سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڪڇين جا قول

 

صفحو :8

ڪڇ جي رواج موجب ۾ ڪا نه ڪا چيز ”ساکي“ ضرور بنائي ويندي آهي. جيئن هوٿل ۽ اوڍي جو ساکي سورج يا سج ٺهرايو ويو آهي. اهڙي طرح ٻين به ڪيترين ڳالهين جي ساک ڀربي آهي. ان لاءِ ڪي ڪنواريتيون عورتون يا مرد، گهوٽيتن کي ڪي پروليون ڏيندا آهن، سي جي گهوٽيتن نه ڀڳيون ته سندن ان پاڻي بند ڪيو ويندو آهي. مٺو فقير نهڙيو ڳالهه ٿو ڪري ته ”الهڏني شاهه جي سيڻ جي شاديءَ تي  سندن سوٽن تڪرار ڪيو هو، ۽ ڄڃ جو ان پاڻي بند ڪري ڇڏيو هو، جو مون کولايو هو ۽ چيو هو ته:

ان ڌن الله اپنايو،

جنهن کي ٻڌڻ نا فرمايو،

چوکو چکڻ ميهو کير،

تنهن پاسي پاڻي گنگا نير،

ڇٽو پاڻي پاتار،

ڇٽو سرور سيسار،

پاڻي پي نه کڻجي ساهه،

تنهن کي ٽٺو پنگر راءِ.

پنگر راءِ کي پار ڪروسي،

ان دن کي سٿ رسي،

ٻڌو گاء(1) گوڙٿين ڏجي،

ايوي[1] واٽ ويچاري ڪجي.

 

ٻاجهر نه ٻڌي ٻتري، اي به وڏو ٿوڪ

تر نه ٻڌي تيتري، اي به وڏو ٿوڪ،

گهاڻو ڦيرين گهوٽيا، مٿو مکي لوڪ،

ڇٽو آڻيارو آکرو، ڇٽي ڇهاري کارڪ،

ڇٽي هر مڙي سوپاري، ڇٽاسوءِ ڀڄن.

 

ڇٽيون سنڌ سنديون ساريون،

ڇٽيون وهرين جيون وکاريون،

ڇٽو  ڀون سندو گاء،

جو ٻين چريو لڌو ساهه،

ڇٽي رنڌيل جوءِ،

ڇٽي ڍڪڻي ۽ ڍوءِ.

ايتري شعر گوئي کان پوءِ اسان جو طرف ڇٽي ويو، پر مون به کڻي ٻڌن ۽ چيو ته:

اوڙو ٻڌان پاڙو ٻڌان

وياڻ جو ٽياڻ ٻڌان.

اڪين سندا آريسر، نمين[2] سندا وريا،

اسين ڇٽي ڇيهه ٿياسين، ٻڌا آنجا ڦريا.

پر اڳلا پاڻ ڇڏائي نه سگهيا، وري به مون کين ڇڏيو ۽ چيو ته:

کير ڪٽاري ماکي،

اي ٻول ڇٽو، جنهن جو سورج آهي ساکي.

ي لوڪ ادب ۾ جڪڙيو، ڀڄن، راسوڙا، هينماريون وغيره شامل آهن. لوڪ ڪهاڻيون پڻ ڪڇي پاٻوهه سان ڪندا آهن. ڳاهن سان ڳالهيون به مزي سان هلنديون آهن. هڪ ٻئي کي پروليون به پيار سان ڏينديون آهن. ڪڇي لوڪ ادب رات جي رهاڻ ۾ وڌي ويجهي ٿو. پوڙها ويهاريل وکر ڪچهرين ۾ کولين ٿا ۽ ننڍي ڇات وارا انهي رهاڻ مان اهو وکر ويهائي. سمر طور سنڀالي رکن ٿا. اهڙي طرح اهو ثقافتي ورثو نسل به نسل قربائتا ڪڇي سنڀاليندا اچن، ڪڇي لوڪ ادب وڏن کان ننڍن وٽ منتقل ٿيندو رهي ٿو.

ڪڇي ادب ۽ پروليون

جهڙي طرح اسان وٽ ڳجهارتون معرڪن جو ماڳ  ۽ روح رهاڻ جو مرڪز هونديون آهن، اهڙي طرح ڪڇ واري حصي ۾ پروليون هونديون آهن. ڳجهارتن ۾ جهڙي طرح سر ضروري هوندا آهن، اهڙي طرح پرولين ۾ وري کاڻيون رکيل هونديون آهن، جيئن سر ۾ ڪهڙا به ڪک رکي، وينجهار ڪنهن به قسم جي ڳجهارت ڏيئي سگهندا آهن. اهڙي طرح ڪڇي سڄاڻ پرولي ۾ به کاڻ موجب ڪک رکي، سڄاڻ جي پرک وٺندا آهن.

