ڪافي سر ڪليان
لڳي جين کي لنئون اندر، سي عشق پنڌ پري ٿيو،
جيڪا سراع
ڪتابن ۾ سي ماڙهوئا آنئين مڃيو.
سراع وارا واٽ هلين، عش وارا اورا
هلين،
بلڪل اتان ڪين ڀلين، مرسد انين ماند
ڪيو.
عشق وارا ايئن جا آهين، دنيا ۾ ٿا چريا چيائين،
ٻئا لاڳاپا سب تا لائين، ’الف‘ اندر ۾ اڙيو.
حج مڪي مديني وڃن، گناهين گلائين کان ڇٽين،
مهندا ڏيئن محشر جي، تين کي جس جڙيو.
ميان صاحب چئين مونجو من نه وريو، خوش منجهه پئي
کريو،
نفس مون نادان ٿيو، طعنا تڏهن ڀلي ڏيو.
-------
ڪافي سجوڳ
چڱي ڏسي جين جي چال، ساميئڙن جو آءُ سڱ نه ڇڏيان،
نڪي رئين
ٿا ڪين
راڄ ۾، نڪي تا ڪن ڪين سي ڳال.
سڄو ڏينهن ڪن ٿا پند پورب جو، اتين جو پاڻئي ڏسندو
حال،
ڌاما ڌوڻيو جين جي دل اندر ۾ لانگوٽيا سي لال،
ميان صاحب چئين هن ملڪ ۾، مون کي نانگن ڪيو تي
نئال....
ڪافي سر سامونڊي
پورو جل
پير پيرل جو يار، رب تان پاڻ تي گڻو
راجي
ٿيندو.
ٻيو موليٰ ڪندو ڪا مئر.
ستي پڃاڻا مئي سان تان ادا، ٿيو ويچاريءَ سين وير.
اٿندي ان ائين چيو، مون سين ڏاڍي ڪري ويا ڏير.
ڪوڙي ڪم جو ڪامل سان، قد ٻري نه ڪير.
سچو نالو رکو سرير ۾، ڦند نه ڪجا ڪو ڦير.
سوال سڻئين هن سيد جو، مونتي ڪجئين خير.
مونکي ڀروسو ميان صاحب چئي، آئي سيد آنجو شير.
ڪافي سر سامونڊي
ٻيڙي وارا يار، مونکي تون پار اڪار،
پتڻ تائين سي پار لنگهائي،
ٻيڙي کي تاريندو ته تارڻ هار.
ستو ادا تون ڪيئن ننڊرون ڪرين،
ٻيڙي جو درۡو ڪين ڪن ڌار.
مهر ٻيڙي جو منجائي مَ تون ادا،
تينجي چڪ ۾ پيو نيار.
سڻ کڻي هو سمونڊر ۾ هليا،
جت لئرين
جي آئي
دڌڪار.
ميان صاحب چئين ٻيڙي تو جان نجري،
ٻيڙي جو پاٽيو پاٽئي کان ڌار.
ڪافي
محبت مونجي يار جي، وير ويرئون وڌائيندو،
ڏاتار پانجا ڏاکڙا، لوجي
سان لائيندو.
گلا وارن کي گيلاني، مورکن کي منجائيندو،
ادا! گلا ڪري پر جي پانجو وڙو وڃائيندو.
کٽڻئار هن دنيا ۾، جئري جيڪو ڪمائيندو،
هتئين کٽ، مٿئين هار، هتئي وڃائيندو.
مالڪ در ميان صاحب چئين آءُ پينار تي پنندو،
پاند مونجهي ڳچي ۾ حال چئي سڻائيندو.
ڪافي
کاوند توکي کلڪيو
ماتا پتا سانڊئيو،
مرڻ توتي مقرر ٿيو، امر الله جو مڃينين.
