سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڪڇين جا قول

 

صفحو :13

حاجي محمد هاليپوٽو

ڪوبه ڪڇي جڏهن گجرات يا ڪاٺياواڙ ۾ ويندو آهي، تڏهن انهيءَ کي اتي جا باشندا ”ڪڇي“، نه پر ”سنڌي“ ڪري سڏيندا آهن.

ڪڇ ۾ جيڪي به قديم ڪتب خانا آهن انهن ۾ سنڌي خطي نسخن جو وڏو انداز موجود آهي، ڇو ته ابوالحسن جي تحريڪ کان پوءِ سنڌي ڪتابن لکڻ جو واج پئجي ويو، ۽ سنڌ کان وڌيڪ انهي ڳالهه کي ڪڇ جي اديبن ۽ شاعرن اهميت ڏني. اڄ به ”شاهه جا رسالا“ جيترا (قلمي صورت ۾) ڪڇ جي اديبن مان ملي سگهن ٿا اوترا، سنڌ ۾ ملڻ مشڪل آهن. مذهبي، ديني ۽ تاريخي ڪتاب به ڪڇ جي بزرگن جيترا سنڌيءَ ۾ آندا، اوتري تڪليف سنڌي بزرگن ڪونه ورتي.

ڪڇ ۾ ڪن بزرگن ته ڪتاب لکڻ کي ڌنڌي طور اختيار ڪيو انهن بزرگن جا وڏا مان هوندا هئا. اڪثر ڪري ناياب ڪتب خانن جا سنڀاليندڙ بزرگ ئي هوندا هئا. گهڻو ڪري هر ڪنهن پير کي وڏو ڪتب خانو هوندو هو ۽ انهي ڪتب خاني کي وڌيڪ زينت ڏيڻ لاءِ هڪ ڪاتب به ضرور هوندو هو. اهو ڪاتب وڏو عالم ۽ فاضل هوندو هو، انهي ڪاتب کي سال بسال پڳ ٻڌائي ويندي هئي. ۽ انهي کي انعامن اڪرامن سان نوازيو ويندو هو.

ڪڇ هونئن به پيرن فقيرن ۽ جوڳين جو ملڪ آهي. اتي راجا کي ايتري عزت نه آهي، جيتري گودڙي ڍڪيل فقيرن کي آهي. اهڙن گودڙي ۾ لڪل لالن مان تي جا ”غوث پوٽا پير“ پڻ هئا. انهن کي به ٻين پيرن وانگر پنهنجو دارالمطالع هو. انهيءَ دارالمطالع کي وسعت ڏيڻ لاءِ هرڪو پير صاحب ڪونڪو ’عالم ڪاتب‘ رکندو هو. هڪ ڪاتب جا ڏينهن پورا ٿيندا هئا ته ان جي جاءِ ٻيو ڀريندو هو.

جيئن پير ڪمال شاهه وارا ڪڇ ۾ به رهندا هئا، ته سنڌ ۾ پڻ سندن ڳوٺ سيراڻي جي ڀرسان هو، تنهن ڪري سندن خطي ڪتاب ڪي اتان جي ڪتب خانن مان هتي سنڌ ۾ پئا ايندا هئا. اهڙن آيل خطي نسخن مان هڪ ”شاهه جو رسالو“ ۽ ٻيو ”تحفته المريد“ مکيه ڪتاب آهن. جي غوث پوٽن پيرن جي اولاد وٽ پيل آهن. آءُ هتي ”تحفته المريد“ ڪتاب جو ذڪر ڪريان ٿو.

”تحفته المريد“ ڪتاب غوث پوٽن پيرن پنهنجي لئبريري لاءِ تيار ڪرايو هو. اهو ترجمو محمد هاليپوٽي کان ڪرايو ويو هو، جو ”غوث پوٽن“ پيرن جو، ان وقت مترجم هو ۽ ٻنيءَ ۾ رهندو هو.

