نثر
پاڻ پنهنجو خيال نظم کان نثر ۾ گهڻو آساني سان ادا
ڪري سگهندو آهي. پر سندس نثر ۾ اها ڪڇي بوءِ نه
آهي، ڇو ته سندس ڪاتب اڪثر سنڌي آهن، جنهن ڪري
سندس عبارت ۽ لهجي کي بدلي گهڻو ڪري پنهنجي رنگ ۾
پيش ڪيو آهي، ۽ خود پاڻ به سڄي عمر سنڌ ۾ رهيو،
جنهن ڪري سندس ٻوليءَ (ذاتي زبان) جو لهج پڻ
سنڌيءَ کي ويجهو آهي. جيئن ”اذڪار قلندري“ ۾ لکي
ٿو ته:
ساراهه خاوند ڪريم
هزار هزار تعريفون خالق اڪبر کي جڳائين، جنهن جي
قدرت، جو ظهور هر جڳهه موجو آهي. ان حاظر ناظر جي
رحمت ۽ فضل جو سايو آسمانن ۽ زمينن ۾ پکڙيل آهي.
ان ذات والاصفات پنهنجي قدرت سان هن باغ هستي کي
گوناگون چمن بندي ڪري تعريف لائق بنايو. سبحان
الله و بحمده.
ڪپي وڻ ٽڻ قلم ڪريان، سمنڊ سارا سون آخر،
پنا پڻڪين ڪن پوري، وصف واحد ذرو ظاهر.
تعريف رحمت العالمين
بعده تعريف سيدنا حضرت محمد مصطفيٰ عليه الصلواته
والسلام جي هر مسلمان تي فرض عين آهي، جنهن کي
الله پاڪ پنهنجي نور مان پيدا ڪري ٻنهين جهانن جو
سردار ۽ نبين جو مهندار بنايو ۽ واسطي فيض رساني
خلق الله جي هلايو.
سندس ”روضته السادات“ جي ڪتاب جو نثر پڻ پيش ڪجي
ٿو:
چوندا آهن ته سيدنا پير سائين فقير علي محمد شاهه
جن ڪنهن وقت ڀلا اٺ گهوڙا ڌاريندا هئا، ته وري
ڪنهن وقت جذبات جي حالت ۾ اچي انهن کي ڪهارائي
فرمائيندا هئا ته ”هي حسنين سونهري تلوار زبي تن
هوندي هين ته ڪڏهن قرآن پاڪ جي تلاوت ۾ مشغول
هوندا هئا.“
(روضته السادات، ص 27-28)
نظم
البت سندس ڪلام ۾ ڪجهه ڪڇي لفظ ۽ لهجي جي داخلا
آهي. کيس پنهنجي وطن لاءِ حد کان زياده حب آهي.
سندس گهڻو ڪلام بيت آهن. اوليائن ڪرامن جي ساراهه
۾ چيا اٿس:
صفحي تي سونهيري، حرف لک ههڙو،
گوهر جي گام اڳيان، ڪشمير آهي ڪهڙو،
وطن سو ولين جو جنات عدن جهڙو،
ذرو ناهه زينت ۾، تاج محل تهڙو،
عالم اهڙو، سخن هلي سيد چئي.
گوهر گام اعليٰ جنت ظاهر پير جلال،
فائق ڦاٽل توب کي، ٻڌي ڪيو ڪمال،
منجهان نوڙيءَ مس ٿيو، اهڙو ڏين احوال،
ستر سئو ڇهاسي، سونهن لکيو سال،
سيد سڻي سوال، راضي رکيو راءِ کي.
ليارو لکن ۾، اوتارو عجيب،
نزاڪت ۾ نروار آهي طور ترتيب،
ڀڄي ڏس بڪيرن ۾، ’گوهري‘ غريب،
عاشق ۽ اديب، تعريف ڪن تنهنجي.
سنڌ ۾ ملتان مبارڪ ڪنان،
منزل ڪئي مرشد نوري نجيف،
شاهه جي تشريف ڪري گوهري،
بلده چوان پاڪ بڪيره شريف.
