سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڪڇين جا قول

 

صفحو :2

ادب ۽ شاعريءَ جي نشونما

   ڪڇ جا سخي راجا شاعرن ۽ اديبن کي هر وقت همتائيندا ۽ ڏان ڏيندا پئي آيا. ان ڪري شاعر پنهنجي فن کي ذوق شوق سان وڌائيندا رهيا ان سلسلي ۾ نه وفقط راءِ صاحب شاعرن ۽ اديبن کي همٿايو. پر شاعرن کي اميرن، رئيسن، پيرن ۽ فقيرن پڻ عزت جي نگاهه سان ڏٺو ۽ نوازيو. جنهن ڪري ڪڇ جي شعر و شاعري ۽ علم و ادب ۾ شاعرن ۽ اديبن هڪ ٻئي کان وڌيڪ پنهنجا جوهر ڏيکاريا.

مڙني کي مهند جنهن ۾ ڪڇ جي سخي راءِ  جو نالو اچي ٿو. سو ڦل وڏو آهي، جو شاعرن ۽ اديبن کي لکين رپيا انعام ڏيندو هو. ان ڪري نه فقط ڪڇ جا شاعر انهي سخا مان فيضاب ٿيندا هئا، پر سنڌ ۾ بهاولپور جا پاڻ ۽ ڀٽ به سنڌي شعر پڙهي انعام حاصل ڪندا هئا.

ڪڇ جو مکيه مشهور راءِ، لاکو ڦلاڻي به شاعرن جي ڏاڍي عزت ڪندو هو. ”لاکي“ کي ڪڇ جي شاعرن ۽ اديبن سٺي انداز سان ڳايو آهي. جس ته انهن بزرگن کي هجي، جي اهڙا املهه خزانا پشت به پشت سيني ۾ سانڍيندا پئي آيا آهن. لاکي کي پنهنجي پيءُ ڦل جي وفات جو اطلاع به هڪ ڀٽ شاعر ڏنو نه ته لاکي سنهن کنيو هو ته مون کي جيڪو بابي جي وفات جي خبر ڏيندو تنهن جي زبان ڪپائي ڇڏيندس. پر شاعر ته الله  جو شاگرد آهي، سو لاکي کي اطلاع ڏيڻ جو هن هيٺيون نمونو  اختيار ڪيو:

هڪڙا ڦل پسجن واڙيين، ٻيا جي بٺئين ڌاڃ،

لاکا! آءُ مهراڻ، توري سڃو ڪاڇڙو.

امالڪ لاکي جي واتان نڪتو ته: ”منهنجو بابا وفات ڪري ويوڪ؟“ جيئن ته قول ڪيو هئائين. تنهنڪري پاڻ پنهنجي زبان ميڻ جي رکائي، وڍائي اچي ڪڇ جو حاڪم ٿيو.(1)

ڪڇ جي شاعرن، ڪڇ جي مشهور هستين جو ذڪر هن هڪ دوهي ۾ ڪري ڇڏيو آهي:

”ڪاشب گهر سورج هيو، واسنگ گهر تاکو،

اوڍي جي گهر جکڙو، قول گهر لاکو.“

پڇاڙي وارن راجائن مان راجا ڏيسر به شاعرن، اديبن ۽ راوين جو وڏو قدردان هو. جيتوڻيڪ  هندو ڌرم جو مڃيندڙ هو.  پر جڏهن ميانجي الهڏني جو جوڙيل ”ڌٻ جو بيان“ ميانجي حسن جي واتان سندس اڳيان پڙهيو، جنهن ۾ بتن جي سخت گلا۽ اسلام جي واکاڻ لکيل هئي، تڏهن به راجا ٻڌندو رهيو ۽ خاموش رهيو، آخر ۾ کيس انعام به ڏنائين. اهو ميانجي حسن جو جان جو آسرو به لاهي چڪو هو، سو مدراسي پڳ سو ترن جي ڇيڙي واري ٻڌي 25 ڪوريون انعام حاصل ڪري، ڪافي مٺائي کڻي خوش ٿي ڳوٺ پهتو. ڪڇ جا راجا شاعرن کي عزت جي نظر سان ڏسندا هئا.انهيءَ ڪري ڪڇي شاعرن به اتي جي راجائن جا ڳڻ ڳايا آهن.

