو. سندس چيل مولود مولودي محمّد اسماعيل رنگريز پنهنجي رسالي

’روضته الحسنات‘ ۾ 1333 هه ۾ ڇاپيو آهي.]

[1]

ٿلهه:   نالي مٺا ميان مرسل! آنٌ کي واحد ڏنڙي وڏائي ڙي،
تو سامائي سيّد سرور! چوڏس ٿيڙي چڱائي ڙي.
 

ڏڏ ڏوهاري آهيان ڏٻرو، ڪرت نه ڄاڻان ڪائي ڙي،
ور وسيلا ولهيءَ جا، عمر وڃايم اجائي ڙي.
 

ستي ساريان سيّد! آنٌ کي، ويٺي ٻي نه وائي ڙي،
الله الله الله آهي، خلقت خوب بنائي ڙي.
 

مُلڪ، مَلوڪت منجهه عرش زمين، نو کنڊ آن جي نوائي ڙي،
موليٰ رات معراج جي، اُن کي پاڳ ٻڌائي ڙي.
 

”ٿيٻو“ چئي ٿڪيءَ تي ٿورو، منهنجي ميٽ مدائي ڙي،
عاصي هن عبدالرحمان تي، ڪا ڪريو چٽ چڱائي ڙي.
 

[1] ’روضته الحسنات‘ مطبوع مصطفى پريس بمبئي ڇاپو، 1332 هه تان ورتل

عبدالله ڊکڻ

[حاجي عبدالله ولد محمد فقير سومرو ڊکڻ، ڳوٺ الهرکئي جلباڻي تعلقي نصير آباد ضلعي لاڙڪاڻي جو رهاڪو هو. سندس جنم اٽڪل روءِ سنه 1287 هه/ 1870ع ۾ ٿيو. روهڙيءَ ۾ تعليم حاصل ڪيائين. سنڌي، عربي ۽ پارسيءَ کان واقف هو. راڳ جو به چڱو ڄاڻو هو. سندس ڪلام جو گهڻو حصو مداحون ۽ ٽيهه اکريون آهن. اٽڪل سنه 47-1349هه/28-1930ع ڌاري وفات ڪيائين.]

[1]

ٿلهه:   اوهان جو آءٌ آهيان گنهگار گولو،
        منجهئون شاهه شفقت مون ڏي نهاريو.
1.      لقب تنهنجو لولاڪ ٿيو شان ۾،
        قرب تنهنجو ڪامل ٿيو قرآن ۾،
        خدا پاڪ توکي سدائين سينگاريو.
2.      هميشه گهڻي حب حرمين جي ٿم،
        سچي سڪ سرور ثقلين جي ٿم،
        وجهي ڏور قسمت جي ڪوٺي قطاريو.
3.      ڦٽيل جو فراقن ڪيو حال هيڻو،
        محمّد! مٺا هي ٿيو تو وهيڻو،
        نه ترهو نه تڙ، تار مؤن ترت تاريو.
4.      ڏسان ڪعبة الله پيان آب زمزم،
        ڏينهان رات هر گاهه هر وقت دمدم،
        ڏيئي جام جنّت جڏو جيءُ جياريو.
5.      مديني شهر جون گهٽيون گهَٽ گهمائج،
        پرين! پاڪ پنهنجي پيشاني پسائج،
        وهم غم همه درد دل جا وساريو.
6.      ”ڊکڻ“ جو اهو ئي سڄڻ عرض آهي،
        گداگر جي دل جو اهو عرض آهي،
        پيراندي پيغمبر قبر منهنجي ڪاريو.

اسحاق

[مختلف روايتن موجب اڄ کان هڪ سؤ سال کن اڳ، ڪراچيءَ جي ويجهو، حب ندي وٽ، هڪ ڳوٺ ۾ ڄائو، جو هن وقت بلڪل ويران آهي. نيڪ اخلاق ۽ مهمان نواز شخص هو. ڳوٺ جي مسجد جو ملان به پاڻ هو، جتي ڳوٺ جا ٻار پڙهائيندو هو. کيس ڪيترن سگهڙن جو ڪلام ياد هو. اٽڪل ٽيهارو سال کن اڳ وفات ڪيائين.]

[1]

ٿلهه:   دوستن جو ديدار، آءٌ شال ڏوري ڏسان،
        جانب جو جنسار، آءٌ شال ڏوري ڏسان.
1.      هتان حاجيڙن سان نڪري ٿيان نروار،
        پُران پار پرين جي، بندر چاڙهي مون بار،
2.      سختي سير سمنڊ جي، احمد ڄام! اُڪار،
        مدد اوهان جي مصطفى! پسان پَريون پار.
3.      محل مَڪي جون ماڙيون، ڏاتر! مون ڏيکار،
        ڪعبي مهندا ڪريم جي، صاحب! سجدو مون ڪار.
4.      منجهان حوض حبيب جي، پاڻي پاڪ پيار،
        چمان چائنٺ رسول جي، نيڻن سان نروار.
5.      آگا! هن اسحاق کي، جيئري زيارت ڪار،
        پسندي پاڪ رسول کي، ٿئي مون قلب قرار.

