سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڪڇين جا قول

 

صفحو :18

بخدمت فيض درجت، خورشيد طلعت ابر ڪرامت،

درياء رحمت، نور معرفت جناب ڪمال شاهه سلامت،

يار وفادار، سونهه(1) سينگار، گل رخسار،

خوب گفتار، ڪبڪ رفتار، نيڻ ٺار، قلبي قرار،

ڳچيءَ گهه(2)، هين(3) جوهار سندم سردار سلامت.

 

پنڄاڻا سلامنجي ڪجا معلوما،

ته هت سڀوئي خير آهي فضل سان خدا،

۽ خير عافيت جيون خبرون اچن اوان جي طرفا،

هاڻي هي حقيقت پڙي(3) پرورنجا،

ته ڪاغذ اوان جو ڪونه آيو گڻا ڏينهه ٿئا،

مون ٻه ٽي ڪاغذ موڪلئا، هردم حجا منجها،

وردي مليم ڪانڪا تهجو آهيم افسوسا،

هاڻ طرف مون غلام جي ڪاغذ آئين لکجا،

جي جانب جواب نه لکندا، تڀ حرف نه اوان تي آهه،

پر لکڻ گرجي خط جو مٿي مسڪينا،

لکندا جي سمائڪ پرتاب آهجو احسانا،

هاڻ مطلب پڙي مسڪين جي ڪاغذ جو ڪجا،

ته دوست اوانجي دلجي پهتي مرادا،

خبر سڻي تهجي ٿي روح ۾ راحتا،

شال الله عشاقنجيون اميدون پڃا(5)،

وڄن ڏينهن وڇوريجا(6) وري اي ورقا،

هاڻ عاشق انهين گال(7) جو لايو دليلا،

مولو پهجي مهر سي ڪندو خير خدا،

ڪيون نصيحت تنکي موچاري طرحا،

ورندي ڏنا تن وير تهه ته آيو آئه(8) ٺيا(9)،

هاڻ ساوڻجو سنڀهي اسان وٽ اچجا،

پري اوانجي پاڻ ۾ سگي ٿيندي سرچا،

هاڻ ٿورو لکئو گڻو ڪري ڄاڻجا،

حضرت ماڙو چونٿا، ته مئين ڦل جو پير هو پرچا ڪندا.

 

باقي رومال اوانجو سنڌ ۾ سيد حيدر شاهه وٽ ڇڏئو هو اسان،

سو اوانکي پهتو يا ن پهتو سو لکجا.

 

مٺا محبوب موٽي ڪر ڪا ملڻ جي،

ڇنڻمان ڇا وري ڪر ڪا ڳنڍڻجي.

 

ڪريان ڪوڏ مان احمد کي عرضي،

رکي پيرل سندي مرسل مرضي.

 

لکو خط جي خبر لکجو اسانڏي،

هجي شال خير پڻ هردم اوانڏي.

 

خداوند جيري ملڻ ٿيندو،

ڪي ماري مٺي کي موت نيندو

 

مٺا محبوب م ڪر ايڏي وڏائي،

انهه چلتي سندا ڏينهڙا اڍائي.

 

نه ڪاغذ آيو نه ڪو خط نه نياپو،

جڪس محبن ڇني ڇڏئو لئاڪو.

 

بخدمت ادي ڀائي طرفا سڀ ماين جي دعا سڻائجا،

طرفان حاجياڻي جي دعاء سڻائجا.

صالح محمد جا سلام رسن جواب طلب خودبخود

الراقم

ميان ڦل

3 صفر 1319هه

تمت الڪلام

ميان ڦل ڪوراڙ وڏو مبلغ هو. وڏن عالمن فاضلن سان اٿندو وهندو هو. انهن مان پير باونعلي شاهه ”ساقي“ ۽ مصري شاهه نصرپوريءَ سان سندس خاص تعلقات هئا.