غزل
هاشمي هي باغ يا گيلان گلشن جو چوان
غوث جنهن ۾ گل مثل، دنيا سندو درسن چوان.
ٿي ويو ملتان مقدس غوث عالم جي سبب،
جنت الفردوس وانگر، مان اهو مسڪن چوان.
شاهه صدرالدين سيد آهه عاف اُت ولي،
پڻ رڪن عالم قطب ڪامل اُتم احسن چوان.
پاڪدامن پارسا ام المريدين آهه پڻ،
سا سڳوري سالڪن ۾، روز جيئن روشن چوان.
قوم جو مهندار مخدومي مريد شاهه حسين،
مه لقا، بحر سخا خوش خلق ۽ محسن چوان.
بدر ڪامل چنڊ چوڏهين جو بهاؤالدين پير،
۽ ٻئا حصرات سڀ چوگرد جيئن تارن چوان
هاشمي اسدي حسب حسني حسيني پاڪ پڻ،
نور آهي نور مان، پرورده سو پاڪن چوان.
شه ڀٽائي، شه عنايت، نيز شه عبدالڪريم،
سڀ ثنا گو غوث جا، پانڌي منجهان محبن چوان.
خاڪ جو پتلو ڪري، ڇا وصف هت پاڪن سندي،
’گوهري‘ اي شاهه عالي شان ڇا شاهن چوان.
سلام
سلام اي غوث صمداني، بهاؤالدين ملتاني،
بهاؤالحق ملتاني، بهاؤالدين ملتاني.
سلام اي غوث دو عالم، وصي شيخ الشيوخ اعظم،
شبيهه ماهه ڪنعاني، بهاؤالحق ملتاني.
سلام اي عابد امجد، پدر عارف سندا سيد،
عزيز شاهه جيلاني، بهاؤالدين ملتاني.
سلام اي جد قطب حق، فضائل فيض ۾ فائق،
لکن ۾ لعل! لاثاني، بهاؤالدين ملتاني.
سلام اي سالڪ سرور، بخاري شير جا رهبر،
امام شاهه سهواني، بهاؤالدين ملتاني.
سلام اي شاهه بحر و بر، علي سلطان جا دلبر،
محمد غوث جا جاني، بهاؤالدين ملتاني.
سلام اي هاشمي حسني، سلام اي فاطمي اسدي،
’ڪڇي‘ کي دان ڏي ڏاني، بهاؤالدين ملتاني.
سيد علي شاهه گوهري سنڌي پوري ڪونه ڄاڻندو هو،
انهيءَ ڪري پنهنجو گڏ ڪيل مواد زباني بيان ڪندو
ويندو هو ۽ ٻين ڪاتبن کان لکائيندو هو، مگر ڪو کيس
ڪاتب نه ملندو هو ته پوءِ پاڻ حال سارو سنڌي لکندو
هو. انهي تحرير جو لهجو ڪڇي نوعيت جو هوندو هو.
اهو وري، پاڻ ماسترن يا تپيدارن کان تصحيح
ڪرائيندو هو. سندس سڀني ڪتابن جي مون زيارت ڪئي
هئي، جنهن مان ڪي ٿورا شايع ٿيا هئا. باقي قلمي
هئا. ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته هن بزرگ جي
تحقيقانه مواد کي يڪجاءِ ڪري شايع ڪيو وڃي جيئن هن
ڀلاري بزرگ جي محنت رائيگان نه وڃي.
مولوي حاجي احمد جت
حاجي رمضان ولد محمد حسن جت ”سراڙي“ ڪڇ ۾ ڄائو هو.