[2]
ٿلهه:   ميران مرسل، نور نرمل، موٽ مٺا منٺـارا!
                آءٌ انور، دوست دلبر، ورنه وير وهارا!
                دانَه دُر دلدارا، اي جيءُ پانَه پاڪ پيارا!
        1.      هيران، حُوران، هارَ، هَس، ٿيڙا ڪانڌ بنا سڀ ڪارا
                راحم! آڻ رسول کي، ڪريون جانب جنسارا.
2.      باهه ڏيان هن بنگلن کي، کوءِ سو گل ڦل هي گلزارا،
                بهشتي باغ بهاريا، جتي احمد جا اوتارا.
3.      لهرين لٽ لڙاٽ لس، لڙ ڇولين جا ڇلنگارا،
                ساهڙ رسج سِير ۾، احمدا! ڏي آڌارا.
4.      ڏنگر ڇڏ مَ ڏکيءَ کي، هيءَ جا ڏوهه ڏسيو ڏهڪارا،
                هوت! ڇڏج مَ هيڪلي، هيءَ جا سام سيّد جي سردارا.
5.      پهڻن پير پِٿُون ڪيا، جهُريا جهورن منجهه جالارا.
                پَسيو حال ڏکيءَ جو، مڙيو ماتام ڪن متارا.
6.      اسحاق انهنجيءَ سِڪَ ۾ پيڙو احمد لاءِ افڪارا،
                فاني ڪريو فراق کي، وارث! وار وصل جا وارا.

[3]

ٿلهه:   ڪلمون پڙهي جو قربان ٿيو، وڌ مان ٿيو تِن شان ٿيو،
                اسلام ۾ آباد ٿيا، ساري عالم ۾ ايمان ٿيو.
1.      ڄاپڻ رات رسول جي، ڪارو ٿي ڪفران ويو،
                        حيران ٿيو، ويران ٿيو.
2.      ’لات‘ ’منات‘ ڀڄي ٿيا ڀورا، ’عزا‘ سندو ارمان ٿيو،
                        خفقان ٿيو، خجلان ٿيو.
3.      سامائي ساڻ سيّد جي، نُوري علم نيشان ٿيو،
                        نگران ٿيو، شڪران ٿيو.
4.      ڪري راضي رسول سچي کي، اسحاق عجب انسان ٿيو،
                        شادمان ٿيو، شادان ٿيو.

علي بخش شر

[علي بخش شر ولد غلام رسول شر بلوچ، ڳوٺ جنگو خان شر، خيرپور ميرس جو رهاڪو هو. هن حياتيءَ جو گهڻو عرصو عالمن جي صحبت ۾ گذاريو. سندس ڪلام ۾ مداحون ۽ مولود مشهور آهن. اٽڪل 1930ع ڌاري وفات ڪيائين.]

[1]

ٿلهه:   سرتيون! سهرا ڳايو، مون گهر، محمّد جو ساٿ سويرو آيو.
 

اڄ به اسان جي گهر ۾ پرين پيرو پايو،
جيئن سونهي چنڊ تارن وچ ۾، ڀينر! ائين مون ڀانيو.
 

اوڏو ٿيو عربي کي، اُلهي عرش آيو،
ڪڪر ڇانَو ڪريم تي، سونو ڇٽ ڇانيو.
 

پُٺ ۾ محمّد مير جي، مَلڪن ميڙو لايو،
پسي حُسن حبيب جو، قطبن ڪنڌ نمايو.
 

اڄ به علي بخش کي عربي آڻايو،
محبن جي ملڻ جو، سنڀري ڪر تون سعيو.
 

[2]

ٿلهه: سهڻا مَلڪ آيا تجلا ڪندي، ٻرندي اتي شمعدان ڏٺم،

صورت جا سلطان ڏٺم.

شاديءَ رات شفيع جي، چمن کليا چوڌار ڏٺم،
بهشتي باغ بهاريا، گل کڙيا گلستان ڏٺم.
 

مَلڪ محمّد مير سان، در مٿي دربان ڏٺم،
ايڏا آر عربيءَ سان، آڳي جا احسان ڏٺم.
 

حسن منجهه حبيب جي، حورون پريون حيران ڏٺم،
قريشيءَ جي قدمن تان، ڪوڙئين قمر قربان ڏٺم.
 

گهورون گهوٽ رسول تان، موتي سي مرجان ڏٺم،
علي بخش چئي عطر سان، اڱڻ ڀريا ايوان ڏٺم.

[3]

ٿلهه:   ڪبڪ وانگر قدم ڏيئي، ڪڏهن منهنجي اڱڻ ايندين،
        صدق سهڻا! صدق، صدقي وڃان صد بار بسم الله.
1.      سفر هليو سندوم سرور، گهمان گهوري ٿي مان گهر گهر،
        حُسن حضرت سندو هر هر، هِنئين ۾ ٿو سندم هٽڪي.
2.      هِنيون ٿيو هيڪلو هاڻي، مِٺا! موٽج مُندون ماڻي،
        خدا شل خير سان آڻي، اندر ٻاري وڌو اُلڪي.
3.      ڪري منزل مٺا موٽي، ڀلي آئين اَجها عربي!
        ڀلاري پاڪ سان بيبي، سڃاتو پاند جنهن پَٽڪي.
4.      آيم اڄ رات سو دلبر، گهمي سو گهوٽ مون گوهر،
        اڱڻ علي بخش جي هر هر، سرهو عطر ٿو ڇٽڪي.

