عبدالرزاق پنهنجي والد محترم کان تعليم ورتي.
سنڌي، فارسي ۽ گجراتي گهر ۾ ويهي پڙهيائين. اهيءَ
تعليم سبب علم و ادب ڏانهن سندس خاص لاڙو هو. سندس
والد ته سٺو اديب ۽ شاعر ته هوئي، پر موين ڦل
ڪوراڙ ڪڇ ۾ ان وقت شاعريءَ جو آفتاب هو، انهيءَ جو
به عبدالرزاق تي گهڻو اثر پيو. ڪوراڙن جي گهر جا
کٽي ڄڻڪر ڀاتي هئا، کٽين ۽ ڪوراڙن جي ڄڻڪر مڏو ئي
گڏ هو. ڦل ڪوراڙ جي وفات تي عبدالرزاق دلدوز ڪلام
چيو هو ۽ پنهنجي عقيدت جو اظهار ڪيو هو. اهو ڪلام
۽ خطي نسخا محمد صادق وٽ هئا، جيڪو عبدالرزاق جو
مُڀي پٽ هو. انهيءَ جي وصال کانپوءِ محمد طالب وٽ
اهي امانتون آيون، پر افسوس جو اُهي چيزون محمد
طالب وٽ هينئر موجود نه آهن.
عبدالرزاق کٽي سٺو ڪاتب هو، ڪتابن جو هنر پنهنجي
والد صباغ کان سکيو هئائين. سندس اکر موتين جي
داڻن جهڙا هئا. بياض عبدالرزاق کٽي ۾ ڪڇ جي مشهور
شاعرن جو ڪلام گڏ ٿيل هو، افسوس جو اهو نسخو به
وڃائجي ويو آهي. عبدالرزاق جي فرزند محمد طالب سان
گڏ، انهي جي نورچشمن عبدالرزاق ۽ محمد صادق کي پڻ
انهيءَ بيا ض وڃڻ جو گهڻو ڏک آهي.
الله بچايو مڱڻهار جي بياض مان مون سندس هڪ بيت هٿ
ڪيو آهي، جو هتي ڏيان ٿو، جيئن سندس ڪلام ۾ لفظ جي
جڙاء کان پڙهندڙ واقف ٿي سگهن:
عليءَ جي اولاد سين، ڪئي حرامين هيس،
هي اڳي رضا تي راضي هئا، پر پيلدن ڪيا ڪيڏا ڪيس،
رازقڏني کي روئڻ جي، آهي راتو ڏينهان ريس،
احمق اُهي ابليس، جي منڪر ماتم کان مُڙيا.
عبدالرزاق ”رازقڏني“ جي وڏي فرزند محمد صادق کٽي
کي پڻ شاعري جي ڏات قدرت ڏني هُئي، انهيءِ جي ڪلام
کان وانجهيل آهيون
ڪڇ جو هي شاعر 1947ع ۾ گذاري ويو. کهاوڙي جي ڀرسان
”سيد جي مقام“ ۾ هميشه لاءِ آرامي آهي.
الهڏنو شاهه پڇمي
پکين پرديسين جا، ڪهڙا مڙهه مقام،
تي مئا اُتي کاڌا، ٿيا تنين جا کرسام،
قادر آڻ قيام، ته اُڏامي ٿيان اوڏڙي.
فقير مٺو نهڙيو ڳالهه ڪري ته؛ ” 1954ع ڌاري مون کي
هڪ ٻن ڪڇين ٻڌايو ته الڏنو شاهه جو سنڌ ۾ آيل هو،
سو به ڪڇ ٿو وڃي، اسين به ساڻ گڏ وياسون.“ ڏينهن
گذري ويا. ٻئاڪڇ تان ڀيرو ڪري آيا پر شاهه جو ڪوبه
پتو نه پيو. سمجهه ۾ اچي نه ٿو ته ڪٿي وفات ڪريو
ويو. بهر صورت ڪڇ جو اهو بي نطير شاعر سنڌ ۾ ئي
وارو وڄائي ويو. پاڻ اصل ڳوٺ اندؤ لڳ کهاوڙي (پڇم)
جو رهاڪو هو ڪجهه قدر قرآن مجيد ۽ سنڌي پڙهيل هو،
غريب هو، ڏنجهه ۾ ڏينهن گذرندا هئس ٻيڙيون واري
گذر سفر ڪندو هو. 1942ع ۾ ڳوئيلا لڳ موکرا شهر
نريو ۾ عنايت شاهه جي گهر ۾ پنهنجي ڀيڻ ڏنائين.
