سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڪڇين جا قول

 

صفحو :5

ڪڇ جي ٻولي

ڪڇ جي عام ٻولي ”سنڌي“ آهي،جنهن کي”ڪڇي“ ڪري چئبو آهي. ڪڇ جي ٻولي لاڙ جي ٻوليءَ سان گهڻو واسطو رکي ٿي. اڪثر ڪري ڪڇي ٻولي جا لهجا، لاڙي ٻولي جهڙا آهن. ڇو ته لاڙ سان ڪڇ جا صدين کان لاڳاپا هليا اچن ٿا. ڪڇ جي ٻولي تي اتي جي تهذيب ۽ تمدن جو اثر پڻ پيو آهي. ڪڇ جي ٻولي جي جهلڪ ڪنهن لاڙي ماڻهو سان ڳالهائڻ ۾ پسي سگهجي ٿي. ڪڇي ٻولي تي گجراتي جو پڻ گهاٽو اثر پيل آهي، ڇو ته اها ٻولي ڪڇي ٻار درسي طور اڪثر پڙهندا ايندا آهن. هيٺ ڪڇ جي ٻولي جون نحوي بناوتون، تلفظ، اچار ۽ اکرن جي مٽا سٽا جي ڪي مثال سلسلي وار ڏجن ٿا:

[1] (الف) ڪن موقعن تي، اسان جا ڪڇي ڀاءُ اکرن کي وڌائيندا آهن واڌ اڪثر ڪري الف، ر، ئه ۽ ي سان ڪندا آهن، اسين چئون ”هڪ“ ته ڪڇي چون ”هيڪ“ ابوالحسن پنهنجي سنڌي ۾ چوي ٿو ته:

فاتح پڙهه م نماز ۾، ڀيرا ”هيڪ“ ٻئو.

”تن“ واحد کي اسين جمع ڪنداسون ته ٿيندو، ”تنن“ پر ڪڇي چون ”تنين“

پسيو پاب ”تنين“ جا، تيو درائون دٻن.

اسين ”اچڻ“ مصدر جي مضارع کي چئون ”اچن“ ، ته ڪڇي وري واڌ ڏيئي چون ”اچين“

ڀاڏالا ماري ”اچين“ مڇي، آئون کسڪئي وڃا کائي.

”مٺي“ لفظ کي واڌ ڏيئي چون ”ميٺي“

کاري ندي ني ”ميٺي“ ويري، جين ۾ چٽانير جا نارا.

”سڻان“ لفظ کي وڌائي ڪن ”سڻيان“، جيئن ته،

”سڻيان“ سو جو ڪري سجدي ۾ دانئون.

”ڍوڙن“ کي پنهنجي لهجي ۾ ”دوڙن“ چون پرڪٿ ته وڌايو ”دوڙين“ به ڪريو ڇڏين. ميان صاحب آرکاڻي ٻئون ترجک جي ميلي جو نقشو چٽيندي چيو ٿو ته:

سپاهي جمعدار فوجدار، ”اتي“ ”دوڙين“ تان ”دفعدار“

”ات“ کي ”ي“ سان وڌائي ”اتي“  چون. ”همت“ لفظ کي ”ي“ جي وڌاءُ سان ”هميت“ ڪري اچارين:

”پنڌ ڪرين تان پريت جو، هميت سان هساري“

مٿين ڪن ٿورن مثالن ۾ ”ي“ سان وڌاءُ وارا لفظ ڏنا ويا، اهڙا ٻيا ڪيترائي لفظ ”ي“ سان وڌائيندا آهن.

(ب) ”ئه“ سان به ڪافي وڌاءُ ڪندا آهن، ۽ ڇوٽن لفظن کي ڊگهو ڪندا آهن، گويا هڪ ٻه ماترا ”ئه“ سان وڌايو اکر جي سڃاڻپ ئي ڦيريو ڇڏين. ”ئه“ سان واڌ جا ڪي ٿورا مثال ڏيان ٿو:

(1) ”کسڪڻ“ مصدر جي مضارع کي اسين چئون ”کسڪي“ اهو لفظ مونث لاءِ ڪم آڻيندا آهيون ڪڇي انهي کي ”کسڪئي“ ڪري اچارين، عمر کي ”سياڙ“ جواب ڏيندي چوي ٿو ته:

