مخدوم واعظ عبدالله عرف ميان موريو منڌرو
هي صاحب اصل ڪڇي نريي جو هو. پر پنهنجي عزيز
ابوالحسن وٽ علم سانگي ٺٽي ۾ ڏينهن گذاريندو هو. ۽
علم جي تڪميل ڪندو هو. سندس والد عبدالقادر به ان
وقت ٺٽي ۾ رهندو هو. جو ابوالحسن جو سڳو سوٽ هو.
هن کي ٻه پٽ هئا: هڪ محمد حفيظ ۽ ٻيو عبدالله.
ميان عبدالقادر هڪ متبرڪ انسان هو.
ميان موريي جو ڀاءُ، محمد حفيظ به هڪ ڪرامتي شخص
هو. جيڪو به غير مسلم سندس منهن ڏسندو هو، سو
بروقت اسلام ۾ داخل ٿيندو هو. مسجد اسلام پورا
انهي جي نالي سان مشهور آهي. ڪالڪان جي جاءِ وٽ
جتي هندو ميلو لڳائيندا هئا. اتي هن مسجد جو بنياد
رکيو ۽ ڪافي مسلمانن ڪيا. تحفته الڪرام جو صاحب
اڳتي هلي، انهي خاندان جي باري ۾ لکي ٿو ته، ميان
عبدالله واعظ عرف ميان موريو پڻ هڪ باصفا عالم هو
۽ سندس بزرگي ۽ برڪت ملڪن مشهور هئي. پنهنجا برڪت
ڀريا وقت هميشه وعظ ڪرڻ ۾ مشغول رکندو هو. سندس
اولاد مان ميان عبدالقادر حرمين شريف جي زيارت ڪري
آيو هو ۽ پيءُ جي وعظ جي مجلس اچي سينگاري هئائين.
اها مجلس سينگاري هو 1186هه / 1774ع ۾ وفات ڪري
ويو.“
ميان موريو مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رحه جو همعصر هو.
پاڻ علمي فضيلت جي ڪري ”ميان“ جي درجي مان ”مخدوم“
جي عاليشان درجي تي پهتو هو. ميان مخدوم عبدالله
واعظ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي (رحه) کي عزت جي نگاهه
سان ڏسندو هو. ۽ انهيءَ جي ڪتابن مان حوالا فخر
سان وٺندو هو.
”مخدوم عبدالله آخرين عمر ۾ وڃي پنهنجي ڳوٺ نريي ۾
رهيو، پٺيان مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رحه ڪا ضروري
عبارت لکي ۽ انهي تي سڀنن عالمن کان صحيحون
ورتيون، پنهنجي دوست عبدالله جي به صحيح لازمي
سمجهي، ۽ هڪ ماڻهو هٿان، اها عبارت کيس ڪڇ موڪلي
ڏني. اتي انهي قاصد کي پتو پيو ته ”مخدوم عبدالله
گذاري چڪو آهي“ اهو ٻڌي اهو قاصد ورڻ لڳو ته واٽ ۾
هڪڙي هنڌ هڪڙو جهنڊ ۾ قاصد کي ڪو ماڻهو گڏيو، جنهن
هن کان حال احوال ورتو ۽ اها عبارت به ورتي. جهنڊ
۾ ويهي پڙهڻ لڳو پوءِ ڪجهه لکي ڏنائينس ۽ اهو شخص
هليو ويو، جڏهن ماڻهو ٺٽي پهتو تڏهن اتي مخدوم
هاشم ٺٽوي کي سڄي ماجرا ٻڌايائين ۽ چيائين ته هو
وفات ڪري ويو آهي. پر مخدوم عبدالله جي ڪاغذ تي
صحيح ڏسي سڀ حيران ٿي ويا، ۽ پوءِ قاصد کي ڪل پيئي
ته جهنڊ ۾ ڪير هو.
سندس لکيل ڪتابن مان ٻارهن ڪتابن جو پتو مليو آهي.
جي هي آهن: (1) ڪنزت العبرت (2) بدرالمنير (3)
غزوات (4) نورالابصا (5) صفت بهشت (6) قمر المنير
(7) سنگ نامو (8) تفسير يوسف (9) شجاعت سيد الانام
(10) قصو سيدنا امير عمر جو اسلام آڻڻ (11) خلفاء
راشدين (12) شهادت امام حسين
انهيءَ کانسواءِ سندس ٻيا به ڪتاب هوندا ته شڪ نه
آهي. بادشاهه پير جي شان ۾ مدح چيائين هئائين.