ميان صاحب آرکاڻي به پنهنجي وقت جي راجائن جي شان ۾ ڪافي نظم چيا، جنهن ڪري راجائن کيس مالا مال ڪيو. ماڌوبا جي ساراهه ۾ چئي ٿو ته:

ميان صاحب چئي،  مون چئي ستائي دنياداري،

ڳائيندس ڳوٺ سڄي ۾، جيئنماڌوبا مختياري.“

راءِ کنگهار ۽ مونبا کي به ميان صاحب ساراهيو هو، ۽ ڏاڍا ڌان حاصل ڪيا هئا. راجا راءِ کنگهار ٻئي، جڏهن ”ٻئون تر“ جو ميلو لڳايو ۽ ميان صاحب کي چيو ته ”ميلي لاءِ نجم لکي ڳن“ تڏهن ميان صاحب انهي ميلي جو نالو به پاڻ ”رامڏيو جو ميلو“ مقرر ڪيو ۽ شعر ٺاهيو. جنهن مان هڪ ٽڪرو ڏجي ٿو:

”رامڏي جو ميلو رنگ ۾ آويو، جين کوب بني ٻاجار،

جک ٻئونتر قدرت سان، اچي ڏيکاءُ ڏنو ڏاتار.“

ميان صاحب انهيءَ نظم تان اڳوڻي کان وڌيڪ دهرادان حاصل ڪيا. راءِ کنگهار (پوئين) جي باري ۾ ميان صاحب شعر ٺاهيو هو ته:

”کمانڪ راءِ کنگهار، آويو ڏيئه ڌڻي ڏاتار،

ڏسندي مونجا ڏوس ويا، جيو راءِ پراڳ جا پروار“

ٻئي ڪنهن نامعلوم شاعر جوڪلام پڻ راءِکنگهار لاءِ چيل آهي:

”جئي راءِ پانجو، ڌڻي ڪڇڙي جو،

جيئن ڪڇ جا نر نار، اسان خاوند راءِ کنگهار.“

ڪڇ ۾ جتي ڪٿي پراڻن مندرن، پوتر جڳهين ۽ فقيرن جي مقبرن ۽ آستانن جا نشان آهن، اهڙين جڳهين پڻ ڪڇي شاعرن کي پنهنجي عقيدي ظاهر ڪرڻ لاءِ آماده پئي ڪيو آهي. انهن مان مکيه مڪانن جو ذڪر هيٺ ڏجي ٿو:

نارائڻ سرور: ڪڇ ۾ پراڻي کان پراڻو تيرٿ اسٿان، ڪڇ جي اولهه طرف لکپت تعلقي ۾ آهي. نارائڻ سرور ڪوري نار کان ٿورو اوڀر ڀرو آهي. ڪتيءَ جي مهيني ۾ هتي جاترو اچي گڏ ٿيندا آهن. چيو وڃي ٿو ته ڀڳوان يا برهما پهرين پرچيتا کي پيدا ڪري موڪليو ، سو اچي انهي جڳهه تي عبادت ڪرڻ لڳو. وشنو مها مايا موڪلي هن کي عبادت کان روڪيو ته هن ڪاوڙجي ٽانڊا وسائڻ شروع ڪيا ۽ خلقت ٻرڻ لڳي، تنهن تي وشنوءَ رحم ڪري پنهنجي پير جي آڱوٺي سان پاڻيءَ جي ڌارا وهاي، جنهن اچي پرجيتا جي ڪاوڙ وسائي ۽ انهيءَ ورهايل پاني کي ”نارائڻ سرور“ نالو مليو، ۽ پوترا آستان ليکيو ويو.