”ڀڏالا ماري اچين مڇي، آءُ ”کسڪئي“ وڃان کائي.“

(2) ”لکڻ“ جي مضارع کي اسين ‎”لکي“ ڪري چئون پر ڪڇي ”لکئي“ ڪري اچاري، اسماعيل رنگريز ڪتاب جي مهاڳ ۾ لکي ٿو ته تو، ”مون هر بيت جي خاصيت وغيره پڻ ”لکئي“ آهي.“

(3) اسمن ۾ ائين واڌ ڪندا آهن، ”سيدن“ کي چون ”سئيدن“ – مثال:

”سئيدين“  پيرين ڪيئن آيا، جاڙيجا جڙوارا“

(4) ”سانڍيو“ کي وڌائي چون ”سانڍيئو“- ”ميان صاحب چوي ٿو ته:

”کاوند توکي کلڪيو، ماتا پتا، ”سانڍيئو.“ وغيره

(ج) ”و“ ذريعي به اکرن جون ماترائون وڌائي وجهندا آهن، جن جا ڪي خاص مثال هيٺ ڏجن ٿا:

(1) ”آئي“ کي چون ”آوئي“ اتي به ”و“  وڌاءُ جو ڪم ڏيندو آهي:

”ڀڄي ڇڏ پچار، نه ته کٽي کڄي ”آوئي“ (عمر)

(2) ”ڪيم“ ضمير متصل کي ”و“ سان وڌائي ”ڪئوم“ ڪندا آهن. اسماعيل رنگريز روضته الحسنات ۾ لکي ٿو ته: ”پورو پڙئي ڪئوم“

(د) ”ر“ سان اڪثر واڌ ڏيندا آهن، ۽ ”ر“ سان ننڍڙي اکر جون ماترائون به ڪجهه ٻين کان گهڻو زياده وڌائيندا آهن:

(1) ”ڇٽ“ کي چون ”ڇتر“

توتي ”ڇتر“ سليماني، مدد يا شاهه گيلاني.

(2) ”آڳاٽو“ لفظ بدران چون، ”اڳاترو“:

ته سڀئي نبي ۽ رسول جي هئا ”اڳاترا“.

(3) ”ننڊ“ کي چون ”نندر“

”جيئن ستا هئا رات جو، ”نندر“ جي وقتا“

(4) ”ٽيهٺ“جي بدران ”تريهٺ“ چون:

حضور جن ”تريهٺ“ ورهيه دنيا ۾ هئا حياتا.

ڪڇي اڪثر ڪري ”ٽ“ ”ڍ“ ”ڊ“ اکرن جي اڳيان ”ر“ واڌ لاءِ وجهندا آهن.

(هه) ”الف“ سان به ڪڇڪي ۾ اڪثر واڌ ٿيندي آهي، الف سان اکرن جي واڌ اڪثر ڪري سڀ قومون ڪنديون آهن. اسان به اڪثر ڪري ايئن ڪندا آهيون.هتي ڪڇڪي جا الف سان وڌيڪ  ڪجهه اکر ڏجن ٿا:

(1) ”ديسي“ لفظ کي ڪڇڪي ۾ ”ڏيسي“ چوندا آهن، پر گهڻا ”ڏيسائي“ به ڪري چوندا آهن.

”ڏيسائي“ ڪپڙو ڏي واڻيان، اسين ٻيو نه ڪريون واپار

(2)”چت“ کي وڌائي ”چانوت“ ڪري چون. انهي لفظ ۾ ٻين اکرن جي واڌ سان گڏ الف به شامل آهي:

چاڙهيڪل وارا اچين ”چانوت“ سين، ٻئا نيمي پاري.

اهڙي طرح اڪثر لفظ واڌ کائين ٿا، جن ۾ الف، ئه، ر، ي ۽ و مکيه آهن. واڌ فقط انهن اکرن وسيلي ئي ڪندا آهن، انهيءَ کان سواءِ ٻيا به ڪي خاص لفظ آهن، جي واڌ کائين ٿا ، جن جو ذڪر اڳتي هلي  لفظن جي مٽاسٽا ۾ ڪيو ويندو.