پاڻ گهمي ڦري تعليم حاصل ڪيائين. عربي، فارسي ۽
سنڌي جو ماهر هو. سندس ابتدائي مڪتبن مان ”ڪڪر“
وارو مدرسو خاص اهميت رکي ٿو. انهي مدرسي ۾ ڪريم
نهڙيو پڙهائيندو هو. پاڻ به شروعاتي تعليم اتي
ورتائين. تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ پاڻ خود پنهنجي
ڳوٺ ”سراڙي“ ۾ مدرسو قائم ڪيائين ۽ ڀرپاسي وارن
ڳوٺن انهيءَ مدرسي مان فيض پرايو.
پاڻ بڙ جو ڍورو، علي بندر ۽ ڏکڻ سنڌ جي ٻين هنڌن
تي ايندو ويندو هو. مولوي احمد ملاح سان دوستي جو
ناتو هوس. پاڻ مولوي عبدالرحيم پڇمي کان به متاثر
ٿيل هو. شاهه جي رسالي جو پاڻ ماهر هو. سندس گڏ
ڪيل قلمي نسخو (شاهه جو رسالو) وڏي اهميت جو حامل
آهي. علامه دائودپوٽي صاحب اهو نسخو حاجي احمد جت
جي پوئين کان حاصل ڪيو هو ۽ انهي جي لئبريري ۾
محفوظ آهي. هن بزرگ 1953ع ڌاري ڪعبته الله شريف جي
زيارت ڪئي. پاڻ شاهه جي رسالي جو ياد حافظ هو. هن
اهو گڻ پنهنجي پٽ رمضان کي به ڏنو. پاڻ اٽڪل روءِ
نوي ورهين جي عمر ۾ (1970ع) ۾ وفات ڪيائين. مولوي
احمد ملاح جي ڀرسان معصومن جي مقام (بدين) ۾ آرامي
آهي. پٺيان پنهنجي شعر گڏ ڪيل شاهه جو رسالو ۽ ٻه
پٽ نالي رمضان ۽ عبدالرحمان جت بطور ورثي ڇڏي ويو.
حاجي احمد جت: بيتن، نعتن، مولودن، مداحن، ڪافين ۽
واين تي طبع آزمائي ڪندو هو.
هن جي شاعريءَ تي مولوي احمد ملاح جو اثر آهي.
انهي جو بنيادي سبب انهن ٻنهي بزرگن جي گهري ياري
آهي. مرڻ کان پوءِ به هي ٻه دلي دوست گڏ ستا پيا
آهن.
حاجي احمد جت ۽ مولوي احمد ملاح ٻئي بزرگ پنهنجي
ڪلام ۾ ”احمد“ تخلص اختيار ڪندا هئا. سندن رنگ ۽
طرز ادائگي به هڪجهڙي آهي. اگر سندن ڪلام ڪچهريءَ
۾ پيو هلندو، ته ڪل ڪانه پوندي ته اهو ڪلام احمد
جت جو آهي يا مولوي احمد ملاح جو آهي.
سنڌ سان سندس گهرا تعلقات هئا. سندس ٻه پٽڙا ته
هينئر رهن ئي سنڌ ۾ ٿا ۽ پنهنجي والد جي قبر تان
ڀونر وارا ڀيرا ڪندا رهن ٿا. سندس ڪلام بطور نموني
پيش ڪجي ٿو:
مناجات
يا الاهي ربنا انت ارحم الراحمين،
مهر مون مسڪين تي ڪر رحم رب العالمين.
خواب غفلت حرص حالت ۾ وڃايم وقت کي،
درگنهگاري گذارڻ، پوءِ ٿيس از خاصرين.
ٿي اڳيان سختي سُڄي، جت ثمر جي درڪار آهه،
جان نهاري هڙ سنڀاليان، تان بديءَ ري ڪين به ڪين.
جي هٿان منهنجي ٿيون، قادر ڪچايون ڪيتريون،
ميٽ موليٰ اي مرهيندڙ، مذنبين.
جي نه مونکي تون مرهيندين، تان ڪنڌي ٻي ڪانه مون،
لاتقنطو جي آس ڪيڻم، موٽ مالڪ يوم الدين.