ٻي روايت آهي ته”دش پرجاپتي“ جا ڏهه هزار پٽ هئا. هريشو کين ٻڌايو ته ”دنيا ڪجهه ڪونهي، آتما جي ڇوٽڪاري لاءِڪجهه ڪريو. انهيءَ ڪري هريشو ڀائر ن سميت سنڌوءَ ندي جي ڇوڙ  وٽ نارائڻ سرور ۾ وهي تپسيا ۾ لين ٿيا ٽين روايت موجب هندوئن جو اوتار ”رامچندر“ به هن جڳهه تي آيو هو ”برهم وئرٿ، وايو پراڻ“ ۾ به نارائڻ سرور جو ذڪر اچي ٿو جنهن مان اها ڪل پئي ٿي ته سنڌو ندي نارائڻ سرور جو ذڪر اچي  ٿو. جنهن مان اها ڪل پئي ٿي ته سنڌو ندي نارائڻ سرور جي ڀرسان ڇوڙ ڪندي هئي.

عيسوي سن کان اڳ سڪندر اعظم جڏهن هن ملڪ ۾ آيو ته، هو نارائڻ سرور ڏسڻ آيو هو، پر پوءِ جڏهن سنڌو ندي اولهه طرف هٽي ويئي، تڏهن ان جو اثر سرور ۾ لکپت تي به پيو، ۽ لکاپتين جو لکپت شهر، وڃي ڪکاپتين جو شهر بنيو. آهستي آهستي مٽي چڙهي بند ٿي بيٺي. جنهن کي ”الله بند“  نالو ڏنو ويو. انهيءَ قدرتي بند ڪري ئي ندي بند ٿي ويئي.تاريخي لحاظ کان اها ڳالهه تسليم ٿيل آهي ته ”الله بند“ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي، پنهنجي دور اقتدار ۾ ملڪ جي زراعت کي زور وٺائڻ لاءِ تعمير ڪرايو هو. 16 صدي  عيسوي ڌاري ”نارائڻ گر“ جوڳي گرنار کان اچي سرور تي ڏاڪن سان بند ٻڌايو ۽ هن مندر کي نئين سر سڌاريو. هن مندر ۾ لڪشمي نارائڻ، آوي نارائڻ، گورڌن ناٿ، دوارڪا ناٿ، مها لڪشمي ۽ ڪلياڻ راءِ وغيره مکيه مورتون رکيل آهن. هن مدرسي جي سلامين مان اسان جو ڀٽ ڌڻي پڻ هڪ آهي. جو جوڳين سان گڏجي هن پوتر جڳهه جي زيارت ڪرڻ آيو هو، ۽ کيس نارائڻ سرور ايترو ياد هو جو هڪ ٻن هنڌ سندس نالو به ورتو اٿس:

منجهئين بابو بکيا، منجهين نارائڻ سر،

بستي ڏور م  بر، تون خود آهين تڪيو.(1)

2- ڪوٽيشور: قديم پاڪ ۽ مشهور جڳهين مان هڪ آهي، هي ڪڇ جي الهندي طرف آهي چڱو خاصو بندر آهي. هڪ روايت موجب ”هي جڳهه اها آهي جت راوڻ عبادت ڪري اڌياتمڪ لنگ برهم کان حاصل ڪيو ۽ ديوتائن ۾ هائيدوس مچي ويئي. آخر برهم ڍڳي جي ويس ۾ پاڻي ۾ ٻڏڻ لڳو ته راوڻ اچي ڪڍيس، پر وٽانئس ڳئون نه نڪتي، تنهنڪري لنگ ڇڏي وٺي زور سان ڳئون کي ڪڍڻ لڳو. ديوتائن اتي ٻيو جڙتو لنگ رکي ڇڏيو،پر ديوتائن کان راوڻ وارو لنگ ڌرتيءَ ۾ هليو ويو. ديوتائن شنڪر جي ڪاوڙ گهٽائڻ لاءِ ”ڪوٽيشور ڀڳوان“ لاءِ عبادت ڪئي.“ اها ڏند ڪٿا ڪڇ ۾ عام آهي، چيني سيلاني شيو سانگ لکي ٿو ته،”سنڌو ماٿري جي اوائل حصي ۾ سمنڊ جي ڪناري تي، ڪوٽيشور پنج ميلن ۾ ڦهليل هو. 50هزار  سنياسي رهيا ٿي. اتي ڀڀوتي به رهيا ٿي. هن مندر جي ڀرسان نيل ڪنٺ مهاديو جو مندر به ٺهيل آهي، جنهن سان هڪ پريم ڪهاڻي وابسته آهي.“