[4]

ٿلهه:   سڀ ڪاڄ سريو، نائي نيڻ ٺريو،
        منهنجو منڙو ٺريو، شڪرانو ڪريو.
1.      حورن چيو پَرين کي، سهسين اوهين سينگار ڪريو.
2.      پرڻي رات رسول جي عجب اسرار ڪريو.
3.      گهوريو گهوٽ رسول تان، جوهر جنسار ڪريو.
4.      علي بخش چئي عطر سان اڱڻ ڀريا ايوان ڪريو.

محمد ابراهيم

[مولوي محمّد ابراهيم مڏئي جو رهاڪو هو. وڏو داناءُ ۽ مشهور عالم ٿي گذريو آهي. مولوي محمّد اسماعيل رانگريز جو همعصر هو، جنهن سندس مولود پنهنجي رسالي ”روضة الحسنات“ سنه 1332 هه ۾ پاڇيا آهن. سندس مولود مشهور آهن.]

[[4]]

ٿلهه:   چئج سنيهڙو سڄڻن، ساٿي! سيّد کي نيئي ساري.
1.      پانڌي چئج پرين کي، نياپو هي نبين،
                گهايل گوندر ڏينهن گذاري......
2.      قيدن ڪٺي آهيان، پڄاڻا پرين،
                رويو هنجهون هئي نت هاري......
3.      توکي ساريو سپرين، پلپل پور پون،
                محب وڇوڙو مون ماري....
4.      عاصي ابراهيم چئي، ٻاجهه ٻاجهائي ڪا ڪن،
                ايندم شال اوتاري.....

[2]

ٿلهه: گهوٽ مٺي مهندار جي، مونکي جيئري زيارت ڪار،
        جيئري زيارت ڪار، ڏاتر! مون ڏيکار.
1.      روضو پاڪ رسول جو، هن پازيءَ کي پساءِ،
                جتي چمن کليا چوڌار.
2.      حاجين ساڻ هلي، محبت ساڻ ملي،
                آءٌ ته پرنديس پرين پار.
3.      عرب جا اصحاب، جانب پاڪ جناب،
                تن جو ديد پسان ديدار.
4.      ابراهيم جي آس پڄاءِ، هئان پيراندي پريان،
                ٿيان ڪلمي ساڻ قرار.

[3]

ٿلهه: سيّد جي سينگار، عالم سڀ اُجاريا،
ٻئي جهان اُجاريا.
1. پسندي پاڪ رسول کي، اکين ٺريم ٺار،
محبت ٻارڻ ٻاريا.

2. ڪوڙئين قنديل ڪريم جي، چمڪن ٿا چوڌار،

جلوي جوت جواهريا.

3. قادر ڪئي قرآن ۾، پريم! اوهان جي پچار،

سبق سڀيئي مون وساريا.

4. پنجتن پاڪ پسائين، چوکا چارئي يار،

جن ڪوٽ ڪفر جا ڏاريا.

5. ابراهيم چئي احمدا، سيّد! لهه مون سار،

ڪئين قضا ڪم ڪاريا.

[4]

ٿلهه:   مٺي محمّد لاءِ اکڙيون اُڃ مرن ساريو نيڻ سڪن.
1.      عاشق احمد ڄام جا، ڳجهه اندر ڳرن،
        جن کي حب حبيب جي، گهارين ڪين گهرن.
2.      موڙيو مڃر ٽاريون، چانگا چت چرن،
        پسيو ساٿ سيّد جو، ڏکيون ڏک ڏرن.
3.      پڃري پاڪ رسول جي، ڪوڙئين قنديل ٻرن،
        ڏاتر! مون ڏيکاريين ڍراو جت ڍرن.
4.      در تي دوست رسول جي، ڪئين پينارا پرن،
        عاصي ابراهيم چئي، هيڻن هٿ ڌرن!

[5]

ٿلهه: پانڌي! پرين کي ساري ڏيج سلام،
                        سو تان مهندا محمّد ڄام.

1.      قيدالماءُ قوي ٿيو، ماريس دوست! اوهان جي دام،
        من مشتاق، محمّد لئي، ساهه سڪي صبح شام.
2.      ڪيا گناهه ڪبيرا، خاميءَ وڏا خام،
        حضرتا هاشمي! آن جي لڙهه لڳو آهيان لام.
3.      ڏاتر توکي ڏيج ڏنا، آڳي سڀ انعام،
        تون شفيع المذنبين، سو تان ڪامل ڏينهن قيام.
4.      ولهن وسيلو آهيين، عالمن جو به امام،
        ابراهيم، احمدا! اُنهنجي، سرڻ پيو آهيان سام.