ڪڇ ۾ پاڻ پنهنجن مريدن وٽ عزت ماب هو. انهن لاءِ پنهنجو نصيحت ڀريو ڪلام جوڙيو هئائين ۽ اهو ڪلام سندس مريد وڏي احترام سان اڄ به پڙهندا رهن ٿا.(2)

ولي محمد ڪوراڙ

هيءُ بزرگ ڦل ڪوراڙ جو ڀائيٽو ۽ ناٺي هو. ڦل ڪوراڙ جي پڇاڙي واري وقت ۾ سڀ ڪم ڪار پاڻ سنڀاليندو هو. ايتري قدر جو پنهنجي چاچي جو ڇڙوڇڙ ڪلام به گڏ ڪري شايع ڪرايو هئائين، انهي ڪتابن جي اشاعت لاءِ پاڻ ڪراچي ۾ ڪيترا دفعا آيو ويو هو. هونئن به سنڌ سان سندس گهڻو لاڳاپو هو، جڏهن پير عاليشاهه ۽ مير غلام علي صاحب هڪ ٻئي جي سامهون اليڪشن ۾ بيٺا هئا، تڏهن هن صاحب پير صاحب جي ساراهه ۾ ڪيترائي شعر چيا هئا، جي مولوي حاجي احمد ملاح کي ناگوار گذريا ۽ هنن جا هڪ ٻئي ۾ سوال جواب شعرجي ذريعي هلڻ لڳا، جي مزاح جي حد کان لنگهي، اوگهڙي واري حالت تي وڃي پهتا ۽ هڪ ٻئي بُرا ڀلا لفظ چوندي به نه گُسندا هئا. پاڻ سيلاني هئڻ ڪري سڄي سنڌ، ڪڇ، گجرات ۽ مارواڙ گهميو هو. صادق کتري ٻڌايو ته: ” ولي محمد ڪوراڙ جو پٽ محمد حياتي آهي. محمد پڻ سٺو ۽ برک شاعر آهي.“ پاڻ ريٻارين ۾ ويندو هو جتي مريد اٿس. پاڻ شريعت جو پابند هو. ماڻهو کيس سڏيندا ئي مولوي ڪري هئا. پڙهيل به چڱو هو فقهه ۽ قرآن جو عملي شاگرد هو، ڪيترنئي تعليم به ڏيندو هو ۽ پنهنجي مريدن ۾ شاهه ٿيو ويندو هو. پاڻسواءِ غريبن جي ٻي ڪنهن به امير يا عملدار جي ساراهه مور نه ڪيائين. شيخ نور محمد ننگرپارڪر وارو ڪڇ ۾ فوجدار ٿي ويو، تنهن چورن جون ڀڏون رلائي ڇڏيون ۽ غريب عوام سک جي ننڊ سمهي سگهيو.

انهيءَ کان ڪيترا ٿر جا شاعر متاثر ٿيا هئا. سندس سرپرست ڦل محمد پڻ نورمحمد جي ساراهه ۾ ڪلام جوڙيو هو، انهيءَ ريس ۾ اچي پاڻ پڻ بيت ٺاهيائين، جنهن ۾ شيخ صاحب کي خراج عقيدت پيش ڪيو اٿس، جو هڪ طويل بيت آهي. سڄي ڳالهه هڪ بيت ۾ کڻي پوري ڪئي اٿس:

ساراهيان سبحان کي جو ملڪن جو مختيار،

جنهن مڪو محمد هاشمي اڙين جو آڌار،

آگي امامن کي، ڏنو عزا پار،

مجلسي محبوب جا، صحابي سچار،

آگي انسانن جا، ڪيا مرتبا موچار،

مهربانيون مالڪ جون، ڳڻڻ ڪنان(1) ڌار،

قادر ڪڇ ملڪ تي ڪيون ڀلايون بيسار،

ننگيءَ نور محمد کي، ڪيو فائق فوجدار،

جنهن جي اچڻ سان آباد ٿيو، سڄو ڪڇ ڪنار،

پهلوان رستم کان گهڻو، سو بهادر ڀاليدار،

گهڻو نوشيروان کان، عادل آهي اپار،

عاقل وڏو اڪبر ڪنان، دانهه سو دلدار،

سخي ڏاڍو حاتم کان، سو ڏيڻ ۾ ڏاتار،

مٺو سو ماکي ڪنان، سهڻن جو سردار،

سيرت صورت سڦرو، نازڪ نيڻن ٺار،

داغ آهي دشمنن جو ۽ دوستن جو دلٺار،

حرامين جا هڪل سين، ڏاري وڌئين ڏار،

چورن کي چوري تان ڇڏڻي پيئي پچار،

زاني سڀ زنا کان ڀڄي ٿيا بيزار،

ڪٽڻ ڪٽپڻي کان، دست کڻي ٿيا ڌار،

ماري منڪرن جا، جهوري ڪنڌ ڪپار،

قسمت ساڻ ڪڇ مان، سو مرد ويو مڻيار،

جانب جوناگر(2) ڏانهن، چڱا ڏينهڙا چار،

تان ٿيو اونداهو ڪڇ ۾، چئن ڏسين چوڌار،

بدمعاشن بدمعاشيون ڪيون، اُٿيا چور چڪار،

ڪيئن فسادن فتان، اچي ٿيا اظهار،

جو ڏڄڻ کي ڏنجهه هئا، سي سرما ٿيا صدبار،

تان واريو واءُ فضل جو، وري رب ستار،

پهتو اچي پهلوان سو، ڪڇ ۾، ڪلنگيدار،

دليون دوستن جون ٿيون کلي باغ بهار،

دشمنن جي منهن تي، پئا ڦوڪ ڦلهيار،

حرامي هٽي ويا، سڀني مان ويئي سار،

آءُ تو دعا الله کان، هيئن گهران هروار،

فائق فوجدار جو، ونگو ٿئي نه وار،

هوءَ اڳري عزت تنهنجي وٽ راجا راءِ کنگهار،

ٿئي ڪامورو ڪل ڪڇ جو، نورمحمد ننگدار،

 سڀ سلامي تنهنجا، هو جو شينهن سندو سالار،

دشمن تنهنجا ”درس“ چئي، غرق ٿين منجهه غار،

آفت ملامت کان، ٻيڙو هجيس پار،

فائق فرزند تنهنجو، ’غلام محمد‘ گلزار،

عمر خضري تنهن کي بخش رب جبار،

بخت ٿئيس سڪندري، منجهه دنيا جي دار،

خاندانو خان جو، هوءِ چند جي چمڪار،

سڀ سلامت تن جا، بچن ٻار يار،

واحد ”ولي محمد“ جا، سڻج سڏ ستار،

ڪلمي جي پچار، سڀ لنگهندا لڪيون(1).

ميون صاحب آرکاڻي

ميون تماچي، جو اوريئڙي ۾ آرامي آهي، ابوالحسن جو نرئي جو رهاڪو هو، ميان موريو، جو ابوالحسن جو رت هو، هارون راجسين پوٽو، جنهن جون بلاول بلاڻيءَ سان روح رهاڻيون ٿينديون هيون، ميان جي الهڏنو جو، منري جو رهاڪو هو، باقر شاهه ناڙاپي وارو، جو سوين اديب ۽ شاعرن جو گرو يا استاد هو، رتن ٻائي، سونل ٻائي، ميون صاحب آرکاڻي، ميران ٻائي ۽ ٻئا سندس خاص شاگرد هئا، پير غوث محمد شاهه لکپت وارو، ابراهيم جت، حاجي عمر کٽي، عمر لوهار، عمر جوڻيجو، منٺار شاهه، اسماعيل رنگريز، يوسف سائل، اسحاق جمال، ابراهيم مڏئي وارو، احمد لوهار، ڦل ڪوراڙ، سيد جلال شاهه، ميون ملوڪ، ابو لنگهو، حاجي هارون کتري، عبدالرزاق کتري، ابراهيم کتري، الهڏنو پڇمي، الهڏنو شاهه، علي ذوالفقار، سيد قاسم، عبدالله شاهه، حيدرشاهه موکائي ۽ ٻئا سوين ڪڇ جا گذريل بزرگ سنڌي ادب جا چمڪندڙ ستارا هئا. اهڙن بزرگن منجهان ميون صاحب آرکاڻي به هڪ بزرگ هو.

ميان صاحب آرکاڻي، آرکاڻيءَ جي سيدن مان هو. سندس والد نصير محمد ولد اڀا ميان وڏو شريعت جو صاحب هو. راڳ روپ سان اصل ڪانه هوندي هُيس. فقير سيد نصير محمد شاهه جو ڏاڏو ٻاوا مڱيندو هڪ وڏي پائي جو شاعر هو. ميان صاحب جي والد شريف باقاعدي شريعت جي صاحب هجڻ جي باوجود هڪ ڏينهن، پنهنجي گهر واريءَ کي تنبورو آڻي ڏنو اهو ڏسي گهر واري چيس ته: ” توهان پيرسنيءَ ۾ شريعت کي پٺيرا ٿي راڳ روپ سان دل وندرائيندا ڪَ؟“جواب ڏنائين ته:” منهنجو پٽ ميان صاحب! وڏو راڳ جو عاشق ٿيندو، انهيءَ جي لاءِ هي تنبورو آندو اٿم.“