حاڪم ٿيا حڪمدار گئڻا ٿيا فوئدار،
ويا سڀئي پرين پار، جاني تو جنگ وسائينين،
نيڪي رک نماج
جي، محبت ڪر مسيت جي،
واٽ پلصراط جي، تڏهن لوجي سين لنگينين.
ميان صاحب چئي مون ڪين ڪيو ويٺي وقت مون کان ويو،
نفس مون جو نادان ٿيو، لائق ڪين لنگائينين.
ڪافي
وچ دريا تو ددڪي،
وڃي گهڙندي ڪين ورندي.
لهرين سان پئي لڙندي،
شال ڏسن ڪو ميهار.
هي دريا جي دنشٽ،
سير پاڻِ ۾ نائي گهٽ،
وڄي تان دهل ڪري دم دم.
تهڙو ڪين جو ڪوڪٽ،
باگوئڙا مچ مڇيون،
ڪرين تان جت آگهٽ،
مرڻ حق لاٿم شڪ،
جيئن لاءِ پٿي جهلندي.
ڏم سمهار وچ مَ تو ٻار،
غفلت ۾ ڪين گذار،
گهڙو کڻي هل گهيڙ مٿي.
پٺو دريا جي هن پار،
هڻ ٻانيئون ڪر دانئون،
پور پاڻي جا اپار،
ڏسڻ ڏاري، محبت ماري،
ٻيلياهيءَ نه ٻڏندي.
ميان صاحب چئين مونجا پير، کارائين کنڊن کير،
اگلو آهيان در توجي دانئيان پاند ڳچي ڳل پايان،
آهيان ڏڏ ڪريان سڏ، دشمن کي هڻجا تير،
دنيا دتاري، مطلب واري،
وير رکيو پئي وڙئندي.
ڪافي
منهنجا نيڻ نماڻا سپرين، رء
ڪا مون وٽ رات،
رء ڪا مون وٽ رات، آنجي تن اندر ۾ تات.
والنڀ
آنجيون واٽون نياريان، پرهه ڦٽي پرڀات،
هر دم رء مونجي هينئين ۾، وائي نه وسري وات.
پرين سنڀوڙا پنهنجي وطن تي، ڪري گايل
سين گئات.
ميان چيئن مڱڻو آئيان، ڏيو ڏڏن کي ڏات.
پاڻ سنڌ ۾ به مريدن تي ڦيرو ڪرڻ ايندا هئا.
يارهينءَ جي ميلي ۾ ته هميشه پير عاليشاهه جي ڪوٽ
۾ اوتر کان ويهي راڳ ڪندا هئا. سڄو ميڙو اچيو وٽن
ڳوڙهه ٿيندو هو. پاڻ هڪ دفعي سڄي سنڌ مان ٿي جان
خان ڇڇ (ٺٽه) ۾ آيا، اتان ڪو تڳيو نالي چور سندن
گهوڙي چورائي ويو، جنهن تان پاڻ هڪ پاراتي واري
ڪافي جوڙيائين. سچ پچ اونئن ئي ٿيو ۽ تڳيو گهوڙي
واپس وٺي آيو، پر پاڻ گهوڙي نه ورتائين ۽ پاراتو
قائم رهيو. اها سندن ڪافي پيش ڪري، هن ذڪر خير جي
پڄاڻي ڪجي ٿي:
ڪافي
بي حد ٿي ني بيجار، ڪيئن گهوڙي چورائي وين
گانڊوئڙا،
هميسان هوني قيد ۾، کارج ٿي وينين خوار.
ساري سنڌ ۾ مئل ڪئي، جتي چور گڻا هئا چودار.
ننگ سڃاتو تن سئيد جو، او دوست ٿئي ويا دلدار.
جان خان جي ڇڇ تي اچي لٽاسون يار.
اسان ٿڪئين کي نندر آوئي، تڏهن نانگ کادي ڪئي
نيار.
جاڳي جاڳي اسين سڀئي سمئي رئياسين تڏهن آيو اعتبار
البلخ ڇوڙئي اڳي جو توکي تڙيل پئي ڪا تراڙ،
ڏينهن تتي جو مونکي پنڌ ڪرائي، تينجي کبر
نڪائي چار.