نورنامي عرف ابوالحسن جي سنڌي ۾ محفوظ آهي. سندس
ٻيا به مولود ۽ مداحون ۽ مداحون ۽ ڪي مضمون ڇڙوڇڙ
آهن.
سندس نظم جي طرز پنهنجي آهي. جيئن سندس وڏي بزرگ
ابوالحسن ڪتاب ۾ ڪٿي ڪٿي اها طرز اختيار ڪئي آهي.
تيئن پاڻ سڄي ڪتاب ۾ اهڙي طرز وٺندو ويو آهي.
ڪافين وٽس کوٽ نه آهي. ابوالحسن جي سنڌي جي ”آ“
قافيي وانگر سندس اڳيان سڀ قافيا آسان آهن، جو
قافيو منهن ۾ اچي ويو، انهي طرز ۾ وڃي دنگ ڪيو
اٿس. قمر المنير جي شروعات ڪري ٿو:
هاڻي سڻو مومنا، هنئين جي ڪَنن،
اوصاف احمد ڄام جا، پار سندا پرين،
ته ڪهڙا رکيا رب هئا، اخلاق عجيب منجهن،
سيد سونباڻيون
تن سين جي صفتون سڻن سندين،
ته ويتر ٿئي ورنه ڏونه
محبت ڪنان
مڙن،
پڻ ايمان ۽ اسلام، بچي ڪنان آفتن.
ساڳئي قافيي تي ڪتاب کي کنيو اچي ۽ پنهنجي فصاحت
بلاغت ڏيکاريندو پيو اچي:
عادت وئي احسان جي، منجهان ئي ماڙهن،
وڌا شڪ سڀن کي، سرهي
شيطانن،
مهر محبت لڏيو، هيج
نه منجهه هينئن
پڇڻ ناهه پرت سين، منجهان محبتن،
ويا ڪرلاهو
قلب جا، پسي جي ڄاڻن
جتي پارڪ
پڌرا، صراف هون سندن
۽ راعي جي رڍن جا: سڃ منجهه سڙن
هيري لعل فيروز جي، پرک نه پنهوارن.
بس ”اُن“ جا سهڻا قافيا گويا وڃي ٿو پوئندو.
شروعات ”ان“ قافيي ٿي ته دنگ به وڃي ”ان“ قافيي تي
ٿيو. پاڻ براق جي تصوير پئا ڏيکارين.
ڪري رقص رءِ
پئي، نچي سر نازن،
هينئڙي هڻڪارون ڪري، ڪڏي ڀر قدمن
سهکو اُڀي نه ساٿرو، مهندان مقبولن
جي گهڻو سڃاڻا گوهر، اي دادلو ڌڻين
مولي سندو محبوب جو، سو سڀيئي سڃاڻن
اکين تي آءُ کڻان، پيراڙيون پرين.
مدح: پاڻ جتي آنحضرت ﷺ ۽ اصحابن سڳورن جي ساراهه
ڪئي اٿس، اتي بادشاهه پير کي به نه وساريو اٿس.
سندس چيل مدح، ”ابوالحسن جي سنڌي“ ۾ داخل آهي،
جتان اسين هتي نقل ڪري رهيا آهيون. هن مدح مان
ظاهر آهي ته پاڻ قادري طريقي ۾ شامل هو.
مدح پيران پير دستگير
سچا محبوب سبحاني، اٿي اي غوث گيلاني،
اچي هن حال تي ٿاني، مدد يا شاهه جيلاني،
اسان جو حال تو داني پازي کي لاهه پشيماني
آنجو
آهي مريداني، مدد يا شاهه جيلاني
سچا سرتاج بغدادي، شڪستيءَ کي ڏيو شادي،
تو درجو آهي فريادي، مدد يا شاهه جيلاني
آهين تون قطب رباني، نسورو نور نوراني،
وسيلو ٿي ضعيفاني، مدد يا شاهه جيلاني.
تو سر تي تاج رحماني، آهين تون پير پيراني،
سچا سادات صمداني، مدد يا شاهه جيلاني.
رسين مون راهه رڻ رڃ ۾،پيارين آب تون اڃ ۾،
سگهو ساڻي ٿي سڃ ۾، مدد يا شاهه جيلاني.
مولي در مرتبو عالي، سندو تو آهه مثئالي،
منهنجي ڪر وهر في الحالي،مدد يا شاهه جيلاني.
مون تي پئا مدعي داهين، اپر ايذاء ۾ آهين،
ڏينهان ڏينهن سامهون ڪاهين، مدد يا شاهه جيلاني.