پاڻ به ٻارن ٻچن سان اتي اچي رهيو، اتي به ٻيڙيون
واريندو هو ۽ پن مڱ به ڪندو هو. ڇٽيهن ورهن جي عمر
۾ وفات ڪري ويو. پٺيان هڪ نياڻي نشاني ڇڏيائين.
باقي سندس ياد لاءِ سهڻو- ڦٽرو- ملوڪ وڻندڙ موتين
جي جڙا جهڙو شعر ئي سندس زنده جاويد يادگيري آهي.
سندس ڪلام اسان کي بولي ڪڇيءَ ٻڌايو:
ڪافي
اديون ڙي اڄ ڪي، آريءَ ساڻ آهن ٻوليون ٻڌيون.
ازل ڏينهن اندر، هينئن لانئون هوت سين لڌيون.
لڳم لوري جهڄي جهوري آهيان ڀوري برهمڻ مان،
ڏونگر ڏوري آهيان ڳوري، پنهل پياري جي ڪارڻ مان،
هاڻ هت روئي رت، ويٺي آب وهايان مان
نيڻ نار زار و زار، وهايم نير جون نديون.
ٿيس اڄاڻ آهي ساڻ، ويٺيس پيچ مان پائي،
اڳي پرڀات، آڌيءَ رات، ڪرها ڪيچ ويا ڪاهي،
ڇڏي چوري، ويا ڇوري، لاڳاپا مون مٿان لاهي،
اوهين سرتيون، ڏيئي متيون، هيڻيءَ کي هاڻ ڇا
ڪنديون.
سڙان سڃ ۾، رڙان رڃ ۾، اچج اڃ ۾ تون آرياڻي،
ٿڪي ٿوري اچي اوري، پرين پيارج اتي پاڻي،
لڪن لاڙي، چُڪي چاڙهي، وٺي وڃ ور ويڳاڻي،
سوا تنهنجي پنهل پيارا، سڙن پيون سور ۾ سنديون.
الهڏنو ساهه آري سان، رکي مون يا سان ياري،
پائي پيچ ويا ڪيچ ان ڳڻتي آهيان ڳاري،
وهڻ وهه ٿيو مون کي وسايان سر مٿي واري،
رڙي رويئي ڌڪن ڌوئي، ويندس ڏونگر ڏوري ڏينديون.
ڪافي
سو ته واريندو والي، اها منهنجي حالي،
رت رئان ٿي روز جني لئي اها منهنجي مالي.
الف آري يوم اٺ اٿاري، ب بلوچا ڀاري،
ت ڪري نڪتا تياري، ميان وٺي ويا ماري،
ث ته سڪي کي يا ڇڏي، سرس ڪيائون پنهنجي ساري،
ج جاني منهنجا هوت هليا ويا، خ ڪري کٽ خالي،
د درد جا درد دکايو ذ ويا آٿم ظاهر ڏيئي،
ر رئا مان روز جني لئي ز زلف ۾ زاريون ڪيئي،
س سڃي هو سيڄ ڇڏي ويا گلم غاليچا خالي.
ش شمس کان صورت سهڻا، ص صاحب ملندا سيئي،
ض درد جو دارو دلبر، ط ته طبيب ٿيندا سيئي،
ظ پايو زيور زريون، عين اڱڻ منهنجي ايندا سيئي،
غ غمن جا گوندر ڏيئي ويا، ف فڪر سان في الحالي،
ق ڪوهيارل آيو ڪاهي، لام م سان شامل آهي،
ن
نون نظر جا واهه وڌائون، ڪسرا جا سڀ
ڪنگرا ڊاهي،
هه ته هنئين سان لام
الف سان، اتي لهڏنو شاهه لئنون
لڳائي،
ي ته ڪندو هو يار اسان تي، ڀال پنهنجا ڀاري.