يا مهابي مير مرسل، سڻ سوالين جي صدا،
ڪرم گستر ڪرم ڪر، يا الله العالمين.
مدح
واٽ کان سوال
اي! ڪا خبر، احوال جي،
تون واٽ ڪهڙيءَ وار جي،
ڏس سڀ حقيقت حال جي،
تون واٽ ڪهڙيءَ وار جي؟
رڻ ۾ رهين راتيون گهڻيون،
ڪئڙيون
ڪلر تو ۾ ڪڻيون،
ٻيون پڻ مٿئي پييون پڻيون،
تون واٽ ڪهڙيءَ وار جي؟
رڻ ۾ گهڻيون راتيون رهي،
ڪنه پر وڃائي تو وهي،
ڪئي سي هلئا تو تان ڪهي،
تون واٽ ڪهڙيءَ وار جي؟
رڻ ۾ ڏٺم ڪي تڙ جهجها،
بيٺا هئا ٻيٽا سڻائي جي منجها،
سي ڪاٺ ڪهڙي ريت جا،
تون واٽ ڪهڙيءَ وار
جي؟
هي يان
اصل رڻ پٽ هو،
يان مٿس ڊسٽرڪٽ هو،
پنڌ رندن تو وٽ هو،
تون واٽ ڪهڙيءَ وار جي؟
هي اصل پٽ ويران هو،
يان ڪو مٿس مڪان هو،
ڪهڙو سندس سلطان هو،
تون واٽ ڪهڙيءَ وار جي؟
کائي ويو اڄ لوڻ جن،
تون ڏي سندو مضمون تن،
جن جو پسان ڪاٿي نه پن،
تون واٽ ڪهڙيءَ وار جي؟
اڄ ڪا عجيبن جي اچي،
ڏي حقيقت سڀ سچي،
ڪئڙي،
ويا رڻ ۾ رچي،
تون واٽ ڪهڙيءَ وار جي؟
آءُ ٿو ڏسان هن حال ۾،
توکي سدا سر سال ۾،
ايءَ ڳالهه ڪر في الحال ۾،
تون واٽ ڪهڙيءَ وار جي؟
ورندو جواب واٽ جو
آدم ٿيو پيدا جڏهن،
مون کي خدا خلقيو تڏهن،
هاڻي نه حوا هٿ هڏهن،
آءٌ واٽ انهيءَ وار جي.
پهرين خلافت شيث جي،
پوءِ ٿي ادا ادريس جي،
ٿي تند لڳي تدريس جي،
آءٌ واٽ انهيءَ وار جي.
آدم وٽان نوح سئين سي،
ايڪيهه سؤ ٿيا سال سي،
في ٿيا في الحال سي،
آءٌ واٽ انهيءَ وار جي.
نوح کان وٺي خاصو خليل،
اٺ سؤ نوي ۾ ٿيو وڪيل،
ڪهڙي ڏيان تنهن جو دليل،
آءٌ واٽ انهيءَ وار جي.
چار سؤ اسي گذريا جڏهن،
پٺيان خليل الله هڏهن،
پيدا ٿيو موسيٰ تڏهن،
آءٌ واٽ انهيءَ وار جي.
موسيٰ پٺيان ڪي ڏينهن هلي،
ويا تيرهن سو چاليهه چلي،
عيسيٰ ڄائو بيبي ڀليءَ
آءٌ واٽ انهيءَ وار جي.
عيسيٰ وٽان سردار سئي،
ڇهه سو ٿيا سالار سئي،
محمد مٺي مهندا سئي،
آءٌ واٽ انهيءَ وار جي.
ست هٺ سئو ٻاون پيا،
اڄ ئي اچي پورا ٿيا،
ڪئين سي چلي تنهن ۾ ويا،
آءٌ واٽ انهيءَ وار جي.
تيرهن صديون چاليهه ٻِن،
اڳرا ٿيا ان پر چون،
اڄ ئي اچيو پورا ٿين،
آءٌ واٽ انهيءَ وار جي.