تني کي پاڻ پلي آ تون، بڇي هيبت هڪلين تون،
ڊنل جو دست جلي
آ تون، مدد يا شاهه جيلاني.
عطائون آن سنديون اهڙيون، پالوٽيون بحر جون
جهڙيون،
تعريفون تو ڪريان ڪهڙيون، مدد يا شاهه جيلاني.
جياري دين پرور جو، آهين اولاد انور جو،
کٽيو جنه ڪوٽ خيبر جو، مدد يا شاهه جيلاني.
سچي زهرا سندءِ ڏاڏي، محمد مير جي زادي،
آهين اصلهين تون اولادي، مدد يا شاهه جيلاني.
شفيع جي ڪل عالم جا ويا آهيو آنئين ڪن جا،
سڻهو
سڏڙا سوالين جا، مدد يا شاهه جيلاني.
غمن گهر ڪيا منهنجي جيءَ ۾، آهيان اوڙاه اُهکي ۾،
سگهو رسجيم سختيءَ ۾، مدد يا شاهه جيلاني.
تو سر تي ڇتر
سليماني، تون يوسف آهين ثاني،
اجهو آهين ضعيفاني، مدد يا شاهه جيلاني.
ڪونهي ڪو خيرخواهه منهنجو،دلاسو آهي مون آنهنجو،
ڪرهو
سرهو پازي پنهنجو، مدد يا شاهه جيلاني.
دوا آهين مريضن جو، بچا آهين غريبن جو،
دلاسو ٿي ڏکوين جو، مدد يا شاهه جيلاني.
تون آهين دوست ته درجو، ڏنو توکي جه ئي درجو،
پيارو تون پيغمبر جو، مدد يا شاهه جيلاني.
نڪو ساريان وسيلو ٻيو، محمد مير ري پهجو،
آنئين
پڻ اولاد انهي جو،مدد يا شاهه جيلاني.
آهين تون نور عرفاني، سڳورو شبر سبحاني،
ڪرم ڪرين يتيماني، مدد يا شاهه جيلاني.
آهيان تولو آنهنجي در جو، ٻهارو راهه پيزر جو،
آهي تو حوض ڪوثر جو، مدد يا شاهه جيلاني.
تون آهين دين جو باني، سونهاري راهه رحماني،
ڪونهي ڪٿهين تنهنجو ثاني، پشيمان ٿيس پاين ۾،
تيلاه
ترڪئس ڪماين ۾، مدد يا شاهه جيلاني.
پسي مسڪين ويچارو، ڪندا ڪئين تنهنجو
ويسارو،
آنهنجو جه آه آسارو، مدد يا شاهه جيلاني.
آگي آنکي ڏني عزت، محمد مير جي حرمت،
تيلاهه ٿيو نام تو نعمت، مدد يا شاهه جيلاني.
منور پاڪ پيشاني، زبان منجهه ذڪر رحماني،
سڳورو سيف حقاني، مدد يا شاهه جيلاني.
تنهنجي در تي آهيان تاني، بنا مشڪل سي آساني،
آهي تو اپر عصياني، مدد يا شاهه جيلاني.
نظر ڪر حال ڏون منهنجي،پروڙيو ڪشف سين پهجي،
ڀروسي آهيان آنهنجي، مدد يا شاهه جيلاني.
محي الدين شاهه ميران، مدد ٿي حال دل گيران،
رسين فرياد غم گيران، مدد يا شاهه جيلاني.
تنهنجي ٿي مدح ملڪن ۾، آهين مشهور ملڪن ۾،
ملائڪ انس جنن ۾، مدد يا شاهه جيلاني.
هي ”عبدالله“ آهي سوالي، آنهنجي درگاهه جو عالي،
مڇڻ سو وارهو،
خالي، مدد يا شاهه جيلاني.
پني پنهنجي نگهباني، منگي
ته حق آساني،
ته ٿئي دور حيراني، مدد يا شاهه جيلاني.
آهيان مدعي آءُ آنهنجو، نسورو دانهن آءُ آنهنجو،
گولو درگاهه آءُ آنهنجو، مدد يا شاهه جيلاني.
هن مدح مان ظاهر آهي ته ان وقت پاڻ ڏکن ۽ ڏنجهن
سان ڀريل هو ۽ مدد جي لاءِ پوڪاري رهيو هو.
