سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڪڇين جا قول

 

صفحو :9

مجرا

منهن متورا نڱيون، ڏاڏيون ڏري موتين خرار

موڪل ڏي منهنجا ونهيان، آءٌ دودل جو در پسان،

پير ابڙي مهندا آهي، تماشو...

موڪل ڏي منهنجا ونهيا آءُ دودل جو در پسان

ننڍي وڏي سومريءَ، آهي پٽوري ليهه،

پير ابڙي مهندان........

آري ٻڌا اکيا منجيءَ(3) ٻڌا موڙ

پير ابڙي مهندا آهي تماشو......

سومريون بيٺيون سيل تي ڀري وٽا کير،

پير ابڙي مهندا آهي تماشو....

---------

اڀريو آس ڪري، ساڻيءَ مٿان سڄ

ابڙا ڄام تو ڪيو تي ڪلام

اسان جا ڏندڻ ٿيڙا وڻ، جنهنجو ساکي رب سڄاڻ

ابڙا ڄام تو ڪيو تي ڪلام.

ابڙي اونس(1) ڪيا ٻاري ٻار(2) ڪپا(3)

---------

ڏاڏيون آنجي پڙ کي سئو ويهاڻ

آنکي کمان(4) ابڙو ڄام ملي

آنکي کما ماڙي جو ڄام ملي

ڏاڏيون آنجي ڌوپڙن کي سئو ويهاڻا

آنکي کمان.......

سومريون آنجي ويس کي سئو وهاڻا

آنکي کمان......

ڏاڏيون آنجي ڪرنجهڻين(5) کي سئو وهاڻا

آنکي کمان......

سومريون آنجي گل باغ کي سئو وهاڻا

آنکي کمان........(6)

 

ڀاڳو ڀان

ڀاڳو ڀان اصل سنڌ جو رهاڪو هو، سندس اصلي ڏيهه روپاماڙي ۽ وگهه ڪوٽ جي ڀرسان ڪنهن ڳوٺ ۾ هو. ٿري (نزديڪ سيراڻي، بدين) ڀرسان ڀان رهندا پيا آيا آهن، ٿي سگهي ٿو ته اهي ڀاڳو ڀان جو اولاد هجن. ”ڀاڳن“ جا ڪجهه گهر کوسڪي ڀرسان هيبت فقير جي درگاهه جي ڀرسان رهن ٿا. انهن جي دعويٰ آهي ته ”اهي ڀاڳو ڀان جي اولاد مان آهن.“ بهر صورت ڀاڳو ڀان ڏکڻ سنڌ جي ڪنهن ڳوٺ جو رهاڪو هو. محترم شيخ اياز صاحب جو خيال آهي ته اهو بزرگ بدين جو هو.سومرن جي درٻاري شاعر هو. دودي چنيسر جي جهڳڙي وقت ڀاڳو ڀان وڏي ڄمار کي پهتل هو.

سنڌ ۾ سومرن، محمد سومري (1251- 1256ع) جي نظر هيٺ ٿري (لڳ سيراڻي) کان پوءِ مهاتم تور (محمد طور يا منهن متور) گنگڙي جي ڪناري تي آباد ڪيو. وڳهه ڪوٽ ۽ روپا ماڙي به سومرن جا بنيادي شهر هئا. دودي چنيسر جي جنگ وقت مهاتم تور(1) روپا ۽ وگهه ڪوٽ جا نالا بار بار ڀاڳو ڀان پنهنجن ڳاهن ۾ کنيا آهن.

علائي لشڪر جا مکيه سپه سالار الغ خان ۽ نصر ملڪ ڪڇ ڪاٺياواڙ ۽ گجرات طرف جنگ ڪندي نظر اچن ٿا. ماڌوراءِ (ڪرن واگهيلي جو وزير) انهي جنگ لاءِ جوابدار هو. چنيسر، ڪرن واگهيلي جي وزير، ماڌن مير (ماڌو راءِ)جو گهرو دوست هو. علائي لشڪر ننگرپارڪر کان سنڌ تي حملي آور ٿيو هو. ويرا واهه وٽ پهرين جنگ لڳي هئي. انهي جنگ ۾ تمر بيگ، نامدار بيگ، الغ خان، ظفر خان، محمد خان، ”هنبس“ پٺاڻ ۽ ماڌوراءِ مکيه اڳواڻ هئا. ۽ چنيسر جي هٿ ڏس تي سنڌ ڏانهن وڌي رهيا هئا.

ڀاڳو ڀان ست سئو هجري واري علائي جهڳڙي وقت سنڌ کان سومريون وٺي ڪڇ ويو هو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين. سندس اولاد پاڻ کي ”ڀان“ بدران ”ڀاڳ“ سڏائيندو اچي. سومرن وٽ ڀاڳ جي اولاد کي اڄ به ايڏي عزت ملندي آهي، جيڏي سومرا ڀاڳو ڀان کي عزت ڏيندا هئا.

ڀاڳو ڀان سومرن جو قويم شاعر هو. دودي چنيسر جو قصو پهرين پهرين هن ڀلاري بزرگ ڳايو. اهو قصو پوءِ سڄي ڪڇ ۽ سنڌ ۾ ڦهليو ۽ رزميه داستان ٿي رهيو. انهي قصي جو بنياد ڀاڳو ڀان وڌو ۽ اهو قصو سندس سهڻن سان لفظن سان اول اول ڪڇ ۾ آراسته ٿي، محفلن جو سينگار بنيو.

سومرن طرفان انهي جنگ کي منهن ڏيندڙن ۾ محمد سومرو سپڙ سومرو ڇٽو جاڙيجو، سوائي سميجو، ڳهڻو راڄڙ، هاسو سوڍو هاسل سومرو، ممٽ سمون، ڄام راهو، سپڙ سمون، ڏونگر سمون، ابڙو اڙٻنگ سمون، ننگر سومرو، منگر سومرو، دودو وغيره شامل هئا. جنگ ويرواهه کان پوءِ وڳهه ڪوٽ طرفان ڪيڏاري  جو خوني سر ڳائي اچڻ لڳي ته، ڀاڳو ڀان سنڌ جون سومريون آرام سان رهڻ لڳيون، سومرين جي پويان علائي لشڪر ڪڇ ڏانهن وڌيو. ابڙو سر ڏئي سرها ٿيو. ۽ سومريون قدرت جي پناهه ۾ لڪي ويو. انهي خون خوار داستان کي ڀاڳو ڀان پنهنجا سڀ جوهر گڏ ڪري ڳايو. ۽ اهو سنڌ جي جنگي داستان جو مک داستان شمار ٿيو.