[2] ڪڇڪي جا ڪيترائي اهڙا لفظ به آهن جيڪي واڌ بدران سوس يا کوٽ ۾ اچي وڃن ٿا. اسان جي اچارن اڳيان هو کٽل ڏسڻ ۾ ايندا آهن. ڪڇي جن اکرن کي ڪڍيندا آهن ۽ اچارڻ کان پرهيز ڪندا آهن، انهن مان هه، ت، ن، و، ي، الف، ڪ، ر، ۽ د مکيه آهن. جن جا ٿورا مثال ڏجن ٿا:

(1) ”هه“ کي ته اڪثر ڪري ڪڇي، اچارڻ وقت، ڪڍي ڦٽوڪندا آهن. اچارڻ لاءِ وسئون ”هه“ وات تي نه آڻيندا آهن. ڪي نظم جا ٽڪرا پيش ڪجن ٿا، جن مان ”هه“ نڪتل آهي:

ڊنل جو دست،”جلين“ تون، مدد يا شاهه جيلاني.

------

ور ڏيئي واڳوءَ ”جئلو“ رانيءَ راڱ منجاءِ

------

نم ”نيان“ جا نمرا جين ۾ جنين يا پاڙا.

------

ٻج ان جو ”ٻار“ نه نڪري، پيو رهي منجهه پيٽ

------

سانوڻ ري سمورو نه ٿئي، سو نڪتو منجهه ”نيان“

------

لکين بخشيان ”اوان“ جون آءُ خطائون.

-----

اُٺ چارينديس ان جا، ميا جئليو ”مار“.

مٿين لفظن: جلي، نيان، ٻار، اوان ۽ مار ۾ ”هه“ آهي ئي ڪونه، اصل لفظ آهن، جهلين، جهليو، نيهان، ٻاهر، اوهان ۽ مهار. جن ۾ اسين ”هه“ استعمال ڪندا آهيون، پر ڪڇي اهڙن لفظن کي هلڪو ڪري ڪم آڻيندا آهن.

(2) ”ت“ جو اکر لفظن مان ڪڍي اچارن کي سسائيندا آهن. ”جتان“ ”هتان“ کي ڪڇڪيءَ ۾”جيئان“ ”هيئان“  ڪري چون.

(3) ”ن“ به اڪثر لفظن مان ڪڍي ڇڏيندا آهن.، اسين ”ڏانهن“ لفظ سنڌ جي سري، لاڙ، وچولي وغيره ۾ ايئن جو ايئن اچاريون، پرڪڇي انهي لفظ مان ”ن“ ۽ ”هه“ ڪڍي رڳو  ”ڏان“ ڪري اچارين:

آهيان ڏيندڙ اوان مون ”ڏان“ ڊوڪو.

”هينئر“ لفظ کي ڪڇي ۽ لاڙي ”هير“ ڪري اچارين. هتي ته ظاهر ظهور ”ن“ گهٽ ڪيو ڇڏين:

”ڳڻن ڀريان ڪي ڳاڻ ڳڻيا، هاڻي لڀن هير.“

(4)                       ”و“ به عام خاص لفظن مان ڪڍي ڇڏيندا آهن ”اوهان جو“ لفظ کي ”آنجو“ ڪري چون:

”آنجو“ آهي مريداني، مدد يا شاهه جيلاني.

(5) ”ي“ سان به ڪي لفظ سسائيندا آهن ”پهريائين“ کي ”پهرائين“ ڪري چون:

”پهرائين“ غاسل ۽ مغسول کي وضو سڄو ڏيئي.

(6)        ”الف“  سان ڪن لفظن کي ڊگهو ڪندا آهن اهي ڪن لفظن کي ننڍڙو به ڪندا آهن. ”ڏانهن“ لفظ کي ڪي گهٽائي ”ڏون“ به چوندا آهن. انهي مان الف ڪڍي ڇڏيندا آهن.

نظر ڪر حال ”ڏون“ منهنجي.

کائڻ مصدر مان اڪثر ڪڇي الف ڪيرائي ”کيڻ“ مصدر ڪندا آهن.

”توبهه ڪريو اوين افيڻ ۽ بنگ ”کيڻ“ ڪنا.“

”کوڙيائون“، ”جوڙيائون“ ۽ ٻين اهڙن قافين کي ڇوٽو ڪري کوڙئون ۽ جوڙئون ڪري چوندا آهن:

”کوسي مان اچي کيما کوڙئون،

جوش مان تن جنگ جوڙئون.“

(7)          ”ڪ“ به ڪن اسمن ۽ ٻين لفظن مان ڪڍي ڇڏيندا آهن؛ ”ڇوڪرا“ ڇوڪريون“ کي ڪڇي ”ڇورا“ ”ڇوريون“ ڪري چوندا آهن:

ڇورا رنا ڇوريون رنيون، لاڏئين ڏنا لوڏا.

