سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڪڇين جا قول

 

صفحو :14

مرحبا:

هينئر ڪوبه ڪٿي وڃي ٿو ته هرڪو حال سارو مرحبال ڪري ٿو ڪو عزت ماب اچي ٿو ته انهي لاءِ نوان گيت ٺهن ٿا اهو رواج ڪڇ ۾ پڻ آهي. پير محمد شاهه بن احمد شاهه بدين وارو ڪڇ ڏانهن ويو هو ته رنگريز صاحب مرحبائي غزل جوڙيو هو، جو هتي پيش ڪجي ٿو:

مرشد منهنجا مقتدا گل گلاب ۾ گوهر ميان،

مشتاق مڙن تي، مهرسين نرمل نور نوازي نظر ميان،

ڀلي ڪري آيا ڀڃنگ(2) کي ڪامل قدم رکي ڪثر

شهر سڄوئي شرف سين، صاحب سينگاريو سرور،

مالڪ بدينه پيشوا دانهه دلبر،

وڌيو دين نبي جو آنجي قدمن سان اڪثر ميان،

نيڪ نواسا نبي جا ، شهزاد شبر،

فرزند غوث ياور سندا، پيرل پاڪ پرين پرور ميان،

برادر ڀلا بي شبه، حاجي ڀلن شاهه برتر،

عارف طريقت مصطفيٰ دائم دوست دلاور ميان،

گولو غلام آنجو اسماعيل احقر،

ڪامل ساڻ قرب جي، ڪريو مون تي مهر نظر ميان.

مولود:

پاڻ حضور ﷺ جن تي فدائي هوندو هو، سندس مولودن سان خاص شوق ۽ محبت هوندي هئي، پاڻ به مولودن جي سٺو ڳائڻو هو. سندس چيل مولود ڪافي آهن، هتي هڪ مثال طور پيش ڪجي ٿو:

پسا پاڪ رسول ٻاوا(1)، بي بي بتول، مير محمد شاهه،

پسان پاڪ رسول ........

-         مشفق محب ملائين، ويڙهيچن وصول،

پسان پاڪ رسول ........

-         حرم منجهه حبيب جي، موليٰ ڪج مشغول

پسان پاڪ رسول ........

-         پيرن مهندا پرين جي مانَ ٿيان مقبول

پسان پاڪ رسول ........

-         باغ ڏسان بيبي جو، سندا فاطمه ڦول

پسان پاڪ رسول ........

-         اچي هن اکين سي، چانٺ چمان انمول

پسان پاڪ رسول ........

-         ”اسماعيل“ کي احمدا ڪيم، ڪجا ملول

پسان پاڪ رسول ........

سندس چيل مولود ڪافي آهن، جي سڀ پرسوز آهن، پر هتي هڪ سوکڙي پيش ڪئي وئي آهي.

مرثيو:

ڪنهن جي ڏک ۾ اچي، ٻول ٻولڻ سنڌين ۽ ڪڇين جو خاص وڙ آهي. دنيا جو درد ڄڻڪ سندن دل ۾ سمايو پيو آهي. جتي امام حسين عليه السلام جي شهادت جا مرثيا چيا ويندا آهن، اتي ڪڏهن ڪو بزرگ وفات ڪري ٿو ته به ڏک ۽ ڏنجهه ۽ قلم جي ڪري رواني پيدا ٿيو پئي ۽ لکيو ڇڏين ته:” اسان کان اڄ فلاڻو جيءَ جيار موڪلالي ويو.“ اڀا ميان مڏئيءَ وارو مشهور بزرگ هو. راڳائي به چڱو هو، جڏهن وفات ڪيائين ته ان جي ياد ۾ رنگريز صاحب مرثيو چيو ته:

اڀا ميان سائين سچار، ساءِ مرشد مير مڏئي جا....

-          ڪري سانگو سفر جو، هوت گڏيا وڃي هڪ وار...