ڪهاڻي هن ريت آهي: ”گرر ملڪ جي راجڪماري چندرڪوئر ننگر سوميا جي لاکا ڌراڙ کي ڏسي پنهنجو خاوند مڃيو. هو پوڙهو ۽ هيءَ نوجوان ڪماري هئي، پر قدرت شاديءَ کان پوءِ سندس رت ۾ جوانيءَ وارو جوش آندو، جنهن تان خوش ٿي لاکا ڌراڙ نيل ڪنٺ جو مندر ٺهرايو. 1215ع کان 1315ع تائين هن هندن جي پوتر جڳهه کي مسلمانن جي هٿان ڪجهه مڙيئي ڏک ڏسڻا پيا، ۽ مندر هڪ ٻه دفعو ڊاٺو ويو هئو. 1718ع-1741ع ڌاري مهاراجا ڏيسل جي مندر ٺهرائڻ لاءِ پتل استعمال ڪيو، ۽ مهاراجا جي زال مهار ڪنور، وري مورتن کي سون سان جهنجهي ڇڏيو.سنڌ جو سيلاني شاهه عبداللطيف ڀٽائي گهوٽ ڪوٽيشور جي زيارت لاءِ پڻ ڪهي ويو هو. اتي جوڳين جي عبادت ۽ ڀڀوتن جي حالت اهڙي وڻيس جو چئي ڏنائين:

”اوڏو آهي الله، ڪوٽيسر جي ڪنڊ ۾“

انهن ٻن مکيه تيرٿن ۽ جڳ مشهور آستانن کان سواءِ ٻيا به ڪيترا جاترا جا مڪان آهن، جن کي وڏي اهميت حاصل آهي. انهن مان مانا جو مڙهه، مشهور آهي. ”جنگلاسر،“ (سرور) پڻ مکيه تيرٿ آستان آهي. هي آستان ابڙاسر ۾ آهي. ”ماتا جو مڙهه“ ۾ ست پاڏا ڪٺا ويندا آهن. جن کي ”ڪاريا“ ڪهندا آهن. ڏاڍو درد انگيز نظارو ٿيندو آهي. ”لانگهو پير“ جو ميلو به مشهور آهي، هي ولسر ڳوٺ جي ڀرسان لڳندو آهي، ڪڙول مرساڻي جي ميڙي ۾ ڏوڌ ٿيندي آهي،کاوڙه ۾ ”سعيد پير“ جو ميلو لڳندو آهي. پاور  ۾ مينو پير جي درگاهه آهي، واڳڙ ۾ لاڪڙيو پير، ۽ ڪنب ۾ سيکڙاڙ پير آرامي آهن. جن تي به ميلا لڳندا آهن. نري ۾ حاجي امير پير جي وڏي درگاهه آهي لکپت ۾ غوث محمد جي درگاهه آهي، ۽ حاجي پير جي درگاهه بدين تعلقي جي سامهون آهي. نارائڻ جي ويجهو سانولو جت آرامي آهي. جيلاني خاندان، جي ”ڀڙ وارا پير“ ڪري سڏجن ٿا. تن جون ڀڄ ۾ درگاهون مشهور آهن.

اهي درگاهون ۽ ميلا ملاکڙا شاعرن جي طبيعت کي رواني ۾ آڻيو ڇڏين. انهن ميڙن ۾ ڪيئن نوان پراڻا شاعر ۽ سگهڙ پنهنجا پنهنجا جوهر اچيو ڏيکارين ٿا.