هارون راجسي پوٽو
ڦوٽي مڱڻهار سان مارڪو ڪندي معلوم ٿيو ته ”ڪلهوڙن
جي وقت ۾ ڪڇ ۾ هارون راجسين پوٽو هڪ يار ويس بزرگ
هو، ۽ ٿر ۾ بلاول بلالاڻيءَ جي روحانيت جي رمزن جي
هاڪ هئي، ٻئي پهتل شخص هئا، ٻئي وقت جا سٺا شاعر
به هئا. بلاول عمر جو ننڍو ۽ هارون عمر جو وڏو هو.
هڪ ڏينهن بلاول، هارون کي نياپو ڏياري موڪليو ته
”پنهنجي پر پٺ ياريءَ، جو ننگ نڀائيندو اچج.“
انڪار ته اڳيان به ڪونه هو. پرپٺ سواءِ ڏيٺ ويٺ جي
سنگت پڪي ٿي وئي. روحاني رمزون هڪٻئي ڏانهن
سوکڙيون ڪريو پئا موڪليندا هئا ۽ شعر و شاعريءَ ۾
هڪ ٻئي سان سوال ۽ جواب پئا ڪندا هئا، سندن
دوستيءَ جي ٿر ۽ ڪڇ ۾ هاڪ هئي.“
”وقت گذرندي ويرم ئي نٿو ڪري، هلندي هارون جا چوڻا
اوڻا ٿي آيا. يار جي منهن ڏسڻ جي به سڪ وڌي ويئي.
جيسين ماڻهو وڃي، وڃي يار بلاول کي ٻڌائي، تيسين
ته شيءَ وڃي مالڪن کي پهچندي. سپرين جي سڪ ساڻي ٿي
اندر واري ڇڪ هارون جي دل کي بلاول سان ڳنڍيو.
هارون يار کي، آخرين ملاقات روبرو ڪرڻ لاءِ عرض
ڪيو ۽ چيو ته:
چرين جو چيو ڪري، وڳ نه واريائون،
تاسين نه ساريائون، جاسين هين جو هُل ٿيو.
بلاول يڪدم پنهنجي ڪاري لوئي ڪلهي ڪئي. ڪَري کڻي
پيراڻيءَ پنڌ پيو. هارون به ماڻهو بيهاري ڇڏيو هو
ته ”هنن پارن ڪو بلاول ايندو کيس يڪدم مون ڏانهن
وٺي اچجو.“ ماڻهو اوسيئڙو ڪندو رهيو. ٻن ٽن دفا
ماڻهو ڊوڙي آيا ته، ”هارون کي هاڻ وڃي هڪيءَ ۾
ساهه رهيو آهي. الله جي بلاول ڪڏهن ايندو ته هارون
جو ساهه سولو نڪري وڃي.“ پر بلاول ته ڏاڍي دير
ڪئي. آخر اهو اطلاع پهتو ته ”هارون جا هٿ پير
سنوان ڪيا ويا آهن، شيءِ وڃي الله جي ٿي.“ ايتري ۾
بلاول به اچي نڪتو. کيس مڙهه مٿان نيئي بيهاريو
ويو.
بلاول جي مرضي هئي ته يار جو پهريون ۽ آخري ديدار
نصيب ٿو ٿئي پر هي ته اچي ٺلهيءَ رک تي بيهي رهيو،
قرب وارا ڪاٺ ته ٻري بسم ٿي ويا هئا، اکين مان
بادل وسڻ لڳا. گلو ڏک ۽ دردن سان ڀرجي آيو، آواز
نه نڪري، آخر وڏي سوز ۽ فراق سان يار کي ڏوراپو
ڏيئي چوڻ لڳو ته ”گهرايئي! پر ديدار به ته ڪونه
ڪرايئي، ڏاڍو ڪو ڪٺور ٿو ڏسجين، افسوس! اُٺن
اوڳارڻ بند ڪري ڇڏيو:
اُٺ نه اوڳارين، ڏاگهن ڏيهه چتايو.
ايترو چوڻ سان بدن ۾ ساهه پئجي ويو، ۽ هارون جي
اکين مان لڙڪ وهڻ لڳا، اهو ڏسي بلاول چيو ته:
ڪريو مهاڙ ملير ڏي، هنجون
ٿا هاريو
سفر ٿا سارين، ڪيچ اڳاهين پنڌ جو.
وري به بلاول چيو ته:
اڄ نه اوڳارين، ڏاگهن ڏيهه چتائيو،
بوتا بر بلاول چئي، سفر ٿا سارين،
هنجون ٿا هارين، پسيو پنڌ پهاڙ جو.