ميوو مڱڻهار جو سيراڻي وارن غوث پوٽن پيرن جي ڀرسان رهندو آهي ۽ انهن جو مڱڻهار آهي، تنهن چيو ته ” فقير حاجي محمد سٺو ڪاتب هو. سندس اکر موتين جهڙا هئا، وڏا وڏا عالم سندس ادب ڪندا هئا. پاڻ به وڏو عالم هو. غوث پوٽا پير ڪڇ ۾ هن بزرگ کي سال بسال پڳ ٻڌائيندا هئا. ۽ انعام ڏيندا هئا. “ ميوو فقير هن وقت وڏي ڄمار جو آهي، تنهن چيو ته ”اهو ذڪر مون سان بابا مرحوم ڪندو هو. اهو ذڪر تڏهن نڪرندو هو، جڏهن اسين ’تحفته المريد‘ ڪتاب ڪڏهن ڪڏهن پيرن کان کڻي پاڻ اچي پڙهندا هئاسون.“

مصنف خود به پنهنجو ذڪر ڪتاب جي پڇاڙي ۾ ڪري ٿو جنهن مان ظاهر آهي ته اهو بزرگ پارسي جو وڏو ڄاڻو هو. اهو ڪتاب 1296هه ۾ لکيو ويو . مذڪوره ڪتاب جمعي جي ڏينهن ڪاتب لکي پورو ڪيو. ان وقت ڪاتب جي عمر 32 ورهيه هئي. ڪاتب اٽڪل روءِ 1264هه ۾ ٻني ۾ ڄائو هو ۽ هاليپوٽن جي آڪهه مان هو.

حاجي محمد جا پنهنجي باري ۾ هي اکر چيل آهن:

’مولي مٿي مصنف جي ڪري واحد وڙ وڏا،

جو حاجي محمد پٽ ماٺيڻي جو، آهي مذنب(1) محتاجا،

منجا هاليپوٽن جي، ۽ راهيڪو(2) ٻنيا،

منجا(3) پارسيءِ ڪئم، سندي هي رسالو رهنما

علم شعور ناهڪو پر ڪئم وس پهجي(4) پرورا،

کمي خطاءٌ خاطي جيون، ۽ ڪري ڪا مَ گلا،

نالو ”تحفته المريد“ رکئم،جوريدي(6) ويرا،

پرندر(1) پاريندر(2) مون کي مرڪن دعا لگ(3) ڌنيا(4)

جڏهه هي رسالو ٿئو سندي(5) زبانا

تڏهه هجرت کي حضرت جي ٻارها سئو ڇانوي ٿيئا ورها

ڏيه جمعو وقت ظهر ٻاٽيهه(6) ورهه عمر ڪاتبا.“

حاجي محمد پٽ ماٺيڻي جو هاليپوٽو انهي ڪتاب جو مترجم هو. انهي جو وڌيڪ پتو پئجي نه سگهيو آهي. خطي نسخي موجب اندازو آهي ته عربي فارسي جو گوهر هو. سهڻيءَ سنڌيءَ ۾ لس ترجمو ڪريو ويندو هو. مذهبي لحاظ کان پڪو سني هو. حاجي محمد اهو ڪتاب سٺ صفحن ۾ پورو ڪيو آهي. هرهڪ صفحي تي سراسر چوڏهن سٽون آهن. انهي حساب سان اهو ڪتاب 840 سٽن تي پکڙيل آهي، ڪتاب سڻيءَ جي مضبوط پني تي لکيل آهي.

مصنف ”نون غنه“ اڪثر ڪري استعمال نه ڪيو آهي. ”جڏهن“، ”تڏهن“، ”ڏينهن“ لفظن کي جڏهه، تڏهه ۽ ڏيهه ڪري لکيو آهي. مثال لاءِ مٿي ڏنل ٽڪرو ڏسڻ گهرجي.

”ڙ“ کي محمد هاليپوٽي ”ر“ ڪري لکيو آهي. غوث بهاوالدين ملتاني جو ذڪر ڪندي پاڻ لکي ٿو ته، ”شهاب الدين جا يارنهن سئو مريد هئا، سي خرقي لاءِ رات ڏينهن عبادت ڪندا هئا، پر اهو خرقو هڪ ڏينهن جي رياضت سان غوث بهاوالدين ملتانيءَ کي مليو.“

انهيءَ جو ذڪر ڪندي انهن يارنهن سئو مريدن جي واتان چورائي ٿو ته:

1-                     ”ته ڪيءَ07) ڏناءِ امانت هيڏي هدستاني(8) کا،

2-                                         ته اسان کي هيڏي ڪشالن سي(9) نه ملئو خرقو شجاعتا،