ڀاڳو ڀان اهو قصو ڳاهن ۾ ڳايو، ڄڻڪر ڀاڳو ڀان اهيرن ۽ اسرن جي قديم وقت جي گاٿائن جي ياد تازي ڪئي ”اسر“ جڏهن ايران ويا هئا ته تڏهن آرين انهن کي ملڪ ڇڏايو هو، ۽ هنن گاٿاين ۾ ”زند“ ڪتاب لکيو. جنهن جو پوءِ شرح باقي رهي. جنهن کي زند اوستا (جند اوستا) سڏيوويو. سومرن جڏهن سنڌ ڇڏي تڏهن انهن جي قومي شاعر ڀاڳو ڀان ”ڳاهون“ ڳائي اها سنت ادا ڪئي. ماروئڙا ۽ راجستاني ٻولين جي ”گاٿا ڀاشا“ (ڳاهن واري ٻولي) کي نون لفظن سان آراسته پيراسته ڪيو.

ڀاڳو ڀان سومرن جو خانداني ساراهه ڪندڙ قومي شاعر هو، ڳائڻ وڄائڻ سندس اباڻو ڌنڌو هو. هن بزرگ جا سومرا قائل هئا، ۽ انهي کي وڏين نوازشن سان نوازيندا هئا.

ڀونگر جي خاندان ”دوداڻي“ سان ڀاڳو ڀان جو ذاتي تعلق هو، ذاتي محبت ۽ قرب هو جڏهن علائي جي ڪاهه وقت خوني سانگ رچيو، تڏهن ڀاڳو ڀان پنهنجي ڳاهن جي لفظن کي خوشي جي اڇاڻ مان ڪڍي ڪيڏاري جي ريٽي رنگ سان ڳاڙهو ڪري ڇڏيو. اها ڳاڙهاڻ اڄ به سندس ڳاهن ۾ پڌري نظر اچي رهي آهي.

گمان غالب آهي ۽ ڀاڳو ڀان 700 هه کان 1300ع کان پوءِ ڪجهه عرصو زندهه رهيو ۽ هي قصو ڳائي وڄائي مشهور ڪري، پنهنجو پيغام رسائي پوءِ وصال ڪري ويو. اگر اندازي طور کيس ڏهه ورهيه پوءِ به جيئرو ليکجي ته چئبو ته پاڻ اٽڪل روءِ 710هه کان 1300ع ڌاري وصال ڪيو هوندائين. سندس ورثي کي سندس اولاد ”ڀاڳ“ ۽ ”ڀان“ اڄ ڏينهن تائين سنڀالي کنيو اچن ”۽ ڳاهن سان ڳالهيون“ ڪندڙ فرد به انهي ورثي کي سنڀاليندڙ ۾ اچي وڃن ٿا. انهن جي سنڀال سبب هي جنگي داستان ٿوري واڌ گهاٽ سان اسان وٽ پهچي سگهيو.

ڀاڳو ڀان جي ڳاهن مان ڪجهه ڳاهون ڏيان ٿو:

اول نام الله جو، ٻانها ٻيءَ لڳ،

لڳ ڀلي جي آسري، جنهن پر ڇٽندو جڳ.

--------

ٻاٽي ٻاٽي(1) ڏينهڙا لڳا ڀونگر راءِ(2) ستي

مڙدن آڻي مامرو، ٻڌو پڳ مٿي.

--------

اهي ڊڊا ڊاکر(3) وڪڻي، وڃي ڌڻ رڍن جو ڌار

اهي رڍون چرن ٿيون ريڻ(4) تي پٽ گهڏيو گهيٽا وار

--------

ماڻهين ماهياڙو(5) ڪندي وڃي دودل جي درٻار

پيا پيٽ پرندا ڪنداسون لسي(6) وڪئي جي ڪار

--------

چاچي منهنجي ڪانڌ کي چني چٽائي ڏي،

اڳي هيون سيون ٻه ڄڻيون، هاڻ ٽلي ٿيون سين ٽي.

ڪاوڙ جي ڪارو ٿيو، چڙِيو چنيسر راءِ،

ٻڌي ڪٽارون ڪاتيون، سونهري سروپا.

--------

ٻاگهي روئندي آئي، اچي ڀاڪر پاتائين ڀاءُ

دودا! پٿراڻيپير ڊگها ڪري، ستين ڪهڙِي ساءُ

--------

ڀاءُ وڃي ٿو ڀر مان، تو کي پوي نه سماءُ

سنڌ سڃي ڪيو سومرو، ٿو وڃي راڻل راءُ

--------

ڪوڙا ڪوڙي ڌيهه جا، تو ڪوڙا قبول ڪيا

سنڌ لڄائي سومرن جي ٻيو  دانهن دودل راءِ

--------

چنيسر  چغلي تي چستئون رکيو چاهه

ته ڀٽيون(1) تنهنجيون راوليون(2) آهن روڪيو دودل راءَ.

الادين(3) به آئيو جنهن ڌوڌاڻا(4) به اچن

پاڻي پکالن ۾ هٽ مٿي هاٿين

نو لکيون ڏهه ڇليون اچي سنڌ وڪوڙي تن

اهي پوربي ۽ پڇمي، ڪستاني به ڪڏن

ايران ۽ توران جا، خنا خوب کڙن

ڪڪا، ڪارا، ڪاغذي انت نه اميرن

سڱ اوهان کان سومرا، ٻاگهي ٻانهن گهرن

ٻانهن ڏيو ٻاگهي جي، اوهان به رچيو(5) راڄ رهن.

--------

ٿنڀ ٿوڻيون ٿڙڪي ويا، پئا پٽين ۾ واڪا

هيبت هندورو نٿو جهلي، کٽ پئي کائي لوڏا

--------

امڙ ڏيج رڱائيا، سي رڱيل ڪيئن رهيا،

متان ڪارا ايندم ڪپڙا، ايئن ڪندو ڪيئن الله.

--------

مڙس ته مني(1) جيترو مٿو جنهن جو مٽ،

دوداڻي دودل جي، ڪو سان جهليندو سٽ

--------

رب سون ڏينهن وڏو ڪجان،صاحب سڄ نه لاهه

آنڊا ڏين اڌما، سڙيون وڃي ٿو ساهه.

پهرين ڏسان ننگر کي، پوءِ پورا ٿين پساهه.