[6]

ٿلهه:   منهنجو سرتيون ساري ساهه، مٺي محمّد کي.
1.      اول آدم کان اُنهنجو نور نبي، ’ڪن فيڪون‘ سينگار سميع،
                        اُنهنجي ساراهه ۾ قرآن قوي.
2.      آءُ جا ويٺڙي واٽ نهاريان، ڏينهڙا گهنگهر منجهه گذاريان،
                        هي حال ڪنهن کي ڏيکاريان
3.      سانگي ويڙا سفر چڙهي، جن ساڻ هيم جيءَ جي جَڙي،
                        سبق سڌارڻ جو پرين ويا پڙهي.
4.      مرسل! ڪريو من مدعا، منهنجي لالن لڳ خدا،
                        ابراهيم جي سرور سڻ صدا.

[6] مولودي دوست محمد ڪيريي جي قلمي بياض تان ورتل

محمد يوسف ”سائل“

[خليفو محمّد يوسف ”سائل“ کتري، مڏئي جو رهاڪو هو. اڀا ميان مڏئي واري جو خليفو هو. شاعريءَ جي ڏات سان چڱيءَ طرح نوازيل هو. مولود گهڻي انداز ۾ چيائين. اٻاميان مڏئي واري جي وفات 1360هه/1888ع تي ٻين شاعرن سان گڏ هن به هڪ مرثيو چيو هو.]

[[5]]

ٿلهه:   آهيون دامن اَنهنجي لڳا، موٽجا مير مريضن تي.
1.      واحد اَنهنجي وجه سندي ڪي ’والضحى‘ منجهه وصفا،
        موءِ مبارڪ مرسل! اَنهنجا، مانند ليل سجى.
2.      خاص اَن لئي خالق ڪِي، کوءن اولى آخرتا،
        عهد ’فترضى‘ ٿيو اوهان سين، پرور جي پارا.
3.      ڏيهه ڌڻي آن کي ڏيج ڏنا ٿئي سرهائي سڀڪا،
        مولى محو ’مَضلّت‘ ڪي، ڪري نازل حق هُدى.
4.      سائل يوسف سوال ڪري ٿو، دائم در مهندا،
        امر ’فَلاتَنهَر‘ جي ۾، منهنجي مدخل ڪجا.

[2]

ٿلهه:   مون گهر آيو مون پرين، آيو سيّد سردار.
1.      آرياڻي اڄ آئيو، ساٿ وٺي سردار،
        وريو بخت ڀنڀور جو، هوتن ڪيو هٻڪار.
2.      پرڻي رات رسول جي، سوين ٿيا سينگار،
        گلن گاديون ڇانيون، سون رپي سينگار.
3.      سيّد ويٺم سيج تي، در ٻڌي دستار،
        تنَهن تي ويٺو چاڳلو، موڙ ٻڌي مهندار.
4.      يوسف چئي اَنهنجو، ديکيو تن ديدار،
        پسندي پاڪ رسول کي، ٿيڙو قلب قرار.

[3]

ٿلهه:   سيّد! ميل سڪندن، مونکي مير ملاءِ!
                                اعلى نور اُتم.

1.      جانب! اَنهنجي جلوي سندا، جوهر ٿا جرڪن،
        قمر پسي قربان ٿيو، سورج، گل، چمن.
2.      سوين صلواتون رسول تي، پانڌي روز پڙهن،
        ماڻڪي محمّد مير جي، چشمن ساڻ چُمن.
3.      عاجز اڀرو آهيان، گولو منجهه غمن،
        مرض منهنجي من جا، مديون معاف ٿين.
4.      يا ربّ! هن يوسف جا، عرض مانَ اگهن،
        ڪلمي ساڻ ڪريم جي، پويان دم پڄن.

[4]

ٿلهه:   سوين صلواتون سلام، محمّد! توتي سوين صلواتون سلام.
1.      ڄائو ڄام جهان ۾، سرور رات سومار،
        مُلڪ مڙيئي منور ٿيو، اي جيءُ سيّد ڄام سردار.
2.      ڪڪر ڪرامتي آئيو، الهندي عجب منجهان،
        عربي نيائون عرش مٿي، ٿيو دوست جو ديدار،
3.      زمزم جي ماڪ مان، غسل ڏنو کي گلزار،
        پاتو پرين رسول پاڪ، سرمون هار سينگار.
4.      يا ربّ! هن يوسف کي بخش ڏوهه گناهه،
        وٺي وسيلو ڪارڻي، آيس تو دربار.

محمود

[معلوم نه ٿي سگهيو ته محمود ڪير هو ۽ ڪٿي جو هو. سندس ٻولي ۽ اسلوب بيان مان ظاهر آهي ته هيءُ بزرگ آڳاٽو ٿي گذريو آهي. سندس پهريان ٽي مولود ’کُهڙن‘ (ضلعو خيرپور) مان مليا، چوٿون ۽ پنجون ’کوکرن‘ (ٽعلقو ٽنڊو الهيار، ضلعو حيدرآباد) مان مليا. باقي مولود ڪارڪنن وٽان مختلف جاين تان پهتا. انهيءَ مان ظاهر آهي ته محمود جا مولود اتر توڙي لاڙ ۾ مقبول ۽ مروج رهيا آهن.]

[1].