3-                    هدستاني کي ڏيهه هيڪڙي(10) ۾ ٿي نعمت نصيباهه

4-                    اسا ما(1) ڪه ويهه ،ورهه ڪهه ڏهه، ڪهه ٽيهه سال سڃا(2)

5-                    ڪهه چاليهه ورهه رياضته ڪي مجاهدي پارا،

6-                    تا پن(3) اسان ڏاهه نه التجا ڪي شهاب الدين شيخا.“

شيخ شهاب الدين پنهنجي مريدن جي اها حجت ٻڌي ڪجهه چيو ۽ انهن جو امتحان ورتو، تنهن جو ذڪر هاليپوٽي صاحب هنن اکرن ۾ ڪيو آهي.

7. شيخ اي گال(4) سني(5) چيو مرن(6) مريدن کان

        8. هر ڪهم(7) کي چيائين ڪبوتر ذبح ڪجاه لڪائي لوڪا

9. جيئي(8) نه ڏسي ڪو ڪه کي مورا مخلوقا

10. ٻئا مريئي(9) ڪهي آئيا، مگر رهئو هدستانيا(10)

11. تا چون لگا(11) سڀيئي ته هي سندي(12) مست مجنونا

12. جئي(13) ري ڪٽي(14) واري آئيو ڪبوتر کا.“

مٿين ٻارهن سٽن مان معلوم ٿيو ته سٽ نمبر چار موجب ڪڇي ڪاتب ”ڄ“ کي ”ڃ“ ڪريو لکندا هئا. ”سٽ ڇهه موجب“ ”ڻ“ کي ”ن“ ڪري لکندا هئا. ست سٽ موجب ”ڳ“ کي ”گ“ ۽ ”ٺ“ کي ”ٽ“ (سٽ ٻارهن موجب) ڪريو لکندا هئا. ان کان سواءِ نون غنه جي پاران ”م“ ڪم آڻيندا هئا. ”هر ڪنهن“ کي ”هر ڪهم“ ڪري ليکيو ويو آهي. محمد هاليپوٽي جي لکڻ جو نمونو ڪجهه مٿي ڏنو ويو آهي. ڪڇي ڪاتبن جي ڪتابت جوعام طرح اهو نمونو هو. اسان جي سنڌ ۾ جيڪي خطي نسخا مليا آهن، انهن جي لکڻ جو نمونو به ذري گهٽ ساڳيو آهي. جنهن مان ظاهر آهي ته، سنڌي ڪاتب (ڪڇ توڙي سنڌ جا) ساڳئي مڪتبهءِ خيال جا هئا.

جيئن ته محمد هاليپوٽي اهو ڪتاب غوث الحق ملتانيءَ جي شان ۾ لکيو هو، انهيءَ ڪتاب جا ڪجهه ٽڪرا نموني طور ڏجن ٿا:

ولي ولايت اڳرو شيخ شجاعتا،

سڄ(1) ڪنا اي سوجهرو(2) صفا سئو ڀيرا،

ڪر احسان ڪامل جيجو حد نه حسابا،

ڪرامت ۽ سخاوت جو سو سمنڊ سائوا،

خان خزانون علم جو سراسر را،

عامل عادل زاهد گهڻو(3) عابد عبادتا،

ڪامل ڪرامت وترو، خليفو سندو خلقا،

ڪوٺيندڙ(4) خدا ڏانهن زينت زمانا،

امير امانت اڳرو، ڇٽ دين سندو ئي دنيا،

سراج صدق صفائي جو شمع زهد زيادا،

چراغ اهل ايمان جو نور الانوارا،

سلطان شريعت جو، تاج برهان طريقتا،

صاحب تيغ زمان جو، پر پرهيز منجها

عالم حقيقت طريقت جو، ڪامل قدوته الاوليا،

شمس دين دنيا جو، شيخ الاسلاما،

مشائخ مخدوم غوث الثقلين شيخا،

غوث العالم بهاوالحق شرع و الدنيا.

هن ڪتاب ۾ ليکڪ کي ٽن راوين کان روايتون آيل آهن، جن جو ذڪر پڻ هاليپوٽي صاحب ڪيو آهي:

تري قسم حڪايتن جا ان جا سهڻو محب مريدا،

اول قسم ملفوظي سيد جلال الدين بخاريءَ ڪنا

ٻئا نقل شيخ فريدالدين شڪر گنج جي آهين البتا،

ٽئا شيخ نظام الدين ڪنا، بيحد بيانا.