گاجيا واء جي ڪپ ۾ پير ڇڄي پئا لاهودي تو ڪيو
لاچار.
مصيبت پيس مورڪنا، ٻئا ٻچا مرين ان جا ٻار.
گر کامي ني کورو ٿينديس، پوندس ڪيڙا ڪپار.
مالڪ سڻين ميان صاحب چئين آءُ ڏانئهه
ڪريان تو درٻار.
سڏڙا سڻي هن سيد جا، انئي موجي
کي مار.
احمد لوهار
احمد ولد جمعو لوهار کاڻيءَ جو رهاڪو هو. ميان
صاحب جي صحبت ۾ گهڻو وقت رهيو هو. ميان صاحب
آرکاڻي سان وابسته هو. جڏهن هو ڪيڏانهن ٻاهر ويندو
هو. تڏهن احمد لوهار ساڻس گڏجي ٻاهر نڪرندو هو، نه
ته گهڻو ڪري پاڻ ميان صاحب آرکاڻي جي خدمت ۾ رهيو
پيو هوندو هو. ميان صاحب جي درٻار ۾ ڳايو دل خوش
ڪريو ويٺو هوندو هو. چون ٿا ته ميان صاحب کي احمد
لوهار، جمعي لوهار، خيرات ڪري ڏنو. انهي ڪري پاڻ
”ري ملهه خريد ٻانهو هو ميان صاحب آرکاڻي جو.“ پاڻ
نه فقط سٺو ڳائيڻو هو، پر سٺو شاعر به هو. شاعريءَ
جي ڏات کيس شاعراڻي ماحول سبب حاصل ٿي هئي. پاڻ جو
ڪجهه حاصل ڪيو هئائين اهو ميان صاحب جي صحبت جي
ڪري حاصل ڪيو هئائين. افسوس آهي جو هن ڀلاري بزرگ
جو ڪلام اسان کي ملي نه سگهيو آهي.
منگهو چارڻ
منگهو چارڻ مئين صاحب آرکاڻي جي صحبت مان رتو هو ۽
انهي جو معروف شاگرد هو. ڳائڻ جي ڏات به قدرت ڏني
هئي. هن ويچاري چارڻ سان اهو ويڌن هو ته پنهنجو
ڪلام ٺاهيو، ميڙن ملاکڙن ۾ ڳائيندو هو ته، ماڻهو
چوندا هئا ته ”منگو سائنر نائي. اها ڏات ميان صاحب
آرکاڻي جي آئي- هي گرؤ جو چور آئي.“ انهن ٻولن ڪري
ويچارو خوامخواهه بدنام ٿي ويو هو. پر حقيقتن پاڻ
خود شاعر هو ۽ سٺو شاعر هو. مون جڏهن ميان صاحب
آرکاڻي جي فرزند حاجي شاهه آرکاڻي سان روح رهاڻ
ڪندي اها ڳالهه تڏهن انهي ڀلي ماڻهو
چيو ته؛ ” منگو چارڻ خود شاعر هو، ٻاوا جو ٻالڪ سو
هو، باقي ان جو سئر چوري نه ڪيو هئائين.“ اها گهرو
شاهدي هئي ۽ قابل قبول هئي انهي ڪري اسان اڳيان
منگهو چارڻ پاڪ صاف ٿي اچي ٿو. ۽ ”چور“ نه ڀرشاهه
جي روپ ۾ اُڀري ٿو البت پروليگنڊا هن ويچاري کي ڪڇ
۾ ڪٿي جو به ڪونه ڇڏيو آهي. ڪڇي راوي چون ٿا ته: ”
جڏهن کان هن ميان صاحب جي ڪلام ۾ پنهنجو نالو وڌو
۽ اها خبر جڏهن هن کي ڇيئي تڏهن هن کي انڌي ٿيڻ جو
پاراتو ڏنائين. ته هو انڌو ٿي ويو ۽ استاد کان
معافي گهريائين. پر کيس معافي نه ملي ۽ انڌو ئي
رهيو.“ پاڻ جيتوڻيڪ وڏي ڄمار ۾ انڌو ٿي ويو هو.