ٿلهه:
سو ته واريندو والي، اها منهنجي حالي،
رت رئان ٿي روز جني لئه اُها منهنجي مالي.
سندس بيت به واهه جا چيل آهن. سندس هيٺيون بيت
اسان کي الله بچائي مڱڻهار کان حاصل ٿيو:
بيت
حرمل حرامي حادثي، خاجي خنريز،
طفل کي تير هنئين ڪري پٽ پيو به پير،
حضرت سندي هنجهه ۾ ڏنو ساهه صغير،
رت وهيو ريلا ٿيا، جت تازي پئي تڪبير،
الهڏنه شاهه کي ان ڏينهن پئا چهڪ اندر ڇير،
طرف سندي تقدير، جنهن هيڏو قهر ڪرايو.
هيٺين ڪافي مٺو نهڙيي ۽ سندس پٽ بولي اسان کي
ٻڌائي، جا پڻ ڪربلا جي واقعي تي چيل آهي.
ڪافي
تقير مڃي مير، شاهه شبير ڪربل ۾،
لڏيا لال، بي مثال، پارس پير ڪربل ۾.
اُڃيا آب، بي حساب وڍيا وير ڪربل ۾.
آيا ميدان منجهه بيبان، ساير خيما بيٺا سو،
سامئا
شمر ٻڌي ڪمر، جنبي جوان بيٺا سو،
جهليئون جان تي نشان، تفنگ تير ڪربل ۾.
”الهڏنو شاهه“ بي پرواهه، احمد الله ئي آهي،
عجب انسان، اعليٰ شان ڇڏيئن ڪربلا ۾ ڪهائي،
وهي رت جا هليا ريلا، ندين جيئن نير ڪربل ۾.
عبدالرحيم پڇمي
ڪڇ ۽ لاڙ ۾ جن موحدن ”وحدانيت“ لاءِ تبليغي نوعيت
جو ڪم ڪيو، ان مان عبدالرحيم پڇمي ۽ مولوي احمد
ملاح مکيه هئا.
مولوي عبدالرحيم پڇمي ذات جو نهڙيو هو، ڪڪر
(لڙياڪو) نالي ڳوٺ پڇم ۾ مدرسو هوس، اتي پاڻ
پڙهائيندو هو. سندس ڪڪر واري مدرسي مان ڪيترا عالم
فاضل پڙهي نڪتا.
لاڙ، ٿر ۽ ڪڇ ۾ درگاهن تي ٿيندڙ بدعت خلاف پاڻ وڏي
جدوجهد ڪئي هئائين. پاڻ پنهنجي ڳوٺ ڪڪر ۾ اٽڪل
روءِ وڏي ڄمار ۾ 1955ع ۾ وفات ڪري ويو. ”مناجاتون“
سندس هڪ ڪتابڙو ڇپيل آهي. سندس مناجاتون پيش ڪجن
ٿيون:
مناجات
تون اچين تسڪين ٿي.
پاڪ رب پرور پيارا، تون اچين تسڪين ٿي،
گوندر ڪيا هي جي گهارا، تون اچين تسڪين ٿي.
مون سنگت ۾ اڄ اسارا، تون اچين تسڪين ٿي.
دشمنن ڏي موت مارا، تون اچين تسڪين ٿي.
’قيس‘ قسمت سانگ زنجيرن اسير،
مصر ۾ ليلا ٿي واهيا، نيل نير،
پيا نهيءَ ارمان ۾ مير ۽ وزير،
توکي سڀنن ڪنڌ نمايا، تون اچين تسڪين ٿي.
شير زنجيره ۽پوريا هڪ تنهن هاڙي ۾ پئي،
سنڌ ساري اڄ وڏي ڪنهن سوز ۽ ساڙي ۾ پئي،
دين جي دولت ڪنين ديون سندي ڌاري ۾ پئي،
منهنجا پيارا جڳ جيارا، تون اچين تسڪين ٿي.