-         هيڙا(1) لال لڏي ويا، پوءِ ڪهڙا قرار....

-         سڀڪو ساري سڄڻ کي پل پل پير پچار.....

-         حجران حورو حويليون، وطن ڪيان وير وتار.....

-         فائق آهجي فراق ۾، اچيو ڏين اُڇگار(2).......

-         عاجز ”اسماعيل“ چئي، ساڻ کٽي خير گذار.....

راسوڙو:

اسان جي سنڌ ۾ جيڪو درجو ”ڳئي“ يا ڳيچ کي حاصل آهي، اهو درجو ڪڇ ۾ راسوڙي کي حاصل آهي. راسوڙا مذاحيه به ٿين ٿا، خوشيءَ وارا به ته المياتي پڻ، راسوڙن ۾ سڀ سوز سمايل هوندو آهي. راسوڙا اڪثر زالون ڳائينديون آهن. پر ڪٿي ڪٿي ته نر نارين جيئن ڳائي ڏيکاريندا آهن. راسوڙي ۾ ”ري لو“ لفظ پڇاڙي ۾ ايندو آهي. هتي کٽي صاحب جو الميه راسوڙو ڏجي ٿو:

مرشد اڀا ميان پير ري، ساءِ منهنجي سفر ڪياڙي لو.

ساءِ ڌڻي درگاهه سدا دادلا ري لو،

ڪيون مهرون مديني جي مير ري لو،

ساءِ منهنجي سفر سانگ ڪيا ري لو....

سائين سنڀيا صبح وقت سونهڻا(1) ري لو،

پيري جنت جا پير ري لو،

ساءِ منهنجي سفر سانگ ڪيا ري لو......

ساءِ هند هالار سورٺ سنڌ جا ري لو،

آنکي سارين، ملڪ جا امير ري،

ساءِ منهنجي سفر سانگ ڪيا ري لو......

ساءِ مونه(2) تان آهجو، چوڏهين چندر ما ري لو،

پسون پيرل گهڻي سا اڪير ري،

ساءِ منهنجي سفر سانگ ڪيا ري لو......

لکون محب مريد آنجي عشق کان ري لو،

سدا رويو آڻين اکين نير ري،

ساءِ منهنجي سفر سانگ ڪيا ري لو......

ساءِ دُرٻ داريا آهين دائرا ري لو،

پوءِ مڏئيءَ ۾ ماڳ منير ري،

ساءِ منهنجي سفر سانگ ڪيا ري لو......

سائين سڏڙا سڻجا، ”اسماعيل“ جا ري لو،

مانکي ڏيجا دلاسو ڌير ري،

ساءِ منهنجي سفر سانگ ڪيا ري لو......

ڪافي:

رنگريز صاحب ڪافين چوڻ تي به طبع آزمائي ڪئي هئي. پاڻ ڪافيون مولودن جي سر ۾ چوندو ۽ ڳائيندو هو. سندس هڪ اهڙي ڪافي پيش ڪجي ٿي جا ٻي لحاظ کان ”سهرو“ آهي.

مندپ(1) مينهن وسن الله نور نڀار(2) ڇڻن

الا! آگي جيون احسانيون سو نور نمازو پڙي.

-                        عطر اوتون ڪن، الا ڦلڙا ڦور وجهن،

الا ڪيسر جون قربانيون......

-                        کونڀا خوش کڙيا، برڪت باغ ٿيا،

الا موليٰ جيون مهربانيون....

- ماڙون مجلسون ڪن، مٿان موج ڪئي مَلڪن،

الا نبين جون نشانيون.....

-                        اسماعيل احقر، الا پاڻ پنئي تو در،

الله من جون مرادون پڄايون......