ٿلهه:           لاالہٰ الاّ الله، محمد شاهه رسول الله،
1.      اول نُور نبيءَ جو، پنهنجي نور منجهان خلقيو پاڻ خدا.
2.      ٻاهتر هزار ورهن جو، گذريو پاڪ مٿان.
3.      تهان پوءِ حضرت آدم کي، پرور ڪيو پيدا.
4.      مَلڪن موليٰ کي چيو، اسين حمد چئون ساراهه ثنا.
5.      وري ربّ فرمايو، آدم آهي ڀلو، ڪندا بندگي بندا.
6.      محمود چئي آءٌ ٿو مهر مڱان، ٿئي فضل عطا.

[2]

ٿلهه:   سردار سڀن، ٿيندو ٿوب ٿَڪن، مهندار مڙن.
1.      ڪاهي آيو قافلو، ڪُڏائي ڪرهن،
        مهري چڙهندي مصطفى، بار ٻڌي بوتن.
2.      لَنوء کنياتا ڪانوڙا! اُڏر مانَ اچن،
        پرين جي پرديس ويا، جيءُ سڪي لاءِ جن.
3.      ڪڪر! ڪر تون ڇانوڙي، مٿي محبوبن،
        پرين منهنجا پنڌ پيا، تاءُ مَ لڳي تِن.
4.      مون گهر آيا محمود چئي، پاتا پير پرين،
        من مرادون پُنيون، ٿيا لک ٿورن.

[3]

ٿلهه:   اسين ٻانها نبي! تنهنجا، سيّد سردار تون آهين.
1.      ٿيو راضي مٿئي راحم، توکي داور ڪيو دائم،
        شرف انُهنجو سدا قائم، مڙن مهندار مهندار تون آهين.
2.      جيڪي خلقون خدا خلقيون، سڀيئي پيش تو پييون،
        مَلڪ، ماڻهو، حورون، پريون، سڀن سردار تون آهين.
3.      شفاعت جو شرف توکي سوا تنهنجي نه ٻئي ڪنهن کي،
        نبي مرسل ٿيا جيڪي، سڀن سالار تون آهين.
4.      صفت انهنجيءَ سنڌو ناهي، ٿڪا ڪاتب قلم واهي،
        عقل اوڄون ٿيو آهي، نبي نروار تون آهين.

[4]

ٿلهه:   اُڏام عجيب منهنجا ايندا، لنوء کنياتل ڪانگ!
1.      احمد چڙهيو اُٺ تي، لالڻ واري لانگ.
2.      هينئڙي حب حبيب جي، تن اندر ۾ تانگ.
3.      رات وهامي ڏينهن ٿيو، ٻانگي ڏنڙي ٻانگ.
4.      محبن جي محمود چئي، موتين ڳُتڙي مانگ.

[5]

ٿلهه:   سُرهي خاڪ چمان پيزار پڻي، ميليندو به ڌڻي.
1.      رکندو هوت حساب تي، ڪامل قدم کڻي.
2.      اضافو عالم جو، ايندو خاص کڻي.
3.      التّحيات لِله چئي، آڳي ايءَ وڻي.
4.      مولى هن محمود کي جنّت جاءِ وڻي.

[6]

ٿلهه:   مٺي مير محمّد لاءِ، منهنجون اکڙيون آس رکن.
1.      عاشق احمد ڄام جا، ڳجهه اندر ڳرهن،
        جن کي شوق شفيع جو، سي گهارين ڪين گهرن.
2.      حرم منجهه حبيب جي، ڪوڙئين قنديل ٻرن،
        ڏاتر! مون ڏيکارئين، ڍارون جت ڍرن.
3.      موڙيو مڃر ٽاريون، چانگا جت چرن،
        سارين سڳر پنهنجا، ڏکيون سال ڏسن.
4.      ويٺي واٽ نهاريان، وري سي مانَ ورن،
        مقصد هن محمود جا، سڪندي مان سَرن!

[7]

ٿلهه:   اڱڻ تي آيو پاڪ رسول، لااِلٰہ الاالله تنهنجي روضي تي نُور،
1.      چارئي يار رسول جا، پنجتن پاڪ نُوراني نُور.
2.      پاڻي پاڪ پياريندو، سندو شرابن طهور.
3.      ماڻڪي محمّد مير جي، چمان چشمن سان نايو نور.
4.      مولى هن محمود کي، ڏئي ڪلمي جو مذڪور.

سليمان ”سوالي“

[سليمان ولد محمد بچل، تخلص ”سوالي“ ڪراچي جي شڪارپوري محلي ۾ سنه 1844ع ۾ ڄائو. سندس وڏا بدين ضلعي حيدرآباد جا ويٺل هئا. فارسي ۽ عربي جو ڄاڻو هو. سندس ڪلام ڪافين، مداحن ۽ مولودن تي مشتمل آهي. نوي 90 ورهين جي ڄمار ۾ 21- جون 1934ع تي وفات ڪيائين.]