انهيءَ ڪري ماڻهن اها ڪرامت ميان صاحب جي ڪري
هُلائي نه ته اصل سندس انڌي ٿيڻ جو انهيءَ ڳالهه
سان واسطو ڪونه هو. (والله علم بالصواب)
سندس ڪافيون وڏي تعداد ۾ آهن پر اسان کي رڳو هڪ
ڪافي هٿ لڳي آهي، جا هتي پيش ڪري رهيا آهيون. ڪڇي
ٻوليءَ جي محاوري لاءِ منگهي چارڻ جو ڪلام وڏي
واهر ڪندڙ آهي. سمڳ چارڻ جي ڪيڙ وارو اهو چارڻ ڪڇ
جو سدا ملوڪ شاعر هو ۽ ميان صاحب کان پوءِ ڪجهه
سالون زندهه رهي وفات ڪري ويو.
حاجي پير ڪڇ جو معروف ولي الله آهي. منگهي چارڻ جي
هيٺين ڪافي انهيءَ بزرگ جي شان ۾ چيل آهي:
ڪافي
مان سين حاجي پير همراء،
مانجهي پُڄائج ڀلا،
تون جُه
تارين اوکيون اُڪارين، آسرو مون کي اوليا.
ڌڃائون
آنجيون کوب،
ڦڙو ڪئين
ڏسجين تا نيجا،
ڪلر پير ڪوڏيلو، جين تي ماڙن جا ميڙا.
نرمل آنجو نور وئي
تار ڀري آهه تلا،
مونئين
کي آس پيڻ جي، تون گيلاني لاء
گلا.
منگو چارڻ چئي مرسد مونجا، اسين مريد آهيون اگلا،
اگلايون مون جيون لائق نه ليکي، سوين گناء
مون ڪيا.
عبدالله شاهه
ميان صاحب آرکاڻيءَ جا ڪيترا گهرا دوست هئا، جن
مان عبدالله شاهه پڻ هڪ هو. ڪراچيءَ ۾ ٻه پٽ رهندا
اٿس. پاڻ هڪ دفعو حج ڪري آيو هو. پاڻ سهڻو شاعر
هو. چاليهه ورهن جي عمر ۾ پنهنجي وٺ ڀڄ ۾ وفات ڪري
ويو. سندس ڪلام نه ملي سگهيو.
جميل کانائي
جميل کانائي جو رهاڪو هو. ميان صاحب آرکاڻي جو
شاگرد هو. هن جي اثراتن سبب کانائي جا ڪافي فرد
ميان صاحب آرکاڻي جا فدائي بنيا. جن مان احمد پٽ
جمعو واڍو، احمد نهڙيو ۽ سمون هاليپوٽو خاص هئا.
جميل سٺو ڳائڻو ، وڄائڻو ۽ سوَيو (سگهڙ) ۽ شاعر
هو. سندس ڪلام هٿ لڳي نه سگهيو آهي.
ابو لنگهو (مڱڻهار)
حاجي ٻاوا آرکاڻيءَ چيو ته: ”ابو لنگهو محمد لنگهي
جو پٽ هو. اڀا ميان ۽ ڀاشا ميان جي درگاهه جو
فدائي هوندو هو. سدائين درگاهه تي رهندو هو. پير
به کيس ڏاڍو ڀائيندا هئا. سندس شعر و شاعري جو
پيرن کي قدر هو۽ ڏاڍي عزت سان ڏسندا هئس. پاڻ خوش
ٿي پيرن جي شان ۾ هڪ ڪافي ٺاهي هئائين ته:
” ڀاشا ابا ٻئي ڀار،
آهن سونهن ڀريا سردار،
ملڪن ۾ مشهور آهيو،
چوکنڊ آنئين
چوڌار.