نثر:

سندس نظم جو مٿين مضمون ۾ بيان ڪيو ويو آهي، هاڻي سندس سونهيري نثر جو ذڪر ڪجي ٿو. سندس نثر جو ڪجهه بيان الهڏني ميان جيءَ جي ذڪر ۾ ڪيو ويو آهي. ۽ مثالي طور سڄو قصو هن بزرگ جي تحرير موجب پيش ڪيو ويو آهي. هتي وڌيڪ مثال لاءِ سندس ڪتاب ”روضته الحسنات“ جي مهاڳ جا ڪي خاص فقرا پيش ڪجن ٿا، جن ۾ هڪ طرف ڪڇي ٻوليءَ جو لهجو ظاهر ٿئي ٿو، ٻي طرف انهيءَ وقت جي طرز ۽  تحرير معلوم ٿئي ٿي ۽ ٽئي طرف ڪتاب ”روضته الحسنات“ جي جوڙڻ جي ضرورت جو پتو ملي ٿو:

” معلوم هجي ته هن ڪتاب ۾ اول نقشو سوانح محمدي ۾ پنج باب ۽ هر باب ۾ پنج فصلون آهين. بعد ان جي دعا سرياني جي شرح زليخا جامي جي وزن تَي(1) منظوم بحر هزج مسدس مقصور ۾ ۽ هر بيت عربيءَ جي خاصيت وغيره پڻ لکئي آهي.(2)

بعد ان جَي(3) مجموعه مدحيات سندي ۽ مولود ۽ ڪافين جو تهَ ۾ بعضي ٻين شخصن جا الفاظ ۽ بعض پاڻ جا گڏ ڪيا. بعد ان جي ڪڇ ۾ سن هجري 1232هه ٻارهه سئو ٻتريهه ۽ ڍراء ڌٻئي تهه ۾ ماڙن جو گڻون نقصان ۽ مرڻ ٿيو تهه سبب  هيڪڙي شخص نالي ميان جي الهڏني نصيحت لکي آهي، سڀ جمع ڪري ڪتاب روضته الحسنات نالو رکيو شل مسلمانن کي نفع رساڻي آمين، يا رب العالمين.“

محمد ابراهيم مڏئي وارو

محمد ابراهيم مڏئيءَ جو رهاڪو هو. جوڳين ۽ سامين سان گڏ رياضت ڪري، جوڳ ۾ اعليٰ درجو حاصل ڪيو هئائين. جمال، محمد ابراهيم مڏئي وارو ۽ ٻئا محمد اسماعيل کتري جي حلقي جا ساٿي هئا. محمد اسماعيل کي هن دوست لاءِ عقيدت ۽ محبت هئي.

موصوف جي نظر ۾ جادو هو، من ماريل هوس، قدرت جي ڪرم سان جيڪو سوچيندو هو، يا چوندو هو ته اونئن ئي ٿيندو هو.

بدين (سنڌ) ۾ يارهين شريف جو ميلو(1) جڳ مشهور هو، انهي ميلي ۾ سنڌ ۽ ڪڇ کان ميلائي ايندا هئا. محمد ابراهيم مڏئيءَ وارو به انهيءَ ميلي کي ڏسڻ لاءِ شامل ٿيو هو. هن ميلي ۾ ڪرتب ڏيکارڻ لاءِ هلندڙ مشين جي گوڙ کان ناراض ٿي، انهيءَ ڏانهن نهاريو ۽ چيو ته: اُڀي رئه“(2) ۽ مشين هڪ چئيڪار ٻار وانگر بيهي رهي ۽ پوءِ ڪيترن ڪاريگرن جي ٺاهڻ باوجود به نه هلي. اهو سندس جوڳ جو رياض چئجي يا ڪاني ڪرامت ليکجي! اهو فيصلو ڀل مطالع ڪندڙ ڪن، پر آءٌ ايترو چوندس ته محمد ابراهيم جو جوڳ اعليٰ جوڳ هو ۽ باعمل جوڳ هو. جنهن جو اهو هڪ ننڍو مظهر هو.

محمد ابراهيم بيحد عاقل ۽ سياڻو ماڻهو هو. اسان هن ڀلاري ماڻهوءَ کي محمد اسماعيل رنگريز جي ساٿيارين ۾ ساريون ٿا.