کاڻ:

پرولين جو دارومدار آهي ئي کاڻ تي. کاڻ جو به مطلب ”سر“ وانگر ڏاڍو عميق آهي. جهڙي طرح ڪابه کاڻ پيش ڪري، انهي جو مطلب لڪائي سگهجي ٿو. کاڻ جي ٻي هي به وصف آهي ته پاڻي سان ڀري رهي، جتان هرڪو اڃايل اڃ اجهائي  سگهي.

ادبي کاڻ يا پرولي جي کاڻ جي به اهائي وصف آهي، بلڪل ائين جو ايئن. ڪيترا بزرگ رڳو محض وندر لاءِ ڪنهن نه ڪنهن کاڻ مان هڪ پرولي ٺاهي ٻئي کي ڏيندو ۽ ٻيو ڀڃندو ۽ اها ياد ڪري ٻيون ٽئي کي ڏيندو، جيئن احمد سومرو ۽ ڀيمون ميگهواڙ پرولين جي پاڻ ۾ ڏي وٺ ڪندا هئا. هن پرولي ڏني جهوري ۽ ڳالهه ختم ٿي وئي، ۽ ٻنهي جي اڃ اجهائجي وئي، ڪيترا بزرگ پرولي ۾ روحاني رمزون پڻ رکندا آهن. جيئن عمر لوهار جي ڏور:

”آدم کان اڳي هو، جڳت ۾ جاهر،

سرور اپائيون سوئڻيو، چوکيون هيون چار.“

اهڙي رمز تي ٻڌل آهي. هن پرولي ۾ آدم کان اڳي حضور ﷺ جن جو نور ٻڌايو ويو آهي. ۽ ”چوکيون چار“ مان بيبي سائڻ فاطمه رضه، مريم، زليخان، خديجته الڪبريٰ مطلب آهي، جن جو ذڪر روايتي مذهبي ڪتابن ۾ آهي. اهڙي طرح سان ڪيترا بزرگ پرولين کي پنهنجي گذرسفر جو ذريعو ڪري وٺندا هئا. ۽ اڃا به ايئن آهي چار پروليون ڪنهن کي ڪٿ ٻڌايون ويون . ڪنهن پرولي ۾ ڪنهن دوست جو نالو  وجهي کيس خوش ڪيو ويو ،۽ چار پئسه ورتا ويا . جيئن احمد سومري پنهنجي دوست ” لکمڻ “ جو نالو پرولي ۾ وڌو  هوته؛

”سؤ هزارين، چاليهين سيرين،

اگهاڙين پيرين، مون باجار ۾ ڏٺو“

۽ ساڳي احمد ،پنهنجي دوست الهڏني هزاري تي هڪ ڏينهن پرولي جوڙي هئي ته؛

”ڇهين هزارين، ورتو گهيٽو،

ڳالهه جي ڳالهه، کيٽو جو کيٽو“

اهڙي طرح پرولين ۾، هڪ ٻئي جا وينجهار امتحان به وٺندا آهن، انهن امتحانن ۾ جيڪو نااهل ثابت ٿيندو انهي کي ڪڇي وينجهار پنهنجي ڏاهن وارن نالن ۾ شامل نه ڪندا آهن، تنهنڪري ڪو ميدان  تي ايندو آهي ته سنڀالي پير رکندو آهي. عمر جوڻيجي بمبئي ۾ ٻڌو ته ”چــڱو جت“ ڪو نئون وينجهار ميدان ۾ آيو آهي ته يڪدم  سندس پرک لاءَ هڪ پرولي ٺاهي موڪليائين ته؛

”ماس مٿيئين کائي،

هڏ کڻيو هيٺ ڦڳائي“

چـڱي جت جواب ۾  کيس چوائي موڪليوته؛

قيصر قصد ڪباب سين، جوڙي ويٺو جائي.

هاٿي آيو هيڪڙو، پاڻِي پيئڻ لائي،

تنهن کي ور ڏيئي واڳوءُ جهليو، راني راڳ منجهائي،

مٿان آيو گرڙ ڪاهي، ماس مٿان ئي کائي،

هڏ ڪيرايو هيٺ ڦڳائي.

جيئن ته جواب صحِيح هو ۽ عمر ”چڱي“ کي مـڃيو، جي چڱو جواب نه ڏيئي ها، ته ڪيرشايد سندس نالو ڪڇ جا وينجهار وساري ڇڏين ها .