تاريخي رومان: ڪڇ علائقي ۾ ڪيئن تاريخي رومان ٿي گذريا آهن. جن کي به سالڪن پنهنجي سخنن ۾ حوالي طور يا مثالي نموني ياد ڪيو آهي. هن ئي سر زمين تي جکرو سکر جهڙا سهڻا ٻالڪ ڄاوا هئا. هوٿل پدمڻي ۽ ڄام اوڍو به زندگي جا سمورا ڏينهن ڪڇ ۾ گهاري ويا . نورئين مهاڻي ۽ جيودڻ مهڙاڻي ۽ سندس ڀاءُ اسحاق جو به ناناڻڪو ناتو ڪڇ سان وابسته آهي. عمر مارئي جي ڳالهه جو به ڪڇ سان ڪافي لاڳاپو آهي. ڪڇي مارئي کي ڪڇ جو ڪري ليکيندا آهن. انهي اڳ جي ڳالهين مان، لاکو ڦلاڻي ۽ اوڏڻ، ڪڇ جو سورهيه ڄام ابڙو ۽ ٻيو ڪيئن اهڙيون پياريون آکاڻيو آهن، جي ڪڇي شاعرن کي اڀارينديون رهن ٿيون. انهن سچن عاشقن جي مزارن تي ميلا لڳندا آهن ۽ انهن جي سچائي ۽ قول کي پاڻي ڏيڻ واري سبق کي سامهون رکي، ڪيئن اخلاقي نتيجا ڪڍندا آهن.

 

سنڌي حاڪمن جون ڪڇ تي نظرون

عرب

چچ نامي مان ڪل پئي ٿي ته سڄي سنڏ تي ڏاهر جو قبضو هو، جنهن ۾ ڪڇ جي ايراضي به اچي وڃي ٿي، ”وجورته“  علائقو، جنهن تي هينئر رڻ جو قبضو آهي، اهو موڪي پٽ وسائي کي محمد بن قاسم جاگير طور ڏنو هو، هٿرادو ٺاهه موجب، موڪي پاڻ کي پاڻهي گرفتار ڪرايو ۽ محمد بن قاسم ڪڇ به سندس قبضي ۾ ڏني، پوءِ اهو ئي ڪڇ جو حاڪم محمد بن قاسم کلي جت ڪٿ مدد ڪندو هليو. جڏهن اها خبر ڏاهر پهتي. تڏهن پنهنجي پٽ جيسينه کي اهو ملڪ هٿ ڪرڻ لاءِ چيائين هو ڪرهل ۽ جهيم پرڳڻي ۾ اچي لٿو ۽ اسلامي لشڪر لاءِ رنڊڪ ثابت ٿيو. هوڏانهن اسلامي لشڪر جو موڪو ساٿو ڏيو بيٺو هو. پر سندس ڀاءُ راسل بن وسايو ۽ سربند ڏاهر جي طرف جا هئا. جنهن ڪري ڪڇ ۽ ڀرپاسي جي حڪومت ڏاهر راسل کي ڏئي ڇڏي جنگ ۾ جيسينہ کي شڪست ملي ۽ موڪو وري اقتدار ۾ آيو هوڏانهن جيسينہ راوڙ جي قلعي تي سٺي طرح قبضو ڪيو، ۽ شدت سان مسلمانن سان وڙهندو رهيو، پر محمد بن قاسم اهو قلعو آخر جيسينہ کان حاصل ڪري ورتو. راوڙ شهر هاڻوڪي ڪڇ جي رڻ ۾ هو. انهي لاءِ هيگ صاحب جو رايو آهي ته ”راوڙ ونگي جي آس پاس آهي.“ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، چچ نامي کي تحقيقات سان تربيت ڏنو آهي، سو لکي ٿو ته ”راوڙ واري سرحد کي ڪڇ کي ويجهي هئي“ سچ پچ وانر پير جي ڀرسان هڪ شهر جا کنڊر ملن ٿا، جنهن جو نالو پڻ راوڙ ئي چون ٿا، اهو ڪڇ کي بنهه ويجهو آهي.