پاڻ مزاحيه شاعري پڻ ڪندو هو. لاکي حجام جا ٻار
تمام گهڻا هوندا هئا، انهيءَ تان هڪ ڪافي جوڙي
هئائين ته:
کيٽر ٿيو خوار،
ڏسو لاکي حجام جا ٻار.
پيرن جي ويڙهي سڃي ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي ڳوٺ مانداڻ
۾ وڃي رهيو، پر ڦيرو پيو ڪندو هو، پيرن جي پڊن تان
يا عمر ڀيرو ڪونه ڀڳائين. فقير مٺو نهڙئي ٻڌايو ته
”وفاداري ڪري قسم فقير حد ڪري ويو. قاسم شيدي
ابولنگهي سان گڏ پيرن وٽ رهندو هو. ابو لنگهو پيرن
کان پوءِ هليو ويو پر قاسم بکيو اڃيو، پڊن تي پيو
هو ۽ ابولنگهو به ڪڏهن ڪڏهن مٿانس اچيو ڦيرو ڪندو
هو. ابولنگهو ملوڪ کوڙ جو سن هو ۽ هڪ ٻئي ۾ صحبتون
ڪندا هئا. ابولنگهو ڳائڻ جو وينجهار هوندو هو. ٻين
جي ڪلام سان گڏ پنهنجو ڪلام به چوندو هو.“ بولي
سندس هي ڪافي ٻڌائي:
ڪافي
بات نه پروڙيم پرين جي، سنجي
تو سوم
صلاءِ،
اديون ڪام وڃي ان لاءِ، منهنجي ڪيچين لاءِ.
پنهون جي پهراڻ تي، هئا سونا سڀ ڇلا،
چٽيل گهر
منڊڙيءَ مٿي، ڪاري هئي ته ڪلا.
جهرجيل ۾ جايون جتن جيون، اتي ته ٻيلا الا،
سائين ته پانسين سونج
ڪندو، اُتي ته رب موليٰ.
”ابولنگهو“ چئي عرج،
ڪريان، جيئن عرج اگهائي الله،
سوکي وائي وات ۾، ڪلمون چئو الا الله.!
مٺو فقير چيو ته: ”1940ع ۾ هي بزرگ وفات ڪري ويو
آهي. پاڻ پٺيان ڪوبه اولاد ڪونه ڇڏيو اٿس. پاڻ
منڌاڻ ۾ پوريل آهي.“
رڻ مل ٻاروٽ
ٻاروٽ (چارڻ) جو ٻچو ٻچو شاعر ۽ تُڪ بندي جو ماهر
ٿئي ٿو. شعر چوڻ سندس ڏائي هٿ جو کيل آهي، ڪا
ڳالهه سامهون آئي نه آهي ”چئي“ نه آهي. اصل کان
وٺي ٻاروٽن جو ڪم پئي رهيو آهي ته” پنن کائين ۽
سخين جا ڳڻ ڳائين ۽ ڪنجوس کي رسواءِ عام ڪن.“ ڪڇ ۾
مسلمان خواهه هندوئن کي ٻاروٽ ۾ اها اڃا تائين
يقين آهي ته ڪير به هجي، ڪهڙو به ٽسينگ جو ڪو پٽ
هجي، ڪو اُن ۾ ٻاروٽ عيب ڏٺو ته پنهنجيءَ شاعراڻي
ٻوليءَ ۾ يڪدم ڦهڪائي ڏيندو. رک رکان ڪيائين ته،
پوءِ چئبو ته ٻاروٽ نه آهي، جنهن قوم جو ”ڳائڻ“
ڌنڌو آهي. اها قوم ٻاروٽ ئي آهي. ان قوم جو هڪ فرد
رڻمل نالي چڙهيو شاعر هو.