هي بزرگ ڪڇ ۾ سٺيون ڪافيون ٺاهيندڙ ليکبو هو، سندس هڪ ڪافي بطور نموني هت پيش ڪريان ٿو:

چئيج سنهيڙو سهڻا ساٿي سيد کي ساري،

پاندي چئيج پرين کي ميان الله،

پچاڻا پرينءَ يار وئلو(1) هنجون هي هاري.

توکي ساريو سپرين ميان الله،

پل پل پور پون، يار محب وڇوڙو مون ماري.

عاصين مان ابراهيم چئي، ميان الله،

ٻاج(2)، ٻاجاڻي(3) ڪا ڪن يار، ايندم ڇال(4) اوتاري(5).

جمال ڪڇي

جمال، مولوي محمد اسماعيل کٽي جو ساٿي هو. مولود چوڻ جو ماهر هو. سندس هڪ مولود ”روضته الحسنات“ ۾ مولوي محمد اسماعيل ڏنو آهي:

عاصين کي هي اوڏو يار! احمد اوکيءَ ۾ اڄ ايندو.

هي جي پهڻ پٻ جا، ميان الله،

دهر نڪو هي ڌوڏو، يار! نرمل نور نهاريندو.

 

دنگي درياء وچ ميان الله،

لهر نڪو هي لوڏو، يار! تُرهو اتي تاريندو.

 

رمي ويٺو رڪان تي، ميان الله،

گوهر ڏيئي گوڏو، يار! محمد ملحد ماريندو.

 

جاني هن ”جمال“ چئي، ميان الله،

هيج(1) ڪري هي هيڏو، يار! اڙئين کي اڪاريندو(2).

اسحاق ڪڇي

مولوي محمد اسماعيل کٽي کي وڏو ادبي حلقو هو. انهيءَ حلقي مان محمد اسحاق ڪڇي پڻ هڪ هو. پاڻ مولود نه صرف ٺاهيندو هو پر ڳائيندو هو. سندس هڪ مولود پيش ڪريان ٿو:

ميران مرسل، نور نرمل موٽ مٺا منٺار،

آهه انور، دوست دلبر، ورنه وير وهارا،

اي جيو دانا دور دلدارا،

اي جيو پاڻا پاڪ پيارا.

 

حيران حوران هار هنس،

ٿيئڙا ڪانڌ بنا سڀ ڪارا.

 

راحم آڻ رسول کي،

ڪريون جانب لاءِ جڻسارا.

 

ڀاءَ(1) ڏيان هن ڀنگلن(2) کي،

کوءِ سو گل ڦل هي گلزارا.

 

بهشتي باغ بهاريا،

جتي احمد جا اوتارا.

 

لهرين لٽ لڙاٽ لس لڙ،

ڇولين جا ڄلڪارا.

 

ساهڙ رسج سيرَ ۾،

اچي احمد ڏي آڌار.

 

ڏونگر ڇڏ مَ ڏکي کي،

هي جا ڏوهه ڏسيو ڏهڪارا.

 

هوت ڇڏ مَ هيڪلي،

هي جا سام سندي سردارا.

 

پهڻن پير پٿون ڪيا،

جُريا(1) جورن(2) منجه جالارا.

 

ڏسيو حال ڏکيءَ جو،

مڙيو(3) ماٿام(4) ڪن متارا.

 

فاني ڪريو فراق کي،

وارث وار وصل جا وارا.

اسحاق آنجي سڪ ۾،

پيئڙو احمد لاءِ افڪارا.(5)

ٿيٻو عبدالرحمان مڏئيءَ وارو

 

هي بزرگ محمد اسماعيل جو دلي دوست هو. سندس ”پرياتيو“ (فجر جي چوڻ وارو) ڪلام مشهور عام آهي. سندس گهر گهاٽ مڏئيءَ ۾ هو. سندس ”فجريه“ ڪلام جي هڪ نعت هت ڏجي ٿي:

نالي مٺا ميان مرسل مدني، آنکي واحد ڏنڙي وڏائي ري،

تو ساماندي(1) سيد سرور، چوڏس ٿيئڙي چڱائي ري.