[[6]]

ٿلهه:   مٺو محمّد ملاءِ مولى! اجهو سو احمد پساءِ مولى!
        مديني مونکي رهاءِ مولى! صحن ۽ گهٽيون گهماءِ مولى!
1.      پساءِ پنهنجو پرين پيارو، ڏسان مان تنهنجو نُوري نظارو،
        حبيب حضرت سدا سوڀارو، پرين ڏي پياسي پڄاءِ مولى!
2.      اسان جو آهي اجهو محمّد، هميشه حامي ٿيندو محمّد،
        ولهن جي واهر ڪندو محمّد، غمن کان مونکي بچاءِ مولى!
3.      سدائين تو وٽ سڀيئي سوالي، ڪرين نه ڪنهن کي ڪڏهن خالي،
        عاصين جي تون ڪرين بحالي، مڪو مدينو پساءِ مولى!
4.      سوالي آهي سدا سليمان، ڏجانءِ تنهن کي الاهي ايمان،
        پڙهائي ڪلمون وڃائي ارمان، اندر ۾ مرسل رچاءِ مولى!

[2]

ٿلهه:   نُوري ڏسان نظارا، اڙين اَجها آڌارا،
        سردار سوڀ وارا، دلبر ڏسان ديدارا.
1.      رهبر ڏسان ٿي راهون، دلبر ڪريان ٿي دانهون،
        انور! ٻڌي تون آهون، اچ اي پرين پيارا!
2.      سيّد سچا تون سرور! ڪامل اچي تون لهه ڪَر،
        هيڻن سندي تون هر هر، سهڻا لهو سنڀارا.
3.      ٻاجهن ڀريا ٻاجهايو، هيئن نا سچا سڪايو،
        پنهنجا پرين پسايو، مونکي مٺا موچارا.
4.      ٻانهي سندو ٻاڏايو، سڻ تون سچا سيِڏايو،
        گولي گندي گڏايو، سهڻا سچا سونهارا.
5.      عالم سندو تون ڄاما، سارج تون پنهنجون ساما،
        بيڪار هي نڪمّا، تو لام لڙهه ويچارا.
6.      هي سوالي سليمان، مرسل! گهري ٿو ايمان،
        پويون پڄائي دم جان، ڪلمي ٿئي قرارا.

[3]

ٿلهه:   ٻانهن جي آهيان ٻانهي، محمّد شال ڏسان!
1.      هيڪر شال ڏسان، نرمل نُور نيشاني.
2.      نخل مديني جا، ڳچيءَ پايان مان ڳاني.
3. پسان پاڪ رسول، هينئڙي لهي حيراني.
4. محمّد مير سندي پسان پاڪ پيشاني.
5.      چئي سوالي سليمان، توکي محب مِلاني.

 

رازق ڏنو ”سائل“

 

[رازق ڏنو ”سائل“ ذات لاکو، ڳوٺ موندر لاکا تعلقي وارهه جو ويٺل هو. ٽريننگ ڪاليج جا ٻه سال پاس ڪري ماستر ٿيو. فارسي جو ڄاڻو ۽ موسيقي جو اُستاد هو. 12- شعبان 1353هه/1934ع ۾ وفات ڪيائين.]

 

[[7]]

ٿلهه:   عربي! تنهنجو شان الاهي، عالى شاهه رسول الله،
        صلي الله عليه وسلم، شافع رسول الله.
1.      سرور! ڪر تون عنايت مون تي، شاهنشاهه رسول الله،
        پاڪ پيغمبر تنهنجو ڪيڙو، اوج الله رسول الله.
2.      تو در دانهن ڪريان ٿو هردم، سڻ تون آهه رسول الله،
        ميٽ مدايون عيب ڪچايون، لڳ الله رسول الله!
3.      اپر صغيرا، اپر ڪبيرا، ڪيم گناهه رسول الله،
        قيامت جو ڀوء آهي ڏاڍو، منهنجي ساهه رسول الله!
4.      ڏاڍو ششدر عاجز آهيان، هت گمراهه رسول الله،
        مشڪل هي آسان ڪري، ڏي رهبر راهه رسول الله!
5.      آڌر ڏي هر حال غريبن، ڏڏن ڏاهه رسول الله،
        امّت هن سان حامي ٿج تون حشر گاهه رسول الله!
6.      دشمن مڙئي فنا ڪر فاني! تِن تي ڪاهه رسول الله،
        منهنجي مدد ڪر، آهن آڏا لڪيون لاهه رسول الله!
7.      ظاهر باطن روشن توتي، حال تباهه رسول الله،
        رحمت تنهنجي راحم گهرجي، نُور نگاهه رسول الله!
8.      چائنٺ پنهنجي روضي چمائج، مونکي چاهه رسول الله،
        عرض اهو مقبول جي ٿيندو، تو درگاهه رسول الله!
9.      دمدم توکي ساهه سنڀالي، ٿي آگاهه رسول الله،
        مقصد دل جا ڏيج مرادون، بيپرواهه رسول الله!
10.    ٻنهي جهانن جو تون شافع، پشت پناهه رسول الله،
        ناهي وسيلو واهر ڪا ٻي، تو بن واهه رسول الله!
11.     هر دو جهان ۾ حضرت حامي، پاڪ پناهه رسول الله،
        ڏينهن قيامت رهندي امّت، بيپرواهه رسول الله!
12.    ”لاکو“ خاڪي خاڪ قدم جي، صدقي شاهه رسول الله،
        پاڪ پسائج پنهنجي پيشاني، منّور ماهه رسول الله!