حڪايتن جو ڪتاب ٽن حصن ۾ آهي. جلال الدين بهاوالحق ملتانيءَ جي خدمت ۾ چاليهه ورهيه رهيو. سو چوي ٿو ته ”27 رمضان 566هه ۾ غوث ڄائو پاڻ محمد غوث جو پٽ هو. سندن ماءُ جو نالو فاطمه هو. جيڪا شيخ عيسيٰ جي ڌيءَ هئي. محمد غوث سيلاني هو ۽ ڪرامت جو صاحب هو. بهاوالحق ستن ورهين ۾ قرآن مجيد ياد ڪيو. علم حاصل ڪرڻ لاءِ چاليهه سال وقف ڪيائين. پاڻ ڪيترا ڪتاب پڻ لکيا هئائين.

ڪيترا ڪتاب تصنيف ڪيائين منجهه علم فقها،

جهڙو ”ڪنزالعباد“ ڪ ٻئا ان طرحا،

منجهه صرف جي ميان جوڙيائين ٻئو ئي قسما،

واسطي ناموزن جي سهکو سکن عربي لاءِ.

ان کانپوءِ مجاهدو ۽ رياضت ڪيائين. انهيءَ حال ۾ ويهه ورهيه گذريس. ٽي سال عرب ۾ رهيو. اتان کان آيو ته شيخ شهاب الدين کيس خرقو عنايت ڪوي. جنهن تي مريدن اعتراض ڪيو ته، هن مريدن جا آزمودا ورتا جن ۾ بهاوالحق ڪامياب نڪتو.

سندن سمهڻ جو نمونو هن طرح جو هوندو هو:

بهاوالحق سمهندوهو، سائي پاسي ڀر منجهه دنيا،

جيڻو(1) پاسو قبر جي سمهڻ لئي رکئو رهنما،

عمر ۾ ختمو قرآن جو پڙهندا هئا هر روزا.

بهاوالحق جي درٻار ۾ ڪنهن درويش صوف لڪايو ته، پاڻ فرمايائون ته:

مگر واجب مٿي تن جي آهه لڪائڻ پنهنجو ئي پاڻا،

ڪنا اهل دنيا جي، ڪجي پرهيز پروسا(2)

درويش کي پاڻ لڪائڻ پنهنجو آهي حق حڪمتا.“

هن ڪتاب ۾ جلال الدين بخاريءَ کان جيڪي حڪايتون بيان ٿيل آهن، تن جو اختصار مٿي ڏنل آهي. هي حڪايتون محمد هاليپوٽي ٽيهه صفحن تي پوريون ڪيون آهن.

فريد الدين شڪر گنج کان جيڪي روايتون آيون آهن، انهن ۾ هٿ چمڻ جي برڪت جي بيان سان گڏ هي به بيان ٿيل آهي ته ”غوث هر ڪنهن جنازي سان شامل ٿيندو هو ۽ دعا مغفرت گهرندو هو. بهاوالحق ملتاني جلال الدين ۽ قطب الدين هر رات قرآن مجيد جو ختمو پورو ڪندا هئا. پاڻ وڏا وڏا سفر ڪندو هو. 1380 مشائخن سان غوث بهاءالحق صحبت ڪئي هئي ۽ فيض ورتو هئائين.

سورهون نقل فريدالدين ڪنا، سهڻو ڪنن سان

ته هيڪڙي مريد غوث العالم جو ڪئو(1) اچي عرضا،

ته ملتان ڪنا دلي تائين نه رهي ڪو مون کي حجابا،

سڀ ڏسان پسان ٽول آءٌ ٿيم پرزن پروڙا.

ٽئي حصي ۾ غوث بهاوالحق جون ڪرامتون ڏنل آهن ۽ آخر ۾ تنهن راوين جون راويتون ڏنل آهن ۽ وفات جو ذڪر لکيل آهي:

رحلت رسو رهنما، وقت وجد ويرا،

ڏينهن اڱاري لڏئو، وقت اڳينءَ ويرا،

ستين هئي ماهه صفر جي، ڇهه سئو ڇاهٺ سن منجها

سئو مٿي ورهه هيڪڙو، اي ڄام ڄمارا،

مدفن ملتان ۾، تنهنجو روضو روشنا.