اها اڳڪٿي اڳتي هلي پوري ٿي. ميان صاحب اڃا ٻالڪ ٻار هو ته انهيءَ تنبوري تي پيو ڳائيندو هو. راڳ ۾ اول اول ويسو سومرو (هندو) سندس استاد ٿي رهيو. پوءِ هڪ قريشيءَ وٽ قرآن پاڪ پڙهيو. پيرزادو ۽ بچل شاهه به سندس تعليم ۽ راڳ جا اوائلي استاد هئا.

ميان صاحب جي ناناڻي جي ٻائٽ جا هئا، سي سيد نصير محمد جي وفات کانپوءِ کيترن ۽ ٻين ملڪيتن تي قبضو ڪرڻ لڳا ته ويسو سومرو هن خاندان جو گهڻگهرو ٿي بيٺو. استاد ته اڳي ئي هو ۽ هاڻ خانداني جهڳڙي ۾ به پنهنجي مرشد ۽ ٻالڪي جو ساٿي ٿي بيٺو.

ڪرول موساڻي جو گهم گهمان ميلو لڳندو هو. سائين ميان صاحب ۽ سندس استاد ويسو سومرو به سنڀريا. گهر ميان صاحب کي ريشمي ڪپڙا پارايا ويا. سون جا زيور ڍڪايا ويا. هي ننڍڙو ٻيجهل ٻاوا تنبورو هٿ ۾ کڻي سومري کي يڪتارو ڏيئي ماءُ کان ڏيڍ ڪوري خرچي وٺي ٺڪ اچي ڪرول موساڻي جي ميلي تي ڪيائين. بلي بلي! ميلو ڀل ڀلان لڳو پيو هو. ڪئين راڳائي اچي ويا هئا. اُتي هي ننڍڙو راڳائي به پنهنجا جوهر ڏيکارڻ آيو هو. سڄي رات ڳائيندو رهيو.”سندس ڪو سُر هو، ڪنجهي وانگر ٿي ٻريو.“ جتي منجهيو ٿي اتي استاد ويسو ساڻس ساٿي ٿي ٿيو. پوءِ ته سڄي ميلي ۾ هن ملوڪ جي واهه واهه هئي، وڏا وڏا ڳائڻا اچيو سندس اڳيان گوڏا ڀڃيو ٿي ويٺا. مطلب ته سڄي ميلي ۾ سندس ئي نالو ميڙي ۾ مڙني جي مک تي هو.

باقر شاهه ناڙاپي وارو ان وقت ڪڇ جو مشهور پير هو. سندس دل گهريو جاڙو خليفو راڳائي گذاري ويو هو. باقر شاهه مائي مريم ۽ مورئي خليفي کي چيو ته: ”ڪرول جي ميڙي ۾ وڃو، ڪو سهڻو ڳائيڻو وٺي اچو ته درٻار جي رونق قائم رهي.“ مائي مريم ڪونجين واري ۽ موريو خليفو، اُٺن تي چڙهي ميڙي ۾ آيا. هن ننڍڙي ڳائڻي جو راڳ کين وڻيو ۽ چيائون ته، ”ٻاوا! اوهان کي باقر شاهه سڏايو آهي.“ ميان صاحب ٻڌو هو ته: باقر شاهه گيڙو رتا ڪپڙا ڪري ٿو، ڀڳمون (ٻڪاني) ٻڌي ٿو. هندن جي جوڳين وانگر رهي ٿو.“ سو ، ميان صاحب کي هن لاءِ دلي نفرت هئي ۽ چئي ڏنائين ته:” اسين بخاري سيد، انهيءَ جوڳيءَ ته جادوگر ڏانهن هلي پنهنجو شان گهٽ ڪونه ڪنداسون“ پر ويسي سومري کيس برمي برمي هلڻ لاءِ راضي ڪيو.