--------

چريا چنيسر سومرا، تو ڪهڙا ڪم ڪيا،

پُٽ، ڀائيٽيو ڏسي تنهنجو، سڙي ٿو منهنجو ساهه،

اوهين پرچو پاڻ ۾، ڪري خير خدا

۽ وري وڃو وڳهه تي آءُ واري وڃان پتشاهه

--------

تندي تڪبر جا تمر(2)، ڏينهن ٿيئي پورا،

بانور ڪيو ٿئي بڇڙو، لاهي ڇڏيئن واء.

--------

آءٌ الادين جو، ڪڏهن انهير(3) ٿي ايندوس،

ديمون وڳهه ڪوٽ جي، اچي ويجهو ڦريندوس،

سوا لک مان سومري، نکيڙي نيندوس.

--------

ويهي ڪچهري وچ ۾ ڪيو ننگر نه ڳالهاءِ

ڀاڻيجي هجيئي ڀائٽي، منهنجي مُنگر(1) کي پرڻاءِ

جيڪا دهلي ۾ ٿئي دادلي، مونکي مرڪي موڙ ٻڌاءِ

تون سالو دودو ڀيڻيو، اهڙو جوڙ جڳاءِ

مغل تڏهن ماندو ٿيندين، جڏهن کسي وينداسو ماء

--------

اچي ٻارنهن سئو بگي ملي، گاڏين جا گهمسان

اچي لٿو ريڻ منهن تي، بيٺو روپا ڪري الغار

--------

رات وهامي ڏينهن ٿيو، اڀريو تارو

غوث بهاؤالدين جو، ٿا نر هڻن نعرو

--------

ماڪڙ وانگر مينهن اٿيو، اچيو ڪان ڪرن

ير! رڻ ۾ رائومنڊيو(2) گهوڙن ۽ گهوٽن.

--------

وڙهيا ڪٽارين ڪاتيئن،ڀڙڇيون ڀال هڻن

مردن مٿان رڪ جون تاء تراڙيون ڪن

مر سي ماءَ ڄائيا،جيڪي اورانگهيو به اچن

ڌڙ تنين جا ڌوڙ ۾،سڀ للهنگ(3) ٿا ليٽن

عضبا(4) امرائين جا لوهو(5) منجهه لڙهن

کنها خفيفن(6) جا واڪي سان وڄن

سٿريون وجهن ٿا سومرا، جيئن لنب جو گاه لڻن

رَڪ پيا هٿ ۾، جهانگي جهنگ هڻن

”هڻ- ورهه“ وائي وات ۾،سي ٻي نا ٻولي ڪن

ننگر پالڪيون پرزا ڪري، وڃي هول ڀڳا هاٿين.

--------

هنبس(1) چيو هسوار کي ترسي گهوڙو ڪاهه

ڀڳئي پٺيان نه پوان، لولي ڏني نه ماءَ

--------

ارڙهن ڌڪ ترار جا، لڳا منگر مٿي ڏانهن

پر ٽڪر تريو ڪينڪي، پئي جبل ڪونه سماء

--------

ڌچر(2) ٿو ڌان ڪري هلي آءُ دودل آءُ

دودل چڙهيو هو يارن سان،ساري حضرت شاه،

--------

سٿريون وجهن ٿا سومرا، جيئن لنب جو گاه لڻن

دود ماريو هو ڊوهه سان، آيو ڏولائو ڏيهن.(3)

سمڳ چارڻ

 

سمڳ چارڻ ڪيرا ڪوٽ(ڪڇ) جو رهاڪو هو. ڪيرا ڪوٽ ڪڇ جي سرحد تي هو، انهي سان ڪڪرالي جي حد لڳندي هئي. ڪڪرالي جي حد سنڌ جي حد کي ڇهندي هئي. پاڻ ”ڄام لاکي“ جو مڱڻهار هو. لازمي آهي. ته سومرن سان پنهنجن محسن سمن وانگر سندس به وير هو.(1)

سمڳ چارڻ اڳي هڪ گمنام شخصيت هو، پر پوءِ سندس نالو انهي ڪري چمڪيو جو هن ڪڪرالي جي ڪهر سمن کان ”خيرات“ حاصل ڪري ورتي هئي. هونئن ڪڪرالي جا ڄام سخاوت نه ڪندا هئا، خيرات کان جهليندا هئا. چارڻن ڪڪرالي ۾ ڪافي چوٽون کاڌيون هيون، پر اتان کين مڇي جو پڇڙو به پلئه ڪونه پيو هو. انهي لاءِ چارڻ ڪيراڪوٽ ۾ سميلن سڏايو هو ته ”جيڪو به چارڻ ڪڪرالي جي ڪهر سمن کان ”ڏان“ وٺي ايندو، سوئي ”مان“ لهندو. ڪڇ جا چارڻ انهي کي پنهنجو اڳواڻ شمار ڪندا.“ انهي مهم تي ڪوبه تيار ٿيندو نه ڏسي سمڳ چارڻ کي جوش آيو ۽ هن پڪو فيصلو ڪيو ته، ڪڪرالي جي ڪهر سمن کان، آئون مان به لهي ايندس ۽ ڏان به وٺي ايندس. چارڻن کي سخت آزمدود هو ته اهو سمڳ جو وڏهار آهي. باقي ملندس ڪڻو به ڪونه. ڪن ننڍڙن چارڻن ته ميهڻا ڏيندي چيو ته هوس ته ”سمڳ مينهون وٺي اچج.“ سمڳ چيو ته ”الڳ ائين ئي ڪندو“ پوءِ هو ڪيراڪوٽ کان ڪهي ”ڪڪرالي“ ۾ ويو. ان وقت ڪڪرالي ۾ ڄامن جي گڏيل حڪومت هئي. اوڍو ۽ ٻڍو مکيه سرواڻ هئا.

سمڳ اتي پهچي ڏان ۾ مينهون گهريون پر ڄامن رکو جواب ڏنو، سمڳ اڳيئي انهي انڪاري جواب لاءِ تيار ٿي ويو هو. تنبورو چوري ڀري درٻار ۾ بيت ڏنائين ته ته:

مينهو موٽا(2) ٿام(3)، ڏيڻ گهڻيون ڏهليون(4)،

ڪڪرالي جا ڄام، ڪه ڀانئين ڪاڪيون.