 (8) ”ر“ سان اچارن کي وڌائي وڏو ڪندا آهن ته اها ”ر“ کٽائيندا به آهن. ”سراڻ“ کي ”ساوڻ“، ”سرڻ“ کي ”سيڻ“ ڪري چوندا آهن.

”پهلو“ لفظ جنهن کي اسين پهريون چوندا آهيون، سو ته بنهه ننڍڙو ڪريو ڇڏين:

”سيراڻ پڻ تورو کپي، ”پهلو“ اي پرياڻ.“

(9) ”ڌ“ گهڻن اسمن ۽ ٻين اکرن مان ڪڍي انهي جاءِ کي خالي ڇڏي ڏيندا آهن، اسين ”پنڌرهون“ چئون ته ڪڇي ”پنرهون“ چون:

”پنرهون“ پاڻي جي رسي، تيم پڄاڻا.

اهڙي طرح ”ر“، ”الف“. ”ئه‎“، ”ي“ سان اڪثر ڪڇڪي ۾ واڌ ڪندا آهن. ”ج“ سان به ڪڏهن ڪڏهن وڌا ڪندا آهن، جو هڪ نئون نمونو آهي. اسين ٿورو(گهٽ) چئون ته ڪڇڪي ۾ انهي کي زوردار بنائڻ لاءِ ”ٿوريج“ اچاريندا آهن(1). اهڙي نموني سان وري اڪثر ڪري اکرن کي سسائڻ يا گهٽ ڪرڻ لاءِ هه، ت، ن، و، ي، الف، ڪ، ر، ۽ د لفظ ڪڍي ڇڏيندا آهن. اهڙي طرح رواجي طرح استعمال ٿيندڙ حرڪتن جي ڪري لفظن ۾ واڌ سوس زنده ٻولين ۾ ڪثرت سان ٿيندي رهندي آهي.

ڪڇي ٻولي اسان جي سنڌي ٻولي جو هڪ ننڍو دفعو آهي ۽ اهڙو درجو رکي ٿو جهڙو سنڌ ۾ ٿري، لاڙي، اترادي، وغيره لهجا رکن ٿا. ڪڇي ٻولي هيٺين اکرن ۾ اڪثر پئي بدل سدل ڪئي آهي، ۽ انهي جي جڳهه تي ٻيا صوتياتي اکر پئي استعمال ڪيا آهن؛ الف، ب، ڀ، ت، ٽ، پ، ج، ڄ، جهه، ح، خ، د، ڌ، ڍ، ڊ، ذ، ر، ڙ، ز، س، ش، ض، ظ، غ، ق، ڪ، ک، گ، گهه، ل، ن، ڻ، و، هه، ئه، ي. انهن اکرن جي مٽاسٽا جا ڪي ٿورا مثال پيش ڪجن ٿا:

[1] ڪڇڪي ۾ الف کي ي ۾ بدلائيندا آهن، ”يارهون“ جي بدران ”اڪاهون“ ڪري چون:

”اڪارهون امام سين، رسڻ سڀ ڪنهن حال“

الف کي و ۾ تبديل ڪندا آهن، اسين الا چئون هو لو چون:

سائين مونجا سفر سانگ ڪياري ”لو“.

[2] ”ب“ کي ”ڀ“ ۾ تبديل ڪندا آهن. اڪثر ڪري ڀ کي ب ڪري اچاريندا آهن، پرڪٿ به به جي جڳهه تي ڀ ڪم آڻيندا آهن:

باهه ڏيان هن ”ڀنگلن“ کي، کوءِ سو هي گل گلزار.

ب کي ف جي بدران به ڪم آڻيندا آهن، ”واقف“ کي ”واڪب“ ڪري چون؛

هن درياهه جي واڪب نائيان، مدد آنجي سواءِ پير نه پايان.