آهه! بندن بنديا ڪي ڪيهر اسلامي اچي،
پيا گرن گليا گهٽين گهيڙن تي اغلامي اچي،
ڀل ته باندر کي نچايو، اڄ ته اغلامي اچي،
پاڪ رب پروردگارا، تون اچين تسڪين ٿي.
دوست دم ٽوڙڻ لڳا، ۽ ساهه سڀن جو ويو سڪي،
ويڄ وساري ويا وڄائون، ڪان رهي ڪنهن وٽ ٻڪي،
گس امن جو گم ٿيو، واهه ڪر ڪنهن جي چڪي،
گهوٽ ان گنگهر ۾ گهاريا، تون اچين تسڪين ٿي.
مسجدون ميمبر وڏا، انور منارا پي رنا،
سج قمر ڪتيون سدا سهڻا ستارا پي رنا،
دوست دلبر سور ڀريا، درد وارا پي رنا
سور پرين جا سهارا، تون اچين تسڪين ٿي.
نار نمرودي کي پيو، آب ابراهيم اچ،
اي ڪڪر رحمت ڀريا، باران انهيءَ سيم اچ،
”قل يا نارڪوني بردا،“ وارا بهاري هيم اچ،
اي اجها دلبر دلارا، تون اچين تسڪين ٿي.
ساهه سر صدقي وڃا، اي ٻاجهه وارا ذوالجلال،
ظالمن کي زير ڪر، ۽ پاپين کي پائمال،
ناس ڪر نمرودين جا، هي سڀوئي کيل تال،
ڇا ڪريان هن مال مايا، تون اچين تسڪين ٿي.
يا خدا اعلام اسلامي اڀن جي اوج آڻ،
تنهنجي نصرت ۾ مدد لئي ڪا الاهي فوج آڻ،
مرد مؤمن لئي خوشي ۾ خوش دليءَ مؤج آڻ،
اي اڀن ڀونئن مدارا، تون اچين تسڪين ٿي.
يا الاهي يا الاهي يا الاهي يا الله،
مرد مؤمن کي عطا ڪر دست قدرت دست گاهه،
ظالمن جي ظلن جهورڻ لئي پنان تنهنجي پناهه،
نور رحمت جا نظارا، تون اچين تسڪين ٿي.
فيض قدرت جي آڳي، آباد اسرائيل ڪيو،
قطرهء رحمت منجهان، شاداب دريا نيل ٿئو،
سرمدي رحمت اچي، آزاد اسماعيل ڪيو،
اي اپر احسان وارا، تون اچين تسڪين ٿي.
ملڪ ملت ۾ متو منشور مرواني نه آهي،
دولتن تي ڪنهن صدر دارا جي درباني نه آهي،
سلطنت ۾ سوجهرو، ساهو سليماني نه آهي،
اي دوامي ملڪ وارا، تون اچين تسڪين ٿي.
کول عبرت جون اکيون، آئين انگريزي ڪٿي،
چو طرف چالان ۽ چوڪار چنگيزي ڪٿي،
شرف ۾ وهوار ۾ ورڪر ولنديزي ڪٿي،
اي اپر اختيار وارا، تون اچين تسڪين ٿي.
يا الاهي ٿو رکان تنهنجي ملڻ جي آرزو،
رنگ تنهنجي مان رکان ٿو اڄ رچڻ جي آرزو،
آس آهيم ديس ڏي، موٽي اچڻ جي آرزو،
مون ڇڏيا پوئتي پيارا، تون اچين تسڪين ٿي.
دين ملت جي مٿي، ڪر منهنجي قرباني قبول،
اول ۽ آخر مون ڪيو، سڀ قول قرآني قبول،
دوستن جي لاءِ ڪر هي عهد ايماني قبول،
اي پڇاري جا سهارا، تون اچين تسڪين ٿي.