انهي کانسواءِ کاڻين جي اوٽ ۾، ڪيترا به بداخلاق به اچيو لڪ ڪن ۽ کاڻ جي سونهيري پاڻي کي، ڪانئيرن ۽ ڪنگن وانگر هڻيو ڪنو ڪري وجهن، ۽ اهڙيون ٻگهن جون ٻتڙِون ٻوليون، هنجهن جي وڻندڙ جهونگار کي ٿورو جهيڻو ڪري ڪريو وجهن، پر ڪڇي وينجهارن اهڙن ڪانئرن کي گانڊاريندا ئي ڪونه آهن. پاڻ پيا  کاڻين مان سهڻا ،ماڻڪ موتي چونڊِيندا آهن ۽ اهي ادبي خزاني ۾ پيا جمع  ڪندا آهن. عمر منڌري ”ڳڻتي“ تي هڪ پرولي ٺاهي آهي ته؛

هلي نه هينئين سين، کائي نه گاھ،

ملوڪ پرولي منڌرو  چوي، کائي رڳو ماھ.

اهڙي طرح ڪيترن ئي بزرگن عاليشان پروليون جوڙيون،جي لک ٿيون لهن. هتي احمد  سومري جي پرولي ڏيئي پوءِ کاڻين جو بيان ڪجي ٿو؛

هر ٿلهو ڀون پٽي، کيڙين ڪي سڄاڻ،

سي پڻ سترواڻ، جيڪي نيڻن سان نيرج ڪڍن.

مطلب آهي ته ”ٿلهي قلم سان، سنهي پني تي، ڪي ڏاها لکندا آهن، پر وڌيڪ ته ڏاها اهي چئبا ، جيڪي اهڙي جانچيل نقطي مان به غلطي ڪڍي سگهن ٿا.“

کاڻين جا قسم:

ڪڇي وينجهارن وٽ ڪل هيٺيون کاڻيون آهن، مينوج، اڏٻوج، ڄروج، سيتوڄ،  آنوڄ، اگهوچر کاڻ ۽ پنک کاڻ. هر هڪ جو ذڪر هيٺ ڏجي ٿو.

مينوج: هن کاڻ ۾ مٽي ۽ ان سان مشابهت رکندڙ چيزون اچي وڃن ٿيون، جهڙوڪ، پهاڙ، مٽي، مٽي جا ٿانو، پٿر جا پتلا، سرون ،واري ريتي ۽ ٻيون مٽيءَ مان جڙِل شيون.

اڏٻوج: هن کاڻ ۾پن، سڪل چيزون ”جيڪي زمين پيدا ڪري ٿي“ ۽ اهي چيزون جيڪي اڏوهي کائي ٿي سي سڀ اڏٻوج کاڻ ۾ اچي وڃن ٿيون .

ڄروڄ: هن کاڻ ۾ ڳئون، مينهن، ڪتي، ڪتو، زال مڙس ۽ ٻيون اهڙيون جاندار حياتيون اچي وڃن ٿيون، جي ڄمڻ وقت، ڄر سان واسطو رکن ٿيون.

سيتوڄ: هن کاڻ ۾ اهي چيزون اچي وڃن ٿيون جيڪي کاڻين مان نڪرن ٿيون،جهڙوڪ، لوهه، رڪ، سون، چاندي، وغيره.

آنوڄ: هن کاڻ ۾ ڪڪڙ، بدڪ ۽ ٻيون اهڙيون ساهه واريون حياتيون اچي وڃن ٿيون جيڪي آنا ڏينديون آهن.

پنک کاڻ: هن کاڻ ۾ پاڻياٺيون چيزون اچي وڃن ٿيون، جهڙوڪ، پاِڻي، گاسليٽ، تيل، چرٻي، ۽ ٻيون اهڙيون چيزون.

اگهو چروائي: هن کاڻ ۾، ذات باري تعاليٰ ملائڪ سڳورا عزت ۽ ڊپ تعظيم، گڻ، اوگڻ ۽ ٻيون اهڙيون وٿون جي ڏسڻ ۾ نه اينديون آهن. سي سڀ اچي وڃن ٿيون.

کاڻين جي باري ۾ جيڪي پروليون چيل آهن سي هيٺ ڏجن ٿيون:

ٻه ناريون نالي هڪڙي، سڄي منجهه سينسار،

هڪ اُڏڀوڄا اپني تسين ڪاريگر ڪئي ڪار،

ڏوڏو ڀالا ٻڌي ڏيل تي کيلي سانگ ترار،

پينگهون ٻڌي پٽ جيون لڏي ليمن ڏار،

ٻئي ڄروڄا هٿ ڄائي، جين ڄاپي ڳڙي ڄمار،

در ويس بدلائين دنيا ۾، جڏهن هٿان ويس هار،

عمر چئي اي نار هئي ڪئن ورئن جي.