اهو ٻڌي هارون چيو ته:
اڄ به اوڳارين، آنرا ٻڌا چرن نه ٻُور،
هلڻ جو هارون چئي، مين کي مذڪور،
سندو سفر سور ڏئي
ٿو ڏاگهن کي.
پوءِ سندن روح رهاڻ ٿي ۽ آخر هارون وفات ڪئي ۽
بلاول سندس ڪلهين ڪانڌي ٿيو، پوءِ موٽي ٿر ۾ آيو.
بلاول ميرن جي وقت ۾ وفات ڪئي، باقي هارون ڪلهوڙن
جي حڪومت جي پڇاڙي ڌاري وڃي واصل ٿوي. پاڻ
ڀرنڊياري جو رهاڪو هو ۽ راجسي پوٽا مٿانئس سال
بسال ميلو لڳائيندا آهن.
ميان جي الهڏنو
ميان جي الهڏنو، مُنري جو رهاڪو هو. دين اسلام جو
فدائي هو. بتن جي پوڄا ڏسي خار کائيندو هو، پر ڪري
ڪجهه به نه سگهندو هو، ڇو ته حڪومت هندن جي هوندي
هئي. پاڻ شعر و شاعري به ڪندو هو.
سن 1876سنبت، مطابق 1232هه، برابر 1817ع ۾ ڪڇ ۾
ڌرتي ڌٻي هئي ۽ ڪيترا شهر زمين هيٺ اچي ويا هئا.
انهي زلزلي ۾ ڀڄ ۾ هڪ هزار ماڻهو موت جو شڪار ٿيا،
مُنري ۾ هڪڙو واڻيو ۽ هڪ ڪنڀار به وڃي سرڳواسي
ٿيا. جيئن ته ميان جي اهل دل انسان هو، تنهنڪري
سندس خيال موجب ته: ”اولياء ڪرام جي ڪري مُنرو
نقصان کان بچيو آهي، باقي سڄي ڪڇ بتن جي آسري ڀاڙڻ
تي، قادر جي قهر هيٺ آئي آهي.“
ميان جي ته، ارجعي آواز تي لبيڪ چئي وڃي جنت واسي
ٿيو، پر ميان جي جي اها ٺاهيل موتين جي مالها عوام
جي ڳلي جو هار ٿي رهي ۽ سڄي ڪڇ ۾ عام مشهور هئي.
مولوي محمد اسماعيل ”روضت الحسنات“ 1332هه ۾ پوري
سئو سالن کان پوءِ شايع ڪرايو، جنهن ۾ اها حڪايت
پڻ بيان ڪئي اٿس. انهيءَ حڪايت جو عنوان هن طرح
آهي: ”حڪايت ڪڇ جي راءِ ڏيسر جي خوش طبعي ۽ سخاوت
جي بيان ۾.“ پوءِ اها حڪايت ڏني اٿس. جا ڪڇي لهجي
۾ آهي ۽ فائدي کان خالي ناهي، تنهنڪري نقل ڪجي ٿي:
”هي مذڪوره نسخو ڀڄ ۾ ميان جي حسن بن فقير محمد
سيڃ
واري ماتام وٽ رهندو هو. سو هي نسخو قلمي لکئل
پاهجي
پاڳ ۾ ٻدي
هيڪڙي ڏينهه
گگوءَ ڀاءُ صاحب جي در وٽان ٿي لنگيو ته تنهين وقت
مهارائو سري ڏيسر جي، ڪڇ جو رائو، پاڻ لقوي جي اثر
کان، او
مرض دفع ٿيڻ لاءِ، گگوءَ ڀاءُ صاحب جي دوار جي
انڱڻ ۾ تنبو لڳائي، پاڻ ڪرسي وجي،
ويٺا فقيرن کي کارائيندا هئا.