ميان صاحب ته باقر شاهه وٽ آيو. پر مائي مريم ۽ موريو خليفو وڃي پنهنجن ڪم ڪارن ۾ لڳا. هنن جي يادگيري ئي  ڪانه ڪيائون، تنهن تان پئي چيائين ته: ” بي مانائيتن جڳهين تي ڇو آيا آهيون، هلو ته هلون،“ ايتري ۾ باقر شاهه به اچي پٿر تي ويٺو، جيڪو سندس وهڻ لاءِ مقرر ٿيل هو. باقر شاهه کي ڏسي هن جي هيڪاري دل خراب ٿي ۽ وڃڻ تي زور رکڻ لڳو. ايتري ۾ مائي مريم کان باقر شاهه ڳائڻي جو پڇيو، ان ميان صاحب ڏانهن اشارو ڪيو جو ڏسي باقر شاهه چيو: ” هي ته ڪنهن ٺڪر جو ٻار آهي.“ پر پوءِ پتو پيس ۽ چيائين ته هن سادات کي ادب سان وهاريو ۽ کيس رلي ڏيو.“ ميان صاحب رليءَ تي ويٺو ۽ عزت جڙيس، ته اڳوڻي وڃ وڃائي به ڇڏيائين ۽ ماٺ ڪري ويٺو.

راڳ جو وارو آيو، راڳاين راڳ ڳايو، ٽين بجي ڌاري ميان صاحب کي حڪم ٿيو. احمد نهڙيو ۽ جيمل سوڍو دلو کڻي ويٺا. ميان صاحب شاهه جي سر رامڪليءَ مان بيت چيا ۽ جوڳ ۾ واهه جو رس ڪيائين. جڏهن ميان صاحب مونا طور سينا واري بيت تي پهتو ته باقر شاهه جي اکين مان آب ڇرڻيون ڪري وهڻ لڳو ۽ ميان صاحب کي وائي چوڻ نه ڏني. پنهنجي منهن مبارڪ مان فرمايو ته: ” سائين ننڍڙا! توهان غوراب آهيو. هتي سڀنن جا مک آهيو.“ پوءِ سڀنن ڳائڻن جو سرمک مقرر ٿيو. ميان صاحب کي عزت ملي ته باقر شاهه لاءِ کيس عزت پيدا ٿي. عزت آهي عزت جي پٺيان.

ڪرول جي ميڙي لاءِ ميان صاحب کي سؤ ڪوريون خرچي ڏني ويئي هئي، جنهن مان فقط ميان صاحب پنج ڪوريون خرچ ڪري سگهيو ۽ باقي وٽس رهيون. ميڙو لڳي ڇيهه ٿيو، پر ميان صاحب نه موٽيو، ويسو سومرو آرکاڻي ۾ ويو. ماڻس کي اها خبر پئي ته کيس اچڻ لاءِ خط لکيو پر والده کي جواب موڪليائين ته، ”مون کي ڪجهه وقت هتي ڇڏيو ته آءُ ڪجهه حاصل ڪريان ۽ پنهنجي مرشد ۽ گروءَ باقر شاهه کان ڪجهه ڪڻا وٺان.“ پوءِ ماڻس ب اچڻ تي زور نه رکيو.

پٺيان باقر شاهه کيس پنهنجو خاص ٻالڪو مقرر ڪيو ۽ کيس پنهنجو ڌاڳو ٻڌو. سال 1890ع/ 1940 سنبت ۾ جڏهن باقر شاهه وفات ٿي ڪئي ته ميان صاحب کي پنهنجي لب وات ۾ وڌائون ۽ کيس سهڻي آواز ۾ ساعر ٿيڻ جي دعا ڪيائون. ان وقت ميان صاحب جي عمر 35 ورهين هئي.

باقر شاهه جي وفات کانپوءِ پاڻ موٽيو ٿي پنهنجي ڳوٺ آرکاڻي آيا، ته واٽ تي سندن مريدن کيس کانائي ۾ ترسائي وڌو، ۽ اُتي کين ٻنيون ۽ مڪان ڏنا، جيئن مرشد جو ويجهڙائي ۾ ديدار پيو ٿئي. پوءِ پاڻ آرکاڻي ۽ کانائي ۾ پيا رهندا هئا. جي سندن رهڻ جا هند هوندا هئا. پاڻ وڏي عزت، مان ۽ مرتبي سان رهندا هئا.