هو اڳي منظور مون کي، اي پيارا ارجمند،
نت ڪريان دست و جبل ۾ نام تنهن کي بلند،
پوءِ سڻان تنهنجون تنوارون، منجهه ولهان هند سنڌ
پوءِ ملان تو سان پيارا، تون اچين تسڪين ٿي.
قيس تنهنجي کي ڪيائون، نيٺ زنجيرن اسير،
دوست دارن ديس وارن ٻار ٻچڙن کان تنگير،
حال منهنجي جي خبر توکي سڄي اي رب قدير،
اي مٺا ڏاتر ڏيارا، تون اچي تسڪين ٿي.
روضئه رضوان پاران، ڪي ٿڌيون هيرون اچن،
ديس جي موٽڻ سنديون ڪي خبر جون کيرون اچن،
پاڪ پرور ٻاجهه ڀريون، ڪي اچي ڀيرون اچن،
اوج عشرت جا ستارا، تون اچي تسڪين ٿي.
گوندرن گهارا ڪيا، چاڪن اچي چوٽي ڪئي،
ماروئن جي ميل جي خواهش اچي موٽي پئي،
کير وان جي کرائي، اڄ اچي کوٽي پي،
صدق وارن جا سڌارا، تون اچين تسڪين ٿي.
اوچتو اڄ مصر کان، آيو اسيرن جو بشير،
جنهن نويد اميد ڪيو، هت پير ڪنعاني بصير،
دهر ۽ دهرايو، قدرت اچي پنهنجو نظير،
بي نظيري رحم وارا، تون اچين تسڪين ٿي.
آنڌين جي بعد آئي روشنائي جي اُميد،
ڪجهه شڪستن بعد آئي موميائيءَ جي اميد،
نورچشمن لاءِ سرمي، توتيائي جي اُميد،
نورچشمن جا ستارا، تون اچين تسڪين ٿي.
مناجات
ٻاجهه ڇايا ڪر اچي
سبز زارن ۾ سواريٿي ٻڌم اهڙو سرود،
ڪوهه سارن ۾ پڪارون، پئي ڪيون هي نيل رود،
ٿا ڪهن قدسي ملائڪ، سوز سان اندر سجود،
پاڪ پرور ٻاجهه وارا، ٻاجهه ڇايا ڪر اچي.
اي صبا منهنجا سنيا، دل جي دلدارن کي چئيج،
دوست دارن، نورتارن، سنڌ جي سردارن کي چئيج،
ماجرا قصو سمورو، هيئن جي هارن کي چيئج،
پاڪ پروردگارا.
ڪوهه سارن ۾ رهيل ڀائر اوهان جا سڀ غريب
ظلم ڍايا جي مٿي بي رحم هندواسين عجيب،
سُڻ دعائون درد وارن جون، اي موليٰ مستجيب،
پاڪ پروردگارا.
آءٌ ڏوهاري ڏوهه ڀريو، ظلمن ڪيو مونکي ذليل،
تون پيارو ٻاجهه وارو، رحم ڀريو رب جليل،
فاعف عني کل ذنب فاصفح الصفح الجيل،
پاڪ پروردگارا.
نار بولهبي دکي پيو، نور مصطفوي ڪٿي؟
جوش بوجهلي جلي پيو، جلوهء نبوي ڪٿي؟
ڪفر ڪارونجر اُٿيا، شمشير مرتضوي ڪٿي؟
پاڪ پروردگارا.
دور اهڙا ٿيا گذر هن نابودني دوران ۾،
مرد مانجهي مينڌرا آيا انهيءَ ميدان ۾،
موٽ جو رستو نه ڄاڻن، گهوٽ تنهن گهمسان ۾،
پاڪ پروردگارا.
ڪوهه ڪن ٿا ڪيترا، ڪوهه ڪن هي گيندڙا،
نه ته گلوڙا منجهه گهٽين، ڇندا پئا ڪي ڇينڇڙا،
رهزن رلي پئا راهه ۾، رونڇا ڀلي ڪن رينڇڙا،
پاڪ پروردگارا.