مذڪوره ميان جي اتان اچي لنگيو
تنهن کي سيد ياسين شاهه، سرائي واري، ماتام جا
پروسي اتي حاضر هئا. صاحبن ميان جي کي سڏ ڪري چيو
ته ”اچي مٺائي کائي وڃو“ تنهن تي ميان جي صاحب
تنبو ۾ ويا، ۽ رائو صاحب ياسين کان پڇيو ته هي ڪير
آهي؟ تڏهن ياسين شاهه جواب ڏنو ته ”هي ميان جي
آهي.“ تنهنڪري وري پڻ مهارائو صاحب ميان جي کان
پڇيو ته اي ٻچا! تون ڪن منجان
آهين؟“ تنهن تي ميان جي چيو ته خاوند! آءُ فقير
محمد جو پٽ آيان،
ته وري رائو صاحب پڇيو ته فقير محمد ڪهڙو؟ تڏهن
ميان جي چيو ته فقير محمد پير جي مجاورن منجهان.“
تڏهن رائو صاحب چيو ته ”سڃاتو“.پوءِ ميان جي چيو
ته آئون کيڻ ويٺوس، سو هند
مهاراجا جي نزديڪ هو، تڏهن رائو صاحب مون ڏان
نظر ڪري ناريو
ته منهنجي پاڳ ۾ مذڪوره نسخو ڏسي پڇيو ته هي پاڳ ۾
ڪڄاڙو آهي؟ تڏهن مون چيو ته ته ؛ ”هي
خاوند! هڪڙو نسخو سنڌي آهي!“ وري رائو پڇيو ته
”منجهس ڇا لکيو آهي؟“ ته مون عرض ڪيو ته منجهن ڌٻ
جو بيان لکيو آهي.“ تڏهن رائو صاحب پڇيو ته ” ڌٻ!
سو ڇا؟“ تڏهن ياسين شاهه چيو ته؛ ”خاوند! ڌٻ جو ڪڇ
۾ ڌرتي ڌٻئي
هئي ته
جو بيان آهي.“ تڏهن رائو صاحب کي تنهن جي سُڻڻ جو
گهڻو شوق ٿيو ۽ فرمايائون ته؛ ”پري
سڻاءِ!“ تڏهن الٽو مون کي خوف ٿي پيو ته يا خدا!
تون خير ڪج ته هي راءِ ڏيسر آهي ۽ هن ۾ ڌٻ جي بيان
۾، شاعر ڀتن
سڀن کي ڀڃايو آهي. ۽ ڪڇ جي پيرن کي ساراهيو آهي ۽
تنن جي دعا ۾ واهر سين خدا ڪڇ کي ۽ ماڙن
کي ڌٻ جي آفت کان بچايو آهي. پاڻ رائو صاحب هندو
آهي. جي ڪري هندن جو ڪُوار جو بيان آهي، سو سُڻڻ
ساڻ ناراض ٿي مون کي متان ڪا سزا ڪا ڪري، پڻ من ۾
خوف جي سبب کان، ڳالائي
پڻ ڪين سگيس
پڻ پڙڻ
جي فرمان ساڻ، ياسين شاهه کي چيو ته: ٻاوا! اوين
پڙو.“
تڏهن ياسين شاهه چيو ته ”تون پڙ!“ تڏهن مون عرض
ڪئي ته: آئون ڪين پڙهندس. سو ڳال ٻڌي خاوند هن ۾
ڀتن جي ڀڃڻ جو بيان آهي، تنهن ڪري نٿو پڙهي.“ تڏهن
رائو صاحب فرمايو ته: توکي ڪين ڪنداسون تو متي
گناهه ڪوناءِ، تون پڙهي ٻڌاءِ. تڏهن ميان تمام
پڙهي سڻايو ۽ رائو صاحب سڀ خيال ڇڏي، برابر ڪن رکي
ٿي سڻيو ۽ ويٺي کليا. جڏهن پڙهي پورو ڪيوم، تڏهن
رائو صاحب فرمايو ته: ڀت
سڀ ڀڄي ويا آهن ۽ پاهجيءَ
ڪڇ کي ڪو پڻ ڪم ناهه آهيو
ته پڻ پير ڪم آيا آهن، سو ڳال
چئي پوءِ فرمايائون مالي سومري کي جو رائو صاحب وٽ
ڪم ڪار ۾ گهرو هو (تنهن کي چيو ته) اي مالا! پاڳ
مدراسي، سونهيري (سونهري) ڇيڙي واري ٻارنهن گزن جي
ٻڌاءِ ۽ ڪوريون پنجويهه روڪڙيون ڏينس ۽ هڪڙي مٺائي
جي ماٽي.“ آءُ خوش ٿي ڪري ڪوريون نوڪڙيون پنجويهه
پاڳ ۽ مٺائي جي ماٽي وٺي مانجي
گهر آيس ۽ رائو صاحب جي حق ۾ دعا ٿو ڪريان ته اهڙو
سخي مرد ۽ خوش طبع رائو ڏيسر هو. تنهن جي اولاد ۾
راڄ قائم رکي، تنهنڪري هي حڪايت پڻ مناسب يادگيري
لاءِ هن ڪتاب ۾ درج ڪئي ويئي آهي.“
ساراهيان سو ڌڻي، جو الاهه عالمن
جنيهن جا جهان ۾ حڪم ٿا هلن
خالق خلق خلقئي، ڪارڻ – ٻانهن
”وما خلقتُ الجن والانس الا نيعبدون“،مانَ سائين
سڃاڻن
ته خالق هن خلق جو، شال پرور رکي پن
جيئن ڏسيو ڏوهه ڏويهاڻي، ٿا ڪوڙان ڪم ڪن،
کايو ناز نعمتون ٿا مديون رکن من
پسيو پاپ تن جا ٿيون ڌرائون
ڌٻن
سي ٿورا ڏسا ڏيهه ۾، جيڪي حق هلن.