 

محمد هاشم مخلص

 

[محمد هاشم ”مخلص“ ولد حافظ حاجي حامد 1278هه/1860ع ۾، پراڻي ٽکڙ ۾ ڄائو. بهترين شاعر ۽ نثر نگار ٿي گذريو آهي. مشهور اخبارون ’الحق‘ ۽ ’مسلمان‘ جاري ڪيائين. 2 فيبروري 1934ع ميرپورخاص ۾ وفات ڪيائين.]

[1]

ٿلهه:   اڄ ڏنو مزده ملائڪ، مصطفيٰ پيدا ٿيو،
خاتم پيغمبران، خيرالورى پيدا ٿيو.
 1. ڪفر سڀ ڪافور ٿيو ۽ ان جي ظلمت ٿي زبون،
ٿيو منوّر سڀ جهان، نُور خدا پيدا ٿيو.
2. آمنہ خاتون جي گهر ۾ ٿيو رحمت جو نزول
ڇا عجب اڄ رحمت ربّ العُلى پيدا ٿيو.
3. زلزلو پيو بتڪده ۾، بُت ڀڄي سڀ ڀور ٿيا،
حق پرستن لاءِ وهه وهه! حق نما پيدا ٿيو.
4. ڏرت ڏيهن تان لٿو، اڄ امن عالم ۾ ٿيو،
ماءُ من غربا رسول دوسرى پيدا ٿيو.
5. فيض کان تنهن فيضور جي ملڪ ٿيو معمور سڀ،
رڻ رلين جو راهبر ۽ رهنما پيدا ٿيو.
6. دين حق جو غلغلو، ڇا ڄام جي ڄائي پيو،
مرحبا صلواعليہ، شاهه هدى پيدا ٿيو.
7. ذات ان جي بيگمان، مقصود في الدارين ٿي،
روشني عالم سبب، شمس الضحى پيدا ٿيو.
8. حق تعالى پاڻ جنهن جي، ناز برداري ڪري،
اڄ اهو هادي حبيب ڪبريا پيدا ٿيو.
9. دست بسته جنهن جي در تي، ايندو اڄ روح الامين،
شهنشاهه هر دو عالم مجتبى پيدا ٿيو.
10. ”مخلصا“ ڪو غم نه ڪر، ٿي تنگدستي اڄ تمام،
اڄ جهان ۾ صاحبِ جود و عطا پيدا ٿيو.

 

عبدالله شاهه ”فتاح“

 

[سيّد عبدالله شاهه ولد عبدالفتاح شاهه ولد سيّد محمد شاهه، احمد پور تعلقي خيرپور ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم ڳوٺ اڳڙا، تعلقي گمبٽ ۾ حاصل ڪيائين. ناز هاءِ اسڪول ۾ انگريزي، پارسي ۽ عربي تعليم حاصل ڪيائين. پير ڳوٺ لڳ مير محمّد جي ڳوٺ ۾ اٽڪل 1935ع ۾ کيس شهيد ڪيو ويو.]

[[8]]

ٿلهه:   آهي سڪ سچي سردار جي، گهوريان سر مٿان پيزار جي،
                                        آهي سڪ مٺي منٺار جي.
 1.     رکان حُب پرينءَ جي پار گهڻي، آهيان راهه تڪيندو نيڻ کڻي،
                                        اها ڳالهه مونکي شب روز وڻي.
2.      نُور نرمل شال ڏسان، روضو تنهن جو اکين ساڻ پسان،
                                        سر مون ڪريان تو پيرن جي پڻي.
3.      تو نانءُ مٺو آهي ڏاڍو سُٺو، ڇورن ڇانوَ ڇپر ۾ ٿيو،
                                        روئي روئي ڪيم آلي اک جي اڻي.
4.      امّت سندو آهين آب ميان! ساري ڪفر تي تنهنجو تاب ميان،
                                        تن تي وڌي تو مار گهڻي.
5.      ساري مدح فرقان آهي، جيڪا پاڻ چئي سبحان آهي،
                                        توتي قرب ڪيا ڪيڏا نه ڌڻي.
6.      هن ”فتاح“ مٿي ارشاد ڪيو، مهرو محبّت جو ارشاد ڪيو،
                                        صدقي آل پنهنجي مون تي کڻي.

[2]

ٿلهه:   دلربا دلدار جانب جلويدار، سرتيون! شال ايندم غمگسار.
1.      سرور چڙهيو برّاق تي، حورون ٿيڙيون نثار،
        عطر اوتيائون پاڻ ۾، مشڪي ٿيا هٻڪار.
2.      رفرف ڪارڻ ڪريم جي، ڪوڙين ڪيا سينگار،
        قدم ڏيندم سپرين، ٿينديس باغ بهار.
3.      عرش اُتي نعلين سان، محب ٿيو هسوار،
        مطلب مڙني جو ٿيو، اچڻ سان سردار.
4.      صفت لاءِ حبيب جي، ملڪن ڪئي گفتار،
        مرحبا مرسل مصطفى! عاصين جا آڌار.
5.      اجهو اوٽ شفيع ٿي، ”فتاح“ تي بسيار،
        ويندا سي ايمان سان، ڪلمي پاڪ تنوار.