”ب“ کي ”ٻ“ به بدلائبو آهي. ”بابا“ جي جڳهه تي ”ٻاپا“ ڪري چوندا آهن:

آهي ڪسونبو اسان جو، سڳو وڏو ”ٻاپا.“

[3] ”ڀ“ جي بدران ”ب“ ڪم آڻيندا آهن ”سنڀريا“ کي ”سنبوڙا“ ڪري چوندا آهن:

پرين ”سنبوڙا“ پنهنجي وطن کي، ڪري گايل سين گهات

[4] ”ت“ جي پاران ”ڇ“ چون، ”متان“ لفظ کي ”ڇ“ ۾ بدلائي (يا اصليت قائم رکي) چون ”مڇڻ“:

”مڇڻ“ سو وارهو خالي، مدد يا شاهه گيلاني.

”ت“ کي ”ڙ“ ۾ بدلائڻ هڪ مکيه لغوي ڳالهه آهي، لاڙ کي ڪي لاٽ به چون. اهڙي طرح جت يا جتيون جي ”ت“ ”ڙ“ ۾ بدلبي آهي.ا سين ڙ جي جڳهه تي ت ڳالهائيندا آهيون:

سمجهندا هئا سنڌ ۾، ”جوڙا“ وجئندا هئا هجار.

”ت“ کي ”الف“ ۾ به بدلائين. ڌرتي کي چون ”درا“ ۽ جمع ۾ ڪن ”دوائون“. اتي ”ت“ کي ”الف“ ۾ بدلائين ٿا:

پسيوپاپ تنين جا ٿيون، ”درائون“ڌٻن.

[5] ”ٽ“ کي ”ت“ ۾ بدلائنيدا آهن، ”پٽڙو، لفظ کي ”پترو“  ڪري چون:

پاڻي ڪناه ”پترو“ ٿاري ۾ ٿلهو.

”ٽ“ کي ڪڇي ”تر“ چئي، ”ت“ ۾ بدلائيندا آهن،”پوٽو“ کي چون ”پوترو“ :

تون پوترو پيغمبر پير جو، مرسل محمد مير جو.

[6] ”پ“ کي ”ڀ“ ڪري چون: اسين چئون”پنساري“ ۽ هو چون ”ڀڻساري“:

ڀلي آيا ڀڻساري، جي ڪڍن مرچن کي مار.

[7] ”ج“ کي ”ز“ ڪري اچارين، اسين ”موج” چئون ته ڪڇڪي ۾”موز“ ڪري چون:

ماڙهو ڏسين تا موز سين، ٻيو لکين ڏٺو ڏاتار.

[8] ”ڄ“ کي ”ر“ ۾ ملائڻ هڪ پراڻي رسم آهي، جا ڪڇڪي جي قدات جي اهميت ظاهر ڪري ٿي. اسين لاڙ ۾ ”ڪڄاڙو“ لفظ استعمال ڪندا پئي آيا آهيون، ايران جا اهير به ”ڪجا“ لفظ استعمال ڪندا آهن. اسان ”ڙو“ زياده وڌايو آهي. ڪڇي ”ج“ يا ”ڄ“ جي جڳهه تي ”ر“ ڪم آڻي چون ”ڪرو“ جنهن کي ”اڙدوءَ“ ۾ ”ر“ جي جڳهه ”ي“ نصيب ٿي، ”و“ ”الف“ جو ڪم ڏنو ۽ ”ڪيا“ لفظ ٺهي پيو. اهڙي طرح ”ڄ“ جي جڳهه تي ڪڇي ”ر“ قائم رکيو اچن ۽ هڪ لفظ ۾ ڪافي سرمايو سانڍيو اچن:

مهيڻا اوٺا چانءِ جا، آءُ ڪُري لا سهان.

[9] ”جهه“، ”ج“ ۽ ”هه“ جو مرڪب آهي، ڪو منفرد اکر نه آهي،پر جيئن ته اسان وٽ اهو به هڪ اکر ٿي ڪم ايندو آهي ،تنهنڪري لفظي مٽا سٽا لاءِ اهو ٻڌائڻ چڱو آهي ته : جهه کي ج ۾ بدلايو ويندو آهي. يا کڻي ايئن چئجي ته هه  ڪڍي ڦٽي ڪندا آهن، ته به صحيح آهي، ”ريجهايو“ لفظ کي ”ريجايو“ ڪري چون.

تو جي ريتين ”ريجايو“.