هن پرولي جو جواب آهي، ”ڏوسي“ هڪ ڏوسي اها آهي جيڪا اڏڀوڄا يعني ٻٻرين جي ڪنڊن ۾، هڪ گڏر (ڪينئون) ٿيندي آهي، ۽ ڪنڊا هتان هُتان چنبڙائي ٻٻرين جي ٽارين ۾ پئي لڏندي آهي، ٻي ”ڏوسي“ آهي مائي جيڪا ڄر جي پيدائش آهي ۽ ٻئي پنهنجو شڪليون وڏي ٿيڻ تي بدلائي آخر ”ڏوسيون“ سڏبيون آهن.

هيٺين پرولي آنوڄ ۽ سيتوڄ تي ڪنهن نامعلوم شاعر جي چيل آهي.

ڀونئر ڀمندو آهي ولهي ڪين ويرا،

سائين ان سين سونج ڪيو، مٺي محبوبا،

آنوڄ مان سيتوج ٿيو، لڀندا سالڪا.

”ڀونر“ مان مطلب ”نانگ“ آهي، جو ”آنوڄ“ کاڻ ۾ اچي ٿو. ”سيتوج“ يا ڌاتوءَ جي حالت اهو نانگ هيئن ٿيو جو، ڪنهن عورت جي مرد، نانگ جي مادي ماري ۽ هو وير وٺڻ لاءِ گهر اچي ماني ۾ زهر هارڻ لڳو. ان وقت زال کي مرد ٻڌايو ته ”ڪاري نانگڻ هڪ گڊي سان لڳ پئي ڪيو جو مون ماري.“ اهو نانگ ٻڌو، تنهن پڇ جي زور سان زهر سان ڀريل ماٽي جهوري وڌي. انهي تي زال مڙس اٿيا. نانگ ڊپ ۾ ٺڪرن هيٺيان ٿي ويٺو، زال ”بسم الله“ ڪري هٿ وڌو ته اهونانگ ”سون“ جوٿي پيو، ۽ پرولي واري پرولي ٺاهي ورتي.

مٿين پرولين ۾ اُڏٻوج، ڄروڄ، آنوڄ ۽ سيتوڄ کاڻيون اچي ويون آهن. هڪ هڪ ”اگهرچر وائي“ کاڻ مان پرولي آڻندي ميگهواڙ جي ڏجي ٿي:

آڻندو چئي ماڻندي کي ونهيان ويڻ سڻيج،

هن ڪامڻي ڪٿ وڃايو، تين کي لهي آڻي ڏيج“

اها ”ڪامڻي“ آهي، ’جواني‘ مطلب اٿس ته اي ادا ماڻندا، جواني ختم ٿي رهي آهي، سا ته ڪٿان لهي آئي ڏينم.“

ڏٺ:

اهڙي طرح ڪڇي سڄاڻ کاڻين ۾ خوبيون رکندا آهن، سندن پرولي ٺاهڻ جو طريقو به ”ڏٺ“ پرولي موجب هوندو آهي. ڪا چيز ڏسندا آهن ۽ پرولي ٺاهي وٺندا آهن، جيئن مئين حسين، الهڏني متوي جي امتحان لاءِ هڪ پرولي ٺاهي، ڇا هو جو، پاڻ وڃي رهيو هو ته اڻ مندائتي کنڀي کوهر جي پاڻي جي سن تي، ٿي آئي هئي، جنهن تان پرولي ٺاهيائين ته:

ڄاپي جيڪا ڄيٺ ۾، سا چوڪس ڏٺم چيٽ،

پلر ري پيدا نه ٿئي، تنهن کي ڪارو ڪلر هيٺ،

ٻج ان جو ٻار نه نڪري، پيو رهي منجهه پيٽ،

ڀڃ ڀيڙي ٻڌي ڀيٽ، هي پرولي حسين جي.

هن ڏٺ پرولي جي کاڻ آهي، ”اڏڀوڄ“ ۽ جواب اٿس ”کنڀي“ يا جيئن احمد سومري جي بيان ۾ پڙهندا ته ڀيمون روز احمد کان نئين پرولي جي گهر ڪندو هو ۽ ڪا چيز ڏسي خيال ڪري، اتي جو اتي پرولي ٺاهي کڻي پيش ڪندو هو.ڪڇي پروليون اڪثر ڪري ”ڏٺ“ تي هونديون آهن. ڏسي وائسي پوءِ اهڙي نموني سان انهي قصي کي پيش ڪندا، جو ڇا چئجي، نزاڪت! اڳتي جنهن چيز تي ڪو خيال ئي نه اچي. اها چيز اهڙي ته حسين پئي ڏسڻ ۾ ايندي آهي جو ڪيا بات!