ڪئين نازنينون هت مليون،
ٿي چاڳ چلڪت مان چليون،
سي سڀ اجل جهڙجي جهليون،
آءٌ واٽ انهيءَ وار جي.
سوڀا ڪئين سلطان ٿيا،
ڪيئن دفتري ديوان ٿيا،
خاڪي وڃي خاقان ٿيا،
آءٌ واٽ انهيءَ وار جي.
سوڀا ڪيئن صاحب سڌر،
جن ٿي وڏا ڪيا هُل حشر،
ڪرٽي سڀن کاڌو ڪلر،
آءٌ واٽ انهيءَ وار جي.
هت گهوٽ گهمندا هئا گهڻا،
جن جي مٿي ۾ هئي مڻيا،
پيئي پار تن لاءِ خود کڻا،
آءٌ واٽ انهيءَ وار جي.
هن هنڌ هو شاهي شهر،
لڙجي لڳي ٿي ات لهر،
اڄ ٿو پسين ڪارو ڪلر،
آءٌ واٽ انهيءَ وار جي.
هن هنڌ هئي مجلس مٺي،
چلندي هئي جنهن جي چٺي،
تن ڪان ڪان ڪاٻي ڏس ڏٺي،
آءٌ واٽ انهيءَ وار جي.
جن چال چلڪت هئي چٽي،
تن محل ماڙيو ويا ڦٽي،
اُن ڪين جي ڪا ڏس ڏٺي،
آءٌ واٽ انهيءَ وار جي.
عاشق علي بند جو اُتر،
ڪيئن تو وڻيو ڪيڏي قدر،
جنهن ۾ سدا مُند جو سفر،
آءٌ واٽ انهيءَ وار جي.
عاشق علي بند تي اچي،
تو ڪا ڏٺي ڪنڊڙي ڪچي،
ان هنڌ پوندا هئا پٽ پچي،
آءٌ واٽ انهيءَ وار جي.
توجي ڪريم شاهي ڪڏهن،
وسندي ڪريم ڏٺي تنهن دم تڏهن،
تان هوند نه وسري تو هڏهن،
آءٌ واٽ انهيءَ وار جي.
ڏس تون مياڻيءَ ۾ ميان،
ٿڙ لوڻ ۾ راتو ڏينهان،
ڪي ڏينهن تني ۾ هئا وينهان،
آءٌ واٽ انهيءَ وار جي.
ڏس پڊ پراڻا، پاڻ تون،
هرگز مَ ٿي اڻ ڄاڻ تون،
ڪلمون پڙهي هل هاڻ تون،
آءٌ واٽ انهيءَ وار جي.
’احمد‘ ادا ويندين مري،
ڪانهي مرڻ ڌاران ڳري،
آهي خبر اهڙي کري،
آءٌ واٽ انهيءَ وار جي.
بيت
لالان
ڪي لڳاءِ فقيراڻا هٿڙا،
پاڻي تو مٿان، ڪيئن ڪري منهن مٽيو.
لالان چوي لکڻين، ڦريس فقيرن،
سندان تن جتن، روزي هٿڙا.
اڄ نه ملاحن جي، مٿي ڏنگ ڏڙي،
اوليون تن اولو ٿيون، وين ساڄ سڙي،
آڻيندا نه وري، ماڳ اڳوڻي مڪڙيون.
ٻُٽ ٻاڏيچي ڪنڍي،
سڙي ٿيا سير،
درياء هي دورو ڇڏي، نڪو ٿيندو نير،
جيئري جتي پير، هڻي لالان مٿان لنگهيا.
درياءَ دورو سندوءِ، ڦٽا شل ڦٽي وڃين،
قادر شال ڪندوءِ، بُٽ، بڀڙ ڀڏ ڀونء ۾.
ٻٽ ٻاڏيچي ڪنڊي، سڙي سُڃ ٿيا،
لتاڙي لتن سان، مالن مُڃ ڪيا،
سندي تن پُئان، ڪا پاڙ نه پسان پٽ ۾.