رڻمل به ڪنهن تان نه ٽرندو هو. جو چوڻو هوندو هوس،
سو ڦهڪائي ڏيندو هو. ڳالهه ٿا ڪن ته: ” بيبو ٺڪر
جو مشهور نالي وارا گراسيو (زميندار) هو. زمين تان
اچي بيبي ٺڪر ۽ ٻين ٺڪرن جو جهيڙو لڳو. بيبو
پنهنجي گهران تلوار ۽ بندوق کڻي نڪتو هو، ڪجهه جنگ
ڪري آخر هار کائي پٺتي ڀڄي گهر آيو. رڻمل ڏٺو ته
ٺڪر منهن موڙيو هارايو ڀڳو پيو وڃي، سو پٺيان لڳي
چڙهيس، ٺڪر گهر پهتو ته اتي به پئي سهڪيو ۽ ڊنون.
تنهن تي زال پنهنجي مڙس کي چيو ته: ” ويهي رهه،
نتان ڪُتي (رڻمل ٻاروٽ) کي خبر نه پئجي وڃي، ۽ بڪڻ
(گلا ڪرڻ) شروع ٿي وڃي.“ ايترو ٻڌڻ ۽ رڻمل جو لڪيل
هنڌ کان ٻاهر نڪري ڦهڪائي ڏيڻ ته:
هڪڙو ڪتو ٻاروٽ،
ٻارئون
ڪتان ٻائي
ڀڳو اچي بيبو جي، پڇ ڪيو پڙائي.
ايئن چئي رڻمل هليو ويو، پر بيبو جي زالس هڪ ٻئي
جو منهن ڏسندا رهجي ويا.
ڪڇ جي کروڏي ۾ اڪثر پاڻ سال به سال ويندو هو. پر
اتي غريب ماڻهو رٻ ڍڪ پيئندا هئا. تنهن ڪري کيس
اها رٻ پيئڻي پوندي هئي. رٻ پيئڻ سان پيشاب تمام
گهڻو ٿيندو آهي. هڪ ڏينهن ڪنهن چيس ته ”کروڏي هن
سال ويندين ڪَ نه؟“ جواب ڏنائين ته: ”ويندس ته
ضرور، ڇو ته اُتي جو کاڄ ياد ٿو اچيم، اُهو ضرور
کائڻو آهي.“ پوءِ بيت چيائين ته:
کروڏي جي کاڄ کي، ٿو سالڪ سنڀاري،
هنگاڻي هڏ نه ماري، پر متراڻي
ٿي ماري.
آخر کروڏ ياد آئي ۽ پاڻ ٺڪ وڃي کروڏي ۾ ڪيائين. بس
اهائي رٻ اهوئي ماروٽاڻو کاڄ، ٻيو مڙئي سک. اهو ته
ڪو عيب ڪونه هو، پر رٻ جو هڪ ٻه وٽو پاڻ پيو، پيٽ
ڀريو وٺندو هو. پر اتي جا ڪونئر (ٻار) ته هن کان
مڙئي پنجوڻي، ڇهوڻي وڌيڪ رٻ پيئندا هئا اهو ڏسي به
پاڻ ماٺ ۾ رهندو هو. جڏهن هي واپس ٿي وريو ته
زالون اچي ڳوڙهه ٿيون ته: ” ڪجهه اسان جي ٻارن کي
مڙيئي دعا ڪريو وڃو.“ پر هن چيو ته: ”ٻايون! مڙيئي
خدا وڏي عمر ڏيندن.“ پر هو چون ته: ” سو يو آهين،
ڪو شعر چئي دعا ڪر.“ تنگ ٿي لاچار جو ڪجهه ڏٺو
هئائين، سو چئي ڏنائين ته:
”ٻائين
ڪونئر
سانڊيا ڪرستراسيءَ
جا ڏل،
اچي ويٺا وچ ۾، لاٿئون ڪُنيءَ جي کل.“
اهو ٻڌي مايون ڪاوڙيون ته مئا! هي ڪرو ٿي چئين؟“
جواب ڏنائين ته:
رڻمل ڏيکي
ايويو
باکي،
ڇندو
ڪيڻو نه راکي.