[3]

ٿلهه:   پاڻ پساءِ سهڻا نبي! مرحبا جيئرا نبي، مرحبا اعلى نبي!
1.      تو لئي روز سڪان سرور، روئي هنجون هاريان هر هر،
                                        من ترس پئي توکي ڏسي.
2.      مديني جيتر ٿئي قسمت، خواب ۾ تنهنجي ٿئي زيارت،
                                        اهو عرض اگهائي سخي.
3.      مير! مديني گهراءِ مونکي، عمر منهنجي گذري جتي،
                                        ۽ پڻ اتي ٿئيم بُٺي.
4.      قيامت ۾ اي شاهه شفيع! وقت شفاعت جي عربي،
                                        شل ياد هجي هيءُ اُمتي.
5.      شوق سان توتي مان پڙهان، لک صلواتون سوز منجهان،
                                        مرڻ تائين شل مَڪي!

حاڪم مري

[حاڪم فقير مري، تعلقي کپڙي جي کاهي شهر جي آسپاس جو ويٺل هو. مختلف روايتن موجب اڄ کان 20-25 سال اڳ وفات ڪيائين.]

[[9]]

ٿلهه:   ڀُليئي بيڪار بيڪس کي، وسيلا واٽ لايو اڄ،
                                        پرين پاڻئون پسايو اڄ.
1.      ڏسي دلڙي ڏکيل هن جي، ڪريو چاڙهي چُڪيل هن جي،
        سهڻي ڪا دانهن دکيل جي، ملڻ جو ٿئي ڪو سعيو اڄ.
2.      انڌو اڻڄاڻ مان آهيان، نه واقف واٽ جو آهيان،
        فڪر ۾ ٿيو فنا آهيان، نه جڏين کي جلايو اڄ.
3.      ونگيون واٽون، اڻانگا پنڌ، اُڪارج مون اچي احمد!
        ڪريو ڪا مهر يا محمّد! ڇيهن کان هي ڇڏايو اڄ.
4.      قضا حاڪم آهي ڪَرَ تي، سخت سڪرات ٿي سر تي،
        پڙهان ڪلمون پيغمبر تي، اچي لوڪئون لڏايو اڄ.

[2]

ٿلهه:   اکيون دوست جي ديدار ۾، مرسل مٺي منٺـار ۾.
1.      توکي ڏاتر ڏيج ڏنا، توکي ڪيائين مڙن مٿان،
        ٿيندي شفاعت تو هٿان، اوکي سندي آڌار ۾.
2.      عاصي لڳا تنهنجي آسري، پل ڪيئن ٿين تو کان پري،
        ساعت تن جي ڪين سري، ڪيڏا سهنج سردار ۾.
3.      ساريو اوهان کي سيّدا! اکيون روئن راتو ڏينهان،
        حاصل رکين حق سان هينئان، پهچاءِ پرين جي پار ۾.
4.      حاڪم چئي رس هاشمي! محشر سندي ميدان ۾،
        اڙيا ڇڏيندو ڪونه ڪڏهن، توڙي تکي ۽ تار ۾.

ابوبڪر

[ابوبڪر ڳوٺ لاڏين تعلقي شاهه بندر جو ويٺل هو. واڍڪو ڪم ڪندو هو. نه فقط پنهنجا مولود چيائين، پر مولودن جي شغلن ۾ پاڻ به مولود پڙهندو هو. 1935ع ۾ پنڌ حج تي ويو، جتي حج جي موقعي تي مڪي شريف ۾ وفات ڪيائين، وفات وقت سندس عمر اٽڪل 50 ورهيه هئي.]


[1]  ’مجموعه مولود‘ بمبئي ڇاپو، 1892ع تان ورتل.

[2]  ’روضته الحسنات‘ مطبوع مصطفى پريس بمبئي ڇاپو، 1332 هه تان ورتل

[3] [3] مولودي دوست محمد ڪيريي جي قلمي بياض تان ورتل.

[1] کان [3] تائين مولودي يار محمد مهاڻي جي قلمي بياض تان ورتل.

[4] مولودي محمد رحيم مڱڻهار جي قلمي بياض تان ورتل.

[4]  ’روضته الحسنات‘ مطبوع مصطفى پريس بمبئي ڇاپو، 1332 هه تان ورتل.

[2] کان [5] تائين مولودي محمد رحيم مڱڻهار جي قلمي بياض تان ورتل.

[[5]]  ’روضته الحسنات‘ مطبوع مصطفى پريس بمبئي ڇاپو، 1332 هه تان ورتل.

.[1] کان [3] تائين مولودي حاجي لونگ خواجي جي قلمي بياض تان ورتل

[4] ۽ [5] مولودي يار محمد مهاڻي جي قلمي بياض تان ورتل

[[6]]  کان  [3] تائين مولودي حاجي لونگ خواجي جي قلمي بياض تان ورتل.

[[7]]  مولودي حاجي لونگ خواجي جي قلمي بياض تان ورتل.

[[8]]  ۽ [2] ’مجموعو مولود‘ مطبوع اسلاميه پريس، لاهور تان ورتل.

[[9]]  ۽ [2] مولودي يار محمد مهاڻي جي قلمي بياض تان ورتل.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org