[10] ”ح“ کي ”و“ ۾ آڻيندا آهن، ”محلات“ کي ”مولات“ ڪري چوندا آهن:

مولات  آنجي مجا ڪيو، جين ۾ عطر کسبو اپار.

[11] ”خ“ کي ”ک“ ڪري استعمال ڪن، ”خوشي“ کي”کُسي“ ۽ ”خيما“ کي ”کيما“ ڪري چون:

کوسي مان اچي کيما کوڙئون.

[12] ”د“ کي ”ڏ“ ۾ تبديل ڪن، ”ديس“ کي ڏيس، ديسائي کي ڏيسائي چون.

ڏيسائي ڪپڙو ڏي واڻيان، اسين ٻيو نه ڪريون واپار.

------

ڏيسائي ڏيس جا ماڙهو اچين تا، سرتا رکي ساري.

”د“ کي ن ۾ بدلائين، ”مڃيندين“ يا ”وسائيندين“ کي ”مڃنين ۽ ”وسائينين“ چون:

مرڻو توتي مقرر ٿيو، امر الله مڃينين جاني تون جنگ وسائينين.

”ڙ“ جي جڳهه تي ”د“ ڪم آڻيندا آهن، اسين چئون ”ڳڌا“ ۽ ڪڇي چون ”ڳڙا“:

چانئي اچي چوسي ڳڙا، نر ويرين جا نير.

[13] ”ڌ“ جي بدران ”ڍ“ استعمال ڪن ٿا. ”ڌرتي“ کي ”ڍراءَ“ چون:

دُٻئي هلي ”ڍرا“ تين ۾ ماڙهن جوگڻو نقصان ٿيو.

[14] ”ڊ“ کي مرڪب ڪري ”ڊر“ ڪري اچارين، اسين چئون ”ننڊ“ هو چون ”نندر“. جئن:

ستا هئا رات  جو، ننڊر جي وقتا.

[15] ”ذ“ کي ”ج“ ڪندا آهن، ”موذي“ کي ”موجي“ ڪري چوندا آهن.

سڏڙا سڻج سيد جا، هن موجيءَ کي مار.

[16]  ”ر“ ، ل“ جو بدلجڻ عام ڳالهه آهي، ”جر“ کي ”جل“ ”ٿر“ کي ”ٿل“ عام ۽ خاص چوندا آهن.

سوري سا اوري پئي لڳي، کري پئي لڳي کاري.

”اولي“ ۽ سولي بدران اوري ۽ سوري ڪري چوندا آهن، ”ر“ کي ”ڃ“ ۾ بدلائبو آهي. ”ريلو“ کي ”ڇيلو“ ڪري چون:

ڇيلو هليو ڇانءِ و، هليا گيهه  کير.

[17] ”ڙ“ جي بجاءِ ”هه“ به آڻيندا آهن. جهڙو کي جيهو به چون.

پان ٻنهي عالم ۾ جنئن جيهو نه ڪو.

”ڙ“ کي ”ڻ“ سان به مٽيندا آهن، ماڻهو کي ماڙهو چون، سڙهه کي سڻ چون:

عادت ويئي انسان جي منجئا ماڙهن.

---

سڻ کڻي هو سمونڊ ۾ هليا.

”ڙ“ بدران  ڪي ڪي ”ر“ به چوندا آهن، اسين ڙي چئون پر ڪڇي ”ري“ (ندا) ڪري چون:

عاصي هن عبدالرحمان اتي ڪريو چت چڱائي ري!

”ڙ“ بدران ”ل“ به بدليو آهي، سير جي بدران سيل هت عام چوندا آهن.  

ساري سنڌ ۾ سيل ڪيوسين، جت چور گهڻا هئا چڪار.

[18] ”ز“ کي  ”ج“ ۾ تبديل ڪرڻ جو رواج عام آهي. ”نيز“ کي ”نيجا“ ڪري چون، ۽ ”هزار“ کي هجار“ ڪري چون. ”مز“ کي ”مجا“ ڪري چون:

ڌڃائون آنجيون کوب ڦڙو ڪئين، ڏسجين تا نيجا.

-----

دلي ۾ آنجي دانڪ پئي جت سوين هئڙا هجار.

-----

مولات آنجي مجا ڪيو، جين ۾ عطر کُسبو  اپار.