ڏور واري پرولي:

پرولي جو ٻيو قسم ”ڏور“ وارو هوندو آهي. ڏور جي معنيٰ آهي ”ڳول“  ڏور ۾ اڪثر ڪري اديب ۽ شاعر ڪن سڳورن جي نالن جي لڪ ڪندا آهن، جنهن ۾ پنجتن پاڪ، چار يار ۽ اولياءَ اچي وڃن ٿا. ڏور ۾ اسلامي قصا ۽ ڪهاڻيون لڪايون وينديون آهن جنهن کي ڳولهڻ ڪو جهڙي تهڙي جو وس نه آهي. پر جيڪو پاڻ کي وينجهار سڏائيندو آهي.، تنهن کي اهڙيون ڳالهيون نظر ۾ ئي نه هونديون آهن. صبح جي پهر ۾ ڀيمون ميگهواڙ اچي آسڻ تي ويهندو آهي، ڀيمون وينجهار ڪير سڏائي! پرولي آئي نه آهي ويئي نه آهي،ڏور جي ڀڃڻ جو جو به واهه جو ڪاريگر هو. احمد کيس ڏور ڏنو ته:

چئين آسماني چڙهي ڪري، مون جابر ڏٺو جاڙ.

واڍن تن مان وڍي ڪري، وڏي ڪئي واڙ،

اي پرولو احمد جو، سڄو ڏينهن پيو نهار.

ڀيمي کي ستين آسمان واري ٻير ياد آئي ۽ سامهون به ٻير ڏٺائين ته، ”ٻير ناهي ٻاوا“ جواب غلط ٿئي، اهو ته ناممڪن هو. اها حالت هوندي هئي ان وقت جي. هندو بزرگن جي، مسلمانن جي ته پنهنجي مذهبي ڳالهه هئي.

دراهو پرولي:

دراهو پرولي جو مطلب اها پرولي آهي. جنهن جي ڀڃڻ جون ٻه واٽون هجن. دوراهو (دو = ٻه + راهه = رستو) لفظ جي اکري معنيٰ به اهائي آهي يعني ”ٻه واٽون“ يا ٻن واٽن رستي ڀڃڻ جهڙي صنعت، ڪڇي بزرگ پنهنجي پرولين ۾ دراهو به عام طرح ڪم آڻيندا آهن.

هر ٿلهو، ڀون پٽي، کيڙين ڪي سڄاڻ،

سي پڻ سترواڻ، جيڪي نيڻن سان نيرج ڪڍن.

هن دراهي جي معنيٰ هن ريت ٿي سگهي ٿي:

هر= زمين کيڙڻ جو اوزار يا قلم

ڀون= زمين يا پنون، ڪاغذ

پٽي= سنهي

کيڙين= کيڙ ڪن، يا لکن

سڄاڻ = ڏاها يا ڪاتب

سترواڻ= ڏاها، عقلمند، يا سوچي ڏسندڙ

نيڻن= (جمع) واحد: نيڻ

نيرج= رئو- ٻنيءَ جو خرابو، يا غلطي.

هن دراهي جي هڪ معنيٰ آهي ته ”ٿلهي سر سان سنهي زمين تي ڪي ڏاها هر هلائي سگهندا، پر اهي ته مرڳو وڌيڪ اڪابر چئبا، جيڪي اهڙي ڏاهپ ڀريل کيڙ مان به عيب ڪڍي سگهن.“

هن دراهي جي ٻي معنيٰ هي آهي ته:

”ٿلهي قلم سان پني تي لکڻ وڏي غلطي آهي ۽ ڪي بنهه سهڻا ڪاتب لکي سگهندا، پر اهي ته وڌيڪ ڏاها چئبا، جيڪي اهڙي ڪاريگري سان لکيل لفظن مان عيب ڪڍي سگهن ٿا.“

جئين ته دراهي جي اها به وصف آهي تههن ٻن معنائن کان وڌيڪ معنائون به ٿي سگهن ٿيون تنهن ڪري هن دراهي جي ٽي معنيٰ هي به آهي ته ”هن نفانفسي جي وقت ۾ (ڪوبه روحانيت جي لطيف ڳالهين طرف توجهه نٿو ڏي) ڪي ڪي روحانيت جي لطافت ۾ اچن ٿا، ۽ پنهنجي روح کي پاڪ ڪن ٿا، سي ته وڌيڪ ڏاها آهن، جن اهڙن روحانيت جي ڳولها سبب تسڪين جو باعث بنيا آهن.“