 

ڏڏ ڏهاري آهيان ڏٻرو، ڪرت نه ڄاڻا ڪائي ري،

ور وسيلا ور ولئي(2) جا، عمر وڃائي اجاري ري.

 

ستي ساريان سيد آنکي، ويٺي پئي نه وائي ري،

الله الله الله آهي خلقت خوب بنائي ري.

 

ملڪ ملڪوت منجهه عرش زمين، نوان کنڊ آنجي نوائي ري،

موليٰ رات معراج جي، آنکي پرور ڀاڳ ٻڌائي ري.

 

عاصي هن عبدالرحمان اتي(3)، ڪا ڪريو چت چڱائي ري،

”ٿيٻو“ چوي ٿڪيءَ تي ٿورو، منهنجي ميٽ مٺائي ري(4).

خليفو محمد يوسف سائل

خليفو محمد يوسف ”سائل“ اڀا ميان مڏئي واري جو خاص خليفو هو. پاڻ مڏئيءَ جو رهاڪو هو، ذات جو کٽي (کتري) هو. پاڻ شاعريءَ جي ڏات کان به نوازيل هو. مولود چوڻ سندس دلپسند مشغلو هو. اڀا ميان مڏئي واري 1306هه مطابق 1888ع ۾ وفات ڪئي ته ڪيترن شاعرن ڏک ۾ اچي مرثيا ۽ مولود جوڙيا، جن مان خليفو محمد يوسف پڻ هڪ هو. هن صاحب حضورﷺ جي شان ۾ سٺا مٺا مولود جوڙيا. جن مان هڪ مولود پيش ڪجي ٿو. مولود مان ظاهر آهي ته پڻ ڪجهه عربيءَ مان به واقف هو. جيئن ته محمد اسماعيل کتري کيس مرحوم نه لکيو آهي. تنهن مان به ظاهر آهي ته پاڻ سندس هم عصر هو.

مولود شريف

آهيون دامن آنهنجي لڳا، موٽجا مير مريض تي،

واحد آنهنجي وجه سندي ڪئي والضحيٰ منجهه وصفا،

موءِ مبارڪ مرسل آنهنجا ماند ليل سجيٰ،

خاص ان لئي خاتو ڪئي گهني اوليٰ آخرقا،

عهد فترضيٰ ٿيو اوان سين پرور جي پارا.

ڏيهه ڌڻي آنکي ڏيج ڏنا، ٿئي(1) سرهائي سڀڪا،

موليٰ محو مضلت ڪئي ڪري نازل حق هدا،

سائل ”يوسف“ سوال ڪري ٿو، دائم در مهندا،

امر فلا تنهر جي ۾، مونجي مدخل محب ڪجا(2).

حاجي احمد سمون

ڪاتب حاجي محمد جو فرزند ارجمند حاجي احمد پنهنجي پيءُ وانگر سهڻو شاعر ۽ اديب هو. پاڻ ڪعبته الله شريف جي پنهنجي والد وانگر زيارت به ڪئي هئائين. پنهنجي والد وٽ فقهه جا مسئلا پروڙيائين ۽ علم پڻ پنهنجي والد وٽ وئي ورتائين. پاڻ فقهه جو وڏو ڄاڻو هو. پنهنجي پيءُ کان به ڪي رتيون ڪثر ليکبو هو. انهيءَ کان وڌيڪ منجهس شاعريءَ جي ڏات به هئي. سندس اکر پڻ موتين جي داڻن جهڙا هوندا هئا. ڇو ته پيءُ کيس اکرن جي چڱي مشق ڪرائي هئي. سندس هيٺ ڏنل مدح ايترو ته مشهور ٿي وئي هئي جو سندس ڪيترن همعصر شاعرن انهيءَ تي طبع آزمائي ڪئي هئي. سندس مدح جو اُٿل آهي ته:

يا رسول الله عرض منهنجو اهوئي دمبدم،

ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ رکو منهنجو شرم.