[19] ”س“ ۽ ”هه“ جي مٽاسٽا هڪ قديمي تاريخي ڳالهه آهي. ”س“ ۽ ”هه“ جي تبادلي ڪري ئي ”سنڌ“ کي ”هند“ نالو نصيب ٿيو. اسان جا هتان ويل ڀائر اسر (اهير، اڀير) به ايران ۾ وڃي ”س“ بدران ”هه“ چوندا هئا. ”اسر“ کي ”اهير“ چوندا هئا. ۽ ”سنڌ“ کي ”هند“ ڪري ياد ڪندا هئا، اسين به اڪثر جڳهين تي ”س“ جي بدران عام طرح سان ”هه“ ڪم آڻيندا آهيون، ”ديس“ جي بدران ”ڏيهه“ چوندا آهيون، ۽ ”دهه“ کي ”ڏهه“ چوندا آهيون. جيئن ته هتي وڌيڪ مثالن ڏيڻ جي گنجائڻ ڪونهي. تنهنڪري ڪڇ ٻولي جو هڪ مثال ڏجي ٿو. ڪڇي اڃا به ”س“ جو اچار اڪثر ڦيرائي ”هه“ نه ڪندا آهن. ”ڏوهه“ ۾ اسين ”هه“ ڪم آڻيندا آهيون، پر ڪڇين کي جس هجي جو اصل لفظ قائم رکيو اچن. ۽ ”ڏوهه“ کي چون ”ڏوس“:

ڏسندي مونجا ڏوس، ويا، جيئو راءِ پراڳ جا پروار.

[20] ”ش“ کي ”س“ ڪري اچاريندا آهن. عام طور ”پيدائش“ کي ”پيداس“، ”شرف“ کي سرف، ”مرشد“ کي مرسد، ”عشق“ کي عسق ۽ ”بيشمار“ کي بيسمار ڪري چون:

سراع وارا واٽ هلين، عسق وارا هلين.

-----

بلڪل اتان ڪين ڀلين، مرس انين ماند ڪيو.

-----

مجاور  پير جالئر ڪرين تا، جين کي پيداس آهي هجاري.

[21] ”ض“ پاران ”ج“ ڪم آڻيندا آهن ته ”عرض“ کي ”عرج“ ۾ تبديل ٿي ويندو آهي.

مونجو آهي وئڻ کانائي ۾، آءُ آئيان عرجدار.

[22] ”ظ“ به اڪثر ڪري ”ج“ ۾ تبديل ٿيندي آهي، ”نظر“ کي ”نجر“، ”لحظو“ کي لهجو“ ڪري اچارين.

نماڻي تي ”نجر“ ڪيا، هئڙا ڏسي حال.

-----

ڏاتار پانجا ڏاکڙا، لوئجي ۾ لائيندو.

[23] ”غ“ جي جڳهه تي ”گ“ اچاريو ويندو آهي، ”غريب“ کي ”گريب“ چوندا آهن.

ري گنئون گريب کي گڏيندو منجهه گاري.

[24] ”ق“ جي جڳهه تي سنڌي جي ڪن لهجن ۾ ”ڪ“ اچاربو آهي. واقف کي ”واڪب“ ڪري چوندا آهن:

هن درياهه جي واڪب ناهيان، مدد آن سواءِ پير نه پايان.

[35] ”ڪ“  کي ”گ“ ۾ آڻيندا آهن، ”شڪل“ کي چون ”شگل“ (يعني تصوير) :

تين منجهان به ٻلوان تيا، شگل ساهڙ جي يار.

[26] ”ک“ کي”هه“ ۾ ڦيري ڇڏيندا آهن، ”تنهن کان“ کي ”تينهان“ ڪري اچارين، ”تينهان“ پوءِ(هي ڪتاب) فارسي ۾ ٿيو.“(1)

[27] ”گ“ کي ”ڳ“ جي برابر سمجهن ٿا. ”گڻن“ کي ”ڳڻن“ ڪري چون:

ڳڻن ڀريا ڪي ڳاڻ ڳڻيا، هاڻي لڀن هير.

[28] ”گهه“ جي بدران ”گ“ ڪم آڻين. ڊگهو کي ڊرگو ۽ گهڻو کي گڻو ڪري چون:

پر قصو ان ڳالهه جو آهي، ڊرگو درازا.

-----

ڌرا ڌٻئي تين ماڙن جو گڻو نقصان ٿيو.