ڏوهه اسان جي ڏيهه ۾ ڀريا، تن مرهين ملڪن مدار،
خامين ۾ پئا خاطي، صاف ڪر تن کي سڌار،
دين جي دولت عطا ڪر، جي ڪهن ڪلمي تنوار،
پاڪ پروردگارا.
مٿيون مناجاتون، محمد يوسف سهڙات، پاڪيٽ سائيز ۾
”مولانا عبدالرحيم پڇمي جون مناجاتون“ نالي ڪتابچي
۾ شايع ڪرايو، ۽ بدين ۾ ورهايون. مولانا پڇمي
معروف عالم ۽ فاضل هو ۽ موحد پڻ، سندس ڪافي ڪتاب
چيا وڃن ٿا. پر افسوس آهي جو انهيءَ کي ڏسڻ جو
موقعو ڪونه مليو اٿم.
سيد علي شاهه گوهري
سن 1952ع جي ڳالهه آهي ته ميان علي شريف (لڳ بدين)
۾ ماستر هوس. اسڪول ۾ ويٺو هوس، ته هڪ پيرسن ڪري
ڪلهي ۾ ٻڌيو پئي پيرن جي بنگلي ڏانهن ويو. مون کيس
پاڻ وٽ سڏي وهاريو. حال احوال ورتا. پاڻ ٻڌايائين
ته: ”آئون پيرن جو پانڌيئڙو آهيان. پوءِ هڪ ٻه
پنهنجا لکيل ڪتاب به ڏنائين، جنهن مان هڪ تي سندس
تصوير بب ڇپيل هئي. ڪتاب ڏسيو فقير کي ڏسان، فقير
ڏسيو ڪتاب کي ڏسان ۽ حيرت ۾ اچي دل ۾ پيو چوان
ته:’ هي بزرگ به ڪو مؤلف يا مصنف هوندو ڇا!‘ وقت
گذري ويو، سن 1957-58ع ۾ ڪاليج پڙهڻ ويس، اتي
عبدالله ’خواب‘ فقير گوهري جو هڪ ڪتاب ’روضته
السادات‘ ڏٺم، تصوير ڏٺم. ياد تازي ٿي وئي. ’خواب‘
صاحب ٻڌايو ته اهو بزرگ اڳ ته ٽنڊي محمد خان ۾
رهندو هو پر پاڻ هت حيدرآباد ۾ هڪ آسامي وٽ رهي
ٿو.“
1958ع ختم ٿي ويو، پر اسان جو سال ته اپريل تي
پورو ٿيندو هو، سو پئي ڪاليج جو سلام ڀريوسين.
سورنهن اپريل 1959ع صبح جو ڪاليج مان پڙهي، شام جو
محمد ادريس سان گڏ سنڌ يونيورسٽي جي، ”لوڪ ادب
اسڪيم“ آفيس ۾ويس. گوهري صاحب ويٺو هو ڪجهه لکرائي
رهيو هو. شيخ اسماعيل مون سان گوهري صاحب جي سڃاڻپ
ڪرائي. کيس مٺو شاهه سيراڻيءَ واري جي سوانح ۾
احترام خاطر اُٿي بيٺس، محمد ادريس به مون کي ڏسي
اٿي بيٺو. پاڻ پنهنجو هڪ قلمي ڪتاب به کڻي آيو هو.
جو پڻ مطالع ڪيم ۽ کانئس حال احوال به ورتم. کيس
هڪ ٻه پنهنجا ڪتاب عقيدت وچان پيش ڪيم.
پوءِ اپريل تائين ساڻس پيون روح رهاڻيون ٿينديون
هيون. هڪ ڏانهن ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سان ويٺي
روح رهاڻ ڪيم ته پاڻ گوهري جو ذڪر ڪيائين ۽ چيائين
ته ”پاڻ وڏو محقق آهي. مون کي سندس محنت لاءِ
عقيدت آهي.“
1959ع جي ڪنهن مهيني ۾ پاڻ وٽم گهر لنگهي آيو.