کيس خدا پاڪ ٽي پٽ عنايت ڪيا: هڪ ڀاون شاهه، جيڪو وفات ڪري ويو، ٻيو عاليشاهه ۽ ٽيون سندن فرزند حاجي شاهه آهي.

حاجي شاهه صاحب ڪراچي ۾ رهي ٿو. پاڻ کانائي ۾ 1955 سنبت ۾ ڄائو هو. پاڻ به سٺو شاعر آهي. سندس ڪافي عالم ۽ اديب دوست آهن، جن مان ڪي گذاري ويا آهن. ڪي حياتي آهن. اسماعيل نهڙيون، جلال شاهه، عمر لوهار، عثمان نهڙيو، قاسو ٻائو، عبدالله شاهه، منگو چارڻ ۽ حيدر شاهه موکائي سندن ساٿارين مان آهن. پاڻ به ڪڏهن ڪڏهن شاعري ڪندو آهي. راڳائي به سندن ساٿارين مان آهن. پاڻ ٻه گهر پرڻيو هو ان مان کيس ٻه فرزند ٿيا. هڪ مصري شاهه ۽ ٻيو نور شاهه جي پڻ سٺا راڳائي آهن. پاڻ 1947ع ۾ سنڌ ۾ آيو ۽ ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو. ميان صاحب آرکاڻي جي ٻالڪن مان منگو چارڻ ۽ جيمل مشهور ٻالڪا هئا. انهن کي ميان صاحب پنهنجي ٻچن وانگر ڀائيندو هو.

ميان صاحب راءِ صاحب جو درٻاري ڳائڻو هو. راجا راءِ کنگهار راءِ پراڳ جو پٽ ادبي محفلن جو ڪوڏيو هوندو هو. ميان صاحب سال تي 360 ڪوريون پگهار طور ڏيندو هو ۽ ميان صاحب جڏهن به وٽن درٻار ۾ ايندو هو، تڏهن پندرهن ماڻهن جو کاڌو پيتو ۽ گهوڙن جو گاهه پٺو ڏنو ويندو هو، جو ضرورت کان وڌيڪ هو ۽ انهيءَ جي وڪري ما سوين روپين (ڊينگلن) جا منهن اڻ پڇيا ميان صاحب کي ملندا هئا. راءِ وٽ وڏا ڳائيڻا ۽ نالي گويا رهندا هئا، تن مڙنن کان پاڻ ميان صاحب مٿاهون درجو رکندو هو. انهيءَ جي عيوض ميان صاحب جا گڻ ڳايا ۽ کيس ڪلام ۾ ساراهيو ۽ دعائون ڪيون. ان وقت برطانيه جو راڄ هو، راءِ صاحب انگريزن جي اڳيان، اڪيلي سر شينهن کي ماريو ته، سرڪار ڏاڍي خوشي ٿي ۽ کيس ”سوايو بهادر“ جو لقب ڏنو ۽ ايڪويهه توبن جي سلامي ڏني ۽ 13 هاٿي انعام ۾ ڏنا. انهيءَ خوشي جي موقعي تي پاڻ هيٺين ڪافي راءِ کنگهار جي شان ۾ جوڙي ۽ عقيدت جا گل راءِ جي خدمت ۾ پيش ڪيا:

کمانڪ راءِ کنگهار، آيو ڏيهه ڌڻي ڏاتار،

ڏسندي مونجا ڏوس ويا، جيو راءِ پراڳ جا پروار.

 

بهادري آنکي ڀلي جڙئي، آن تي سريوم آء سرڪار،

ڪڇ بنيو آنجو قلعو بنيو آء(1) ڀڄ بازار.

 

دليءَ(2) ۾ آنجي دانڪ پئي، جتي لکون هئڙا هجار،

رڄواڙا سڀ ڀيرا(3) ٿيا، اُتي سوڀ کنئي سلدار.

 

جين سين نه ڏٺو سينسار ۾، هلي ”منوڀا“ تي نيار،

جوڙي اها جڳت ۾، تون قائم رک ڪلتار.

 

ڀلي جنميا ”ماڌوبا“ جين کي هاديءَ ڪيو هسيار،

مولات(4) آنجيءَ مجا ڪيو، جين ۾ عطر کسبو اپار.

 

ميان صاحب چئي مونکي مجا ٿيو، آءُ پڳس داتا آنجي درٻار،

منئن ڏٺو ات جو موجيلا، مون جو ڀيڙو ٿئي ويو پار.