هن ڪتاب ۾ حاجي محمد هاليپوٽي صاحب ڪي بيت پڻ لکيا آهن، جن مان ٻه پيش ڪجن ٿا:

جڏهن معشوق جي محبت ۾،عاشق ٿئي اڌ،

تڏهن مر سئو ترارن تنهنکي هڻي، سڌڙيو لاهي سڌ،

ته پڻ ايذا اچي نه ان کي، مر ٿو ڪاتي هڻي ڪنڌ

ٻئي جهان ٻڌ، تو تڻي وحدت تي.

 

مر ڪو ماري مونکي، منجهه عشق عجيبا،

خطا خون تنهنجو، وٺندس تو وٽان.(2)

-----------

محمد صالح نورنگ پوٽو

سنڌي ادب جون جن خدمتون ڪيون، انهن مان مخدوم محمد صالح نورنگ پوٽو به هڪ هو. ”بمبئي ۾ پهريون سنڌيءَ ڇاپخانو قاضي محمد ابراهيم، قاضي نور محمد پوربندر واري جو هو. جنهن سنڌي ڪتابن جي ڌڙا ڌڙا اشاعت پئي ڪئي. انهي کان ويهه سال پوءِ محمد صديق پنهنجو اشاعت گهر کوليو، اهو بمبئي ۾ ٻيو سنڌي ڇاپخانو هو.“ هن ڇاپخاني جو نالو ’مطبع حسيني‘ هو.(1)“ محمد صالح به انهيءَ گهراڻي مان هو. سندس لکيل ڪتاب ”ڪامل التعبير“ اسان جي سامهون آهي. جو 1884ع ۾ ڇپيو هو. اهو ڪتاب سندس پوين شايع ڪرايو هو، جنهن جي لاءِ ڪتاب جي صفحي 190 تي هي نوٽ آهي:

”پورو ٿئو ڪتاب ’ڪامل التعبير‘ هٿا گل محمد بن مرحوم حاجي محمد مقيم ڪنا اولاد مخدوم نورنگ عليه الرحمته – ڪڇ ۾سڪونت ڪوتارو(2) ۽ سنڌ ۾ ميرپور بٺوري جا، ضلع شاهه بندر جي لڳل ڪراچيءَ ساڻ، آهه تاريخ 2، ربيع الاول سنه 1301هه مطابق 2 جنوري سنه 1884ع.“

ساراهجي سچو ڌڻي، جو رحمان رحيما،

جنهن ڪيو سڀ جهان کي، پلڪ ۾ پيدا،

جڏهن ڪُن فيڪون کي، ڪهيو ڪريما،

اهڙو پرور پاتشا، سو آهي عليما.

 

جنهن پيغمبر پيدا ڪيو، مير محمد شاهه،

اچي اجارئو اسلام کي، تنهن ڪامل قريشيا،

۽ چارئي يار رسول جا، سچا سونهارا،

هڪڙو ابابڪر صديق، ٻيو عمر شاهه،

ترئو عثمان ذي النورين، ڇو ٿو علي مرتضيٰ،

چارئي يار چاڳلا، بعد رسول الله،

سچا صحابن ۾، ڪامل قوتا.

 