اهو ”بيت“ ٻڌي جوان سمن تلوارو مياڻ مان ٻاهر ڪڍيون، پر اڍي چيو ته ”نه بابلا! چارڻ کي ڪيمَ چيو!“ پوءِ چارڻ اُڍي کي چيو ته ”چارڻ بيت وارو.“ سمڳ مرڪي چيو ته ”ڄام صاحب! بيت ورندو ته، گهرندو.“ ڄام صاحب چيو ته ”بيت ڇا گهرندو؟“ سمڳ چارڻ بيت جي ”گهر“ پنجاهه مينهون ٻڌايون. اُڍي سمڳ کي پنجاهه مينهو ڏنيون ۽ سمڳ بيت هيٺين ريت ورايو:

مينهون موٽا ٿام، ڏيڻ گهڻيون ڏهليون

بر(1) ڪڪرالي جا ڄام، ڪهر ڀانئن ڪوڏيون.

سمڳ چارڻ ڪڪرالي مان پنجاهه مينهو وٺي ڪيراڪوٽ پهتو ۽ سمڳ هيرو ٿي چمڪيو. وعدي موجب سمڳ چارڻ کي سڀني چارڻن پنهنجو سرواڻ ڪري ليکيو.(2)

ڪڪرالي جي ڪهر کان ڄامن کان انعام وٺي جو سمڳ ڪيراڪوٽ ۾ آيو ته هن پنهنجي رائي لاکي کي به آزمائڻ گهريو ٿي. هونئن ته راءِ لاکو سخي هو، پر سمڳ انهي جي سخت آزمائش وٺڻ لاءِ اڳتي وڌيو. هن انهيءَ مند ۾ وڃي راءِ لاکي کان پيرون گهريا، جنهن مند ۾ پيروئن جو سوال ئي ڪونه ٿي اٿيو، ۽ اهو به چيو ته ”جي اوهان سوال پورو نه ڪندا ته آءُ ڄام وڪئي ڏاتار“ وٽ ويندس، راءِ لاکي ڪاوڙجي کيس اوڏنهن وڃڻ لاءِ چيو ۽ اهو به چيو ته ”يا ته اتان پيرون آڻي ڏي يا وڪئي ڏاتار جو سر آڻي ڏي، نه ته تنهنجي سر جو خير ڪونهي.“ سمڳ پوءِ وڪئي ڏاتار ڏانهن پنڌ پيو. وڪيو ڏاتار سنڌ ۾ رهندو هو. سمڳ پوءِ وڪئي ڏاتار ڏانهن پنڌ پيو. وڪيو ڏاتار سنڌ ۾ رهندو هو. سمڳ جنهن وير پهتو، ان ٽاڻي وڪئي ڏاتار گهيٽي جي ڀڳل ٽنگ پئي ٻڌي. سمڳ اهو ڏسي ڏکارو ٿيو ۽ بيت ڏيندي چيائين ته:

ڦلاڻي لاکي وٽ مون وڏو ڪيو ٿي وات،

گهيٽين پٽيون جو ٻڌي،سو ڏيندو ڪهڙي ڏات.

اهو ٻڌي وڪئي ڏاتار چيو ته ”گهر، مڱ، ڏان ملندءِ“ تڏهن سمڳ چيو ته، ”گهر اميد اٿم،هوءَ پيروءَ ٿي گهري، انهيءَ جي لپ ڏياريوم.“

”ان کي اوڏي نه ٿئي، پڪو ماس نه کائي

چارڻي چترائيءَ سان، پيرون ويٺي پڇائي.“

وڪئي ڏاتار چيو ته، ”پيرون به اجهي پڪا، ويهه: کاءُ، پيءُ، مزا ڪر پيرون پچن ته جهول ڀري کڻي وڃج.“ تڏهن سمڳ چيو ته:

”وٽ اچي تيسين ويهان، تنهن کي لڳو وير،

جيءُ چارڻي جو وڃي، سو واري ڏيندو ڪير.“

پوءِ وڪئي ڏاتار، چارڻ کي هيرا موتي آڇيا، پر هن نه قبوليا، تڏهن ڄام وڪئي ڏاتار سون جا پيرون گهڙائي. انهن مٿان ماکي جي مڌ جي چاش چاڙهائي، اهي پيرون سمڳ کي ڏنا، سمڳ هڪ پيرون وات ۾ وجهي چيو ته ڳالهه پڌري ٿي پيئي ۽ چوڻ لڳو ته:

وڪئي جا ڏات ڪئي، تنهن سان ڏند جهرن

چارڻ پيرون او گهري، جي ڄارين منجهه پچن.

۽ نيٺ مينهن ڀٽاريءَ ڪٿان پيرون آندا ۽ سمڳ کي وڪئي پيرون ته ڏنا پر پاراتو به ڏنو ته ”اڙي ڪوڙهيا، ڏاتارن کان اهڙا اڻمندائتا ڏان گهرڻ کپن ڇا؟“ انهي کان پوءِ ته سمڳ کي ڪوڙهه ٿي پيو. پر انهي جي اولاد به اهو هلندو پيو اچي انهي ڪري ”ٽڪڙيا چارڻ“ سڏبا اچن.(1)

سمڳ پيرون وٺي پهتو، راءِ لاکي مڃيو ته ” وڪئي ڏاتار جي ”ڏاتار“ لڄ رکي، نه ته هن مند ۾ پيرون ملڻ وڏي ڳالهه آهي.“

سمڳ چارڻ همير سومري جي ڏينهن ۾، سمن جي واکاڻ ڪندو بهاولپور ڏانهن پئي ويو ته عمرڪوٽ کان اچي لنگهيو، همير سومري جي گلا ڀريو ڪندو پئي آيو ڇو ته پاڻ مڱڻهار هوئي سمن جو. ان وقت ٿر تي سومرن جو راڄ هو. باقي ٿر کان اولهه طرف سڄي سنڌ تي سمان ڇائنجي ويا هئا ۽ خود ڄام انڙ جو سومرن جو گورنر هو. انهيءَ آڳڙي ۾ جسوتن آڳڙو ۽ ٻئا سومرن جا طرفدار چونڊي چونڊي مارڻ شروع ڪيا هئا ۽ پاڻ کي سنڌ جو بادشاهه سڏايو. اهي ڳالهيون ٿورو پوءِ ٿيون. انهيءَ کان اڳ سمڳ عمرڪوٽ پهتو هو ۽ همير سومري جي گلا جا پڙاڏا سمڳ جي واتان ٻڌا هئائين، جنهن ۾ هن چيو ته:

”سڄو ڦسي پيا سومرا، اڌ ڦسي پيو لوڪ،

جهيڻي ٻارڻ جهوڪ، نه ته پيئي ليڙ پيائي لاٽون ڪري.“

انهي گلا تان همير هن چارڻ کي کڻي ”ٻانُ“ (قيد) ڪيو. چڱن مَٺن جي مدد سان مس مس وڃي جان ڇٽيس. همراهه ڇٽو ته ٻاهر وڃي چوڻ لڳو ته:

ستينءِ هو سوجهرو، اٺينءِ ٿي اونڌاهه

هميراڻي باهه، وساڻي ورهن کان.