ڏسو هاڻ ڏينهن ۾ هي ٿا جهڙا ڪن ڪرتوت،
او لڪي ويا لوڪ ۾، جي اڳوڻا آڀدوت،
هاڻي هن ..... .....
ساماڻا سالڪ چئي ڏيهه ۾ گهڻا ڏئوت
حرام ..... .....
سي ٿورا ڏينهن ۾، حق ڇني جني جا قوت،
ڏسو هي ..... .....
حيا ڇڏيو حاڪمين، جنئن ڪنهين جي نه رکن ڪان،
هليو پسن ..... .....
پسو پويين وقت جا، اهڙا ٿيا انسان،
سي ٿورا ..... .....
سڻو سڀ ساٿيا، هي قصو منجها ڪوڏ
سانجهي وقت سر ..... .....
کان اڳي ڏني اوجي، ڪا ڌرتي کي ڌوڏ
سي سڀ ڇڄي پٽ پيا، ..... .....
ڌٻي پيئي ڌارا جو، لوڪن ڇڏئي لوڏ،
ساعت ۾ ..... .....
توبه ڀريو تڏهن ٿي ڦيڻين ڇڏيا ڦيڻ،
وسري ويا ..... .....
سا ڏاڍي هئي ڏيهه مٿي، جڏهن ڌٻي هئي ڌر
ڪريا ..... ..... .......
آيو زور زمين کي، جيئن ڀيلي ويا ڀر
کيڙ ڇڏيو ..... .....
.......
ناري
ڀڄي نڪتي ۽ ٿيا نماڻا نر،
سڀني کي ..... ..... ......
ويساري ڇڏيا والدين، پنهنجا ٻچا ٻار،
سا سُئي ..... ..... ......
غريب غني گهر منجهان، ڀڳا تڀ تجار،
ڪني پڙهيا ڪلما ....... ..... ....
ڪني ڪڍي ٿي منهن منجهان، توبهه جي توار
چڱا مندا مڙيئي ....... ..... ....
سيبڻ ڇڏيو سُرئي ۽ سڪي ويا سوٽاڙ،
لڳو پوءِ ....... ..... ....
ڊنا گهڻا ڌوٻي ٻيا، سونارا سنگهار،
ڏريا ”بوري“....... ..... ....
”حجام“ سڀ هروڙيا، ”لنگها“ ۽ لهار،
اڀا روئڻ ريهون ....... ..... ....
”پنهوار“،”ڏسا“، ”واڻيا“ هئا، منجهه ويچار،
ڪن دانهون ....... ..... ....
”ڪمي“ ڪوڏي“ ڪنبي ويا، ”موچي“، ميگهواڙ،
”شورا“، ”سوڍا“....... ..... ....
”کتري“،”خوجا“، کهنباٽڙي“، ڌٻي،
ڀڳا ڌار،
پسي دور ....... ..... ....
”ميمڻ“ ملان مڙيئي، هيلَ
ٿيا هيڪار،
سامي ....... ......... ..........
”جکرا“ ”جت“، جوڻيجا، لڇيا ”لاکار“،
....... ......... .......... زار،
”اُڍا“، ”ڪيور“، ”ڪوريجا“، ڪنبيا ”ڪنڀار“،
....... ......... ..........
ٻيار،
”منڌرا“،”نوڙيجا“، ”منڱريا“، کيمي ويا ”کينگار“،
....... ......... ..........
چنوار،
گولين، ٻانهيين گولن تي، اچي ويئي انڌار،
....... ......... ..........