معجم البلدان ۾ لکيل آهي ته ”راوڙ هڪ وڏو شهر آهي.“ جنهن مان ظاهر آهي ته اهو شهر، 1228- 1324ع ڌاري موجود هو ۽ پوءِ کاري راڪاس جي ڪري ختم ٿيو آهي. راوڙ (وانر) ڪڇ جي رڻ جي کنڊرن مان هڪ مکيه کنڊر آهي. ”وانر“ ئي آهي، جنهن جو بلازدي (ص 438) جي ڄاڻائڻ موجب، ڪڇ جو راجا محمد بن قاسم جي وقت ۾ راسل هو. ڪڇ جو ملڪ ان وقت ڪيرج جي راجا دروهر جي هٿ هيٺ هو. ڪيرج يا ڪيراج گجرات جي گادي جو هنڌ هو.  يعني اها ڪڇ جي حڪومت محمد بن قاسم راجا دروهر کان ورتي هئي. جنهن مان ڪجهه حصو موڪي پٽ وسائي ڏنو ويو هو ۽ باقي بچيل حصي يعني ڪڇ ۽ سورٺ تي، اتي جو والي هذيل بن سليمان الازدي کي مقرر ڪيو هئائين. هاڻ ڪڇ باقاعدي سنڌ جي عرب گورنر جي ماتحت رهڻ لڳو. جنهن ڪري ننڍا ننڍا راجا ملڪ جا گورنر جا ڏن ڀريندا هئا. محمد بن قاسم کان پوءِ ڪو عرب حڪومت ۾ ايترو اثر نه رهيو. جنهن ڪري ڪڇ وري به آزاد ٿيو، ۽ سنڌ ۾ اموي گورنر ايندا ۽ معزول ٿيندا رهيا.

سومرا

سومرن جي وقت ۾ ڪڇ پنهنجي روءِ سوءِ هڪ رياست هئي جيتوڻيڪ سما ۽ سومرا پاڻ ۾ اصل نه ٺهندا هئا. تڏهن به سومرن هنن کي سنڌ ۾ رهڻ ڏنو ۽ سومرا  به آهستي آهستي طاقت  وٺندا ويا. سومرن جي حڪومت جا ڪڇ جي راجائن سان سڌا تعلقات  هئا. علاو الدين جي ڪاهه وقت به سومرن کي آخر ڪڇ ئي ڪم آيو. ابڙي سمي ئي سام جهلي، جان ڏني ۽ سورهيائي ۾ پنهنجو نالو زندهه رکيو.

سما

سمن جي حڪومت وقت ڪڇ ۽ سنڌ هڪ ٿي ويا هئا، ڇو ته ڪڇ ۾ به اهي ئي حاڪم هئا، جن جا عزيز سنڌ ۾ برسر اقتدار هئا، ۽ سمن مان ڄام صلاح الدين ڪڇ جو ڪافي حصو هٿ ڪري سنڌ سان ملائي ڇڏيو هو. سمن جنهن دغا سان ڪڇ هٿ ڪئي ۽ پاڻ پناهگير ٿي، حاڪم ٿيا هئا سا ڏندن ۾ آڱريون ڏياريو ڇڏي، ڄام صلاح الدين به پنهنجن سمن ڀائرن کان ئي حڪومت جو ڪافي حصو هٿ ڪيو هو ۽ هيڏانهن سنڌ تي به سما حڪومت ڪندا رهيا. هت به سما ۽ ڪڇ ۾ به سما حاڪم هئا. آخر سمن کان حڪومت جون واڳون اچي سنڌ مان ترخانن ورتيون ۽سمن لاءِ رڳو ڪڇ وڃي رهي. جتي راجھ ڪندا رهيا. هڪ ڳالهه سمن جي باري ۾ رهجي وئي آهي ته جڏهن ڄام سڪندر گادي تي ويٺو ته سياسي گڙبڙ مچي ويئي ۽ هڪ سندس عزيز نالي راڌڻ جو ڪڇ ۾ رهندڙ هو سو يڪدم سنڌ ۾ پهچي ويو ۽ کيس ملڪ سنڌ جو والي بنايو ويو. هن ملڪ کي اٻاوڙي تائين وڌايو. پر ڄام سنجر کيس زهر ڏئي ماري ڇڏيو. پوءِ ڄام نندو ۽ فيروز شاهه هڪ ٻئي پويان تخت تي ويٺا. فيروز شاهه ڄام نندي جو پٽ هو. هي ننڍڙو هو. جنهن ڪري ڪڇ مان صلاح الدين ڪاهي آيو ۽ هن کان ملڪ کسي ورتائين. پر قنڌار جي حاڪم شاهه بيگ ارغون کان دريا خان مدد وٺي آيو  گادي فيروز شاهه کي ملي پر ارغونن مدد ايتري لاءِ ڪئي هئي ته اسين سنڌ تي حڪومت ڪريون، تنهنڪري هو سنڌ تي ڪاهي آيا ۽ قابض ٿي ويا، ۽ ڄام فيروز ڪڇ ۾ وڃي جنگي جوڌا جوان گڏ ڪرڻ لڳو.