اتان ٿي پاڻ ”پٽڻ“ ۾ ويو، جتي ڍوري راءِ، همير جي اشاري سان سندس گهوڙا چورائي ٿمائي ڇڏيا، تڏهن هيڪاري ڪاوڙجي سمڳ چارڻ چيو ته:

ڍري ڍوري راءِ، جنهن چارڻ کاهه،

پتڻ پٽي جو ٿيو، سيڄ وٺايو ساهه،

هميران پوراهه، راڄ نه ڪندا سومرا.

سچ پچ ته همير کان پوءِ سومرن راڄ ڪونه ڪيو ۽ ڄام انڙ سنڌ جو والي ٿيو. چارڻ ان وقت پروپيگنڊا جا ذريعا هئا. اهي جنهن جي فائدي ۾ هوندا هئا، انهيءَ جا ٻيڙا پار لڳندا هئا. سمڳ چارڻ جي پروپيگنڊا سومرن جي حڪومت جو خاتمو آندو.(1)

سمڳ چارڻ سوا صدي زنده رهيو ۽ پنهنجي وقت جو يگانو شاعر هو. سمان سندس وڏي عزت آبرو رکندا هئا، کيس گهرائيندا هئا ته شاهي سواريءَ وسيلي ڄامن وٽ ايندو هو. ”ڪيراڪوٽ“ جو هي ڪيرتو لک لهندڙ شاعر هو.

--------

ميون تماچي اوريئڙي وارو

شاهه عبدالڪريم بلڙائيءَ جي خليفن مان، ميون تماچي نهڙيو اوريئڙي وارو به هو. هي بزرگ اصل بلڙيءَ ۾ پنهنجي مرشد وٽ رهندو هو. اتان کيس حڪم ٿيو ته ”تون اوريئڙي ۾ وڃي رهه.“ پر هن کي مرشد ڇڏڻ تي دل نٿي ٿي. جڏهن شاهه ڪريم بلڙائيءَ گهڻو مٿس زور رکيو، تڏهن بلڙيءَ مان نڪري ولهاريءَ جي ڀرسان پراڻ جي هڪ لئي تي چڙهي وڃي ويهي رهيو. منهن بلڙي شريف ڏانهن هئس، اتي سڄو سال مرشد سڳوري جي حب ۾ روئنديو، جر وهائيندو رهيو ۽ نيٺ روئي روئي اکيون وڃائي ويٺو. آخر مرشد کي مٿس مهر جي نظر ڪرڻي پيئي ۽ هن قربائي جوڳي کي شاهه ڪريم، پاڻ پنهنجن هٿن سان وٺي اوريئڙي ۾ ڇڏي آيو، ۽ الله تبارڪ و تعاليٰ کان دعا گهري کيس اکيون به وٺرائي ڏيارئين.

ڪجهه ڏينهن رهي شاهه ڪريم جن واپس ٿيڻ لڳو. اهو حال ڏسي وري ميون تماچي جهڄڻ لڳو ۽ چوڻ لڳو ته:

موڪل گهر م منهنجا پرين، وٽان وڃ م تون،

تنين سڀڪين سريو، جنين ڏٺو تون،

ڀيڙو ڪري ڀون، پوءِ موڪل ٿئي(1) منهنجا پرين.

--------

موڪل گهر م منهنجا پرين، ڇڏيو تان نه ڇڏيان

نيڻ سان سيد کي، سيڻن جيئن سڏيان،

پرين آءُ لڏيان، پوءِ موڪل ٿئي منهنجا پرين.

--------

موڪل گهر مَ منهنجا پرين، جاني مون وٽ جٽ،

ڏکيا سکيا ڏينهڙا، ڪي تون مان وٽ ڪٽ،

لوڙهه(2) مُئيءَ جو لٽ، پوءِ موڪل ٿئي منهنجا پرين.

--------

موڪل گهر مَ منهنجا پرين، هتان وڃ مَ هير،

مون مٿي تي مڃيا، پريم تنهنجا پير،

مڇڻ(1) ڪيڏيءَ وير(2)، موت ملڻ کان مهند ٿئي.

--------

جن کي وڃڻو هوندو آهي، سي ويندا آهن، لفظن سان ڪونه روڪبا آهن. شاهه ڪريم مئين تماچي کي اوريئڙي ۾ ڇڏي، بلڙي شريف موٽي آيو. شاهه ڪريم جو فدائي اتي جر هاريندو، مرشد ساريندو، ڏينهن گذاريندو رهيو. اتي ئي وفات ڪيائين. جبل تي سندس قبر آهي. پاڻ ڪڇ ۾ ولي الله جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو.(3)

 

ابوالحسن سنڌي

مير علي شير ”قانع“ رقم طراز آهي ته، ”ميان ابوالحسن وقت جو ڪامل ۽ علم جو صاحب هو. اسلام جي عقائد ۽ ايمان جي فرائض وغيره متعلق سندس سنڌي نظم جا ڪتاب عام توڙي خاص ماڻهن لاءِ ڏاڍا مفيد آهن. دنيا سندس بزرگيءَ جي قائل آهي. سندس هڪ ڪرامت هيءُ آهي ته پونين ڏينهن ۾ جڏهين ٻڍڙو ٿيو هو ۽ ڪٻو ٿي هلندو هو، تڏهن هڪ ڏينهن پنهنجي ڀاڻيجي ميان عبدالله واعظ عرف ميان موريي کي اهڙي حالت جو، اڃا ڏاڙهي جو خط به ڪونه آيو هوس، چيائنس ته، ”ابا! هاڻي مون ۾ امامت جي طاقت نه رهي آهي، تون ڏارهي سان ٿي، منهنجي پاران امامت ڪر.“ ٻپهري جي وقت ائين چئي هن جي ڳلن تي هٿ ڦيريو هئائين. الله جي قدرت سان ٽپهري جو اڳين نماز مهل هن کي ڏاڙهي جا ارڪان ڏسڻ ۾ آيا ۽ وڃي امامت ڪيائين.“