انهيءَ ساڳئي اُٿلاڻيءَ جا ٿلهه اڳيان رکي پير ڀاون علي ساهه ”ساقي“ پڻ ڪجهه ڦير گهير ڪري مدح چئي، جنهن جي اُٿلاڻي هئي ته:

يا محمد مصطفيٰ هي عرض منهنجو دمبدم،

ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ رکو منهنجو شرم.

حاجي احمد سمون: محمد اسماعيل کتري ۽ پير ڀاون علي شاهه ساقيءَ جو هم عمر ۽ هم عصر هو. سندن ياري هئي. حاجي صاحب جي هڪ سهڻي مدح هت پيش ڪجي ٿي. هي وسارڻ نه گهرجي ته سندس والد جي سهڻين مدحن کان پاڻ گهڻو متاثر هو ۽ هن کان وري سندس ڪيترا دوست متاثر ٿيا هئا.

مدح

هاءِ ڇا تقدير ۾، منهنجي ٿيو جاري قلم،

ڏور ٿي مون کي چون ٿا، هاڻ سڀ عرب ۽ عجم،

ڪونه ٻئو آن ري وسيلو، هاڻ يا شاهه اُمم،

يا شفيع المذنبين مون تي ڪريو پنهنجو ڪرم،

يا رسول الله عرض منهنجو اهو ئي دمبدم،

ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ رکو منهنجو شرم.

 

هاءِ هاءِ ويئي عمر منهنجي سڀئي عصيان ۾،

۽ گرفتار آهيان هن نفس جي فرمان ۾،

ڪان ڪي حق جي عبادت مون، آهيان حيران ۾،

هاءِ ڪهڙو حال ٿيندو حشر جي ميدان ۾.

 

يا رسول الله عرض منهنجو اهو ئي دمبدم،

ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ رکو منهنجو شرم.

 

آءُ عاصي آهيان گڏيل گناهن ۾ بيشمار،

۽ سڀهين(1) مخلوق کان ناقص گهڻو ۽ نابڪار،

هي جناب پاڪ ۾ رويو چوان ٿو زار زار،

حشر ۾ مون کي ڇڏايو از طفيل چار يار.

 

يا رسول الله عرض منهنجو اهو ئي دمبدم،

ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ رکو منهنجو شرم.

 

آهيان حيران آءُ يا شفيع الشافعين،

ڇا قيامت ۾ ڪندو مون ساڻ رب العالمين،

مون کي اچي آنئين(2) اُت ڇڏايو يا شفيع المذنيبن،

آءُ گولو آهيان آنهنجو(3)، گهڻو اڀرو ڪمين.

 

يا رسول الله عرض منهنجو اهو ئي دمبدم،

ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ رکو منهنجو شرم.

 

اي صبا وڃ تون نبي صاحب کي چئو منهنجا سلام،

خدمت عاليه ۾ چئو حضرت جي هي منهنجا پيام،

قصد دل ۾ ٿو رکي هي آنهنجو اڀرو غلام،

مون کي ڪوٺايو مدينه ۾ شهه خيرالانام.

 

يا رسول الله عرض منهنجو اهو ئي دمبدم،

ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ رکو منهنجو شرم.

يا محمد مصطفيٰ يا سيد آخر الزمان،

آرزو هيءَ مون سندي روضي منور کي ڏسان،

آءُ ڇڏي هن هدن کي، ساڪن مديني جو ٿيان،

۽ مديني ۾ اچي آنهنجو ڏسان آءُ بوستان.

 

يا رسول الله عرض منهنجو اهو ئي دمبدم،

ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ رکو منهنجو شرم.