هاڻ ڪريان شروع نسخو، نالي سين الله،

پورو ڪري پرور ڌڻي، اميدون انسانا،

پر ڪارڻ خواب جي، حڪم هي مڪو آهه موليٰ،

ته اي علم ڏنو هو حضرت يوسف کي – جليل جبارا،

ڪيو قرآن ڪريم ۾، تنهن جو مولي مذڪورا،

ڪذالڪ مڪنا ليوسف في الارض و لنعلمه،

من تاويل الاحاديث فرمايو خدا،

۽ پڻ فرمايو حديث ۾، حضرت اب عباسا،

ته مولي موڪليو مٿي مير محمد مصطفيٰ

هٿا ملڪ جبرئيل جي، جو امين سندو الله،

پهريائين جڏهن خواب ڏٺو، پيغمبر خدا،

تڏهن ملڪ جبرئيل چيو محمد کي ته هوءِ آنکي بشارتا،

ته سڀئي نبي رسول جي، هوا مهندا ڳاترا،

ان سڀني کان بزرگ ڪيو، توکي بادشاهه،

ٿيا خاتم النبين آئين ۽، پڻ مڙني مهندارا،

موٽي ڏٺو خواب ۾، پڻ حضرت رسول الله،

جيئن ستا هئا رات جو، نندر جي وقتا،

ته نبوت ۽ رسالت جڙي، مون کي ۽ عالي اقبالا،

تڏهن ڏنيون مبارڪون پيغمبر کي، حضرت جبرئيلا،

۽ پڻ وري ڏٺائون، مذڪور سندو ان راتا،

ڪيو قرآن ۾ تنهن جي، موليٰ مذڪورا،

سبحان الذي اُسريٰ بعبده ليلا من المسجد الحرام، انبر اشارتا،

اي سهڻو ان هند، ٿيو تماتا

محترم مولف اڳتي به ڪڇي ٻولي جا گهڻا لفظ ڪم آڻيندو وڃي ٿو. جيئن ته:

تريهٺ(1) ورهيه دنيا ۾ هئا حياتا،

ٿيا پڻ نبوت کي تريويهه(2) ورهيه پورا”

پر قصو ان ڳالهه جو آه ڊرگو(3) درازا.“

هن بزرگ هي ڪتاب هنديءَ تان سنڌي ۾ آندو هو، اهڙو بيان اٺ نو صفحي تي ڏنو اٿس.

هن بزرگ جا ڪجهه خطي نسخا کورواهه وارن نورنگزادن وٽ پيل آهن. شاهه محمد شاهه کورواهه ٻڌايو ته ”هي بزرگ کور واهه جي نورنگزادن وٽ رشتي هئڻ سبب گهڻو ايندو ۽ ويندو هو.(4)

مولوي محمد اسماعيل رنگريز

سنڌي ادب جي خدمتگارن مان، مولوي محمد اسماعيل ولد ابراهيم ڪڇي به هڪ وهو. سندس ڪتاب ”مجموعه روضته الحسنات بمع سوانح مصطفيٰ بابرڪات مختصر“ اسان جي سامهون آهي. جنهنکي پاڻ ڇپرائي طاهر ڪيو هئائين. ڪتاب جي صفحي 2، 35، 36 ۽ 81 تي هيٺين عالمن حافظ محمد سليمان (مدرس پير پاڳارو) غلام مجدد، ساڪن مٽياري، عبدالرحمان ڌامراهه، پير علي اڪبر لوني ڪڇ، مولي احمد ڪڍڻ ۽ محمد عمر ساڪن سوئيلو پڇم. انهن سڀنن کي اهو ڪتاب هلي وڃي ڏيکاريو هئائين. جيئن ته اهو ڪتاب ترتيب وار ٺاهي ورتو هئائين، جيتوڻيڪ ڪي پراڻا مضمون پڻ انهيءَ ۾ داخل ڪيا هئائين.

پاڻ ”محمدن اسڪول“ جو مدرس اول هو. عربيءَ ۽ فارسي ۾ ماهر هئڻ ڪري رياست ڪڇ ڀڄ کيس ترجمان به مقرر ڪيو هو. سرڪاري لکپڙهون ترجمون ڪندو هو. بمبئيءَ سرڪار کان جا لکپڙهه ايندي هئي، سا پاڻ نيڪال ڪندو هو.

پاڻ 1305هه کان وٺي باقاعده شعر چوڻ شروع ڪيائين، وزن جي سختي سان پابندي ڪندو هو. سندس سڀ چيل نظم باقاعدي ڪنهن نه ڪنهن وزن تي آهن. پاڻ علم عروض جو سڄيءَ ڪڇ ۾ انهيءَ وقت استاد ليکبو هو.

مذهبي لحاظ کان وهابين جي سخت خلاف هوندو هو، انهن جي پنهنجي ڪتاب ۾ ڪٿي نه ڪٿي مذمت به ڪندو پي ويو آهي.

پاڻ به سٺو شاعر هو ۽ شاعرن جو قدر هئس. سندس ساٿين مان جمال ابراهيم ۽ اسحاق وغيره جو ڪلام ڏنو اٿس، انهن جو پڻ اسان ڌار ذڪر ڪري رهيا آهيون. اسين پهرين سندس نظم کي طائرانه نظر سان ڏسون ٿا.

مدحي شعر:

رنگريز صاحب حضورﷺ ۽ چئن يارن جي شان جي ساراهه دل کولي ڪئي آهي ۽ پڻ پنج تن ۽ اصحاب اجمعين کي به نه وساريو اٿس.