[29] ”ن“ کي ”ڻ“ ۾ ڪندا آهن، ”حسن، حسين“ کي ”حسڻ، حسيڻ“، ”پنساري“، ڀڻساري“ ۽ ”متان“ کي ”مڇڻ“ ڪري اچاريندا آهن.

’مڇڻ‘ سو وارهوخالي، مدد يا جيلاني.

-----

ڀلي آيا ’ڀڻساري‘، جي مرچن کي ڪڍن مار.

-----

’حسڻ‘ ’حسيڻ‘ سئيدي ۾ هئا، تڏهن وائين ترار.

”ن“ کي هه ۾ ڦيرائيندا آهن، سڀنن جي بدران سڀهن ڪري چون”

’سڀهن‘ مخلوق کان ناقص ۽ گهڻو نابڪار (آهيان)

-----

سردار ’سڀهن‘ اوليا، يا غوث پير اوليا.

[30] ”ڻ“ کي ”ن“ ۾ بدلائين، پاڻ کي پان ڪري چون:

سائين ته پانسين سونج ڪندو، اتي ته رب موليٰ.

[31] ”و“ جي بدران ”ن“ به ڪم آڻين. ”اوهين“ کي ”اُنئين“ ۽ ”اوهان کي ”آن“ ڪري چون:

آئيو منهنجا ”آنيئن“ سڀئي گدائي.

اڪثر ”اُ“ گهڻي ڪم آڻڻ ڪري، ڪيترن ”آ“ وارن لفظن کان پوءِ ”و“ سان وڌائڻو پوندو آهي. ڪڇي ”ڏهه“  ۽ پوءِ ڪي ته”و“ وڌائي ”ڏوهه“ ڪري چوندا آهن.

[32] ”هه“ کي ”ء“ ۾ تبديل ڪنداآهن، تنهن کي چون ”تنئن“.

تنئن ور ڏيئي واڳوءَ جهلئو، راني راڱ منجاء.

”هه“ ”ي“ ۾ ڦيري ڪم آڻيندا آهن. ”انهن“ کي ”اُنين“ چون:

”اُنين“ سندي ڀيڻ، سون سريڪي سندري.

”هه“ ”ن“ جي پاران به آڻيندا آهن، ”دهشت“ کي ”دنشت“ ڪري چون.

هي درياء جي ”دنشت“ سير پاڻي ۾ ناه گهٽ.

[33] ”هه“ کي ”ڳ“ به ڪري اچارين، ”پهتس“ کي چون ”پڳس“.

ميان صاحب چئي، مون کي مجا ٿيو، آءُ پڳس داتا آنجي درٻار

[34] ٿوري انداز سان ڪڇي لهجي ۾ ”ء“ جي جڳهه تي ڪي ٿوريون قومون ”هه“ ڪم آڻينديون آهن، ”سڻو“ کي ”سڻهو“ ڪري چون.

پڄاڻا حمد ۽ صلوات جو سڻهو سڀئي مومنا.

[35] ”ء“ جي جڳهه تي ”ي“ به استعمال ڪن. کائڻ کي چون کيڻ.

ميان جي دُٻ واري قصي ۾ آيل آهي ته آئون  کيڻ ويٺو هوس“، ”ء“ جي جڳهه ”ڻ“ به آڻين. ”رسايو“ کي چون ”رساڻو“ ته شال مسلمانن کي نفعو رساڻي.“

[36] ”ي“ جي بدران ”هه“ به استعمال ڪن، ”واريو“ کي وارهو ڪري چون:

مڇڻ سو وارهو خالي، مدد يا شاهه جيلاني،

ڪرهو توبه ڇڏهو حڪم عدولي.

ڪريو ۽ ڇڏيو کي ڪرهو ۽ ڇڏهو ڪيو ويو آهي.

[37] ”آ“ جي جڳهه تي ”اُ“ گهڻو ڪم آڻيندا آهن. اها لاڙين، ڪڇين ۽ ٻيلاين جي مکيه عادت آهي. ”منٺار“ کي مُنٺار“، ”ڏُهه کي ڏهه چوندا آهن.

ڏهه ڏينهن سختيون ڏنائون.

يا هوند کيرج کيرپڙو، يا مٺائي مُنٺار.


(1)  سنڌي ٻولي جي تاريخ ص 154.

(1) مهاڳ ڪامل التعبير

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org