پوءِ گهوڙي تي لانگ ورائي هليو ويو، پر سچ چوڻ کان
ڪونه رهيو. پن نه ملي ته ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي. رڻمل
ڏٺو سو چئي ته ڇڏيائين.
پاڻ هڪ سال کنبهڙي شهر ۾ ويو. اتي مردن کان وڌيڪ
مرحبا سندس زالن ئي ڪئي. جيڪو ڪم زالون ڪري سگهيون
ٿي، اهو به مردن کان ٿيو نٿي سگهيو. اهو ڏسي پاڻ
تعجب کائڻ لڳو ۽ چئي ڏنائي ته:
خاصو ڳوٺ کنبهڙي جنهن جي اجهوري
۾ آٽار،
ڪونئر گهڻئي ڪنئي
جهڙا، پر آئين
کدڙين
جي آچار.
انجار ۾ هڪ مڱڻهارن کيس چيو ته: ”منهنجي پٽڙي جي
پارت اٿئي، سندس نالي ڪو سٺو ڪلام جوڙي ڏينم، ته
ڳائيندي وتان.“ پڇيائين ته امڙ حليمان تنهنجي پتر
جو نالو ڪرو آهي؟“ جواب ڏنائين ته ”جي ٻؤ،
پتر جو نالو ڇنڀو رکيو آئيم،
“ اهو ٻڌي ٻاروٽ جلي ويو ۽ چوڻ لڳو ته ”ٻيو توکي
ڪو نالو به نٿي مليو، جو کڻي ’ڇنڀو‘ نالو رکيو
اٿئيس.“ پوءِ هڪ دوهو چيائين، جنهن تان حليمان
ڪاوڙجي ويئي اهو دوهو هو:
نه گهڙي نه گهڙو، نه پاڻيءَ جو ٿانوَ،
واهه حليمان واهه ڙي، جو ڇنڀو وڌيس نانوَ.
هر ڪنهن کي سچ نه چوي ته ٻاروٽ به ڪونه هوندو. سو
واقعي رڻمل هر ڪنهن کي سچ چوندو هو. مٺو نهڙيو چيو
ته ”هي بزرگ هالار طرف جو هو. مون پڻ ڏٺو هو. ان
وقت پيرسن ٿي چڪو هو. هي سمڳ چارڻ جي نک وارو
مڱڻهار 1940ع ۾ وفات ڪري ويو.“
عمر لوهار مٿلائي
مٺو فقير نهڙئي سان، مارڪو ڪندي معلوم ٿيو ته، عمر
لوهار مٿل ڳوٺ جو رهاڪو هو. ۽ ٻائٽ به گهڻو وڃڻ
ٿيندو هوس. اسين اڪثر ڪري موسيٰ ڪڙول پير جي ميڙي
تي گڏبا هئاسون. پاڻ شريعت جو صاحب هو. سونهاري به
مٺ کان به وڏي ڇڏائيندو هو. ڪپڙا سادا پائيندو هو.
پيرن فقيرن جي عزت رکندڙ انسان هو، هو به سندس شان
سڃائيندا هئا. پاڻ شاهه جو شعر به ٻه تندي تنبوري
تي ڳائيندا هئا. سندس وايون، بيت مشهور عام آهن.
پاڻ پنجهٺ کن ورهه عمر ۾ 1944ع ۾ گذاري ويو. مون
کي هڪ سندس ڏور ياد آهي. ائين چئي فقير مٺوءَ چيو
ته چون ٿا ته هڪ عمر ٻائٽ جو به هوندو هو. جو
مزاحيه شعر چوندو هو. هڪ دفعي عمر لوهار ٻائٽ وارو
ويو پئي ته، هڪ چارڻ کيس ڏسي چرچو ڪندي چيو ته:
|