ارغون

ارغون سنڌ جا ٿي ويا .هوڏانهن ڄام فيروز ڪڇ  مان لشڪر وٺي سنڌ  تي ڪاهيو .  اهو تڏهن ،جڏهن شاهه  بيگ ارغون وفات ڪئ  ۽ شاهه حسن تخت تي ويٺو . شاهه حسن هن کي سزا ڏيڻ جو ارادو ڪيو.پر ڄام فيروز  قاضي قاضن وچ ۾ آڻي ، جنگ ٽاري ۽ پوءِ پاڻ پنجاهه هزار لشڪر ڪڇ مان وٺي بدين ۾ آيو. هتي شاهه حسن وڙهي هن جي سچي گادي نشين کي ٿڏي ڇيو ۽ ڄام فيروز وڃي گجرات ۾ ڏينهن گذاريا. شاهه حسن ڪڇ جي راءِ کنگهار نياپو موڪليو ته ”مرمراڻي جو توهان قتل ڪيو هو،  تنهن جي بدران خون بها ۾ ٺٽو ڏيو يا جنگ لاءِ تيار ٿيو.“ جنهن تي شاهه حسن  نياپو موڪليس ته ”آئون ازخود ايڏانهن اچان ٿو، تون اچڻ جي تڪليف نه ڪر.“ ماڻهو چون ٿا ته جنگ جي آڇ شاهه حسن ڪئي هئي ۽ نذرانو گهريو هو. نذراني ۾ ڪڇي گهوڙا طلبيا هئائين. جن کان راءِ کنگهار انڪاري هو. راءِ صاحب 10 هزار ماڻهو وٺي جنگ جي ميدان تي آيو ۽ هار کاڌائين. پوءِ ته سلطان محمود: جو شاهه حسن جو سپه سالار هو، تنهن سڄي ڪڇ ۾ ڦرلٽ شروع ڪري ڏني  ۽ شاهه حسن فتح پائي سنڌ ۾ اچي آرامي ٿيو.[11]  سواءِ ڦرلٽ جي آرام اچي به نٿي سگهيو. اهو آرام جو ڄڻڪ هڪ حيلو هو. شاهه حسن جي چاڳد وري سلطان محمودجي ڪاهن ۽ ڦرين سنڌين کي ڦري آهڙي ڪري ڇڏيو هو. مٿان جو همايون سنڌ ۾ پير ڇڏيا ته ماڻهن جو آرام ڦٽي پيو.  ڪيترا ميمڻ لڏي ڪڇ، گجرات، مارواڙ ۽ ڪاٺياواڙ طرف هليا ويا. گهڻا بزرگ سرن جا سرا ٿي ٻاهر نڪتا، جن مان برهانپور ڏانهن ويندڙ سرو مڙني کان سرس هو.