پرولي چوندڙ وينجهار:

جيئن ته سواءِ ڏور جي باقي ڪڇي پروليون”ڏٺ“ موجب ئي جڙنديون آهن، انهي حساب موجب پرولي چوندڙ بزرگن جون پيڙهيون وڃيو پاتار ۾ ٿيون پهچن. پر افسوس رڳو اهو آهي، جو هڪ ته ملڪي ورهاڱي ڪري ڏور آهيون ٻيون اهڙو خزانو ڪتابن ۾ سميٽيل نه آهي، تنهن ڪري ڪڇي پروليون چوندڙن ڪيترن وينجهارن کان اسان ناآشنا آهيون، البتا ڪنهن بزرگ سمن تي هڪ پرولي انهي وقت ٺاهي هئي ته:

جڏهن سمان هئا ساموئي ۾،

تڏهن ڄان نندي تي هئي،

وجاڻ مياڻي وچ ۾،

وڌي وڻ ٿئي.

ڄام نظام الدين تي اها پرولي ٺاهي وئي آهي، جواب ”پڳ“ آهي. پرولي مان ائين پيو ڏسڻ ۾ اچي ته ڪڇ ۾ جيڪو پرولي جوفن آهي سو انهي وقت ڏاڍو وڌيو ۽ ويجهيو هو.

جيتوڻيڪ پراڻي وقت کان وٺي هيستائين ڪافي فن جا ماهر گذري چڪا آهن. پر اهي تاريڪي جي ڪنڊ ۾ هئڻ ڪري اسان تائين پهچي نه سگهيا آهن نڪو وري ٻي ڪنهن انهن تي روشني وڌي آهي. اهڙن مان واگهو به هڪ آهي. جنهن جي هڪ پرولي ، جا اسان کي هٿ چڙهي آهي، سا لک لهندڙ آهي. انهي کان پوءِ آڻندو ميگهواڙ جونالو ٿو اچي جو پڻ هڪ جهونو جوڳي آهي، سندس هڪ پرولي بقول احمد سومري:

چڻن ۾ چمڪاٽ ڪري، نه تتر نه هولو،

تنهنجون 360 پروليون، منهنجو هڪڙو نه پرولو.

جي مصداق آهي. انهي کان پوءِ عمر جوڻيجي ۽ چڱي جت جو نالو اچي ٿو جي ٻئي بهترين شاعر هئا ۽ پرولين جا ماهر به هئا. کين ڪڇ جا وينجهار اڄ تائين مڃيندا آهن. ابراهيم جت به پرولين جو وينجهار هو، پرچڱي جت جي ويجهڙائي ۾ هئڻ ڪري ايترو مشهور نه ٿيو، ڇو ته هُو، هو سڄ، هي هو گرهه، پر سندس وکر ڪو ولهو ڪونه آهي، لک لهندڙ آهي، لک لهڙ ڪافي وقت گذرڻ کان پوءِ حافظ الهڏني متوي پرولي کي واهه جو کنيو، نه رڳو پرولي کي عام ڪيائين پر پرولين وارن جو گروهه ٺاهيائين. جنهن ۾ سندس ٻالڪا ۽ يار اچي وڃن ٿا. جن مان عمر منڌرو ۽ قاضي ابراهيم مکيه هئا. انهي گروهه مان صديق ۽ احمد سومرو هت سنڌ ۾ ڏينهن گذاري رهيا آهن.(1) ڪڇ ۾ ميون حسين متوو ۽ سندس گروهه پنهنجي يار الهڏني جي ڏنل سوکڙي پرولي کي عام فهم ڪري، عام تائين پهچائي رهيا آهن. اهي سڄاڻ به پرولي جوڙڻ ۽ ڀڃڻ جا ماهر آهن. ۽ جيڪڏهن ڪوبه پرولين جهڙي ڪٺن دنيا ۾ پير رکي ٿو ته کيس همتائي اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. پر ائين ڪونهي ته جهڙو للو پنجو آيو، سو انگهيو، اهڙي آيل شوقينن جي صلاحيتن جي پهرين وک وٺڻ لازمي سمجهندا آهن.