”پانچم جي سواري“ حڪومت ڪڇ طرفان نڪرندي هئي. انهيءَ سواري ۾ هاٿي ۽ ماڻهو سينگار ڪندا هئا. راجا ۽ سندس خاندان هاٿين ۾ ٿيو وهندو هو. ميان صاحب اها سواري ڏٺي ته راجا جي شان ظاهر ڪرڻ لاءِ چيائين ته:-

ڏٺي پانچم جي هسواري، جين ۾ عجب رنگ اسراري،

منئن ڏٺو ”مڌوبا“ جو، سرتا ٿي ويئي ساري.

 

هاٿي گوڙا هلن مثلين مثلين، بيگل وڄي تي ڀاري،

هيرا جوئر ماڻڪ موتي، تخت ڏٺو ميناڪاري.

 

راءِ کنگهار کُسي سان ويٺا، هاٿ جي هنڀاري،

گادي تان جي گيلاني، شل قائم رکي ڪلتاري.

 

ميان صاحب چيئن(1) مون چئِي سڻايو دنياداري،

ڳائيندس ڳوٺان ڳوٺ ۾، جيئن ”مڌوبا“ مختياري.

 

”ٻاهتر جک“ جو ميڙو ويسلا سردار لڳائيندو هو. راجا راءِ کنگهارڏٺو ته اها ڳالهه چڱي ناهي. سو ڇا ڪرايائين جو پنج پٿر جا گهوڙا غار ۾ لڪائي بيهاريا ويا. عام مشحور ڪيو ويو ته جکن جا پنج سردار فلاڻي هنڌ پيدا ٿيندا. راءِ کنگهار انهيءَ ڏينهن پنهنجي سپاهه سان اُتي آيو. غار مان پنج گهوڙا پٿر وارا ڪڍيا ويا.هوڏانهن ويسلا جو ميڙو للڳائي رهيو هو. ٻي سال عام مشهور ڪيو ويو ته”جتي ٻاهتر جکن جي سردار راءِ کي ديدار ڪرايو هو. اتي به ميڙو لڳندو.“ ٻئي سال دڪان لڳي ويا، ڪئين مزا ٿي ويا. راءِ صاحب ميان صاحب کي چيو ته: ”هن ميڙي ۾ جيڪي ذاتيون آيون آهن، انهن جو ڪنهن ڪافي ۾ ذڪر ڪر.“ ميان صاحب وٽ انڪار ته هوئيڪونه، اتي ڪن تي هٿ رکي ڪافي چئي ڏنائين ته:

آنجي ججي(2) ٿئي ڄمار، آنئين رڻڪن جا آڌار،

ماڙهوئڙا هن ملڪ جا آنکي دڪا ڪرين(3) درٻار،

رامڏئي جو ميلو رنگ ۾ آيو، جن جي کوب(3) بنئي(4) باجار،

جک بئون تر قدرت سان اچي ڏيکا ڏنو ڏاتار.

 

واڻيا برهمڻ ڀاٽيا، اچئي پلٽيا آهين پلي واڙ،

ڀلي آيا ڀڻساري، جي مرچين کي ڪڍين مار.

 

سما، سومرا نهڙيا نوتيار، هنڱورا آيا هجار،

حجام هيلن هسيار تي، آيا ماڃوٽي ڪنڀار.

 

ابڙا اڍيجا ترڪ تڳيجا، ڀٽي بيسمار(5)،

ميمڻ کتري کهنباتر(6)، سونارا آيار.

 

مارواڙ ني ڪاڇيلا، مڙيئي آيا ميگهوار،

ڪولهي ڳڻيا ڪيترا، جن ۾ مولو آهي مکتيار(1)،

 

ڪوس ٿيئڙي ڙي ڪڙمي آويا، ڪري وڏي قطار،

”ڏيسائي ڪبڙو ڏي واڻيا، اسي ٻيو نه ڪريون واپار.“

 

ناٽڪ ڀوايا بجاڻيان، آتي(2) طائيفان آهين تيار،

ماڙهون ڏسين ٿا موزسين، ٻيو لکين ڏٺو لاچار.

 

سپاهي جمعدار فوجدا، اتي دورين ٿا دفع دار،

سوس نه رکين سمڻ جو، ساري رات ڪرين ٿا نيار(3).