ترخان

   ترخانن جو وارو ارغونن کان پوءِ آيو. هن خاندانن جو پهريون حاڪم مرزا عيسيٰ هو.  هن جي ٻن مکيه پٽن: محمد باقي ۽ محمد صالح جي پاڻ ۾ سخت مخالفت ٿي پئي.  آخر محمد باقي کي جلاوطن ڪيو ويو ۽ هن وڃي ڪڇي جا وڻ وسايا. ڪڇ ۾ مرزا باقي ڏاڍا ڏک ڏٺا. هڪ دفعو ڪٿي جا اکل ڪيل چانور به کائي ڇڏيا هئائين ۽ اهي سندس ساٿين به کاڌا هئا، سندس ساٿين مان ڪنهن ٻڪري ڪهي ڪباب ڪري کاڌي، تنهن ڪري سڀ پڪڙجي پيا ۽ راڻي راءِ کنگهار اڳيان پيش پيا. جنهن سان سڃاڻ ڄاڻ ڪرايائون ۽ هن کين سٺي عزت ڏني. صاحب سمي نالي جاڙيجي کيس پنهنجي ڌيءَ جو سڱ ڏنو. جنهن مان ئي مظفر بيگ پيدا ٿيو. سمن جو لشڪر وٺي مرزا باقي اچي بدين پهتو. هيڏانهن مرزا محمد صالح به ٺٽي جي راڄن مان لشڪر وٺي ۽ ڪجهه مغل ساڻ ڪري اچي مرزا باقي کي سامهون ٿيو، راجپوت ڪڇ جي سان بلند رکڻ لاءِ سنڌجي سر زمين تي سختي سان وڙهيا. پر کين ناڪاميابي نصيب ٿي ۽ موٽي ماڳ ويا. مرزا باقي پنهنجا ٻار ٻچا ڪڇ موڪلي ڇڏيا ۽ بکر جي حاڪم سلطان محمود کان مدد گهري، جنهن دغا سان مرزا باقي کي ٻڌڻ ٿي گهريو. پر تيسين مريد بلوچ، محمد صالح کي ڪاتي هڻي ماري وڌو. اها خبر مرزا باقي جي ڀيڻ (جا ڀاءُ جي لاءِ هر وقت پئسا لڪ چوري ۾ موڪليندي  رهندي هئي) باقي کي ڏياري موڪلي ۽ مرزا باقي ٺٽي  پهچي ويو ۽ مرزا عيسيٰ کي پنهنجو ولي عهد ڪيو. آخر جڏهن مرزا عيسيٰ وفات ڪئي ته مرزا باقي تخت نشين ٿيو. جيتوڻيڪ سندس ڪيترائي خلاف هئا، پر هن گهڻا سردار مارائي حڪومت هٿ ڪئي.


1- لاکو ڦلاڻي؛ قلم: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

[2] شريمد بڳت گيتا

[3] (2) نارائڻ سرور، از ماسٿر کوڙاوڻي، (هند واسي 25 سيڇٽ،نر 1960ع ص 12

[4] (3) ڀاڳومد گيتا

[5] (4) هند واسي (بمبئي) 25-9-1960ع ص 11-12

[6] (5) هند واسي (بمبئي) 25-9-1960ع، ص11-12

(1)  رسالو شاهه عبداللطيف (سر رامڪلي)

[7]  (2) جئه ڪوٽيشور: از سوم دت ناٿاڻي (هند واسي جو ڏياري پرچو 21 آڪوٽبر 1960ع)

(1)  جئه ڪوٽيشور: از، سوم وت ناٿاڻي

(1)  عربن شايد”وجورته“ وڳه ڪوٽ کي سڏيڏ آهي.

[9](2) چچ نامو سنڌي

   (1)  ڏسو چچ نامو ص 509- 510

[10] ڏسو تحفة الڪرام، 3.

[11]  تحفة الڪرام ج 3 _ 150 _ 155.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org