ڪڇ جا اديب ۽ شاعر

ڪشاجم سنڌي (1)

ڪڇ جو هي بزرگ، نائين صدي هجري کانپوءِ جو عالم۽ فاضل آهي. هن عربي ۾ هڪ ڪتاب لکيو هو، جنهن ۾ ٻه سئوصفحا ته رڳو نظم لاءِ وقف ڪيا هئائين، باقي ڪتاب نثر ۾ آهي.(2)

هن بزرگ جو اصل وطن ڪڇ هو، ان وقت ڪڇ ۽ سنڌ هڪ ڳالهه هئي، جنهنڪري هن بزرگ پاڻ کي سنڌي سڏايو هو، نه ته سندس اصلي وطن ڪڇ هو.(3)

سومرن جا لوڪ گيت

”دودي چنيسر“ جو قصو هونئن اسان کي ڳاهن سان ڳالهيون ڪندڙ ڳالهيارن کان مليو آهي. انهي قصي تي ٻين سان گڏ ڀاڳوڀان به نظر وڌي هئي ۽ انهي قصي کي انهي سٺين گاهن سان ڳايو هو- پر اسان کي ”ڪڇي ادب“ جي مطالعي وقت، انهي قصي متعلق گهرو شاهدتون به ملن ٿيون ٻين شاعرن کان اُهي شاهدتون وڌيڪ اهميت ڀريون آهن. اهي شاهدتون آهن. ”سومرن جا لوڪ گيت.“

سومرن جي لوڪ گيتن کي سومرين ڳايو آهي اهي گيت 700 هه/1300 ع کان پوءِ ڪڇ ۾ اسريا. انهن لوڪ گيتن کي سومرين ڳايو ۽ ٺاهيو. سومرن جا لوڪ گيت ”جڪڙين“ ۽ ”مجرن“ تي مشتمل آهن. جڪڙين وارن گيتن ۾ سومرين سنڌ کان نڪرڻ ۽ ڪڇ ۾ پهچڻ جو نظارو چٽيو آهي. ”مجرن“ ۾ سومرين اهي لوڪ گيت شامل ڪيا آهن، جيڪي هنن ابڙي سمي اڳيان گيت پيش ڪيا هئا يا اڃا به ابڙي ڄام جي درگاهه اڳيان ڳايا ويندا آهن. ابڙي جي ساراهه وارا لوڪ گيت ”مجرن“ ۾ شامل آهن.

سومرن جا لوڪ گيت روپا ماڙي،ابڙي جي مقبري ۽ ڏاڏين سومرين جي آرام گاهه واري هنڌن تي سومريون ڳائينديون آهن.جتي سومرن جا ڳوٺ آهن اتي به مقرر ڏهاڙي تي،سومريون هي لوڪ گيت ڳائينديون آهن.انهن لوڪ گيتن کي ڳائڻ وقت ڳائيندڙن کي وجد اچي ويندو آهي.جڪڙيون ۽ مجرا ڳائڻ وقت لوبان ٻاريو ويندو آهي ۽ ڌوپڙا واسيا ويندا آهن.

فني لحاظ کان سومرين جا لوڪ گيت اهڙا گيت آهن جهڙا ٻيا گيت آهن، انهن ۾ تڪ (قافيه) ۽ وزن تي زور ڏيڻ جي بدران لئه ۽ رس تي ڌيان ڏيو ويو آهي. وراڻي کي وڏي اهميت ڏني وئي آهي. سڀڪجهه وراڻي تي (ٻين لوڪ گيتن وانگر) دارومدار رکيو ويو آهي.

خود سومرا انهن لوڪ گيتن کي وڏي عقيدت سان ڏسندا آهن ۽ انهن وٽ ذري گهٽ انهن گيتن لاءِ مذهبي درجي جهڙو عقيدو آهي.

انهن لوڪ گيتن ۾ ڪافي تاريخي ڳالهيون پلئه پون ٿيون، ۽ اهي ڳالهيون حاصل ٿين ٿيون، جيڪي ٻي ڪنهن کان به ملي نٿيون سگهن ۽ ٻين تاريخي ڪتابن مان حاصل نٿيون سگهن. اهي لوڪ گيت دودي چنيسر جي ڳالهه کي دستاويزي مدد ڏين ٿا.

مرکان شيخڻ، جنهن درگاهه پير شيخ پير قرهيي ڀانڊاريءَ لاءِ لوڪ گيت چيا هئا. سومريون انهن کان گهڻيون متاثر ٿيل نظر اچن ٿيون.

هنن لوڪ گيتن مان ”دودو چنيسر“ جي ڳالهه جو اهو پهلو ظاهر ٿئي ٿو ته جو گهرو روايت تي مشتمل اهي اهو پهلو انهن لوڪ گيتن مان ئي ملي ٿو:

جڪڙيون

ماني جو لولو کائيجا

ٻاجهري جو لولو کائيجا

سرتيون طعنا نه ڏيجا،

ڪڇ ڪوٽ هلنديون سين،

ڪوهه ڄاڻان پنهنجا

ڪهڙي وطن ويا

ڪوهه ڄاڻان پنهنجا

ڪهڙي ملڪ رهيا.