ڪڏهن ٻوڙئين ٻيڻ،
ٿي ڪڏهن مارڏ ماڳ،
ڪڏهن سر سيڻاپ
تي، اڇليائين اجهاڳ،
ڪڏهن ڏس ڏهاڳ، صفا آهيس سوڪ جو.
اڄ نه ملاحن جا، سانئري
تي سڏ،
جن مڇ ملاحن ماريا، وڃيو ٿي وهه گڏ،
سندي تنين لڏ، اڄ نه اُني ڀيڻئي.
اڄ نه ملاحن جا، گگنيري
تي گوڙ،
سندي تنبن ڊوڙ، اڄ نه اُنين ڀيڻين.
وائي
ڦٽل ڪيئن ڦٽين،
ڪِ تو ڪين ساڱائيو.
اڄ ٿو سڪو پسجين، پر ڪالهه ڏٽين........
پيئي واري وچ ۾، ڪيئن تو لٽ لٽين. .....
وائي
ڦٽل ڦٽو سو نه وسندو،
سدا مند سوڪ ۾ رهندو.
سڄڻ ڏنگ علي بندر لانگو،
ڪنڊي ڪنڊڙي سندو رانگهو،
پلئو پاڻي سڀن سانگو،
وري تن مان ڪونه وسندو.
شڪور ڍنڍ وارياري تان
سڪو پاڻي گاريلي تان،
لئي منگلي گيڊوڻ تان،
جتاڻي پڻ سڪر کڻندو.
حاجي احمد جت ڏانهن علامه دائود پوٽي جا لکيل خط
وڏي تعداد ۾ هئا، جن جي زيارت مون ماستر قادر بخش
جت وٽ ڪئي هئي. اهو پڻ هڪ تاريخي ۽ نه وسارڻ جهڙو
ورثو آهي. ”اڄ پڻ چڪيم چاڪ“ ۾ جي. ايم. سيد ڏانهن،
عالمن جا لکيل خط شايع ٿيل آهن. علامه دائود پوٽي
حاجي احمد جت متعلق لکيو آهي ته: ”جتن مون سان
جاڙون ڪيون آهن، مولوي احمد جت کي پئسا ڀري، ڪشالا
ڪڍي، ڪڇ موڪليو هوم، پر پاڻ سان ٻُهر کڻي آيو. هاڻ
وري هيڏانهن اسرڻ کلان اڳ لکيائين ته مون کي رسالي
جو هڪ قديم نسخو لکيل 1225هه جو هٿ آيو آهي. پنج
مهينا لولٽيون ڪندي ۽ ڀاڙ آڇيندي ٿيا آهن، پر اڃا
تائين ليت و لعل پيو ڪري، ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان
رسالي موڪلڻ کان پيو نٽائي. آخر تازو قاضي محمد
اشرف ٽنڊي جان محمد واري کي لکي موڪليم ته؛ ’جت کي
هڪ سئو رپيا منهنجي پاران ڏيئي، کانئس رسالو وٺي
مون ڏي موڪلي،‘ پر ان وٽان به احوال ڪونه آيو آهي.
هوڏانهن هيڏانهن آيو آهي، پر ان جو اڃا پتو ڪونه
آهي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ ڳالهه کي ٻه هفتا کن ٿي ويا
آهن. مان ڀانيان ٿو ته اهو به ڏٽو آهي. اهي جت
ٽنڊي جان محمد جي آسپاس رهن ٿا.“
اهو خط علامه صاحب 2 مارچ 1956ع تي لکيو هو.
انهيءَ وقت اهي جت برابر ٽنڊي جان محمد جي ڀرسان
رهندا هئا. پر هينئر سندن رهڻ ڪهڻ کوسڪيءَ جي
ڀرسان آهي. مولوي حاجي احمد جت جا پونيان ماستر
قادر بخش ۽ محمد رمضان جت ساڻم بدين ۾ اچي روح
رهاڻيون ڪندا آهن.
|