چون ٿا ته ”سندس هڪڙي مريد ڪنهن ڏينهن اچي ٻاڏائي چيو ته ”نواب جو نوڪر رات جو نشي ۾ الوٽ ٿي، منهنجي گهر اندر زور اچي ٿو.“ پاڻ فرمايائين ته، ”آئون ان جو تدارڪ ڪريان ٿو.“ ۽ پوءِ پنهنجي ڀاڻيجي ميان عبدالله کي چيائين ته ”پير پٺي جي خدمت ۾ وڃي منهنجا سلام ڏي ۽ انهي ظلم ٽارڻ جي لاءِ عرض ڪر.“ هن وڃي عرض ڪيو صبح جو موٽي اچي ڇا ڏسي ته اڳيئي اهو ظالم جنهن وقت ان ماڻهو جي گهر ڏانهن اچي رهيو هو ۽ پيشاب ڪرڻ واري ديوار جي پويان ٿي بيٺو. تنهن وقت سندس پير ترڪي ويو ۽ وڃي هڪ ڪلي تي پيٽ ڀر ڪريو ۽ پيٽ ڦاٽي پيس، ۽ آنڊا به نڪري آيس ۽ هڪدم مري ويو.(1)

محمد صديق ميمڻ سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ ميان ابوالحسن 1075/ 1661ع کي سنڌي علم و ادب جو پايو وجهندڙ ڪري لکيو آهي.1650ع ۾ حفيظ الله جي وقت، ٺٽي ۾ جيڪا سنڌي ڪتابن تاليف ڪرڻ لاءِ تحريڪ شروع ٿي ، انهيءَ ۾ پاڻ سڀني کان اڳرو هو. ان وقت شيخ يوسف بغداديءَ جي تحريڪ ڪري، سنڌ ۾ ڪڇ جا ڪي لهاڻا، مومن يا ميمڻ ٿيا، انهن جي مادي زبان سنڌي هئي. تنهن ڪري ابوالحسن، جو ان وقت هو ٺٽي ۾ هو. تنهن فقه جا ڪتاب سنڌيءَ ۾ لکيا ۽ ”الف ب“ به پنهنجي لحاظ کان ٺاهي.(2) سندس اها ”الف ب“ ٿوري ڦير گهير کان پوءِ انگريزن اسان کي ڏني، نه ته اها ”الف ب“ اڳ ئي اسان وٽ موجود هئي. هن کان متاثر ٿي ڪيترن اديبن ۽ شاعرن پنهنجا ڪتاب تصنيف ڪيا. ميرن جي صاحبي ۽ انگريزن جي حڪومت ۾ پڻ سندس ڪتاب مدرسن ۾ پڙهايو ويندو هو. اهو ڪتاب ٺٽي ۾ پاڻ خود پاڙهيندو ۽ سمجهائيندو هو. اهو ڪتاب 1715ع تائين پڙهائيندو رهيو. پوءِ حج تي ويو. پٺيان مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ان ۾ ڪي ضروري درستيون ڪيون، جي پاڻ خوشي سان قبول ڪيائين. پاڻ اصل ڪڇ جو هو. جئين ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب ”سنڌي ٻوليءَ جو ڪڇي محاورو“ مضمون ۾ ڏيکاريو آهي ته؛ ”نريي“ شهر ۾ ميان عبدالله ”ڪنزالعبرت“ جو مصنف رهندڙ هو.“(3) روضته السادات، جو مصنف گوهري پڻ اهڙو ئي ذڪر ڪري ٿو(4). جيئن ته عبدالله ميان موريو ۽ حفيظ صاحب ابوالحسن جا بنهه ويجها عزيز هئا. تڏهن ابوالحسن اڻ پڇيو نريي جو چئبو، پر ٺٽي ۾ علمي مرڪز هئڻ ڪري اتي رهيو پيو هوندو هو. خود سندس ڪتاب جي ٻولي به پڌري پٽ ڪڇي سنڌي آهي. ان کانسواءِ ”ڍ“، ”ٽ“ کي ”در“ ۽ ”تر“ ڪري لکيو اٿس. ڪڇي اڃا به ايئن ”ڊ“ ۽ ”ٽ“ جي جڳهه ”در“ ۽ ”تر“ ڳالهائيندا آهن. اهو موجوده سنڌ جي ڪنهن به حصي جي ٻوليءَ ۾ رواج ڪونهي. تڏهن ته ڳالهه ظاهر آهي ته پاڻ به ڪڇي هو ۽ سندس اصل ڳوٺ نريو هو.

محمد صديق ميمڻ ادبي تاريخ ۾ هن بزرگ جي عمر ۽ سن وفات ڪَٿي ٻڌايو آهي ته پاڻ اٽڪل روءِ نوي ورهين جي عمر جو هو، ۽ سن 1075هه / 1655ع ۾ وفات ڪئي هئائين. انهيءَ لحاظ کان پاڻ 985هه  ۾ ڄائو هوندو. جيئن ته سنڌ ۾ ڪڇ ان وقت هڪ ڳالهه هئي، تنهن ڪري ڪڇي ۽ سنڌي لکڻ جي انهي وقت ڪابه ضرورت ڪانه هئي. اها به خبر نه پئي آهي ته پاڻ ڪٿ وفات ڪيائين.

ابوالحسن جي سنڌي

جئين ته انهي وقت جيڪو به بزرگ سنڌي ۾ ڪتاب لکندو هو اهو انهي جي نالي، انهي جي سنڌي سڏجڻ ۾ ايندو هو ۽ هينئر پڻ اهڙن نالن سان ياد ڪريون ٿا مثال لاءِ هن بزرگ جو جوڙيل ڪتاب کي ”ميئن ابوالحسن جي سنڌي“ ڪري چوندا آهن. اهڙي طرح انهي وقت جي بزرگن جون ڪافي ”سنڌي“ لکيون، جي انهن جي نالن سان سڏيون وڃن ٿيون، پر مڙني جو مهاڳ ”ابوالحسن جي سنڌي“ آهي.

دوها: مخدوم الحاج ابوالحسن جي ”سنڌي“ گهڻو ڪري دوهن جي طرز هجن جنهن مان پهرين حصي ۾ 13 ۽ ٻئي ۾ 11 ماترائون هجن، پر جيئن ته دوهن جا ٻيا به ڪيئن ڌار ڌار قسم آهن، تنهنڪري وڏي ليکي هن صاحب جي ”سنڌي“ اڪثر ڪري دوهن جي شڪل شبيهه جهڙي آهي: مثال:

ساراهيو سو ڌڻي، سندو جنه فرمان،

مڃيو مڙنين مومنين، آندائون ايمان.