”پرهيار“،
رکو تنهن رب جي، آئين يادگيري يار،
....... ......... .......... ڏيکاريا
ڏاتار،
ات اڇلي وڌا، سڀني هٿ منجهان هٿيار،
....... ......... .......... ويا
ڪفار،
بُت ڀڄي ڀورا ٿيا،ڦاٽي منجهان ڦار،
....... ......... .......... اسان مٿي
مار،
ڪڍندو جو ڪافرن جا هڻي کني سين کار،
....... ......... .......... ڌارو
ڌار،
سي ملي ”شاهه مراد“ سين، ٿيا ولي پير و هار،
....... ......... .......... هزار،
پندرهن کنيائين پاڻ سين، سندا ئي پير سوار،
....... ......... .......... سماچار،
سو ڀلو چڙهيو ”ڀڄ“ منجهان، ڪري نرت نهار،
....... ......... .......... اسرار،
”جڙئي پير“ جهوري وڌي، سندي ڪفر ڏار،
....... ......... .......... آڌار،
”عمر“ ميون اُٿيو، ايءُ سڻي پير پڪار،
....... ......... .......... سردار،
سي چڙهيا پير ”رڪن“ سين، مڙئي پير منجهار،
....... ......... .......... ٽڪر
واري ٽار،
چيو محمد مڪائي کي ”يقين شاهه“
يار،
....... ......... .......... هلي
ڪرينم وهار،
بتن کي ان باتين جي، جڏهن پئي ڪن توار،
....... ......... .......... سيتلا کي
سار،
چئي ڀڃ
”گڻين گاوڙيا، ات ٿيندي ڪانه ٿار
....... ......... .......... منجهه
پار،
ماتا ڀڳي مڙهه منجهان، ڪيائين پنڻ جي پچار،
....... ......... .......... رسيا
ڪنڊار،
پئي ان پليت جي، سوڙهي
ڪڍيائين سار،
....... ......... .......... ڪرڻ جي
اُچار،
”ٽيڪم“ ڀڳو ٽوڻي منجهان، ڀروڏو ڀاڙو ڀار،
....... ......... .......... پريين
پار،
ڀڳي ”ڀواني“ ڀيچرا، ايءَ سڻي سماچار،
....... ......... .......... آسار،
وڃائي ويو ”وانڪل“ کي کهڙيو کيترپار،
....... ......... .......... هالار،
نا ته اچن ٿا، ”امام مهدي“ جا، ڪئڪ بيشمار،
مهاڏيو،
ڇڏي ملڪ کي ڀڄي ٿيو بيزار،
هاڻ ”رڻڇوڙ“
جي راڄ ۾، ڪريان ڪيئن قرار،
........ رڙيون ڪري، سا پڻ ڀڳي ٻهار،
”ابليس“ جو انهين جو، تنهن پڻ نه ڪئي وهار،
........ سڀ ڀڄي ڪري، اُڪري ويا ”انجار“،
هاڻ ڳاڻيٽڙي ان ڳالهه جي، وهلي اتان وار،
ته ڏاڏو هو ڏمر جو، ڪو ڀڄاڻي تي بار،
جيئن لٽجي ويٺي لوڏسين، سندي ڀڄ بازار،
جنهن ۾ مري پيو، ماڻهن جو هڪڙو هزار،
هڪڙو سئو ۽ سٺ ماڻهن، اُٿڙيا منهه ”انجار“،
ٻه مئا سي ”مُنري“ ۾، واڻيو ۽ ڪنڀار،
آيو سڻي سڏڙا، سو گودڙيو گلزار،
مولي رکيو ”مُنري“ کي اولياء جي آڌار،
برڪت نبي ڪريم جي، سڀ تري پيا پار.
ڪوهه ڄاڻان ڪوهه ٿيو، ڪو ٿيندو اڃا عجبا،
ته مڃي رب توبهه ڪريو، ڪنان حراما،
۽ توبهه ڪريو ترت، ڪنان لاڀ جي کيڻا،
۽ توبهه ڪريو ڀنگ ۽ افيون
کيڻ
ڪنا،
چئجا ته جيڪو شخص نماز نه پڙهندو منجهه دنيا،
تنهين تي نماز جنازي جي، پڙهڻ درست ناهه،
۽ منجهه مقام مسلمانن جي، دفن ان کي مَ ڪجا،
ڌر ڌٻئي سخت، جو منجهه ”ڪڇ“ جي ملڪا،
ورهيه هو ٻٽيهون سو، تيرهين صديءَ منجهان،
سنڌي تاريخ ٻاوهين، ماهه شعبانا،
رات هئي خميس جي ۽ وقت مغربا،
ڌٻڻ ٿيو ڌرا جو، منجهه تنهين وقتا،
الاهي ”الله ڏني“ کي، مرهيين تون موليٰ،
جو ساڪن شهر ”منري جو“ جو ۽ ڪري گذرانا،
ساڻ لڏايين ڪلمي، دنيا دار منجهان.
لاالهٰ الا الله محمد رسول الله.
|