 

 يا محدم مصطفيٰ آهيو اوين(1) بدر منير،

آهيان آءُ عاصي گهڻو نالو سندم ”احمد“ فقير،

آءُ فرقت ۾ اوهان جي، ٿو روئان هاڻي ڪثير،

ڪو ڪرهو(2) مون تي ڪرم، يا شاهه عالم بي نظير.

 

يا رسول الله عرض منهنجو اهو ئي دمبدم،

ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ رکو منهنجو شرم.

مدح

 

لله و بالمصطفيٰ يا شاهه ميران محي الدين

نَامي خدائي ڪبريا، يا شاهه ميران محي الدين،

تون آهين سڳورو اوليا، يا شاهه ميران محي الدين

مقبول ٿئي منهنجي دعا، يا شاهه ميران محي الدين

 

آگي ڪيئن  غوث الوريٰ، هادي اندر هر دوسرا،

پرور نوازي پرويٰ جو شهه زادو شير شبير جو.

يا شاهه ميران محي الدين

 

تون پوترو پيغمبر پير جو، مرسل محمد مير جو،

اولاد عليءَ امير جو، شهه زادو شير شبير جو.

يا شاهه ميران محي الدين.

 

تون ارباب ڪل ارباب جو، ۽ محب ڪل اصحاب جو،

عالي اولو الالباب جو، سردار سڀ انجاب جو.

يا شاهه ميران محي الدين.

 

تون عالم سندو آهيان علوم، رافع تون آهين ڪل رسوم،

نوري آهيو نرمل نجوم، هادي اُتي ڪارئا هجوم،

يا شاهه ميران محي الدين.

 

آهين قطب اقطاب جو، مولي کڻي مهتاب ڪيو،

پرتو سندو پرتاب ٿيو، اعليٰ سريو القاب تو،

يا شاهه ميران محي الدين.

 

آگي ڪڻي(1) اڪسير ڪيو، مولي ڪڻي مير ڪيو،

واحد ڪڻي وير ڪئو، شڪر اندر جيهن کير پئو،

يا شاهه ميران محي الدين.

 

عارف سندو علمن عليم، سيد سباجو(1) دل سليم،

هادي ڏنئي هلم و حليم، مون کي نه ڪر ڪنهنجو مليم،

يا شاهه ميران محي الدين.

 

محي الدين ميران مير تون، درماند گان دستگير تون،

واحد وڏو ڪيو پير تون، اصلحين آهين اڪسير تون،

يا شاهه ميران محي الدين.

 

تون محبوب رب العالمين، قطب الزمان زينت زمين،

تو وٽ نڪا هرگز ڪمين، ڪر زير منهنجا ظالمين،

يا شاهه ميران محي الدين.

 

قادر ڪيو آهين حليم، تو سيد آهين ٿيو دل سليم،

قادر ڪئو آهين ڪريم، اعليٰ سريئي لطف- عصيم،

يا شاهه ميران محي الدين.

 

قائم ڪيا تو قاعدا، جي دين جا هئا فائدا،

مولي وڌا پئي مائدا، در جا سندا تو زائدا،

يا شاهه ميران محي الدين.

 

تو صاحب شرفءِ شان جو، عالي عُلوا امڪان جو،

قامع آهي ڪفران جو، راضي ڪئل(2) رحمان جو،

يا شاهه ميران محي الدين.

 

سيد آهين سردار تون، گوهر سچو غمخوار تون،

حسين جو غمخوار تون، رافض کي هڻ پيزار تون،

يا شاهه ميران محي الدين.

 

استاد تون عرفان جو، حافظ آهين قرآن جو،

ارباب تون اتفاق جو، صاحب وڏيري شان جو،

يا شاهه ميران محي الدين.

 

عالم سونهارو تون اريب، هادي سندو آهين حبيب،

اعليٰ نسب ۽ تون عجيب، مرشد مٺو نوري نجيب،

يا شاهه ميران محي الدين.