مدح آنحضرت :

ڪريان حمد حڪيم جوءِ، ڪوڙين سپاسا،

جو لائق حمد ثناء جي، مولو مختارا،

اعليٰ حمد عليم جو، بلا نهابتا،

جنهن جي حمد حساب جي، ڪنڌي ڪاٺڪا،

اوليا چون عرفناڪ عجز جي سببا،

سرور ڪائنات سڀن جا، محمد مصطفيٰ،

فرمايائين فضل سي، اهڙا الفاظا،

لااحصي ثناءٌ عليڪ ڪئي سين پنهنجي زبانا،

پوءِ مقدور ڪنهن جو، جو ڪري سڀ ثنا،

مگر موافق حال جي، ڪرين حق ادا،

درود چوان دائمي، مٿي محمد شاهه،

جو مٺو محبوب رب جو، سچ معشوقا،

ملڪ گوريان[1] پاهجا[2]، مولي مهر منجا3

مٿان تن محبوب جي، جو ڏيو ارض سما.

مدح پنجتن پاڪ:

۽ پڻ آل جي، جي ڀلا ڀلارا

مدح خليفا چار:

خاصا خليفا محبوب جا، تن تي درودا،

اول ابوبڪر هو، عمر عثمانا،

ڇو ٿا علي شاهه هئا، حيدر قرارا

مناجات:

عاصي پنهنجا ڏوهه ڏسي، رحمت العالمين جي درگاهه ۾ جيڪي دانهون پيش ڪري ٿو، سي ٻڌڻ سان لڱ ڪانڊاريو وڃن:

راحما ڪج رحم سين اوکي آسار

راحم الضعفاء توهجي(1) صفت ڪار

هن اسونهين جون ڪچايون، ڪرت ڪار

محوڪر ء دي سعادت جي سنڀار .

(هي مناجات ”بحر رمل مسدس محذوب“ تي ٺهيل  آهي ۽ شيخ عطار جي فارسي مناجات جو ترجمو آهي)


(1) مذنب- منهگار

(2) راهيڪو- رهاڪو

(3) منجا- منجهان

(4) پهجي- پنهنجي

(6) جوريدي- جوڙيندي

(1) پڙهندڙ

(2) پاڙهيندڙ

(3) لڳ

(4) ڌڻيا

(5) سنڌي

(6) ٻٽيهه

07)  ڪيئن

(8) هندستاني

(9) سي- سين

(10)  هڪڙي

(1) اسان مان

(2) سڄا

(3) پڻ

(4) ڳالهه

(5) سڻي

(6) مڙني

(7) هر ڪنهن

(8) جيئن

(9) مڙيئي

(10) هندستانيا

(11) لڳا

(12) سنڌي

(13) جيئن

(14) ڪٺي. اصل نسخي ۾ هي لفظ هينئن لکيل آهن:

(1) سج

(2) سوچرو

(3) گڻو

(4) ڪوٽيندر

(1) ساڄو

(2) پروسا- عادت

(1) ڪئو - ڪيو

(2) هن احوال لاءِ جي (الف) ڪتاب ۽ (ب) راوي سهارو ٿيا:

(الف) ڪتاب:

تحفته المريد- حاجي محمد هاليپوٽو (قلمي)

(ب) راوي:

(1) ميوو مڱڻهار، وير ٿري (غوث پور) لڳ سيراڻي

(2) مٺو شاهه غوث پوري، لڳ سيراڻي

(3) غلام مصطفيٰ شاهه قريشي، ڳوٺ خان شاهه، لڳ ٽنڊو باگو.

(1) سنڌي ڇپائي جي مختصر تاريخ، از: الله بخش عقيلي (نيئن زندگي جولاءِ 1957ع)

(2) ڪوتارو- ڪوٺارو

(1) ٽيهٺ

(2) ٽيويهه

(3) ڊگهو

(4) سهارا: (الف) ڪتاب ۽ (ب) راوي:

ڪتاب:

ڪامل التعبير- محمد صالح نورنگپوٽو

راوي:

شاهه محمد شاهه- کور واهه تعلقو گولاڙچي، ضلع بدين

[1] گوريان- گهوريان

[2]  پاهجا- پنهنجا

3  منجا- منجهان

(1) توهجي- تنهنجي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org