 

ميان صاحب چئي مون چئي سڻايو، آنيئن سڻو دنيادار،

مون جو آهي وئن کاٺائي ۾، آءُ آئيان عرج دار(4).

هي طويل نظم آهي، جنهن جون ڪي ٿوريون مصرائون ڏنيون ويون آهن. هن نظم مان ظاهر ٿئي ٿو ته ميلي جو نالو ”رامڏئي جو ميلو“ رکيو ويو هو. جنهن ۾ سڄي ڪڇ  آئي هئي ۽ سردار ويسلاجي، جو ميڙو گهڻو ڦٽي ويو هو، چون ٿا ته ٻاهتر جکن جا بت گهڙن تي سوار ٿيل مورئي واري منزل جي ڀرسان جبل تي رکيل آهن، جي اصل اُچ جا هئا ۽ هتي پنهنجي مريدن جي واهر لاءِ آيا هئا ۽ هندو مسلمانن جا مرشد ٿي رهيا.

پاڻ سردار ٺڪرن وٽ به وڏيءَ عزت رکند هو. سڀ کيس پنهنجو مرشد اعليٰ ڪري سمجهندا هئا ۽ کيس انعامن سان نوازيندا هئا.

پاڻ آخر 1938ع ۾ آرکاڻي ۾ وفات ڪيائين .سندس جنازو سندس مريدن ۽ خادمن سينگاري پکاري آرکاڻي جي مقام ۾ آندو ۽ هن سنڌ ۽ هند جي سهڻي شاعر ۽ گويي کي هڪ ٺپيءَ ۾ گڏيو ويو. پاڻ ڪاني ڪرامت جو صاحب هو. جاتيءَ مان ڪو موهاڻو سندس گهوڙي چورائي ويو هو. تنهن کي پٽ ڪندي هڪ ڪلام ياد ڪيائين، جو سچ پچ بيمار ٿي مئو. سندس سهڻو ڪلام ۽ سندس صالح اولاد سندس پٺيان ياد لاءِ هن فاني دنيا جي تختي تي زنده آهي. سندس ڪلام نموني طور پيش ڪجي ٿو:


(1) سونهه- سونهن

(2) گهه- ڳهه

(3) هين-  هينئن (دل)

(3) پڙي- پڙهي

(5)  پڃا- پڄاءَ

(6) وڇوريجا- وڇوڙي جا

(7) گال- ڳالهه جو

(8) آئه - آئون

(9) ٺيا- ٿيان

(2) سهارا(الف) ڪتاب (ب) راوي:

(الف) ڪتاب:

(1)      ديوان ڦل محمدي- ڦل ڪوراڙ

(2)      جامع نصيحت ڦل محمدي- ڦل ڪوراڙ

(ب) راوي:

(1) محمد طالب کٽي- بدين

(2) الهڏنو سونارو – بدين

(3) غلام مصطفيٰ شاهه- غوث پوٽو، لڳ سيراڻي

(4) مٺو شاهه، غوث پوٽو- سيراڻي

(1) ڪنان- کان

(2) جوناگر- جهونا ڳڙهه

(1)  سهارا: (الف) ڪتاب ۽ (ب) راوي:

(الف) ڪتاب:

(1)       واقعاتي بيت: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ

(2)       مهراڻ (سوانح نمبر)

(ب) راوي:

(1) پير عاليشاهه جيلاني- سجاده نشين درگاهه شاهه قادري-بدين

(2) محمد بخش ڪلهوڙو خليفو درگاهه شاهه قادري- بدين

(3) محمد صادق کتري- بدين

(4) مٺو نهڙيو ڳوئيلائي

(5) لونگ فقير سولنگي: ڳوٺ استاد علي محمد جوڻيجو

(6) محمد صديق ”مرهم“ ملاح بدين

(1) ء- آهه

(2) دلي- دهلي

(3) ڀيرا- گڏ

(4) مولات- محلات

(1)  چيئن- چوي

(2) ججي- جهجهي

(3) ڪرين- ڪن

(3) کوب- خوب

(4) بنئي- بني

(5) بيسمار- بيشمار

(6) کنبهاتري- کنبهاٽي

(1) مکتيار- مختيار

(2) آتي- اُتي

(3) نيار- نهار، جاچ

(4) عرجدار- عرضدار

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org