----------

رحمت الله رحمان جي، مٿي محمد هوءِ،

پاڻ ٻني(1) عالم ۾، جهو(2) جنه نه ڪوءِ.

----------

سر اوڀاري آب سين، ڪجي مک ڪنن

اوهي هري آڱريون، ڦيري تختو ڌوئي

----------

 پهرائين غاسل پاڻ ڪري، وضو سڄو ڏئي،

تهان پوءِ ڪري ڦٽرو، تختو ڌوئي

----------

 ابوالحسن اميدان، حرف لکيا هي،

ته غاسل ۽ مغسول کي، مولو شال مرهي.

----------

ترو(1) فاتح پڙ(2) مَ ڀيرا هيڪ ٻئو

ڇو ته فاتح سين صورت کي، جوڙج ضم ڪيو.

----------

ڏهون ڏئي سجدو، تلاوت قرآن

اڪارڻ امام سين، رسڻ سبڪنه خان

----------

پنره(3) پاڻي جي رسي، تيم پڃاڻان

ڪ ڇٽو ڌڪ پيئي، پٽي تنهن مٿان

----------

ڪرڻ طالب طانڀ، رسالو لکيوم

مقدمه الصلواته سنڌي، نالو تنه رکيوم

----------

اڄاڻن جيون اٻوجهيون، سڄاڻ سينون ڪن

ڍلا پٺ ڀلن جي رڙي(4)، رهه(5) پون.

پاڻ ”للت“ يا ”سار ڇند“ جي نوع تي پڻ ڪجهه نظم چيو اٿس. پر ماترائن جي لحاظ کان اهو ”ڇند“ مڪمل ڪيل نه آهي. للت ڇند ۾ هڪ پاسي جو پهريون ڀاڱو ٻارنهن ماترائن سان سينگاريل رهي ٿو ۽ اهو قيد و بند لازمي آهي، پر اسان جا بزرگ انهي قيد ۾ اچي پنهنجا زرين ڪلام کوهي نه ويٺا آهن. ماترائن يا وزن جي قيد ۾ خيالن جو سلسلو قائم رهڻ ڏاڍپ ڏکيو ٿيو پوي، تنهنڪري اسان جا بزرگ پنهنجي نظم جو خاڪو ٿوري واڌ گهاٽ سان اڳوڻن بزرگن جي خاڪن جهڙو پيش ڪن ٿا. بزرگن جي ڌار ڌار ملاوٽ سان ڪي اهڙيون نيون تصويرون جوڙيو رکن. جن جو مثال لهڻ بنهه ڏکيو آهي. هيٺ آءُ للت ڇند جو خاڪو پيش ڪريان ٿو. انهي خاڪي کي اڳيان رکي اسان جي بزرگن وڏا قصا، مولود ۽ مداحون جوڙيون ۽ انهيءَ شڪل جي ٿوري ڦيرڦار مان وڏا بيت ٺاهيا:

مٿي مونين هٿڙا، نيئي نرتا ڏيج،

ڪري ڪشاديون آڱريون، محڪم پر پڄيج،

پير آڱريون عورتن کي، تيئن مَ اُپٽائيج،

رڪن مر لڳ ڪري، ساري سيکاريج،

ٻانهون ساري ٻئي، سي مون تان مَ موڙيج،

پورو مٿو پٺ سين، جوڙا جوڙ ڪريج،

منه(1) اُچو جهلج اُٺ جيئن، مَ رڍ جيئن رڙيج،

جيئن رکيو پاڻي نه رڙي(2)، ان پرپٺ جهليج،

پر پٺيءَ عوراتن کي، ايئن مَ اڏائيج،

مرنائين ٿورڙو، ساري سمجهائيج،

تري(3) ڀيرا تسبيح کي، ڳجهو ئي ڳڻيج،

پنجئون پٺيون پيرن جيون، نظر نهاريج،

تان پٺي ڳريا تن جا، ريڙي ٻئي لائيج،

اي پڻ اگري، سنت سا ڄاڻيج،

پر صحيح قول ڪتاب ۾، هن پر پروڙيج،

جيئن لائڻ ڳريا پاڻ ۾، ڪراهت سمجهيج،

سي ٻئي حال رڪوع جي، مورا مَ جوڙيج،

چيئن آڱرين جو فاصلو، ٻنين وچين ۾ رکيج،

قيام ۽ سجدي ۾، ايهي پر پاريج،

ڇهون اکيون پڌريون، ستون قدم ڪريج،

پر قعد مان ٿي سجود ڏانهن، سئين پٺ وڃيج،

متان رڪوع ٻيو ٿئي، نائي پٺ مَ نيج،

جيڪي ذڪر جنهين، سو تنهين پڄائيج،

 هڪڙي جو هنڌ، ٻي نيئي مَ رسائيج.

پهرين ۽ پوئين سٽ کي هيئن بدلائي رکجي ته هي سورٺو ٿي پوي:

نيئي نرتا ڏيج، مٿي مونين هٿڙا،

محڪم پر پڄيج، ڪري ڪشاديون آڱريون.

ساڳئي نظم ٿلهه سان هڪ ننڍڙي مدح ٿي سگهي ٿي. مٿيئن نظم مان ڪيترا دوها پڻ جڙي سگهن ٿا. هي نظم ”للت ڇند“ يا ”سار ڇند“ جو به هڪڙو اعليٰ ۽ وڌيڪ سٽن ۾ (ماترائن کان سواءِ) سهڻو نمونو آهي.

ساڳئي نظم جي طرز مان ڪافي ٺهي سگهي ٿي. مٿيون سڄو نقشو ڪافي جي طرز جو آهي. تنهن کان سواءِ هن نظم جي پهرين سٽ سورٺا وانگر ڪبي ته هي ”طويل وائي“ پڻ ٿي پوندي. يعني هن نظم کي ٿوري ڦير گهير ڪرڻ سان بيت، دوهو، ڪافي، مولود، مدح، وائي ۽ للت ڇند جهڙيون جدا جدا صنفون جوڙي سگهجن ٿيون. انهيءَ ڪري چئبو ته اسان جا وڏا سٺا صنعتگر ٿي گذريا آهن. جن اسان کي سهڻيون چيزون جوڙي ڏنيو ۽ نيون واٽون گهڙي ڏيڻ ۾ واهر ڪئي.