گهرج فقط اها هيس جو مٺو شاهه جي وفات جو سال، هڪ
ٻه ڪافيون ۽ بيت گهربل هئس. مون سندس خدمت ۾ اهي
پيش ڪيا ۽ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ائين به چيائين ته ”اهي
توکان نه ملن ها ته ڪر توکي وٺي مٺو شااهه جي ڳوٺ
هلان ها.“ پاڻ هلڻ کان لاچار هو، پيرسني ڀيلي وئي
هيس، ته به اهو تحقيقاتي جنون کيس ادبي مجنون ثابت
ڪري رهيو هو.
پنهنجي آتم ڪهاڻي شاهه صاحب هن طرح مون کي ٻڌائي
آهي جا پيش ڪريان ٿو، چيائين ته: ” آءُ گوهر شريف،
لڳ ڪڇ ڀڄ جي مشهور شهر لکپت ۾ 14 نومبر
1882ع/1300هه ۾ ڄائو هئس. منهنجو پيءُ مڱيندو شاهه
هڪ فقير تن سيلاني هو، جنهن سان گڏ منهنجو بمبئي
وڃڻ ٿيو هو. بابا مون کي ڪڇ ۾ رواجي تعليم گجراتي
ڏياري، جا ڪجهه نه ڪجهه حاصل ڪيم آءُ بالغ ٿيڻ
وارو هوس ته ان وقت بابا کي سنڌ جو پاڻي ياد پيو ۽
آءُ به ساڻس اچي جاتي(ٺٽي) پهتس، پر وي به ڪن سبب
ڪري موٽي ڪڇ ويس. 1956ع سنبت ۾ مهميشه لاءِ سنڌ
آيس. ۽ مَلڪ جي راڄ ۾ اچي رهيس. قرآن پاڪ جي تعليم
ڪڙئي گهنور ۾ ورتم، پوءِ 1903ع ڌاري ٽنڊي محمد خان
آيس ۽ چار درجي سنڌي تائين پڙهيس. باقي تعليم
پنهنجي روءِ سوءِ ورتم. اُتي مير الله بخش مون کي
غريب سمجهي وظيفو مقرر ڪري ڏنو ۽ سندم تيارڪيل
ڪتابن ۾ تپيدار دوست لکڻ ۾ ڪافي واهرو ٿيا. ماسترن
پڻ ڪافي ساٿ ڏنوم مون ٽنڊي محمد خان ۾ هيٺان ڪتاب
لکيا: اذڪار قلندري، ڪرامت نامو، گلزار غوثيه،
گلشنِ غوثيه، صحيفه قلندر، فتح النجوم ۽ قرباالدين
علي انهن کي شايع ڪرائڻ جي سعيي ۾ آهيان. هينئر
اڪثر ڪري حاجي علي محمد حيدرآباديءَ وٽ رهندو
آهيان ۽ ٽنڊي محمد خان ۾ پڻ پنهنجو اجهو اٿم.
آءُ ڪتاب لکڻ خاطر سڄي ڪڇ سنڌ ۽ پنجاب تان ڦيرا
پيو ڪندو آهيان، جتان جو ڪجهه ملندو آهي، سون
سمجهي حاصل ڪندو آهيان. منهنجي شاعري، منهنجو قلم،
منهنجو خيال، منهنجو پنڌ، منهنجو پيچرو، غوثيه
اوليائن لاءِ وقف آهي. ٻاروتن کان ئي سندن درگاهن
جو غلام رهيو آهيان ۽ تان عمر سندن غلام رهندس.
اڃا تائين پنهنجا خيالي خاڪا ۽ تاريخي نوٽ پنهنجي
دوستن ۽ رفيقن کان نوٽ ڪرائيندو آهيان جي ساڻم
ادبي لحاظ سان نڀائيندا اچن ٿا.“
اها 1959ع ۾ رهاڻ ٿي هئي. جنهن رهاڻ ۾ پنهنجي آتم
ڪهاڻي پاڻ ويهي نوٽ ڪرائي هئائين. هي بزرگ 1965ع ۾
ٽنڊي محمد خان ۾وفات ڪري ويو. سندس پٺيان لکيل
ڪتاب ئي سندس يادگار آهن.
|