-----

منهن متوران(1) نڱيون مرڪن سومريون،

سونهن سنڌ ڏاڏيون سومريون

-----

هيون هندورن هيريون، پڌر ڏنائون پير،

سنڌ سومريون، سونهن سنڌ ڏاڏيون سومريون.

-----

ڇلي پيئون ڇپريون، پڌر ڏنائون پير،

سنڌ سومريون سونهن سنڌ ڏاڏيون سومريون.

 

اڀي رڻ(2) ڏي ڏاڏيون هليون، ڀنڀي(3) ڀريا پير،

سنڌ سومريون، سونهن سنڌ ڏاڏيون سومريون.

 

آنکي جشن لکيو هو جمعي جي رات

آنکي جشن لکيو هو سڳوري رات آنکي کمان....

ڏاڏو دودو هوندو مڪي ملتان، آنکي جشن لکيوهو...

سيد حسين ويندو مڪي ملتان آنکي جشن لکيو هو...

اجهل منهنجا پير، آنکي جشن لکيو هو.....

 

ستيون ڪوهه ڪريون آنجي جاڳڻ مان جس،

الله ياد ڪريو نماڻيون اکڙيون آنئين ستيون ڪوهه ڪريو؟

ستيون ڪوهه ڪريون، آئنين ابڙوپير جاڳايو

اکڙليون آئين ستيون ڪوهه ڪريو.

 

ستيون ڪوهه ڪريو آئنين سيد حسين پير جاڳايو

اکڙليون آنئين ستيون ڪوهه ڪريو.

 

ستيون ڪوهه ڪريو آنئين سپڙ سالار جاڳايو

اکڙليون آنئين ستيون ڪوهه ڪريو؟ (1)

 

ماڙي جو آئون ڀريان سلام،

ڀٽ جو آئون سلام،

ونهيل منهنجا سلام،

دودل منهنجا ڄام،

ماڙي جو آئون ڀريان سلام.

هليا هيڙون ڪري

الا هيڙون ڪري(2) ڪري

ونهيل منهنجا ڄام.....

ڌوپڙا(1) تنهنجي پڙ ۾

الا تنهنجي پڙ ۾

ونهيل منهنجا ڄام

روپا(2) سڄي سون جي آئون گهوري وڃا

آئون گهورين در دودل جوڀيٽيان


(1)  گاء- گاهه

[1]   ايوي- اهڙي

[2]  نمين = نمن جا.

(1) ياد رهي ته هي ڳالهه هن ڪتاب جي پهرين اشاعت 1977ع جي آهي.

(1) گمان آهي ته ”ڪشاجم“ ”ڪڇ ڄام“ لفظ آهي، ڄام جو لقب سما اڄ به ڪم آڻيندا آهن. (س.ش)

(2)  ڪتاب الفهرست ص 234

(3) هندواسي بمبئي 3 جون1956ع

(1) منهن متور يا محمد طور سومرن جي ڏينهن ۾ مشهور شهر هو، انهي جا آثار اڄ به پنهنجي ياد شاهه ڪپور (تعلقي ميرپور بٺوري) جي ڀرسان دهرائي رهيا آهن. ڏاڏين سومرين اتان نڪرڻ وقت سچا موتي جنڊن ۾ ڏياريا. انهن جا ذرا اڄ به کنڊرن ۾ پکڙيا پيا آهن.

(2) ”اڀورڻ“ اڳي سڏبو هو. ڪڇ جو رڻ پوءِ سڏيو ويو. 700هه ڌاري ڏاڏين سومرين کي ”اڀورڻ“ ڪري سڏيو آهي.

(3)  ڀنڀي سان پير ڀرجڻ – لوڻ جي مٿان اچي ڄميل سنهيار لوڻ سان پير گڏجڻ (س- ش)

(1) دودو سيد حسين ابڙو، سپڙ سالار وغيره اسم جيڪي لوڪ گيت ۾ ورتا ويا آهن، اهي علائقي جنگ ۾ 700 هه کان 1300ع ۾ شهيد ٿي ويا هئا.

(2)  هيڙون ڪري هلڻ- قطارو ٺاهي هلڻ

(1) ڌوپڙا واسڻ- ڌوپڙي ۾ خوشبو جلائڻ

(2)  روپا- روپا ماڙي (سنڌ جو تاريخي شهر)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org