ڪڇي جهلڪ: هن نظم ۾ ڪڇي ٻوليءَ جي ڪافي جهلڪ آهي. جنهن مان  ”تري“،  ”ڦٽرو“، ”اڪاره“، ”پنرهن“ وغيره لفظ ڪڇي ٻولي جا آهن.


(3) آري ۽ منجي جي شادي ابڙِ جي اڳيان ڪڇ ۾ ان وقت ٿي هئي جڏهن سومرين ڏانهن علائي لشڪر ڪاهي اچي رهيو هو. اها ڳالهه ابڙي سمي جي اڳيان ٿي هئي.(س .ش)

(1) ابڙي وارا اونس ڪرڻ- ڪپهه جي وڏي باهه ٻارڻ

(2) ٻار- ٻاهر

(3) ڪپا- ڪپهه

(4) کمان- صبر ڪرڻ

(5) ڪرنجهڻي- هڪ وڻ جو قسم(روايت آهي ته سومرين سنڌ کان ڪڇ ڏانهن ويندي پنهنجا ڏندڻ جتي کوڙيا اتي ڪرنجهڻين جا وڻ ٿي پئا، اڳي سنڌ ۾ سکر عورتون ڪرنجهڻين جي وٺن جا ڏندڻ ڪنديون هيون)(س. ش)

(6)  هن احوال لاءِ هيٺين ڪتابن ۾ راوين جو سهارو حاصل رهيو:

ڪتاب:

(1)                 سومرن جا لوڪ گيت :محمد سومار شيخ   (قلمي)

(2)                 روپا ماڙي    =        =        =       =      (قلمي)

(3)                 لاڙ جا لوڪ گيت =     =       =      =      (قلمي)

(4)                 تاريخ طاهري      ميرمحمد نسياني ٺٽوي

ب راوي:

(1) محمد سومرو، رهندڙ ڳوٺ مولوي حسين سومرو لڳ بدين.

(1) محمد طور  جا آثار شاهه ڪپور، تعلقي ميرپور بٺوري ضلعي ٺٽي جي ڀرسان اڄ به موجود آهن.

(1)  ٻاٽي ٻاٽي ٻه- ٻه ٽه ڪجهه

(2) راءِ - راجا

(3) ڊاڊا ڊاکر- گهوڙا

(4) ريڻ- روپا ماڙي جي ڀرسان وهندڙ درياء

(5) ماهياڙو ڪرڻ- کير وڪڻڻ، عيباتو ڪم ڪرڻ

(6) لسي- جهڻ

(1) ڀيٽيون- نذراني طور آڇيل عورتون

(2) راوليون- راجائن جي ڪيڙ مان

(3) الادين- علاوالدين

(4) ڌوڌاڻا- شاهي نغارو وڄائيندڙ

(5) رچيو رهڻ- گهڻو آباد رهڻ، گهاٽي آبادي هجڻ

(1) مني جيترو مڙس- وڏي قد وارو مرد

(2) تمر- علائي لشڪر جو پهلوان

(3) انهير- گهوٽ جو ساٿي

(1) منگر-دودي جو شهزادو

(2) رائومنڊڻ- جبل تربيت سان بيهارڻ، جنگ ڪرڻ

(3) للهنگ- جوڌا

(4) عضبا- عضوا

(5) لوهو- خون

(6) خفيف- سومرا.(روايت آهي ته ڪل سومن ۾ ست دودا،ست ڀونگر، ست ڀينءَ ۽ ست خفيف ٿي گذريا آهن.)

(1) هنبس- علائي لشڪر جو پهلوان

(2) ڌچر- گهڻو گوڙ ڪندڙ نغارو

(3)  هن بيان لکڻ وقت هيٺيان(الف) راوي ۽ (ب) ڪتاب مددگار رهيا:

الف راوي:

(1)     اقبال جتوئي – اسلام آباد

(2)     محرم خان- سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو

(3)     محمد سومرو-ڳوٺ مولوي حسين سومرو (بدين)

(4)     جمعو ولد قادر بخش شيخ- ڳوٺ پير شيخ قرهيو ڀانڊاري بدين

(ب) ڪتاب ۽ مقالا:

(1) بدين جو لوڪ ادب- شيخ اياز(ثقافتي ميلي 1996ع ۾ ڪيل تقرير)

(2)روپا ماڙي- محمد سومار شيخ

(3) دودو چنيسر- اقبال جتوئي اسلام آباد

(4) تاريخ گجرات- ابو ظفر ندوي

(5)قديم سنڌ- ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي

(6)تاريخ طاهري- محمد طاهر نسياني ٺٽوي

(7) تاريخ سنڌ- اعجاز الحق قدوسي

(1) سمڳ چارڻ- از محرم خان: رسالو مهراڻ نمبر 1-2-1996ع ص 130

(2) موٽا- وڏا

(3)  ٿام- چيزون

(4) ڏهليون- ڏکيون (ڏهه دفعا ڏکيون) گهڻيون ڏکيون

(1) بر- پر

(2) محمد سومار شيخ: بيت ورندو. لاڙ ادبي سوسائٽي، بدين ص 17 - 22

(1) آخوند عبدالرحيم عباسي ٺٽو: ”وڪئي ڏاتار جو قصو“ورنيڪيولر لٽريچر ڪميٽي ڪراچي

(1)  (الف) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: (1) سنڌي ٻولي جي مختصر تاريخ- حيدرآباد، سن 1962ع.

(2) سنڌي لوڪ ڪهاڻيون – جلد ستون سن 1964ع

(ب) پروفيسر محرم خان: سمڳ چارڻ (مهراڻ 1-2-1966ع)

(1) ٿئي - اٿئي

(2) لوڙهه- لاشو

(1) مڇڻ- متان

(2) وير - وقت

(3)  به روايت فقير لونگ سولنگي، رهندڙ لڳ بدين

(1) تحفته الڪرام. ج 3 ص 559-560

(2) سنڌي ادبي تاريخ. ج 1، ص 59-69

(3)  مهراڻ جون موجون – ص 228

(4)  ڏسو روضته السادات (از سيد علي شاهه گوهري)

(1) ٻني- ٻنهي

(2) جيهو- جهڙو

(1) ترو- ٽيو

(2)  پڙ- پڙهه

(3) پنره- پندرهن

(4) رڙي- رڙهي

(5) رهه- راهه

(1) منه - منهن

(2) رڙي- رڙهي

(3)  تري- ٽي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org