(2) ڀڃنگ- ڀڄ

(1) ٻاوا- سيد

(1) هيڙا- ههڙا

(2) اڇگار-اڇنگار

(1) سونهڻا- سهڻا

(2) منه- منهن

(1) پ - به

(2) نڀار- نبار

(1)  تَي- تي

(2) آهَي- آهي

(3) جَي- جي

(1) يارهين شريف جو ميلو ارغونن جي ڏينهن کان لڳندو پئي آيو، پيرعاليشاهه جي پيالي پي وڃڻ کان پوءِ بند ٿي ويو. جناب وزير ثقافت پيار علي الانا جي تحرڪ سان انهي ميلي جي جاءِ تي بدين جو ثقافتي ميلو شروع ٿيو، اهو ميلو پهريون ڀيرو اپريل 1976ع ۾ لڳو. ۽ يارهين شريف جي ميلي جي وري به ياد تازي ٿي ويئي. انهي ميلي کي لڳائڻ لاءِ بدين جي ڊپٽي ڪمشنر صاحب غياث الدين جوڻيجو ۽ منظور حسين ڀٽي وڏو ساٿ ڏنو. انهي ميلي جي بنيادي خاڪي ٺاهڻ ۽ ثقافتي، تاريخي ۽ ادبي سمر گڏ ڪرڻ ۾ بنده راقم به وڏو حصو ورتو. سنڌ جو هي اڪيلو ئي ميلو آهي، جنهن ۾ ثقافتي ثمر کي ڏيج وانگر ڳڻائبو آهي.(س. ش)

(2) اُڀي رئه- بيهه رهه

(1) وئلو- وهلو

(2) ٻاج- ٻاجهه

(3) ٻاجاڻي- ٻاجهاڻي

(4) ڇال- شال

(5) هن مقالي لاءِ سهارو ٿيندڙ(الف) ڪتاب ۽ (ب) راوي.

(الف) ڪتاب:

(1)      روضته الحسنات مرتب محمد اسماعيل کتري

(2)      پير شاهه قادري  لکيڪ، محمد سومار شيخ

(3)      بدين جو ثقافتي ميلو  ليکڪ، محمد سومار شيخ

(ب) راوي:

(1) سيد علي شاهه گوهري ٽنڊو محمد خان

(2) پير عاليشاهه جيلاني(رحه) بدين

(3) انوار احمد کوکر حيدرآباد سنڌ

(1) اصل نسخي ۾ : هيچ

(2) روضته الحسنات: محمد اسماعيل کٽي.

(1) باهه

(2) بنگلن

(1) جهريا، ڦٽيا

(2) جهرن، کڏن

(3) گڏ ٿيو

(4) ماتام، پنڻ

(5) سهارا (الف) ڪتاب ۽ (ب) راوي:

(الف) ڪتاب:

(1)       روضته الحسنات محمد اسماعيل کتري،

(ب) راوي:

(1) سيد علي شاهه گوهري ٽنڊو محمد خان

(2) پير عاليشاهه جيلاني (رحه) بدين

(1) ساماندي-ساماڻي

(2) ولئي- ولهيءَ

(3) اتي- تي

(4) هن ذڪر لاءِ هيٺيان (الف) ڪتاب ۽ (ب) راوي سهارو ٿيا.

(الف) ڪتاب:

روضته الحسنات مولوي محمد اسماعيل کٽي

(ب) راوي:

سيد علي شاهه گوهري مرحوم – ٽنڊو محمد خان

مرحوم پير عاليشاهه جيلاني - بدين

(1) ٿئي- ٿي

(2)  روضته الحسنات- محمد اسماعيل کٽي

(1) سڀهين- سڀنن کان

(2) آنئين- اوهان

(3) آنهنجو- اوهان جو

(1) اوين- اوهين

(2) ڪرهو -ڪريو

(1) ڪڻي- اوهان

(1) سباجو- سٻاجهو

(2)  ڪئل- ڪيل

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org